سحر رضوي
ڄام شورو
نظم
هيءَ رات جا نَچي پئي،
بس نِينهَن جو پُڇي پئي.
تارن جو ڍير ميڙي،
ڄڻ ڇير ڪا ٻَڌي پئي.
هيءُ پنڌ جو پيا ڪن،
سي پير ٿي پوان مان.
ماپي مٽي سڄيءَ کي،
مون تانگهه توري آهي.
ڌرتي سڄي او دلبر،
آهي درد ۾ ٻُڏي وئي.
تنهن ۾ ڪو تارو ايندو،
دارون دوا ڪو ٿيندو.
سانجهي ڪا سُرت منهنجي
تنهنجي سوچ کي ڏُهي پئي،
هيءُ وقت جو ونگيل آ.
ڄڻ نانگ جو ڏنگيل آ.
سو ته ڄڻ زهر ٿي پيان مان،
ڪهڙو ٿي هيءُ جيئان مان.
دلبر دريا منهنجو،
جنهن جو وهڪرو کسي ويا.
سوني مٽي سڄي هئي،
جا وهڪري ورائي.
اسان کي اوڳاڇي ڏني،
سا سم جا ڳهي وئي.
مون کي ته بس ڪُهي وئي،
تهذيب جي تباهي.
تاريخيءَ جي هيءَ ڦاهي،
تنهن ڦرهي مون کي پڙهائي.
سا درد جي ڄڻ وائي،
هر پهر آهي ڳائي.
سو پيچرو پُڇي پيو،
هيءُ پنڌ جو روئي پيو.
توکي مون کي او مٺڙا،
هيءُ وقت ڄڻ سڏي پيو.
شبنم گل
حيدرآباد
روح جي بند دريءَ کان ٻاهر
روح جي بند دريءَ کان ٻاهر
گهڻو ڪجهه آهـــــــي ڏســـــــڻ
۽ محسوس ڪرڻ لاءِ
جـــــــي تـــــــون چاهيـــــــن ته
تنهنجي هڪ مُرڪ سان
ڪائنـــــــات هـــــــيءَ ســـــــاري
مُرڪي ســـــــگهي ٿي.
نـــــــراشـــــــا جـــــــي زنجير کي
ٽوڙڻ لاءِ بس رڳو
آٿت جي روشن چاٻي ٿي گهرجي
۽ جي تـــــــون چاهين ته
رستن جـــــــي ڌوڙ جي پريان
منزل جي آسمـــــــان تي
انڊلٺ جهڙو ڪـــــــو رستو
نڪري سگهـــــــي ٿو.
بک، ڏاڍ، مـــــــوت ۽ ڏک
جيون جـــــــي حقيقتن جا
اڻ وڻندڙ پيچرا آهن سارا
نـــــــه چاهيندي به جـــــــن تي
هلـــــــڻو پـــــــوي ٿـــــــو
درد جا درمان هٿ ڏيئي
ويندا رهن ٿـــــــا ســـــــڀ چارا
پر پوءِ به جيئڻو ته آهي
انڪري اچ ته پنهنجي پيار سهاري
درد جي سائبان هيٺان
بس هلندا ئـــــــي رهـــــــون
مرڪ جي جام هر قسم وساري
بـــــــس جيئندا ئـــــــي رهون!
روبينه ابڙو
لاڙڪاڻو
بيت
گُهلي ڏکڻ واءُ، جُهومي جُهومڪ ڪَنَ جو،
ساڳي رات وِصالَ جي، ساڳيو تنهنجو ساءُ،
ساڳيو چَنڊَ اُهاءُ، ساڳي تنهنجي آرزُو.
تولئه
ئي آهي ڄَڻيو، مون کي منهنجي ماءُ،
تون ئي سَڏَ ۾ گَڏُ ۽، پيارَ ڀَريو پڙلاءُ،
تون ئي منهنجو اولڙو، تون ئي اَکِ اُهاءُ،
آءُ چُمِي تون چاءُ، منهنجو پهريون پِريتڻو.
ڪٿان آئين ائن هَلي، منهنجي تون ڦُلواڙ ۾!
