سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:8 

مولانا محمد ادريس جوڻيجو

حضرت علامه محمد عثماني قِراني رحه

 

اسلامي دنيا ۾ ڪئين اهڙيون نامور هستيون پيدا ٿيون آهن، جن جي ذهني ۽ عملي ڪاوشن ذريعي نه صرف اسلامي تعليمات، فڪر ۽ فلسفي جو فروغ عمل ۾ آيو، بلڪه انهن جي طفيل پوري انسانذات کي بي انداز علوم ۽ فنون مهيا ٿيا.

هر دؤر ۾ انسان کي علم و فنون جي سکيا خاطر ڪنهن رهبر يا استاد جي ضرورت درپيش آئي آهي. جناب آقاءِ نامدار حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم انسانذات لاءِ عظيم رهبر ۽ استاد پڻ هئا، جن پنهنجي قول ۽ فعل سان زندگي گذارڻ ۽ الله تعاليٰ جي ٻڌايل احڪامن جي بجا آوري لاءِ صحيح ۽ لافاني طريقه ڪار عملي طور پيش ڪيو. سندن اصحاب به انهي طريقي تي هلي مسلمانن توڙي عام انسانن لاءِ درس اخلاق ڏيندا رهيا. ان بعد مسلم دنيا ۾ ڪيترائي عالم، مفڪر ۽ مدرس پيدا ٿيا، جن پنهنجي زندگي علم جي طالبن لاءِ وقف ڪري ڪيترائي پنهنجا شاگرد عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا، جن پنهنجي علمي ۽ فڪري زندگيءَ سان ٻين ڪيترن ئي انسانن کي فيض بخشيو ۽ اهڙين افضل خدمتن جي عيوض ۾ پنهنجو دائمي نالو ڇڏي ويا.

هر دؤر ۾ اهڙين باڪمال شخصيتن پنهنجي باڪمال ۽ لازوال علمي شعاعن وسيلي جِهل ۽ اونداهيءَ جا پردا چاڪ پئي ڪيا آهن. اسان جي سنڌ به اهڙين بزرگ هستين جي فيض سان هميشه پُرنور ۽ مالامال رهي آهي. حضرت علامه مولانا محمد عثمان قِرانيرحه جو اسم گرامي پڻ اهڙين لازوال ۽ نامور هستين ۾ داخل آهي، جن جي فڪري ۽ علمي شعاعن جا اثرات تا اَبد هن جهان کي روشني بخشيندا رهندا.

علامه محمد عثمان قِراني رحه سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ تاريخ 27 صفر سنه 1294هه خميس جي ڏينهن ڄائو، سندن ولادت کان ڏينهن اڳ، سندن والده ماجده کي عالم خواب ۾ هڪ نظارو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ سندن والده ماجده ڏٺو ته ”هڪ مسجد شريف درياء ۾ موجود آهي، جنهن ۾ طالب العلم پيا پڙهن.“

سندن والده جڏهن مذڪوره خواب جو تذڪرو پنهنجي خاوند حافظ ڄام رحه سان ڪيو تڏهن ڄام رحه فرمايو ته ”انشاءالله تنهنجي پيٽان هڪ سپوت فرزند تولد ٿيندو، جيڪو وڏو عالمِ دين ٿيندو.“ علامه محمد عثمان رحه جن جو والد حافظ ڄام رحه پڻ نيڪ عابد، پرهيزگار، ڀلارو شخص هو.

علامه صاحب ذات جو ڀنڀرو هو ۽ سندن ڪُنيت ابوسعيد هئي ۽ تخلص ’قِراني‘ هو. قِراني جي معنيٰ آهي. ٻن شين جو گڏجڻ، جيئن حج ۽ عمره وغيره. اهلِ نجوم جي اصطلاح موجب ٻن سِتارن جو هڪ برج ۾ هڪ وقت ۾ گڏجڻ، جنهن کي ’قِران السعيدين‘ چوندا آهن. هي نيڪ بختيءَ جي نشاني يا علامت سمجهي ويندي آهي.

پاڻ اڃا ستن اَٺن ورهين جو هو ته ميان سيد حاجي احمد شاهه مرحوم ڳوٺ اميد علي خان واري وٽ قرآن ناظره، پڙهڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪيائون ۽ ڪجهه عرصي بعد سندن استاد جي لڏي وڃڻ ڪري باقي ’قرآن شريف‘ پنهنجي والد ماجد وٽ پورو ڪيائون ۽ فارسيءَ جي تعليم لاءِ سندن والد مرحوم مولانا ميان محمد علي صاحب مرحوم پٺاڻ ڳوٺ سعيد لاکي شاهه وٽ کيس ڇڏيو. هيءُ صاحب فارسيءَ جو سٺو شاعر هو، پاڻ نهايت ٿورڙي عرصي ۾ نه صرف فارسي جي تعليم مڪمل ڪيائون، بلڪه شعر شاعريءَ سان کين گهڻو چاهه پيدا ٿيو. عربي تعليم ’صَرف‘ تمام ۽ ’نحو‘ ملا جامي تائين ۽ علم فقه ۾ ’هدايه‘ تائين تعليم، مولانا مولوي لعل محمد صاحب مرحوم متعلوي وٽ ٽنڊي مير غلام علي ۾ حاصل ڪيائون. علم منطق ۽ نحو جناب مولانا مولوي خير محمد صاحب وٽ پڙهيو. آخر ۾ دستاربندي ۽ تحصيل علم جناب مولانا مولوي لعل محمد متعلوي کان عطا ٿي. پاڻ علم تفسير ۽ حديث شريف جي وڌيڪ تعليم خاطر ڪجهه عرصو مدرسه قاسميه دارالعلوم ديوبند ۾ رهيو ۽ فضلاء کان فيض حاصل ڪيائون. علامه صاحب پنهنجي ويهن سالن جي نوجوانيءَ جي عمر ۾ سن 1315هه ۾ پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀري، تعلقي ساماري ۾ مدرسه مجدديه ’ڀنڀرا‘ قائم ڪري علم جي شمع روشن ڪيائون ۽ سندن مدرسه جو پري پري تائين نالو مشهور ٿيو.

