طالب المحبوب
.............
آ ياقوت آ مرجان آ
شاعري انسان
۾
انسان جو انسان آ
شاعري آهي ڪرامت عشق جي
شاعري آ معجزا
ڄڻ
مرڪ جي
شعري الهام آهي ظاهري
ڇا ٻڌايان
ڇــــــــا
تــــــــه
ڇاهي
شاعري.
شاعري ڪنوارين اکين جو آ
ڪجل
شاعري ڳورن نڪن
۾ ڄڻ
ته
ڦُل
شاعري سنهڙي ڳچي جو هار آ
شاعري جوڀن سندو خو مار آ
شاعري آ ڪنوار جي جوڙن جيان
شاعري آ گهوٽ جي موڙن جيان
شاعري ڪوه ڪاف جي
ڄڻ
آ پري
ڇا
ٻڌايان
ڇا
تــــــــه
ڇاهي
شاعري.
شاعري آ
ڄڻ
وٺي
کان پوءِ
ٿر
شاعري
ڄڻ
ٿر مٿان وسندڙ ڪڪر
شاعري
ڄڻ
سانوڻي برسات آ
شاعري جا ڏانء
آ جا ڏات آ
شاعري منظر ڪشي آ رنگ برنگ
شاعري انڊلته به
آ
۽
جلترنگ
شاعري جا سونهن آهي سانوري
ڇا ٻڌايان
ڇا
تــــــــه
ڇاهي
شاعري.
شاعري جيڪا تتر
ڪهوڪو
به
آ
شاعري جا مور جو
ٽهڪو
به
آ
شاعري آهي هرڻ جا ڇال
ڄڻ
شاعري نئون خواب
ڄڻ
نئون خيال
ڄڻ
شاعري ڪو ٽھڪ آهي ســــــــاه
جو
شاعري آهي رسالو شاھه
جو
خوبصورت خوب
ڄڻ
ڪا جل پري
ڇا
ٻڌايان
ڇــــــــا
ته
ڇا
ڇا
شاعري.
منظور بيدار
سکر
ٽيڙو
ڏُکـــــــيـــــــو پـــــــنـــــــڌ آ
ڀـــــــاءُ،
ڏِبـــــــــــــــــــــو ان ۾،
هميشه ڪــــــــــــــنـــــــڌ آ ڀاءُ.
نيڻن رُنـــــــــــــــــــــا نِير،
جديد دور جي سُهڻي،
ڪيئن گِهڙي ها سِير
اڙي هـــــــــــــــــــــا
ڇـــــــــــــــــــــا؟
خنجر هنيون پُٺ ۾،
مونکي نظرياتي ڀاءُ!
هُوءَ مَــــــــــــــوج ۾ هئي،
ٽهڪن ۾ پئي ٽِڙي،
خوشين جي فوج ۾ هئي.
مخمور مهيري
ٽنڊو محمد خان
ويو جُدا ٿي طالب الموليٰ
سنڌ ڪري پيئي تنهنجي ڳولا،
وِيو جُدا ٿي طالب الموليٰ.
سروري جماعت جو سرواڻ هو،
عِلم ادب جي کاڻ هو،
محبت ۾ ڄڻ مهراڻ هو،
هنجون هاري پيو تولئه هالا.
سنڌي ادبي بورڊ جو شان هو،
موسيقيءَ جو وڏو قدردان هو،
محفلن ۽ مشاعرن جو مانُ هو،
نيڻ آهن ڀِنل اڄ به تولا.
شعر سندس هئا نِرالا،
سونهن ۽ سچ جا جن ۾ حوالا،
عشق جا جن ۾ هئا اُجالا،
روئن تولئه مئگزين ڪتاب رسالا.
داناءُ هو دِين جو ڄاڻو،
دلين جي هو ديس جو داڻو،
رُسي ويو جلد روح جو راڻو،
ملائيندو وري ڪڏهن مولا.
اکيون تولئه نهارين ٿيون،
پيارا تولئه پڪارين ٿيون،
سُڏڪي تويک سارين ٿيون،
’مخمور‘ ڍئو نٿو ٿئي ڍولا.
طارق امام جوڻيجو
دادو
غزل
برا ڪن برائيون برائي به داغ،
لچا ڪن لچايون لچائي به داغ.
چڱا ڪن چڱائي برائي برن،
ڪيون ڇو ٻيائي ٻيائي به داغ.
هميشه ئي ڪردار رکجي ته صاف،
ڪپت ڪوڙ جي آ ڪمائي به داغ.
قلم جي نه حرمت کي سمجهين اگر،
ته ليکڪ آ تنهنجي لکائي به داغ.
فقط پنهنجي محبوب کي ئي تون تڪ،
حسد سان تڪڻ شي پرائي به داغ.
حڪيمن طبيبن مان ورندو نه ڪجھه،
ٿي آھي پرين جي جدائي به داغ.
