سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  03/ 2023ع

 

 

سوچ – لوچ

 

ٽماهي ’مهراڻ‘ جو جولاءِ- سيپٽمبر 2023ع جو ٽيون پرچو ڇپجي اوهان مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي.  رسالي ۾ شايع ٿيل مواد جو معيار ۽ ترتيب ڪيئن آهي؟ ان بابت اسان کي ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن مانوارن ليکڪن جي راين سان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پڙهندڙ ئي وڏو محقق ۽ نقاد آهي، جيڪو ادب جي صحيح ڪارج ۽ اهميت جي ڪٿ ڪري سگهندو آهي.

الله پاڪ جا لک شڪر آهن جو اسان کي باوجود محترم امداد حُسينيءَ جي شخصيت تي ٽماھي  مھراڻ جي شاندار امداد حُسيني نمبر جي تياري سبب ٿورو دير ٿي آهي، پر اسان ڏينهن رات محنت ڪري ھن سال به انشاءالله مھراڻ‘ جا چار پرچا وقت سِر ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آھيون، ھيءُ سڀ ڪم توھان مھربان پڙھندڙ ۽ لکندڙن جي تعاون سبب ممڪن ٿي سگھيو آهي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ زندگيءَ جي هر رخ ۾ پنهنجي اشاعتي دور کان وٺي پائدار ۽ ڀرپور حصو ادا ڪيو آهي انهيءَ تسلسل کي برقرار رکندي هن وقت موجوده چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٽنهي رسالن: ٽماهي ’مهراڻ‘، ماهوار ’سرتيون‘ ۽ ماهوار ’گل ڦل‘
رسالن کي باقاعدگيءَ سان وقت تي شايع ڪرڻ لاءِ پڻ سندن ڀرپور سهڪار شامل آهي ۽ گڏوگڏ بورڊ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي معزز سينئر ميمبر محترم ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جون پڻ ٽنهي رسالن لاءِ ڀرپور ڪوششون هر شماري جي صورت ۾ پڙهندڙن سامهون اينديون رهيون آهن.

ٽماهي ’مهراڻ‘ کي تاريخي حيثيت ۽ مڃتا ڏيارڻ ۾ ’مهراڻ‘ جي مهربان لکندڙن جو وڏو حصو رهيو آهي، ۽ پنهنجي پنهنجي صنفن تي ايتري معياري ۽ پيار محبت ۽ دلجوئيءَ سان ’مهراڻ‘ کي تاريخ ۾ اهم حيثيت ڏياري آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ’مهراڻ‘ لاءِ نون لکندڙن پڻ شاهڪار ادب تحقيق ڪري ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ’مهراڻ‘ جي تاريخي معيار کي برقرا رکڻ لاءِ ڀرپور حصو ڳنڍيندي تاريخ رقم جوڙي آهي، سندن ادبي سهڪار نه صرف آئينده ايندڙ نسلن لاءِ اتساهيندڙ هوندو، پر خود ’مهراڻ‘ رسالي جي پڙهندڙن کي معياري ادب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿي سگهندو.

سنڌي ادب جي هر ٽهيءَ جي اديب توڙي شاعر هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻوليءَ جي واڌاري واڌ ويجهه لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڇپجندڙ ادب کي پڙهڻ سان گڏ جديد دؤر جي تقاضائن جي مدِنظر ادب جي هر صنف ۾ سرجڻ ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهڙو ادب جيڪو هر ٽهيءَ کي پڙهڻ لاءِ اتساهي اهڙو ادب جيڪو سماج کي سنواري مضبوط ڪري جو ان ادب جي پٽاندر اسان جو سماج ترقي يافته سماجن جي صف ۾ ڳڻيو وڃي.

مڃتا ايوارڊ:

سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين محترم مخدوم سعيدالزمان’عاطف‘
کي بورڊ ۾ ڪرايل رڪارڊ ڪمن جي جي مڃتا طور ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن ۽ علمي ادبي حلقن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هن قدم جي ساراهه ٿي آهي.