صورت ۽ سيرت: علامه صاحب جو قد پورو پُنو، چهرو نوراني، رعبدار ۽ حشمت وارو هو. سندن آواز بُلند ۽ دِلڪش هو. سندن طبعيت سادي ۽ سٻاجهڙي هئي، پاڻ نهايت ذهين ۽ جفاڪش هو. ساڻن جنهن هڪ دفعو ڪچهري ڪئي سو سڄي عمر سندن علميت ۽ ڀلاري طبع جو مداح ٿي رهيو.

علميت ۽ ذهانت جا چند مثال: مولانا مرحوم نهايت ذهين ۽ صحيح راءِ رکندڙ ۽ تيز حافظي وارو عالم هو، وٽن هميشه علمي گفتگو ٿيندي رهندي هئي. پاڻ تمام پيچيدا ۽ مشڪل مسئلا تمام آسان پيرائي ۾ بيان ڪندو هو. حضرت استادنا و مولانا عبدالخالق پلي مرحوم جن ٻڌايو ته هڪ دفعي حضرت قِراني رحه اسان جي استاد حضرت مولانا محمد علي رحه جوڻيجي وٽ مدرسه دارالفيوض حاجي محمد عالم پلي ۾ تشريف فرما ٿيو. هميشه جي معمول مطابق منتهي شاگردن کي ٻئي ڏينهن (حضرت قِراني رحه) کي درس ڏيڻو هو. آءٌ منتهي شاگردن ۾ سڀني کان ذهين هئس سو مولانا جي علميت ۽ ذهانت پروڙڻ خاطر رات جو مطالعو ڪري پندرهن کان نهايت ڏُکيا ۽ پيچيده سوالَ مولانا مرحوم کان پڇڻ لاءِ لکيم. جڏهن صبح جو سبق شروع ٿيا ته حضرت مولانا قِراني رحه، سبق جو مطلب نهايت آسان ۽ مختصر بيان ڪيائون، ان بعد مون عرض ڪيو ته سائين هڪ سوال آهي، پاڻ هڪدم سمجهي ويو وري ٻيهر عبارت پڙهڻ جو چئي ۽ سمجهاڻي ڏنائون، جنهن ۾ منهنجي سوال جو حل ۽ جواب اچي ويو، تقرير ختم ڪري فرمايائون ته هاڻي ڀلي سوال ڪر. اُن تي مون عرض ڪيو ته سائين منهنجي سوال جو جواب ملي ويو. اُن بعد اهڙي ڍنگ سان پڙهايائون جو سندن سمجهاڻي ذريعي منهنجن پندرهن ئي سوالن جا جواب اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيائون ۽ ان طرح مون کي سوال پڇڻ ۽ جواب وٺڻ جو موقعو ئي نه ڏنائون.

پاڻ علم جو عميق بحر ۽ درس و تدريس جي فن ۾ ماهر ۽ يَڪتا هو. سندن باري ۾ سندن استاد فرمائيندو هو ته پاڻ شرافت ۽ علم ۾ گهڻو وڌيڪ آهي. حضرت قِراني عليه الرحمة مجاهد، فقيه عابد پرهيزگار ۽ قابلِ قدر عالمِ دين هو. سڀني عقلي، نقلي ۽ سياسي علمن جا اعليٰ پايهء ۽ وسيع النظر عالم هو. سندن مدرسي ۾ تعليمي نصاب دارالعلوم ديوبند جهڙوئي هو، پاڻ ڪي ڪتاب وڌيڪ رکيا هئائون، فارسي ۽ عربي جي سڄي تعليم پاڻ اڪيلوئي ڏيندو هو، ٻين مدرسن جا منتهي شاگرد ۽ هوشيار مدرس به وٽن اچي درس ۾ شامل ٿيندا هئا.

مولانا مرحوم جن تفسير، حديث، فقه، صرف و نحو، منطقِ صغريٰ و ڪبريٰ، علم حڪمت، هيئت، فلسفو ۽ رياضي، ادب، سلوڪ، تصوف، طب، وغيره پڻ پڙهائيندو هو. پاڻ اُنهن سڀني علوم و فنون ۾ يڪتا هو. اهڙيون خوبيون هيون جي هڪ ئي وقت هڪ عالم ۾ ملڻ مشڪل آهن. وٽن هميشه ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ تائين شاگرد تعليم وٺندا هئا. پاڻ غريب گهراڻي جو فرد هو، مگر انهي هوندي به سڄو خرچ محض متوڪل عليه الله سرانجام ڏيندو هو. پاڻ ڪڏهن ڪنهن امير يا صاحب ثروت کي مدرسي جي امداد لاءِ ڪونه چيائون. پاڻهي ڪي نيڪ شخص مدرسي جي امداد خاطر رقم، اَناج ۽ ڪپڙو ڏيئي ويندا هئا. هونئن ته سندن مدرسي مان هزارين طالب العلم فيضياب ٿيا، پر جن شاگردن کانئن دستاربندي حاصل ڪئي، تن جو تفصيل هن طرح آهي:

جماعت اول: مولوي نور محمد مرحوم، (حضرت قِراني جو ڀاءُ)، مولوي محمد صاحب ۽ مولوي عبدالحق حقاني سمه مرحوم (گوئينداڻي).

