عبدالخالق راهومون
عمرڪوٽ
سيف الله خالد يوسفاڻي پلي ۽ سندس يادن جا عڪس
ڌرتيءَ وارن جا درد پنهنجي دل ۾ سانڍڻ وارو سادو،
سٻاجهو، دلبر ماڻهو ائين وڇڙي ويو جيئن ڪو گُل
ڪومائجي ڇڻي وڃي، پر ان جي خوشبو رهجي وڃي، کيس
ڌڻي تعاليٰ سٺين خوبين ۽ خصلتن سان نوازيو هو. هُو
هڪ خوش خُلق، بردبار، نهٺو ۽ يارويس ماڻهو هو
انڪري سندس تڏي تي نوجوان اديبن ۽ شاعرن جا ميڙا
متل هوندا هئا.
وڏا نه ڪري وڏائي، |
وڏا نه ٻولي ٻول، |
هيرا مک سين نه ڪهي، |
لاک همارا مول. |
سندس اجرا احساس ۽ ڪومل جذبا وسندين جو اجاڙ يا
بيجان شين جي بربادي ڏسي تڙپي اُٿندا هئا. هُو
گُلن جي ڪومائجڻ تي ڏکي ٿي ويندو هو. هُن جي حساس
دل ڪنهن هيڻي سان بيجا حرڪت يا انياءُ ٿيندو ڏسي
بيقرار ٿي ويندي هئي. هُو اهڙو پيارو ماڻهو هو
جنهن جون مٺيون سدائين محبت جي گُلن سان ڀريل نظر
اينديون هيون، جنهن جي دنيا نفرت ۽ رقابت جي زهر
آلود فضا کان سدائين خالي نظر ايندي هئي، جنهن
سدائين زخمي دلين تي مرهم رکڻ، ستم رسيدن جي چهرن
تي مسڪراهٽون وکيرڻ ۽ بي چين روحن کي شانت ڪرڻ جي
سلسلي ۾ سرمدي دولت جو خزانو ڪٺو ڪرڻ لاءِ پنهنجو
قيمتي وقت ڏنو، پر اڄ اهو کاهوڙي اسان کي داغ
مفارقت ڏيئي اسان کان جسماني طرح جدا ٿي ويو آهي.
پروردگار عالم جي اٽل اصول موجب هت هرهڪ ساهوارو
وڃڻ لاءِ آيو آهي ۽ اسين سڀ انهيءَ پنڌ جا
پانڌيئڙا آهيون، جيڪي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل ڏانهن روان
دوان آهيون. درحقيقت اها منزل اڻ ڏٺل جهان ڏانهن
لاڏاڻو ڪري وڃڻ آهي.
يونان جي مشهور فلسفي افلاطون دنيا کي پنهنجو پاڇو
سڏيو، جرمن فلسفي (ڪانٽ) چيو ته هي دنيا پنهنجي
تصوير آهي، تصوف جا پرچارڪ هن دنيا کي خواب يا
سراب سڏين ٿا، پر ڀٽ ڌڻيؒ زندگيءَ جي تشريح هن ريت
فرمائي آهي:
جَر تي ڦوٽو جيئن، لهرين لڳي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهنڙو.
ان جَر ڦوٽي جيتري مختصر ۽ عارضي زندگيءَ کي هڪ
آدرشي ماڻهو اصولن جي پاسداري ڪندي بسر ڪري ٿو ۽
هو نيڪي کي بدي کان مٿاهون سمجهي ٿو. هو انساني
معاشري ۾ محبت و مصلحت، صلح ۽ رواداري جا روح ڦوڪي
ٿو. اهڙن گُڻن ۽ صفتن جي حامل من موهيندڙ، مڻيادار
۽ ساهه سريکي سڄڻ جون يادگيريون دل ۾ آنڌ مانڌ
ضرور پيدا ڪنديون آهن. ان جون پرملال يادون
ورهائيءَ جيان هر پل دماغ جي پردي تي عجيب و غريب
منظر پيش ڪنديون آهن.
لاگي پريت سڄاڻ سين،
جاڻت لوڪ اڻڄاڻ،
ان سان هيئت هوئي،
جن سين جيءُ ٻنڌاڻ.
