ايڊورڊ سعيد
يوسف سنڌي
سارتر
سان مُنهان مُنهن
هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن نامياري دانشور زان پال
سارتر جو نالو ماڻهن جي ذهنن مان نڪري چڪو هو.
1980ع ۾ سندس چالاڻي کان هڪدم پوءِ کيس بدنام
زمانه سويت روسي قيد خانن جي باري ۾ خاموشيءَ تي
تنقيد جو نشانو بنايو پي ويو. ان حد تائين جو سندس
انسان دوست وجوديت جو به ان ڪري مذاق اُڏايو پي
ويو ته اها اميد پرستي ۽ رضاڪاراڻن
(Voluntarism)
قدرن جي اعليٰ پد تائين پهچڻ جي صلاحيت نٿي رکي.
سارتر انهن نالي ماتر جديد فلاسافرن
(Nouveaux Philosopies)
جي لاءِ، جن جي مشهوري سندن سخت ڪميونزم مخالفت
واري هئي، مايوسيءَ جو باعث هو ۽ انهن پس ساختيات
۽ پس جديديت جي حامي مفڪرن جي لاءِ جيڪي هڪ خاص
ميڪانڪي قسم جي ڏکويل نرگسيت جو شڪار ٿي ويا هئا،
اهڙي نرگسيت جيڪا سارتر جي جمهورپرستي
(Populism)
۽ انهن جي ويڙهو عوامي سياست سان مڪمل طور تي
ٽڪراءُ ۾ هئي.
سارتر جي عظيم ڪم جو پکڙيل ڪئنواس هڪ ناول نويس،
ڊرامه نويس، مضمون نويس، سوانح نگار، فلسفي، سياسي
دانشور ۽ هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن وارو هو، پر اهو سڀ
ڪجهه ماڻهن کي ڏانهنس ڇڪڻ جي بدران کانئس پري رکڻ
جو سبب رهيو.
ڪو وقت اهڙو هو، جڏهن سارتر جي ڪم جا حوالا هر هنڌ
ڏنا ويندا هئا. پر وري اهڙو وقت به آيو جو لڳ ڀڳ
ويهن سالن تائين هُو سڀني کان گهٽ ذڪر هيٺ ۽
مطالعي هيٺ رهندڙ اديب رهيو. الجزائر ۽ ارجنٽائن
تي اٿندڙ سندس آواز به وساريو ويو هو. ساڳئي طرح
سڄي دنيا جي مظلومن جي حمايت، 1968 جي پئرس شاگردن
جي مظاهرن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ گڏوگڏ ادب ۾ سندس
ڪم جي. (هن ادب جو نوبيل انعام کٽيو ۽ پوءِ اهو نه
ورتو)، اهو سڀ ڪجهه به ماڻهن کي ياد نه رهيو هو. ۽
هو ادبي دنيا جي پيش منظر کان هٽي پس منظر ۾ هليو
ويو. رڳو اينگلو آمريڪن حلقا ئي سندس نالو کڻندا
هئا، جتي کيس هڪ فلسفيءَ طور تي سنجيدگيءَ سان
ورتو ئي نه ويو، رڳو هڪ ناول نگار ۽ سوانح نگار جي
حيثيت ڏني ويندي هئس، هڪ ڪميونسٽ مخالف طور کيس
’البرٽ ڪاميو‘ کان گهٽ حيثيت ڏني ويندي هئي، جيڪو
بهرحال سارتر کان گهڻو گهٽ درجي جو اديب هو.
پوءِ اوچتو حالتن ۾ ڦيرو آيو ۽ هڪدم سارتر جي
مقبوليت جي هڪ لهر اُٿي. سارتر تي ڪتاب پڌرا ٿيڻ
لڳا ۽ هُو هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جو موضوع بنجي ويو.
منهنجي نسل جي ماڻهن لاءِ سارتر ويهين صديءَ جي هڪ
عظيم دانشور جون دانشوراڻيون صلاحيتون، اسان جي
وقت جي هر ترقي پسند تحريڪ جي خدمت لاءِ وقف هيون،
ان هوندي به هُو ڪَمين ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کان
مٿانهون نظر نه آيو. پر سارتر ڄاڻي ٻُجهي ڪڏهن به
لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سندس بي پاڪ ۽ آزاد منش هئڻ
جي ڪري سندس لکڻيون دلچسپيءَ سان ڀرپور آهن.
هائو، هڪ چٽو ڌار مثال آهن، جيڪو هِتي بيان ڪرڻ
گهرندس. اهو مثال ويجهڙ ۾ ڇپجندڙ سارتر جي مصر جي
دوري جي رپورٽن ياد ڏياريو. اها هڪ ڄڻ ته وسريل
ياد آهي، پر پوءِ به هِتي اُن جو ذڪر دلچسپيءَ کان
خالي ڪونهي. اها جنوري 1979ع جي ڳالهه آهي. آءٌ
نيويارڪ ۾ هئس ۽ پنهنجو ليڪچر تيار ڪري رهيو هئس،
جو هڪ ٽيلي گرام اچي مليم.
”هن سال 13 ۽ 14 مارچ تي پئرس ۾
I.es Temps Moderness
پاران وچ اوڀر ۾ امن جي حوالي سان هڪ سئمينار
ڪوٺايو پيو وڃي، جنهن ۾ توکي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي،
مهرباني ڪري پنهنجي جواب کان واقف ڪندا.
پاران: ”سيمون ڊي بوار ۽ زان پال سارتر.“
پهرين ته مون کي هڪڙي قسم جي مشڪري لڳي ۽ان تار جي
سچائي ڄاڻڻ ۾ مون کي ٻه ڏينهن لڳي ويا. ۽ پوءِ ان
مختصر وقت ۾ مون غير مشروط طور اها دعوت قبولي
ورتي. (خاص ڪري، ان ڪري به ته سفر جو خرچ پکو
سارتر جي رسالي
Temps Modernes
پاران هو) هڪ هفتي کانپوءِ آءُ پئرس ڏانهن اُڏام
ڪري رهيو هئس.