چئي سچ ٿو
’طارق‘
ڀلي تون نه مڃ،
محبت ۾ آ بيوفائي به داغ.
غزل
يا خدا تنهنجي عطا جي آ طمع،
مير مرسل مصطفيٰ
جي آ طمع.
تون ئي پالڻھار هين پروردگار،
هڪ فقط تنهنجي رضا جي آ طمع.
راھ حق آھي ڪٺن
منهنجا خدا،
با شريعت رهنما جي آ طمع.
ظلمتن گهيري رکي آ زندگي،
آ بچڻ مشڪل حيا جي آ طمع.
مرض هي حاذق حڪيمن وس نه آ،
ڏي دوا دارون شفا جي آ طمع.
مير مرسل ڪر سبب حاضر ٿيان،
ڏينهن ڏاڍا ٿيا بلا جي آ طمع.
حاضري
’طارق‘
وري طيبه ٿئي،
مصطفيٰ جي مبتلا جي آ طمع.
شگفته شاهه
حيدرآباد
وائي
رڳو اَنا جي تسڪين خاطر،
ارمانن جو خون ٿي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
محبتن جي شهر ۾ اچ،
دونهون نفرتن جو ڀرجي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
ٻاٽ اونداهه ۾ جرڪندڙ،
آخري ڏيئو به گل ٿي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
هُو شخص جو اجنبي هو،
دل ۾ منهنجي پيهي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
منهنجي ملڻ ۽ وڇڙڻ کان پوءِ،
هو شخص شاعر بڻجي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
اميد ته هئي درگذر جي مگر،
الزام هڪ ٻيو مون تي لڳي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
انتظار ڪندي ڪندي نيٺ،
دروازو دل جو بند ٿي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
هُو جيڪو دشمن جان هو،
اڳواڻ سوئي منهنجو بڻجي ويو،
هي ڇا ٿي ويو؟!
مير مجاهد پلي
عمرڪوٽ
غزل
شهر مان پاسو ورائي جي ڏسين،
ڀاڳ ڀانيان دل لڳائي جي ڏسين.
هي اکيون ڏس آجيان ۾ ٿيون رهن،
نيڻ سامهون تون وڇائي جي ڏسين.
ميڻ بنجي دل جي وڃي تنهنجي پرين،
جهوپڙيءَ ۾ پير پائي جي ڏسين.
لک حياتيون ڄڻ وڃن مون کي ملي،
اڄ وري ڳائي وڄائي جي ڏسين.
دل سندم ۾ آ پرين تنهنجو عڪس،
دل سچيءَ سان تون چتائي جي ڏسين.
جان جي پرواهه ناهي اي پرين،
’مير‘ کي تون آزمائي جي ڏسين.
غزل
منجهند جا ته جاني پهر دل ڏکائين،
خزان جن کي ساڙيو شجرِ دل ڏکائين.
اڙي ڄام شورا سندر شهر آهي،
مگر شوخ تنهنجا پٿر دل ڏکائين.
اچي چنڊ سامهون چڪورن چيو پئي،
هي ڪارا هي ڀورا ڪڪر دل ڏکائين.
لڏي ويو لڏي ويو اڪيلو ڪري ويو،
گهٽيون روڊ واهڻ ۽ گهر دل ڏکائين.
اڃا تازگي ڪا گلن ۾ نه آئي،
ڀنڀورين جا خالي چڪر دل ڏکائين.
حَسين پر گهاريم پرين ٿيا سي ماضي،
اچن ياد مون کي مگر دل ڏکائين.
ٿيو باغ ويران ڦِٽا آشيانا،
اهي ساز تارون مڌر دل ڏکائين.
هيون سانوڻيون ڪيئن سهڻا لڳا پئي،
وٺو مينهن ناهي ڏهر دل ڏکائين.
جڏهن ڪو مقرر منافق ٿئي ٿو،
تڏهن ’مير‘ منهنجي ممبر دل ڏکائين.
نِم ناز
ٽنڊو جان محمد
نعتِ رسول
دين جا مهندار، توتي لک صلاتون لک سلام،
رحمتن جا يــــــــار، توتي لک صلاتون لک سلام.
او اُمي انــــــــوار، توتي لک صلاتون لک سلام.
هاشمي ســــــــالار، توتي لک صلاتون لک سلام.
حورون، پريون، جن ملائڪ ڪن جهڪي توکي سلام،
سونهن جا ســــــــردار، توتي لک صلاتون لک سلام.
تنهنجي آمد سان ٿيو روشن ڏيئو توحيد جو،
هوت هينئن جا هــــــــار، توتي لک صلاتون لک
سلام.
دين تنهنجي سان جهان ۾، آئي آهي روشني،
ڏيهه جا ڏاتــــــــار، توتي لک صلاتون لک سلام.