اهي يادگيريون پاڻيءَ جي ڇولين وانگر هيٺ مٿي
ماڻهوَ کي لوڙهينديون وينديون آهن ۽ منظر بدلبا
ويندا آهن، ماڻهو انهن پلن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي، پر بي وسيءَ جو بار کين انهي ۾ ٻوڙيو
ڇڏي. انهن گذريل پلن کي ته ڪوبه ورائي ڪونه سگهيو
آهي. بيوسيءَ جي عالم ۾ رڳو ڪنهن کي ياد ئي ڪري
اکيون آليون ڪري سگهجن ٿيون. اهڙو ماڻهو جنهن سان
ڪيئي رشتا هجن جيڪو گهر جي ڀاتيءَ جيئن رهيو هجي ۽
هن سان جوڀن کان پيري تائين حياتي گڏ گذاري هجي،
ان تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر دل جو بار هلڪو
ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي سٽون لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو من
هنئين جو غبار ڪجهه گهٽ ٿي پوي:
موران نا مينهن نه وسري،
منگت نا ڏاتار.
تسي نا جر نه وسري،
هاري نا ڀتوار.
سڀ ساراهه ان قادر مطلق جي جنهن پنهنجي حڪمت سان
اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي اهڙا شاهڪار جوڙيا آهن، جو انسان
جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪي علائقا برف سان ڍڪيل،
پهاڙين، وادين جي حسين نظارن، خوبصورت ڍنڍن ۽
آبشارن سان سينگاري شهرت لائق ڪيائين. ڪن علائقن ۾
خوبصورت نخلستان، خوشگوار موسم ۽ زرخيز زمين عطا
ڪري شهرت بخشي ۽ ڪي علائقا جتي ظاهري طرح حسن جي
کوٽ هئي يا معاشي وسيلا گهٽ هئا، انهن علائقن جي
سڃاڻپ عظيم ڪردارن جي نالن سان ڪرڻ فرمايائين.
انڪري ڪي علائقا شخصيتن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته ڪي
شخصيتون علائقن جي نسبت سان سڃاتيون وڃن ٿيون. ان
لحاظ کان ناري پٽ ۽ ٿر جي عظيم ڪردارن جو وستار
ڪجي ٿو ته هڪ ڊگهي فهرست جُڙي پوي ٿي، جن جو
تفصيلي ذڪر طوالت جي ڊپ کان ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪري
سگهبو. سائين محمد عمر معمور يوسفاڻي پلي مرحوم جن
جو ڪردار انهن عظيم ڪردارن مان هڪ آهي جيڪي ناري
پٽ ۽ ڍٽ جي سڃاڻپ رهيا آهن. سندس بخت بالا هو جو
الله سبحان و تعاليٰ کين اَٺن پُٽن جو سپوت و صالح
اولاد عطا ڪيو. اهو سندن پرورش، فڪر ۽ ڪردار جو
ڪمال هو جو سندس سڄي اولاد ساهتي کيتر ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو آهي.
سندس وچيٽ فرزند سيف الله خالد پلي 4 جون 1961ع
ڌاري ٿرواهه جي ساڄي طرف عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ جي
ڀرسان واقع ڳوٺ نبي بخش پليءَ ۾ جنم ورتو. هُو
پنهنجي گريجوئيشن ۽ پروفيشنل تعليم جي سَنَدَ
(اي.ٽي. سي) باقاعدگي سان حاصل ڪرڻ بعد ڊرائينگ
ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽
اپراينيوئيشن تي پهچي نوڪري تان رٽائر ٿيو. هن
پنهنجا منصبي فرض انتهائي ايمانداري ۽ ديانتداري
سان نڀايا ۽ اسڪول جي هم نصابي سرگرمين ۾ اڳڀرو
رهيو.
اسان جي پهرين ملاقات 1987ع ڌاري گورنمينٽ مڊل
اسڪول حاجي محمد عالم پلي ۾ ٿي، جتي آءٌ جي.ايس.ٽي
جي خالي پيل جاءِ تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ
کان بدلي ڪرائي آيس. جتي علامه محمد ادريس جوڻيجو
هيڊ ماسٽر، محترم ڪريم بخش شيخ جي.ايس.ٽي، حبيب
الله جوڻيجو او.ٽي مقرر هئا. انهن ڏينهنِ ۾ هيءُ
اسڪول انتهائي اهميت وارو هو، جو هتي مسافر شاگردن
جو چڱو خاصو تعداد زيرِتعليم هو، جن جو تعلق تعلقي
ڇاڇرو جي ڏورانهن علائقن سان هو جتي مڊل توڙي هائي
اسڪولن جي اڻاٺ هئي. انهن ڏينهنِ ۾ پيئڻ جو پاڻي
ٿرواهه تان ڀري کڻي اچڻو پوندو هو ۽ مسافر شاگرد
ماني ٽڪر آسپاس جي ڳوٺن مان فقر ڪري آڻيندا هئا،
اتان جا معززين فقر گڏ ڪندڙ شاگردن کان بيگر ۾
پاڻي ڀرائڻ سميت گهر جو ڪم ڪار ڪرائيندا هئا.