٭ تازو مرحوم سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقويءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين سائين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ پنهنجي پريس بيان ۾ فرمايو ته جناب ڪمتر نقوي صاحب شاهه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو هو، پاڻ رسالي جي موسيقيءَ ۽ لغت تي تمام گهڻي مهارت رکندو هو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس جي موقعي تي ٿينڊر سُروار ڪانفرنس ۾ هميشه پنهنجو لغت جي موضوع تي تحقيقي مقالو پڻ پيش ڪندو هو، سندن مقالن جو معيار ڪنهن به طرح گهٽ نه هو، بعد ۾ سندن ڪتاب ’ٻاروچي ٻولي‘ (شاهه جي رسالي جي لغت) جو هڪ حصو سنڌالاجيءَ مان شايع ٿيو آهي.

محترم چيئرمين صاحب، ’ڪمتر‘ صاحب جي پونيئرن کان گهُر ڪئي آهي ته لغت جو اڻڇپيل حصو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪن ته جيئن انهي جي اشاعت جو بندوبست ڪجي.

٭ شڪر الحمدالله ھن سال سارنگ خوب وسڪارا ڪيا، برسات قدرت طرفان ماڻهن، پکين، وڻن   ۽ سڀني ساھوارن لاءِ رحمت آهي. اھا اسان جي ڪم عقلي، غيرذميواري ۽ غفلت آهي جو اسين ان زندگيءَ جي جياپي جي ذريعي کي ويٺا ڊزاسٽر ۽ مصيبت سمجھون، ھن سال جي سانوڻ مند سڀ سوڻ ساٺ ڪريو، موڪلائي پئي. اسوءَ جا اوھيرا آخري ڇھاءُ ڏين پيا،  ڌرتيءَ جو رنگ شاهه جي رسالي مان ھن طرح پيو پسجي ته:

سارنگ سائي سٽ، جھڙي لالي لاک جي،

ايئن اٻن انگيا جيئن سي چني چٽ.

برسيو پاسي ڀٽ، ڀريئين ڪن ڪراڙ جا.

درستگي:

گذريل ’مهراڻ‘ پرچي 2/2023ع ۾ صفحي 87 تي محترم زاهد ڪنڀار صاحب جو مضمون ’مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر‘ تي شايع ٿيو آهي. هن مضمون جي آخر ۾ مير صاحب جي تدفين پراڻ ڪناري سندن آبائي قبرستان ’ربو‘ ۾ ڇپجي وئي آهي، حالانڪه ائين نه آهي، دراصل مير صاحب جي تدفين ’لنواري شريف‘ جي تاريخي قبرستان ضلع بدين ۾ آهي، اميد هِن حوالي کي درست ڪري پڙهيو ويندو.

 

ثمينه ميمڻ

  ايڊيٽر ’مهراڻ‘

ª
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:

سيد علي مير شاهه:

حرف آخر:

اداره ’مهراڻ‘ پنهنجي سمورن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو نهايت گهڻو شڪرگذار آهي ۽ مستقبل ۾ اها اُميد ڪجي ٿي ته سندن تعاون ۽ محبتون قائم رهنديون.

 

پير ميان غلام نبي ’پنيل‘

 

(1852ع – 1887ع)

ڪلام

ڪئي اڄ عجيبن ڪا تر تئون تياري،

واري وصل جي پرين واڳ واري.

جڏهن جان نثاري قدم تي ڪئي سون،

تڏهن عشق جي اوٽ پرتئون پئي سون،

ثبوتي سري جي نفي کان نياري.
اپٽ ڪي اندر جون دريون ۽ دريچا،

سڀئي سوجهه سارا تون ڳولي ڳريچا،

اڇل هن اکن تي ڪا ”ونحن“ جي واري.

”جمع بينها“ ۾ گهڙي ايڪ گهاري،

پرت جي پکي کي اصل ڏي اڏاري،

ڏسو ڏيهه پنهنجي کان گهرجي نه گهاري.

