سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:20 

مير سجاد اختر ٽالپر

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

ديوان معمور، املهه ڪتاب

 

ڪيترائي انسان هن دنيا ۾ جنم وٺن ٿا پر صرف پيٽ جي پالنا ۽ نسل وڌائڻ جي گردِش ۾ هن دنيا مان هليا وڃن ٿا، جن جو پوءِ ڪو نالو وٺڻ وارو ئي ڪونه هوندو آهي. هيءَ دنيا هڪ ڪمري جيان آهي جتي ماڻهو مُسافر جيان اچي ٿو ڪُجهه مقرر ٿيل عرصو رهي پوءِ هليو وڃي ٿو، پر ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي اُن ڪمري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙا شاهڪار ڇڏي ويندا آهن جو ايندڙ ماڻهو اُنهن شهڪارن يا نقشن کي ڏسي ويندڙ ماڻهو کي ياد ڪندا رهندا آهن. هيءَ دنيا ڪيترن ئي حيرت ڪدن سان ڀري پئي آهي ڪي ماڻهو پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان اُنهن حيرت ڪدن جا راز کولي ويندا آهن جيڪي ٻين ايندڙ لاءِ حاصلات جو ذريعو بڻجندا آهن، جنهن ۾ سائنسدان، فلاسافر، شاعر اديب ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. اڄ اسين جيڪو ذڪر ڪنداسين سو ادب جي حوالي سان آهي ادب رکندڙ ئي، اصل ادب تخليق ڪندڙ آهي ۽ ادب جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن تي بيڪ وقت عبور حاصل ڪرڻ تمام اوکو ڪم آهي يعني هڪ ئي وقت ۾ پاڙهيندڙ هجي گرامر جو ڄاڻو هجي، ادب ۽ اخلاق جو مجموعو هجي، تربيت گاهه هجي، شاگرد هجي ته گڏوگڏ اُستاد هجي، مضمونگار هجي ته مقالا نويس هجي، تاريخدان هجي ته وري محقق به هجي، نثر نويس هجي ته شاعر به هجي، سگهڙ هجي ته سُريلو ڳائيندڙ به هجي ايترين خوبين جي کاڻ ڪي چند ماڻهو هوندا آهن تن مان هڪ عظيم اُستاد، مُعلم، تاريخدان، محقق، مضمونگار، مقالا نويس، سُگهڙ، اديب، شاعر، ادب ۽ تربيت جو مجلس گاهه محمد محمد عمر ’معمور يوسفاڻي پلي صاحب جن به هُئا، سندن جي گهڻ رُخي شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ سندس جوڙ جو ڪو شخص درڪار هُجڻ گهرجي پر افسوس اهڙو جهانديده شخص هاڻ هن دنيا ۾ ڪو رهيو ڪونهي، اسين ته سندس جي فرزندن محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ مرحوم سيف الله پليءَ جن جي دستِ شفقت جي هيٺ وارا ادنيٰ شاگرد آهيون، پر محترم معمور صاحب جي شاگردن کان معمور صاحب لاءِ ٻڌندا رهندا آهيون ته دل مان ارمان ٿو نڪري اسين ڪيڏا نه بدنصيب آهيون، جو اهڙي شفيق ۽ عالمانه شخصيت سان ملي لاڀ حاصل نه ڪري سگهياسين. سندن ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن ته ڪيترائي ڪتاب اڃان به قلمي صورت ۾ موجود آهن، منهنجي زير نظر هينئر جيڪو ڪتاب آهي سو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ”ديوان معمور“ آهي جيڪو عالم، سگهڙ، شاعر، محقق، تاريخدان، مضمونگار، مقالانويس، نثرنويس بهترين استاد محترم محمد عمر ’معمور‘ يوسفاڻي پلي صاحب جو لکيل ديوان آهي جيڪو سندس ئي فرزند محترم ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جن مرتب ڪيو آهي.