تنهنجي شفقت هُئي يتيمن ۽ غريبن تي گهڻي،
اِي هيڻن جا يــــــــار، توتي لک صلاتون لک سلام.
هِــــــــت هُتــــــــي تــــــــــو
آســـــــرو، اي رحمـﺔ العالمين،
اي سخي سرڪــــــــار، توتي لک صلاتون لک سلام.
ڏاڍ جي فرعونيت جا، تو ڪيرايا پئي ڪوٽ،
صاحبِ ڪلتــــــــار، توتي لک صلاتون لک سلام.
ڪارڻي تنهنجي مُهابي خلقي آهي ڪائنات،
اي اِجها آڌارَ، توتي لک صلاتون لک سلام.
غزل
مرحبا صد مرحبا آيو جهان ۾ مصطفيٰ،
سونهن جو ماهي لقا، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
سڀ پڙهو صلوات، سُهڻي هاشمي انوار تي،
جڳ جو رهبر رهنما، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
ڪوٽ ڪِريا ظلمتن جا ۽ ڀڳا باطل سڀئي،
نور نرمل ڪبريا، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
بي سهارن جو سهارو ۽ اٻوجهن ڀرجهلو،
شرف اشرف ٿيو عطا، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
پاڪ نالي تان ڇڏيا گهوري پنهنجو سر ۽ ساهه،
دين مڪمل ٿيو خدا، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
لفظ ناهن ’ناز‘ مان سُهڻي نبي تي ڇا لکان،
راتو ڏينهان آ ثنا، آيو جهان ۾ مصطفيٰ.
لطيف دانش پلي
عمرڪوٽ
غزل
توکي ساري ڪير رنو ھو،
آڌيءَ
ڌاري ڪير رنو ھو.
پھاڙن منجهه
پڙاڏا گونجيا،
اُڀ
کي ڏاري ڪير رنو ھو.
ساوڻ جي برساتن
وانگيان،
سُوڙهون لاري
ڪير رنو ھو.
انگ اگھاڙا پيٽ بکايل،
ٻار سمھاري ڪير رنو ھو.
ڪو به نه آيو سمنڊ ڪناري،
راه نهاري
ڪير رنو ھو.
سڪل وڻ جي ھيٺيان منھنجا،
فوٽو ٻاري ڪير رنو ھو.
وڇڙڻ ويلي سڏڪي دانش،
پٺ تي نھاري ڪير رنو ھو.
غزل
ياد تنھنجي آ ھميشھ دلربا دل ۾ رهي،
تانگهه تنھنجي تيز تر اي باوفا دل ۾ رهي.
وصل جي اميد تي پيا غم ھجر جو ڀوڳيون،
غم ئي ٿيندو نيٺ لذت آشنا دل ۾ رهي.
ڳالھه
جا ڪرڻي ھئي سا ڳالهه ڳالھين ۾ رھي،
ڳالھه
جي ٿي اتنھا پر ابتدا دل ۾ رھي.
جت ھجين آباد دلبر ھر گھڙي کلندو رھين،
دوست تو لئي رب آڏو آ دعا دل ۾ رھي.
مون حياتي پنهنجي دانش ڪئي اوھان جي نانءُ ھئي،
پو ڀلا ڇالاءِ
ڪري وئين الوداع دل ۾ رھي.
امداد جسڪاڻي
پنوعاقل
سنڌ چَيو هي ڳائي
(امداد حُسينيءَ کي ڀيٽا)
لکڻي پنهنجي پڙهندو،
ترنم مون کي وڻندو-
هاڻ حُسيني ايندو.
هن مهراڻ ۾ پڙهجو،
ڪنهن پهراڻ ۾ پڙهجو،
گيت پڙهي من ٺرندو-
هاڻ حُسيني ايندو.
اکرن لفظن ۾ آ،
ڏسي هن ورقن ۾ آ،
ڪوئي ڪيئن پو مرندو-
هاڻ حُسيني ايندو.
سنڌ پَيو هِي ڳائي،
سنڌ چَيو هِي ڳائي،
ماٺ ۾ ڇا هِي ڳرندو؟
هاڻ حُسيني ايندو.
سانول يار رُٺل آ،
ڄڻ سنسار رُٺل آ،
نيٺ ته پرچي پوندو-
هاڻ حُسيني ايندو.
پيار اِهو ورهائي،
سو ’امداد‘ سڏائي،
مُنهنجي دل کي وڻندو-
هاڻ حُسيني ايندو.
برج لال بيوس
دادو
غزل
اُميدون رکجن ته الله ۾،
ڪنهن کي اچڻ نه ڏجي ته راهه ۾.
ساهه ڇڏجي پاڪ وطن تي،
ڳالهه هر کي سانڍ ساهه ۾.
نيت رکجي صاف ڪر محنت،
منزل پنهنجيءَ کي نه ڇڏجي تاءُ ۾.
