محمود احمد مودي
مترجم: منور ٻٽ
ٽنڊوجان محمد
آزادي
ميداني علائقي ۾ شام جا پاڇا جلدي پکڙجي ويندا
آهن. خاص طور تي سال جي آخري ڏينهنِ ۾، اهو ڳوٺ به
انهن ڏينهنِ ۾ جلدي اوندهه جي چادر ڍڪي ڇڏيندو هو.
ڪيپٽن ان ڏينهن ويٺو هڪڙي هفتيوار رپورٽ جو مطالعو
ڪري رهيو هو. ڪيپٽن هن وقت هڪ ڪم ۾ مصروف هو. هن
ڳوٺ تي قبضي کان پهريائين هيءَ ميئر جي آفيس هوندي
هئي. مطالعو ڪندي هُو چانهه جون چسڪيون به ڀري
رهيو هو.
اوچتو اردليءَ دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ اجازت
ملنديئي اندر اچي ويو.
”سائين! اسان جو مخبر شاهو آيو آهي. هن کان
پهريائين هُو ليفيٽنٽ چارلس کي رپوٽون ڏيندو هو،
پر هن دفعي چئي ٿو ته معاملو نهايت اهم آهي، ۽ هُو
سڌو سنئون توهان سان ڳالهائڻ ٿو گهري.“
”تون وڃ، مان هڪ ضروري ڪم کان واندو ٿيڻ کان پوءِ
ان کي سڏرايان ٿو.“ ڪيپٽن رعبدار لهجي ۾ چيو.
اردليءَ جي وڃڻ کان پوء ڪيپٽن لوهي الماريءَ جو هڪ
خانو کوليو ۽ گهڻن ئي فائيلن جي وچ مان هڪڙو سنهڙو
فائيل ڪڍيو، ان فائيل جي سرسري مطالعي کان پوءِ هن
کي معلوم ٿيو ته انهن جو مخبر شاهو ڳوٺ تي هنن جي
قبضي کان اڳ ۾ معمولي سرڪاري ملازم هو ۽ دفتر يا
گهٽي ۽ پاڙي ۾ ان جو ڪو به دوست ڪونه هو. اهو غير
شادي شده هو. گهڻو ڪري ان کي ماڻهو پسند ڪو نه
ڪندا هئا. ڳوٺ تي قبضي کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي
سرڪاري ملازمن سان گڏ هن جي به نوڪري ختم ٿي وئي
ته هُو مخبر ٿي ويو. قبضو ڪندڙ فوجين جي لاءِ
مخبري ڪرڻ لڳو. انهن فوجين جي خلاف جتي سڄي ملڪ ۾
مزاحمتي تحريڪ هلندڙ هئي، اتي هيءُ ڳوٺ به ان کان
محفوظ ڪونه هو.
خفيه مزاحمتي تحريڪ جا ڪارڪن يا همدرد جيڪي پنهنجو
پاڻ کي حريت پسند چوندا هئا. قبضو ڪندڙ فوجين جي
خلاف پنهنجون سرگرميون جاري رکيون پئي آيا ۽ جتي ۽
جيئن به انهن جو داءُ لڳندو هو، اهي فوج کي نقصان
پهچائڻ کان سواءِ ڪونه رهندا هئا. شاهو پنهنجي هم
وطنن جي باري ۾ مخبري ڪندو هو.
ان کان پهريائين هُو ٽي دفعا مزاحمتي ٽولن جي باري
۾ معمولي خبرون کڻي آيو هو. اهي خبرون توڙي
ليفٽيننٽ چارلس کي پهريائين ملي چڪيون هيون ته به
هن محسوس ڪيو ته شاهو ڪم جو ماڻهو آهي. ان شاهوءَ
جي همت افزائي ڪئي هئي ۽ ٻه دفعا ان جي مخبري
معاوضو کاڌي جي صورت ۾ ۽ هڪ دفعو روڪ پئسن جي صورت
۾ ادا ڪيو هو.
ڪيپٽن فائيل واپس الماري ۾ رکيو ۽ ٻيهر اچي پنهنجي
ڪرسيءَ تي ويٺو. اڌ گرم چانهه ختم ڪري ان سگريٽ
دکايو ۽ هڪ دفعو وري سوچن ۾ ٻڏي ويو. ان کي اهو ته
احساس هو ته کيس انهيءَ ماڻهو شاهوءَ سان ضرور ملڻ
گهرجي پر هُو پنهنجو پاڻ ۾ ان جي همت ڪونه ٿي ڪري
سگهيو. اهو خالص فوجي هو ۽ پاڻ جهڙن ئي ماڻهن سان
ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا مقابلو ڪرڻ پسند ڪندو هو. ان
ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ هن لاءِ مستقل مٿي جو سور ثابت
ٿيو هو ۽ انهيءَ تجربي هُن کي اندران ڳاري ڇڏيو
هو. هُن ٿڌي جابلو علائقي ۾ واقع هن چڱي ڀلي
آباديءَ جي ڳوٺ ان کي چڻا چٻرائي ڇڏيا هئا. ان ڳوٺ
جا ماڻهو ڏاڍا عجيب هئا.
انهن مان گهڻا اهڙا ماڻهو هئا جو رڳو چاڪ سان ڀت
تي لفظ ’آزادي‘ لکڻ لاءِ گولين سان جسم پُرڻ ڪرائڻ
گوارا ڪندا هئا، قبضو ڪندڙ فوجين جا رستا گهٽين
مان لنگهندا هئا ته ڳوٺ جا ماڻهو درين مان جهاتيون
پائي هڪدم رڙيون ڪندا هئا. ”آزادي“ ۽ پوءِ لڪي
ويندا هئا. انهن کي ان ڳالهه جي به پرواهه نه
هوندي هئي ته متان انهن جي گهرن کي رڳو اهو لفظ
چوڻ جي ڏوهه ۾ بمن سان تباهه ڪيو وڃي. اهي ماڻهو
انهي لفظ جو ورد ڪري ڪري مئا ٿي ويا جڏهن ته ڪيپٽن
جي خيال ۾ انهن کي آزاديءَ جي مطلب جي ئي خبر نه
هئي. آخر انهن کي تڪليف ڪهڙي هئي؟ هر شيءِ جي ته
کين آزادي هئي. انهن کي صرف اهو ته ڪرڻو هو ته
پهريائين وانگر ملڪ جي لاءِ ڪم ڪندا رهن ها ۽
حڪومت جا حڪم مڃيندا رهن. حاڪم بدلجي ويا هئا ته
ڇا ٿي پيو؟ انهن کي خوش ٿيڻ کپندو هو ته پاڻ کان
ڪيترو ئي هڪڙي وڏي ملڪ جو حصو تي ويا هئا، پر ان
جي خلاف انهن جو رويو ڪيپٽن جي خيال ۾ سمجهه ۾ نه
ايندڙ ۽ غير انساني رهيو هو.
شروع ۾ قبضو ڪندڙ فوجين انهن کي هر طرح جي آزادي
ڏني هئي ۽ انهن سان تمام گهڻي نرمي ڪئي هئي جنهن
جو صلو انهن اهو ڏنو ته علي الاعلان هنن سان
مقابلو شروع ڪري ڏنو. آخرڪار قابض فوجين انهن جي
سمورن سرڪاري ادارن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي
ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي زياده تر انتظام پاڻ ئي
سنڀاليو ۽ سختي شروع ڪري ڏني تڏهن انهن جي مزاحمتي
تحريڪ لڪي وئي ۽ تحريڪ جي طريقيڪار ۾ گهڻي چالاڪي
اچي وئي.