هيءَ عظيم شخصيت 25 جنوري 1929ع تي پير محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿي هيءَ عالم شخص بي بها املهه خزاني جيان هو جنهن وٽ لفظن جي موتين جو ڀنڊار هميشه رهندو هو جيڪو پنهنجي سخاوتي طبيعت سبب جهر جهنگ ورهائيندو وتندو هو. ديوان معمور جي مُهاڳ ۾ محترم عبدالقيوم ’صائب‘ صاحب غزل جي تعريف ڪندي چيو آهي ته:

’غزل عام طور تي زال سان گفتگو ۽ روح رچنديون ڪرڻ آهي‘

غزل جي ان مفهوم کان به هٽي ڪري معمور صاحب غزل لکيا آهن جيئن:

هٿ نه اچڻو آهه ڪُجهه ڀي هٿ هلائڻ کانسوا،

جوڳي بڻجي ڪونه ڪو، جوڳن پچائڻ کانسوا.

 

رات ڏينهن سجدي ۾ رهه تون، در اڳيان دلدار جي،

سرفرازي ڪينَ ملندي، سِر نمائڻ کانسوا.

هتي سِر نمائڻ ۽ دلدار جي در اڳيان سجدو ڪرڻ مان مُراد پنهنجي رب پاڪ جي اڳيان سربسجود ٿيڻ آهي يا جيئن:

جي ٿيڻ چاهين ٿو ڪُجهه، انسان ٿج،

جي نيڻ چاهين ٿو گڏ، نيڪي نِج،

ٿو ڀلو چاهين، ڀلو ڪر، سڀ سندو،

دُشمنن سان ڀي، بُرائي ڪِي مَ ڪج.

هتي انسان کي چڱائيءَ جو درس ڏي پيو يعني پنهنجن غزلن ۾ ٻيا به ڪيترائي مفهوم ڪم آندا آهن انهن ٻين مفهومن سان گڏ تغزل به شامل آهي مثلاً:

ناز سان نازڪ بدن، لاٿو نقاب،

ڄڻ ڪڪر مان مُنهن پسايو ماهتاب،

ٿي سهائو ويو سڄي سنسار ۾،

ڄڻ اُفق مان آهه نڪتو آفتاب.

عاشق، معشوق جي هڪٻئي سان هُجت جي رمزئي الڳ آهي. معمور صاحب ڪڏهن به پنهنجي محبوب يا معشوق کي ميار يا پِٽ پاراتو ڏيندي نظر ڪو نه ٿو اچي پر جي محبوب ماڻا ٿو ڪري يا ناراض ٿي ٿو وڃي، ته معمور صاحب دل کي آٿت ڏيندي چئي ٿو ته :

ڏسي سورن جي سايي کي، اڳي دل ٿي ڪيون دانهون،

مگر هاڻي ته سورن کي به سمجهائڻ لڳو آهيان.

معمور صاحب جو پنهنجي محبوب کي التجا ڪرڻ جو انداز ته ڏسو چئي ٿو ته:

زندگي جي ڪشمڪش ۾، آزمائي ڏس کڻي،

هم زبان هر هنڌ سَوَ، پر همنوا ڪوئي نه آ.

 

مه لقا، مشڪل ۾ آ، معمور تنهنجو مهر ڪر،

جنهن جو حيلو ۽ وسيلو، تو سوا ڪوئي نه آ.

معمور صاحب جو ديوان هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ مُحبت و چاهت، وڇوڙو ۽ ورلاپ، نصحيت ۽ هدايت، حمد وثنا مطلب ته هر گُل ڄڻ ديوان ۾ موجود آهي شروع شروع  ۾ ’الف‘ رديف ۾ هي دعا ته:

ڪر عنايت ۽ عطا، مُنهنجا خُدا،

بخش ڪر مُنهنجي خطا، مُنهنجا خدا.

سسئي جي پڪار لطيف سائين ۽ ٻين ڪيترن صوفي بزرگن توڙي شُعرائن پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪئي آهي. معمور صاحب پنهنجي ديوان ۾ سسئيءَ جي پُڪار ڪُجهه هينئن ٿو بيان ڪري ته:

ڪشالا ڪاڻ ڪوهياري، ڪيون ڪوهن ۾ ڪوڪارون.

