ليکڪ: پروفيسر مراد علي راهمون
سنڌيڪار: عبدالقيوم يوسفاڻي
عمرڪوٽ
ميرپور خاص جي سياسي ۽ انتظامي تاريخ
واديءِ سنڌ جي تهذيب کي دنيا جي تهذيبن تي هڪ الڳ
۽ اعليٰ مقام حاصل آهي، ڪجهه روايتن مطابق هن
تهذيب جي شروعات حضرت آدم عليـﮧ السلام جي زمين تي
نازل ٿيڻ وقت ئي ٿي ويئي هئي. حضرت آدم عليـﮧ
السلام پهرين انسان ۽ پهرين نبي جي حيثيت سان هن
سرزمين تي قدم رکيو. هيءُ خطو حقيقت ۾ حضرت نوح
عليـﮧ السلام جي پوٽي جي نالي منسوب آهي. ان کان
سواءِ هتان جي تهذيب جي قدامت موهن جي دڙي، ڪاهوءَ
جي دڙي، رتوڪوٽ، عمرڪوٽ، نيرون ڪوٽ، ديبل، برهمڻ
آباد، منصوره، آمري، اروڙ ۽ پارينگر جهڙن قديم
آثارن مان ظاهر آهي. هاڪڙو درياء پُراڻ ۽ سنڌو
درياءَ هن علائقي جي خاص سڃاڻپ آهن. خاص طور تي
ميرپورخاص رياست وارو علائقو تاريخ جي مختلف دورن
۾ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار
رهيو آهي، واديءِ سنڌ جي قديم تهذيب جا جيترا آثار
ميرپورخاص ڊويزن ۾ ملن ٿا، ايترا ٻي ڪنهن به
علائقي ۾ نٿا ملن، جن جو تفصيل سنڌ گزيٽيئر 1876ع،
1909ع ۽ 1919ع ۾ موجود آهي، ميرپورخاص ريجن جو
تاريخي سفر تمام ڊگهو آهي. ان حوالي سان ماضي بعيد
کي نظرانداز ڪندي فقط ماضي قريب ۽ ان ۾ به صرف
گذريل سؤ سالن جي دؤر تي هڪ عام نظر وجهون ٿا.
پس منظر:
1701 ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي سنڌي فوجن ۾ بلوچن کي
شامل ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو، ان جي مطابق ئي
بلوچستان مان بلوچن کي آڻي سنڌ جي زمين تي آباد
ڪيو ويو.
ماڻڪاڻي ٽالپرن جي وڏي سردار ماڻڪ خان کي مغلن
جوهي تعلقي ۾ جاگيرون ڏنيون، جتي ان ”ڊرگهه بالا“
جو شهر آباد ڪيو، سندس اولاد مستقل طور تي اُتي ئي
رهڻ لڳو. ان ماڻڪ خان جي ئي پوٽي مير مسو خان
ٽالپر ميرپورخاص جو علائقو وسايو، اهو دؤر ڪلهوڙن
جو هو. مير مسو خان جو سؤٽ مير شهزاد خان ڪلهوڙن
جي سپهه سالاريءَ جي عهدي تي فائز رهيو، مير شهزاد
خان جو پٽ مير بهرام خان به نورمحمد ڪلهوڙو ۽ غلام
شاهه ڪلهوڙو جي فوج جو سپهه سالار رهيو هو، پر
پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙي هڪ غلط فهميءَ جي بنياد
تي بهرام خان ۽ سندس پٽ صوبدار خان کي 1874 ۾ شهيد
ڪرائي ڇڏيو. انهن ماڻڪاڻي ٽالپرن جي خاندان ۾ مير
مسو خان جو فرزند مير فتح خان تمام اعليٰ درجي جو
مدبر انسان هو، پاڻ بهرام خان جي قتل جي بدلي وٺڻ
لاءِ بلوچن کي پاڻ سان گڏ شامل ڪري خدا آباد تي
حملو ڪري ڏنو، فتح حاصل ٿيڻ تي ميان سرفراز ۽ سندس
پُٽن کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ تخت تي ميان محمود کي
وهاريو ويو. بعد ۾ غلام نبي ڪلهوڙو ان تخت جو وارث
بڻيو. ڪجهه وقت کان پوءِ مير بجار خان حج کان
واپسيءَ تي ميان غلام نبيءَ سان لاڻياريءَ ۾ جنگ
ڪئي ۽ کيس زبردست شڪست ڏني، ان دؤر ۾ مير بجار خان
جي سڀني لڙائين ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي هر
وقت مشاورت ۽ صلاح شامل رهي ۽ جڏهن مخدوم
عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان مشاورت کي نظرانداز ڪيو
ويو ته ٽالپرن جي حڪمت عملي به ناڪام ٿي وئي، ٻئي
طرف ميان عبدالنبي، ميان سرفراز ۽ سندس پُٽن کي
قتل ڪرڻ کان پوءِ رياستي تخت تي پاڻ ويهي رهيو.
1780 ۾ ميان عبدالنبي جوڌپور سرڪار سان ملي ڪري
مير بجار خان کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. مير عبدالله ۽
مير فتح خان سندس خلاف جنگ ڪئي، پر نيٺ عبدالنبيءَ
سان ٺاهه جومعاهدو ڪري ڇڏيو، پر ميان عبدالنبي ان
معاهدي جو ناجائز فائدو کنيو. هڪڙي ڏينهن مير فتح
خان ۽ عبدالله خان کي دوکي سان جنهن وقت اُهي قرآن
مجيد جي تلاوت ۾ مصروف هئا شهيد ڪرائي ڇڏيو.
مير فتح خان ماڻڪاڻيءَ جي شهادت کان پوءِ ڪلهوڙن
جي اقتدار جو سج لهڻ شروع ٿي ويو.
ٽالپر حڪومت جو دؤر:
مير فتح خان ماڻڪاڻي ۽ مير عبدالله خان جي قتل جو
بدلو وٺڻ لاءِ مير بهرام خان جي پوٽي ۽ مير صوبدار
خان جي پٽ مير فتح علي خان ٽالپر بلوچن کي پاڻ سان
شامل ڪري ميان عبدالنبي جي خلاف هالاڻيءَ ۾ ويڙهه
ڪئي، ۽ فتح حاصل ڪئي. فتح ماڻڻ کان پوءِ فتح علي
خان سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو.
فيصلي جي مطابق خيرپور جو علائقو مير سهراب خان
کي، ميرپورخاص جو علائقو شهيد مير فتح خان جي پٽ
مير ٺارو خان کي ۽ حيدرآباد جو علائقو مير صوبدار
خان مرحوم جي پٽ مير فتح علي خان ۽ ٻين ڀائرن کي
مليو.
مير ٺارو خان جو دؤر (1808-1783ع):
مير ٺاري خان ٽالپر پهرين شاهه بندر، پوءِ ڏيپلو ۽
ٽنڊوباگو جي وچ ۾ پُراڻ درياء جي ڪنڌيءَ تي ”ڪيٽين
جو ڪوٽ“ جو بنياد رکيو، ۽ ان کي ئي گاديءَ جو هنڌ
ٺاهي حڪومت ڪندو رهيو. مير ٺارو خان مير بهرام خان
جو ڏهٽو ۽ مير بجار خان جو ڀاڻيجو ۽ نياڻو هو.
مير ٺاري انتهائي پُرامن طريقي سان حڪومت ڪئي، پر
ڪجهه غلط فهمين جي بنياد تي 1803ع تي مير ٺاري خان
۽ مير ڪرم علي خان جي وچ ۾ جنگ لڳي وئي، ان جنگ ۾
مير ٺارو خان تمام گهڻو زخمي ٿي قيد ٿي ويو ۽ مير
ڪرم علي خان فاتح ٿيو، پر پوءِ جلد ئي ٻنهي ۾ صلح
ٿي ويو، مير ٺاري خان جي ڀاءُ مير الهيار خان
ثانيءَ ٽنڊي الهيار جو بنياد رکيو.