ڪيپٽن ڊگهو ساهه کڻي سگريٽ وسائي ڇڏيو ۽ گهنٽي
وڄايائين، اردليءَ ڪمري ۾ نهاريو ته ڪيپٽن حڪم
ڏنس. ”شاهوءَ کي موڪلي ڏي.“
ٿوري دير کان پوء شاهو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ دروازي
ويجهو ئي رڪجي ويو. اهو هڪ ڏٻرو شخص هو. ان جي
هڏائين جسم تي ان جي کوپڙي ڪافي وڏي لڳندي هئي. ان
جون اکيون ڪجهه خماريل هيون ۽ انهن ۾ پاڻي ڀريو
پيو هو. ان جي شلوار اڌ پنيءَ تي هئي. ان کي بغير
جورابن جي جوتو پاتل هو. ان جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ ڏاڙهي
وڌيل هئي…
ڪيپٽن ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ هو گهٻرائيندو ان
جي سامهون اچي ويٺو. ڪيپٽن سگريٽ جو پاڪيٽ کولي ان
ڏانهن وڌايو. ان پاڪيٽ مان هڪڙو سگريٽ ڪڍي دکايو ۽
جلدي ڦوڪ ڀرڻ لڳو.
”مان توهان وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهيان سائين…“
آخرڪار ان نفرت گڏيل آواز ۾ ڳالهايو.“ ته ڳالهه
نهايت اهم آهي سائين… هن کان پهريائين مان جناب
ليفٽينٽ صاحب سان ڳالهيون ڪندو هئس. اهو مون تي
ڏاڍو مهربان رهيو آهي. اڄ هڪ دفعو وري منهنجا ٻچا
بک ڪري مري رهيا…“ ان جو آواز ڄڻ ان جو ساٿ ڇڏي
ويو.
ڪيپٽن ان جي رڪارڊ جو فائيل پڙهي چڪو هو ته اهو
اڃا پرڻيل ڪونه هو. ظاهر آهي هو ٻارن جي باري ۾
ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو، تڏهن به ڪيپٽن کي ايترو
اندازو ضرور هو ته اهو خود بک ۾ مري رهيو هو. اها
ڳالهه ڪيپٽن لاءِ گنڀيرتا جو باعث هئي. بُکايل
ماڻهوءَ جو ضمير زياده سستي اَگهه ۾ خريدي سگهجي
ٿو. ”جيڪڏهن تنهنجي آندل خبر اهميت واري ٿي ته
توکي چڱو معاوضو ڏنو ويندو.“ ڪيپٽن رعبدار لهجي ۾
چيو.
شاهوءَ جي ڄڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي نموني
ڳالهه ڪري. ”سائين…! ان ڳالهه جو واسطو… توهان جي
آفيسرن سان آهي…“ ان هٻڪي هٻڪي ڳالهايو پوءِ ڄڻ ان
جملي جو نهايت دکوئيندڙ حصو ادا ڪيو. ”جيڪي گم ٿي
ويا آهن. توهان جا ڪيئي آفيسر گم ٿي ويا آهن نه؟“
ڪيپٽن پوري ڪوشش ڪئي ته ان جي چهري مان ڪنهن به
قسم جي تاثرات جو اظهار نه ٿئي توڙي اهو مشڪل ڪم
هو. پنهنجي گم ٿيل آفيسرن جي ذڪر تي چهري کي اڻ
گهٻرائيندڙ رکڻ ڪيپٽن لاءِ هڪ صبر آزما گهڙي هئي.
صرف اٺاويهه ڏينهن پهريائين هُو پنجن آفيسرن ۽
چاليهه جوانن سان گڏ آيو هو. ان مان هينئر تائين
چار آفيسر ۽ ڪيترائي جوان گم ٿي چڪا هئا. اهي ڪنهن
نه ڪنهن مهم تي هيڊ ڪوارٽر مان روانا ٿيا هئا ۽
واپس ڪونه آيا هئا.
باقي ماڻهن ۾ نهايت گهٻراهٽ پکڙجي وئي هئي. هاڻي
جوان گشت تي روانا ٿيندا هئا ته انهن جي چهرن تي
فتح منديءَ جي چمڪ جي پاران موت جي خوف جا پاڇا
هوندا هئا. صرف ليفٽينٽ چارلس ۽ ڪيپٽن جي انتظام
انهن کي گڏ رکيو هو. ورنه انهن ۾ ڦوٽ پئجي وئي هجي
ها ۽ اُهي سڀڪجهه ڇڏي ڀڄي ويا هجن ها.
”مون کي معلوم ٿي ويو آهي ته توهان جا پنج آفيسر
ڪيئن گم ٿيا آهن.“ شاهوءَ چيو.
”پنج نه… چار…“ ڪيپٽن صحيح ڪيو.
”هاڻي ليفٽينٽ چارلس کي به ڳڻي ڇڏيو سائين.“
شاهوءَ تشويش واري لهجي ۾ چيو.
”ڇا؟“ ڪيپٽن جي چهري تان سرد مهريءَ جو نقاب هڪدم
لهي ويو. ”ليفٽيننٽ چارلس ته گذريل رات هڪ اهم مهم
تي شهر ويو آهي.“
”اهو ڳوٺ مان ٻاهر وڃي ڪو نه سگهيو آهي سائين.“
شاهوءَ وڍيندڙ لهجي ۾ اطلاع ڏنو.
ڊگهي ۽ ويڪري ڪمري ۾ ماٺ ڇانئجي وئي… پوء شاهوءَ
چيو. ”سائين! منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو نٿا سمجهن ته
توهان جو اچڻ اسان لاءِ ڪيترو فائديمند ٿي سگهي
ٿو. هي ماڻهو بيوقوف جهنگلي آهن. انهن کي معلوم نه
آهي ته مزاحمت… “
”منهنجي آفيسرن سان ڇا ٿيو آهي؟“ ڪيپٽن ان جي
ڳالهه ڪاٽي پُڇيو.
”اهي وڏي مڪاري واري ٺڳيءَ جو شڪار ٿيا آهن سائين!
ان ٺڳيءَ جو دارومدار هڪ جهنڊي تي آهي. مان اهو
جهنڊو توهان کي ڏيکاري ٿو سگهان.“ شاهوءَ چيو.
”ٺڳي ڪهڙي آهي؟“ ڪيپٽن پڇيو.
شاهوءَ ڏڪندڙ هٿن ۾ چهرو لڪايو ۽ کنگهڻ لڳو. ڪجهه
گهڙين کان پوءِ ان چهري تان هٿ هٽايا ۽ ڪنڌ جهڪائي
پنهنجي آڱرين جي ننهن جو هروڀرو جائزو وٺندي
چيائين.
”سائين…! پهريائين مسئلو معاوضي جو ٿو اچي.“ ان جي
لهجي ۾ هڪ دفعو وري رکائي اچي وئي. ”توهان کي
معلوم نه آهي ته منهنجا ٻچا ڪڏهن کان بکيا آهن.“
ڪيپٽن ڪجهه گهڙين تائين ان کي اکين ئي اکين ۾
توريندو رهيو پوء ڍرڙي لهجي ۾ چيائين. ”توکي ويهه
روپيه ملي ويندا.“
”اڳواٽ؟“ شاهوءَ جي لهجي ۾ اٻهرائي ڀرجي آئي.
”بلڪل نه. جڏهن تون مونکي پوري ڳالهه ٻڌائيندين ان
کان پوء ملندئي.“ ڪيپٽن فيصلي واري لهجي ۾ جواب
ڏنو.
شاهوءَ جي حليي مان ظاهر هو ته هُو ان سلسلي ۾ بحث
ڪرڻ ٿو گهري، پر پاڻ ۾ اهڙي همت نه ٿي سمجهيائين.