سارتر جو اهو رسالو فرانسيسي ۽ يورپي ادب ۾، بلڪ
دنيا جي ادب ۾ به هڪ اهم ڪردار جو حامل آهي. سارتر
پنهنجي چوڌاري وڏا وڏا دماغ گڏ ڪيا هئا، جن مان ڪي
ته سندس نظرياتي مخالف پڻ هئا. انهن بهترين دماغن
۾ بووار، سندس نظرياتي مخالف، اهرون، مشهور فلسفي
مارس مريويونٽي، ۽ مائيڪل ليريس، قومن جي علمن يا
ماهر ۽ ماهر آفريقيات شامل هئا.
ان رسالي
l-es Tems Modernes
جو هر خاص نمبر هڪ ٿلهي شماري جي صورت ۾ ڇپجندو
هو، جنهن ۾ هر موضوع، ويندي 1967ع جي عرب اسرائيل
جنگ، بابت مواد ڇپجندو هو.
پئرس ۾ هوٽل پهچڻ تي سارتر ۽ بووار پاران هڪ مختصر
پر پُراسرار خط منهنجي لاءِ رکيو هو. ”سيڪيورٽي
خدشن سبب ملاقات مائيڪل خوڪالٽ جي رهائش گاهه تي
ٿيندي.“
خط سان گڏ مڪمل پتو به هو. ٻي ڏينهن صبح جو ’فوڪو‘
جي رهائش گاهه پهتس ته اتي ڪيترائي همراهه موجود
هئا. سارتر اڃا نه آيو هو. مون کي سيڪيورٽي خدشن
جو سبب ته معلوم ٿي نه سگهيو، پر ان جي ڪري فضا ۾
هڪ پُراسراريت طاري هئي. بووار اتي ئي موجود هئي.
کيس پنهنجي مخصوص پڳڙي ٻڌل هئي ۽ هوءَ اتي موجود
ماڻهن کي پنهنجي ايران جي سفر جو حال احوال ٻڌائي
رهي هئي، جيڪو هن ’ڪيٽ ميليٽ‘ سان گڏ ڪيو هو، جتي
هن چادر جي خلاف مظاهري جو پلان ترتيب ڏنو هو.
مون کي بووار جون ڳالهيون اجايون لڳيون. جيتوڻيڪ
آءٌ بووار جون ڳالهيون ٻڌڻ جو خواهشمند هئس، پر
مون کي محسوس ٿيو ته سندس ڳالهين ۾ پاڻ پڏائڻ
جهلڪي رهيو هو ۽ هوءَ ڪو به مخالف دليل ٻڌڻ جي
لاءِ تيار نه هئي. بهرحال، سارتر جي اچڻ کان اڳ
بووار اتان هلي ويئي ۽ پوءِ ٻيهر مون کيس نه ڏٺو.
فوڪوءَ به مون تي چٽو ڪري ڇڏيو ته جيئن ته کيس
ڪنهن تحقيق جي سلسلي ۾ وڃڻو هو، تنهنڪري هُو
سيمينار ۾ شرڪت ڪري نه سگهندو. اُتي اخبارن ۽
رسالن سان ڏٽيل ڪتابن جي ڪٻٽ ۾ مون کي پنهنجو ڪتاب
Begininge
ڏسي خوشي ٿي. جيتوڻيڪ مون ۽ فوڪوءَ چڱي موچاري بي
تڪلفيءَ واري انداز ۾ ڳالهيون ڪيون، پر گهڻي وقت
کانپوءِ مون تي اها ڳالهه لکي هو مون سان وچ اوڀر
جي باري ۾ ڳالهائڻ کان ڇو لنوائي رهيو هو.
ديديراير پيون ۽ جيمزمارني پنهنجي پنهنجي آتم
ڪهاڻين ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 1967ع ۾ فوڪو تيونس ۾
پڙهائيندو ۽ جون ۾ جنگ شروع ٿيندي ئي تيونس مان
هليو ويو هو. فوڪو تيونس ڇڏڻ جو سبب اسرائيل مخالف
هنگامن کي ٻڌايو هو، جيڪي عربن جي شڪست کانپوءِ
عرب ملڪن ۾ عام ٿي ويا هئا، پر 1990ع جي شروع ۾
فوڪو جي تيونس يونيورسٽيءَ جي هڪ ساٿي جي چوڻ موجب
فوڪوکي اتي هم جنس پرستيءَ وارين سرگرمين سبب بي
دخل ڪيو ويو هو. مون کي خبر ڪونهي ته ٻنهي مان
ڪهڙي ڪهاڻي سچي آهي. پئرس سيمينار وقت فوڪالٽ مون
کي ٻڌايو ته هو ويجهڙ ۾
Orriere della sera
جي خاص نمائندي جي حيثيت سان ايران ۾ مختصر قيام
ڪري آيو آهي. اهو ايران ۾ اسلامي انقلاب جي شروع
جو دور هو ۽ فوڪو چواڻي اهو سڀڪجهه گهڻو دلچسپ،
گهڻو عجيب ۽ ديوانگيءَ سان ڀرپور هو. هَن مون کي
اهو به ٻُڌايو هو ته شايد ايران ۾ هن پاڻ کي هڪ وگ
جي وسيلي لڪايو هو، پر سندس آرٽيڪل ڇپجڻ کانپوءِ
هن پاڻ کي ايران ۽ ان مان لاڳاپيل هر شئي کان
لاتعلق بنائي ورتو.