ميرپورخاص جو بنياد:
مير ٺاري خان جي وڏي پُٽ مير غلام حيدر خان ميرپور
پُراڻي جو شهر آباد ڪيو، ماڻڪاڻي ٽالپرن جون
جاگيرون ڪلهوڙا دؤر کان ئي پُراڻي ٿرپارڪر واري
علائقي ۾ موجود هيون، مير ٺارو خان جهونو ٿي چڪو
هو، انڪري حڪومت جو ڪار وهنوار سندس پٽ مير علي
مُراد خان هلائي رهيو هو، مير علي مراد خان 1806 ۾
ميرپورخاص جو شهر آباد ڪيو ۽ قلعو به تعمير ڪيائين
۽ ”ڪيٽين جو ڪوٽ“ کي ڇڏي ميرپور کي ماڻڪاڻي رياست
جو ”تختگاهه“
بڻايو، گهڻو ڪري انگريز حڪومت جا معاهدا حيدرآباد
جي ٽالپرن سان قائم ٿيا، ميرپورخاص واري ماڻڪاڻي
رياست انگريز حڪومت جي اثر و رسوخ کان ٻاهر هئي،
پارڪر واري پاسي کان کوسن ۽ سوڍن ڪڇ ۽ جوڌپور جي
خلاف جيڪو بکيڙو برپا ڪيو، تنهن ۾ کين ميرپورخاص
جي ميرن جي پُٺڀرائي حاصل هئي. مير ٺارو خان جي
وفات 1829ع ۾ ٿي.
مير علي مراد خان جو دؤر (1837-1829ع):
مير ٺارو خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مير علي
مراد خان ميرپورخاص حڪومت جي واڳ سنڀالي، مير علي
مراد خان تمام گهڻو رحمدل ۽ انسان دوست هو، پاڻ
وڏو علم دوست ۽ اهلِ علم جو قدردان هو.
مير علي مراد خان پاڻ به فارسيءَ جو اعليٰ شاعر
هو، سندس شعر جو نمونو ڪلياتِ حمل ۾ موجود آهي،
سندس وڏو ڀاءُ مير الهيار خان به هڪ قادرالڪلام
شاعر هو. اهلِ علم ۽ ادب وارن لاءِ سندس دؤر تمام
حوصلي افزائي وارو دؤر رهيو. مير علي مراد خان جي
دؤر ۾ عمرڪوٽ ويجهو ولهار ۽ سانگهڙ ويجهو
چوٽياريون ۾ وڏا علمي مرڪز قائم رهيا، جن جي
سرپرستي مير صاحب پاڻ فرمائي. سندس حڪمرانيءَ جي
دؤر ۾ امن امان جي صورتحال بهترين رهي. مختلف قومن
۽ قبيلن ۾ سٺا تعلقات رهيا، جيتوڻيڪ پارڪر ۾ ڪجهه
واقعات پيش آيا، پر تُرت ئي حالتون ڪنٽرول ۾ اچي
ويون، مير علي مراد خان جا حيدرآباد ۽ خيرپور جي
ميرن سان سُٺا لاڳاپا رهيا. جوڌپور رياست سان
ايترا بهتر تعلقات نه هجڻ جي باوجود به امن قائم
رهيو، انگريزن جا سفير سنڌو درياء ذريعي صرف
حيدرآباد تائين ئي پهچي سگهندا هئا، ميرپور سرڪار
انگريزي اثر و رسوخ کان آزاد هئي، مير علي مُراد
خان جي وفات 1837ع ۾ ٿي.
شيرِ سنڌ جو دور (1843-1837ع)
مير علي مُراد خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند
مير شير محمد خان حڪومت جي واڳ سنڀالي جيڪو شيرِ
سنڌ جي نالي سان مشهور آهي. انتهائي مدبر، دلير ۽
قابل حڪمران هو، سندس دور ملڪ جو خوشحال دؤر هو.
زرعي آبپاشيءَ جي نظام ۾ بهتري آندي ويئي. سندس
قوت ۽ دليريءَ کي انگريزن به تسليم ڪيو آهي،
انگريزن جا وفد جيڪي سنڌ طرف اچ وڃ ڪندا هئا، شيرِ
سنڌ انهن لاءِ هڪ مستقل خطرو هو، لطف الله گجراتي
جيڪو 1939ع ۾ سنڌ جي سفر ۾ انگريز آفيسر سان گڏ
هو، تنهن پنهنجي سفرنامي ۾ مير شيرمحمد خان ”شيرِ
سنڌ“ جي همت ۽ جرأت
جا انيڪ قصا بيان ڪيا آهن. سنڌي ماڻهن ۾ اها ڳالهه
مشهور هئي ته جيستائين مير شير محمد خان موجود
آهي، تيستائين انگريز سنڌ تي قبضو نٿا ڪري سگهن.
انڪري 1941ع ۾ انگريزن مير شير محمد خان سان سڌو
سنئون معاهدو ڪيو ته جيئن هُو ڪنهن طريقي سان ڪنهن
سياسي اٽڪل ذريعي کيس قابو ڪري سگهن، بعد ۾ 18 جون
1841ع تي انگريزن مير شير محمد خان ميرپورخاص واري
سان دوستي جو معاهدو ڪيو جنهن ۾ 18 شرط رکيا ويا.
مياڻيءَ واري جنگ:
15 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد جي ٽالپرن ۽ انگريزن
جي وچ ۾ ”مياڻي“ جي مشهور جنگ ٿي جنهن ۾ ٽالپرن کي
شڪست ملي ۽ انگريزن هٿان قيد ٿيا.
دُٻي واري جنگ:
مير شير محمد خان مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ نه هو،
حيدرآباد جي ٽالپرن جي هارَ جي باوجود شير سنڌ مير
شير محمد خان پنهنجي لشڪر سان گڏ حيدرآباد ويجهو
انگريزن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پهچي ويو. 24 مارچ
1843ع تي انگريزن ۽ مير شير محمد خان جي وچ ۾
ناريجن جي ڳوٺ ويجهو مشهور ”دُٻي واري جنگ“ ٿي
جنهن ۾ مير شير محمد خان پنهنجي بهادريءَ جا جوهر
ڏيکاريا، پر تربيت ۽ اسلحي جي گهٽتائيءَ جي ڪري
مير شير محمد خان جي فوج کي شڪست ڏسڻي پئي، مگر
مير شير محمد خان هٿيار ڦٽا نه ڪيا، نصرپور ۽
ميرپورخاص کان ٿيندو، اچي عمرڪوٽ پهتو، جتي پنهنجي
ٽڙيل پکڙيل فوج کي گڏ ڪري انگريزن سان جنگ جاري
رکي، انگريزن نيٺ 14 اپريل 1843ع تي عمرڪوٽ فتح
ڪيو ۽ مير شير محمد خان ٻاهرين مدد خاطر ريگستان ۽
سڪرنڊ کان ڦرندو اچي قنڌار پهتو. اتان جي مسلمان
حڪومت پاران ڪابه مدد نه ملڻ جي ڪري واپس لاهور
پهتو، ۽ گورنر پنجاب جي سامهون مذاڪرات لاءِ پهتو،
پر پنجاب حڪومت کيس نظربند ڪري ڇڏيو.
ميرپورخاص ۾ واپسي:
1853ع ۾ سنڌ حڪومت سان مذاڪرات کان پوءِ مير شير
محمد خان آخرڪار واپس ميرپورخاص اچي ويو ۽ پنهنجي
زندگيءَ جا باقي ڏينهن هتي ئي ٽنڊو شير محمد خان ۾
گذاريائين.
