ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
حيدرآباد
لاکو پير-
لطف الله
سنڌي ٻولي، ادب ۽ ادبي تاريخ ۾، خاص ڪري جن آڳاٽن
شاعرن جو احوال ملي ٿو، انهن ۾ سومرن جي دؤر ۾
ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ پوءِ اسماعيل داعين جا گنان،
تنهن کان پوءِ سمن جي دؤر جي ڪن شاعرن جن ۾ حماد
جمالي، اسحاق آهنگر، وسايي ڀٽري، مريد بلوچ ۽ ٻين
شاعرن جي شاعري مان ڪن جو هڪ يا ٻه يا ڪن جا ڪي
وڌيڪ بيت ملن ٿا. ايئن به ڪونهي انهن شاعرن ڪو هڪ
يا ٻه بيت ئي چيا هوندا، سندن مليل انهيءَ هڪ يا
ٻن بيتن جي پڙهڻ سان انهن ۾ استعمال ٿيل ٻولي، فن
۽ سٽاءُ ۽ فڪري سگهه کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته هُو
وڏا شاعر هئا ۽ سندن ٻي به گهڻي شاعري هوندي پر
اها ڪن سببن جي ڪري اسان تائين پهچي نه سگهي. رڳو
مختصر عرصي ۾ ارغوني ڪاهه، حملي، قبضي ۽ پوءِ هفتن
جا هفتا ڦُرلُٽ، شهرن کي باهيون ڏيڻ، هزارين ماڻهن
کي قتل ڪرڻ ۽ وري به تڪڙو ئي سندن ڪرتوتن، نااهلي
وغيره جي ڪري جڳ مشهور پورچوگيز ڌاڙيلن جو اچڻ ۽
سنڌ جي عظيم علمي مرڪز ٺٽي ۾ هزارين ماڻهن جو قتل
عام ڪرڻ، سڄي شهر کي باهيون ڏيڻ آسپاس جي علائقن ۾
به ساڳيو وحشت جو عمل ڪرڻ، ويندي ويندي لاهري جهڙي
سهڻي ۽ مالامال بندر کي ساڙي رَک ڪري ڇڏڻ، اهڙي
صورتحال هر ڪنهن جي سمجهڻ کان پري آهي. اهڙي
صورتحال ۾ ڪهڙو علمي ذخيرو وغيره بچي سگهيو هوندو.
جن ماڻهن کي ٿورو گهڻو ياد هوندو سي به تلوارن جو
بَک بڻجي ويا. ارغونن کان پوءِ به سوين سالن تائين
حالتون بنهه ڏکوئينديون رهيون. انهن حالتن ۾ علمي
ادبي سرمائي مان به باقي ڪو وڃي بچيو.
اهڙين حالتن ۾ ڪن ٿورن شاعرن جا قلمي نسخا بچي
سگهيا. ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو بنهه مختصر ڪلام
اسان کي شاهه لطيف جي گنج ۾ ملي ٿو. شاهه لطيف جي
گنج يا ٻين قلمي نسخن، خاص ڪري جڳ مشهور محقق ۽
عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران شاهه لطيف جي
ڪلام جي عالمن معيار جي تحقيق کان پوءِ ترتيب ڏنل
’رسالي جو ڪلام‘ ۾ شامل شاعرن جي مختصر شاعري پڙهڻ
سان ئي ڄاڻ ملي ٿي ته اهي ڪيڏا وڏا شاعر هئا. انهن
ئي شاعرن ۾ لاکو لطف الله به شامل آهي. رسالي جي
ڪلام ۾ ملندڙ هن جي چئن بيتن کي پڙهي سندس شاعريءَ
جي ٻولي، فن ۽ فڪري سگهه کي ڏسي وڌيڪ اندازو ڪري
سگهجي ٿو. منهنجي خوشنصيبي آهي جو منهنجي ڳوٺ ساپا
موريءَ (دُبيار) جي بنهه ويجهو ئي سندس درگاهه
آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. درگاهه جي مجاور
چاچي محمد عمر جو ڏوهٽو محمد ادريس خاصخيلي ننڍي
هوندي اسان سان گڏ پڙهڻ جي ڪري، اُتي منهنجو وڃڻ
گهڻو ٿيندو رهندو هو ۽ ساڻن ڪچهري به ٿيندي رهندي
هئي.
لاکو لطف الله، جيڪو لاکي پير جي نالي سان مشهور
آهي، اُن جو تعلق هالن جي مشهور مخدومن جي صديقي
خاندان سان آهي. لاکو پير مشهور بزرگ مخدوم نوح
سرور جو پوٽو هو. مٿس نالو به لطف الله رکيو ويو.