1980ع جي آخر ۾ فوڪوجي هڪ پراڻي دوست ’گلي ڊيليوز‘
کان خبر پئي ته هو فوڪو، فلسطين جي مسئلي تي پاڻ ۾
تڪرار ۾ پئجي ويا هئا. فوڪو اسرائيل جو حمايتي ۽
ڊيليوز فلسطين جو حمايتي هو.
فوڪو جي وڏي ۽ خوبصورت اپارٽمنٽ جي سڀني کان اهم
ڳالهه ان تي ٿيل نئون اڇو رنگ ۽ سادگي هئي. اهو ان
اڪيلي مفڪر جي ذوق جو آئينو هو. اتي فلسطين ۽
اسرائيلي يهودي موجود هئا. انهن مان منهنجا اڳ ۾
واقف ڪار هئا. ابراهيم ڪڪ تڏهن کان منهنجو سٺو
دوست بنجي ويو آهي. بيرزيت جو هڪ استاد نفض نزل،
جنهن کي آئون آمريڪا ۾ سراسري طور تي سڃاڻندو هئس
۽ عربيءَ جو ماهر هو، هن جو هڪ اعليٰ ماهر
اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس جو اڳوڻو چيف شوفت
حرڪابي هو، جنهن کي گولڊ اميئر نوڪري مان ڪڍي ڇڏي
هو، ڇو ته هن هڪ ڀيري ۽ غلطي سان آرميءَ کي الرٽ
ڪرائي ڇڏيو هو.
ٽي سال اڳ اسان ٻنهي ”اسٽنفورڊ سينٽر فار ايڊوانسڊ
اسٽيديز ۾
Behaviovral Science
جي شعبي ۾ گڏ هئاسين، پر پوءِ به اسان جو لاڳاپو
ويجهڙائپ وارو نه هو. پئرس ۾ ’حرڪابي‘ پنهنجي
پوزيشن تبديل ڪرڻ ۾ مصروف هو. هاڻ هُو اسرائيلي
حڪومت جو هڪ امن پسند نمائندو بنجي رهيو هو، جنهن
کي اڳتي هلي فلسطيني رياست جي قيام جي گهرج تي
کُلي ڳالهائڻو هو، ۽ سندس خط اسرائيل جي حوالي سان
اهو هڪ فائدو ڏيندڙ عمل هو.
باقي شرڪت ڪندڙ گهڻو ڪري اسرائيلي يا فرانسي يهودي
هئا، جن ۾ ڪٽر مذهبيءَ کان وٺي انتهائي غير مذهبي
سڀئي شامل هئا. جيتوڻيڪ هُو سڀ ڪنهن نه ڪنهن طور
تي صيهونيت يهونيت جا حامي هئا. انهن مان هڪ
همراهه ايلي بن گال جو سارتر سان ويجهڙ ۾ لاڳاپو
ٿي معلوم ٿيو. اسان کي ٻڌايو ويو ته ويجهتر ۾ ڪيل
سارتر جي اسرائيلي دوري ۾ هو سندس ’گائيڊ‘ هو.
نيٺ مقرر وقت کان گهڻي دير پوءِ اهو عظيم دانشور ۽
مفڪر ظاهر ٿيو. مون کي سندس پوڙهپڻ ۽ ڪمزوري ڏسي
گهڻو ڏک رسيو. مون کي ياد ٿو پوي ته هڪ چريائپ
جهڙي حرڪت طور مون فوڪو سان سندس تعارف ڪرايو. مون
کي اهو به ياد ٿو پوي ته سندس سار سنڀال ۽ خدمت
واسطي ڪجهه همراهه موجود هوندا هئا. سارتر مڪمل
طور تي انهن جي رحم ۽ ڪرم تي هو ۽ بدلي ۾ هنن به
سارتر کي پنهنجي زندگيءَ جو محور بنائي ورتو هو.
انهن مان هڪ سارتر جي پاليل/ گود ورتل ڌيءَ هئي.
جنهن جي ذمي سارتر جي ادبي ڪم جي سار سنڀال هئي.
مون کي ٻڌايو ويو ته ان جو نسلي طور تي لاڳاپو
الجزائر سان هو، هڪ ٻيو همراهه پيٽر وڪٽر نالي هو،
جيڪو اڳوڻو مائوسٽ هو ۽ هڪ بند ٿي ويل رسالي ۾
سارتر جو ڀائيوار پبلشر رهي چڪو هو. اهو همراهه
ڪٽر يهودي بڻجي چڪو هو. اڳتي هلي رسالي جي هڪ
ڪارڪن کان اهو ڄاڻي گهڻي حيرت ٿيم ته هو اصل ۾
مصري يهودي هو، جنهن کي بيني ليوي سڏيو ويندو هو،
جيڪو عادل رفعت (ني ليوي) جو ڀاءُ هو. ۽ هن هڪ
مصري مسلمان (جيڪو
Unesco
۾ ساڻس گڏ هو) سان گڏجي محمود حسينيءَ جي نالي سانLa
lutte des Classes on Egypt
نالي مشهور لکڻي تخليق ڪئي.
وڪٽر ڪنهن به طريقي سان مصري نظر نٿي آيو. هو کاٻي
ڌر جو دانشور نظر اچي رهيو هو، جيڪو اڌ فلسفي ۽ اڌ
باعمل ڪارڪن هو.
ٽين هڪ مائي، جنهن جو نالو ’هيلن وان بولو‘ هو، هڪ
ٽه ٻوليائي رسالي ۾ ڪم ڪندي هئي. ۽ سارتر جي ترجمي
ڪار هئي. جيتوڻيڪ سارتر جرمني ۾ رهي چڪو هو ۽ نه
رڳو هيڊيگر بلڪ فالڪنر تي ۽ ڊاس پاسوس تي لکي چڪو
هو، پر کيس نه ته جرمن زبان ٿي آئي ۽ نه ئي وري
انگريزي ڄاڻندو هو.