انگريز شيرِ سنڌ کي خاموش ڪرڻ لاءِ کيس هر قسم جا
اعزاز نوازڻ جي ڪوشش ڪئي. 1867ع ۾ جڏهن ڪمشنر سنڌ
عمرڪوٽ ۾ درٻار لڳائي ته مير شير محمد خان کي
”ستارهِ هند“ جو تمغو ۽ سر جو خطاب ڏنو. شيرِ سنڌ
1810ع تي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو ۽ 24 آگسٽ 1876ع ۾
ميرپورخاص شهر ويجهو پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو مير شير محمد
خان ۾ گذاري ويو، کيس پنهنجي اباڻي قبرستان
”چٽوڙيءَ“ ۾ دفن ڪيو ويو، سندس فرزند مير فتح خان،
مير نبي بخش خان ۽ مير امام بخش خان اِتي رهيا،
سندن اولاد وٽ ميرپورخاص ۾ ۽ ڪن وٽ پُراڻ ۽ ناري
جي علائقي ۾ وڏيون زمينداريون آهن، نواب مير
الهداد خان، مير محمد خان، مير منور خان، سخي مير
خان محمد خان ۽ مير ملڪ محمد خان وغيره قومي
اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر يا وزير رهي چڪا
آهن، ميرپورخاص ٽنڊو جان محمد ۽ ٽنڊو باگو جا مير
صاحبان وڏا مهربان، سخي ۽ علم پرور رهيا آهن.
انگريز دؤر (1947-1843ع):
ٽالپر حڪمرانن کان پوءِ ميرپورخاص شهر کي انگريزن
1843ع ۾ حيدرآباد ڪلڪٽريٽ جو حصو ٺاهي ڇڏيو. هتي
ڊپٽي ڪليڪٽر فوربس 1843ع کان جون 1847ع تائين
رهيو. ان کان پوءِ ڊڪسن ۽ تروٽ هڪ ٻئي پويان
لاڳيتو ان ساڳئي عهدي تي 1860ع تائين قائم رهيا،
ان وقت عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو پڻ ميرپورخاص ۾ شامل هئا.
ٿرپارڪر جا تعلقا مٺي، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر 1844ع
کان 1858ع تائين ڪڇ ڀُڄ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي
نگرانيءَ هيٺ رهيا. ان کان پوءِ 1858ع ۾ ٿر ۽
پارڪر کي حيدرآباد سان ملايو ويو ته 1859ع اپريل
مهيني ۾ سوڍن ۽ ڪولهين ننگر پارڪر ۾ بغاوت ڪري
ڇڏي، جنهن تي انگريز حڪومت ڏاڍي مشڪل سان ڪنٽرول
ڪيو. پوءِ اگسٽ 1860ع تي عوامي خواهشن مطابق
ٿرپارڪر عمرڪوٽ سانگهڙ ۽ کپرو سميت پوري علائقي کي
شامل ڪري ”ايسٽرن سنڌ فريٽيئر“ جو نالو ڏنو ويو، ۽
عمرڪوٽ کي مرڪز بڻايو ويو.
ڪرنل تروٽ پهريون پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو،
1881ع ۾ هنن علائقن کي ضلعي جو درجو ڏيئي ڪري ڊپٽي
ڪليڪٽر جي نالي سان عملدار مقرر ڪيو ويو، 1892ع ۾
ميرپورخاص کي حيدرآباد کان الڳ ڪري ٿرپارڪر سان
ملايو ويو. 1901ع ۾ سنجهورو تحصيل کي ٿرپارڪر ۾
شامل ڪيو ويو، 1900ع ۾ ميرپورخاص ٻاڙ مير ريلوي
لائن شروع ٿي، ريلوي اسٽيشن جي ڪري ميرپورخاص
اُڀرڻ لڳو، ۽ عمرڪوٽ جون سرگرميون گهٽجڻ لڳيون،
انڪري انگريز عملدارن ميرپورخاص کي ضلعي صدر مقام
ٺاهڻ جي رٿ ڏني، 1906ع ۾ ميرپوخاص شهر کي ٿرپارڪر
ضلعي جو صدر مقام ٺاهيو ويو ۽ عمرڪوٽ کي صرف نارا
ويلي سب ڊويزن جو صدر مقام رکيو ويو.
پاڪستان دؤر (2006-1947ع):
1906ع کان وٺي 1990ع تائين ميرپورخاص ٿرپارڪر جو
صدر مقام رهيو، 1953ع ۾ سانگهڙ کي الڳ ضلعي جو
درجو ڏنو ويو، 1990ع ۾ ميرپورخاص ۽ ٿر کي الڳ الڳ
ضلعن ۾ ورهايو ويو. عمرڪوٽ ۽ سامارو تعلقن کي
ميرپورخاص ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، 2006ع ۾ ڊويزن جو
نظام ختم ڪري ضلعي حڪومتن جو نظام قائم ڪيو ويو.
هن وقت ميرپورخاص رياست وارو علائقو گهٽ ۾ گهٽ چئن
ضلعن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ميرپورخاص ضلعي جو حصو
رهيا آهن. ميرپورخاص ڊويزن جو رقبو 21820 چورس
ڪلوميٽر آهي ۽ چئني ضلعن (ميرپورخاص، عمرڪوٽ،
ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ) جي آبادي 1998ع جي آدمشماريءَ
مطابق (3936345) فردن تي مشتمل آهي، جيئن ته
ميرپورخاص ماڻڪاڻي رياست جو حصو رهيو آهي، ان ۾
لاڙ کان سانگهڙ تائين ٽنڊوالهيار کان ڏيپلو تائين
جا حصا شامل رهيا آهن.
هتي تاريخي، سماجي، سياسي علمي ۽ ادبي لحاظ کان
ڪافي شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن تي مقالي نگارن
ڪافي ڪجهه لکيو آهي، هيءُ علائقو هر دؤر ۾ نه صرف
سنڌ بلڪ پاڪستان پر پوري برصغير پاڪ و هند جي
نمائندگي ڪندو رهيو آهي. شيرِ سنڌ مير شير محمد
خان، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، محمد خان جوڻيجو،
سيد مظفر حسين شاهه، ارباب امير حسن، راڻا چنيسر
سنگهه، عبدالڪريم پلي، پير غلام رسول جيلاني، پير
آفتاب شاهه جيلاني، مير امام بخش ٽالپر، مير منور
خان، مير علي بخش خان ۽ ارباب غلام رحيم ان جو
واضح مثال آهن. هن وقت تائين قيامِ ميرپورخاص کي
ٻه سؤ سال ۽ ضلعي صدر مقام کي سؤ سال گذري چڪا
آهن.
ميرپورخاص جو هر عام ۽ خاص فرد پنهنجي ٻه سؤ ساله
جشنِ ميرپورخاص جي تقريب ملهائڻ جو حقدار آهي، ته
جيئن پنهنجي ماضيءَ کي سامهون رکي ڪري حال کي
سنواري سگهي ۽ پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي ۽
اهڙيءَ طرح پنهنجي سرزمين ۽ ان جي تاريخ کي ميراث
سمجهي ۽ پنهنجي سيني سان لڳائي رکي.
حوالو:
ميرپورخاص جو تاريخي سفر، ٻه سؤ ساله جشن
ميرپورخاص 1806-2006ع)، ترتيب و تدوين: لياقت علي
جوڻيجو، ڇپجڻ جو سال فيبروري 2008ع
ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو
محرابپور
سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ جو فني جائزو
سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو
آهي: ڪلاسيڪل، عَروضي ۽ جديد. انهن دؤرن جي
شاعريءَ ۾ صنفن کي به ورهايو ويو آهي، جيئن: بيت،
وائي يا ڪافيءَ جي صنف کي ڪلاسيڪل دؤر ۾ ڄاڻايو
ويندو آهي، غزل، قصيدو، نعت، مرثيو، نوحو، رباعي،
قطعو، مثنوي، مخمس، مسدس وغيره کي عَروضي دؤر جون
صنفون ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن ته جديد دؤر ۾ انهن
ٻنهي دؤرن جي صنفن کي شامل ڪيو ويندو آهي. جديد
دؤر جي شاعريءَ کي ديسي لباس، ماحول ۽ ٻوليءَ جي
نسبت ڏٺو ويندو آهي. ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ماحول
ديسي رهيو آهي، جڏهن ته جديد شاعريءَ ۾ پڻ اهڙو
خيال رکيو ويندو آهي. البت، ٻوليءَ جي نسبت، عروضي
شاعريءَ ۾ ڌاريائپ ۽ اڻسھاءُ محسوس ڪيو ويو آهي،
جنھن سبب عَروضي دؤر جي شاعريءَ کي اهو مقام نه
ملي سگهيو آهي. حقيقت ۾ فني لحاظ کان عَروضي شاعري
ڪافي سگهاري رهي آهي.