تڙپن جذبا چاهت جا ڪي،
پرين کي نٿو ڇڏڻ چاهيان چاهه ۾.
اسين به آهيون وطن جا پکي،
تڙپئون وطن لاءِ به ڏاهه ۾.
امن کپي هر ڳالهه کان به مٿي،
پوءِ به ٿا ڇڏيو اصول راهه ۾.
زندگي آهي جوڀن سان،
ته به سڄڻ ’بي وس‘ هجي نگاهه ۾.
غزل
اجايا سجايا وهم ذهن مان ڪڍي ڇڏ تون ته جلدي،
اجايا سجايا به خيال ته ذهن مان وڍي ڇڏ تون ته
جلدي.
ته ڪر فڪر جون ڳالهيون اڄ، مستقبل جون به ته ذهن
۾،
ها اڄ ڪي به ڳالهيون گمان به ذهن مان ونڊي ڇڏ تون
جلدي.
هيءَ لڳي دل زندگيءَ به پنهنجيءَ لاءِ ڪر تون ته
اڄ ڪي ها ڪجهه ڪر،
اَجايون سجايون سوچون به ته مُنڊي ڇڏ تون جلدي.
ها ايندي ۽ ويندي به اڄ تون اهو سوچ ته ڪي هي
ڪجهه ڪر،
فڪر سوچون ڳڻتيون اڄ ڪجهه ذهن مان ڪٽي ڇڏ تون
جلدي.
ها ’بي وس‘ چوي اڄ ته جيڪا نه ڪرڻي سا ڀرڻي جهان
۾،
اجايا سجايا وهن ذهن مان ڪڍي ڇڏ تون ته جلدي.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
وائي
ماڪ پوي ٿي نيڻن نماڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
بند اکين ۾، خواب ڪوماڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
چنڊ ٻري ٿو، خيال اياڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
سانجهيءَ ويلا، رستا ساڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
ديپ ٻرن ٿا، لڙڪ وهاڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
روز اُداسي، پل ويڳاڻا،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
امداد علي سروري
.................
شهر تنهنجي ۾ ڪيڏو طوفان هو، جو گذاري ويو سٺو
انسان هو.
وقت جو پابند هئو سو متقي، هُن جو ڪيڏو اللهج
تي ايمان هو.
ڪين کائي ٿي ڏنئين نامِ خدا، دل جو سخي پابند
مسلمان هو.
گهر مسجد ۾ رهيو سو امن سان، ان جي لبن تي هر گهڙي
قرآن هو.
هٿن ۾ تسبيح عَصَا ان جي هئي، سادگيءَ ۾ پاڻ خود
ذيشان هو.
خير ۾ ٿي دير ڪيائين ڪينڪي، پنهنجي ڪمن ۾ پاڻ ڄڻ
لقمان هو.
لفظ لفظ هن جو ڪيڏو قيمتي، گفتو گفتو هُن جو خوش
الحان هو.
سڀ ڇڏي دنيا مان راهي ٿي ويو، خالي هٿ ها ٻيو نڪو
سامان هو.
گل هئا، ڪانڌي هئا، ڪلمو هو، هرڪو ان جي موت تي
حيران هو.
’سروري امداد‘ سچ ٿو مان چوان، موت کان پوڄڻ ته سو
مهمان هو.
سٺو انسان
حساسُ صداقت رک دل ۾، انصاف جي عادت رک دل ۾.
پنهنجن تي ٿو ظلم ڪرين، ٿورڙي به غيرت، رک دل ۾.
ظالم کي سچ ڀي چوڻو آ، اهڙي ڪا جرائت، رک دل ۾.
اکين ۾ حيا ۽ شرم هجي، ڪا دين جي دولت رک دل ۾.
هن دل جي تمنا تازي هجي، ڪو شوق شهادت، رک دل ۾.
جيڪي راز آهن، سي راز رهن، رازن جي امانت، رک دل
۾.
دل پاڪ آهي، دل صاف رکو، نڪو شڪوه شڪايت، رک دل ۾.
بس دل ۾ خدا جي خوف سان گڏ، الفت ۽ عنايت، رک دل
۾.
جنهن کي ڏسڻ سان دل کي چين ملي، سو حسن حقيقت، رک
دل ۾.
ڏسي حسن کي چئه سبحان الله، اهو شوق عبادت، رک دل
۾.
ڀلي سور ۽ صدمه توکي ملن، نڀائڻ جي طاقت، رک دل ۾.
انسان آهي، انسان تون ڀي، ’امداد‘ ڪا اُلفت، رک دل
۾.
مُستقيم ’بازيدپوري‘
ڪنڊيارو
غزل
هُجومن ۾ رُڳو ٺلهيون ڳالهيون،
ڪري ڪير ٿو هت ڀليون ڳالهيون؟
چون ٿا ته چهرن کي ٻولي آ ڪا،
۽ ڪنديون هِن شڪليون ڳالهيون.
