مختيار احمد ملاح
اِنڊين
سول سروس جو امتحان
پاس ڪندڙ سنڌي ڪامورا
اِنڊين سول سروس
(Indian Civil Service)
جو سرڪاري نالو امپيريل
سول سروس ھو، پر مختصر صورت ۾ ان کي آءِ.
سي.ايس (I.C.S)
چيو ويندو ھو. ھندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
حڪومت ۽ پوءِ برٽش انڊيا حڪومت ۾ آفيسرن جي ڀرتي
ڪرڻ لاءِ ھڪ سڀ کان وڏو ادارو ھو، جيڪو 1858 ۾
برٽش پارليامينٽ جي پاس ٿيل قانون گورنمينٽ آف
انڊيا ايڪٽ، 1858ع تحت قائم ڪيو هو ۽ 1947 ۾
پاڪستان ۽ ھندستان جي قيام وقت ختم ٿي ويو.
انگريزن اھو مخصوص بيوروڪريسي جو نظام اڳتي هلي
پنھنجي ملڪ انگلينڊ ۾ ته رائج نه ڪيو، پر خصوصي
طرح ننڍي کنڊ ۾ ھنن 1858ع جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ
سڄي ھندستان ۾ لاڳو ڪيو . انگريزن ننڍي کنڊ تي
انھيءَ سول سروس جي ذريعي 200 ورھين تائين وڏي
دٻدٻي سان ويھي پنھنجي حڪومت کي ھلايو.
حقيقت اها آهي ته انگريزن ڪامورا شاهيءَ وارو
نظام چين کان حاصل ڪيو هو. چين ئي دنيا جو اھو ملڪ
آھي، جتي پھريون پھريون نوڪرشاھي جو نظام رائج
ٿيو، جتي اٽڪل 2 ھزار سالن تائين نوڪرشاھي جو سسٽم
ھلندو رھيو، جنھن ۾ ڪيترن ئي بادشاھن جون حڪومتون
آيون ۽ ختم ٿي ويون. انھن بادشاھن وٽ نوڪرشاھي
ايڏي ته زور ٿي، جو نوڪرشاھي بادشاھن کي عوام کان
پري رکڻ لاءِ به مورڳو چين جي گادي واري شھر بيجنگ
۾ حڪمرانن جي رھڻ لاءِ ھڪ جدا شھر قائم ڪيو هو،
جنهن کي هاڻي ’منع ٿيل شهر‘ چيو ويندو آهي.
ننڍي کنڊ ۾، ڪاموراشاهيءَ جي تاريخ جي
سلسلي ۾ پاڪستان جو مشھور آءِ.سي.ايس ڪامورو،
قدرت الله شهاب پنھجي آتم ڪٿا ’شُھاب نامه‘ ۾
لکيو آهي ته ”جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندستان ۾
تجارت جي آڙ ۾ سياسي ڄار وڇايو ته انگلينڊ مان
ملازمن جو وڏو تعداد ھتي آيو، جن جي ماھوار پگھار
پنج پائونڊ ھوندي ھئي ۽ اھي ڪامورا گھڻي ڀاڱي
ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جا رشتيدار ۽ دوست ھوندا ھئا
جن کي ڪمپنيءَ لاءِ واپار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنھنجي
ذاتي واپار ڪرڻ جي به اجازت ھئي. انھن جو اھڙي طرح
مقامي ھندو واڻين سان تعلق جڙي ويو. اھي مقامي
راجائن، واپارين، زميندارن کان زوريءَ نذرانا وصول
ڪندا ھئا. چند سالن ۾ ھتان لکين روپيا ميڙي
انگلينڊ وڃي ملڪيتون خريد ڪري اتان جا نواب ٿي
ويندا ھئا.