آخرڪار ان کنگهي نڙي صاف ڪندي چيو. ”اهو معاملو
حقيقت ۾ ٻڌائڻ جو نه آهي، پر ڏيکارڻ جو آهي. مان
توهان کي هڪ خفيه اڏو ڏيکارڻ ٿو گهران جتي هڪ
نشاني طور جهنڊو لڳل آهي. جهنڊو ڇا بس ظاهر ۾ هڪ
معمولي ٿڳڙي آهي. اهي ماڻهو ان کي حُريت جو جهنڊو
چوندا آهن. هتان صرف ڪجهه منٽن جو پنڌ آهي توهان
آسانيءَ سان مقامي ماڻهوءَ جو روپ ڪري سگهو ٿا.“
”مان ويهه جوان وٺي هلندس ۽ تون اسان جي رهنمائي
ڪندين.“ ڪيپٽن ان جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن کي به ساڻ کڻندا يا روايتي
انداز ۾ ته اسان چند قدم به اڳتي نه هلي سگهنداسين
۽ خبر پوري شهر ۾ پکڙجي ويندي. صرف اسان ٻه
هلنداسين ۽ اهو به انهي طرح ته توهان هڪ عام
ڳوٺاڻي جي روپ ۾ هوندا.“
ڪيپٽن انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اهو رات جي اونداهيءَ ۾
ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪرڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ تيار نه هو.
”توهان سان گڏ هلي اصل خطرو ته مان کڻي رهيو
آهيان. سائين!“ شاهوءَ ويچارو ٿيندي چيو. ”جيڪڏهن
ڪنهن مون کي توهان سان گڏ ڏسي ورتو ۽ سڃاڻي ورتو
ته توهان ڪير آهيو ته پهريائين مون کي ماريو
ويندو. توهان ته شايد بچي به وڃو جڏهن مون جهڙو
حقير ۽ ڪمزور ماڻهو خطرو کڻي ٿو ته توهان…“ ان
جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ هڪڙي گهڙيءَ کان پوءِ چيو. ”۽
پوءِ گهٽين ۾ توهان جي جوانن جو گشت به ته هلندڙ
آهي.“
ڪيپٽن حسب عادت ان تجويز جي مڙني پهلوئن تي غور
ڪيو، ڪافي ڏينهن کان هن انهن بيوقوف ڳوٺاڻن جي
مزاحمتي تحريڪ تي هڪ ڪاري ضرب لڳائڻ ٿي گهري.
جيڪڏهن هُو اڪيلو انهي تحريڪ جي اصل مرڪز جي خبر
لهي تحريڪ جي سرواڻ کي موت جي منهن ۾ ڏئي سگهي ته
ان سان جوانن جو حوصلو صحيح معنيٰ ۾ بلند ٿي ٿِي
سگهيو ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي فاتح سمجهڻ لڳندا ۽ ان
کان سواءِ چارلس جي موت جو انتقام وٺڻ هُو پنهنجي
ذاتي ذميواري محسوس ڪري رهيو هو. عهدن جي فرق کان
قطع نظر، ڊيوٽيءَ کان پوءِ اهي ٻئي دوست هوندا
هئا.
آخرڪار ڪيپٽن ڊگهو ساهه کنيو ۽ اردليءَ کي سڏي
ڳوٺاڻن جهڙي لباس جي انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مخبر
جي تجويز تي ان ڪارن شيشن واري هڪ عنيڪ به گهرائي
ورتي. انتظار ڪندي هن پنهنجو ڊگهي نالي وارو
روالور هولسٽر مان ڪڍيو ۽ ان جي مئگزين جو جائزو
وٺڻ کان پوءِ مطمئن ٿي ٻيهر هولسٽر ۾ رکي ڇڏيو.
ڪجهه دير کان پوءِ اهي پٺئين دروازي مان هيڊ
ڪوارٽر مان نڪتا ۽ ويران ۽ اونداهي گهٽيءَ مان هلڻ
لڳا. ڪيپٽن شاهوءَ کي اڳيان رکيو هو. روالور ان
وقت هن جي ڊگهي ڪوٽ جي کيسي ۾ هو ۽ ڪيپٽن جو هٿ ان
جي هٿئي ۾ هو. تقريباً ٻن بلاڪن جو مفاصلو هلڻ کان
پوءِ شاهو هڪڙي ڪچي گهٽيءَ ۾ مڙيو ۽ هڪ گهڙيءَ
لاءِ رڪي آهستي چيائين. ”هتي هيٺ مٿاهين جاين تي
برف ڄميل آهي…هوشياريءَ سان هلجو.“
ڪيپٽن ان علائقي کان واقف هو. ان جي ڄاڻ مطابق
مزاحمت ڪرڻ وارن جو زياده زور انهي علائقي ۾ هو ۽
هُو جلدي انهي علائقي کي تباهه ڪرڻ جو پروگرام
ٺاهي رهيو هو. ڪجهه پري هلڻ کان پوءِ شاهو ٻن جاين
جي وچ ۾ ڇڏيل خالي جاءِ ۾ گهڙي ويو. ڪيپٽن
پهريائين اطمينان ڪيو ته ڪو انهن جو پيڇو ته ڪونه
پيو ڪري؟ پوء ان ڪنايو ته ان ڦاٽ وانگر ڏسجندڙ
جاءِ ۾ ڪو انهن جو منظر ته ناهي، مطمئن ٿي ان انهي
سوڙهي رستي تي قدم وڌايو.
ان رستي جي ڇيڙي وٽ پهچي شاهو رڪجي ويو. سامهون
پڪي سڙڪ نظر پئي آئي. ”سائين! هُو سامهون… سڙڪ جي
هن پاسي ڏسو.“ شاهوءَ آهستي چيو ۽ پاڻ ڀت سان لڳي
بيٺو ته جيئن ڪيپٽن اڳيان اچي پوري طرح ڏسي سگهي.
”هُو گهر جيڪو اونداهيءَ ۾ آهي. ان جو دروازو ڏسو
ٿا اوهان؟ دروازي جي طاق سان ڪجهه ٻڌل آهي.“
ڪيپٽن ڪاري عينڪ لاهي گهوري ڏٺو. اهو مشڪل سان ان
اڇي ٿڳڙيءَ کي ڏسي ٿي سگهيو، جيڪا دروازي جي طاق
سان ٻڌي پئي هئي ۽ هوا ۾ لڏي رهي هئي.
”هي ڇا آهي؟“ ڪيپٽن فڪرمنديءَ مان پڇيو.
”هيءُ اصل ۾ هڪ قسم جو ڦاهو آهي.“ شاهوءَ آهستي
چيو. ”اهي ماڻهو ان کي حريت جو جهنڊو چوندا آهن.
اهي وڏي چالاڪي سان ان جي باري ۾ پاڻ ئي قسمن قسمن
جا افواهه پکڙيندا رهندا آهن. جن کي ٻڌي توهان جا
آفيسر انهي جاءِ تائين اچڻ لاءِ مجبور ٿي ويا، جتي
موت انهن جو انتظار ڪري رهيو هو، هڪٻئي پٺيان انهن
کي ڌوڪي سان ماريو ويو.“
”منهنجا آفيسر ايترا بيوقوف نٿا ٿي سگهن ته اهي
رڳو افواهه ٻڌي ڪوئي منصوبو ٺاهڻ کان سواءِ هتي
ايندا رهيا.“ ڪيپٽن بيزاريءَ مان چيو.
”افواهن جي نوعيت ئي اهڙي هئي سائين! ”شاهوءَ
آهستي چيو.“ ۽ پوء اوهان غور سان ان ٿڳڙيءَ ڏانهن
ڏسو سائين! اهو واقعي حريت جو پرچم آهي…ماڻهن کي
پاڻ طرف ڇڪيندو آهي.“
ڪيپٽن زياده سٺي نموني سان ان ٿڳڙيء جو جائزو وٺڻ
لاءِ ڀت جو سهارو وٺي اڳتي جهڪيو ۽ ان ئي وقت
شاهوءَ ان جي پاسراٽين ۾ خنجر لنگهائي ڏنو، جيڪو
سڌو ان جي دل ۾ گهڙي ويو.