’وان بولو‘ هڪ رلڻي ملڻي ۽ نرم نازڪ مائي هئي.
سيمينار دوران هوءَ سارتر جي ويجهو رهي ۽ لڳاتار
سندس ڪن ۾ ’ترجمي‘ جا سرٻاٽ ڪندي رهي. ويانا کان
آيل هڪ فلسفي، جنهن رڳو عربي ۽ جرمني ٿي ڳالهائي،
باقي سڀني انگريزيءَ ۾ ڳالهايو.
سارتر ڇا سمجهي سگهيو، ان جي مون کي ته خبر ڪونهي،
پر مون سميت سڀني جي لاءِ اها ڳالهه مايوس ڪندڙ
هئي ته سيمينار جي پهرينءَ ڏينهن هو صفا خاموش
رهيو. سارتر جي ڪم جو مُرتب ’مائيڪل ڪوئناٽ‘ به
اتي موجود هو، پر ان بحث ۾ حصو نه ورتو.
هڪ فرانسيسي قسم جي مانجهاندي ۾ اسان شرڪت ڪئي،
جيڪو ٿورو پري هڪ هوٽل ۾ هو. عام حالت ۾ ان ۾ هڪ
ڪلاڪ لڳي ها، پر برسات جي ڪري ۽ مندوبين کي ٽئڪسين
۾ کڻي اچڻ جي ڪري اهو پُرتڪلف مانجهاندو ٽن ڪلاڪن
۾ وڃي پورو ٿيو.
تنهنڪري پهرينءَ ڏينهن اسان جي امن تي ڳالهه ٻولهه
مختصر رهي. مون ڏٺو ته موضوعن جي چونڊ ڪنهن سان به
صلاح سوليءَ کانسواءِ وڪٽر ئي ڪئي هئي. مون اهو به
محسوس ڪيو ته هن پاڻ کي ساقي به سمجهيو ٿي ته ساقي
گربه- سارتر سان سندس لاڳاپو ئي ڪجهه اهڙو
ويجهڙائپ وارو هو. ڪنهن ڪنهن مهل هنن پاڻ ۾ ڀُڻ
ڀُڻ ڪري ٿي ورتي) اسان کي هيٺين موضوعن تي
ڳالهائڻو هو:
1- مصر ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن ٺاهه جي اهميت (اهو
ڪئمپ ڊيوڊ ٺاهه جو زمانو هو.)
2- عربن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن.
3- مستقل ۾ عرب- اسرائيل باهمي بقا جو بنيادي
سوال.
ڪوبه عرب نمائندو ان ايجنڊا کان خوش نه هو. مون کي
لڳو ته هُو ڄاڻي واڻي مڪمل طور تي فلسطيني مسئلي
کان لنوائي رهيا آهن. اهڙي سيٽ اَپ تي دڪڪ وڏو
بيزار نظر آيو ۽ تنهنڪري هُو پهرينءَ ئي ڏينهن
سيمينار ڇڏي هليو ويو. گذريل ڏينهن مون کي خبر پئي
ته اُن سيمينار جي باري ۾ اڳواٽ گهڻو ڪجهه طئي ٿيل
هو. ۽ اهو به عرب نمائندن جي شرڪت جي حوالي سان به
چڱي موچاري مصلحت کان ڪم ورتو ويو هو. مون کي اهو
ڄاڻي ڏک ٿيو ته ان معاملي ۾ مون سان ڪنهن قسم جي
صلاح سولي نه ڪئي ويئي هئي. شايد آءٌ اڃا ٻار
سمجهيو ٿي ويس ۽ مون کي فقط سارتر سان ملڻ جو شوق
پئرس ڇڪي وٺي آيو هو. سيمينار ۾ ’اليانوبل‘ جي
شرڪت جي به ڳالهه ٿي هئي، پر ٻين مصري دانشورن
وانگر هُو به ڪٿي نظر نه آيو.
اسان جا ڪيل سڀئي بحث ۽ مباحثا رڪارڊ ڪيا ويا هئا،
جيڪي پوءِ
Les Tamps Modernes
جي سيپٽمبر 1979ع جي خاص شماري جو حصو بنيا. آءٌ
ان سڄي معاملي کان مطمئن نه هئس. اسان جي ڳالهه
ٻولهه گهڻو ڪري رٽيل موضوعن تي رهي.
بووار سان گڏجي به مون کي گهڻي مايوسي ٿي. هن
اسلام ۽ پردي جي باري ۾ هڪ خاص نقطه نظر اختيار
ڪري رکيو هو. جنهن جي باري ۾ هوءَ بڙبڙائيندي اُٿي
هلي ويئي هئي. پهرين ته مون کي سندس غير حاضريءَ
تي ڪو افسوس نه ٿيو، پر پوءِ مون سوچيو ته شايد
سندس موجودگيءَ ۾ ڪو گرما گرم بحث ٿي وڃي ها.
سڀ کان عجيب ڳالهه سارتر جي غير متاثر ڪندڙ ۽
مُبهم موجودگي هئي. سارتر ڪلاڪن تائين خاموش رهيو.
مانجهاندي دوران هُو منهنجي سامهون ويٺو هو، ۽
انتهائي مفلوج اُداسي ۽ خاموشي جو شڪار نظر اچي
رهيو هو. ماني جا گِرهه سندس وات مان ڪري رهيا
هئا. مون کي ساڻس ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ ۾ ناڪامي
ٿي. مون کي اها خبر پئجي نه سگهي ته هُو ڪنن کان
ٻوڙو هويا نه. بهرحال هُو مون کي روايتي فقير منش
سارتر جو ڀوت لڳو.
انهن ڏينهن آءٌ فلسطيني سياست ۾ گهڻو سرگرم هئس.