انھن جي ترقي ڏسي انگلينڊ جي ماڻهن جو ڪمپنيءَ جي
ملازمت حاصل ڪرڻ ڏانھن رجحان وڌيو، جنھن جو فائدو
وٺندي ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن نوڪريون وڪڻڻ شروع
ڪيون ۽ ھڪ نوڪري ھڪ ھزار کان ٽي ھزار پائونڊن ۾
وڪرو ٿيڻ لڳي. نوڪري پئسن تي ملي ھجي يا سفارش تي
ٻنھي صورتن ۾ ڪمپني جي ملازم جي ڪوشش اھا ھوندي
ھئي ته ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائي واپس وڃي
عيش جي زندگي گذارين(1).“ اھڙين حالتن ۾ آءِ. سي
ايس جو بنياد پيو. برطانيه، ننڍي کنڊ تي امپيريل
سول سروس جي آفيسرن ذريعي اٽڪل ٽيهه ڪروڙ ماڻھن
تي حڪمراني ڪئي. هندستان جي آفيسرن جي ڀرتيءَ
لاءِ ھن اداري جو سربراھه برطانوي حڪومت جو
رياست جو سيڪريٽري ھوندو ھو جيڪو برٽش ڪابينا جو
پڻ ميمبر ھو. ھن اداري جي چونڊيل لاڳيتو پھرين ھڪ
ھزار آفيسرن جو تعلق يونائٽيڊ ڪنگڊم سان ھو. اُھي
برطانوي شھري هئا ۽ اتان جي تعليمي ادارن مان
پڙھيل ھئا. 1905ع ۾ پنج سيڪڙو بينگال کي نمائندگي
ملي. 1947ع ۾ ھن اداري جي چونڊيل آفيسرن ۾ 322
ھندستاني ۽ 688 انگريز شامل ھئا. سن 1930ع تائين
، ھندستان جي ماڻهن جو تعداد تمام گھٽ ھو ۽ انهن
مان اڪثر ننڍن عھدن تي فائز ھئا. 1947ع ۾ ھي ادارو
ختم ٿي ويو ۽ ان جاءِ تي ٻه ادارا ٺھيا جن مان ھڪ
هندستان ۾ ’انڊين سول سروس‘ ۽ ٻيو پاڪستان
۾’سينٽرل سپيرير سروس آف پاڪستان‘
(Central
Superior Services of Pakistan)
جُڙيو. آزاديءَ کان اڳ ئي سنڌ جا نوجوان به محنت
ڪري قسمت آزمائي ڪري آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس
ڪندا هئا، پر ان سلسلي ۾ اڄ سوڌو نه ڪا تحقيق ٿي
آهي نه وري اهڙن ڪامورن جي ڪا لسٽ موجود آهي.
سنڌ ۾ ڪامورا شاهيءَ ڪابه تاريخ لکيل
نه آهي، پر مغليه دور ۾ ’فارسي گھوڙي چاڙهسي‘ وارو
محاورو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي سرڪاري معاملن هلائڻ
لاءِ فارسي جو ڪيترو اثر هو. ان مان اهو به ثابت
ٿئي ٿو ته سرڪاري معاملن هلائڻ لاءِ ضرور ڪو نصاب
۽ امتحان جو به بندوبست هوندو. ٽالپرن جي دور ۾ يا
ان کان اڳ سنڌ ۾ طرز حڪومت قديم بنيادن تي قائم
هو. ڊاڪٽر جيمس برنس ٽالپرن جي درٻار جي حڪومتي
معاملن لاءِ لکيو آهي ته ”سج اڀرندي ئي اهي ماڻهو
پنهنجا حقا تيار ڪري درٻار ۾ اچي ويهندا آهن. هتي
سڄو خاندان گڏ ٿي، سڀني رياستي معاملن تي بحث ڪندو
آهي. گذريل ڏينهن جا سرڪاري خط (Official
letters)
انهن جي سامهون پيش ڪيا ويندا آهن ۽ اهي انهن جي
باري ۾ سرڪاري حڪم جاري ڪندا آهن. هُو انهن تي بحث
مباحثو به ڪندا آهن. ڏهين يارهين بجي واپس پنهنجي
ڪمرن ۾ هليا ويندا آهن. تقريباً ٻي وڳي وري اچي
ويندا آهن ۽ رات تائين گڏ هوندا آهن. بعد ۾ سمهڻ
لاءِ الڳ الڳ ٿي اٿي ويندا آهن.
مان هميشه کليل درٻار جو دورو ڪيو پر وڏن سردارن
مان ڪنهن سان به اڪيلائيءَ ۾ گفتگو ٿي نه سگهي.
پنهنجي گهر وڃڻ بعد، هر سردار الڳ درٻار لڳائيندو
آهي، هتي هر سردار جو رياستي معاملن بابت، هر عمل
مختلف ۽ متضاد هوندو آهي(2).“ مغل توڙي ٽالپرن جي
درٻار ۾ هندو اعليٰ عملدار هئا جو هو فارسيءَ جا
ڄاڻو هئا ۽ هندو ’عامل‘، فارسيءَ جي ڄاڻ سبب
سرڪاري عملدار هوندا هئا. عامل جو مطلب ئي انتظام
هلائيندڙ آهي. عاملن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي
لوهاڻا هندو ڪٽنب مان هئا، جيڪي خاص امتحان پاس
ڪري ’عامل‘ بڻجندا هئا. عالمن جو اٿڻ ويهڻ الڳ
هوندو هو ۽ پنهنجون الڳ ڪالونيون جوڙي رهندا هئا.