سندس ڏاڏي مخدوم نوح جو نالو به لطف الله هو. سنڌ
جي بزرگن ۾ مخدوم نوح ۽ سندس خاندان جو هڪ الڳ
درجو ۽ سڃاڻپ آهي. هن خاندان ۾ ڪيترائي عالم،
اديب، شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. مخدوم محمد امين
عرف پکن ڌڻي، مخدوم غلام محمد مغموم، پير ميان
غلام محي الدين ’ميرل‘، مخدوم غلام حيدر صديقي،
مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ، مخدوم محمد
امين فهيم، مخدوم خليق الزمان ’خليق‘، مخدوم
نويدالزمان ’نويد‘ تمام وڏا شاعر ۽ ليکڪ ٿي گذريا
آهن. هن مهل به مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ به شاعر اديب ۽
عالم آهن.
لاکي پير جي شاعريءَ وانگر سندس زندگيءَ جو احوال
به هاڻي ڪٿي ڪو تفصيلي نٿو ملي. مون جڏهن ٽيهارو
سال اڳ ’ترخان ۽ مغل دؤر جو سنڌي شاعر ’لاکو پير‘
مضمون لکيو هو تڏهن منهنجي سامهون رڳو ٻه مضمون
هئا، جن ۾ هڪ قاضي شوڪت جو مختصر مضمون جيڪو
’تاريخ درگاهه هالا‘ ۾ آهي ۽ ٻيو به اهڙو ئي محترم
شعبان بخت جو مختصر مضمون جيڪو رسالي ’فردوس هالا‘
جي مخدوم نوح نمبر جي سال 1956ع ۾ ڇپيل آهي. اُن
کانسواءِ ٻيون رڳو روايتون ئي هيون ۽ اڄ به آهن.
خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته تازو 2010ع ۾ سنڌ
حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ’لاکو پير- لطف الله‘
ڪتاب ڇپيو آهي. ڪتاب جو مصنف انهيءَ خاندان سان
تعلق رکندڙ پير محمد عالم قريشي صديقي سجاولي آهي.
هن ڪتاب جي تصحيح ۽ ضميمو مخدوم خاندان جي مشهور
اديب مخدوم سائين جميل الزمان صاحب جن لکيو آهي.
مون اڳ ۾ به پنهنجي مضمون ۾ لکيو هو؛ ’هالا ۾
رهندڙ مخدوم خاندان، علمي ادبي خاندان آهي. ٿي
سگهي ٿو ته لاکي پير لطف الله بابت وٽن ڪو مواد
اڃا به هجي.‘ اها ڳالهه هيترن سالن کان پوءِ وري
به ورجايان ٿو.
لاکي پير لطف الله جي پيدائش ۽ نالو:
لاکي پير جي پيدائش جي تاريخ جي اڃا تائين ڪا پَڪي
خبر پئجي نه سگهي آهي. پير محمد عالم لکيو آهي:
”لاکي پير جي پيدائش جي تاريخ جي اڃا خاطر خواهه
خبر پئجي نه سگهي آهي، باقي اها خاطري آهي ته
مخدوم نوح جي رحلت کان پوءِ پيدا ٿيا آهن. جنهن
ڪري مٿن مخدوم نوح جو نالو رکيو ويو هو.“(1) مخدوم
نوح سرور جا ٻارنهن پٽ ۽ ٻٽيهه پوٽا هئا. مخدوم
نوح 998هه ۾ فوت ٿيو. ظاهر آهي ته لاکي پير جي
پيدائش ان کان پوءِ ٿي هوندي، جو مٿس سندس نالو
رکيو ويو. پير محمد عالم سندس پيدائش بابت وڌيڪ
لکيو آهي: ”لاکو پير امين محمد (مخدوم نوح جو
پوٽو) جو پنجون نمبر فرزند آهي. چار فرزند مخدوم
نوح جي حياتيءَ ۾ پيدا ٿيا. ان ڪري پنجين نمبر پٽ
تي نالو (لطف الله) رکيو ويو جو وڌ ۾ وڌ هڪ هزار
هجري ٿي سگهي ٿو.“ (2) پير عالم موجب ”اندازو آهي
ته پاڻ سن 1070 کان 1075هه جي ڌاري رحلت فرمائي
هوندائون.“(3)
ذڪر ٿي چڪو آهي ته لاکي پير جو اصل نالو ’لطف
الله‘ هو، جيڪو سندس ڏاڏي مخدوم نوح جو نالو هو،
پر ننڍي هوندي کان ئي لاکي پير جي نالي سان مشهور
ٿيو. نالي ۽ عرفيت جي باري ۾ پير محمد عالم لکي
ٿو:”پاڻ ننڍپڻ ۾ نهايت سلڇڻا، ماٺيڻا ۽ لاکيڻا
هئا، سو سڀئي کين لاکو پير سڏيندا هئا، جو پوءِ
سُتت ئي تحقيق جي دائري ۾ اچي ’لاکو پير‘ ئي سڏجڻ
لڳو جو اڄ تائين سڏ جي ٿو.“(4) هتي هيءَ ڳالهه به
چٽي ڪرڻ ضروري آهي ته مقامي ماڻهو گهڻو ڪري کيس
’لاکو پير‘ ته ڪي وري ”لاکو لطف الله“ به سڏيندا
آهن.