اچن آڏا جبل، پرپٽ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

اڙانگو پيچرو اوکو، ڏنگيون واٽون ورن واريون،

ڏٺم وَر ڪاڻ ور ونگ وٽ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

معمور صاحب في البديهه شاعر هو، هن کي شعر جوڙڻ يا لکڻ جي هروڀرو حاجت ڪونه پوندي هئي. سِٽِ مٿي سِٽِ ائين بيٺي بيٺي جوڙيندو هو ڄڻ خدائي ڏات پنهنجو پاڻ لهندي اچي. گلي ۾ سوز هئڻ ڪري، هُو هميشه پنهنجي شاعري ترنم ۾ پيش ڪندو هو ۽ محفل لُٽي وٺندو هو، سندس جي نرم سڀاءُ، غريب پرور طبيعت جي ڪريم پاڻ غريبن کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ هڙان وڙان خرچ ڪري، انهن جي غريب حال سارو مدد ڪندا هئا، تنهنڪري سندس جي شاعريءَ ۾ اها جهلڪ ملي ٿي جيئن ديوان جي صفحي نمبر 72 تي ڏنل هيءُ غزل آهي ته:

کڻي هيج جو هر، اُٿي کيڙ کيٽ،

ڪَتِي کي ڪمائج، رکي چِت ۾ چيٽ،

توڪل جو تَرهو، ٻَڌي تار ۾،

بُکون ڏي بدن کي، نه لالچ تي ليٽ.

محبوب جي ناز و انداز کي معمور صاحب پنهنجي ديوان ۾ هن نموني پيش ڪيو آهي ته:

جي ڪڙو ٻوليو قريبن، ڇا ٿيو؟

نوڪرن کي آه گهٽ وڌ چوندو سيٺ،

مڙ مٺائن کان ملذذ ۽ مٺي،

هاءِ ڙي ’معمور‘! هن جي هيٺ ڦيٺ.

حرفِ تجنيس جي مهڪار به ديوان جي ڪيترن ئي غزلن ۾ ملي ٿي.

سور صدما سئو سٺم، پرسور تنهنجا ٻي طرح.

ڪشالا ڪاڻ ڪوهياري، ڪيون ڪوهن ۾ ڪوڪارون

ڪن ۾ قابو، قيد آهيان ڪيئن ڪيان.

ڪڏهن ڪين قابو، ڪنن ۾ سو ٿئي

ٿو ٻڌان ٻئي ٻانهون اچ.

ٽانُ، ٽيڙي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا

منتظر ۽ ملتجي مئخاني ۾.

ڪُنن ۾ ڪبي ڪيئن ڪنارن جي سُڌ

ڏسن ڪينَ واٽون ونگيون ور وڪڙ

معمور صاحب، محبوب جي گِلا يا شڪوه شڪايت کي گناهه ٿو سمجهي تنهنڪري پنهنجي ديوان ۾ چئي ٿو ته:

سڏائين عاشق، مگر ڏک ۾ ٿا،

سڄڻ جي گِلا ڪن، هجي ته کي حيف.

 

يار پنهنجي جي ڪيان ڇو، غير وٽ ويهي گِلا،

هو رهي هر دم هيئين ۾، گڏ جُدا سان ڇا غرض؟

 

هڪ سُرڪيءَ لئي ستائڻ، تنهنجو نه شان آ،

سختي ڇڏي اي ساقي، پنهنجي سخا کي ڏس.

 

زماني جي ٻين سورن، سزائن، انقلابن کان

ڊڄان ٿو ڪينَ، ماري ٿو، مگر هِجر، غم تُنهنجو.

معمور صاحب جي ديوان ۾ تشبيهون، ڪنايه، استعارا، صنعتون جهجهي انداز ۾ موجود آهن، جنهن سبب اها ڳالهه واضح طور چئي سگهجي ٿي ته معمور صاحب تي شاعري ڪرڻ وقت ڪا الهامي ڪيفيت نازل ٿيندي هوندي، هُو شاعريءَ جو گوهر ناياب هو سندس ديوان پڙهڻ کانپوءِ سندن وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي پرک پوي ٿي معمور صاحب جي باري ۾ سندس لائق فرزند اديب، شاعر، لطيف جو پارکو، محقق، تاريخدان، ٻوليءَ جو ماهر ۽ دانشور ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب جن مقدمي ۾ وضاحت سان لکيو آهي.