اهڙي طرح وڏن آفيسرن کي ’ديوان‘ چيو ويندو هو.
مسلمان به ڪجهه قدر منشي ۽ سرڪاري نوڪري ڪندا هئا.
انگريزن 1843ع ۾ سنڌ کي ايسٽ انڊيا جي
حڪومت ۾ شامل ڪيو. سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار هلائڻ
لاءِ آفيسون ئي ڪونه هيون. رستا، روڊ ۽ سواري
ڪرڻ لاءِ ذريعا ئي ڪونه هئا. 1850ع ۾ بارٽل فريئر
سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. هُو صاحب بمبئيءَ کان
هڪ ننڊي جهاز ۾ چڙهي آيو، کيس سنڌ ۾ پهچڻ وقت ڪافي
تڪليف ٿي هئي. سنڌ جو اهي حالتون ڏسي چيو هئائين
ته ”اڻسڌريل هنڌ آهي، جتي اچڻ به مشڪل ۽ جتان
ٻاهر نڪرڻ به مشڪل(3).“ انگريز سرڪار جي عملدار
دفتري معاملن کي سڌارڻ ۾ ڪافي دلچسپي ورتي. سنڌ جي
ضلعي ۽ تعلقن ۾ اسڪولن جي عمارتن سان گڏ سرڪاري
آفيسون پڻ کوليون ويون. سنڌ جي وڏن شهرن ۾
ميونسپالٽيون قائم ڪيون ويون. انگريزن سنڌ ۾ جديد
سرڪاري نظام شروع ڪيو، جنھن ۾ باقاعده ھر موضوع ۽
مسئلي تي فائيل ٺاھيا ويندا ھئا. اڻويهين صديءَ ۾
پوليس، ڪورٽ ڪچهري، جاگير کاتو، جنرل کاتو،
آبپاشي، ٻيلوکاتو، تعليم کاتو ، روينيو کاتو، ڪسٽم
کاتو، ۽ ٻيا ڪيترائي کاتا هئا، جيڪي اوائل ۾ کلي
چڪا هئا.
انگريز سرڪار 1853ع ۾ سنڌ ۾، سنڌي
الف- بي متعارف ڪرائي ۽ اسڪول قائم ڪري سرڪاري
نوڪريءَ لاءِ ماڻهو تيار ڪرڻ شروع ڪيا. سرچارلس
ووڊ (1800-1885ع)، پنهنجي تعليمي مراسلي جي ڪري
گهڻو مشهور هو. هو 1846ع کان 1866ع تائين برطانيه
جي وهگ ڌڙي جو ميمبر ۽ سياستدان ۽ پارليامينٽ جو
ميمبر هو. هن هندستان جي تعليم لاءِ اهم قدم کنيا.
1854ع جي وڊس ڊسپئچ (مراسلي) هيٺ جيڪو نظام تعليم
قائم ٿيو، اهوئي موجوده نظامِ تعليم جو بنياد
بڻيو، پر انهيءَ وچ ۾ هڪ ته ڏيهي ٻولين ۾ تعليم
ڏيندڙ اسڪول بند ڪونه ڪيا ويا ۽ ٻيو ته ڏيهي ٻولين
۾ تعليم ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ
1854ع تائين ڪجهه مڪتبن ۽ مدرسن کي امداد ڏني وئي،
پر ان وقت تائين انگريزن ڪو واضح نظامِ تعليم
اختيار نه ڪيو هو. هنن جي خيال ۾ فلٽريشن (ڳاڙي)
ذريعي تعليم جا اثرات خاص ماڻهن مان عوام الناس
تائين پهچندا، پر اهو خيال خام نڪتو.
ووڊ جي ان
مراسلي جي روشنيءَ ۾ صوبن اندر تعليم جا کاتا قائم
ڪيا ويا ۽ ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس ۾ 1857ع ۾
يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون. چارلس ووڊ جي اصلاحن
جو وڏو مقصد اهو هو ته هندستاني ماڻهن کي سندن
مقامي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏئي کين سرڪاري نوڪر بڻايو
وڃي.