سُجهي ئي نٿو ڪوبه هت همدرد،
پرين پاڻ ڪنهن سان سليون ڳالهيون.
وري ڇڏي ڇو ڇيڙي ماضيءَ کي،
پراڻيون وري اُکليون ڳالهيون.
پُڳا ڪونه غير ڪنهن نتيجي تي،
گهڻيون ئي هنن ۾ هليون ڳالهيون.
ٿڪو زمانو وسائي پٿر نيٺ،
کُلي ڪن ٿيون ٻه دليون ڳالهيون.
غزل
ڪَٿيان ڪيترو ڪوبه ڪاٿو نه ھو،
پَڪو ھو پيار ڪو، دِلاسو نه ھو.
اَزل
کان لَھوءَ
کي وِلوڙي پَيو،
درد قَديم ته ھو ڪو تازو نه ھو.
زھر مِثل ذائقو زندگي سَندو،
چَکيو جَنهن، چَيو تَنهن، پَتاشو نه ھو.
ٻَيو ڇا ھُيو
”مَڱريئي“
وٽ پِرين؟
سِوا ھڪَ شخص ڪو اَثاثو نه ھو.
محمد طاهر راهمون
عمرڪوٽ
مُناجات
مڙئي غير دل جا ڪڍين رب ٻهار،
اچين منهنجي دل ۾ ٿئي شل بهار.
ڪروڙين ڪڌا ڪم ڪرين معاف مون کي،
گناهن گندن کان ڪرين صاف مون کي،
خصوصي ڪرم ڪر تون الطاف مون کي،
آهي وس اوهان جي منهنجي من مهار.
محبت سندئي جو وڏو مچ مَچا،
سُرڪ سڪ واري ڏيارين سچا،
مَٽِن مُنهنجي مَن جا ڏنگايون ڏچا،
قريبي ڏي قلبي ڪرم سان قهار.
آهيان تنهنجو پنڻو ٿو توکان پنان،
ڇُٽن ڪم ڪارا ڪُڌا جي ڪنان،
آهي ڪير منهنجو توهان کان بنان،
ڪريو دل جو آباد پورو ولهار.
سچي پاڪ سيرت سان سينو سُڌار،
غلامي ڏيو مٺڙا اڙين جا آڌار،
وڃن سڀ پليتيون پرايا پيار،
هجي حق حقيقت هيڪاندي هونگار.
پنهنجي در تي ’طاهر‘ سدائين گهراءِ،
ادب ڏي الاهي پرت سان پُڄاءِ،
عرض عاجزيون مون اگهي جون اگهاءِ،
سدائين ڏسان يار جو در ديار.
خالده نسرين
ڪراچي
غزل
لھي آ آسمان کان ، زمين مان ٿي مان ڦُٽان،
مان تنھجي انتظار ۾ ، ڪٿي نه خاڪ ٿي وڃان۔
اگھامجن عبادتون، رضا ٿين رياضتون،
مان عشق جو نشان ٿي جبين تي ٽڪي پوان۔
خلا جون وسعتون ڇڏي، تون پير
ڌر زمين
تي،
ھلي اچين
جي ھيٺ تون، مان آسمان ڇڏي اچان۔
ڏيئي کي آهي انتظار، سج جي زوال جو،
گھڙي آ شام جي پري، اجا ته
ڏينھن آ جوان۔
ڏسان ٿي روز آرسي، نظر اچي ٿو عڪس جو،
چوي ڪڙو ٿو سچ سدا، نه ٿي مجان نه
ٿي مجان۔
ورائي ڪونه ٿو سگهي، ڪو وقت جي مھار کي،
اجايو
وقت سان وڙهي، ڇو روز روز ٿي ٿڪان۔
ڏٺو مون آسمان تي، ٺھي ڪڪر ڊھي ويا،
جي وس ھلي وسي پوان، سُڪل زمين
جي مٿان۔
حبيب الرحمٰن ’حبيب‘ چوهاڻ
ميرپورخاص
ھڪ ته ھستي لڳي ڊھڻ ھاڻي،
ٻيو ته رستو ٿيو پھڻ ھاڻي.
مون کي ھن ڪرب مان رھائي ڏي،
ياد ايندو نه ڪر سڄڻ ھاڻي.
درد ايڏا جو روح ٿو سڏڪي،
لونء لون ٿو لڳي ڪنبڻ ھاڻي.
مون کي پيارو ھو ھڪڙو ماڻھو پر،
دل بغاوت لڳي ڪرڻ ھاڻي.
حالِ دل ڪنھن سان اورجي سائين،
ھاءِ اکڙين ڇڏيو وسڻ ھاڻي.
ڪير بچندو برھ جي آتش کان،
ڏس ته ڪيڏو متو ڀنڀڻ ھاڻي.