وچولي درجي جا سفيد پوش دوست پڙهائيءَ دوران ٻارن
کي پاڻي ڀرڻ لاءِ طلب ڪري وٺندا هئا. ڳوٺ وارن جي
اها هجت مرحوم کي اڻسهائيندڙ لڳندي هئي ۽ هو غمگين
ٿي ويندو هو. جڏهن کيس صبر ڪرڻ لاءِ چئبو هو ته
مزاحيه انداز ۾ طنز ڪندي چوندو هو يار ڪو مون
وانگر بغير جُتي پائڻ جي راجا رستي کان عالم پلي
پيرين پنڌ ڌرتتيءَ جو اچي وڃي ڏيکاري ته آءٌ ان کي
مڃان ۽ هِتي جي پاڻي واري ذميواري آءٌ کڻان. ميان
جي اعتبار ڪريو ته منهنجو هتي پڄڻ جهاد اڪبري کان
قطعاً گهٽ ڪونهي. ڪلر ته ڏسو ڪهڙو ڇتو آهي جو
سائيڪل ۽ موٽر سائيڪل جي ڦيٿن کي جام ڪريو ڇڏي،
جُتيءَ جو وزن ڏهوڻو ڪريو ڇڏي. هتي اچون ٿا ته ٻار
(غير موجود) بيگار ڪيمپ حوالي آهن. سندس پڙهائڻ جو
انداز اهڙو ته منفرد هوندو هو جو ڏسڻ واري کي حيرت
وٺيو وڃي. ڊرائنگ جو ماهر هو، هُو هڪ خوبصورت
تصوير ڪڍي ڪانسيپٽ جي مختصر تشريح ڪري ٻارن کان
مزاحيه خاڪن تي گفتگو پيو ٻڌندو هو. جيڪڏهن ڪو
پڇندو هو ته يار توهان واهه جو ٿا پڙهايو! جواب ۾
چوندو هو اهو علم ڪهڙو جيڪو هڙ ۾ بند هجي ۽ ڦرجي
وڃي يا چورائجي وڃي. هڪ دفعي ڪريم بخش شيخ جو
مضمون جيڪو سيد ميان شاهه جي سوانح حيات جي عنوان
سان ’سارنگ‘ رسالي ۾ شايع ٿيو، ته سندس رهنمائيءَ
طور ڪجهه ڳالهيون سمجهايائين. مرحوم شاعريءَ جي
شروعات ننڍي عمر کان ڪئي، سندس وڏو ڀاءُ جڳ مشهور
تاريخدان ڊاڪٽر اسدالله پلي نه صرف سندس حوصله
افزائي ڪندو هو پر نثر توڙي نظم لکڻ جي سلسلي ۾
مناسب اصلاح پڻ ڪندو هو. اهڙي ماحول ۾ هُو شاعر جي
صنف غزل جو بي تاج بادشاهه ٿي اُڀريو.
سندس خيال جو پکي جتان ٿي اڏاڻو تنهن پاسي کي سندس
محبت جي عطر جي خوشبوء معطر ڪندي ٿي رهي ۽ هُو
پنهنجو قلمي پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ اوتيندو
ٿي رهيو. پاڻ ٻن ڪتابن، هڪ مولانا ابوالڪلام آزادؒ
جي ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ”انسانيت موت
جي دروازي تي“ نالو ڏيئي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ٻيو
سائين محمد عمر يوسفاڻيءَ جي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف
جا ٿر تان ڀيرا“ جو اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين،
جيڪو اڃان اڻڇپيل آهي، کيس ڪجهه وقت کان شگر ۽
بلڊپريشر جو عارضو لاحق هو پر هُن نه ڪڏهن محسوس
ڪرايو ۽ نه ئي وري بيماري کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ ڏنو.