جماعت دوم: مولوي دوست محمد صاحب لغاري مرحوم، مولوي احمد آريسر صاحب مرحوم ڳوٺ وڄڙهار (رياست جوڌپور)، مولوي عبدالواحد صاحب دل، مولوي حاجي عبدالحڪيم صاحب ميمڻ مرحوم چيلهه وارو، مولوي محمد صالح صاحب مرحوم (حضرت قِراني عليه الله جو ڀاءُ) ۽ مولوي حاجي محمد ابراهيم صاحب خاصخيلي.

جماعت سوم:  مولوي محمد صاحب بروهي (قلات)، مولوي ميان عبدالله صاحب ولهاري مرحوم، مولوي محمد قاسم صاحب مرحوم، مولانا محمد علي صاحب جوڻيجو مرحوم صدر جمعيت العلماء ضلع ٿرپارڪر ۽ جان محمد صاحب مرحوم (رياست جوڌپور)، مولوي محمد حسن صاحب مرحوم (رياست جوڌپور)، مولوي لال محمد صاحب، مولوي محمد عمر صاحب مرحوم، مولوي محمد صاحب ريگستاني، مولوي محمد ڀرڳڙي صاحب مرحوم، مولوي احمد صاحب قريشي.

جماعت پنجم: مولوي عبدالرحمان صاحب مرحوم (ريگستاني)، مولوي محمد سليمان صاحب مرحوم (تخت آبادي)، مولوي محمد سليمان صاحب هاليپوٽو (ريگستاني)، مولوي محمد دائم مرحوم، مولوي محمد اسحاق صاحب مرحوم، مولوي عبدالعليم صاحب، مولوي عبدالرشيد صاحب فرزند مولانا مولوي حبيب الله صاحب (ريگستاني)، مولوي نورمحمد صاحب سمو.

جماعت ششم: مولوي محمد صديق صاحب مرحوم، مولوي عبدالوهاب صاحب، مولوي علي محمد صاحب پلي، (شادي پلي)، مولوي عبدالخالق صاحب هاليپوٽو شادي پلي، مولوي قاضي نورمحمد پلي مرحوم (زميندار ڊيٻو).

جماعت هفتم: مولوي عبدالڪريم صاحب مرحوم مفتي ولهيٽ، مولوي عبدالرزاق صاحب زنگي مرحوم، مولوي عبدالرشيد ٽالهي، مولوي نبي بخش صاحب مرحوم لغاري، ڳوٺ دولت لغاري، (ميرپورخاص).

جماعت نهم: مولوي عبداللطيف صاحب مرحوم ساند ولهيٽ، مولوي عبدالاحد ساند مرحوم قريه پڻهياريو، مدرسه حاجي محمد عالم پلي ۾ ڪجهه وقت مدرس رهيو، مولوي علي محمد صاحب نهڙي ۽ مولوي محمد عثمان چنڊ مرحوم هيمياري وارو.

جماعت دهم: مولوي عبداللطيف صاحب ٽالهي وارو، مولوي علي محمد صاحب لس ٻيلي وارو، جنهن لس ٻيلي ۾ مدرسو جاري ڪري تعليم ڏني، مولوي احسان علي صاحب لغاري، مولوي خدا بخش صاحب (رياست جوڌپور)، مولوي محمد حسن صاحب ميمڻ ٽالهي ۽ مولوي محمد عمر صاحب ٽالهي.

جماعت يازدهم: مولوي عبدالهادي صاحب پنهور جانهري وارو، مولوي حاجي محمد صاحب کوسو جيڪب آباد، مولوي دين محمد صاحب خاصخيلي ڊينگاڻ وارو، مولوي محمد صالح صاحب ريگستاني، مولوي عبدالله صاحب سال وارو.

جماعت دوازدهم: مولوي يارمحمد لغاري، مولوي هدايت الله صاحب ريگستاني.

جماعت سيزدهم: مولوي حافظ عبدالله صاحب، مخدوم مفتي مولانا حمادلله صاحب، مهاجر مدني ضلع ڪراچي، مولوي غلام رسول صاحب چانڊيو، مولوي عبدالرحمان درس ڪڇي، مولوي حافظ عبدالله معذور لغاري گاجي دائره وارو.

جماعت چهاردهم: مولوي عبدالحئي مرحوم فرزند حضرت قِراني عليه السلام رحمة، مولوي غلام علي شاهه صاحب سونڊا، مولوي ولي محمد صاحب بنت زاده، مولانا حمادالله لاڙ واري جو، مولوي محمد ادريس ڳوٺ خانواه، مولوي محمد عثمان ميمڻ لاڙ وارو، مولوي محمد اسماعيل لغاري شاديون (حال مسڻ وڏي) ضلع حيدرآباد، مولوي محمد يعقوب صاحب خاصخيلي بدين وارو.

انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شاگرد هئا، جن علوم الدينيه عربيه جي چڱي قدر تعليم ورتي هئائون، فقط آخر جا ڪي ڪتاب رهيل هئا، جن مان محمد صالح آريسر مرحوم، محمد سگهو پلي، مولوي محمد امين آريسر مرحوم، مولوي محمد علي آريسر مرحوم، شفيع محمد آريسر مرحوم ۽ طاهر محمد آريسر مرحوم جا نالا قابلِ ذڪر آهن ۽ ٻيا به ڪيترا اهڙا شاگرد هئا جن جو شغل طوالت طلب آهي.

ڪيترا اهڙا به شاگرد هئا، جن وٽس دستاربنديءَ جي قريب تعليم وٺي رهيا هئا ته سندس صحت ڪِري پئي ۽ سندن عليل رهڻ ڪري، اُنهن شاگردن جي تعليم مڪمل نه ٿي. اهڙن شاگردن مان سندن فرزند ارجمند مولانا الحاج محمد سعيد صاحب، مولوي عبداللطيف صاحب پڻهاريه وارو خاص قابلِ ذڪر آهن.

علامه حضرت قِراني عليه الرحمة جي مدرسه مان فارغ ٿيل ڪيترن ئي شاگردن پنهنجن علائقن ۾ ديني مدرسا جاري ڪيا، اُنهن مان ڪن اهم شخصيتن ۽ سندن مدرسن جو مختصر احوال هن ريت آهي:

(1)     مولانا عبداللطيف ساند مرحوم، تعلقي عمرڪوٽ ۾ پنهنجي ڳوٺ ولهيٽ ۾ ”مدرسه مظهرالعلوم العربيه ولهيٽ“ جاري ڪيو ۽ حضرت قِراني رحه جا شاگرد مولانا عبدالڪريم مرحوم ۽ مولانا عزيزالله مرحوم مدرس ٿي رهيا ۽ هن وقت مولانا عبدالسميع صاحب حضرت قِراني رحه جي شاگرد مولانا غلام رسول صاحب جي شاگردن مان مدرس اعليٰ آهي.

(2)    مولانا محمد علي جوڻيجي مرحوم، تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي ۾ مدرسه دارالفيوض جاري ڪيو. هن وقت سندن وڏو فرزند مولانا محمد اسحاق صاحب صدر مدرس آهي ۽ الحمدالله هي مدرسو هن وقت ديني خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي.

(3)    مولانا محمد نوح خاصخيلي مرحوم ۽ مولانا محمد ابراهيم پنهنجي ڳوٺ چؤنره تعلقي جيمس آباد ۾ مدرسه عربيه چونره جاري ڪيو.

(4)    مولانا غلام احمد صاحب ڳوٺ ڪلواري تعلقي جيمس آباد ۾ مدرسه هاشميه ڪلواري جاري ڪيو.

(5)     مشهور عالم دين حضرت مولانا غلام رسول صاحب چانڊيي ڳوٺ شير خان چانڊيي ۾ مدرسه جاري ڪري علوم الدينيه جي تعليم ڏيندو رهيو.

معمولات ۽ مشغوليون: علامه صاحب مرحوم فجر نماز، بعد مسلسل ٻن پهرن تائين پڙهائيءَ جي ڪم ۾ مشغول رهندو هو. ڏينهن جي ماني کائي ظهر نماز، بعد وري تدريس جاري رهندي هئي. انهيءَ جي وچ ۾ نماز لاءِ وقفو ٿيندو هو. رات جو يارهين وڳي اخبارن جو مطالعو ڪري گهر وڃي ماني کائي آرامي ٿيندو هو.

ڪارناما: علامه صاحب نه صرف علمي ڪارناما سرانجام ڏنا، پر عملي طور پاڻ ڪيترن ئي مباحثن ۽ مناظرن ذريعي اٻوجهه عوام کي دڳ لاتائون، ڪيترن ئي مخالفن سان مناظره ڪري کين شڪست ڏنائون. اهڙن واقعن مان ڪجهه واقعا هتي لکجن ٿا:

(1)     ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمرڪوٽ ۾ انهي دور جو فقير حاجي محمد سومرو نهايت جهانديده ۽ علم دوست بزرگ هو، جنهن عيسائين کي پاڻ وٽ رهايو ۽ سندن مذهب متعلق کائن سوالَ پڇيا. عيسائي پنهنجي وڏن پادرين کي پڻ وٺي آيا. انهي موقعي مان فائدو وٺندي صوفي صاحب علامه صاحب کي دعوت ڏئي گهرايو. جنهن اچي پادرين سان ’حيات مسيح‘ جي موضوع تي مناظرو ڪيو، علامه صاحب اهڙا ٺوس دليل ڏنا جو پادرين کي شڪست کائي ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو.

(2)    انهي دور ۾ برصغير جي عالمن جي وڏي حلقي ۾ اهو مسئلو اوج تي هو ته ’ولايتي‘
ڪپڙو پاڪائي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ انهي مناظري ۾ پاڻ شاندار سوڀ حاصل ڪئي هئائون.

(3)           بدين ۾ غير مقلدن سان مناظرو ڪري کين
’قرت خلف الامام‘ جي مسئلي جي باري ۾ شڪست ڏنائين.