تولئه
تَنَ جي تُوتَ جي، ٽاري مون ته جَهلي،
مون ۾ مهڪي مُندَ جي، سُرخُ، سُفيدُ ڪَلي،
ڪنھن سان ڪين سَلي، بات بَسنتي جسم جي.
هڪڙي ماٽِي مَڌُ جي، هڪڙو اڌُ گلاسُ،
پاڻ انگوريءَ رَسُ مان، جُڙي ٿياسين راسُ،
مهڪيو پُورنماسُ، پاڻَ ٻنهي ۾ پيارَ جو.
ٽاريءَ جيئن ٽِڙي پيس، بُوندون ٿيون برسن،
قطرو قطرو ٿو ٽِمي، منهنجو هي جوڀن،
ٻِيڙا ٿا ٻَهڪن، تولئه ڇاتيءَ پوشَ جا.
ڳاڙهو، لالُ لباسُ، سانجھيءَ اوڍيو اُڀَ تي،
مون پڻ اهڙو پَهريو، چولو چندنَ واسُ،
کُهنبو خوابُ، خيالُ ۽، کُهنبو آ وشواسُ،
جوڀن مَڌُ گلاسُ، تو لئہ ڇُلڪيو ٿو پوي.
لِڪي آيس لوڪَ کان، ڇِڪي ڇاتيءَ لاءِ،
تون ڀي منهنجي موھَ لئه،
وِتري وِکَ وَڌاءِ،
هينئڙي ساڻِ هَنڊاءِ، منهنجي ساري ڪامنا.
جسمن جي درياھ ۾،
ساري رات تَروُن،
هيجَ منجهان ويرون وَرَن، هڪٻئي ڏانهن وَروُن،
آءُ ته پاڻ مَروُن، پنهنجيءَ اُڃ اُساٽ ۾.
نَڪَ ۾ نَٿَ سُهاڳَ جي، ٻانهُنِ ۾ ٻانهِين،
تون ئي ڪُنواري خُوابَ جي، اکڙين ۾ آهين،
شال سدا چاهين، مونکي پهرينءَ راتِ جيئن.
آئي ڀنيءَ ويل جو، هنڌ منجهان هٻڪارَ،
اُٿي ڌوتا وارَ مون، نائي نيسرَ- نارَ،
مينديءَ جي مهڪارَ، مهڪي پنهنجي موھَ مان.
گلبدن جاويد
حيدرآباد
غزل
اوهان ڪيترو آهي روليو اسان کي،
اسان چنڊ تارن ۾ ڳوليو اوهان کي.
اوهان ڪيترو آهي روليو اسان کي،
نديون، دريا، ساگر، سڀئي سوجهياسين.
بنا ترهي تانگها ڪُنن ۾ گهڙياسين،
ڇولين به ڪيڏو نه ڇوليو اسان کي.
اسان چنڊ تارن ۾ ڳوليو اوهان کي،
ڪڏهن راز دل جا، نه ڪنهن سان سلياسين.
نه مُرڪي ڪڏهن ڪنهن سان تو جيئن ملياسين،
زماني به ڪيڏو نه کوليو اسان کي.
اسان چنڊ تارن ۾ ڳوليو اوهان کي،
اوهان ڪيترو آهي روليو اسان کي.
غزل
ڌرتي آسمان ٿي پيا هون اسين،
چاهتن جو جهان ٿي پيا هون اسين.
ڪندا ڇا ڀلا اماوس انڌيرا اسان کي،
ديپ روشن چراغان ٿي پياهون اسين.
ڇا ڪنديون دوريون ڇا ڪندا ناصلا،
بس مڪان لامڪان ٿي پياهون اسين.
درد جدا ئي سگهيو ڪين مٽائي اسان کي،
خود درد جو درمان ٿي پياهون اسين.
گهاءَ گهرا ڏنئي ته به غم نه آ،
غمگسار مهربان ٿي پياهون اسين.
پنهنجي رهگذر تي ڪنڊا جنهن پوکايا،
ان لئه به گلستان ٿي پياهون اسين.