لوڪ ادب
محمد خان ’مسڪين‘ ڪنڀار
وِهرو شريف
ماروئي
عمر مارئيءَ جو داستان اسان جي سنڌ جي لوڪ داستانن
۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. اسان جي لوڪ داستانن جي
اهميت وڌيڪ تڏهن اجاگر ٿي جڏهن حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ انهن داستانن کي پنهنجي ’رسالي‘
جي زينت بنايو ۽ اُهي داستان لوڪ داستانن سان گڏ
رسالي جا داستان ٿي پيا.
عمر مارئيءَ جي هن داستان جون ڪيتريون ئي روايتون
سُگهڙن جي زباني ڪچهرين ۾ آيون، جن جا ٽاڻا ٽڪاڻا
مختلف آهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ هن داستان
جي تفصيلي حڪايت بجاءِ ٻين داستانن وانگر صرف اهم
نُڪتن جو ذڪر ڪيو. اسين پڻ ڀٽائيءَ جي بيتن جي
روشنيءَ ۾ هن داستان جي اپٽار پيش ڪريون ٿا:
عمر بادشاهه مارئيءَ کي وٺي وڃي پنهنجي محل ۾ قيد
ڪيو، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”عمر آندي مارئي، منجهان جهنگ جهٽي،
هي پياڪ پيالن جي، واقف ناهي وٽي،
جا مِلڪ مارو ڄام جي، سا ڪيئن هت ڪٽي،
جهوپا جهانگيئڙن جا، ماڙي ڪين مٽي،
سومرا سٽي، تنهن ستي وجهه مَ سنگهرون.“
عمر بادشاهه پنهنجي محل ۾ مارئي کي عطر عنبيرن،
پلاون ۽ شربتن جي آڇ ڪندو رهيو، پر هن ستيءَ
پنهنجي مسڪين مارن سان گڏ بُکون ۽ اُڃون ڪاٽيون
هيون، سو عمر کي چوڻ لڳي ته اي عمر! ماروئڙا
روزانه ڏٿ گڏ ڪري آڻين ۽ ان تي گذران ڪن، هو سائون
(گاهه جو قسم) ڍڪ ڪيو سڪائين ۽ لنب جي گاهه مان ڀ
ڪڍي انهن کي چانور ڪري رڌين ۽ رات جي بچيل ڀَت کي
تنهنجي پلاون کان وڌيڪ ٿا سمجهن.
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،
سٿا ڪيو سيّد چئي، سائون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙين سين.
ڪڏهن وري پٽ پٽيهر ۽ بخمل بافتن جون لبون ڏيندو
هو، پر هن لاءِ اباڻن جي لوئي عمر جي بخمل ۽ بافتن
کان وڌيڪ ملهائتي هئي، سا عمر کي چوندي هئي ته
پنوهاريون لاکه رتايون لويون ٿيون پهرين ۽ بخملن
بافتن ۽ ايلاچين کي انهن جي ڀيٽ ۾ ڪي ڪين ٿيون
سمجهن. مون وٽ تنهنجا ارغچه ۽ عنبير ڪابه قيمت نٿا
رکن، آءٌ ڏاڏاڻي لوئيءَ جي هرهڪ تند کي ڪيميا ٿي
سمجهان.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”پٽولا پنوهاريون، مور نه مٿي ڪن،
جُه لاکه رتائون لويون، تا سا لنئان سونهن،
اُن ايلاچنئون اڳري، بخمل بافتن،
سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کهنبن،
ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.“
وري ٿي چوي ته مان ارمڪ (ريشمي ڪپڙا) ۽ پٽ پٽيهر
هرگز نه پهرينديس. قيمتي پوتيون، بافتا ۽ آسماني
رنگ جا نفيس لباس مان ٻن وجهان. شل مان ماروءَ سان
کير جهڙيون اڇيون ۽ اوجل کٿيون وڃي ماڻيان، مون کي
پنهنجي اندر ۾ محبوب پنوهار جي پياس آهي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”آرم هڏ نه اوڍيان، پٽولا پٽ چير،
ٻانڌڻان ٻن ڏيان، ارغچه ۽ عنبير،
ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير،
اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنوهار جي.“
ماروءَ جا ڏنل ڌاڳا مون لاءِ سون سمان آهن، اي
عمر! تون پنوهارڻ کي ريشمي لباس نه آڇ، جا لوئي
اباڻن ڏني اٿم تنهن جي هرهڪ تند مون لاءِ نعمت
آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
پٽولا پنوهار کي، عمر آڇ مَ تون.“
جن پنوهارين کي ڪراين (ٻانهن) ۾ ڪوڙا (شيشي جا)
چوڙا پيل آهن تن کي انهن شين تي فخر ۽ ناز آهي، جن
کان ماڻهن کي جيڪر لڄ اچي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”ڪراين ڪڙور جا، چوڙا ڪوڙا جن،
سو مرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.“
مارن جو اهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا
مائٽ بدلائي ڇڏين. مان عمرڪوٽ ۾ اچي اهڙي ڪُڌي روش
اختيار نه ڪنديس. اباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم سا
محلن ۽ ماڙين سان هرگز نه مٽينديس.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”اِيَّ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.“
عمر آخر خارن وچان مارئيءَ کي ڪوٽ ۾ کڻي قيد ڪيو،
مارئي جيسين عمر جي ڪوٽ ۾ قابو هئي، تيسين نه لڱ
ڌوتائين، نه وار واسيائين ۽ نه بت تان لوئي
لاٿائين. مارئي وار نٿي واسي کيس دل ۾ پنوهاريون
ياد آيون آهن. هيءَ هُتي جي هِتي پاڻ ڳوڙها پيئي
ڳاري ۽ پنهنجي سڪ ۾ مارن جا راڄ پيئي روئاڙي کيس
ٿر جي پاسي جو وجهلڻ ۽ ڳاراڻو لڳل آهي. هيءَ سندري
مارن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نٿي ٻڌي. اي عمر
سومرا! تون سچائي ڏيکار ته مارئي ڪوٽ کان ٻاهر
نڪري.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”مينڍا ڌوءِ نه مارئي، پيس پنوهاريون چت،
راڄ روئاڙي هنجون هاري، هي هتي جي هت،
آهس پائو پار جو، کجڻ ۽ کپت،
وينگس ويڙهيچن رِءَ، مس سڻي ڪا مت،
سومرا سپت، ڪر ته ڪوٽان نڪري.“
مارئي محلن ۾ ويڳاڻي ۽ اُداس ويٺي آهي، هوءَ
پنهنجن اڻڀن وارن کي تيل لڳائي سڻڀا نٿي ڪري، مارن
جي جدائيءَ جي درد سندس سوڀيا وڃائي ڇڏي آهي، کيس
زنجيرون پيون آهن ۽ سندس سڀيئي سرهايون ۽ سرهاڻيون
ڪافور ٿي ويون آهن، جني جون دليون درد کان زبون
ٿيون پيون آهن سي تيل لائي لاڏ ڪوڏ نه ڪنديون.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”محلين ماندي مارئي، ڏٺيم منهن ملور،
اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سور،
پيس لوه لطيف چئي، لٿس ڪوڏ ڪپور،
چت جني جا چور، سي مکي مرڪ نه ڪنديون.“
هوڏانهن مارو ويچارا ماٺ ۾ رهيا ۽ هيڏانهن هيءَ