انگريزن جي به شروعاتي دور ۾ سرڪاري
ملازمتن ۾ عامل طبقي جا ماڻھو ھئا، ڇاڪاڻ ته ھي
طبقو فارسي سٺي ڄاڻندو ھو. اعليٰ طبقي جا مسلمان
ملازمت ۾ نه ايندا ھئا ۽ باقي مسلمان هاري ۽
مزدوري ڪندا هئا. سنڌ جا عام ھندو واپار کي ترجيح
ڏيندا ھئا. سرڪاري آفيسن جي ڪم ڪار جي سلسلي ۾
منشي، جيڪي عامل ھئا اھي انگريز ڪامورن کي ناقص
هندي يا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيندا ھئا. سڄي
هندستان سميت، بيوروڪريسيءَ ۾ هڪڙا آفيسر سڌي
ريت آءِ.سي.ايس ڪري ايندا هئا. ۽ ٻيا منشي ٿي
ڀرتي ٿيندا هئا ۽ پروموشن وٺي مختيارڪار، ڊپٽي
ڪليڪٽر ۽ ڪليڪٽرن جي عهدن تي پهچندا هئا.
آءِ.سي.ايس ڪامورا سڄي ملڪ ۾ بدلي ٿي ڪم ڪرڻ جا
مجاز هوندا هئا ۽ مقامي ماڻهو صرف پنهنجي رياست
اندر ڪم ڪري رٽائر ٿي ويندا هئا. هنن سنڌ ۾ هڪ
نئين سرڪاري نظام جو بنياد وڌو ۽ ان کي ڪاميابيءَ
سان هلايو. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري آفيسرن لاءِ
ضروري هوندو هو ته سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس
ڪرڻ لازمي هوندو هو.24 اپريل 1848ع ۾ بمبئي جي
گورنر جارج ڪلرڪ (George
Clerk)،
مسٽر پرنگل جي سفارشن تي نوٽ لکندي اعلان ڪيو ته
سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي
ھدايت ڪئي ته ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. هن
جي فيصلي ۽ حڪمنامي ۾ واضح هو ته:
”اسان کي گھرجي ته اسان سرڪاري ڪاروبار لاءِ ملڪي
ٻولي (سنڌي) کي متعارف ڪرايون. مون کي سمجھ ۾ نٿو
اچي ته اسان جا روينيو ۽ انصاف کاتي جا آفيسر
(چاھي سندن کاتن ۽ ڪچھرين جو ڪم ڪھڙي به نموني
ڇونه مقررڪيو وڃي) فارسي يا انگريزيءَ جھڙي ھڪ
ڌاري ٻوليءَ ذريعي ڪيئن اثرائتي نموني ڪم ھلائي
سگھندا. آفيسرن کي ارڙھن مھينن جو وقت ڏجي ٿو ته
سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪري وٺن(4).“
”ان قانون کان پوءِ نه صرف انگريزن کي
سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو، پر سنڌ
جي ڪامورن کي به سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو
هو. مسٽر بارٽل فريئر، 1851ع ۾ هڪ سرڪيولر جاري
ڪري سول سروس آفيسرن کي روزمره واري سنڌيءَ ۾ هڪ
امتحان پاس ڪرڻ جو پابند ڪيو، پر اها زبان
تيستائين خط و ڪتابت لاءِ ڪتب نٿي اچي سگهي،
جيستائين ان کي الف. ب نه هجي. ايسٽ انڊيا ڪمپني
جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جڏهن 1853ع ۾ عربيءَ کي
آزمائشي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ساڳئي وقت
تعليمي مقصدن لاءِ ڏهه هزار رپيا سالياني خرچ جي
منظوري ڏني ته مسٽر بارٽل فريئر فوراً ڪم کي لڳي
ويو. سندس عمل جي ذريعي ٻوليءَ جي تاريخ جو هڪ اهم
ڪارنامو سرانجام ڏجي ويو. مسٽر بيرو.ايلس ڪجهه
مقامي عالمن جي مدد سان هڪ الف.ب. ترتيب ڏئي ٺاهي،
جيڪا عربيءَ جي 29 اکرن مان وڌي 52 اکرن تائين وڃي
پهتي. اها الف. ب ڇپائي جولاءِ 1853ع ۾ جاري ڪئي
وئي. سرڪاري سطح تي سنڌي زبان کي پھريون دفعو
موقعو مليو. سرڪاري زبان طور ڪورٽن، روينيو کاتي،