رنگ ان تي
’حبيب‘
ئي چڙھندو،
وقت تو کي لڳو ڏسڻ ھاڻي.
*
منزلون،
منزلون،
فاصلا،
فاصلا،
زندگي،
زندگي،
پيچرا،
پيچرا.
ياد ڪجھه
ڪي اٿئي تو جي مونسان ڪيا،
په
پورا ڪيئي ڪيترا ڪيترا.
ھا محبت آ تو سان محبت پرين،
سچ کولي چوان برملا برملا.
آزما آزما جيترو دل چويئي،
درد ڏي درد ڏي آزما آزما.
تنھنجو در ھي گھٽي ڀاڳ ۾ آ لکي،
ڏَس ته ڪاڏي وڃان دلربا دلربا.
وقت جيڪي ڪيا سي ستم سڀ سٺا،
تون به ڪر او پرين جيترا جيترا.
اڄ وري موٽيو آھي دلبر سندم،
اڄ وري ٿي خوشي بي بھا بي بھا.
وقت مٽجي ويو لوڪ مٽجي ويو،
گھر جا ڀاتي ٿيا اوپرا اوپرا.
آ
’حبيب‘
سدا لب تي ھي التجا،
پار ٻيڙي ٿئي او خدا او خدا.
محمد سليم فَراشُ
هالا
تنهنجي حُسن جي جاني هلُ تي،
لکي نالو گلاب جي گل تي.
اچي تحفو توکي ڏيان ٿو،
توسان پيار ڪيان ٿو.
تنهنجي شهر ۾ ٿو مان روز اچان،
اچي ماڻهن کان ٿو تنهنجو پڇان،
سواءِ تنهنجي رهي نه سگهان ٿو ۽ توسان پيار ڪيان
ٿو.
من قياس پوئي منهنجي محبت جو،
ٿي اثر ويو تنهنجي صحبت جو،
بي چين مان تولاءِ رهان ٿو ۽ توسان پيار ڪيان.
هي ’فراش‘ ٿو توکي عرض ڪري،
تون سهڻا ’سليم‘ کان ٿي نه پري،
ٻڌي ٻانهون توکي چوان ٿو ۽ توسان پيار ڪيان.
چنيسر ڏهوٽ
اُڏاڻي/ ڇاڇرو
ڪلام
وٺا مينهن ملير تي، گهڻيئي گاهه ٿيندا،
ڏوٿي منهنجا ڏاڍا، حرص منجهه هوندا.
پلر پار پوٺا، ٿيون تار ترايون،
اڱڻ آر اوٽا، پاڻي اُپايون،
ڏسن پيا ڏهاريون، مٿي ڀٽ بيهندا.
سانگي منهنجا سارا، خوش ٿي کلن پيا،
هاري هرن وارا، وٺيو هر وڃن پيا،
جوڙا پنهنجا جوٽي، پهنوار پوکيندا.
ملير مُلڪ ماروئي، سائو گاهه سُجهي پيو،
ڍڳي ٻڪري سائي، ڏوٿين ڌڻ ڏجهي پيو،
چوي ٿو ’چنيسر‘، کير ڌونرا کيندا.
ڪافي
اُتر کُڻ کان ڪڪر ڪارا، کنوڻ گوڙ گجڪارا،
اچي پهتا وسڻ وارا، وسن پيا مينهن موچارا.
پٿر يا گاهه پاساڙن ۾، مريڙي ساڻ مڙهن ۾،
ڏسندين گاهه پيا ڏرڙن ۾، واهه ڙي يار وسڪارا.
قيڏو ڪُوري قد ڪيئڙو، ڀرٽ تنهن کان مٿي ويئڙو،
وڌي ويڪر اڃا پيئڙو، لنپ للر چيهو سارا.
ڪيا سانوڻ سنگهارن سُک، لاٿا ڏاتار ڏوٿين ڏک،
چوي ’چنيسر‘ ري ويا تِک، مارو مٺي ضلعي وارا.
سيد شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
سِڪي ٿي دل تولئي دلبر،
اکين
جا ٺار ايندو
ڪر،
ڪڏھن گھوئي ڪري گُھمرو،
ڪرڻ تون پيار
ايندو
ڪر.
دغابازي ۽ دوکو،
ٿيو دستور دنيا
جو،
اھڙي ماحول ۾ مون وٽ،
مٺا منٺار ايندو
ڪر.
سڄي سنسار ۾ توکي،
سڄڻ سمجھيم
پرين
پنھنجو،
اڙيم کي ويل
اوکي ۾،
ڏيڻ
آڌار ايندو
ڪر.
دُکن پيا
دود ڪئين
دل تي،
اُنين
عاجز ڪيو
آھيان،
ڀلائي جا ڀري پيرا،
ڏسڻ بيمار
ايندو
ڪر.