ويچاري ٿر ڄائي ساڻيهه، مارو ۽ سرتين کي ساري راتو
ڏينهان رت پيئي روئندي هئي ۽ پنهنجي پاڻ کي پيئي
چوندي هئي ته هڪ ته جيڪر نه ڄمان ها ٻيو ته هوند
ڄمڻ سان ئي مري وڃان ها. مان ڄمي ماروئڙن لاءِ
پريشانيءَ جو ڪارڻ ٿي آهيان.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”هيڪ جيئن نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران،
گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.“
جهڙي پاڪ دامن هتي آيس، تهڙي جي واپس مارن ڏي موٽي
وڃان ته اتي هوند مَنهَن ۾ خوشيءَ جي چمڪ جا مينهن
وسي وڃن. مطلب ته مارو شاد ۽ آباد ٿي وڃن. مون کي
ساري ڄمار محل ۽ ماڙيءَ جو مهڻو لڳو آهي. هتي اچي
ڀتار جي نظر ۾ هينئن قصور وار ٿي آهيان ماروئڙن جي
پکن ۾ مان ڪيئن مُنهن کڻنديس؟
”جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي،
ته لالائي جا لطيف چئي، ڪرمندن اُٺا مينهن،
ماڙي لڳم مهڻو، سڀ ڄماندر سينءَ،
ٿيس ڪاڻياري ڪانڌ جي، هتي اچي هيئن،
ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، مَنَهَن ماروئڙن جي.“
مون کي تقدير آڻي هتي قيد ڪيو آهي، نه ته هن ڪوٽن
۾ ڪير ويهي. لوح قلم ۾ هي هنڌ منهنجي لاءِ لکيل
هو، جان جسم منهنجا پنوهار کانسواءِ نٿا پرچن، اي
عمر! تون راضي ٿيءُ ته آءٌ مارن سان وڃي ملان.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”قسمت قيد قويُّ، نه ته ڪير وهي هن ڪوٽ ۾،
لکئي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريس هيءُ،
پرچي ڪين پنوهار ري، جان جسو ۽ جيءُ،
راجا راضي ٿيءُ، ته مارن ملي مارئي.“
اي الله شل ائين نه ٿئي، جو مان قيد ۾ ئي مري
وڃان. منهنجو جسم زنجيرن ۾ قابو هجي ۽ مان راتو
ڏينهان روئندي رهان، مان پهرين پنهنجي وطن وڃان
پوءِ ڀل منهنجا ڏينهن پورا ٿين.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”الله ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“
جيئن سپون جر ۾ هوندي بادل جي آسري تي رهنديون
آهن، جيئن ڪونجون جبل (ڪونجن جي رهڻ ۽ سندن ٻچن جو
هنڌ) کان ياد ڪنديون آهن، تيئن منهنجي اندر ۾ ملير
پيو وسي. مون هُت وڃڻ جو واعدو ڪيو هو، مون کي
ڪهڙي خبر ته هِتي مون سان هيءَ ڪار ٿيندي، جي
پهرين هيٺ بندياڻي نه هجان ها ته ڪوٺين ۾ جيڪر
ڪيئن گذاريان؟
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”جر ۾ سپون جيئن، آهن ابر آسري،
جيئن ڪونجون سارين روه کي، مون تن اندر تيئن،
هُت واعدا وڃڻ جا، هِت نه ڀانيم هيئن،
ڪوٺين وهان ڪيئن، جي نظر بندياڻي نه هئان.“
مارئي وٽ ڪوٽ ۾ مارن وٽان ڪو اوٽي نياپو کڻي نه
آيو آهي، سو ويچاري رات ڏينهن خدا کي پيئي عرض ڪري
ته ياالله! تون ڪو اوٺي آڻ جيڪو مارن جا سماچار
ڏي، ڪنهن وقت خيالي قاصد هٿان مارن ڏانهن نياپا ۽
ميارون پيئي موڪلي. ياالله! تون ڪو اوٺي آڻ جيڪو
هِتان منهنجا نياپا مارن ڏانهن کڻي وڃي، هو مون کي
مڃين يا نه پر آءٌ انهن جي آهيان. ڪاغذ هو وٺي اچن
جن تي نياپا لکي ڏيان، ڇا ڪريان اکين ۾ پاڻي بيهي
ڪونه ٿو، هو قلم تي ڪريو ٿو پوي، شاهه صاحب فرمائي
ٿو:
”الله اوٺي آڻئين، جي نياپا نين،
آءٌ اُنين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين،
مس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين،
لڙڪ نه لکڻ نه ڏين، ڪِريو پون قلم تي.“
اي اوٺي! تون ڪو هينئر هتي ملير جو ڳوٺائي آڻين ته
ڪوٽن جا گس جي بدبوهاڻا آهن، سي جيڪر خوشبودار ٿي
پون. اچ ته تنهنجا پير جي تو ٿر ۾ گهمايا آهن سي
نيڻن سان اُگهي صاف ڪريان. خدا جي واسطي تون ڪا
دير نه لڳاءِ، هت ڪوٺين ۾ ڪير رهندي. محلن ۾
منهنجو هنيون پيو مُنجهي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”اوٺي ڳوٺي آڻئين، ڪو هُتي جو هت هير،
ته ڪنا جي ڪوٽن جا، سُرها ٿين سير،
آءُ ته اکئين اگهان، جي پائر ڏنءِ پير،
الله لڳ لطيف چئي، لاءِ مَ تون اَوير،
ڪوٺين گهاري ڪير، محلن منجهي مون هنيون.“
اي پانڌي! مون جيئن توکي سمجهايو آهي، تيئن پنهوار
کي ٻڌائج. اي ور! جيڪي ڏينهن پاڻ گڏ گذاريا آهن،
سي متان وسارين، مون کي قيد ڪُهي ڇڏيو آهي تون جلد
اچي منهنجي پوئواري ڪر ۽ مانڌاڻي ٿورڙي مون ڏانهن
موڪل ته آءٌ هتي زنجيرن ۾ نئين وٽ ڪريان.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”پانڌي پرين پنوهار کي، چيم تيئن چئيج،
سندا سنگت ڏينهڙا، ور مَ وساريج،
ڪوٺي ڪٺي آهيان، سگهي سار لهيج.
مٺ مانڌاڻي مئيج، ته نيئرن ۾ نئون ڪريان.“
اي پرين جا پانڌي! جتي مينهن وٺو آهي تون اتي وڃين
ٿو ته منهنجي سرتين کي تمام گهڻا سلام ڏج ۽ چئج ته
آءٌ اوهان جي گولي آهيان ۽ هردم اوهان ڏي اچڻ لاءِ
وس پيئي ڪريان.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”پانڌي پرين پنوهار جي، جا ٿو وڃين وس،
ساري ڏج سرتئين، سلامن سهس،
آءٌ اوهان جي آهيان، گولي مٿي گس،
ويٺي ڪريان وس، ايڏانهن جي اچڻ جا.“
عمر مارئيءَ کي طرح طرح جون لالچون آڇيندو هو ۽
کيس هر نموني ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، مگر مارئي
هميشه عمر وٽ پنهنجي مائٽن ۽ وطن جي حب ظاهر ڪندي
هئي ۽ چوندي هئي ته مون وٽ پنوهارن، سرتين ۽
ساڻيهه جي ياد کانسواءِ ڪجهه به ڪونه آهي. ۽ کيس
منٿ ڪري چوندي هئي ته آءٌ هتي تنهنجي ڪوٽ ۾ ٻه ٽي
ڏينهن آهيان. نيٺ پنهنجي ملڪ ملير ڏانهن وينديس.
اي عمر! بهار جي موسم ۾ مينهن وٺو آهي. چوپائي مال
جي ڦرن جا پير پختا ٿيا آهن. سرتين گهيٽن جي پٺن
تان نرم اُن ويٺيون ڪورين ۽ هوءَ ماروئڙيون پنهنجي
ڀتارن جي ڀر ۾ ويهي، بي فڪرائيءَ سان اُن ويٺيون
ڪتين. ٿر ۾ ڌائيندڙن ٻچن به پٺين تان اُن ڏني آهي.