پوليس، آبپاشي، تعليم کاتي، ڪسٽم، ضلعي آفيسن،
جاگير کاتي ۽ ٻين عام واسطي وارن ڪمن ۾ سنڌيءَ ۾
لکت پڙھت کي لازمي قرار ڏنو ويو. نه صرف ايترو پر،
پرڏيھي آفيسرن لاءِ سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ واسطي سنڌي
زبان ۾ امتحان پاس ڪرڻ به لازمي ڪيو ويو. سنڌ ۾ ڪم
ڪندڙ ڪليڪٽرن کي خط لکي تنبيھ ڪئي ويئي ته هُو
پنھنجي پنھنجي حدن ۾ سنڌيءَ جي استعمال کي يقيني
بنائين ۽ رپورٽ ڪمشنر آفيس ڏانهن موڪلين
(5).“ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري زبان
بڻائڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857ع تي سنڌ جي
ڪليڪٽرن ڏانھن حڪم نامو موڪليو ته سنڌي ٻولي
روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. 16 اپريل
1857ع تي اهو لازمي قرار ڏنو ويو ته سنڌ ۾ سرڪاري
ملازمت لاءِ درخواست ڏيڻ وقت تعليم کاتي طرفان
جاري ڪيل ’سنڌي پاس‘ سرٽيفڪيٽ ضرور پيش ڪن. امتحان
ملازمن کي سالياني انڪريمينٽ ڏيڻ يا پگهار ۾ اضافي
جو ذريعو هوندو هو. نتيجي طور سنڌ جي ڪليڪٽرن
(ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۽ سياسي ناظم اپر
سنڌ، ڪمشنر سنڌ کي 12 ڊسمبر 1857ع تائين اطلاع ڪيو
ته سنڌي مڪمل طور عدالتي ۽ روينيو دفتر جي ٻولي ٿي
چڪي آھي ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858ع تي بمبئي سرڪار کي
اطلاع موڪليو ته سنڌ صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتري ۽
حساب ڪتاب جي ٻولي بڻايو ويو آھي.
اڻويهين
صديءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هوندي هئي. ان
سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ”اوائل ۾
ميٽريڪيوليشن امتحان بمبئي ۾ ٿيندو هو. بمبئي وڃڻ
لاءِ سمنڊ توڙي خشڪيءَ جي رستي سهولتون ڪو نه
هيون. سرڪاري ڪاروبار لاءِ ، جدا جدا کاتن جي ڪمن
لاءِ انگريزي ڄاڻو سنڌين جي گهرج هوندي هئي،
تنهنڪري سنڌي شاگرد پنجون ، ڇهون يا ستون پاس
درجو (موجوده دور جي نائين يا ڏهين جي برابر) پاس
ڪري وڃي نوڪرين ۾ لڳندا هئا. سرڪاري نوڪري لاءِ
ڪميٽيءَ جو امتحان مقرر ڪيو ويو، جو بعد ۾ پبلڪ
سروس امتحان سڏجڻ ۾ آيو. ’ڪميٽي‘ جي امتحان پاس
ڪندڙ کي ننڍي درجي واري نوڪريءَ لاءِ ٻئي درجي
جو سرٽيفيڪيٽ ملندو هو. ايگريڪلچر کاتي جا ٻه
امتحان، هيٺيون درجو ۽ مٿيون درجو، پڻ مقرر ٿيا.
پاس ڪندڙ کي، سرڪاري نوڪري ملي سگهندي هئي
(6).“ ”جيڪو به سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙندو
هو، تنهن کي پهرئين شرط 25 روپيا پگهار ملندو هو.
تن ڏينهنِ ۾ سهانگائي ايتريقدر هئي، جو ماڻهو
آسانيءَ سان چاليهن پنجيتاليهن روپين مان سڄي
ڪٽنب پالي سگهندا هئا(7).“
اهڙي طرح سنڌ جي سول انتظامي ڍانچو قائم ٿيو ۽ سنڌ
۾ ڪامورا شاهيءَ جنم ورتو. سنڌ جي ان انتظامي نظام
۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جا کوڙ سارا بدعنوانيءَ جا قصا
به مشهور ٿيا، انهن آفيسرن کي سرڪاري نوڪرين تان
معطل به
ڪيو ويو، قانون سخت هو ۽ انتظامي نظام گهڻي قدر
صاف سٿرو هو.