مُدامي پيو
سڪي
’مردان‘،
اوھان
جي ديد لئي دلبر،
تنھن سڪايل کي ڏسڻ سھڻا، ڪري سينگار
ايندو
ڪر.
*
اھڙي ڪئي اسان تي،
مولا مھرباني،
نه جوڙيس جڳ ۾،
سڄڻ جو ڪو ثاني.
نه
ڪو عرش فرش ڪئين،
نه
ڪو سورج ستارا،
ھئي ازل کان اڳي،
نرمل جي نشاني.
ھزارن حسينن
ڪئي،
ھمسري ٿي،
ٿيو انتخاب اُنين
جو،
نه
ٿيو سڄڻ جو ڪو ثاني.
ھو رھبر اسان
جو،
آھي رھنما،
طفيلي
تنھن جي،
ٿيندي مشڪل آساني.
آھي مددگار منھنجو
’مردان‘
چئي مدامي،
ڪيم وقف جنھن لاءِ،
سڄي زندگاني.
عبدالرحمان همدرد
سونپور
غزل
ڀري جو ڀاڪر ڇڏي وڃين ٿي،
اداس اڪثر ڇڏي وڃين ٿي.
عجب ۾ آهن وڻ ۽ واٽون،
ندي تي گهاگهر ڇڏي وڃين ٿي.
آ رات کٽڻ تي ۽ باک ڦٽڻ تي،
گلابي منظر ڇڏي وڃين ٿي.
اجهو ٿي موکي مٽن کي اپٽي،
اڃارو پيڪر ڇڏي وڃين ٿي.
حيا سان مرڪي ۽ هٿ لوڏي،
ڏکن ۾ ويتر ڇڏي وڃين ٿي.
خطن سان گڏ ٻه
ٽي سڪا گل،
قلم ۽
ڪاڳر ڇڏي وڃين ٿي.
غزل
نظرن جي نظر سان نئين دوستي،
گلن جي ڀونئر سان نئين دوستي.
پکي آ اُڏاڻو سنيها کڻي،
رکي چنڊ ڪڪر سان نئين دوستي.
اوهان جي اچڻ جي هلي ڳالهه آ،
ٿي گهر پڌر سان نئين دوستي.
هئي آشنا هر گهٽي ۽ گلي،
ٿي پر شهر سان نئين دوستي.
بهارن جيئن ڀاڪر وڻن کي وڌا،
ٻکي سونهن سحر سان نئين دوستي.
وري جيءُ ڏسجي اي ’همدرد‘ هاڻي،
رکي دل پٿر سان نئين دوستي.
عبدالرحمان ڪاڇيلو
ڪاڇيلو
غزل
عشق منھنجو امام بڻيو آھي،
درد منھنجو ڪلام بڻيو آھي.
غزل منھنجا ھوائن ۾ وکريا،
نظم منھنجو سلام بڻيو آھي.
تنھنجو مرڪي مون ڏي ڏسڻ،
مون مٿان
اھو
الزام بڻيو آھي.
افسانو بڻجي جيون جو ھاڻ ويو،
جذبن جو ھر قتلام بڻيو آھي.
تنھنجي فراق ۾ جو شاعر ٿيو آ،
سو
شخص
به گمنام بڻيو آھي.
توکي نڪا سڌ نڪا ڪل پئي ڪا،
’عبد‘
تنھنجو غلام بڻيو آھي.
غزل
پيدا اهڙو ڪو انسان ٿي پوي،
ڪاش دردن جو درمان ٿي پوي.
پابنديون پيار جون ختم ٿين،
ڪو ته اهڙو به اعلان ٿي پوي.
روز روز جي جهڪڻ کان ڀلو،
سجدي هڪ سان راضي رحمان ٿي پوي.
پايون پريت مان ڀري ڪي ڀاڪر،
ڀلين نفرتن جو نقصان ٿي پوي.
ملڻ ته مهانگو پوندئي ڪڏهن،
جي پيرن جو ڪٿي نشان ٿي پوي.
اجائي ڳالهه
ڪڏهن ڪري نه ڄاتي،
ڳالھه اهڙي
ڪجي
تازو جنھن سان ايمان ٿي پوي.
ڪوڙ ته هميشه ڪوڙ ئي ڪوٺبو،
دل سچي ڪجي جو داستان ٿي پوي.
ملڻ وقت مخلوق لڪيو آسماني وڃي،
اونڌاه سارو گگن ۽ آسمان ٿي پوي.
بلال احمد چانڊيو
دڙيلو
نعت
ڪيــڏو سَجَايَل پِيارو جَھَان
ھِي بَارِي بي
پَروَاھَ جو،
ھَر شَيء تي
ھَر حُڪمُ ھَلي
ٿو ھِڪڙي
فَقَط اَللّه جو.