اسين عبديت جي نه ڍاري ڍريا سون،

۽ وحدانّيت جي وطن ڏي ورياسون،

صحيح ”فسجدو“ ڪيم سڻي ڳالهه ساري.

”پنيل“ پار پنهنجو صفا جي سڃاڻي،

ته از خود اکين کان اهو آب آڻي،

جتان جان کي ٿي تجلّي جي تاري.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

*

سيد علي اڪبر شاهه ثاني

 

(1861 – 1923ع)

ڪلام

جيڪا سورن تنهنجن منجهه ٿي سڙي

تنهن کي ڏي دلاسو مهر ڪري

ڏکيا ڏينهن لڳن ٿا توري

تو ٻاجهون دل ڪين ٺري

پهريون ناتو نينهن جو لاتو

پوءِ ڪين پنهنجو پاڻ پري

بي تسڪين سوالي تنهنجو

راتيان  ڏينهن ويٺو رڙي.

(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

مير حسين علي خان ’حسين‘ ٽالپر

(1824 - 1878)

ڪلام

اڄ وري موسمِ بهار آيو،

جو چمن ۾ هو گلعذار آيو.

 

تون اچي جڏهين ويٺين پهلو ۾،

 دلِ بيتاب کي قرار آيو.

 

هن ڏسي منهنجي طائرِ دل کي،

ٿَي چيائين سندم شڪار آيو.

 

ان کي محفل ۾ ڪنهن چيو اي ”حسين“،
ڏس ته تنهنجو هو جان نثار آيو.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

 

سردار بهادر محمد بخش ’ڪوجهي‘

 

(1891 – 1959ع)

ڪلام

اچي در پئي ها، پنهل پناري،

ڇڏيندا نه سيئي، لڳس جن جي لاري.

 

سخي مرڪ ناهي، ڇڏڻ سام پنهنجي،

اڳي پوءِ اڏيندا، نه وهندا وساري،

 

لڏي جي به ٻيڙي، ٻڏي ڪين هرگز،

اٿم ڀروسو هي، ڪندا سي ڪناري.

 

هزارين دلاسا، ڏنا پاڻ دلبر،

سيئي قول پرندا، ڪيا جي ڪوهياري.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

سيّد پيرل شاهه ’پيرل‘

 

(1959ع – 1998ع)

 

ڪلام

محبوبان دي محبت موهيس، يار دي گهڙولي ڀريسان.

 

بسم الله سينها چاوان، سردي اُتي گهڙولي ٻلاوان،

”نصر من الله“ قدم اٺاوان، ”لا فتحه فتح ڪريسان.

 

راهه وچ ڪيتس رهبري، فــــــاتــــح خــــيـــــبـــــــري،

کوليس ڪوثر والي دي،  هُڻ ڪنهين ڪنون نه ڏريسان.

 

اهين چشمي دي هئي هاڪ، سڻ رهي ساري لولاڪ،

سڀ سهيليان ٿيان چالاڪ،  ويک تنهان ڪون ثريسان.

 

بيشڪ برهه دي بندر محڪم، محبت واري مندر،

”پيرل شاهه“ اهين چولي اندر، ڌيان وچ ڌيان ڌريسان.

 

(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

مرزا مدد علي بيگ ’مدد‘

 

(1894 – 1930ع)

ڪلام

نور افشان سهائي رات آهي،

راحتِ جان سهائي رات آهي.

ڏس چمن ڪيئن کلي ۽ ٻهڪي ٿو،

گل خندان سهائي رات آهي.

چادرِ نور آهي ضو افشان،

يا چوان مان سهائي رات آهي.

باغ توڙي بحر جو سير وڻي،

رونقِ افزان سهائي رات آهي.

سونهن هر شئي سندي دوبالا ٿي،

حسن افزان سهائي رات آهي.

عاشقن لاءِ سچ چوان ٿو ”مدد“

عڪسِ خوبان سهائي رات آهي.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

فقير خيرمحمد صوفي

(1285هه – 1348هه)

 

ڏاڍو ڏکيو صوفيءَ جو سير- عجب اسرار اونهون آهي.