1977ع ۾ مون ’نيشنل ڪونسل‘ جي ميمبر شپ اختيار ڪئي
هئي، ۽ بيروت ۾ پنهنجي امڙ مان ملاقات واري عرصي ۾
(اهو لبناني گهرو ويڙهه جو زمانو هو) آءٌ لڳاتار
ياسر عرفات ۽ ٻين ذڪر جوڳن اڳواڻن سان ملندو رهيس،
مون سوچيو ته اسرائيل مخالف زماني ۾ سارتر فلسطين
جي حق ۾ بيان ڏيڻ تي راضي ڪرڻ هڪ وڏي ڪاميابي
ٿيندي.
ان سڄي عرصي ۾ مون کي سارتر جي واڳ وڪٽر جي هٿ ۾
نظر آئي ٻيئي نه رڳو هڪ ٻئي سان ڀُڻ ڀُڻ ڪندا ٿي
رهيا، پر ڪنهن ڪنهن مهل وڪٽر لڙکرائيندڙ سارتر کي
هڪ پاسي وٺي وڃي تيز تيز لفظن ۾ ڪجهه چيو ٿي ۽
پوءِ ٻيهر موٽي ٿي آيا. ان دوران سيمينار ۾ شرڪت
ڪندڙ هر ڪو پنهنجي ٻولي ٻولڻ جي ڪوششن ڪري رهيو
هو. گڏجاڻيءَ جو اصل مقصد اسرائيلي مفادن جو بچاءَ
هو، نه ڪي عرب يا فلسطيني مفادن جو ڪيترائي ڀيرا
منهنجي سامهون، ڪيترن ئي عربن. ڪيترن ئي اهم
دانشورن کي پنهنجي مقصد ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، ان اُميد تي ته شايد آرنلڊ ٽوائن به يا مان
مڪ برائيڊ جهڙو ڪو ٻيو مفڪر سامهون اچي. ڪجهه
دانشور راغب به ٿيا، مون کي سارتر کي راغب ڪرڻ
ائين به مناسب ٿي لڳو ته مون کي الجزائر جي مسئلي
تي سندس آواز اُٿارڻ ياد هو ۽ هڪ فرانسيسي جي لاءِ
اها ڳالهه اسرائيل تي آواز اُٿارڻ کان وڌيڪ ڏکي
هئي، پر مون شايد سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي هئي.
ان سڄي بي مقصد مذاڪري جي دوران مون کي بار بار
اهو خيال ايندو رهيو ته آءُ ته هتي سارتر کي ٻڌڻ
آيو هئس، نه ڪي هنن همراهن جي بي مقصد گفتگو.
تنهنڪري شام جو مون مداخلت ڪندي گهڻو زور ڀريندي
چيو ته اسان کي سارتر کان به ڪجهه ٻُڌڻ گهرجي. ان
تي سڀ همراه فڪرمند ٿي ويا، سيمينار هڪدم ملتوي
ڪيو ويو ۽ پاڻ ۾ صلاح مصلحت شروع ٿي ويئي.
ان مهل مون کي اها ڳالهه ڏاڍي کل جهڙي ۽ رحم جوڳي
لڳي رهي هُئي، جڏهن ته ان سڄي معاملي کان سارتر
صفا لاتعلق بڻيو ويٺو رهيو. نيٺ پيٽر وڪٽر سڀني کي
گڏ ڪيو ۽ رومن سينيٽرن جهڙي ڳنڀير لهجي ۾ اعلان
ڪيو ته سارتر سڀاڻي خطاب ڪندو.
ٻي ڏينهن سارتر اسان کي ٻن صفحن جي ٽائپ ٿيل
پنهنجي تقرير پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ هن نهايت روايتي
۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ انور سادات جي حوصلي کي
واکاڻيو هو. مون کي ياد نٿو پوي ته هن فلسطينين،
سندن ذهن ۽ انهن سان زيادتين جي باري ۾ ڪهڙا لفظ
چيا. پر اهو ياد اٿم ته هن اسرائيلي بيٺڪي نظام
ڏانهن ڪو به اشارو نه ڪيو، جيڪو ڪيترن ئي حوالن
سان الجزائر فرانس جي مداخلت سان ملندڙ جلندڙ هو.
سندس تقرير هڪ اخباري رپوٽ کان وڌيڪ اهم نه پي
لڳي. پڪ سان اها تقرير وڪٽر لکي هوندي، جنهن جي هٿ
۾ سندس واڳ هئي. مون کي اهو ڄاڻي افسوس ٿيو ته اهو
عظيم دانشور پنهنجي آخري وقت ۾ وڪٽر جهڙي رجعت
پسند مالڪ جي رحم ۽ ڪرم تي هو. مظلومن جي حقن جو
اڳوڻو هيرو اڄ فلسطينين جي حقن جي لاءِ هڪ اخباري
بيان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو. سارتر باقي
سمورو وقت چپ رهيو ۽ حالتون جيئن جو تيئن ٿي ويون.
ان مهل مون کي سارتر جي باري ۾ هڪ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي
ياد آئي، جنهن ۾ ويهه سال اڳ سارتر روم جو سفر ڪيو
هو فانان مان ملڻ جي لاءِ (جيڪو ان وقت رت جي
سرطان ۾ مبتلا هو) ۽ هن فانان کي لڳاتار سورهن
ڪلاڪ الجزائر جي مسئلي تي ليڪچر ڏنو هو. هاڻ اهو
سارتر هميشه جي لاءِ گم ٿي ويو هو.