شاعريءَ جون صنفون وري گهاڙيٽي ۽ مضمون جي لحاظ
کان به الڳ الڳ حيثيت رکن ٿيون. جيئن گهاڙيٽي جي
لحاظ کان بيت هڪ ديسي صنف آهي، ليڪن مضمون جي لحاظ
کان ان ۾ تصوف جا نڪتا، ناصحاڻا نڪتا، لوڪ ادب جون
صنفون وغيره به سمائي سگهجن ٿيون. يعني جتي بيت ۾
تصوف جا باريڪ نڪتا بيان ڪري سگهجن ٿا، اتي بيت جي
گهاڙيٽي ۾ پرولي، ڏٺ، ڳجهارت، هنر، دراهو، ڏهس
وغيره به لکي يا چئي سگهجي ٿو. يعني ڪنھن بيت جي
گهاڙيٽي ۾ ڏٺ يا هنر کي مضمون جي لحاظ کان ڏٺ يا
هنر چئبو، جڏهن ته گهاڙيٽي يا ڪارب جي لحاظ کان
بيت سڏبو. بھرحال، اهڙي کوٽ پوٽ جو دائرو ڪافي وڏو
ٿئي ٿو. هتي صرف مرثيي نگاريءَ بابت ويچار ونڊجي
ٿو.
شاعريءَ ۾ مرثيو، مضمون جو نالو آهي، جڏهن ته اهو
مضمون ڪنھن به گهاڙيٽي يا ڪارب ۾ سمائي سگهجي ٿو.
عام طور، مرثيو عروضي صنفن ۾ ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته
بيت، گيت، وائي يا ڪافيءَ ۾ ڪيڏارو، اوسارو، زاري
وغيره لکيو ويو آهي. يعني مرثيي جي صنف، غزل،
رباعي، مثنوي، مخمس، مسدس يا ڪنھن به نظم جي
گهاڙيٽي ۾ ٿي سگهي ٿي. غزل جي گهاڙيٽي ۾ لکيل يا
چيَل مرثيي يا نوحي کي ٻنهي نالن يعني غزل يا
مرثيي جي نالن سان پڪاري سگهجي ٿو- ائين جيئن
’نعت‘ کي غزل به ڪوٺيو ويندو آهي.
سيد ثابت علي شاهه کان اڳ ۽ بعد ۾ به مرثيه نگاري
ٿي آهي ۽ ٿيندي رهندي، ليڪن علم عَروض نسبت شاهه
صاحب جي مرثيه نگاريءَ جو ڪو جوڙ جيس ڪونهي. اها
به حقيقت آهي ته ’علم عروض جي حدن اندر مرثيي جي
شروعات سيد ثابت علي شاهه ڪئي ۽ اهڙو مرثيو پھرين
1772ع ۾ چيائين. (صائب، 2003: 217) موجوده حالت ۾
جيڪڏهن مرثيه نگاريءَ جو ذڪر ڪبو ته سيد ثابت علي
شاهه جو نالو ازخود سرفھرست ٿي سامهون ايندو، پر
جيڪڏهن سيد ثابت علي شاهه جو نالو کڻبو ته مرثيه
نگاريءَ جي صنف سامهون اچي بيھندي. اهڙي مخصوصيت
چند شاعرن سان لاڳو رهندي آهي.
سيد ثابت علي شاهه جي، شاعريءَ جي صنفن تي ڪمال جي
دسترس هئي، سندس چند فارسي غزل به ملن ٿا، جيڪي
فني اعتبار کان بيحد موزون ۽ تخيل جي بلنديءَ جو
اعلى نمونو آهن. (صائب، 2003: 202)
تسبيح شيخ رشتهءِ زنار خود يڪي ست،
زلف و رخ تو ڪفر هم ايمان علي الحساب.
(ترجمو: شيخ جي تسبيح ۽ برهمڻ جي مڻڪن جي ڳالهه
مڙئي ساڳي آهي. ان نموني سان تنھنجا زلف ۽ رخُ
ايئن آهن، جيئن ڪفر ۽ ايمان گڏجي پيا هجن.) (صائب،
2003: 205- 206) دراصل، ثابت علي شاهه جي شاعريءَ
۾ ايتري ته رواني ۽ پختگي هئي، جو جيڪڏهن هُو غزل
گوئي ڪري ها ته وقت جي بھترين غزل گو شاعرن ۾
نمايان رهي ها! جيئن ته هن جي دل ’اهلبيت سلام
الله عليھا‘ جي محبت سان ٽمٽار هئي، ان لاءِ هن
پاڻ کي، انهن جي فضائل ۽ مصائب سان سلهاڙي ڇڏيو هو
۽ قصيده گوئي ۽ مرثيه نگاريءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.
سيد ثابت علي شاهه جي سنڌي مرثيه نگاريءَ بابت
غلام محمد گرامي لکي ٿو: ”ثابت علي شاهه جي احسانن
مان اهو به هڪ احسان آهي ته فارسيءَ ۽ عربيءَ جي
هڪ جيد عالم، اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي فن ۽
جذبات جي ترجمانيءَ لاءِ منتخب ڪيو، حالانڪ ان دؤر
جي درٻاري ۽ سرڪاري زبان فارسي ئي هئي ۽ ڪيترا وڏا
شاعر درٻارن ۾ قصيده گوئي ڪندي مري کپي ويا، جن جو
دفتر اڄ اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي چڪو آهي. ان مقابلي
۾ سيد ثابت علي شاهه، اهڙي درٻار سان وابستگي رکي
آهي، جنھن درٻار جي جلالت ۽ عظمت قيامت تائين قائم
۽ دائم رهڻي آهي. انسان جيستائين حق ۽ باطل جي
ڪشمڪش ۾ مبتلا رهندو، تيستائين امام حسين عليہ
السلام جي جدوجھد ۽ جھاد، ايثار ۽ قرباني، شھادت ۽
جوانمرديءَ جي روايات کان متاثر ٿيندو ايندو.“
(صائب، 2003: 375)
حقيقت ۾ شاعريءَ ۾ ڏکي ۾ ڏکي صنف مرثيه نگاري يا
شاهناما آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ جنگي واقعي کي ايئن طول
ڏئي، واقعي نگاريءَ کي جذبات نگاريءَ سان اهڙي
انداز سان بيان ڪرڻ، جو ان ۾ ڪن صدين جو مواد ڏئي
سگهجي. يعني مرثيي ۾ واقعن کي جزوي واقعن ۾ ورهائڻ
۽ ان جي بيان ۾ واهڙ وهائي ڇڏڻ، انتھائي ڏکيو فن
آهي. ان ڪارڻ چڱا ڀلا شاعر، چاهيندي به، ان صنف جي
ويجهو ئي نه ويندا آهن. موجوده حالت ۾ ’مرثيه
نگاري‘ ڪربلا جي واقعي ڏانھن منسوب ٿي وئي آهي.
دراصل، ڪربلا جو واقعو اهڙو آهي، جو ان وقت جي
حادثن کي اڄ به ياد ڪري خون جا ڳوڙها وهن ٿا، مگر
جيئن ته بنو اميه جي سَطوَت ۽ جباري ڇانيل هئي، تنھنڪري
عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي ۽ هيءُ فن عربن مان
هميشه
لاءِ ختم ٿي ويو، علامه شبلي نعماني لکيو آهي: ”
هيءُ هڪ اهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن عرب جي اصل
جذبات موجود هجي ها، ته اهڙا ته زوردار مرثيه لکيا
وڃن ها، جو سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“
)شبلي،
ص: 11
(
مرثيو:
[مَرثيه- مَفعِله- مصدر ميمي (رَثَا- رَثى = هو رنو- هن پٽيو)
روئڻ پٽڻ] مرڻ واري تي روئي پٽي ان جون چڱايون
بيان ڪرڻ- روڄ راڙو ڪرڻ- پٽڪو ڪرڻ- اهڙو نظم يا
ڪابه شاعريءَ جي صنف، جنھن جي مضمون ۾ روڄ راڙو
ڪرڻ ۽ فوتيءَ جون سٺايون بيان ٿيل هجن- سنڌي ادب
موجب امام حسينؑ ، ان جي گهروارن ۽ ساٿين تي ڪيل
ظلم تي روڄ راڙي جو اظھار ڪرڻ.