ننڍپڻ:
لاکي پير ننڍپڻ ڪيئن گذاريو؟ هن تعليم ڪٿي ڪٿي ۽
ڪنهن ڪنهن کان اصل ڪئي؟ هن مهل تائين اهو احوال نه
ڪنهن ڪتاب مان ملي ٿو نه ئي اُن بابت ڪي خاص
روايتون ملن ٿيون. سندس ننڍپڻ بابت جيڪي ڪجهه
روايتون ملن ٿيون، اُهي ڪتاب جي مصنف ڏنيون آهن.
انهن روايتن مان سندس تعليم بابت ڪا به خاص
معلومات نه ٿي ملي، پر اهو معلوم ٿئي ٿو ته لاکو
پير ننڍي هوندي پکين ۽ ٻين جانورن جي شڪار جو گهڻو
شوقين هو. هالا ڪنڊيءَ ۾ پکين جي شڪار وغيره ڪرڻ
مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ جوانيءَ جي شروع
تائين اُتي هئا. ٿي سگهي ٿو سندس خاندان وٽ تعليم
وغيره بابت ڪو احوال موجود هجي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب:
’لاکو پير لطف الله‘ جي ضميمي ۾ مخدوم سائين جميل
الزمان صاحب لکي ٿو: ”حضرت لاکي لطف الله جي اولاد
تي هيءُ ڪتاب انتهائي اهم دستاويز آهي. مون کي پير
محمد هاشم به ڪافي احوال ڏنو هو، جيڪو مون وٽ
موجود آهي ۽ ڪنهن مناسب وقت تي منظرِ عام تي
آڻيو.“ (5)
جهرڪ ويجهو ماجيراءِ واري علائقي ۾ اچڻ:
معلوم ٿئي ٿو ته لاکو پير شڪار جو شوقين هئڻ ڪري
ننڍي هوندي هالا ڪنڊيءَ جي ٻيلن ۾ پکين ۽ ٻين
جانورن جو شڪار ڪندو رهندو هو. اُنهيءَ مان اها به
سُڌ ملي ٿي ته هو جوانيءَ جي شروع وارن ڏينهن
تائين هالا ۾ پنهنجي خاندان سان ئي رهيو. تنهن کان
پوءِ جهرڪ ويجهو آيو. هو هتي ڪيئن ۽ ڪڏهن آيو، اها
ڳالهه به اڃا ايتري چٽي نه آهي. هتي رڳو هي معلوم
ٿئي ٿو ته هو پنهنجي گهر هالا کان حج جي نيت سان
روانو ٿيو ۽ جڏهن جهرڪ ويجهو هتي پهتو ته اڳتي وڃڻ
بدران سدائين لاءِ هتي رهي پيو.
هتي اها ڳالهه به سمجهڻ ضروري آهي ته پراڻا هالا
سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي هو ۽ پوءِ اهو درياهه جي
پالوٽ جي ڪري آهستي آهستي لُڙهي ختم ٿي ويو ته وري
پهريائين هڪ ڳوٺ نوان هالا ويجهو اَڏيو ويو.