سيمينار جا تفصيل ڪاٽ ڪوٽ ڪري، انهن کي وڌيڪ بي
ضرر ڪري ڇاپيو ويو هو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته
ائين ڇو ڪيو ويو هو.
leS Tamps Modern
جو اهو شمارو اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي، پر ان
جي ڪجهه حصن کانسواءِ مون اهو ٻيهر پڙهڻ جي قابل
نه سمجهيو. هڪ لحاظ کان منهنجو سارتر سان پئرس وڃي
ملڻ، ائين هو جيئن سندس مصري دانشورن سان مصر وڃي
ملڻ. ٻنهي جا نتيجا هڪجهڙا مايوس ڪندڙ هئا.
جيتوڻيڪ منهنجي ۽ سارتر جي وچ ۾ پيٽر وڪٽر جهڙي
همراهه جو پردو موجود هو.
هڪ ٻي ڳالهه:
ڪجهه هفتا اڳ مون کي فرانسيسي ٽي.وي تي
Bouillon de cutture
نالي بحث مباحثي جو هڪ پروگرام ڏسڻ جو موقعو مليو.
اهو پروگرام سارتر جي وفات کانپوءِ سندس وڃايل
مقبوليت ۽ سندس سياسي غلطين تي ٿيندڙ تنقيد جي
باري ۾ هو. برنارڊ هينري جيڪو عقل ۽ ڏاهپ ۽ سياسي
سُڌ ٻڌ جي حوالي سان سارتر جو ضد هو، سارتر تي
پنهنجي پاران ڏاڍي مستند انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو.
برنارڊ ليويءَ جي خيال ۾ سارتر ايترو خراب ماڻهو
نه هو ۽ سندس گهڻن قدمن جي واکاڻ ڪئي ويندي هئي،
جهڙوڪ: (ليوي چيو) سارتر جو اسرائيل جي باري ۾
موقف سدائين هاڪاري رهيو. هُو سدائين پنهنجي موقف
تي قائم رهيو ۽ اسرائيلي رياست جي قيام جو آخري
ساهه تائين حمايتي رهيو. ان جي سبب جي ته مون کي
خبر ڪونهي، پر اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته هو
صيهونيت جو سدائين هڪ بنياد پرست حامي رهيو. ٿي
سگهي ٿو ته هُو اسرائيل جي مخالت ڪرڻ کان
گهٻرائيندو هجي يا ’هولوڪاسٽ‘ جي باري ۾ احساس جرم
جو شڪار هو. يا وري اسرائيلي ظلمن جو شڪار فلسطينن
جي لڙائي کي واکاڻڻ نٿي گهريائين.... خدا ٿو ڄاڻي.
مون کي ته بس ايتري خبر آهي ته هو پنهنجي پوڙهپڻ ۾
به ائين ئي رهيو، جيئن هُو پنهنجي جواني ۾ هو.
يعني (هر غير الجزائري) عرب جي لاءِ مايوسيءَ جو
سبب.
سارتر جي ڀيٽ ۾ يقينن برٽرينڊ رسل گهڻو بهتر هو،
جنهن پنهنجي آخري عمر ۾ عرب مخالف اسرائيلي
پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. خبر ڪونهي ته بزرگ
همراهه نوجوانن جي خراب عملن جي اڳيان هٿيار ڇو
ڦِٽا ڪري ڇڏيندا آهن، يا ڪنهن غلط سياسي عقيدي جي
گهيري ۾ ڇو اچي ويندا آهن؟ سارتر کي ڪڏهن، عربن جي
موقف جي حمايت جي توفيق نه ٿي. شايد، مذهبي، شايد
ثقافتي طور تي، اُن معاملي ۾ سارتر پنهنجي محبوب
دوست ’زان جنبي‘ جي بنهه ابتڙ هو، جنهن فلسطينن
مان يڪجهتي جي اظهار جي ثبوت ۾ باقاعدا ساڻن رهي
وقت گذاريو ۽
Le captife amooure quatre Heures et chatita
جهڙا شاندار شاهڪار تخليق ڪيا. اسان جي پئرس جي ان
مختصر ۽ مايوس ڪندڙ ملاقات کان هڪ سال پوءِ سارتر
گذاري ويو. مون کي اڄ، سندس وفات تي ٿيل ڏک ياد
آهي.
نعيم الزمان ميمڻ
دبئي
ساري ڄمار جنھن رکيو آباد مئڪدو ،
ان رند جي ڏسون ته خبر ڪير ٿو لھي .
منهنجو پيارو والد
قمرالزمان ’قمر‘ مورائي ميمڻ
محبت، شفقت ۽ بااختياريءَ جو ورثو
ھيءَ دنيا ڪيترن ئي خوبصورت ۽ صالح انسانن سان ڀريل نظر
اچي ٿي، جن پنھنجي زندگيءَ کي نھايت، محنت
۽ مشڪل حالات ۾ گذاريو، ليڪن انھن جو حوصلو ۽ ھمٿ
ڪڏھن به جواب ناهي ڏنو. مان اڄ اوھان سان تعارف ڪرائڻ چاھيان ٿو
ان عظيم انسان جو جنھن پنھنجي محنت،
سچي لگن ۽ جذبي تحت ھڪ مثالي پيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، مان ذڪر ڪيان ٿو مرحوم قمرالزمان
”قمر“ مورائي،
جنهن جو جنم 12 جولاءِ 1944ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر
موري ۾ ٿيو.
جيڪو نه فقط منھنجو والد ھو، پر ھن اسان ڀائرن ۽
ڀينرن کي بھتر زندگيءَ گذارڻ جا رھنما اصول پڻ
سمجھايا.
جڏھن ته ربّ پاڪ کيس ڏھن ٻارن جي اولاد سان نوازيو ھو، ليڪن ڪڏھن به پٽ
۽ ڌيئرن ۾ فرق محسوس ٿيڻ نه ڏنائين، جھڙي طرح پٽن جي تعليم ۽ تربيت
جو خيال رکيائين ۽ انھن کي پروفيشنل ڪيريئر مليو
اھڙي طرح ڌيئرن کي پڻ اڳتي وڌائڻ ۾ بھتر ڪردار ادا
ڪيائون.