پار ڪڍڻ- زاريون چوڻ- اوسارا چوڻ.
(جوکيو، 2022: ص: 277)
مرثيو
’ڪربلا جي واقعي‘ سان مخصوص ٿي ويو. اهڙو خيال
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هيئن بيان ڪري ٿو: ”
مرثيه ان قسم جي شاعريءَ کي چيو ويندو آهي جنھن ۾
حضرت امام حسينؑ ۽ ڪربلا جي شھيدن جي شھادت جو
ذڪر درد انگيز نموني بيان ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي
شھادتن تي ڏک ۽ غم جو اظھار ڪيو ويندو آهي، ان سان
گڏ ان ۾ لڙائيءَ جا منظر پڻ بيان ڪيا ويندا آهن ۽
حضرت امام حسينؑ جي ساٿين جي بھادري ۽ صبر جو ذڪر
به آندو ويندو آهي.“ (ميمڻ، 1978: ص 5)
سنڌي ادب ۾ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾
مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئندل فقير،
اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد، فقير
عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي
شاهه، مرزا مراد علي بيگ سائل، سيد علي، سچل
سرمست، مير حسن علي ٽالپر، آخوند محمد عالم
خيرپوري، مرزا فتح علي بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، زمان
شاهه ساقي، وغيره جن جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا.
انهن
نالن
مان سيد ثابت علي شاهه جو نالو مخصوص مرثيه نگاريءَ
سان اچي ٿو. صاحب موصوف جي مرثيه نگاري، رزميه
شاعريءَ جو بھترين نمونو آهي. جنھن ۾ ڪربلا جي
واقعي کي جنگي واقعن سان بيان ڪرڻ سبب، فارسي توڻي
سنڌي شاهنامن جي طرز تي لکيل ’شاهنامو‘ به چئي
سگهجي ٿو.
سندس مرثيه گوئيءَ ۾ گهڻي قدر مسدس، مربع ۽ غزل
جون صنفون ڪم آندل آهن. هتي سندس پيش ڪيل ڪجهه
سلام، منقبت ۽ مرثيه فني لحاظ کان پيش ڪجن ٿا:
·
مسدس مصرعن ۾ سلام (امام رضا عليھ السلام جي خدمت
۾)
·
خيرالورى رسول خدا کي سلام ٿئي،
شھداءِ دشت ڪرب و بلا کي سلام ٿئي،
راضي امر حق به رضا کي سلام ٿئي،
شاههِ غريب تابعِ حڪم قضاءِ حق،
حق راضي رضاءِ امام رضاءِ حق،
راضي امر حق برضا کي سلام ٿئي،
’ثابت علي‘ اما رضا جي ڪري ثنا،
هن رضا امام، خدا نانءِ ڏي رضا،
راضي امر حق بَرضا کي سلام ٿئي،
|
|
مولا علي و آل عبا کي سلام ٿئي،
شاههِ غريب حڪمِ قضا کي سلام ٿئي،
مشھد ڌڻي امام رضا کي سلام ٿئي.
راضي با رضاءِ خود اندر رضاءِ حق،
واهه رضاءِ حق جي مڃيَئِين اقتضاءِ حق،
مشھد ڌڻي امام رضا کي سلام ٿئي.
هيءُ ڪربلائي آهي رضا شاهه جو گدا،
زوار ڪربلا ڏسي تو شاهه جو لقا،
مشھد ڌڻي امام رضا کي سلام ٿئي. |
|
|
(مرثيه سنڌي،
ڀاڱو ٻيو، ص: 3) |
مٿيون سلام ٻارهن بندن تي مشتمل آهي، جنھن مان هتي،
ڇنڊڇاڻ خاطر، صرف ٽي رکيا آهن. هن گهاڙيٽي بابت
هيٺيان نڪتا سامهون اچن ٿا:
·
ڄاڻايل سلام، ’بحر مضارع مثمن‘ ۾ بيھاريل آهي،
جنھن جو وزن ’مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات‘ يا وري
بحر ڪامل مسدس سالم جو وزن: ’متفاعِلن- متفاعِلن-
متفاعِلن‘
به ٿي سگهي ٿو. جيئن ته وزن ٻن سٽن جا ڳڻيا ويندا
آهن، ان سبب ان مرڪب (هزج + رمل) بحر کي مثمن ۾
ليکبو ۽ علم عَروض موجب: ’بحر مضارع مثمن اخرب
مڪفوف مقصور‘ ڪوٺبو.
هيءُ سلام ٻن بحرن ۾ محسوس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي
بحرن جا وزن قريب ساڳيا ٿيندا آهن، ليڪن متحرڪ ۽
ساڪن اکرن سبب ٿورو فرق آهي.
·
سڀ جو سڀ بند، مُسدَس جي گهاڙيٽي ۾ رکيل آهن.
مُسدَس، بروزن ’مُفَعَّل‘ جو بنياد ’سادس‘ يعني
ڇهه مان آهي، ’سَدَّس‘ يعني ڇهه ڪنڊو بڻائڻ، علم
قافيه موجب اهڙو ڇهن مصرعن وارو نظم، جنھن جون
پھريُون چار مصرعون هم قافيه ۽ پويون ٻه مصرعون
پاڻ ۾ هم قافيه هجن، ليڪن ڇهن مصرعن جي مضمون ۾
ربط هجي.
·
پھرئين بند جي ڇهن ئي مصرعن ۾ قافيا ’خدا، عبا،
ڪربلا، قضا، بَرضا ۽ رضا‘ ڪم آندل آهن، جڏهن ته
’کي سلام ٿئي‘ رديف طور ڪم آيو آهي. مسدَس جي
اصول موجب، ان جي پھريُن چئن سٽرن جا قافيه ۽ آخري
ٻن سٽرن جا قافيا الڳ الڳ ٿيندا آهن؛ ليڪن شاعر هن
بند ۾ مسدس جو اصول نه رکيو آهي، بلڪ شاعر، مسدس
کي پنھنجي هيئت ڏئي، هڪ نئون تجربو ڪيو آهي.
·
البت، ٻئي ۽ آخري بند ۾ مسدس جي اصول موجب قافين
جي بيھڪ رکي آهي ۽ ايئن ئي ٻيا بند آهن.
·
هن سلام جو مسدس وارو گهاڙيٽو، مطالعي جي ڪميءَ
سبب، منھنجي نظر مان گهٽ گذريو آهي. هن جو انداز
غزل واري گهاڙيٽي وانگر ’مطلع‘ ۽ ’مقطع‘ سان رکيل
آهي، يعني پھريون ڇهه ئي مصرعون هم قافيه ۽ باقي
بند مسدس جي اصول موجب رکيا ويا آهن.
حقيقت ۾ مضمون جي لحاظ کان ’سلام‘ جي صنف ’مرثيه
گوئي‘ جي ئي شاخ آهي، جيڪا غزل جي گهاڙيٽي ۾ ئي
رکي ويندي آهي، ليڪن عام طور ان جو هر بند ٻه-
سٽرو رکيو ويندو آهي. سائين ثابت علي شاهه ان سلام
جي هر بند کي مسدس واري صورت ۾ رکيو آهي. مطلع ۾
آندل آخري ٻه سٽرون، ٻين بندن لاءِ وراڻيءَ طور پڻ
ڪم آنديون اٿس.
اهو گهاڙيٽي جو انداز منھنجي نظر
۾ هڪ نرالي حيثيت وارو آهي. اهو گهاڙيٽي جو انداز
مرثيه گو شاعر جي ڪھنه مشق ۽ ذهانت ڏيکاري پيو.
اهڙي گهاڙيٽي ۾ سندس ٻيا سلام به موجود آهن، آخر
زمان امام مھدي عليھ
السلام جي خدمت ۾ هيئن لکيو اٿس:
·
السلام اي حجتِ رب الانام،
السلام اي قائمِ اولى قيام،
السلام اي حضرتِ مھدي امام،
با امامِ منتظر بھرِ خدا،
آءٌ سندءِ ’ثابت علي‘ مسڪين گدا،
السلام اي حضرتِ مھدي امام. |
|
السلام اي دين دنيا جا نظام،
السلام اي مقتدائي خاص و عام،
السلام اي صاحب العصر السلام.