هن ديوان ۾ ڪجهه غزل ته ايڏا بهترين آهن، جيڪي دل بار بار پڙهڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو مثلن ديوان جي 157 صُفحي تي ڏنل صنعت عڪس و تبديل وارو هيءُ غزل:

اڃان وَري نه واڳ ٿي، نه واڳ ٿي وري اڃان،

اڃان پري مُفاصلو، مُفاصلو اڃان پري،

اڃان ڀري نه پير ٿو، سڄڻ وفا جي راهه تي،

وفا جي راهه تي، سڄڻ نه پير ٿو ڀري اڃان،

اڃان ڪري نه قُرب ٿو، چوي ڀُڻو اجهو اجهو،

اجهو اجهو ڀُڻو چوي، نه قُرب ٿو ڪري اڃان.

جنهن ۾ مٿئين سِٽِ جي پهرين اَڌ کي، ٻي سِٽِ جي آخر ۾ ساڳين لفظن کي بدلائي رکڻ، جو ماهرانه تجربو هڪ عجيب موسيقيت ٿو پيدا ڪري، يا وري 159 نمبر صفحي تي رکيل هي غزل:

مليو دلبر، وڇوڙو ويو، لٿا آزار، ٿيون عيدون،

دلاسا درد وارن کي ڏنا دلدار، ٿيون عيدون.

 

سراهي صبح کان ئي ڏس، سڄي سنسار ۾،

اچي ٿي هر طرف کان عطر جي هُٻڪار، ٿيون عيدون.

هن ديوان پڙهڻ سان لفظن جو نئون ذخيرو به کوڙ سارو نظرن مان گُذريو، گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ اهي لفظ صفا نوان آهن مثلاً.

’ڀوڏ، ڊوڏ، ڪڇ، لڇ، ڪنجهه، ڏنجهه، لنجهه، خرخام، هڄ، رڄ، راڦ، هاڦ، ڦاڦ، داڦ، کڦ، ٿِڦ، نوپ، اوپ، ٻَپ، رَٺ، چساٽ، هَنڀُ، ٺنڀُ، جَنڀُ، ڌُٻ، ڍَٻُ، ٿَڀُ، ٻپ، ڊٻ، دِٻ، ڌوڌم، گهوگهٽ وغيره‘

گهڻن غزلن جي غزل لکڻ جي تاريخ ۽ شهر يا جڳهه جو نالو درج آهي، جنهن سان سائين معمور صاحب جي شعري شعور جي خبر پوي ٿي ته پاڻ چويهه پنجويهه سالن جي عمر ۾ بهترين شعري صنفون لکڻ تي ڪيڏو نه عبور حاصل هئن جڏهن پاڻ اڃان مس سنڌي فائنل پاس ڪيو هئائون 1954ع کان 62. 1961ع تائين جا لکيل هيءَ غزل معيار جي لحاظ کان ڪيڏا نه پُختا آهن.

 

مُهاڳ ۾ عبدالقيوم ’صائب‘ ڪافي وضاحت سان ديوان جي شعرن بابت لکيو آهي، جنهن ۾ هن چونڊ شعر کڻي، شعري ساخت جي تصويرڪشي ڪئي آهي، جيڪا پڻ پڙهڻ جهڙي آهي.

ڪي ڪي غزل رڌم ۽ موسيقيت ۾ پڙهڻ ۾ ڏاڍو لطف ڏين ٿا، جئين هنن غزلن مان هڪ هيءُ به آهي:

هلو! ميخانه دلبر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي،

اهو ساقي، اهو ساغر، جو اڳ هو، سو ئي اڄ آهي،

شفا، احسان ۽ لُطف وعطا ۾ سخاوت ۾.

دُکين لئه دلربا جو در، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

زمين بدلي، زمان بدليو، هزارين انقلاب آيا،

اسان جي عشق جو دفتر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

سڄي ديوان ۾ جيڪا سخت کوٽ نظر آئي، سا هئي لفظن مٿي اعرابن جي، جنهن جي ڪري پهريون دفعو پڙهڻ سان شعر پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي، جيڪڏهن جن جن لفظن تي اعراب ڏيڻ ضروري هئا، ان تي ڏيڻ گهرجن ها ته پڙهڻ ۾ وڌيڪ آساني رهي ها.

بهرحال هڪ بهترين عالم، دانشور، ليکڪ، مُحقق، سُگهڙ، تاريخدان، مترجم، ڪمپئير، لطيف جو ڄاڻو، لسانيات جو ماهر محمد عُمر ’معمور‘ يوسفاڻي پلي صاحب جي شاعريءَ جو هيءُ ديوان سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي، شاعريءَ سان چاهه رکندڙ ۽ شاعر سکندڙ دوستن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهُرجي.