عاجز ڪريمُ پوري
دڙو
نوان نول پنهنجا ٺاهيو دوستو اَڄ
سُڌارو سماج ۾، آڻيو دوستو اَڄ،
وڌي پنهنجي منزل، ماڻيو دوستو اَڄ.
اَمن ڀائيچارو، ڪريو قائم جِت ڪِٿ،
ملي پيار جو ٻجُ، ڇَٽيو دوستو اَڄ.
مُدي خارج رسمن جا، پوئلڳ نه بنجو،
نوان نولَ پنهنجا، ٺاهيو دوستو اَڄ.
سُجاڳي ته علم سان، آهي يار ايندي،
اکر چار سيني، لايو دوستو اَڄ.
ويڇا هَڙ وساري، وڃو لاٽَ هڪ ٿي،
سينا سنڌ لئه سڀ، تاڻيو دوستو اَڄ.
ڌِڪاري دلين مان، ڪڍو نفرتن کي،
محبت سان دِليون، ڀاڻيو دوستو اَڄ.
فرق اُوچ نيچُ جو، ڪڍو سڀ قلب مان،
آ اِنسان اعليٰ، ڀانيو دوستو اَڄ.
وٺي حق نياڻين کي، ڏيو سڀ سماج ۾،
پُٽن جيئان ئي تن کي ڀانيو دوستو اَڄ.
وهيٽن جيئان ٿيون ته وڪجن نياڻيون،
اِها پر بي شاني، مَٽيو دوستو اَڄ.
هينئان ڏار سانحا، ڏسان پيو ٿو ڏيهه ۾،
ڪُهي پُٽ ٿو پيءَ کي دَسيو دوستو اَڄ.
قتل پئي ٿئي ڏِس! ٿي ڪاري نياڻي،
هي دُکدائڪ واقعا، روڪيو دوستو اَڄ.
پَلاند جي چَڪر ۾، ويا گهر تباهه ٿي،
نياءَ سان نبيري، ٺاهيو دوستو اَڄ.
مچايو ڪي منڊليون، ٿئي پيار پيدا،
فِضا قرب واري، ڇانيو دوستو اَڄ.
مليو ڪونه ڪنهن کي، آ انصاف اڄڪلهه،
رکي پيرَ پُختا، دانهيو دوستو اَڄ.
ڦُرون، ڌاڙا، اغوا، ويا هن وڌي اڄ،
اُهي چور رَهزن، ڏاڻيو دوستو اَڄ.
ڪَڪر ڏاڍ جا هن، سڄي ڏيهه تي ڇانيل!
اُٿي ڏاڍَ کي يَر، ڏاريو دوستو اَڄ.
تڏا ويڙهه ٿي اڄ، انسانيت جي آهي،
احساسن جون ويرون، چاڙهيو دوستو اَڄ.
ٻيا ڀي گهڻا ڏس! آهن مسئله ’عاجز‘،
ڪڍي ڪَچُ تنين مان، ڇاڻيو دوستو اَڄ.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
نعتيه مشاعرو
ملندي گهڻن کي معافي مصطفيٰ جي صدقي،
بخشج خطائون ختم الانبياء جي صدقي.
ڇُٽندا ڪي مون هٿان، ڪي مون کان ڇڏايا ويندا،
فرمائيو پيغمبر، منهنجي دعا جي صدقي.
مون کي مرڻ مهل بس ڪلمون هجي زبان تي،
بخشيو وڃان خدايا خيرالورا جي صدقي.
دنيا ڇڏي لحد ۾ لاهي جڏهن ڇڏيندم،
نرمي قبر ڪجان ڪا زهره ابا جي صدقي.
منڪر، نڪير کي مان چوندس مون کي ڇڏي ڏيو،
سختي ڪريو نه مون تي سيّدا جي صدقي.
گناهن ۾ غرق آهيان، ناهيم نا اميدي،
ڪر معاف مون کي مرسل جي التجا جي صدقي.
ڪئي جا نبي سڳوري، قادر ڪريم توسان،
نجات ڏي اسان کي انهي وفا جي صدقي.