ڪرامات: حضرت قِراني عليه الرحمة جي ڪرامات جو ذڪر ڪندي حضرت مولانا عزيزالله ساند مرحوم هڪ واقعو بيان ڪندي ٻڌايو ته:

اسان هڪ دفعي علامه صاحب کي عرض ڪيو ته رمل ۽ جفر وارا نجومي ڪجهه اڻڏٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، اوهان اسان جا استاد گرامي به ڪجهه اهڙي ڪرامت ڏيکاريو، جو اسان جي دِل وڌي. نهايت زور ڀرڻ تي پاڻ فرمايائون ته ”قرآن شريف کڻي اچو.“ اسان قرآن شريف آندو ۽ چيائون ته انهيءَ پاڪ ڪتاب جي ڪابه آيت دِل ۾ رکو. اسان هڪ آيت دل ۾ رکي قرآن شريف بند ڪيو ته پاڻ في الفور اِها آيت ڪريمه پڙهي ٻڌايائون، ۽ پوءِ ڪيتروئي زور ڀريوسون، پر انهيءَ جي باري ۾ اهڙو وڌيڪ اظهار نه فرمايائون.

ادبي خدمات: حضرت قِراني رحمة عليه سٺو اديب، شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ هو، پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن تي حاشيه لکيائون، کين شعر و شاعري تي سٺو مَلڪو حاصل هو. فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ سندن اشعار ملن ٿا، جن مان ڪجهه نموني طور پيش آهن:

نظم

خلق ويڙو خلق مان ٿي خلق بي خلفي نشان،

باغ مان آهي اُٺايو عندليبن آشيان.

ڪانگ ڪلفت جا اُڏاڻا ميل جي ميدان ۾،

چٻ چٽو سارو سڻائي درد وارو داستان.

دل منجهان اخلاق عنقا ٿيو، امانت ڪالعدم،

لسي لباسي ۽ لساني ٿيو سڄُ سارو جهان.

منهن مٺائي قلب ڪيني جي ڪڙائي سان ڀريل،

هن زماني جي هلت کان الامان ۽ الامان.

هي دنيا باغ اي ”قراني“ چاهه کُليا چمن،

ويو وڪوڙي چوطرف بيداد جو باد خزان.

وصال: آخري عمر ۾ حضرت قِراني عليه الرحمة تقريباً ڏيڍ سال کن جسماني ڪمزوريءَ ۽ ضعيفي سبب مدرسي ڏانهن ڪونه ويندو هو. مدرسي ۾ سندن فاضل شاگرد ئي درس ڏيندا هئا. پاڻ هڪ ڪمري ۾ گهر اندر ئي گوشه نشينيءَ ۾ رهندو هو، هرهڪ کي ملاقات لاءِ ڪونه گهرائيندو هو، طويل بيماري ۽ ضعف بعد تاريخ 15 رجب المرجب سنه 1355هه صبح وقت پاڻ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو (اِنالله واِنا اليہ راجعون) سندن وصيت موجب کين مدرسي جي حد ۾، پڙهائڻ  واري جاءِ جي قريب دفنايو ويو. قبر کوٽڻ مهل قبر جي مٽي نهايت خوشبودار نڪرندي  رهي، جيڪا تيز خوشبوءِ ڪيترن ڏينهن تائين مرقد مبارڪ تي حاضري ڀريندڙن کي معطر ڪندي رهي. سندس طالبن مان ڪنهن سندن وفات جو سال هن طرح پيش ڪيو آهي:

توفي المولوي ابوسعيد بخامس عشر من رجب المعال،

سنته ”عين“وشين”ثم نون“ وهاءِ جام عام الانتقال(1355)

حضرت قِراني عليه الرحمة جا فرزند گرامي حضرت مولانا عبدالحئي مرحوم، حضرت مولانا الحاج محمد سعيد صاحب ۽ ميان عبدالوهاب مرحوم ٿيا. سندن والد جي مدرسي جي ساڳيءَ طرح سان آبياري ڪندا رهيا جن مان حضرت مولانا عبدالحئي مرحوم ۽ مولوي عبدالوهاب مرحوم راهه رباني وٺي ويا. مولانا عبدالحئي مرحوم جو فرزند ارجمند مولانا احمد سعيد صاحب هڪ عالمِ دين ۽ بزرگ شخصيت آهي. شال ڌڻي پاڪ هن بزرگ خاندان کي مدرسي قِراني رحه جي تا اَبد آبياري ڪرڻ نصيب فرمائي، آمين ثم آمين.

حضرت قِراني عليه رحمة جي ياد ۾ سندن شاگردن دين جي عالمن حضرت مولانا محمد علي جوڻيجي مرحوم، حضرت مولانا عبدالحڪيم مرحوم چيلهه واري، حضرت مولانا عبدالڪريم مرحوم ساند ولهيٽ واري، حضرت مولانا الحاج محمد مبارڪ اثيم مرحوم، حضرت مولانا عزيزالله ساند مرحوم ۽ مرحوم ميان احمد ساند وغيره يادگار رساله قِراني ولهيٽ، جاري ڪيو. هيءُ رسالو سندن وفات واري سال سن 1355هه ۾ جاري ڪيو ويو، جيڪو ڳچ عرصو هليو. هن رسالي وڏو ديني، ادبي ۽ تبليغي ڪم سرانجام ڏنو.

نعت: بحضور آقاء نامدار حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم.

مرحبا آئين ڀلي اي احمد مختيار تون،

قافلي دُنيا سڄي جو صاحبِ سردار تون.

جت نبي هرهڪ ڪندو نفسي نفسي جي پُڪار،

اُت گُنهگارن جو ضامن ۽ شفاعت دار تون.

سڀ نڌڻڪن جو ڌڻي ۽ سڀ عليلن جي شفا،

سڀ انڌن جو تون سهائو مطلع الانوار تون.

”في يدي ڪانت الواء الحمد، ايڏو ٿيو عروج،

ڪنهن نه حاصل تو سوا سڀ ڏيهه جو ڏاتار تون.