شروع شروع ۾ مقامي ماڻهن کي ننڍيون نوڪريون ڏنيون
وينديون هيون. مثال طور جاگير ۽ فوجداري کاتن ۾
منشي مقرر ٿيندا هئا، جيڪي ترقي ڪري مختيار ڪاري
تي رٽائرڊ ٿيندا هئا. تعليم کاتي ۾ استاد ڀرتي ڪيا
ويندا هئا، جيڪي هيڊ ماستر يا وري اسسٽنٽ اسڪول
انسپيڪٽر جي عهدي تي نوڪري پوري ڪندا هئا. وڏيون
نوڪريون فقط انگريزن کي هندستان جي ٻين رياستن مان
گهرايل عملدارن کي ڏنيون وينديون هيون. سنڌ ۾ ڪم
ڪندڙ ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر وغيره سڀ
انگريز هئا، جن مان اڪثر آءِ.سي.ايس جو امتحان
ڪيل هئا، مثال طور سنڌ جو پهريون ڪمشنر پرنگل،
سربارٽل فريئر، بي.ايڇ.ايلس، ايڇ.ٽي.لئمبرڪ،
ايڇ.ٽي. سورلي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا. سنڌ ۾ ڪم
ڪندڙ انگريز آءِ.سي.ايس نه صرف سخت مزاج ۽
ايماندار آفيسر، پر انهن مان ڪيترن ئي سنڌي ادب،
تاريخ، جاگرافي ۽ پنهنجن لاڳاپيل کاتن ۾ تحقيق
ڪئي. سنڌ ۾ جن انگريز ڪامورن ڪم ڪيو، اهي پنهنجا
يادگار ڇڏي ويا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به
ڪمشنرن، ڪليڪٽرن، ڊپٽي ڪمشنرن جي پويان ڪي ئي
يادگار، باغ، باغيچا، روڊ، رستا، محل، ماڙيون،
واهڻ وستيون، لائبريريون وغيره قائم آهن. افسوس ته
انهن مان اڪثر جا نالا هاڻي بدلايا ويا آهن. اهڙن
اهم يادگارن مان سنڌ جي ڪمشنر جي نالي پويان ڪراچي
شهر ۾ ’فريئر هال‘، جان جيڪب جي پويان جيڪب آباد
شهر، سنڌ جي ڪمشنر اي.اي.ايڇ جيمس جي پويان جيمس
آباد شهر (جنهن کي هاڻي ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو)،
ڪراچي جي ڪليڪٽر جي پويان ’پريڊي اسٽريٽ‘، چارلس
نيپئر جي نالي پويان ’نيپيئر روڊ‘، ڪليڪٽر بولٽن
جي پويان ’بولٽن مارڪيٽ‘، ڪمشنر ميري ويدر جي
پويان ’ميري ويدر ٽاور‘، حيدرآباد ۾ ڪليڪٽر ٽروٽ
جي پويان ’ٽروٽ جو باغ‘، سکر ۾ ڪمشنر ليوڪس جي
پويان ’ليوڪس پارڪ‘ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال موجود
آهن.
سنڌ جي
اوائلي ڪامورن ۾ راءِ بهادر واڌو مل چنديرام
(1838- 1909ع) ولد ديوان چنديرام اصل ڳوٺ ٽلٽي
(موجوده ضلعو ڄام شورو) جو رهاڪو هو. سندس والد
ديوان چنديرام مختيارڪار جي عهدي تي فائز هو. واڌو
مل مقابلي وارو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر
ٿيو. ”ڪيترائي سال
ڪراچي ڊسٽرڪٽ
لوڪل بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين(8).“
هن هڪ ڪتاب ”بمبئي پريڊنسي جي جاگرافي“ لکيو
هو. مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع) ولد مرزا فريدون
بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا
قليچ بيگ بمبئيءَ جي ايلفٽن ڪاليج مان تعليم حاصل
ڪئي. روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي
تي رٽائر ڪيائين. شايد ئي ڪا ادب جي صنف هجي، جنهن
۾ مرزا صاحب نه لکيو هجي. سندس ادبي خدمتن جو قدر
ڪندي، انگريز سرڪار کيس ’قيصر هند‘ جو تمغو ۽
1905ع ۾ شمس العلماء جي لقب سان نوازيو ويو.
ڏيارام گدومل شهاڻي (1927-1857ع)، بي.اي،
ايل.ايل.بي پاس ڪري، ڪراچيءَ جي جڊيشل ڪمشنر جو
رجسٽرار مقرر ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي قابليت ۽
علميت سبب ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيو. هن خير جي ڪمن لاءِ
ڪيتريون ئي منڊليون برپا ڪيون. بکئي جي بک ميٽڻ ۽
محتاج کي مدد ڪرڻ سندس سڀاءُ هو. سنڌ جي تعليم جي
واڌاري لاءِ هن صاحب گهڻيون ڪوششون ڪيون.