ٿر ۾ سٺيون ۽ اوچيون کٿيون ٿيون اُڻجن، ماروئڙيون
لوين کي هڻڻ لاءِ پيڄي ڪڍي پيون چون ته ملير ۾
مارئي گهرجي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”پنوهارن پاٻوهيو، ڪي وس واهوندن،
لٿو سِيّ لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن،
اوءِ ٿا ڪورين ڪئنري، سرتيون مٿان سسن،
عمر اُن اگندري، پاسي ڪانڌ ڪتن،
پائر ڏنيون پُٺيون، ننڍيون نوراپن،
کائر کٿيون خاصيون، اوچيون اُت اُڄن،
ڪڍيو پيڻ ڪهن، ملير گهرجي مارئي.“
منهنجو روح ماروءَ سان نينهن جي سنهي سُئيءَ سان
سبيل آهي. اي عمر! آءٌ گولاڙا ۽ گاهه ويٺي ياد
ڪريان، منهنجو من ملير ۾ آهي ۽ هت مٽيءَ جو بت ۽
ماس اٿم. منهنجي جان پکن ۾ آهي ۽ جسم ڪوٽ ۾. شاهه
صاحب فرمائي ٿو:
”سنهي سئي سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
هنيون منهنجو هُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.“
منهنجي اندر ۾ مارن جي جدائيءَ جا چاڪ پيا چڪن.
ميلاپ جي لاءِ سڪندي جدائيءَ مون کي فنا ڪري ڇڏيو
آهي. اي سومرا! جن جا ٿرن ۾ گهر آهن اهي ئي ساريا
اٿم. مارن جي انهن گهرن ڏسڻ لاءِ ڏاڍي ماندي
آهيان. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”ڍڪي چڪيم چاڪ، ونهين ويڙهيچن جا،
واجهيندي وصال کي، فنا ڪيس فراق،
سيئي ساريم سومرا، ٿر جني جا ٿاڪ،
ماروءَ جي اوطاق، گهڻو اُڪنڊي آهيان.““
اي عمر! تون الله جي نالي اهي ڏاڍايون ڇڏي ڏي.
ڪوٽن ۾ رهندي مون کي ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن،
منهنجي ساهه کي جيڪا ماروءَ جي سڪ آهي سا ملڻ ڌارا
اصل ڪونه لهندي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”ڇڏ سڀرايون سومرا، عمر لڳ الله،
ٿيم نه ٿورا ڏينهڙا، ماڙين گهاريم ماه،
سڪ منهنجي ساه، ماروءَ جي مس لهي.“
آءٌ هتي خوشيءَ سان ڪونه آئي آهيان، توکي ڪابه ڄاڻ
ڪونه آهي ته تنهنجون هي مٽي جون ماڙيون ڌوڙ ۾ دٻجي
وينديون، روزِ محشر جي ڏينهن جڏهن حساب ڪتاب ٿيندو
تڏهن تنهنجو اهو ڪوڙ ڪيڏانهن ويندو؟ اي سومرا!
وڌيڪ ضرورت ڪهڙي آهي ۽ تون شرع نٿو پڇين ته الله
تعاليٰ جو ڪهڙو حڪم آهي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”ناه رضا ناه قضا، ۽ نڪا تو پروڙ،
مٽي سندي ماڙئين، دٻجي ٿيندئي ڌوڙ،
ترندي ساهمي تڏهن، ڪيڏانهن ويندئي ڪوڙ،
ڪهڙو ئي ضرور، شرع نه پُڇين سومرا.“
هيءَ ويچاري ٿر ڄائي ساڻيهه کي ساري راتو ڏينهان
رت پيئي روئندي هئي. جيسين عمر جي ڪوٽ ۾ قابو هئي،
تيسين نه لڱ ڌوتائين نه وار واسيائين ۽ نه بُت تان
لوئي لاٿائين. بُکن ۽ اُڃن وگهي آخر اچي موت کي
ويجهي ٿي، هڪ ڏينهن عمر کي سڏائي کيس عرض ڪيائين
ته ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ ان کي ساريندي جي مان دم
ڏيان ته منهنجو جسم قيد ۾ قابو نه ڪجانءِ. هن
پرديسياڻيءَ کي سندس جانب کان پري نه رکجانءِ. هن
مُئيءَ جي مٿان ٿر جي ٿڌي واري وسائجانءِ جي
منهنجا پساهه پورا ٿين ته منهنجو لاش ملير ڏانهن
کڻي هلجانءِ.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساه،
بُت منهنجو بند ۾، قيد نه ڪريجاه،
پرڏيهاڻي پرينءَ ري، ڌار مَ ڌريجاه،
ٿڌي وسائجان ٿرن جي، مِٽي مُئيءَ مَٿاه،
جي پويون ٿئي پَساه، ته نِجان مَڙه ملير ڏي.“
جي ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ ان کي ساريندي مري وڃان ته
اي امير! هي منهنجو سر وطن طرف کڻي هلج. مان شل ٿر
۾ وڃي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان، جي منهنجو لاش ملير
۾ وڃي ته مئل به جيئري چئبس.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان،
ته سِري ساڻيهه سامهين، منهنجي نج ميان،
مُقامياڻي ماروءَ سين، وڃي ٿر ٿيان،
مُيا ئي جيان، جي وڃي مڙه ملير ڏي.“
ساڻيهه لاءِ سڪندي جي هت مران ته اي سومرا! منهنجي
قبر مارن وٽ ٺاهج. اباڻي وطن جي ولين مان مون کي
واس ڏج. جي منهنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مري جيئري
ٿيس.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”واجهائي وطن کي، آءٌ جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پنوهارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي.“
ڀٽائيؒ ماروئي کي هن مرحلي تي صلاح ۽ حوصلو ٿو ڏئي
ته اي مارئي! تون نه روءَ ۽ نڪي دانهون ڪر، جڏهن
سڀ ماڻهو سُمهي رهن، تڏهن ٻئي هٿ کڻي الله جو
شڪرانو ڪر، تو جتي لائون لڌيون آهن سو ملڪ جلد ئي
وڃي ڏسندئين.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”مَ ڪي روءَ مَ رڙڪي، مَ ڪي ڪر دانهون،
سُتي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻ ٻانهون،
لڌئي جت لائون، سو ڏيهه پسندئين مارئي.“
اي مارئي! تون نڪي روءَ نڪي هنجون هار، جهڙا ڏينهن
اچن اهڙا صبر سان ويٺي گذار. ڏکن جي پويان سگها سک
ملندئي، هاڻي اهي زنجير کڏ ۾ وجهه، توتان قيد معاف
ٿيو.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”مَ ڪِي روءَ مَ ررڪي مَ ڪي هنجون هار،
جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار،
اِن مَعَ العُسَر يُسراً، اِها سٽ سنوار،
ڏکن پٺي سکڙا، سگها ٿين سنگهار،
لٿا لوه لطيف چئي، پروڙج پنوهار،
ٻيڙيون نيئي ٻار، توتان بند بداع ٿيو.“
هاڻي اچو ته هن تمثيل جو ٻيو پهلو ڏسون، ملير مان
مراد آهي انسان جو اصلوڪو وطن يعني عرش، روح اتي
پاڪ هئا، پر دنيا ۾ اچڻ سان، اچي حرص ۽ هوس جي قيد
۾ قابو ٿيا، عمر مان مراد آهي ڪميڻو نفس، جو هر
وقت انسان کي بد راه ڏانهن پيو آڀاري ۽ گهِلي.
مارن مان مراد آهي، الله تعاليٰ جلشانه ۽ پانڌي يا
قاصد مان مراد آهي ڪامل مرشد، مارئي مان مراد آهي
سچو طالب يا ڌڻيءَ جو عاشق. ڌڻيءَ جا عاشق، نفس جي
دام ۾ هرگز نٿا اَڙجن. هُو مارئي وانگر هميشه
پنهنجو اصلوڪو وطن پيا سارين ۽ ڪنهن به حرص ۾ نٿا
ڦاسن.