انهيءَ زماني ۾ درياهه هالا کان ٿيندو هڪ شاخ
اولهه ۾ ڇڏيندو، وڏو وهڪرو نصرپور کان وهندو اڳتي
ٽنڊي محمد خان واري علائقي مان وري ٽن شاخن ۾
ورهائجي ويندو هو، جن مان هڪ اهم شاخ مُلان ڪاتيار
۽ جهرڪ جي ڏکڻ کان ڦرندي پوءِ وري اولهه ڦرندي
مشهور آڳاٽي ماڳ مجيراءِ جي ٽڪريءَ جي ڏکڻ يعني
لاکي پير جي قبرستان جي به ڏکڻ کان ٿيندي، سونڊا
کان ڦرندي، ٺٽي طرف رواني ٿيندي هئي. ٺٽي پهچڻ کان
پهرين وري به ٻن ڀاڱن ۾ وهايل هوندي هئي. انهيءَ
زماني ۾ لاريون، موٽرون يا ريلون وغيره نه هئڻ ڪري
اچ وڃ جا وسيلا فقط خشڪي ۽ درياهي يا سامونڊي
هوندا هئا. ان وقت هالا ۽ نصرپور وارن علائقن وارا
ماڻهو جهرڪ، ٺٽي يا ويندي سمنڊ وسيلي ٻين ملڪن
تائين وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ رستي سهنجائيءَ سان پهچي
سگهندا هئا. مطلب ته جهرڪ وارو هيءُ علائقو درياهي
رستي سان هوندو هو.
چيو وڃي ٿو ته جوانيءَ ۾ لاکو پير حج جي ارادي سان
هالا کان ٻيڙيءَ وسيلي روانو ٿيو. ٻيڙي جڏهن هن
علائقي وٽان گذري ته درياهه جي لاٿ جي ڪري گپ ۾
ڦاسي پئي. گهڻا زور ڏيڻ کان پوءِ ٻيڙي ڪناري تي
آندي ويئي. هن علائقي ۾ رات پوڻ ڪري جڏهن پاڻ هتي
ترسيو ته هتي جي ٿڌڪار ۽ ماحول کيس ايترو ته پسند
آيو جو پنهنجي ساٿين کي چيائين ته: ”الله پاڪ جو
حڪم هتي رهڻ لاءِ ٿيو آهي. تنهنڪري اڳتي وڃڻ بدران
هتي ئي رهبو ۽ اسان جو حج هتي ئي آهي.“ هتي ٻيڙي
ڦاسڻ ۽ پوءِ رهڻ بابت ٻي به روايت مشهور آهي، جيڪا
پير محمد عالم پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت لکي آهي: ”پاڻ
مراقبي ۾ ويٺو هو، مراقبي کان فارغ ٿي فرمايائون:
”ابا هتي ڪنهن درويش جو آستانو آهي، جيڪو اسان کي
اڳتي ڇڏي نٿو، هاڻي في الحال اڳتي هلڻ جو ارادو
لاهيو، ٻيڙيءَ کي ڪنڌيءَ تي لنگر انداز ڪريو ته
رات درويش سان ملي موڪلائي صبح جو ساجهر هلنداسين.
اها ڳالهه ٻڌي ناکئي ٻيڙي ساحل ڏانهن ڦيرائي ته
ٻيڙي هلي اچي ڪپ سان لڳي. لاکو پير لهي درويش جي
آستاني تي آيو. اهو بزرگ لال ڇتو سيد جي نالي سان
سڏبو هو، ان وقت کان به چار صديون اڳ جو بزرگ هو.
ڪرامتن ۾ بي نظير هو.“ (6)
هتي اچڻ کان پوءِ واري دؤر جي باري ۾ به ڪي
روايتون ملن ٿيون، جن ۾ (i)
هتان ڪي سال گم ٿي وڃڻ (ii)
خواجه خضر وٽ وڃي رهي، کانئس فيض حاصل ڪرڻ، (iii)
گيس گهڻيون مينهون ملڻ ۽ اهڙيون ٻيون روايتون.
ملندڙ روايتن مان هيءَ ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته هتي
رهڻ کان پوءِ به لاکي پير سنڌ جي مختلف علائقن جا
سير سفر ڪيا، جن ۾ درساڻو ڇنو- ڪراچي، مڪران ته
ٻئي پاسي ڪڇ ڀُڄ ۽ حيدرآباد دکن جا علائقا اچي وڃن
ٿا. انهن مان ڪن هنڌن تي سندس تڪيا ۽ مريد اڄ به
موجود آهن. هونئن ته سندس ڪيترائي مريد آهن پر
انهن مان خاص مريدن/ خليفن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
1.
درس خيرو:
هي ذات جو شورو هو. سندس تربت گنجي ٽڪر واري
علائقي ۾ آهي. لاکي پير جي پٽ ميين مٺڻ جي مزار جي
ڀر ۾ آهي، جتي سندس ساليانو ميلو لڳندو آهي. ميين
مٺڻ جي ڀر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قبرون آهن، جن ۾
لاکي پير جا سجاده نشين به رکيل آهن. انهن جا نالا
هيٺين ريت آهن:
1.
پير ميان محمد حفيظ بن پير ميان بهاءُ الدين
2.
پير ميان ربڏنو بن پير ميان محمد حفيظ
3.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
4.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
5.