جڏهن وڃي هي تڏهن ٿيئي هوءِ، ڏکي آهي ڏاڍي اها جوءِ،

اچي ات بيرنگي ٿي بوءِ، وڃن ڪوڏيا ڪي ڪي ڪاهي.

وڃي ڏٺو جن ايهو پنڌ، تنين مونن ۾ نايُو ڪنڌ،

ڏٺائون رند ٿي اهو رند، نديون نيڻن منجهان واهي.

چيو منصور ’آءُ اهو حق‘، لٿس جڏهين سڀوئي شڪ،

اندر اثبات ٿيو هو حق، چڙهيو ڪيئن پوءِ وڃي ڦاهي.

ڪٿي آ ”خير“، ڪٿ ”محمّد“، ڪٿي آ عبد، ڪٿ احمد،

ڪٿي ”صوفي“، ڪٿي سرمد- ڏسو سمجهي صفا ڇاهي.

 

(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

 

فقير قاسم علي صوفي القادري

 

 

(وفات: 1965ع)

*

عاشقن الله جي، وائي سدائين وات اٿن،

ڪم نه ڄاڻن ڪو ٻيو، تن ۾ تنهنجي تات اٿن.

 

ڪشف ڪرامات کان، عاشق لنگهي اڳتي وڃن؛

طالب الموليٰ مذڪرٌ، اي سندن اوقات اٿن.

 

سانگا سٽي سنسار جا، ڪوپا ڪڏي ڪاهي اچن؛

منصور جان مخمور ٿي، پروان جان پڙ ۾ پچن.

 

بيرنگيءَ جي بحر ۾، ڪوڙين منجهان ڪي ڪي اچن؛

او ملڪ ملڪن کان مٿي، لعل لاهوتي لنگهن.

 

”قاسم علي“، ڪاپڙي، ان جوءِ تي جوڳي وڃن؛

سر ڏيئي صوفي ٿيا، هي خبر آهي خاص تن.

 

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

نثار بزمي

 

(1924ع – 2000ع)

 

*

منهنجي آهه زاري، بار برهه جو بيشڪ باري.

کنيو وتن ٿا عاشق سر تي، خواريءَ جي کاري.

جن کي سر جو سانگو ناهي، تن جي آساري.

عشق جي واٽ اويڙي آهي، ڏولاون واري.

”بزمي“ جهڙا سورهه ڪيئي، چمڪيا چوڌاري.

 

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

 

سيّد جڙيل شاهه صوفي

 

(1895 – 1973ع)

*

صوفي رهن سدائين- جوڳي جٿي ڪٿي،

موجود آهن مدامي، عاشق اُتي اُتي!

 

ناسوت کان نيارا،

نينهن جا هڻن ٿا نارا-

 

الٽا هلن اوڀارا،

طالب تتي تتي.

جبروت رهن ٿا جيئي،

وحدت ۾ رهيا ويهي-

 

سچا سخن جا سيئي،

رمزان رٿي رٿي.

آسڻ ڪن ٿا اولي،

ٻولي ’اناالحق‘ ٻولي-

 

پنهنجو پاڻُ، پاڻ ۾ ڳولي،

سولي مٿي مٿي.

جيءَ ۾ ”جڙيل“ جايون،

وايون ٿيون سجايون-

ڪن وصل واريون وايون،

لاشڪ لٿي پٿي.

 

(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

عبدالجبار ”شام“ جوڻيجو

 

(1935ع – 2011ع)

 

نظم

پيڪنگ ۾ هئي چين جي راڻي،

سڀ کان سهڻي، راڄَ ڌڃاڻي،

جذبا جنهن جا سادا سادا،

ڪم ۾ سا مشغول هميشه.

 

پنهنجا زلف ڇنڊيندي هئي تان،

شهر سڄو هو لرزي ويندو.