پاڻ زندگيءَ
۾ ڪافي محنت ڪيائون آخر ۾ اين.اي.ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان ڊپٽي رجسٽرار جي عھدي تان رٽائر ٿيا.
سندس زندگيءَ جو ڳچ عرصو فلاحي ڪمن ۾ پڻ گذريو، گڏوگڏ سگا جھڙي
سماج سڌارڪ
تنظيم سان پڻ سلهاڙيل رھيو، وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته
پنھنجي جنم ڀومي واري شھر موري ۾ پاڻ ننڍي ھوندي
کان ادبي محفلن ۾ وقت گذاريندا ھئا ۽
بزمِ طالب الموليٰ جو متحرڪ ميمبر هو. پاڻ هميشه
عوام جي خدمت واري جذبي سان سرشار رھيا، کين پنھنجي
اباڻي شھر موري سان
سڪ مڙئي سوائي ھوندي ھئي، ڪڏھن ڪڏھن موري شھر جي
ذڪر نڪرڻ تي سندس اکين مان نير وھڻ شروع ٿي ويندا
هئا، حساس طبيعت ۽ روح ۾ رحم رکندڙ انسانن جو عمل
اھڙو ئي ھوندو آھي.
پاڻ جنھن وقت سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندا ھئا ته ڪيترن ئي پنھنجن
۽ پروان جي دل و جان سان خدمت ڪيائون،
جنھن ۾ وارڊ ۾ داخلائون، دوائون ۽ مريضن سان گڏ
ايندڙ ماڻهن جي پڻ پرگھور لھندا ھئا.
ڪجھ انسانن جي زندگي ڊائريءَ جي ورقن مثل
ھوندي آھي، جيڪي پنھنجي محنت اخلاق ۽
ڪردار سان سماج ۾ نالو پيدا ڪندا آهن انھن بھتر
اوصافن وارن انسانن ۾ اسان جي والد صاحب جو شمار
پڻ ٿئي ٿو، جنھن جي زندگي دنيا جي لاھڻ ۽ چاڙھن
سان ڀريل نظر اچي ٿي، جنھن پنھنجي ھمٿ ۽ جدوجهد
سان سماج ۾ اھو مقام حاصل ڪيو، جيڪي گھٽ ماڻھن جي
نصيب ۾ اچي ٿو، اسان
والد صاحب کي ھميشه
دل
۽
دسترخوان
جي
حوالي سان ڪشادو ڏٺو، سندس اھڙو رويو
دوستن کان علاوه مائٽن سان پڻ رھيو.
سندس تعلق ڪيترن ئي ادبي، سماجي ادارن سان
رھيو ۽ ڪن ۾ پاڻ متحرڪ ڪردار پڻ ادا ڪيائون. پاڻ
پنھنجي محنت، جدوجهد ۽ ڪردار سبب اين.اي.ڊي يونيورسٽيءَ ۾ ڊپٽي رجسٽرار جي عھدي تي پھتو، جتان 2004ع ۾ رٽائر ٿيا،
پاڻ زندگيءَ جون 79 بھارون ڏٺائون،
03 فيبروري 2023ع
دارالفنا کي ڇڏي دارالبقا ڏانھن راھي ٿيا.
موري جي ذڪر تي نھايت جذباتي ٿي ويندو ھو
، سندس موري سان محبت ۽ اڪير ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ
وٽان ھوندي ھئي.
پاڻ پنھنجي زندگيءَ ۾ پنھنجي ڀينرن،
ڀائرن، مائٽن ۽ دوستن جي دل و جان سان
خدمت ۽ رھنمائي ڪيائين، ان کان علاوه
اولاد پُٽن
توڙي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ۽
کين بھتر سماج جو فرد بنائڻ ۾ توانايون استعمال
ڪيائين. جنھن جو ثمر آهي ته سندس پٽ ۽ نياڻيون،
ڀائر ۽ ڀيڻون
ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾
پنھنجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ مصروف عمل
آهن.
هڪ اهڙي دنيا ۾ جيڪا اڪثر ڇانوَ ۾ ڍڪيل
هوندي آهي، هڪ زندگيءَ جي ڪهاڻي سامهون ايندي آهي، جيڪا هڪ روشن ستاري وانگر پکڙجي ويندي آهي،
محترم
قمرالزمان
ميمڻ جي ڪهاڻي، هڪ اهڙي شخص جي، جنهن جي سفر ۾
پيار، شفقت ۽ بااختياريءَ جو جوهر سمايل هو. جيئن
ته اسان هن غير معمولي روح کي ياد ڪرڻ ۽ عزت ڪرڻ
لاء گڏ
ٿيون ٿا، اسان هن جي ڪردار جي کوٽائيءَ ذريعي هڪ دلي سفر شروع ڪريون ٿا، هڪ اهڙو ڪردار جيڪو اسان جي زندگين تي هڪ
انمول نشان ڇڏي ويو.
اسان جي والد صاحب جا زندگيءَ جا قائم ٿيل هيءُ
اصول اسان لاءِ درس جي حيثيت رکن ٿا.
سختيءَ جي حالت ۾ طاقت پيدا ڪرڻ:
منهنجي والد
قمرالزمان
ميمڻ جي زندگيءَ اندر طاقت جو ثبوت آهي. هن زندگيءَ جي طوفانن کي بيحد جرئت
سان منهن ڏنو، اسان کي ياد ڏياري ٿو ته حقيقي لچڪ
زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آزمائشي طوفانن جي ذريعي
پوکي ويندي آهي. جڏهن هن جي چوڌاري دنيا لرزندي
هئي، هو بيٺو هو، عزم جي هڪ روشني جيڪا اسان جي
اونداهين دؤر ۾ رهنمائي ڪئي.