پير ميان ڀاون علي بن پير ميان عبدالواحد
6.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان ڀاون علي
7.
پير ميان ربڏنو بن پير ميان عبدالواحد
8.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان پير ڏنو
عمر فقير ڀنڊ جوکيو:
اصل لس ٻيلي جو ويٺل، پوءِ لڏي اچي ڪاٺوڙ ڪراچيءَ
۾ ويٺو. لس ٻيلي کان پوءِ ڪراچيءَ ويجهو جنهن هنڌ
عمر فقير ڀنڊ جوکئي هڪ ڇنو ٺهرايو،اُتي لاکو پير
اچي رهندو هو. اُهو مڪان اڄ به ’درساڻو ڇنو‘ جي
نالي سان مشهور ۽ روينيو رڪارڊ ۾ درج ٿيل آهي. عمر
فقير، ڌاڙيلن سان وڙهندي مار جي ويو، لاکي پير جي
چوڻ تي کيس آڻي اُتي دفن ڪيو ويو، جتي هاڻي لاکو
پير قبرستان آهي. هيءُ واقعو لاکي پير جي حياتيءَ
۾ ٿيو. لاکي پير جي ميلي تي سندس خاندان جا ماڻهو
اڃا تائين گهڻا ايندا آهن.
لاکي پير جو اولاد:
لاکي پير جا ٽي پٽ هئا. پهريون پير ابراهيم سجاده
نشين ٿيو، جنهن جي قبر لاکي پير جي مقبري اندر
آهي. ٻيو پير مٺڻ جنهن جي قبر گنجي ٽڪر تي آهي،
جتي 10 محرم تي سندس ساليانو ميلو لڳندو آهي. ٽيون
محمد رمضان، جنهن جي قبر سونڊا شهر ڀرسان ٽڪريءَ
تي آهي.
لاکي پير جا سجاده نشين:
1.
پير ميان ابراهيم بن مخدوم لطف الله عرف لاکو پير
2.
پير ميان فتح محمد بن پير ميان ابراهيم
3.
پير ميان محمد امين بن پير ميان فتح محمد
4.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان محمد امين
5.
پير ميان محمد شاهه بن پير ميان عبدالواحد
6.
پير ميان بهاءُ الدين بن پير ميان محمد شاهه
7.
پير ميان محمد حفيظ بن پير ميان بهاءُ الدين
8.
پير ميان ربڏنو بن پير ميان محمد حفيظ
9.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان ربڏنو
10.
پير ميان ڀاون علي بن پير ميان عبدالواحد
11.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان ڀاون علي
12.
پير ميان ربڏنو بن پير ميان عبدالواحد
13.
پير ميان عبدالواحد بن پير ميان پير ڏنو
14.
پير ميان محمد هاشم بن پير ميان پير ڏنو
نوٽ: مٿئين عبدالواحد جو پٽ ڪو نه بچيو، ان ڪري
سندس ڏوهٽي پڳ ٻڌي. (7)
درگاهه:
ٺٽي- حيدرآباد روڊ تي، ٺٽي کان 44 ۽ جهرڪ شهر کان
6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ قديم قبرستان آهي.
سنڌوءَ جي آڳاٽي وهڪري جي ڪنڌيءَ تي اٽڪل چئن
ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هزارين قبرن تي
مشتمل هن قبرستان ۾ لال ڇتي، شيخ جکري ۽ ٻين جون
قبرون موجود آهن. هيڊي پٿر تي سهڻي چٽسالي اُڪريل
ڪيتريون ئي قبرون اڃا به جيئن جو تيئن آهن. مختلف
ڀاڱن ۾ ورهايل هن قبرستان جي اُتر اوڀر طرف هڪ
قبائين مزار آهي، جيڪا لاکي لطف الله جي آهي. هن
مقبري جو نمونو ڪلهوڙن جي دؤر جي مقبرن وانگر آهي.
قبو ۽ ڀتيون هالا جي ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن.
مقبري جي ڪاٺ واري در تي سهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي.