ساڌوهيرانند کي اڪيڊمي اسڪول (حيدرآباد) برپا ڪرڻ
۾ گهڻي مدد ڪيائين. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ به سندس
تمام وڏو ڪردار آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق ديوان
سوڀراج نرملداس (1883-1956ع)، بمبئي
يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.
ان کانپوءِ
سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. 1937ع ڌاري ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر
ٿيو. خانبهادر ولي محمد، ناليواري تعليمدان حسن
علي آفنديءَ
جو پٽ هو. تعليم کاتي
حيدرآباد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو.
1899ع ۾ ايل.ايل.بي پاس ڪري سنڌي مسلمانن ۾ پهريون
وڪيل بڻيو. ان بعد ولي
محمد روينيو کاتي ۾ ملازمت دوران سنڌ جي مختلف
شهرن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ 1915ع ۾ رٽائر
ڪيائين.
اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي سنڌي ڪامورا هئا، جيڪي
پروموشن وٺي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتا. ان سلسلي ۾
ڪي انگ ۽ اکر موجود نه آهن. ان کان علاوه، ڪي اهڙا
به ڪامورا ٿيا، جن کي سڌي ريت ڪليڪٽر يا ڊپٽي
ڪليڪٽر جو اعزازي عهدو به ڏنو ويندو هو، ان سلسلي
۾ ڪي اهڙا فرد هئا، جيڪي سياسي اثر ۽ رسوخ رکندا
هئا يا تمام گهڻي تعليم رکندڙ شخص، جيڪي انگريز
سرڪار کي تمام ويجهو هوندا هئا، ۽ سندن خدمتون
وسيع هونديون هيون. انهن کي پڻ انگريز سرڪار
ڪامورا شاهيءَ جا عهدا اعزازي طور ڏيندا هئا. ان
حوالي سان سيٺ نائونمل کي اعزازي عهدو عطا ڪيو هو،
پوءِ کانئس اهو عهدو واپس ورتو ويو. اهڙي طرح
نامياري قانوندان ۽ سياستدان عبدالستار پيرزادي کي
به پهريون اعزاري طور آءِ. سي. ايس جو عهدو ڏنو
ويو هو، جيڪو هن قبول نه ڪيو هو.
مٿي اسان ذڪر ڪري چڪا آهيون ته، انڊين
سول سورس جي شروعات 1858ع کان ٿي. اهو دور سنڌ ۾
جديد تعليم لاءِ انتهائي شروعاتي هو ۽ ميٽرڪ جو
امتحان بمبئيءَ مان پاس ڪرڻو پوندو، جيڪو ا نتهائي
اوکو ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ مشڪل هو. پر تنهن جي
باوجود سنڌي نوجوان بمبئي پهتا ۽ ميٽرڪ ۽ بي.اي جا
امتحان پاس ڪري آيا. تعليم جي چاهه ۾ سنڌي سٻاجهڙا
اهنج ۽ تڪليفون سهي به سامونڊي ۽ خشڪيءَ جي دشوار
رستن کي پار ڪري امتيازي نمبرن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ
لڳا. ان سلسلي ۾ آرٽس، سائنس، قانون، ميڊيڪل ۽
انجنيئرنگ جون سندون شامل هونديون هيون. مسلمانن
جي ڀيٽ ۾ هندو سنڌين جديد تعليم جو تمام گھڻو
فائدو ورتو. فقط اهي مسلمان ڪٽنب، جيڪي سرنديءَ
وارا هئا ۽ تعليم جي فائدن جي اهميت کي سمجهندا
هئا، اهي پنهنجن ٻارن کي انگريزيءَ جي اعليٰ تعليم
ڏياريندا هئا. خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي
عامل گهراڻي جديد تعليم مان گهڻو فائدو ورتو. عامل
جو مطلب وڏي گهراڻي جو فرد، اهوئي سبب آهي، جو
سرڪاري نوڪرين ۾ به گهڻي ۾ گهڻو تناسب انهن جو ئي
هوندو هو. هو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني کان ئي
نوڪرين ۾ هريل هوندا هئا. ڪراچيءَ ۾ جيتوڻيڪ
آبادي جي گھڻائي سنڌين جي هئي پر ڀر پاسي وارين
رياستن جا ماڻهو خاص طور نوڪرين ۽ واپار جي موقعن
جي ڪري هتي اچي آباد ٿيا، جيڪا ڳالهه حيدرآباد ۾
نه هئي، جتي گھڻي ڀاڱي سنڌين جي ئي آبادي هئي.