شفقت جيڪا اسان کي پابند ڪري ٿي
تنهن هوندي به،
قمرالزمان
ميمڻ جو ورثو ذاتي طاقت کان وڌيڪ آهي، اهو شفقت جو ورثو آهي جيڪو هڪ رهنمائيءَ جي روشنيءَ وانگر چمڪي ٿو. هن جي دل هڪ کليل حرم هئي، ۽ هن جي سخاوت جي
ڪا حد نه هئي. هن جي مهرباني مادي شين تائين محدود
نه هئي. اها سندس روح جي حقيقي واڌ هئي. هن اسان
کي ياد ڏياريو ته شفقت سرحدون پار ڪري ٿي، ۽ ان جو
اثر تمام زخمي روحن کي به شفا ڏيڻ جي طاقت آهي.
بااختيارگي: روشنيءَ
جو هڪ
پيڪر:
بهرحال،
سندس وراثت جو بنيادي سبب سندس بااختيار بڻائڻ جي عزم ۾ آهي- هڪ
اهڙو فلسفو،
جيڪو زندگين کي روشن ڪري ۽ حدن کي ختم ڪري ٿو. هن
پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي اندر جي غير فعال صلاحيت
کي تسليم ڪيو، ان کي غير يقيني عقيدت سان پرورش
ڪيو. هن جي بااختيارگي صرف حوصلا
افزائي نه هئي؛ اهو ئي ڪيٽيلسٽ هو جنهن کين سندن
امنگن ڏانهن ڌڪيو، سندن خود دريافت جي سفر کي تيز
ڪيو.
آزاديءَ
جو تحفو:
هن
هڪ عظيم تحفو ڏنو هو آزادي جو تحفو - خواب ڏسڻ جي
آزادي، حاصل ڪرڻ، انهن جي شرطن تي زندگي گذارڻ جي
آزادي. هن جي بيحد حمايت ۽ سندس ڌيئرن ۽ ڀينرن جي
صلاحيتن ۾ يقين سماجي ريتن رسمن کان بالاتر ٿي
ويو. هن انهن کي بااختيار بڻايو ته اهي روايتي
اميدن جي زنجيرن کان آزاد ٿي وڃن، انهن کي نئين
بلندين ڏانهن وڌڻ جي اجازت ڏني.
هڪ سفر جو تعين:
جيئن اسين هن جي غير موجودگيءَ جي اڻ ڄاتل
پاڻيءَ تي چڙهائي ڪريون ٿا، تيئن اسين هن جي پويان
ڇڏيل خلا جي شدت سان وڙهندا رهون ٿا. منهنجي پيءُ
قمرالزمان
ميمڻ جي پنهنجي زندگيءَ جي هر پهلو- خاندان، ڪم،
بااختياريءَ لاءِ وقف هڪ اهڙو پاڇو آهي، جيڪو سندس
اثر جي گهرائي کي ياد ڏياريندو آهي. هن جو عزم
لازوال هو، هڪ روشني اسان جي زندگيءَ
جي غيريقيني صورتحال جي
ڌنڌ
ذريعي رهنمائي ڪندي.
شڪرگذاريءَ
جي ابدي دعا:
جيئن اسان پنهنجن خيالن، جذبن ۽ ياداشتن
کي گڏ ڪريون ٿا، اچو ته هڪ اجتماعي دعا ڪريون- هڪ
دعا ته هن جو سفر هن دنيا کان ٻاهر اعليٰ انعامن
سان نوازيو وڃي. الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوار رحمت
۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا
فرمائي، جيڪو هڪ اهڙي روح جي لائق آهي، جيڪو
پنهنجي ڌرتيءَ جي سفر ۾ محبت، شفقت ۽ سگهه پکيڙي
ٿو. آمين
محبت، شفقت، ۽ بااختيارگي جو هڪ ورثو جاري آهي:
يادگيرين جي انهن لمحن ۾، اسان ان ڄاڻ ۾
اطمينان حاصل ڪريون ٿا ته منهنجي پيءُ
جي ورثي تي زنده آهي. هن جي شفقت جون ڪهاڻيون، هن
جي بااختيارگيءَ جا سبق، هن جي وقف جا مثال، اهي اسان جي اجتماعي يادگيريءَ تي نقش ٿيل آهن، انهن سفرن لاءِ هڪ
رهنمائي ڪندڙ
ڪمپاس
جيڪي اسان جاري رکون ٿا. جيئن اسين سندس يادگيريءَ
جو احترام ڪريون، اچو ته هن مشعل کي روشن ڪريون،
جنهن کي هن پيار، شفقت ۽ بااختياريءَ سان ٻين جي
زندگين کي روشن ڪيو.
هن خراج تحسين ۾، اسان هڪ اهڙي زندگيءَ جو جشن ملهائي رهيا آهيون جنهن اسان کي
تمام گهڻو متاثر ڪيو،
هڪ زندگي جنهن اسان کي لچڪ جي طاقت، شفقت جي
خوبصورتي، ۽ بااختيارگيءَ جي اهميت ڏيکاري. جيئن ته اسان پنهنجي انفرادي رستن تي هلون
ٿا، اچو ته
سندس
ورثي مان
اتساهه
حاصل ڪريون هڪ اهڙو
ورثو جيڪو هميشه لاءِ زندگي جي وسيع سمنڊ ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندو.
انشاءالله اسان سندس نقش قدم تي ھلڻ جي
ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته جيئن
سندن
نالو زنده رھي.
مان رب پاڪ جي بارگاه ۾
پنھنجي والد صاحب جي مغفرت لاءِ دعاگو
آهيان، رب پاڪ سندس اڳيون منزلون آسان فرمائيندو.
|