در جي مٿان فارسيءَ ۾ لکيل ڪاٺ جي تختي لڳل آهي،
جنهن جو فوٽو ڏنو ويو آهي. مانواري اديب ۽ محقق
علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب
`History on Tombstone- Sindh and Baluchistan`
۾ لکيو آهي: ’اُتر- اوڀر طرف هڪ قبائين مزار آهي،
جنهن کي لاکو پير سڏيو وڃي ٿو. هيءُ مقبرو ڏيکاءُ
جي لحاظ کان حيدرآباد وارن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
مقبرن وانگر آهي. مقبرو هالا جي ڪاشيءَ سان
سينگاريل آهي ۽ ڪاٺ جو دروازو مِيرن جي مقبرن جي
دروازن جهڙو آهي، اُڪر ٿيل دروازن جي مٿان ڪاٺ جي
تختي تي فارسيءَ ۾ اسلامي عقيدي جي لکت موجود
آهي.“ (8)
مقبري جي ڀر ۾ هڪ جهوني مسجد به آهي. مسجد مقبري
جي اڏاوت کان آڳاٽي لڳي ٿي. هن مقبري جي ويجهو 16
چوڪنڊيون ٿنڀن واريون ڇٽيون آهن. اُهي گهڻيون
آڳاٽيون آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي قبرون آهن. ڇٽين تي
ٿيل اُڪر بابت علي احمد بروهيءَ لکيو آهي: ”انهن
ڇٽين تي ٿيل اُڪر مڪليءَ ۾ موجود مرزا عيسيٰ خان
ترخان جي مقبري جهڙي آهي. اها هڪجهڙائي ان ڳالهه
جو ثبوت آهي ته هن قبرستان تي اُڪر وارو ڪم مرزا
عيسيٰ خان ترخان جي مقبري جي اڏاوت واري ساڳئي دؤر
جو آهي.“(9) ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ طرف هڪ ٻي مزار به
آهي، جنهن ۾ پٿر ۽ ڳاڙهيون سِرون لڳل آهن. ان ۾ ٻه
قبرون جن ۾ هڪ لال ڇتي ۽ ٻي شيخ جکري جي قبر آهي.
لاکي لطف الله جي شاعري:
لاکو لطف الله سنڌ جي انهن شاعرن مان آهي، جن جي
شاعري تمام گهٽ ملي سگهي آهي. ڳوٺ جي ويجهو هئڻ
سبب هن قبرستان ۽ آسپاس ۾ اچڻ ۽ اُتي ايندڙ ماڻهن
سان ملڻ ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن. ميلي واري
رات اچي سدائين ٿيندڙ سماع ۽ لاکي لطف الله جا بيت
ٻڌبا هئا. ننڍي هوندي جوکيي فقير کان به لاکي جا
ڪجهه بيت ٻڌبا هئا. اُهي بيت ڪنهن به نوٽ نه ڪيا ۽
نه ٿي ڪنهن کي هاڻي ياد آهن. اُهي بيت جوکيي فقير
سان گڏ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا.
لکيل ۽ مسند مواد ۾ هن وقت فقط شاهه لطيف جي آڳاٽن
رسالن ۾ لکيل بيت ئي باقي وڃي پچيا آهن. لاکي پير
جا اهي بيت جڳ مشهور عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ صاحب پنهنجي شاهڪار تحقيق کان پوءِ
’رسالي جو ڪلام‘ ۾ تفصيل ۽ بيت ڏنا آهن سي هن ريت
آهن:
لاکو لطف الله: سُر سهڻي، فصل 4، بيت1
لطف الله: سُر ليلان، فصل 4، بيت 15
لاکو: سُر بسنت بيت 2 (10)
سُرسهڻي:
کڙڪن ڪجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي،
ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري ويهه وڌياس،
’لاکو لطف الله‘ چئي، اچي آب گهڙياس،
سرتيون ڪنهن سڀاڳ لاءِ، سڪڻ آئون سکياس،
وسان ٿي ويباس، مليس جان ميهار کي.(11)
سُر ليلان:
مَ چئو ماٺِ جُڳاءِم ڪَرهه مَ ڪميڻين جيئن
ليلان ’لطف الله‘ چئي، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ
ته ڍڪي ڍول سنداءِ اَوڳڻ اڳيان پويان. (12)
سُر بسنت:
انگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ مانهه
رِءُ لالڻ ’لاکو‘ چوي، سي آءٌ ڪريان ڪانهه
جي سڄڻ هُئي مون ٻانهه، ڦل پَسيو ڦولي هينئون
انگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ هيل
لالڻ رِءُ ’لاکو‘ چوي، سي آءٌ ڀانئيان سيل
جي سڄڻ هوئن ٻيل، ته ڦل پَسيو ڦولي هينئون. (13)
پير محمد عالم پنهنجي ڪتاب ’لاکو پير- لطف الله‘ ۾
ماستر عبدالرحمان دل صاحب پاران ڇپايل ڪتاب:
’مخدوم جو سُر سالڪ‘ ڏيئي، اُن ۾ ڇپيل چاليهه بيتن
جو ذڪر ڪندي هن سوال اُٿاريو آهي ته: ”هي بيت
ماستر عبدالرحمان دل ڪٿان هٿ ڪيا، ان ڳالهه جو ڪو
به اتو پتو ڪونه آهي.“(14) پير محمد عالم اڳتي
لکيو آهي ته: ”هن سندس ڪتاب ۾ سُر سٺهيون (60)
ڄاڻايو آهي. باقي اوڻهٺ سُر ڪهڙا آهن؟ ڪنهن جا چيل
آهن؟ ان جي ڪا به خبر نه آهي“(15) ڏٺو وڃي ته پير
محمد عالم، اها درست ڳالهه ڇيڙي، سوال اُٿاريوآهي.