هُو پنهنجا درد لڪائي منهن تي مُرڪ سجائي گهمندو
هو.
هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته هڪ دفعي اسڪول کان موٽندي
پنهنجي بس اسٽاپ لطيف نگر (راجه رستي) آيو ته
ڏٺائين ته ڪجهه ماڻهو هڪ پٺن اُگهاڙي ماڻهو تي
تشدد پيا ڪن ۽ مظلوم مسجد جي ديوار جهليو رڙيون
پيو ڪري ته آهي ڪو الله جو نيڪ بندو جيڪو ظالمن
مان منهنجي جند ڇڏائي، سيف الله جون اکيون پاڻي
سان ڀرجي آيون، وچ ۾ پئي معلوم ڪيائين ته اهو
مظلوم پرديسي هوٽل تي ڪم ڪندو هو، لاوارث هو، ان
ڪري هوٽل وارا سندس مزدوري ته کائي ويا پر الٽو
مٿس قرض لکي رکيائون. سيف الله انهن جي قرض جو ذمو
کڻي ٻئي ڏينهن جو وعدو ڪري ان مظلوم کي رات جو
اوطاق تي وٺي آيو. وٽس ادا ڪرڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا
سو پنهنجي وڏي ڀاءُ کي چيائين ته ظالمن کان آئون
ڇڏائي آيس، هاڻي قرض اوهين ڀريو، پوءِ ائين ئي ٿيو
۽ مظلوم دعائون ڪندو ويو.
آخرڪار 10 نومبر بروز اربع تي اوچتو سندس طبيعت
بنهه خراب ٿي پئي ۽ کيس اسپتال نيو ويو، پر سندس
طبيعت ۾ ڪو سڌارو نه آيو ۽ هُو اسان کان هميشه
لاءِ وڇڙي ويو. شال ڌڻي تعاليٰ سندس روح کي راحت
بخشي، کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس
سوڳوار خاندان وارن کي صبرِ جميل عطا فرمائي،
آمين!
نصير مرزا
حيدرآباد
شيخ اياز
جي شاعريءَ جي لغت
(تحقيق ۽ ترتيب ڊاڪٽر فياض لطيف)
اياز لغت... شيخ اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال
ٿيندڙ ڏکين لفظن ۽ محاورن جي معنائن جو سَمنڊ آهي.
سو ان ذخيم لغت نما سَمنڊ جي محض ڪناري تي بيھي،
ڪن لھرن جو ئي درشن آئون توهان کي ڪرائي سگهندس.
هن سمنڊ کي، نئين کيپ جي سڄاڻ محقق ۽ نامياري
صاحبِ اسلوب محقق ڊاڪٽر فياض لطيف، نھايت محنت ۽
جفاڪشيءَ سان هڪ ڪوزي اندر بند ڪري، سدائين لاءِ
هيءَ نالو تجويز ڪيو آهي. يعني:
”شيخ اياز جي شاعريءَ جي لغت“
ياد رکو، هي اهڙو نالو آهي، جيڪو صدين تائين نه
فقط شيخ صاحب، پر خود ڊاڪٽر فياض جي نالي سان به
حوالي طور ورجائبو رهبو.
لغت جو فن يا ان لفظ لغت جي معنيٰ ڇا آهي؟ انهيءَ
جو ورجاءُ هتي ضروري ناهي، جو هيءُ منھنجو ڪو
تحقيقي پيپر نه صرف هن لغت جو سرسري تعارف آهي.
هتي
آگاهه رهجي، ته جنھن هيءَ لغت جوڙي راس ڪئي آهي،
يعني ڊاڪٽر فياض لطيف ان کي وڏو اعزاز ته هي به
حاصل ٿيو، جو پاڻ شيخ صاحب جي شاعريءَ جي جنھن
رُخ، جنھن پھلوءَ تي پي.ايڇ.ڊي ڪري ادب جا ڊاڪٽر
سڏرايا ويا انهيءَ جو عنوان هو:
”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“.
ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر فياض لطيف جنھن، شيخ صاحب جي
شاعريءَ کي ذهانت ۽ محنت جي ڪرنڦل ۾ ڪاڙهي لغت جو
هيءَ جيڪو عرق گلاب نھايت اورچائي سان ڪشيد ڪيو
آهي، ان کان سواءِ به شيخ صاحب جي حوالي سان سندس
وڌيڪ چئن سھيڙيل ڪتابن مان ٻن جا نالا ياد اچي ويا
اٿم ۽ اهي ڪتاب هي آهي: ”مون سان منھنجا سپرين“.
ان ڪتاب ۾ هُن شيخ اياز صاحب جا ٽڙيل پکڙيل خط
سھيڙيا آهن. ٻيو مرتب ڪيل ڪتاب آهي: ”شيخ اياز جي
شاعريءَ جو مطالعو“ جنھن ۾ همعصر دؤر جي ناميارن
ليکڪن جا شيخ اياز صاحب بابت مقالا ۽ مضمون گڏ ڪيل
آهي. اهم ڳالهه هيءَ، ته ان سھيڙ ۾ ڊاڪٽر فياض جو
پڻ انتھائي اهم ۽ جامع مقالو شامل آهي، جنھن جو
عنوان آهي:
”شيخ اياز جي لوڪ گيتن جو جمالياتي اڀياس“
هِتي ڇا حرج… جي شيخ صاحب جي خاص ڪر شاعريءَ بابت
جن هستين هن جي دفاع ۽ واکاڻ ۾ گهڻي ۾ گهڻو پئي
لکيو آهي، انهن جا نالا به ڄاڻائجن. جيئن مثال
طور: رشيد ڀٽي، پوءِ محمد ابراهيم جويو، مدد علي
سنڌي، بعد ۾ امير علي چانڊيي، تاج جويي، جامي
چانڊيي، نصير مرزا، آغا سليم، ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽
دؤر حاضر ۾ وري ڊاڪٽر فياض لطيف جو ئي نالو وڏي
اهميت سان وٺي سگهجي ٿو، جنھن پوري تياريءَ سان
شيخ اياز صاحب بابت گهڻي ۾ گهڻو پئي لکيو آهي ۽
ڪيئي يادگار ڪتاب پڻ مرتب ڪيا آهن.
هتي تذڪرو ڇاڪاڻ ته صرف ڊاڪٽر فياض جي هن ”ايازِ
لغت“ جو، ان ڪري ٻڌائيندو هلان ته شاهه لطيف
سائينءَ جي سوين سوانح نگارن ۽ محققن مان جيئن مون
کي تحقيق جي دنيا ۾ ”انداز تحرير ۽ دلڪش نثر“
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب يا پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي
صاحب جو پسند آهي، ائين شيخ اياز صاحب جي تخليقي
ڪائنات کي بيان ڪندڙ نئين دؤر جي جوان محققن مان
جن ٻن تحقيق ڪندڙن جو نثري اسلوب پسند آهي، انهن
مان هڪڙو ته ڊاڪٽر اسحاق سميجو صاحب ۽ ٻيو اسان جو
هيءَ ڊاڪٽر فياض لطيف.
شيخ اياز بابت ڊاڪٽر فياض جو نثر روايتي ۽ روٽين
وارو تحقيقي نثر ناهي، اهو خالص تخليقي نثر آهي، ۽
ان ۾ خشڪي ۽ بوريت نه، پر دلڪشي ۽ دلفريبي آهي ۽
نصابي هجڻ جي باوجود اُهو نصابي نوعيت جو قطعي
ناهي. هتي ڊاڪٽر فياض جي اهڙي تخليقي تحقيقي نثر
جو نمونو به مون کان ٻڌندا هلو- لکن پيا:
-شيخ اياز صاحب صدا حيات فڪر ۽ بارش جھڙي ڏات سان،
اسانجا سينا سيراب ڪيا آهن. اياز جي شاعريءَ ۾
رومي جو رقص آهي. سرويچيءَ جو نظارو آهي ۽ نثر ۾
وري نغمگي ۽ نرمي آهي ۽ ڇا نثر ۽ ڇا نظم؟ هن جي
ڏات، ننڊ آڇيندڙ نه، پر ننڊ کسي اوجاڳا ڏيندڙ.. ۽
بي چين ڪندڙ آهي.
اڳتي لکن ٿا، شيخ اياز، اهڙو سگهارو سرجڻھار آهي،
جنھن وٽ ٻولي تخليق ڪرڻ جو به زبردست ڏانءُ آهي.