آهيان مان دوست بسته سجدي ۾ يا الاهي،
ڪر ڪو ڪرم ’فدا‘ تي بدرالدجا جي صدقي.
ايڪتا مشاعرو
خوشحال سنڌ ٿيندي، ويڙها وري به وسندا،
ميلا ثقافتي هت، هر ماڳ ٿي پيا لڳندا.
هاڻي هتان هميشه، ڌارين جي لوڌ ڌڪبي،
هاڻي شعور ايندو، تاريخ نئين ڪا لکبي.
هاڻي نه غير غنڊو، ڌرتيءَ ڌڻي کي ڪُهندو،
هاڻي نه ڌارين جو، ڌرتيءَ کي پير ڇُهندو.
هاڻي ڳڻي، ڳڻي ۽ واري پيا وير وٺندا،
هاڻي نه عرب کي ڪو، ڀوتار آ آڻي سگهندو،
هاڻي نڪو شڪاري سردار آڻي سگهندو.
عياش ابو ذهبي، گهگهير هت نه هت ايندو،
هاڻي قطر جو قاتل، امير هت نه ايندو.
اهڙو به وقت ايندو افغاني نيٺ ڀڄندا،
اڄڪلهه نئين نسل جو، اهڙو ئي خواب آهي،
اڄڪلهه ڏسيو وطن کي، اکڙين ۾ آب آهي.
سپنو اهو سڀن لا لاجواب آهي،
ڪو وقت نيٺ ايندو آسودا سنڌي ٿيندا.
الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر
ميرپورخاص
ڪافي
سدا سانگين جون دل ۾ ٿيون، اچن سارن مٿان سارون،
کِلي خوش ٿي، سي کاهُڙ ڏي، ڏين هر هر ڀليڪارون.
سچي دل سان صلاحون ڪن، مِٺا مارو، هجن قائم،
نٿيون وسرن کٿيرن جون، کُليءَ دل ساڻ کينڪارون.
وٺو آهه ديس مارن جو، ملهاريون ماڳ هر ڪنهن تي،
گسن، واٽن وٽان چُڻڪن، چَڙن، مٽرن جون چونگارون.
ولين، ٻوٽن ۽ گاهن جي، اچي خوشبوءِ ٿي کيتن مان،
ويا سڀ واسجي ٿر، بر، ٿيون هرجاءِ ٿڌڪارون.
ڏسي ٻاجهر، سنگن سائي، ملي ٿي روح کي راحت،
چڙهي پيهن تي کيٽن جون، اُڏائن جيءَ سان جهارون.
ڏهر، ويئر، مڙها، مڙهڪيون، سڀئي تڙڪول، پاساڙا،
دڙا، دِڪيون، سڀئي سٿجي، ويون گاهن سان گوچارون.
ڏسي منظر، مٿاري تان، ٿئي دل جي عجب حالت،
نظر اڳيان، هجن شل سي، مدامي مينگهه، ملهارون.
چري رايون، وري آيون، اچي ويٺيون وٿاڻن تي،
ٿيون ڀاڻن وٽان ٻڌجن، ڀلن ڀاڳين جون ڀُڻڪارون.
دعا دل مان ٿي نڪري شل، سدا مارو، هجن ساوا،
اِنهن ٽوڀن، تراين تي هجن جهانگين جون جهونگارون.
پَڪا، پُسيون، پِپون، پيرون، کنڀيون ۽ کاڄ ٻيا
آهن،
ڏُٿن جون ڏيهه ۾ هرجاءِ، پهچن ڏُور، هُٻڪارون.
ضلعي ٿرپارڪر جو ٿر، ونگو، کائُر، ڪنٺو، پائر،
ولاسو، پارڪر، وٽ، ڍَٽ، ۽ مُهراڻي جون مَهڪارون.
مِٺي ۽ ڇاڇرو، ننگر، عمر جو ڪوٽ پورو اَڌ،
پنجون آهه ڏيپلو، جنهن جون، سڄي جڳ ۾ سماچارون.