هتي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ به ضروري آهي ته پير محمد
عالم کي جيڪو سُر ملي سگهيو انهيءَ سُر/ ڪتاب کان
سواءِ ٻيا ڪتاب ملي نه سگهيا ان ڪري سندس مطالعي ۾
ماستر عبدالرحمان دل جو فقط هڪ ڪتاب رهيو ۽ هن جي
مطالعي ۾ ٻيا ڪتاب نه رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ اسان
گهڻي جاکوڙ کان پوءِ سندس اهي سمورا ڪتاب نه رڳو
وڃي هٿ ڪري ڏٺا.“ (16) پر انهن سمورن ڪتابن کي
اسڪين ڪرائي محفوظ ڪيو. ماستر عبدالرحمان دل جا
اهي 60 نه پر 66 سُر (ننڍا ننڍا ڪتاب) ڇپيل آهن.
سندس ڪتاب جيڪي ڇپيل آهن، ان ڏس ۾ ڪنهن به محقق جو
ڪو به ڪم ٿيل نظر نٿو اچي. اُميد ته سگهوئي ان
بابت ڪم ڪيو ويندو. هن وقت پڙهندڙن خاص ڪري محققن
جي دلچسپيءَ لاءِ هتي رڳو انهن سُرن/ ڪتابن جي
(ڇپيل) فهرست ڏجي ٿي:
نمبر |
سُر جو نالو |
نمبر |
سُر جو نالو |
نمبر |
سُر جو نالو |
1.
|
سُرڪاموڏ |
23. |
سسي آبري |
45. |
پرهه ڦٽي |
2.
|
ليلا چنيسر |
24. |
سريراڳ |
46. |
سامي |
3.
|
سامونڊي |
25. |
سر بلاول |
47. |
ليلا |
4.
|
مومل راڻو |
26. |
ڪيڏارو |
48. |
پرين |
5.
|
يمن ڪلياڻ |
27. |
هير رانجهو |
49. |
چرخو |
6.
|
حسيني |
28. |
بسنت بهار |
50. |
ڪنڊو |
7.
|
کنڀات |
29. |
مارئي |
51. |
راڻو |
8.
|
سورٺ |
30. |
بيراڳ |
52. |
جکرو |
9.
|
سهڻي |
31. |
ڌناسري |
53. |
راميسري |
10.
|
ڏهر |
32. |
رامڪلي |
54. |
ڪوهياري |
11.
|
سارنگ |
33. |
سينهن ڪيڏارو |
55. |
ڏياچ |
12.
|
ڪلياڻ |
34. |
ڍول مارئي |
56. |
ميگهه ملهار |
13.
|
گهاتو |
35. |
ديسي |
57. |
توڏي |
14.
|
رپ |
36. |
ڪاتار |
58. |
نوري |
15.
|
کاهوڙي |
37. |
ٽيهه اکري |
59. |
طالب |
16.
|
بروو |
38. |
جيتسري |
60. |
سالڪ |
17.
|
آسا |
39. |
جمن |
61. |
عاشق |
18.
|
پرڀاتي |
40. |
توحيد |
62. |
حبيب |
19.
|
معذوري |
41. |
چنڊ |
63. |
آديسي |
20.
|
ڪاپائتي |
42. |
راڳ |
64. |
جوڳي |
21.
|
پورب |
43. |
ڪارائيڙو |
65. |
عارف |
22.
|
ڪارايل |
44. |
ملير |
66. |
هنگلاج |
مٿين 66 سُرن مان 9 سُر ’مخدوم جو سُر‘ ڪري ڏنا
ويا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
1. مخدوم جو سُر نوري (49 هون) بيت 03 ۽ هڪ وائي.
(هن سُر وارا ٽيئي بيت ۽ وائي ميين عنات جا آهن ۽
بيتن ۽ وائيءَ ۾ سندس ئي نالو ڏنل آهي.