اهڙي هئي سا چين جي راڻي،

سڀ کان سهڻي، راڄَ ڌڃاڻي. 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)

غلام احمد ’نظامي‘

(1895 – 1951ع)

 

ڪلام

نه ٿي مسرور اي بلبل بهاري چار ڏينهن آهي،

چمن جو چهچٽو ۽ گلعذاري چار ڏينهن آهي.

جتي آهي بهاري اڄ اتي آخر خزان ايندي،

گلستان ۾ گلن جي لاله زاري چار ڏينهن آهي.

هوا جي هڪڙي جهونڪي سان وسامي هي ڏيو ويندو،

انڌيرو نيٺ ٿي ويندو ڏياري چار ڏينهن آهي.

ڏسي پيري ۾ توکي سڀ ڪندا آخر پرين پاسو،

اها حسن و جواني جي خماري چار ڏينهن آهي.

نه دل لاهج ” نظامي“ درد دک سڀ دور ٿي ويندا،

مصيبت، تنگدستي، بيقراري چار ڏينهن آهي.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

 

حافظ محمّد اسلم مهيسر

(1887ع – 1960ع)

ڪلام

حسن حضرات با برڪات ظاهر ذات يزداني،

صاف صفاف آ درجات منجهه محلات انساني.

ڪاريون ڪجليون تنهن ۾ تجليون ٻرن بجليون سدائين سي،

نظارا نين آهُو عين هجن دن رين لاثاني.

عجب رخسار واهه انار ٿيا قنڌار کان ڪرڙا،

ڏسي دندان لب لالان ٿئي مرجان قرباني.

اچي عشاق ٿيا مشتاق منجهه ميثاق محبت ۾،

ٻڌي آواز ڪيائون نياز بي انداز سبحاني.

سدا صحبت مدّعا محبت اها الفت آهي ”اسلم“،

اولّ فاَذڪُر بعد اَذڪُر لفظ اظهر آ قرآني.

 

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

 

*

 

هريڪانت روپچند ڄيٺواڻي

 

(1935ع – 1994ع)

في الحال

هاڻ،

اَسين اِشارن ۾ ڳالهائينداسين، دوست!

پنهنجي زبان

پاڻ ڪٽي

بئلٽ باڪس ۾ اُڇلي چڪا آهيوُن-

طيءِ هئو اِهو سڀ

گهڻو اَڳ

اِئين نه ڪريُون ها

ته وَقت

اسان کي ڇڏي ڪونه ڏي ها.

 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)


 

ايشور نارائڻداس شرما ’آنچل‘

 

(1928ع – 1998ع)

غزل

نِمي ۽ کِمي جن گذاريو، کٽي ويا؛

وڏا سُور ڏاهن جي قسمت ۾ آهن!

سدائين رهيو بخت جو ساٿ ناهي؛

کليا ڪالهه جي، اڄ مصيبت ۾ آهن!

چڱا يا لڱا، ٿا مرن نيٺ ماڻهو؛

فقط فرق تنجي حڪايت ۾ آهن!

اُنهن لاءِ سنسار ويران آهي،

پريشان جيڪي محبت ۾ آهن!

منهنجون خواهشون هاڻ مونکي سمهڻ ڏيو؛

اِڇائون لامحدود چاهت ۾ آهن!

ڀنڀلجي وڃو ڪين منهنجيءَ خوشي تي؛

لڪل غم گهڻا منهنجي راحت ۾ آهن!

اُنهن مهربانين جو ملهه ڪيئن ڪٿيان مان؛

مليون جيڪي مونکي عنايت ۾ آهن!

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال

علي احمد پلي

 

(1942 – 2020ع)

ڪلام

ڪيئن آهي هو ڌار،

وَ نحَن وارو ڏس تون اشارو.....

سائين آهي تو ۾ سمايل-

نائي نيڻ نهار....

جن وجود ۾ ويهي ووڙيو-

تنين پيئي پچار....

ڪي ويا رهجي پاڻ پائيندي-

ڪي وڃي پهتا پار....

”احمد“ عاشق اُهي ٿيا،

جن عشق ڪو اختيار....