بي وسيلن جو وسيلو، گمراهن جو رهنما،

هٿ جهلي اڳتي اڪارج، سڀ اڙين آڌار تون.

يا عظيم الخلق ناهي، تو سوا ٻي ڪا پناهه،

هول هيبت جي مهل تارين اچي ڪاتار تون.

ڏينهن محشر ماڳ ۾ ماڙهو مڙئي مڙندا جِتي،

ات ”قِراني“ کي تون ڪامل، مل مٺا منٺار تون.

 

زماني جي حالات تي طنزيه نظم

مسلمانن جي پيرن ۾، ڪرامت ناه ڪا بلڪل،

منهت صاحب جي مَسند کي سِري سجدو ڪرڻ گهرجي.

مڪي جو سفر ٿيو، موقوف هاڻي يار گنگا هل،

پيارو پاڪ پاڻي، ڀري ٻڪڙا پيئڻ گهرجي.

اجائي جئه سائي مهت ۾ مورا ڇڏڻ گهرجي،

مساڻن جي مٽي مهٽي، کڻي مُنهن تي ملڻ گهرجي.

ملائين بي تُڪي تعليم، ووٽن سان ويساري ڇڏ،

برمچاري ادا بنجي، سمرتي کي سکڻ گهرجي.

اجايو عورتن کي گهر اندر روڪڻ شرم آهي،

بگيءَ ۾ فيملي چاڙهي هوا کائڻ هلڻ گهرجي.

ڀريل جلسي ۾ بيبي کي وٺي اسٽيج تي آڻج،

چَپَن جي چاشني تقرير تنهن جي مان وٺڻ گهرجي.

مسئلن ۽ حديثن کي وِڇاڻي جيئن ويڙهي ڇڏ،

اچي جيڪر پڇڻ ڪوئي ته، پوٿي کي پٽڻ گهرجي.

مٺي گانڌيءَ جو فرمودو چُمي چشمن مٿي رکجي،

سدا ديوي جي مندر ۾، ”قِراني“ پيو اچڻ گهرجي.

ماخذات:

(1)     ماهوار رساله قِراني ولهيٽ (سڀئي پرچا سال 1355هه)

(2)    سه ماهي ’مهراڻ‘ نمبر 3-4 سوانح نمبر (سال 1957ع)

(3)    حضرت قِراني عليه الرحمة جي حلقهء درس جا علماء ڪرام.

محمد يوسف جويو

 

 

سيد غلام مرتضيٰ شاهه

(17- جنوري 1904ع – 25- اپريل 1995ع)

(علمي ۽ ادبي خدمتون)

 

پيدائش:

سيد غلام مرتضيٰ شاهه، جنهن کي سنڌ جا عام ماڻهو’سائين جي.ايم.سيد‘ جي نالي سان سڏيندا آهن. هي سيد زادو تاريخ 17- جنوري  1904ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ’سن‘ تعلقي مانجهند ۾ ڄائو. هيءُ ٻالڪ اڃا ٽن سالن  جو مس ٿيو هو ته انگريزن جي چرچ ۽ ڏيهي دلالن جي سازش تي سندس والد ماجد سيد محمد شاهه کي فجر جي نماز پڙهي واپس ورندي شهيد ڪرايو ويو، جنهن کي پوءِ وري خانداني دشمنيءَ جو رنگ ڏنو ويو.  سندس شادي ننڍي هوندي پنهنجي عزيزن مان ٿي، ان مان کيس پنج ٻار پيدا ٿيا، جن ۾  ٻه  فرزند ۽ ٽي نياڻيون جن ۾ پهريون فرزند امير حيدر شاهه ۽ ٻيو فرزند سيد امداد محمد شاهه، سنڌ اسيمبلي  ۽ پاڪستان قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ مختلف وزارتن ۾ رهي چڪا آهن. ٽن نياڻين مان هڪ نياڻي سيد درشهوار ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار‘ جي عنوان تي پي ايڇ.ڊي ڪئي، باقي ٻه نياڻيون گهريلو خاتون ٿي رهيون.

ابتدائي تعليم:

           سائين جي.ايم.سيد  پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ۾ ماستر ڌرمداس، ريواچند ۽ ماستر وسڻمل کان حاصل ڪئي. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد هاشم سنائي، مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي ڊاڪٽر الله بخش دادوي کان ورتي، ان کان علاوه انگريزي ٻوليءَ جي تعليم مولوي ڊاڪٽر حامد هالاڻيءَ واري وٽان حاصل ڪئي.

عملي زندگي ۽ سياسي، سماجي ڪم:

        سائين جي.ايم.سيد چوڏهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ سياست کي لوڪ جي خدمت سمجهندي، پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. 7،8 ۽ 9 فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل ٽه روزه سنڌ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ جلدي هن پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هڪ ٻي سنڌ خلافت ڪانفرنس 17 مارچ 1920ع ۾، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت ۾ ڪرائي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا ناليوارا ڏاها ۽ سياستڪار شريڪ ٿيا. هن سياست ۾ اچڻ سان ڏٺو ته سنڌ ۽ دنيا جي سامهون ٽي وڏا ۽ مکيه مسئلا- غربت، جهالت ۽ بدامني ڪر کنيو بيٺا آهن. هن وڏي غور ويچار سان انهن مسئلن جا ڪارڻ پڻ معلوم ڪيا ته هن کي خبر پئي:

 

ڌارين جي غلامي، وڏيرڪو نظام ۽ سرمائيداري نظام غربت جا مکيه ڪارڻ آهن. ان کان علاوه جهالت به خانه بندوش (روزگار خاطر لڏپلاڻ) زندگي، شهري زندگيءَ ۾ سهولتن جي عدم  موجودگي،
  تعليم جي وسيلن جي کوٽ  ۽  مهانگائي مکيه سبب آهن.