مچي ميلو، ٿو روزانا، اُپائڻ ڪاڻ، آواڙا،
سُڄن پلپل، سنديون گُوسين جي هڙڪارن جون هوڪارون.
ڏُهائي بعد، پاڻي پي، جڏهين سڀ مال ٿو، پَهري،
تڏهين قُربن ڀريون ٻُڌجن، ٿيون ڪِٽ ڪارون ۽
هونگارون.
جڏهين پاڻيءَ تي پاڻهاريون، اچن ٿيون، ٻيلهڙا،
کڻيو،
ٿين کُوهن ۽ پارن، جي مٿان وارن جون واڪارون.
مِٺا مصري ۽ ماکيءَ کان، مِٺا مارو، مِٺا آهن،
عجب ريتون، عجب رسمون، عجب جن جون لڪڙ تارون.
تڏهين ’مشتاق‘ کي مارو، وڻن ٿا جان کان پيارا،
جڏهن سَڏڙا، ڪري سِڪ مان، ٿا ڪَن قُربن مان
ڪوڪارون.
خادم حسين همدم
هالا
غزل
ڇو ڀلا هُو هر گهڙي خفا آهي،
مون نه ڪئي هُن ساڻ ڪا دغا آهي.
هُن مٿان قربان ڪئي مون هر خوشي،
پو به ڪاوڙ بيوفا جي ڇو ڀلا آهي.
درد جي دارون دوا جي آ خبر،
دلربائي درد جي دوا آهي.
ڪو ڀلي جيڪي چوي دوري نه آ،
هُو نه مون کان ٿيو ڪڏهن جدا آهي.
روز تڙپان ۽ لُڇان ٿو ڇا ڪيان،
بيوفائي هُن جي ڄڻ سزا آهي.
دلربا جون ڪئين ادائون دوستو،
”بيرخي هُن جي هڪ ادا آهي.“
بي بسي ڄڻ آ مقدر ۾ لکيل،
بيوفا جي اِن ڪري جفا آهي.
ڪا خوشي ناهي ميسر دوستو،
بس اسان جي زندگي اها آهي.
هُو ڪري جو روز جفا مون تي مگر،
تڏهين ’مشتاق‘ کي مارو، وڻن ٿا جان کان پيارا،
جڏهن سَڏڙا، ڪري سِڪ مان، ٿا ڪَن قُربن مان
ڪوڪارون.
راز نواز ٻارڻ
جاتي- سجاول
ڪافي
وجھي ونگ ٿي سڪ واڻي،
مٺو محبوب من ماڻي.
تڪي تنھنجون
ويٺو راھون،
سڏي ساري ڪري دانھون،
اوھان ريءَ
دل ڀري آھون،
سڪي ھينئڙو ڪري ڪاھون،
ويون مون کان مٺا واھون،
اندر سورن ڪيون ڳاھون،
گذارش آ ٻڌي ٻانھون،
ڀري پيرا اچو ھاڻي.
پنھنجي سيني سان لائي وڃ،
سڄڻ ھٿڙو ملائي وڃ،
رتي رت جي وڌائي وڃ
،
چپن مرڪون سجائي وڃ،
سندا سورن ڇڏائي وڃ،
ڀنل اکيون لڪائي وڃ،
ڳلن ڳوڙھا مٽائي وڃ،
اچي مل موت جي ٽاڻي.
ڪيل واعدو وڃو پاري،
سندم دلڙي صنم ساري،
وڇوڙو
ٿو ڇڏي
ڳاري،
اکين مان آب پيو ھاري،
محبت ۾ نه
وڃ ماري،
سڙي سورن ۾ دل ٻاري،
خدا من واڳ ڪا واري،
لڳي سجدي سفر ٽاڻي.
سفر سونھن جو کٽو ناھي،
ڳنڍيل ناتو ٽٽو ناھي،
برابر من
ڦٽو
ناھي،
ڀريو من جو ڪٽو ناھي،
دلي دلبر
ڇٽو
ناھي
،
پيئڻ ويھه
جو وٽو ناھي،
پساھن کي پٽو ناھي
، ’نواز ٻارڻ‘
ته
ڇا ڄاڻي.