 

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

 

سنڌ ۾ ٽن قسمن جي موسيقي موجود آهي: هڪڙي ڪلاسيڪي موسيقي، ٻي علاقائي موسيقي، جا سُرن واري موسيقي به سڏجي ٿي. اها موسيقي موضوعاتي موسيقي آهي، جنهن تي شاهه عبداللطيف جي موسيقيءَ جي عنوان هيٺ لکيو ويندو. ٽين موسيقي آهي سنئين سڌي لوڪ گيتن واري موسيقي. لوڪ گيتن واري موسيقي هڪ جدا عنوان آهي، جنهن تي تفصيل سان بحث ڪري سگهجي ٿو، لوڪ گيتن واري موسيقيءَ ۾ لولي، لوٽو، همرچو ۽ مورو وغيره شامل آهن يا وري بيانيه داستان آهن، جيڪي ڳائي ٻڌايا ٿا وڃن، جيئن ’دودو چنيسر‘ ۽ ’ڍولا مارو‘ جا قصا. انهيءَ کان سواءِ عقيدت وارن ڏينهن ۽ تقريبن جي موقعي تي ٻڌائڻ واري موسيقي آهي، جيئن شاديءَ ۽ موسم جا گيت، مولود، مناقبا، حمد، سينگار، مناظرا، معجزا وغيره آهن، جيڪي سازن سان به ڳايا ٿا وڃن ۽ سازن کان سواءِ به ٻڌايا ويندا آهن. ’سنڌي لوڪ گيت‘ کي اسان جو مايه ناز محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جدا جدا جلدن ۾ مرتب ڪري چڪو آهي، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هن صاحب ’سنڌي لوڪ گيت‘ جي عنوان هيٺ هڪ ڪتاب ڇاپيو آهي، جنهن ۾ اَسي کان مٿي لوڪ گيتن جا نمونا گڏ ڪيا ويا آهن. انهيءَ موسيقيءَ جو سُرن جي موسيقيءَ سان تعلق ڪونهي. سُرن واري موسيقي پنهنجيءَ جاءِ تي جدا انداز جي موسيقي آهي.

سرن واري موسيقيءَ ۾ گهڻو ڪري سنڌي وائي ۽ ڪافي ڳائي ويندي آهي، جيئن اڳي ٻڌايو ويو آهي. سنڌي موسيقيءَ جو انداز ملتاني ڪافيءَ کان مختلف آهي. جيئن ملتاني ڪافي ڪلاسيڪي راڳن ۾ ڳائي وڃي ٿي، ساڳيءَ ريت سنڌي ڪافي ۽ وائي سنڌي سرن ۾ ٻڌائي ٿي وڃي. سنڌي ڪافي ۽ وائيءَ جي خصوصيت نه رڳو راڳ (سنڌي سُر) آهي پر موضوع پڻ آهي، جنهن سنڌي موسيقيءَ کي هڪڙو جدا انداز ۽ انگ ڏنو آهي. بنيادي طرح سنڌي سُرن جي موسيقي وائي ڳائڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي، جنهن کي ڪن محققن ڪافي جي اوائلي شڪل سمجهيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ ميون شاهه عنات رضوي وائي چوڻ ۾ تمام مٿاهون درجو رکن ٿا.

ڪافي سڀ کان پهرين سچل سرمست لکي ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مقبول ٿي ۽ عوام ۾ به ساڳي طرح مقبول ٿي ۽ اڄ تائين آهي. اها صنف پنجاب کان آئي هوندي. هينئر فني لحاظ سان جهڙي انداز ۽ جدا جدا نمونن ۾ سنڌيءَ ۾ ڪافي لکجي ٿي، پنجاب ۾ شايد ڪافيءَ جي ايتري ترقي ٿي هجي. سنڌي ڪافيءَ ۾ تصوف کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي موضوع اچي ويا آهن، پر ملتاني ڪافيءَ وانگر سنڌيءَ ڪافيءَ جو انداز به تصوّف وارو ۽ خانقاهي آهي.

الياس عشقي

رسالو مهراڻ 4/1975ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org