بدامني لاءِ عالمي سطح تي خونخوار ۽ وحشياني عالمي جنگيون ۽ مقامي سطح تي انتظامي زندگيءَ جي بي ترتيبي، وهم پرستي ۽ انڌي عقيدي پرستي، دهشتگردي ۽ ڏاڍين قوتن جي حملن جا خطرا مکيه ڪارڻ آهن.

          سيد جي سياست جي باقاعدي شروعات
آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان ٿي، پر هن جي سياست جو مرڪزي نُڪتو هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي ئي رهيو، تنهنڪري هن برصغير جي مختلف سياسي پارٽين سان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي عمر جو اڌ کان وڌيڪ حصو جيل جي سختين ۽ نظربندين ۾ گذاريو
.

           سائين جي.ايم.سيد سڀ کان پهرين 1925ع ۾ لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر، پوءِ صدر ۽ اڳتي هلي 1929ع ۾ لوڪل بورڊ ضلع ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سائين جي.ايم.سيد سياست کي خدمت سمجهندي، سماجي ڪم پڻ ڪرڻ شروع ڪيا. 1925ع ڌاري هن پنهنجي ڳوٺ سن ۾ انگريزي اسڪول ۽ نائيٽ اسڪول کولائي بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌو. غريب سيدن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ هن 1921ع ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي ’انجمن سادات، مٽياري‘ جو بنياد وڌو. 1929ع ۾ ’ڳوٺ سڌار تحريڪ‘ نالي هڪ سماج سڌارڪ تنظيم جو بنياد وڌائين. ان کان علاوه هن هارين جي حالت بهتر ڪرڻ ۽ سڌارڻ، کين تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولت ڏيارڻ، امن امان ۽ تحفظ ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ ’سنڌ هاري ڪاميٽي‘ جو بنياد وڌو، جنهن هارين جي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ تمام ڊگهي ۽ ڪامياب جدوجهد ڪئي.

1843ع ۾ انگريزن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هڪ خونخوار جنگ ٿيڻ کان پوءِ آزاد سنڌ ملڪ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو، ۽ سنڌ کي هڪ الڳ غلام ملڪ جي حيثيت ۾ چئن سالن تائين جدا گورنر سر چارلس نيپئير جي انتظام  هيٺ رکيو. ان کان پوءِ  انگريزن 1847ع ۾ سنڌ جي اها الڳ حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي جو حصو بنائي ڇڏيو هو. سائين جي.ايم.سيد سنڌ کي آزاد ۽ اصل حيثيت ڏيارڻ خاطر وقت به وقت پنهنجي تقريرن، تحريرن، تجويزن ۽ تحريڪن جي وسيلي نيٺ سنڌ کي پهرين اپريل 1936ع ۾ بمبئي کان دائمي طرح جدا ۽ آزاد حيثيت ۾ خود مختيار اسيمبليءَ جو وجود قائم ڪرايو. جيئن ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سنڌ جا ڪي بااثر ۽ انگريزن جا ايجنٽ وڏيرا ۽ خود غرض هندو، بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جي حق ۾ نه هئا، ان وقت سنڌ اندر فرقيواريت جي باهه به ڪنهن سازش تحت دکائي وئي هئي. امن، محبت ۽ رواداريءَ واري سنڌ، فرقيوارانه ۽ مذهبي منافرت واري ماحول جو شڪار ٿي چڪي هئي. ان ماحول کي سمجهندي سائين جي.ايم.سيد 1936ع ۾ هڪ غير فرقيوار جماعت ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ قائم ڪئي. ڪانگريس جي اڻوڻندڙ رويي کان بدظن ٿي سائين جي.ايم.سيد 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ جو صدر بنايو ويو. 1940ع ۾ پاڻ وزير تعليم بنيو ۽ پنهنجي وزارت دوران هن وڏا ڪم ڪيا، جن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

پنهنجي وزارت دوران هن وڏا ڪم ڪيا، جن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

v  ۾ هي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ستن ميمبرن سان گڏ چوندجي آيو ۽ ون يونٽ جي خلاف مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ جو ٺهراءُ 310 ميمبرن جي اڪثريت سان پاس ڪرايائين، ان ٺهراءَ جي مخالفت صرف چئن ميمبرن ڪئي.

v  1966ع ۾ هن ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ تحريڪ جو بنياد وجهي عام ماڻهن جي اخلاقي، نفسياتي ۽ ذهني درستي جي تربيت لاءِ ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي ڪلچرل پيغام کي پکيڙڻ لاءِ خطبا ڏيڻ شروع ڪيا، جن ۾ مرڪزي نُڪتا هي هئا:

’سر زمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ ئي خاص طور ڪم ڪرڻو آهي.‘ هن وڌيڪ سمجهيو ٿي ته ”هتي مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفا، سياسي ۽ سماجي طور طريقا ملي جلي يڪرنگي ۽ هم آهنگي اختيار ڪري ويا آهن. دنيا جي نئين تعمير لاءِ، جنهن ۾ اوڀر ۽ اولهه جا ويڇا مَٽجي، سڀ هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن، سر زمين سنڌ کي انهيءَ پنهنجي تاريخي تجربي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي اڳيان هڪ خاص ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