هن جون سٽون مائيڪلواينجلو جي ڪنھن پئنٽنگ جيان
آهن، جن ۾ رنگن جي راحت ۽ راحتن جا رنگ آهن.
هن اياز لغت جي ناشر، يعني موجوده چيئرمين سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي ڊاڪٽر اسحاق سميجي پنھنجي نوٽ ۾
ڄاڻايو آهي ته ڪنھن وقت اٿارٽي انتظاميه کي ميمبر
جي حيثيت ۾ مون ئي هھڙي ”اياز لغت“ جوڙڻ لاءِ صلاح
ڏني هئي، پر حُسنِ اتفاق، منھنجي ان خواب کي
ڊاڪٽر فياض ساڀيا جو روپ ڏنو آهي. مٿان اعزاز جي
هيءَ ڳالهه ته، هاڻي چيئرمين جي حيثيت ۾ اِها لغت
منھنجي ئي ايامڪاري دؤران شايع ٿي رهي آهي.
منھنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر سميجي پاران ڪنھن سڀاڳي
گهڙيءَ ۾ اِها سوچ سوچي وئي هئي، جنھن سبب مختصر
مدت ۾ اها نه فقط ڊاڪٽر فياض هٿان پايهءِ تڪميل کي
پھتي، پر لائق صد احترام، ٻولي ماهر ججن ان کي سال
2022ع جي بھترين لغت جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو،
جنھن جي طفيل، ڊاڪٽر فياض کي محنتاڻي سان گڏوگڏ
اجر طور پورهئي جو مُور به ڄڻ ميسر ٿي ويو، جنھن
لاءِ ڊاڪٽر فياض کي هر طرح سان مبارڪباد پيش ڪجي
ٿي.
اياز لغت جي مھڙ ۾ جيئن ڊاڪٽر فياض ۽ ڊاڪٽر اسحاق
جو خيال آهي ته، ويھين صديءَ جي شاعرن ۾ شيخ اياز
صاحب ئي اهڙو شاعر هو، جنھن همعصرن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾
وڌ لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ ايئن تشبيھن جي ڪائنات
جوڙڻ سان گڏوگڏ قديمي محاورن کي به جدت جا نوان
مفھوم ۽ معنائون ڏيڻ ۾ پڻ هُو ڪامياب ٿيو. هتي،
شيخ اياز صاحب سان گڏ ويھين صديءَ ۾ اياز صاحب جي
همعصر طور پر روايتي رنگ جي شاعر مولوي احمد ملاح
جو به آئون خصوصن ذڪر ڪندس، جنھن شيخ صاحب وانگر
سنڌي ٻوليءَ جا ايترا ته گهڻا لفظ پئي استعمال ڪيا
۽ متعارف ڪرايا، جو بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
جيستائين مولوي احمد ملاح شاعري ڪندو رهندو ۽ گڏ
نوان نوان لفظ ۽ محاورا گهڙيندو رهندو، سنڌي لغت
جو ڪم به، تيستائين جاري و ساري رهندو. بھرحال مڃڻ
مراد، ته جديد همعصر وڏن شاعرن مان نياز همايوني،
شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ امداد
حُسينيءَ جي مقابلي ۾ واحد شاعر شيخ اياز صاحب
هئا، جنھن جي شاعريءَ جي سنڌي لغت گونان گون نظر
اچي ٿي. شاهه لطيف سائينءَ کان قطع نظر، لاڙ، اتر،
ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي سان گڏ فارسي جا لفظ به جيترا
شيخ اياز پنھنجي شعرِ مالھائن ۾ پويا آهن، ڪنھن به
ٻئي سنڌي شاعر وٽ ايترا نظر ئي نٿا اچن. ياد رهي
ته انهن شاعرن جي مقابلي ۾ شيخ اياز صاحب سنڌ جي
سڀني طبعي ڀاڱن جا سئر سفر به ته ڪيا هئا ۽ ڊائرين
۾ اتان جي لفظن ۽ محاورن کي معنائن سميت محفوظ به
ڪندو پئي ويو ۽ پوءِ اهڙي شبدا ولي يعني لفظن جي
ذخيري کي تخليقي انداز ۾ استعمال به ڪندو ويو،
جنھن لاءِ پاڻ هڪ بيت ۾ اظھار به ڪيو اٿن. چون
پيا:
جيئن هي موتين پَوچَ، تيئن هيءَ منھنجي شاعري
رات به اُن جي لوچَ، ڏينھنُ به ان جي ڏاهه ۾.