الله تعاليٰ جلشانه اڃان ڪائنات کي جوڙڻ جو حڪم
ڪونه ڪيو هو، چنڊ جي تصوير ئي نه هئي، نڪا ڪنهن کي
نيڪي جي خبر هئي، نه وري ڪنهن جو گناهه سان واسطو
هو، جڏهن رڳو ڌڻيءَ جي نسوري هيڪڙائي هئي، تڏهن
سچي طالب انهيءَ ڳجهه جي معنيٰ سمجهي ورتي ۽ چوڻ
لڳو ته اي جانب! منهنجي نيڻن ۽ قلب کي اها تنهنجي
شناس اصل کان هئي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”نڪا ڪُن فَيَڪونَ هئي، نڪا مورت ماه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناه،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واه،
لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجهاندر ڳاه،
اکين ۽ اَرواح، اها ساڃاءِ سپرين.“
طالب چوي ٿو ته جڏهن خالص اَمر ڪيو ته ”ٿيءُ“ ۽
ڪائنات پيدا ٿي، تڏهن کان منهنجو هنيون مارن سان
اَڙيل آهي. اي نفس! تون ڪيئن ٿو منهنجي جسم کي
زنجيرون وجهين؟
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”جڏهن ڪُن فَيَڪونَ، من تڏهان ڪونه ماروئين،
تون ڪيئن وجهين تن کي، سومرا شَڪون،
هميرن هَڪون، جاڙ جُسي کي پاتيون.“
سچو طالب چوي ٿو ته جڏهن الله جي طرفان آواز آيو
ته ”ڇا، نه آهيان مان اوهان جو رَبَّ“ تڏهن مون دل
و جان سان اُتي چيو: ”هائو، انهيءَ مهل مون الله
تعاليٰ جلشانه سان سچائيءَ جو واعدو ڪيو هو.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”اَلَست بِرَبَڪُم، جڏهن ڪن پيوم،
قالُو بَليٰ قَلبَ سين، تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.“
نفس به نيٺ سندن پچر ڇڏيو ڏئي مالڪ نيٺ مٿن مهر
ڪري، وٽن ڪو رهبر ٿو موڪلي جو اچيو سندن بند خلاص
ڪري. جيئن هڪ قاصد مارئي وٽ ملير مان ڪَهي آيو ۽
کيس ڪوٽ مان آجي ڪري مارن ڏانهن وٺي ويو. تيئن
مرشد ڪامل به طالب کي دنيا جي دام مان آزاد ڪرائي،
عرش تي رهندڙ عارفن جي صحبت ۾ وٺي ٿو وڃي، سچا
عاشق نوراني ملير ۾ وڃي پنهنجي حبيب سان هيڪ ٿين.
”تنهن پر اُٺن مينهن، جنهن پر گهُريائون،
رضا جا رحمان جي، پُڇي پاريائون،
ملير ماڻيائون، حَڪم ساڻ حبيب جي.“
دنيا جا بهترين عالم ۽ اديب، مفڪر ۽ مقرر، سياسي
رهنما ۽ سپهه سالار گهڻي قدر سڀ انهن قصن ۽ ڪهاڻين
جا مرهون منت آهن، ننڍي هوندي جڏهن هو پنهنجيءَ
مٺڙيءَ ماءُ جي آغوش ۾ آرامي هوندا هئا، تڏهن ڪنهن
نه ڪنهن نيلم پريءَ جي پرن تي سوار ٿي، هو ڪنهن نه
ڪنهن خوابن جي دنيا جو ضرور سير ڪندا هئا. اهي
خواب، جي هنن ڪهاڻين جي بدولت هنن کي حاصل ٿيا
هئا، سي وڏي هوندي، سندن زندگيءَ جا حقيقي رهبر
ثابت ٿيا، ۽ انهن نقش ٿي ويل خيالن جي حاصلات لاءِ
پوءِ هٿ وڌائي هنن آسمان جي تارن کي به هيٺ آڻڻ
جون ڪوششون ڪيون.
هر ديس جي رهواسين جي زندگيءَ ۾ ڪن مخصوص وسوسن ۽
ڀرمن کي پڻ دخل حاصل آهي. اڪثر حالتن ۾، اهي ڀرم ۽
وسوسا آکاڻين جي صورت اختيار ڪري، هڪ مقدس امانت
ٿي پيا آهن، ۽ هر نسل انهن کي ديانتداريءَ سان
پنهنجي سيني سان سانڍيندو پئي آيو آهي. اها امانت
اهڙي ته پائدار ۽ غير فاني آهي، جو وقت جي رفتار،
سائنس جا ڪرشما، معاشي ۽ سماجي بدحالي ۽ افراتفري
۽ ٻيون هيٺ مٿانهيون، جن جي چڪر ۾ هوند ڪابه چيز
ڳاٽ اوچو ڪري نه سگهي، هنن جي پائداريءَ کي تِر
جيترو به لوڏي نه سگهيون آهن. سچ ته اهو آهي ته
انسان جي پنهنجي زندگي خود هڪ بي انت ڪهاڻي آهي.
هڪ ڀرم آهي، هڪ وسوسو آهي، جنهن کي اڃا پورو
سمجهيوئي ڪونه ويو آهي. انسان جڏهن پنهنجي زندگيءَ
جي هن عجيب غريب الميه ڪهاڻيءَ جي صحيفي ۾ ڪن بابن
جي ڪمي محسوس ڪري ٿو، تڏهن اهڙي ڪمي هو انهن عجيب
غريب آکاڻين ۽ قصن ڪهاڻين جي بدولت ئي پورو ڪري
ٿو. انسان جي زندگيءَ، ۽ هنن خوابن خيالن ۽ ڪهاڻين
قصن جو هڪٻئي سان ساهه بدن جو ساٿ آهي، ۽ وقت جي
ڪابه لهر هنن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري نه ٿي سگهي.
ڪتاب ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ جي عرض حال ص 5-4 تان
ورتل[
پــيــر مـجــدد سرهندي
مٽياري شريف
غزل
ڪڏھن ڪڏھن ته وڏا واقعا به ٿيندا ھن،
قريب روح جا رشتا جدا به ٿيندا ھن.
جنونِ عشق ۾ بلڪل خبر پئي نه سگھي،
فراقِ يار جا غم لادوا به ٿيندا ھن.
خبر نه ھئي ته ھٿن سان تراشيم جيڪي،
پڄي مندر ۾ اھي بت خدا به ٿيندا ھن.
قدم قدم تي محبت گھري ٿي قرباني،
وفا جي راهه ۾ ڪرب و بلا به ٿيندا ھن.
چون ٿا قيمتي جيون جا سڀ ھئا لمحا!
خبر نه هئي ته توھان
کان سوا به ٿيندا ھن.
ضروري ناهي ملاقات بالمشافه
ٿئي،
اکين اکين ۾ طئي فاصلا به ٿيندا ھن.
لڳي ٿي باھ ته
ساوا سڪا سڙيو ٿا وڃن،
خدا رسي ته شھر مقبرا به ٿيندا ھن.
جنابِ عشق
’مجدد‘
جي توکي پارت آ،
چون ٿا دل جي لڳيءَ
۾ ڏچا به ٿيندا ھن.
غزل
چنڊ چوڏھينءَ
جو ٿي ويو آھين
حد حسن جي ٽپي ويو آھين.
رس گلابن جو تو ۾ ڊوڙي پيو،
عرق گلشن جو پي ويو آھين.
اڄ به خوشبو جوان ات آھي،
جت قدم تون رکي ويو آھين.
سو سراپا بھار سڏجي ٿو،
تون ڏسي جنھنکي بي ويو آھين.