سائين جي.ايم.سيد جا علمي ۽ ادبي ڪم:

سائين جي.ايم.سيد هڪ سياستدان، مفڪر ۽ اديب هو. پاڻ سڄي عمر سرگرم عمل رهيو ۽ پنهنجي مختلف سرگرمين جي دوران سوين مضمون، خط لکيا ۽ تقريرون ڪيون، متفرقه تصنيفن کان سواءِ هن سنڌ جي تاريخ، ادب، ڪلچر، سياست ۽ فلسفي تي کوڙ سارا ڪتاب جن جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ کن فڪرانگيز ۽ نظرياتي ڪتاب لکيا آهن، جن جا ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا:

تاريخ تي ڪتاب:

v     سنڌ جا سورما 

v     سنڌي ڪلچر

v     جيئن ڏٺو آ مون ڏٺو (زندگيءَ جي تجربن، مشاهدن ۽ حقيقتن تي فڪر انگيز تحرير)

v     سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)

v     جديد سياست جا نو رتن  (تاريخ)

v     مانجهند محال ڪوهستان  (تاريخ ۽ جاگرافي)  

v     محال مانجهند جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام 

v     جي.ايم.سيد جون تقريرون: ٽي ڀاڱا (تاريخ)

v     سنڌ جي بمبئي کان آزادي  (تاريخ)

v     سنڌ متحده محاذ ۽ ون يونٽ (تاريخ)

ادب تي ڪتاب:

v     پيغامِ لطيف (شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر تي ڪتاب) 

v     ديارِ دل، داستان محبت (يادگيريون)  

v     منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني: ٻه جلد (آتم ڪهاڻي)

v     ڪجهه خط (مختلف شخصيتن جا خط)  

v     واڄٽ ويراڳين جا: ٻه جلد (امين کوسي ۽ سائين جي.ايم.سيد جا خط)

v     ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ.آءِ.قاضي ۽ سائين جي.ايم.سيد جا خط)

v     رهاڻ (ميران محمد شاه ۽ سائين جي.ايم.سيد)

v     خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشدي جا خط)

v     سڏ پڙاڏو (جي.ايم.سيد  ۽ محمد ابراهيم جويو جا خط)

v     آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جا خط)

v     اڄ پڻ چڪيم چاڪ (مختلف شخصيتن جا پروفائيل)

v     جنب گذاريم جن سين : ٻه جلد (مختلف شخصيتن جا پروفائيل)

v     شاهه لطيف جون چونڊ ڪافيون (ادب) 

v     سنڌي ادب ڇو ۽ ڇالاءِ ( ادب   (    

v     چونڊ ادبي مضمون (ادب)

فڪري، نظرياتي ۽ فلسفي تي لکيل ڪتاب:

v     سنڌوءَ جي ساڃهه، ٻه جلد (فلسفو)

v     سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ (فلسفو)

v     پاڪستان هاڻ ٽُٽڻ گهرجي (نظرياتي ڪتاب)

v     نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (فلسفو)

v     مسلم ليگ سان اختلاف ڇو ۽ ڇالاءِ (سياست ۽ تاريخ)

v     فريادِ سنڌ (نظرياتي ڪتاب)

v     پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل (نظرياتي تاريخ)

v     خطباتِ سيد (نظرياتي ۽ فلسفي جو ڪتاب)

v     بزمِ صوفياءِ سنڌ جو آئين ۽ خطبا (فلسفو)

v     چونڊ سياسي مضمون (سياست)

v     هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو، مئي 1941ع)

v     سنڌ جي عدالت جي انتظاميه کان جدائي (1946ع): هڪ جائزو

v     مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟ (نظرياتي جائزو)

v     نئين سنڌ لاءِ جدوجهد: ٻه ڀاڱا (نظرياتي بحث)

v     پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو (نظرياتي بحث ۽ فلسفو)

v     مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجزيو (جائزو)

v     ههڙا هاڃا ٿين (سياسي ۽ نظرياتي پمفليٽن جو مجموعو)

سائين سيد غلام مرتضيٰ شاه عرف جي.ايم.سيد جي شخصيت تي جن ماڻهن ڪتاب لکيا، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

v     سيد اعظم/ امين کوسو 

v     جي.ايم.سيد/ عبدالواحد آريسر

v     ڇا ته شخص هو/ عبدالواحد آريسر

v     تصوف، عشق ۽ سائين جي.ايم.سيد/ الطاف ملڪاڻي

v     ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي/ نواز خان زنئور

v     لامون سي وڻ سنديون/ آزاد قاضي

ان کان علاوه سائين جي.ايم.سيد جا سترنهن کن ڪتاب فڪري، نظرياتي ۽ فلسفي حيات تي لکيل آهن. سائين جي.ايم.سيد جي تاريخي لائبرريءَ ۾ سندس اڻڇپيل ڪتاب  ۽ آتم ڪٿا جو رهيل حصو، ڊائريون، مضمون خط ۽ ٻيو ڪيترو اڻ ڇپيل مواد اڃا موجود آهي.

17- جنوري 1904ع سندس جنم ڏينهن آهي. هيءُ سياستدان، اديب ۽ مفڪر  پنهنجي زندگيءَ جا 32 سال قيد و بند ۾ گذاريا، سندس وفات به مسلسل ۽ ڊگهي نظربنديءَ جي حالت ۾ 25- اپريل 1995ع ۾ اڱاري  ڏينهن ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾  ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org