مون کي تنھنجو انتظار آهي سدا،
شاهه هن پنھنجي گدا کي ڏي لقا،
السلام اي صاحب العصر السلام.
(سنڌي مرثيه، ڀاڱو ٽيون، ص: 11) |
·
مربع مصرعن ۾ سلام
منھن مبارڪ جلوه گاهه نور انور کي
سلام،
لعل لب خيرالنساءِ جي شير پرور تي
سلام،
مصطفى جي لاڏلي ان لعل گوهر تي سلام،
فاطمہ زهرا جي دل جي نور انور تي
سلام،
رات ڏينھن روئي ڪري ٿو سيدا تو در
سوال،
دين ۽ ايمان عمر و عزت و اولاد آل، |
|
بوسهءِ گاه مصطفى ان حلق اطھر تي سلام،
هنج نپايل ان جي اصغر تي سلامن سؤ
هزار.
مرتضى جي من موهن دلدار دلبر تي سلام،
ان سچي سيد تي رحمت رب جي تا روزِ
شمار.
مرثيه خوان ماتمي ’ثابت‘ سندءِ هي
خسته حال،
تنھن سواءِ ڪوٺي ڪرم سان ڪربلا جو
سير ڪار. |
(سنڌي مرثيه، ڀاڱو ٽيون، ص: 11)
ڄاڻايل سلام جي هر بند ۾ چار سٽرون/ مصرعون ڪم
آنديون ويون آهن. ان بابت هيٺيان نڪتا ملن ٿا:
·
ڄاڻايل سلام، ’بحر رمل مثمن‘ ۾ بيھاريل آهي، جنھن
جو وزن ’فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلات‘ آهي.
جيئن ته وزن ٻن سٽرن جا ڳڻيا ويندا آهن، ان سبب هڪ
سٽر ۾ چار ’فاعلاتن‘ جا وزن ٿيندا. جڏهن هڪ سٽر ۾
فاعلاتن جا سالم وزن هوندا ته ان کي ’سالم‘
سمجهبو، ليڪن هن سلام جو چوٿون وزن پورو ناهي، بلڪ
هڪ جز کٽل آهي، جنھن کي ’مقصور‘ چئبو. يعني هن
سلام کي علم عَروض موجب: ’بحر رمل مثمن، مقصور‘
ڪوٺبو.
·
مٿئين سلام ۾ سورهن بند آيل آهن. هرهڪ بند چئن
سٽرن/ مصرعن تي مبني آهي. ٽي مصرعون هم قافيا آهن،
جڏهن ته چوٿين مصرع ۾ مختلف قافيو ڪم آندو ويو
آهي، جيڪو ٻين چوٿيُن مصرعن سان هم قافيا طور ڪم
آندو ويو آهي.
·
عام طور سلام، غزل جي گهاڙيٽي ۾ لکيو ويندو آهي،
ان لحاظ کان جيڪڏهن هن ۾ ٻن مصرعن کي ملائي هڪ
مصرع بڻائجي ته ان لحاظ کان غزل جو گهاڙيٽو لڳندو،
ليڪن هن سلام ۾ مطلع موجود ناهي. يعني غزل کان به
هٽي ڪري گهاڙيٽو سامهون اچي ٿو.
·
هر بند چئن مصرعن جو آهي، ان لحاظ کان رباعيءَ جا
بند چئجن، ليڪن جيئن ته رباعيءَ جو مخصوص ’بحر
هَزج‘ ٿئي ٿو ۽ ان جي قافين جي بيھڪ به الڳ آهي،
ان ڪارڻ ’بحر رمل‘ ۾ سلام جي بندن کي رباعين جو
مجموعو به نه ٿو چئي سگهجي.
·
هن جي بندن کي مخمس ۽ مسدس وانگر مربع مصرعن جو
مجموعو چئجي ته مناسب ٿيندو. منھنجي محدود اڀياس
موجب اها گهاڙيٽي/ هيئت جي هڪ نرالي طبع آزمائي
ڪيل آهي.
سندس ٻيو سلام، جيڪو غزل جي گهاڙيٽي جِي بندش تي
آهي.
·
غزل جي گهاڙيٽي موجب مثنى مصرعن ۾ سلام
اي صبا، تون مصطفى کي چئج صلوات و
سلام،
اي صبا شيرِ خدا کي چئج صلوات و سلام،
حضرت خيرالنساءِ خاتون جي خذمت بندگي،
نوجوان اهلِ جنت سبز پوش روزِ حشر،
صدق مؤن ’ثابت علي‘ زوار جا هر صبح
شام، |
|
سر گروهه انبيا کي چئج صلوات و سلام،
نائبِ خيرالورى کي چئج صلوات و سلام.
نور چشمِ مصطفى کي چئج صلوات و سلام،
شاهه حسن المجتبى کي چئج صلوات و
سلام.
سڀ شھيدن ڪربلا کي چئج صلوات و سلام.
(سنڌي مرثيه، ڀاڱو ٽيون، ص:
23) |
ڄاڻايل سلام بابت هيٺيان نڪتا سامهون اچن ٿا:
·
ڄاڻايل سلام، ’بحر رمل مثمن‘ ۾ بيھاريل آهي، جنھن
جو وزن ’فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلات‘ آهي.
جيئن ته وزن ٻن سٽرن جا ڳڻيا ويندا آهن، ان سبب هڪ
سٽر ۾ چار ’فاعلاتن‘ جا وزن ٿيندا. جڏهن هڪ سٽر ۾
فاعلاتن جا سالم وزن هوندا ته ان کي ’سالم‘
سمجهبو، ليڪن هن سلام جي چوٿين وزن کي زحاف ڏئي،
هڪ جز کٽل رکيو ويو آهي، جنھن کي زحاف موجب
’مقصور‘ چئبو. يعني هن سلام کي علم عَروض موجب:
’بحر رمل مثمن، مقصور‘ ڪوٺبو.
·
ڄاڻايل سلام ۾ ڪل چوڏهن بند آهن، جن جو گهاڙيٽو،
بلڪل غزل/ قصيدي جي گهاڙيٽي/ هيئَت وارو آهي. جنھن
۾ قافيا: مصطفى، انبا، خير الورى، مصطفى، مجتبى،
ڪربلا، خدا، رهنما، مقتدا، رضا، اتقيا، خدا،
مصطفى، هرد و سرا، ڪربلا‘ آيل آهن، جڏهن ته ’کي
چئج صلوات و سلام‘ رديف طور ڪم آندو ويو آهي.
·
هن ۾ مطلع اول ۽ مطلع ثاني ڏنل آهن، يعني پھريون
ٻه مصرعون ۽ ٻيون ٻه مصرعون، سڀ پاڻ ۾ هم قافيا
آهن، اهو غزل يا قصيدي جو انداز ڪافي شاعر رکندا
آهن. ان بعد هر بند جي پھرين مصرع ڇڏي، ٻين مصرعن
۾ قافيو ۽ رديف رکيل آهي. آخر ۾ مقطع به ساڳئي
اصول مطابق آهي.
·
مخمس ۾ منقبت
يا امير المؤمنين يا شاهه مردان يا
علي،
تون نبي الله جو نائب سر سبحان يا
علي، |
|
يا وصي المرسلين يا شير يزدان ياعلي،
تون ولي الله برحق رازِ رحمان يا علي، |
تنھنجي طاعت فرض مطلق حڪمِ قرآن يا علي.
مر چوَن مخلوق سڀڪو خالقِ اڪبر سندو،
آهه پيغمبرَ پٽيو جو مدعي حيدر سندو، |
|
پر نه خالق تَنھن کؤن خوش جو خصم
پيغمبر سندو،
پس خدا جو سُنھُن جو بندو عترتِ اطھر
سندو، |
جنھن جو اهڙو صدق سو مومن مسلمان يا علي.