گُل ڦُل
زِمــــــين
تــــي
آهــِــن ڪيڏا تَه ھِي پِيَارا،
جَرڪَــــن پـَــــيا ڏِســـوں
ٿَا شَـمســـو قـَــــمَر سِتارا،
سُھڻو چَمَن ھِي سُندَر سَارو بيشَڪ آ وَھ وَاھَ جو.
پَنَ کي
نَه آهـــي
طَاقَت حُڪــمَن سِوا ھَلِي سَگھي،
ڪَاري
اَڇي
جـــــو رَنگ ھِي ڀيٽِيُون
نَٿو مِلِي سَگھي،
ڪِـــينَ مُقابِل ٿِيندو ڪوئِي شَاھَن جي
شَھنشَاھَ جو.
بَــــارَش جـَـــا وَڏ ڦُـــڙا ۽ سَــــرد
و گَــــرَم ھَـــــوائُـــون،
دُنيا جـــي
ھَـــر خِطــي
۾ مـَــولا سَــــندِيون
ثَنَـائُون،
دَائِم رَھندو ھِڪ ئِي خُدا آ ھَرڪو رَاھِي راھَ جو.
جَنــهِن
لاءِ سَـجـدا ۽ رُڪُوع جَنهِن
لاءِ
ھِن عِبادَتُون،
بَرسَــن پَيُــون
گَھڙِي گَھڙِي رَحمَانَ جُون
ھِي رَحمتُون،
’چَانڊيي
بِلالَ
احَمد‘
لِکيو آ تَنهِن
جِي ئِي سَاراھَ جو.
دنيا جو هر هڪ قومي سماج هڪ زندهه ايڪو
[Organic Unit]
آهي، جنهن جو جياپو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻوليءَ
کان سواءِ ممڪن نه هوندو آهي. ان ئي ڪري ڪنهن قومي
سماج لاءِ ان جي ڌرتي (وطن) کان پوءِ ان جي ٻولي
ئي سندس خاص اڪيلي قومي سڃاڻپ، هن جو حقيقي روح ۽
گڏيل قومي سوچ هوندي آهي.
اها ٻولي ئي آهي جا ڪنهن سماج منجهه ايڪو ۽ ٻڌي
پيدا ڪرڻ وارو واحد، مستقل ثقافتي جز، مک عنصر،
اوزار ۽ وسيلو هوندي آهي. جيڪا سماج جي هر سطح تي
وسندڙ سمورن ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي، ڳانڍاپي، گڏيل
جياپي جو هيڪلو حيلو ۽ وسيلو پڻ هوندي آهي.
دنيا جي هر هڪ قومي سماج کي يڪ جان ۽ هڪ مُٺ
بڻائيندڙ انهيءَ ٻوليءَوسيلي، اهو سماج نه رڳو
پنهنجي ثقافت جو ڀرپور اظهار ڪندو آهي، پر اها
ٻولي ئي آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن قومي سماج جي،
سموري ثقافتي تاريخ، سرويچي، سورهيائي، ۽ اڏول پڻي
وارا جنگي داستان، روايتون ريتون، رسمون ۽ رواج،
رهڻي ڪهڻي، هنر، سنگيت، ڪلا ۽ جياپي جو ٻيو (سمورو
ثمر) اچي گڏ ٿيندو آهي. اهو (سمورو ثمر) ئي هوندو
آهي، جيڪو گهگهه اوندهه رات ۾ سُهائي ۽ سوجهرو
پيدا ڪري پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ۽ ساڃاهه ڏيڻ سان
گڏ پاڻ وسارڻ، لساني ۽ ثقافتي طرح سان پاڻ وڃائڻ ۽
گم ٿيڻ کان بچائيندي، ترقي ۽ بقا کي هٿي ڏيندو
آهي.
ٻولي ۽ ثقافت واري انهيءَ گڏيل قومي ثمر ۽ اباڻي
موڙيءَ کي قوم جي هر لائق پيڙهي وڃائڻ بدران
سانڍيندي، سنڀاليندي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي
وڌائيندي، ويجهائيندي سموري سونهن ۽ سوڀيا ساڻ
پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ تائين رسائيندي اهي. اِها
پيڙهي وري ساڳيءَ ريت اُن کي وڌيڪ اُجاري ۽ سنواري
ٻي ايندڙ پيڙهيءَ تائين پهچائيندي آهي، دنيا جا
تمام زندهه سماج ۽ زندهه قومون ان ئي ريت جيئنديون
۽ پنهنجي وجود کي امرتا ڏينديون رهنديون آهن.
ڌرتيءَ جي سمورن انساني سماجن جي اوسر ۽ ترقيءَ جو
اهو سلسلو ان ريت تاريخ جي شعور واري اک پٽجڻ کان
به اڳ جاري هو، جاري آهي ۽ جاري رهندو.
]ڪتاب
”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي مهاڳ تان ورتل[ |