 

سيد وجدان شاهه

ڪراچي

 

 

 

امداد حُسينيءَ جي سالياني سار

 

ستاويھ آگسٽ 2023ع آچر ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعر جناب امداد حُسينيءَ جي ياد ۾، آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ سنڌ سطح جو ڪاڄ ڪوٺايو ويو. ھيءُ پروگرام امداد حُسيني فائونڊيشن پاران ٿيو ھو. جنھن جي صدارت امداد حُسيني فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر سحر امداد حُسيني ڪئي. ان پروگرام جا خاص مھمان ھئا: محترمہ مھتاب اڪبر راشدي، نورالھديٰ شاھه، ڊاڪٽر  فاطمہ حسن ۽ محترم بيدل مسرور. پروگرام جي ڪمپيئرنگ، خوبصورت شاعر محترم نصير مرزا ڪئي. ان تقريب ۾ مھمانن جي آجيان سائين ساونت علي شاھه، سيڪريٽري امداد حُسيني فائونڊيشن ڪئي. ان موقعي تي سائين امداد حُسينيءَ جي نئين مجموعي: سورج لءِ ڪو پٿر ناھي!
جيڪو امداد حُسيني فائونڊيشن پاران ڇپرايو ويو آھي، جي مھورت ٿي، جنھن بابت محترم مسرور پيرزادي پنھنجو جامع مضمون پڙھيو. ان موقعي تي محترم نصير مرزا، سائين امداد حُسينيءَ جي لکيل ڪيڏاري تي شاندار مقالو پيش ڪيو. جڏھن ته سيد نورالھديٰ شاھه ”سانول جي ڪھاڻين تي سربستو ڳالھايو. ان ڪاڄ  ۾ جن  قلمڪارن  امداد حُسينيءَ متعلق پنھنجا لکيل مضمون پڙھيا. تن ۾: شاعر امر پيرزادو، اردوءَ جي نامور شاعره ۽ ليکڪا ڊاڪٽر فاطمہ حسن، ڊاڪٽر شير مھراڻي، جناب رکيل مورائي ۽ جناب جاويد شيخ سُٺو ڳالھايو۔ ان موقعي ٻين جن دوستن سائين امداد حُسينيءَ جي ادبي اھميت، شاعراڻي  عظمت ۽ شخصي  وڏائيءَ بابت ڳالھايو انھن ۾ پروفيسر سليم ميمڻ، جناب تاج جويو، محترمہ گلبدن جاويد مرزا، امداد سائينءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي ڳالھايو۔ پروفيسر مشتاق مھر سائين امداد حُسينيءَ کي نظم جو نذرانو پيش ڪيو، نامور ھيرو ۽ شعر و ادب جو عاشق جناب مصطفيٰ قريشي سائينءَ جي نظم حملو جو سائين الياس عشقيءَ جو ڪيل ترجمو پڙھيو ۽ شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. جناب ايوب شيخ آرٽس ڪاؤنسل ڪراچيءَ جي نمائندگي ڪندي ڳالھايو. ان موقعي تي محترم احمد شاھه، صدر آرٽس ڪائونسل جي  عالماڻي گفتگو جي ڪمي محسوس ٿي. محترمہ سحر گل، امداد سائينءَ جي نظم حملو جي سائين صلاح الدين بلوچ صاحب جي ڪيل انگريزي ترجمي کي پڙھيو ۽ سائين امداد حُسينيءَ جون نظم پڙھندي وڊيوز ھلايون ويون. ان فنڪشن لاءِ محترمہ ماھين ھيسباڻي امداد سائينءَ جي کوڙ شاعري ريڪارڊ ڪري موڪلي ھئي، جا پڻ اسڪرين تي ھلائي وئي. پروگرام جي پُڄاڻيءَ تي نامور گائيڪ جناب بيدل مسرور بدوي، ذوالفقار قريشي، ۽ سيد تجمل شاھه سائين امداد حُسينيءَ جا خوبصورت ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳايا  ان محفل ۾ وڏي انگ ۾ اديبن شاعرن ۽ باذوق ادب دوستن ۽ امداد شرڪت ڪري ڪامياب بڻايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org