يا علي ’ثابت علي‘ تنھنجي غلامن جو
غلام،
جي سندءِ تھدل غلام تن تي خدا راضي
مدام، |
|
سارو جڳ تنھنجو غلام ۽ سڀ جو تون آغا
امام،
هيءُ غلامن جو غلام ان گڏ ڪري تو در
سلام، |
الصلوات و والسلام اي شاههِ شاهان يا علي.
(مرثيه سنڌي، ڀاڱو ٽيون، ص: 50)
ڄاڻايل منقبت بابت هيٺيان نڪتا سامهون اچن ٿا:
·
ڄاڻايل منقبت، ’بحر رمل‘ ۾ بيھاريل آهي، جنھن جو
وزن ’فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلا/ فاعلُن‘
آهي. هر هڪ سٽر ۾ چار ’فاعلاتن‘ جا وزن ٿين ٿا.
البت، آخري چوٿين وزن کي زحاف ڏئي، هڪ ارڪان ’تُن‘
کٽل رکيو ويو آهي، جنھن کي زحاف موجب ’محذوف‘
چئبو. يعني هن منقبت جي هر هڪ مصرع ۾ علم عَروض
موجب: ’بحر رمل مثمن، محذوف‘ رکيل آهي.
·
ڄاڻايل منقبت ۾ ڪل ٻارهن بند آهن، جن جو گهاڙيٽو
مخمس ته ضرور آهي، ليڪن مخمس جي عين اصول موجب
ناهي. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها مخمس ۾ هڪ
نرالي طبع آزمائي آهي. عام طور مخمس جي گهاڙيٽي ۾
ٽي سٽرون، هم قافيا ۽ ٻه سٽرون، اڳين سٽرن کان هٽي
ڪري، پاڻ ۾ هم قافيه رکيون وينديون آهن؛ ليڪن
مٿئين منقبت ۾ پھريون چار سٽرون هم قافيا ۽ پنجين
سٽر جي قافيي کي چئن سٽرن کان الڳ رکي، هر بند جي
پنجين سٽر سان هم قافيا رکيو ويو آهي. اهو انداز
مخمس جي عام گهاڙيٽي کان الڳ هڪ نرالو گهاڙيٽو
رکيو ويو آهي. اها سڀ سندس ڪھنه مشق شاعر
هئڻ
جي سگهه آهي.
·
ان منقبت جي هر بند جا قافيا ۽ اندريان رديف نرالا
آهن، البت هر بند جي آخري سٽر ۾ ’يا علي‘ جو رديف
يڪسان آهي.
ڄاڻايل گهاڙيٽي ۾ سندس ٻيا به منقبت چيل آهن،
جيئن:
عالمِ خلقِ خدا سڀڪو خدا جو مدح خوان،
مصطفى دائم ولائي مرتضا جو مدح خوان، |
|
۽ خدا سڀ خلق سوڌو مصطفى جو مدح خوان،
تون به اي مداح ٿي آلِ عبا جو مدح
خوان، |
ڪربلائي ٿي شھيدِ ڪربلا جو مدح خوان.
(مرثيه سنڌي، ڀاڱو ٽيون، ص: 46)
·
مسدس ۾ مرثيه
سيد ثابت علي شاهه جا مرثيه اڪثر مسدس ۾ آهن. هتي
سندس هڪ مرثيو خيال خاطر رکجي ٿو:
هئه هئه نبيءَ جي نور تي ڪيو ظلم
ظالمن،
سي ويا ڇڏي بھادر ڏئي ديس دشمنن، |
|
محبوب مصطفى جو ڪٺو هاءِ ڪافرن،
تن جي عزا ۾ عالمِ افلاڪ رت رئن، |
آهي عــزا ۾ ان جي عــــزادار مصطفى،
ارض و فلڪ عزا ۾ دل افگار مرتضى.
سڀ جن و انس ارض و فلڪ آهي منجهه عزا،
عرشِ خدا به ماتمي فردوس فاطمھ، |
|
ارواح اشڪبار بمع عرش ڪبريا،
جنھن جا ڪٺا قريب مُٺن ڪوٺي ڪربلا، |
ارواح انبيا ٿا رئن زار منجلي،
با انبيا محمد و با اوليا علي.
هي لعنتي نه امتي اعدائي انبيا،
هاڻ صبر ڪر اي ’ثابت‘ صلوات چئو ثنا، |
|
هي ڪلمه گو ڪفار عدوآنِ مرتضى،
بر اهلبيت عترتِ ياسين و هل اَتى، |
صابر امام ڪاڻ ٿا مومن رئن مدام،
ٿيندن جزائي جنتِ فردوس انتظام.
·
ڄاڻايل مرثيو، ’بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف‘ ۾
بيھاريل آهي، جنھن جو وزن
’مفعول- فاعلات- مفاعيل- فاعلاتن‘
آهي. ڄاڻايل مسدس جي بحر ۾ ’مفاعيل‘ اخرب تي صدر و
ابتدا ۾ ’مفعول‘ ٿيو پيو، ٻئي حَشوَ مڪفوف ٿين ٿا
۽ عروض و ضرب سالم بيھن ٿا. ان سبب ان کي ’بحر
مضارع مثمن اخرب مڪفوف‘ ڪوٺجي ٿو.
·
ڄاڻايل مرثيي ۾ ڪل چوڏهن بند آهن، جن جو گهاڙيٽو
بلڪل مسدس وارو آهي، جنھن ۾ چار سٽرون هم قافيا ۽
پنجين ۽ ڇهين سٽر پاڻ ۾ هم قافيا رکيون وينديون
آهن. يعني هر بند عام مسدس جي اصول مطابق آهي ۽
پوري مرثيي جي هر هڪ بند جي قافيي جي لحاظ کان
ڪابه مماثلت ناهي. البت، مضمون ۾ ڪٿي به جهولُ
ناهي، بلڪ تسلسل آهي.
·
رباعيءَ جي گهاڙيٽي ۾ مرثيو
ٿيا ڪربلا ۾ محشر فرياد يا رسول،
ور وير ويل واهر فرياد يا رسول،
اڄ ڪربلا ۾ ڪوفين گهيريو سندوءِ گهر،
نت ڏوهٽا پوٽا تنھنجا سڀ ويا وڍائي
سر،
پس تاب ناهي تا چوان هن سوز کي سدا،
’ثابت علي‘ جي سيد ڪر ماڙ مصطفى، |
|
لھه سار تن جي سرور فرياد يا رسول،
ذي اهلبيت آڌر فرياد يا رسول.
ويرين حسين ويڙهيو وارث تون وهلور
وَر،
سر کؤن سڃا ٿيا سرور فرياد يا رسول.
صلوات بر محمد و آل اَثنا،
ڏي صحت تنھن کي سرور فرياد يا رسول. |
1.
ڄاڻايل مربع ۾ مرثيو، بحر مضارع ۾ آهي. هن بحر ۾
’مفاعلين فاعلاتن، مفاعيلن فاعلاتن‘ ٻه دفعا ايندو
آهي. يعني هيءُ بحر، ’هزج ۽ رمل‘ جي ترڪيب آهي. هن
بحر ۾ رباعي ڪونه لکي ويندي آهي. چئن سٽرن واري
رباعي صرف ۽ صرف ’بحر هزج‘ جي وزن ۾ بيھاري ويندي
آهي. ان لاءِ هن صنف کي رباعي نه بلڪ، ’مربع‘ چئي
سگهجي ٿو.
2.
جيئن ته بحر مضارع جو پھريون ارڪان ’مفاعيلن‘ آهي،
جنھن کي خرب ڪبو (اڳئين ’م‘ ڪيرائڻ کي ’خرم‘ ۽
آخري ساڪن حرف ڪيرائڻ کي ’ڪف‘ چئبو؛ ٻنهي يعني خرم
۽ ڪف گڏي ڪم آڻڻ سان ’م ۽ ن‘ ڪيرائڻ کي ’خرب‘
چئبو) ايئن ڪرڻ سان وزن ’مفعول‘ ٿي بيھندو، جيڪو
هن مرثيي جي منڍي ۾ رکيو ويو آهي.
3.