چارسو آئون, آئون ئي آھيان،
ھڪ دفعو ڇا ڇھي ويو آھين.
ڏينھن روشن ٿئي نٿو جانان،
تون جڏھن کان لڪي ويو آھين.
ڪنھن طرح سان ڇڄن نٿا مون
کان،
اھڙا ڌاڳا ٻڌي ويو آھين.
ڄڻ رسي وئي آ ھر خوشي مون
کان،
تون جڏھن کان رسي ويو آھين.
عشق ڳڙڪائي ويو
’مجدد‘ ڪئين
تون الئي ڇو بچي ويو آھين.
سرفراز راڄڙ
کپرو
منهنجي زندگيءَ ۾
بهار آئي ته ڇا ٿي پيو
مان انڌيرن جو مسافر
پنهنجي حال جو محرم آهيان
سورن سان ساٿ منهنجو آ
دردن جي دوا ناهيان
تون اجايو تڙپين ٿي
لڇين ۽ ڦٿڪين ٿي
اجايا نياپا نه موڪل
توکي جيڪي نظر اچان ٿو
تنهنجي خلوص جو قسم
حقيقت ۾ مان اهڙو هرگز ناهيان.
غزل
ڪڏهن ڀَال دلبر ٿو مون سان ڀُلائي،
ڪڏهن مُنهن موڙي ٿو دل کي جلائي.
اَسين جي نهاريون ته هُت بي رخي سان،
نَڪو لفظ مُنهن مان نڪي مُسڪرائي.
نَڪو دَرد مُنهن جي جو ويچار اُن کي،
نڪي زخمِ دل جو مَرهم رسائي.
سڀ ئي دل جا ارمان دل ۾ رهن ٿا،
ڪبو ڇا وڃي حال ڪنهن کي سُڻائي.
’فراز‘ آهي جيئرو ته ان آسري تي،
اميدن جون شمعون ٿو ٻاريو وسائي.
غلام حسين’مشتاق‘سچاروي
حيدرآباد
رکين جهڙي طرح ٿو ميڪشن جي خود خبر ساقي،
سدا آباد هوندا تنهن جي ميخاني جا در ساقي.
ضرورت ساغر و مينا صراحي جي نه رندن کي،
اسان جي بي خودي لئي ڪافي تنهن جي هڪ نظر ساقي.
محبّت جا نه ٿيندا مرحلا طئي عقل و دانش سان،
جنون سان ناهه جيسين همسفر دل ۽ جگر ساقي.
پيا سا نينهن نيڻن جا ڇا ڄاڻن مئي ۽ ميخانا،
ڪهاڻي شوق منهن جي جي هي آهي مختصر ساقي.
چکي جن چاشني تنهن جي محبّت جي نه مستانن،
ڏٺا آهن اهي روڳي مون رلندا دربدر ساقي.
رهيا لاڳاپيل تنهن جي در و ديوارن سان جيڪي،
اهي ئي ملڪ ۾ سڏجن ٿا ماڻهو معتبر ساقي.
ذرو ظاهر به جيڪر ٿي پوي منهن جي دکي دل جو،
سڙي ويندا سمورا جهنگ جهر هي سربسر ساقي.
رڳو ’مشتاق‘ ناهي مدح خوان تنهن جو مٺا سائين،
گواهي فيض تنهن جي جي ڏئي سارو شهر ساقي.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
وقت پنهنجو وهڪرو ڏِس، تيز ڌاريندو وڃي،
چنڊ ڏينهن ڏُک سُک ڏئي، سڀ ڪجهه سيکاريندو وڃي.
دردَ، دُکَ ۽ غم فڪر ڏئي، رنج رسائي ٿو رُڳا،
چاهتن کي چَٽ ڪري، ۽ ڏُک ڏيکاريندو وڃي.
چَٽ ڪريو ڪنهن جو چَمن، موسم بنا آڻي خزان،
رنگ، بُوءِ، رونق ڦٽايو، پَنَ ٻُهاريندو وڃي.
چيريو، چچريو، ڀَڃو ۽ جهُڙ ڪريو جهوريو،
سيڪيو، ساڙيو، سُڪايو، ماس ڳاريندو وڃي.
ڪِن جي دل ڦاڙيو ڦَٽا ڦَٽ، لُوڻ ٻُرڪي اُن مٿان،
سَل ڪري سينو سَڄو، سڀ سُور ساريندو وڃي.
ڪِن نڀاڳن کي نپوڙي، سُور ڏي ٿو سڀ ڄَمار،
بس ڪِنين جا جوش جهوري، هوش هاريندو وڃي.
هو پلنگ تي پير جن جو، پَل نه تن پٽ تي رکيو،
تن نفيسن نازڪن جا، ڏيل ڏاريندو وڃي.
محل ماڙيون، بادشاهيون، عيش عشرت سڀ ڏئي،
تخت تان لاهيو وَري، ڪن کي روئاريندو وڃي.
ڪنهن جي قسمت جو ستارو، ٿو وڃي اُلهي جڏهن،
اَيٿ تاري کي اُڀاري، سمنڊ سمهاريندو وڃي.
رت جا رشتا ٽُٽي پيا، ڪير ڪنهن جو ڪونه آ،
نفرتون پيدا ٿيون، هرڪو وساريندو وڃي.
نازنينن، دلنشينن، مھ جبينن کي مگر،
چار ڏينهڙا چاهه ڏيئي، پو ڌڪاريندو وڃي.
ويا گهڻا وارو وڄائي، ڌرتيءَ هن تي دَمبدم،
هٿ ڪڍي هر ڪنهن منجهان، بَر ۾ بيهاريندو وڃي.
دوستيءَ ۽ دُشمنيءَ سان، ناهي هُن جو واسطو،
چرخ جيئن ڦيرا ڏئي، پلپل پُڪاريندو وڃي.
ٿو مُقدر کي به بدلائي ڇڏي، جهٽ پٽ ’جمال‘،
ڪن کي خوشيون خوب ڏئي، بس واڳ واريندو وڃي.
نياز پنهور
ڄام شورو
غزل
هر رات چنڊ ناهي، هيءَ ٻاٽ ڀي ته سچ آ،
پر ديپ جي نه اجهندڙ، هيءَ لاٽ ڀي ته سچ آ.
دل جي مسافريءَ سان، ڀل ماڳ کوڙ ماڻين،
وک سان کٽي نه جيڪا، سا جاٽ ڀي ته سچ آ.
جي ڏيهه ڏات جو آ، گهر گهر جدا ڇو آهي،
لهجن جي خنجرن جي، هيءَ ڪاٽ ڀي ته سچ آ.
راتين ۾ يار! اڪثر، من آگميل رهي ٿو،
نيڻن مان جا وسي ٿي، سا ڇاٽ ڀي ته سچ آ.
هر گهر جي هر اڱڻ ۾ وڻ وڻ جدا هجي ڀل،
تن مان هوا جي ٺاهيل، هڪ واٽ ڀي ته سچ آ.
اي ’نياز!‘ مصلحت جي، چوڌار ماٺ آهي،
ڪاڳر تي هيءَ قلم جي سرڙاٽ ڀي ته سچ آ.
غزل
ماٺ جي سيءَ ۾ ڪيترو گهارجي،
لفظ ميڙي سهيڙي ڀڀڙ ٻارجي.
جان وڃڻي ته آ، سا ته ويندي ضرور،
ڇو نه مرڪي، ها سنڌ تان وارجي.
پنڌ ڀلجان ڀري، نيٺ ويندو پُڄي،
هانوَ پنهنجو نه، ائن دلربا هارجي.
مون کي هڏڪي لڳي، هن کي هڏڪي لڳي،
ساريو جو اٿئين کيس ڀي سارجي.
سونهن جي سچ کي ’نياز‘ ڳاتو گهڻو،
گيت پنهنجي وفا جو به جهونگارجي.
|