هاڻي اختصار سان ”شيخ اياز لغت“ جي لفظن ۽ ڊاڪٽر
فياض پاران ڏنل مفھومن مان به لطف اندوز ٿا ٿيون.
ڪتاب جي اندر ڊاڪٽر اسحاق صاحب بلڪل درست لکيو آهي
ته:
شيخ اياز صاحب هزارين گمنام ۽ گم ٿيڻ لاءِ تيار
لفظن کي، نئين رنگ ڍنگ سان شعر مالها ۾ پوئي ڄڻ
سدائينءَ لاءِ بچائي ورتو آهي ۽ نه فقط بچائي ورتو
آهي، پر انهن کي نئين ۽ علامتي معنائن جو پوش به
پھرائي ڇڏيو آهي. منھنجو خيال آهي ته، وڏو ۽
زبردست، تخليقي شاعر ائين ئي ڪندو رهندو آهي.
اردوءَ ۾ برابر ته مرزا غالب، مير تقي مير ۽ مير
انيس پنھنجيءَ زبان جا نھايت وڏا محافظ هئا، پر
گڏوگڏ انهن اهڙن شاعرن مان مير انيس پنھنجي
شاعراڻي ٻوليءَ تي فخر ڪندي، غرور منجهان هي به ته
لکيو هو:
گلدستہِ
معنی
کو نئے
رنگ سے
باندھوں٬
اک پھول کا مضموں
ہو تو٬ سو رنگ سے
باندھوں۔
۽ پنھنجي قلم جي جلوي تجلي لاءِ فخريه هي به لکيو:
ایک
بجلی
تھی
مگر لاکھ جگہ گرتی
تھی
ياد ڪريو.. هندستان جو جيڪو قومي ترانو ٽئگور صاحب
لکيو هو، ان ۾ هن هڪ ترڪيب يا محاورو به استعمال
ڪيو هو.. ”جن گن من..“ معنيٰ هي ترانو، هندستان ۾
رهندڙ، هر جاتيءَ جي دل جو آواز آهي. يعني اُهو
ڄڻي ڄڻي جو پنھنجو آهي. شيخ صاحب به اِها ترڪيب
استعمال ڪئي آهي، چوي ٿو:
منھنجي ڪوتا جاپ جڳن جا، اڻ ڳاتل آلاپ جڳن جا، شال
ڌئان مان پاپ جڳن جا.. جن گن من جا.
يا هي جيڪو اياز صاحب جو طويل نظم آهي ”مون کان
گيت/ڳنهي سگهندين تون“ ان ۾ شيخ صاحب ’حرامي‘
اُچار سان اهو لفظ هڪ سٽ ۾ سمايو آهي، پر اهو
حرامي گار يا غلط مفھوم ۽ صورت خطيءَ ۾ بلڪل ناهي،
پر اُهو ”هر... عامي“ عين الف اُچار سان لکيو ويو
آهي. سندس اُها سربستي سِٽ آهي . . .
هي گيت اجهل آزاديءَ جا ۽ ٻانهن ٻَل آزاديءَ جا،
جو ڪيري ڪوٽ غلاميءَ جا، هي گيت انهي، هر-عاميءَ
جا...
معنيٰ، جن گن من جا، يعني هر عام خاص ماڻهو جا- يا
مثال طور: شيخ صاحب جي ان ساڳي نظم ۾ تجنيس حرفي ۾
چيو اٿن: هي گيت اڃايل مورن جا، ريتيءَ تي ڪنٺ
ڪٺورن جا. ظاهر آهي ڪنٺ ڪٺورن وارو مرڪب لفظ يا
محاورو يڪدم ڪنھن جي به سمجهه ۾ اچڻ وارو ناهي ۽
اسان شاعرن کي ئي دير سان ٿو پلئه پوي، سو فياض
آئنده نسلن لاءِ ان ڏس ۾ به آسانيون پيدا ڪري
ڏنيون آهن، ايئن هن لغت کان قطع نظر ياد رهي ته
ڊاڪٽر فياض کان اڳي ويھين صديءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعرن
جي حوالي سان، اهڙين لغتن ٺاهڻ جو رواج شمس
العلماء ميرزا قليچ بيگ مروج ڪيو هو ۽ ’شاهه جي
رسالي جي ڪنجي‘ ۽ ’لغات لطيف ۽ لغات قديمي‘ جھڙا
خزانا اسان کي ڏنا. پوءِ چينراءِ سامي صاحب ۽ ان
بعد ”سچل سائين تي شاعري جي لغت“ وري ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر بدر ڌامره پڻ تيار ڪئي
آهي.