جيئن ته ’خرب‘ ’مفاعيلن‘ کي ڪجي ٿو، ان بنياد تي
اهو گمان رهي ٿو ته اهو بحر هزج جي وزن جو منڍو
آهي، ان لاءِ ان کي رباعي تسليم ڪيو وڃي، پر حقيقت
۾ رباعيءَ لاءِ بحر هزج مخصوص ڪيل آهي، ان ڪارڻ
مٿئين بند جي هيئَت لاءِ رباعيءَ بجاءِ مربع ڪم
آڻڻ گهرجي. هونئن به ’مضارع‘ جي معنى ’مشابھت
رکندڙ‘ آهي، يعني بيشڪ هيءُ بحر هزج ۽ منسرح سان
مشابھت رکندڙ آهي، ليڪن ان جي حيثيت ۽ سڃاڻپ الڳ
ٿئي ٿي.
4.
هن مربع ۾ بيھاريل مرثيي جو علم عروض نسبت وزن:
’مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن‘ بيھي ٿو. ان لحاظ کان
هن مربع کي علم عروض نسبت ’بحر مضارع، مثمن اخرب،
مڪفوف محذوف‘ چئي سگهجي ٿو.
آخر
۾ سندس مشھور نوحي تي فني نظر ڌرجي ٿي:
·
غزل جي گهاڙيٽي ۾ نوحو
سيد صاحب، نوحي جي صنف ۾ به مختلف گهاڙيٽا ڪم آندا
آهن، جيئن سلام يا منقبت بابت مٿي ذڪر ڪري چڪا
آهيون، هتي سندس غزل جي گهاڙيٽي ۾ هڪ نوحو خيال
خاطر رکجي ٿو:
ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان،
ڪيئن ڏٺئه نيزن چڙھيا شاهن جا سر اي آسمان.
هي خدا جا قطب تارا عرش ڪرسيء جا جڙاء،
ھي رسول اللهﷺ جا شمس و قمر اي آسمان..
مرتضي مولا جا هي سر، ساهه ۽ تنھن نورِعين،
فاطمه زهره جا هي جان و جگر اي آسمان.
هن سرن کي نت نبي صلوات جا بخشيا ثواب،
تن جي پارت ڪيائين با جن و بشر اي آسمان.
جڏ علي اصغر ڏٺئه ٿي تير سان رت ۾ ٻڏل،
ڇو نه ان جي تير جو تون ٿئين سپر اي آسمان.
جڏ ڏٺئه عباس پياسن ڪاڻ پاڻيءَ تي ڪٺو،
توکي رئڻو هو جو تو ۾ هو ڪڪر اي آسمان.
منھن ڏٺئه اڪبر جو هو ساڳيو مثال مصطفى،
ڪيئن ڏٺئه نيزي مٿان ٿي رت ۾ تر اي آسمان.
سر حسين ابن علي هو سڀ جي اڳيان نيزي سر،
ڀر سندس ۾ ڀائيٽا ۽ سڀ جگر اي آسمان.
عابدين واڳون ورائي هيءُ وطن هو رڻ دفن،
’ثابت‘ ان جي در گدا شام و سحر اي آسمان.
(ثابت، 2017: 128- 129)
·
هن غزل جي گهاڙيٽي ۾ پيش ڪيل مرثيي کي سلام به
ڪوٺيو ويو آهي، پر منھنجي ناقص خيال موجب ان کي
نوحو چئجي ته مناسب رهندو. هيءُ نوحو ’صنعت
مبالغي‘ جو اعلى مثال آهي. جنھن ۾ آسمان سان مخاطب
ٿجي ٿو. هيءُ نوحو، غزل جي گهاڙيٽي تي بيھاريل
آهي. هن نوحي جا ڪل ڇويھه بند آهن، جنھن مان صرف
نوَ بند رکيا ويا آهن.
·
هيءُ نوحو، ’بحر رمل‘ ۾ چيل آهي، جنھن جا وزن
’فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلاتن- فاعلُن‘ آهي. اها
وزنن جي بيھڪ، سيد صاحب جي سلامن، منقبتن يا مرثين
۾ جهجهي ملي ٿي. جيئن ته وزن ٻن سٽرن جا ڳڻيا
ويندا آهن، ان سبب هڪ سٽر ۾ چار ’فاعلاتن‘ جا وزن
ٿيندا. جڏهن هڪ سٽر ۾ فاعلاتن جا سالم وزن هوندا
ته ان کي ’سالم‘ سمجهبو، ليڪن هن سلام جو چوٿون ۽
اٺون وزن پورو ناهي، بلڪ هڪ ارڪان ’تُن‘ کٽل آهي،
يعني ’فاعلاتن‘ مان ’تُن‘ کي حَذف ڪبو ته ’فاعلا‘
بيھندو. جيئن ته ’فاعلا‘ وزنن جي لسٽ ۾ موجود ناهي،
ان ڪارڻ اهڙو وزن کڻبو، جيڪو ان سان ٺھڪي بيھي، ان
لاءِ ’فاعلا‘ کي ’فاعلُن‘ ڪري ڄاڻائبو. زحاف موجب
عمل ۾ آندل وزن کي ’محذوف‘ چئبو. يعني هن نوحي کي
علم عَروض موجب: ’بحر رمل مثمن، محذوف‘ ڪوٺبو.
نتيجو:
·
عروضي شاعريءَ جي صنفن ۾ مرثيه گوئيءَ جو ميدان
ٺاهڻ ۽ ان جي هڪ واقعي کي ننڍن واقعن ۾ آڻي بيان
ڪرڻ ڪافي مشڪل هوندو آهي. ان سبب هن مشڪل ۽ پيچيده
صنف تي تمام گهٽ شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.
·
سنڌي ادب ۾ علم عَروض ۾ مرثيه گوئيءَ جي حوالي سان
چند نالا آهن، ليڪن سيد ثابت علي شاهه جو نالو
مرثيه گوئيءَ سان سر فھرست رهيو آهي.
·
سيد ثابت علي شاهه غزل جو به بھترين شاعر هيو،
ليڪن هن پنھنجي لاءِ مرثيه گوئيءَ جو انتخاب ڪيو.
سندس مرثيه نگاريءَ جو گهاڙيٽو گهڻي قدر مسدس ۾
رهيو آهي ۽ علم عَروض جي لحاظ کان بحر رمل ۽ مضارع
گهڻو ڪم آندو اٿس.
·
سيد ثابت علي شاهه علم عَروض جو وڏو ڄاڻو هو، ان
لاءِ سندس شاعريءَ ۾ مختلف عروضي صنفن جو استعمال
ملي ٿو ۽ اُن ۾ هُن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن.
·
سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ کي بياض جي
لحاظ کان فردوسيءَ جي شاهنامي سان به تشبيھه ڏيئي
سگهجي ٿي، ليڪن فردوسيءَ جي شاعري مثنويءَ ۾ آهي،
جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاري،
مثنويءَ ۾ نه ٿي ملي.
·
سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ ۾ ’رباعي‘ نه
ٿي ملي، بلڪ ’مربع‘ جي صنف ڪم آندي اٿس.
·
حوالا/ ذريعا
·
محمد ابراهيم، شيخ، ڊاڪٽر (1936ع) رهنمائي شاعري،
ڀاڱو ٻيو. حيدرآباد: مسلم ادبي سوسائٽي.
·
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي (؟) مرثيه سنڌي، ڀاڱو
پھريون ۽ ٻيو. حيدرآباد: ميرن جا قبا هيرآباد.
·
علامه شبلي نعماني _ موازنه انيس و دبير _ ص: 11
·
جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2022ع)
درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم
پبليڪيشن.
·
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر (1978ع)
سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو. حيدرآباد: ماهوار
نئين زندگي حيدرآباد- ڊسمبر 1978ع- ص: 5
·
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي (2017ع)
چونڊ مرثيه- مرتب: زوار عبدالستار درس. حيدرآباد:
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي يادگار اڪيڊمي، ميرن جا
قبا.
·
صائب، عبدالقيوم (2003ع)
سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري. ٽنڊو ولي محمد
حيدرآباد: محفل شاهه نجف، روشن جو پڙ.
|