2. مخدوم جو سُر طالب (59 هون) بيت 30
3. مخدوم جو سُر سالڪ (60 هون) بيت 40. (نوٽ: پير
محمد عالم کي فقط هيءُ سُر ملي سگهيو، جنهن جو هن
ذڪر ڪيو آهي.)
4. مخدوم جو سُر عاشق (64 هون) بيت 40.
5. مخدوم جو سُر حبيب (62 هون) بيت 52.
6. مخدوم جو سُر آديسي (63 هون) بيت 48.
7. مخدوم جو سُر جوڳي (64 هون) بيت 50
8. مخدوم جو سُر عارف 65 هون) بيت 40.
9. مخدوم جو سُر هنگلاج (66 هون) بيت 53.
هر سُر جي آخر ۾ هي فُٽ نوٽ ڏنل آهي:
”وڌيڪ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ مخدوم لطف
الله شاهه عبداللطيف کان اڳ جو آهي.“
ڪتاب ۾ ان کان پوءِ هر سُر ۾ جيڪو صفحو ڏنل آهي
اُن جو سِرو هن ريت آهي: ’ماستر جو ڪلام ماستر
مخدوم جي پٺيان هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.‘
ايئن پوءِ هن پنهنجا اوترائي ٺاهيل بيت ڏنا آهن،
جيترا اُن سُر ۾ آهن. سندس سڀني سُرن (ڪتابڙن) کي
جانچڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪٿي به اهو
احوال يا حوالو نه ڏنو آهي ته پاڻ مخدوم جي نالي
ڏنل انهن سُرن جا بيت ڪٿان هٿ ڪيا. ماستر
عبدالرحمان دل پاران مخدوم جا سُر ڪري ڏنل بيت
مخدوم لاکي لطف الله جا آهن يا ناهن، انهيءَ باري
۾ اُميد ته ڪوشش ڪري انهن بيتن جي اصل حقيقت به
سگهو ئي سامهون آندو ويندو. هتي هيءَ وضاحت ڪرڻ به
ضروري آهي ته مٿين 66 سُرن مان 9 سُر مخدوم لطف
الله جي نالي سان باقي سمورا سُر ’سيد جو سُر‘ جي
سِري سان ڏنل آهن. هر سُر جي آخر ۾ هيءَ عبارت ڏنل
آهي: ’وڌيڪ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وٽ، شاهه عنايت
۽ شاهه عبداللطيف جو ساڳيو ڪلام هلي رهيو آهي.‘
آخر ۾ هيءُ نتيجو سامهون اچي ٿو ته لاکو پير- لطف
الله سنڌيءَ جو تمام وڏو شاعر هو، پر سندس شاعري
بنهه گهٽ ملي آهي. هيستائين فقط اُهي بيت ئي لاکي
پير- لطف الله جا سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ ’رسالي جو ڪلام‘ ۾ ڏنا آهن. اُهي بيت
اسان مٿي ڏيئي چڪا آهيون.
حوالا:
1. سجاولي پير محمد عالم قريشي صديقي، لاکو پير-
لطف الله، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع، ص- 14 .
2. ساڳيو حوالو، ص- 15.
3. ساڳيو حوالو، ص- 15.
4. ساڳيو حوالو، ص- 16.
5. ساڳيو حوالو، ص- 128.
6. ساڳيو حوالو، ص- 18.
7. ساڳيو حوالو، ص – 125
8. Brohi Ali Ahmed, `History on Tombstones-
Sindh and Baluchistan, Sindhi Adabi Board
Jamshoro, 2005, P 39 40-9 Same Ref. p.
10. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘ جلد
ڏهون، رسالي جو ڪلام ’علامه قاضي رسالو‘ تحقيقي
رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، 1996ع، ص 57.
11. ساڳيو حوالو، ص 110.
12. ساڳيو حوالو، ص 186.
13. ساڳيو حوالو، ص 235.
14. سجاولي پير محمد عالم قريشي صديقي، ’لاکو پير-
لطف الله‘ ص- 45.
15. ساڳيو حوالو، ص 45.
16. هنن ڪتابن جي هٿ ڪرڻ ۾ پنهنجي دوست، مانواري
محقق ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي مدد رهي. انهيءَ
سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد چنڙ، ريجنل ڊائريڪٽر
ڪاليجز به سهڪار ڪيو.
ڏنل فهرست جو عڪس
هي ڪتاب ماستر عبدالرحمان دل مرتضيٰ پريس حيدرآباد
مان ڇپائي شايع ڪيو.
ڪجهه سُرن/ڪتابن جي پهرين صفحن جا عڪس
|