سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:19 

رکيل مورائي

ڪراچي

 

 

 

 

’مهراڻ‘ ۾ محفوظ امداد حُسيني

 

تازو ئي سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادب کان ڪڏهن به نه وسري سگهندڙ شاعر امداد حُسينيءَ صاحب بابت هڪ سانڍڻ جهڙو پرچو شايع ڪري نه رڳو پنهنجي آبروءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، پر پڙهندڙن کي به پنهنجائپ جو احساس ڏياريو آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌي ادب جي حوالي ۾ سنڌ جي قومي اداري هجڻ جو حق اڳ ئي حاصل آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

سنڌي ادبي بورڊ نه صرف سنڌ جي تهذيبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ جُڙيل آهي، پر هلندڙ هر دؤر جي تخيلقي ادب ڇاپڻ جي ذميواري پڻ مٿس آيل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي نهايت اهم ۽ جديد شاعر سائين امداد حُسينيءَ بابت ڇپيل ”مهراڻ“ جي هن خاص پرچي جي اهم خوبي اها آهي ته هن ۾ امداد حُسينيءَ صاحب بابت لکندڙن جا اهي سڀ نسل موجود آهي جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب جي نثر توڻي نظم ۾ لڳاتار لکيو آهي، اهو لکڻ جو تسلسل اڄ تائين برقرار رهندو اچي ۽ بنا ڪنهن وٿيءَ جي انهن لکندڙن جو چوٿون نسل بنا ڪنهن به پيڙهي وڇوٽيءَ جي هن پرچي جي سونهن بڻيل آهي.

‘ جي هن پرچي ۾ امداد حُسينيءَ صاحب جهڙي شخص توڻي شاعر لاءِ جيڪو مواد چونڊيو ويو آهي ان ۾ ڪجهه اڳ لکيل مواد شامل آهي. ڪجهه تازو لکيل مواد شامل آهي، جيڪو امداد حُسينيءَ بابت اهڙي معلومات ۽ اوک ڊوک ڏيکاري رهيو آهي، جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اعليٰ لکندڙ بابت ڏٺي ويندي آهي. جنهن ڪري هيءُ پرچو نه فقط پڙهڻ جهڙو بڻجي پيو آهي پر هڪ حوالائي ڪتاب (Reference Book) بڻجي پيو آهي، جيڪو ايندڙ نسل کي امداد حُسينيءَ صاحب بابت گهڻي ۾ گهڻو مواد هڪ هنڌ ڏيندو نه صرف پڙهڻ واري کي پر ايندڙ لکندڙ توڻي تحقيق ڪار کي پڻ هڪ ليکڪ جي شخصيت ۽ فن توڻي فڪر بابت هڪ هنڌ جمع ٿيل مواد جو عيوضپڻو ڪندڙ آهي مهراڻ جو هيءُ خاص پرچو.

 

هن خاص پرچي جي ترتيب نهايت سچيتائيءَ سان ڏني وئي آهي، جنهن ۾ اداري پاران لکندڙن کان پوءِ.

پهرين حصي ۾ اهي مضمون، مقالا ۽ ليک ڏنا ويا آهن جيڪي امداد حُسيني صاحب بابت سندس جيئري لکيا ويا هئا، جن ۾ سندس الڳ ڪتاب پڻ شامل آهن.

ٻئي حصي ۾ امداد صاحب بابت ڏنل اُهي شعر آهن جيڪي ڀيٽا طور کيس ارپيا ويا آهن.

ٽئي حصي ۾ اهي انٽرويو ڏنل آهن جيڪي کانئس الڳ الڳ وقتن تي ورتا ويا هئا. جيڪي الڳ ادارن پاران ورتل آهن.

چوٿين حصي ۾ سندس لکيل مختلف ڪتابن جا مهاڳ آهن جيڪي چونڊ ڏنا ويا آهن، جيتوڻيڪ هن ڪيترن ئي ڪتابن تي مهاڳ لکيا آهن جن سڀن کي گڏي ڇپائبو ته هڪ الڳ اڀياسي ڪتاب ٿي بيهندو، گڏوگڏ ان حصي ۾ امداد جي چونڊ لکڻين طور سندس چونڊ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن.

۽ آخري حصي ڪجهه انگلش ۾ ۽ ڪجهه اردوءَ ۾ لکيل مضمون شامل ڪيا ويا آهن.

سڀ گڏي هڪ اهم پرچو ڇپيو ويو آهي، مواد جي چونڊ ۾ جتي ايڊيٽر صاحبه محترم ثمينه ميمڻ ظاهر ٿي رهي آهي اُتي سهڪاري طور ميڊم سحر امداد جي حصي کي لنوائڻ به ڏکيو آهي.