۽ هاڻي نذر نياز ۽ تبرڪُن طور ڊاڪٽر فياض جي هن
اياز لغت مان الف-بي وار، اهڙا ٿورڙا ڪي ڏکيا لفظ
۽ محاورا ڏسو جيڪي شيخ صاحب خصوصيت سان استعمال
ڪيا آهن. مثال طور: الف سان شروع ٿيندڙ لفظ اسارا
.. اسارا.. هاڻي ان لفظ اسارا اسارا- جو ڇا مطلب؟
معنيٰ ”سڃ، ڀينگ.“
۽ هاڻي ان اسارا لفظ جي استعمال وارو شعر ٻڌو:
نه تڙ تي تماچي نه گندري گذارا
اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪنارا..
يا مثال طور اياز صاحب وٽ ٻيو لفظ استعمال ٿيو:
آڀي. . هاڻي اِهو به اسان شھرين لاءِ ڏکيو آهي،
جنھن جي معنيٰ ڊاڪٽر فياض لکي آهي ”ڳڀ جي موسم.“
آڀي ۾ اڙانگيوڙي لا، واء وڄن سان ونگوڙي همرچي جو
ويلوڙي
يا ٻيو لفظ آڍو- ۽ ان جو مطلب ڇا؟ معنيٰ ”پوڙهو“ ۽
ان جو استعمال اياز صاحب وٽ ڏسو:
دل سدا جوان آهي، عشق ڪيئنءَ ٿئي آڍو.
يا لفظ آرڻ، معنيٰ ”جنگ“- شيخ اياز وٽ اهو هن ريت
استعمال ٿيو.
امڙ نه آيا، آرڻ مان اڄ پُٽڙا
يا آنبوهيل گدِريون، معنيٰ ”پڪل“. هي به بيحد
ٽپيڪل لفظ آهي ۽ اياز صاحب ان کي جماليات سان ڀري
استعمال ڪيو آهي.
يعني: آنبوهيل گدريون، گوريون تنھنجي گج ۾.
مثال طور شيخ صاحب هڪ نئون لفظ به ايجاد يا
اختراءَ ڪيو هو ڌَرَ ۽ ان کي ڌرتيءَ، سرشتيءَ جي
معنيٰ ۾ قافيه طور به استعمال ڪيو آهي، لکيو اٿن.
”مان ئي جر جي جيت هان، مان ئي ڌرَ تي ساس “
يا ’ت‘ حرف سان لفظ استعمال ڪيو اٿن. تبر.. جنھن
جي معنيٰ ڊاڪٽر فياض ڄاڻائي آهي ”وڏي ڦر واري
ڪھاڙي“- ۽ هاڻي هي ڏسو، ان مفھوم سان ان لفظ تبر
کي شيخ صاحب ڪيڏي نه مھارت سان استعمال ڪيو آهي.
چوي ٿو:
تبرَ تولاءِ آهي، وڄ جيئن ٿي جا کنوي
۽ يارو . . . ياد اٿؤ نه؟ محمود غزنوي، فردوسيءَ
کي ڇا چيو هو..؟ اي عظيم شاعر! تون شاهه نامو لک،
هر بيت تي توکي آئون سوني اشرفي ڏيندس ۽ دوستو،
هيڏانهن آئون محمود غزنوي ته ناهيان پر سنڌي لفظن
جي ڪاروون واري خزاني جو مالڪ برابر ته پاڻ کي
سمجهندو آهيان. سو پنھنجي واکاڻ وارن اهڙن هيرن
جواهر سما لفظن کي پنھنجي همعصر محقق، ڊاڪٽر فياض
لطيف جي هن املهه لغت ۽ خود مٿانس به گهوري، توهان
کان اجازت ٿو وٺان.
[13- جولاءِ 2023ع، سنڌي آئيوٽا واري ڏهاڙي تي،
اٿارٽيءَ جي بلوچ صاحب هال ۾ پڙهيو هئم. ن.م] |