وجھي ونگ ٿي سڪ واڻي،
مٺو محبوب من ماڻي
ولي محمد’وفا‘هوت
چرواڻ
ڪافي
ڪڍ ظلم جا زور زنجير،
عمر وڃي جيئري ڏسان ها ملير عمر.
موٽي ملڪ رسان، پنهوار پسان، هڪ جيڏين سان پائي
هار سان،
مارو مير ڏسان، جن لئي ٿي ڪُسان، منهنجو سرتين سان
سچ سير عمر.
ڇڏي زور ظلم، ڪر ڪين ستم، سردار سندم، ڪر ترس مٿم،
لکئي لوحقلم، لاچار ڪيم، هي نيئرو وڌو تقدير عمر.
وران شال وطن، پوءِ پساه پُڄن، مارو ساڻ هٿن، ڪن
مون کي دفن،
لوئي ليڙ لٽن، آهي منهنجو ڪفن، تنهنجا زهر لڳن،
کنڊ کير عمر.
ڪر قيد اندر ’ولي محمد‘ صبر، فرياد نه ڪر، تون شام
و سحر،
منهنجو روڄ حشر، هن ڪوٽ اندر، ڪندو نيٺ اثر، اي
مير عمر.
ڪافي
ويــــــنـــــــديـــــــس آءٌ ضـــــــــــرور،
ڏينهن ڏکن جا، گهاريو ٿي گهاريان.
ڏينهان راتيان رت روئان ٿي، جهانگين واريءَ جهوري
جهڄان ٿي،
چاڪن ڪيئڙس چور، سانگي سٻاجها ساريو ٿي ساريان.
ازل جن سان انگڙو اڙايو، جي جسو سڀ تن سان جڙايو،
سک ڏسان توڙي سور پت پنهوارن سين پاريو تي پاريان.
سر سر، سرسر هيرون گهليون، ڦڙڦڙ، ڦڙڦڙ بوندون
برسيون،
مينهن، سان مذڪور، حال اندر جو هِت اوريو ٿي
اوريان.
عمر نه لهندا دل تان اباڻا، ’ولي محمد‘ سي ساه
سيباڻا،
نيشاني هيءُ نور، کٿي لڱن تي واريو ٿي واريان.
فراخ جانوري
لاڙڪاڻو
غزل
توکان جو ڇڳيون آهن بيتاب اکيون منهنجون،
سک سان نه سُتيون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
وڇڙين ته ٽُٽي وکري سڀ خواب ويا سهڻا،
بي رنگ بڻيون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
سانوڻ جي وري مَن تي اڄ مُند لٿي آهي،
بارش ۾ ڀنيون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
اي ديس! دُکي تنهنجو هر درد ڳلي لائي،
لُڇنديون ئي رهيون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
ڪو رنگ زماني جو راحت نه رسائي ٿو،
تولاءِ چريون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
جنمن کان اوجاڳن جي’فراخ‘ صليبن تي،
هن عشق ٽنگيون آهن بيتاب اکيون منهنجون.
غزل
روشنيون ۽ رونقون مونکي کائڻ ٿيون اچن،
ڳوٺ جون توبن ڳليون مونکي کائڻ ٿيون اچن.
دل سُکن ۾ ڀي ڏکي آ پرين توکان سوا،
هي بهارون ۽ خوشيون مونکي کائڻ ٿيون اچن.
هي ستمگر بي وَڙيون هيکلائن جون گهڙيون،
درد جون ٻاري بتيون مونکي کائڻ ٿيون اچن.
ڪيتري ويران ٿي زندگي توبن لڳي!
گهر، ديوارون ۽ دريون مونکي کائڻ ٿيون اچن.
ڪُوڪَ ڪويل جي مٺي بي سُري ڀاسي پئي،
تو بنا گل ڦل ڪليون مونکي کائڻ ٿيون اچن.
دور زلفن جا ڪڪر تو ڪيا آهن ’فراخ‘،
روز ظالم ڌرتتيون مونکي کائڻ ٿيون اچن. |