هن پرچي ۾ ڪجهه تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن. جيڪي امداد حُسيني صاحب جي زندگيءَ بابت ۽ ادب ۾ سندس شرڪت بابت توڻي گهرو زندگيءَ بابت ڏسجڻ وارو دستاويز آهن. رسالي جي مواد، لي آئوٽ تصويرن جي چونڊ سميت هڪ سانڍڻ ۽ وَر وَر ڪري پڙهڻ ۽ مواد حاصل ڪرڻ جهڙو هيءُ پرچو سنڌي ادبي بورڊ جي گهڻي وقت نه تڏهن به چڱي وٿيءَ کان پوءِ اهم حاصلات آهي جيڪا گهڻو وقت پڙهي ۽ ياد رکي ويندي. نه صرف ياد رکي ويندي پر جڏهن به امداد حُسينيءَ بابت ڪجهه لکيو ويندو ته لکندڙ هن مهراڻ جي پرچي کي آڏو رکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻ پورو محسوس ڪندو اهڙو وشواس آئون ته سانڍيان ٿو، ڇو ته امداد حُسيني صاحب تي لکڻ جي شروعات هاڻ ٿيڻ واري آهي، آئيندي ۾ جيڪو ڪجهه مٿس لکيو ويندو اهو سڀ پاسخاطريءَ کان سواءِ هوندو، اهو سندس ادب جي آس پاس کان آر پار تائين هوندو. جيڪو لکيل اصلي ۽ نج هوندو. جيئن دنيا جي مڙني ليکڪن لاءِ لکيو ويندو آهي جنهن ۾ نه پاسخاطري هوندي آهي ۽ نه ئي شخصي مڃتائون يا مخالفتون اهو نج هوندو آهي تنقيدي طور به تعريفي طور به! اهو سڀ ادب بابت ايمانداراڻو لکڻ هوندو، جيڪو ئي دائمي هوندو آهي، حوالو بڻجڻ وارو هوندو جيڪو ورجائبو رهندو آهي.

ادبي بورڊ جيئن ته ادب جي ڇپائيءَ جو ادارو آهي ان ڪري به ساڳئي وقت بورڊ ۾ عملي طور ڪم ڪندڙ طور به مٿس اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهو امداد صاحب جو رهجي ويل ادب ڇپائي سنڌي پڙهندڙن جي پڙهڻ لاءِ موجود ڪري، اهو عمل يقينن بورڊ جي تعريف ۾ ئي شامل ٿيندو

اها اُميد پڻ رکي سگهجي ٿي ته جيڪي لکندڙ ڪنهن به سبب ڪري هن پرچي کان ٻاهر رهجي ويل آهن اهي اڳتي امداد حُسينيءَ جي ادب بابت پنهنجا ويچار لکيت ۾ ظاهر ڪندا رهندا. هيءُ پرچو پڪ سان اهڙو اتساهه ڏيندڙ آهي. سنڌي ادبي بورڊ سنڀاليندڙ مڙئي خواتين ۽ حضرات گهڻو گهڻو جس لهڻن جن ٿوري ئي وقت ۾ گهڻو وڏو خاص پرچو سهيڙي امداد حُسينيءَ کي ڀيٽا طور ارپيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ عمل به ٻين ڪيترن وڻندڙ عملن ۾ هڪ وڌيڪ اضافو آهي.

امداد حُسينيءَ جي بيحد وڻندڙ شاعراڻي تصوير واري پڪي جلد ۾ آيل هن پرچي ۾ پنج سؤ صفحا آهن. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن خاص امداد حُسينيءَ پرچي جو ملهه هڪ هزار روپيا آهي ٻه هزار ٽيويهه جي ٻن ٽماهي پرچن جو هيءُ گڏيل پرچو آهي. اهو نه وسارڻ گهرجي ته بورڊ جا سڀئي شخصي پرچا لئبريرين جي ساڀيا وڌائيندڙ آهن. پڪ آهي ته هيءُ پرچو آخري نه آهي. ڪيڏو سٺو ٿئي جيڪڏهن بورڊ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ اهم رسالن وانگي وڌيڪ موضوعن تي خاص پرچا شايع ڪري جن ۾ خط نمبر وغيره شامل ٿي سگهن ٿا. ائين ڪري به سنڌي ادب جي ڪشادگيءَ ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو. بورڊ جا اڳواڻ جيڪڏهن نامياري اردو ليکڪا قرت العين حيدر بابت دهليءَ مان ڇپيل ”ڪفِ گل فروش“ ۽ ٻيا ڪي اهڙا ڪتاب نظر مان ڪڍندا ته کين وڌيڪ آساني ٿيندي مهراڻ جو دائرو ويڪرو ڪرڻ ۾.!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org