جيئن ته حڪومت جو سڄو ڍانچو ڪراچي ۾ هو ان ڪري اها
فطري ڳالهه هئي ته عامل جيڪي حيدرآباد ۾ هئا، انهن
ڪراچي کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو. عامل وقت سان گڏو گڏ
پاڻ کي تبديل ڪندا رهيا آهن. اهي سرڪاري ڪامورن
سان گڏوگڏ سٺا دڪاندار پڻ رهيا آهن. عامل طبقي ئي
سنڌ جي ڪاموراشاهي ۾ گهر ٺاهي ورتو ۽ هنن ئي آءِ.
سي.ايس جي امتحانن ۾ اڳڀرائي ڪئي. آءِ.سي.ايس جي
سلسلي ۾ اها ڳالهه به ڏاڍي اهم آهي ته سڀ آءِ.
سي.ايس آفيسر، ڊي. جي ڪاليج ۾ تعليم يافته هئا،
جنهن مان ڊي. جي ڪاليج جي معيار ۽ استادن جي محنت
جي خبر پوي ٿي.
سنڌ سميت، سڄي ملڪ جو سرڪاري ڪاروبار، آءِ.سي.ايس
آفيسر هلائيندا هئا. سڀ ڪليڪٽر I.C.S
يعني
انڊين سول سروس جا عملدار هوندا هئا. ڪي انگريز
هوندا هئا، پر ڪي ڏيهي ماڻهو به هوندا هئا. البت،
انهيءَ عهدي لاءِ جيڪو به ڏيهي ماڻهو رکندا هئا،
تنهن جي رڳو ڊگري ڪونه ڏسندا هئا. سندس خانداني
درجي ۽ حيثيت جو به خيال رکندا هئا. اڪثر ڪري، وڏن
خاندانن جا ماڻهو انهيءَ عهدي لاءِ چونڊيندا هئا.
انگريزُ ذاتي لياقت سان گڏ، ماڻهوءَ جو بڻ بنياد
به ڏسندو هو. آءِ.سي.ايس جي سلسلي ۾ اها به ڳالهه
دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته امتحان پاس ڪندڙن کي
تمام مشڪل ٽريننگ مان گذاريو ويندو هو ۽ ان سلسلي
۾ مقامي ٻولين جي تعليم به ڏني ويندي هئي، جنهن ۾
سنڌي ٻولي به لازمي طور شامل هوندي هئي. مطالعي
مان اها به ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌ مان پاس ڪيل
آفيسرن کي ٻين صوبن ۾ مقرري ملندي هئي، هڪ اڌ مثال
کان سواءِ، ٻين سڀني آفيسرن جي احوال مان معلوم
ٿئي ٿو ته انهن هندستان جي مختلف رياستن ۾ خدمتون
سرانجام ڏنيون ۽ سنڌ ۾ واري، هندستان جي مختلف
رياستن جا آفيسر ۽ انگريز مقرر هوندا هئا.
جيتوڻيڪ، سنڌ جي آءِ.سي.ايس آفيسرن جي ڪا به لسٽ
موجود نه آهي، پر هتي هڪ معمولي ڪوشش ڪئي وئي آهي:
تاراچند تلسيداس سوڍا:
سنڌ
جي تاريخ جو پهريون آءِ.سي.ايس تاراچند تلسيداس
سوڍا هو. هُو ڊي.جي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. هن
آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو پر، نوڪري وٺي نه
سگهيو. ان سلسلي ۾ موتيرام. ايس.رامواڻيءَ لکيو
آهي ته ”تاراچند تلسيداس سوڍا 1894ع ۾ بي.ايس.سي
جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هي روشن دماغ
هو. بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان گلڪراسيٽ اسڪالر
کٽيائين. ڪراچي ڪاليج مان وائسراءِ ميڊل ۽ ايدلجي
ڊنشا پرائيز حاصل ڪيائين. تاراچند تلسيداس سوڍا،
ڪراچي ڪاليج جو پهريون وديارٿي هو، جو انگلينڊ ۾
آءِ.سي.ايس امتحان لاءِ ويو. امتحان ۾ پاس ٿيو، پر
کيس آءِ.سي.ايس ۾ کنيو نه ويو. انهيءَ سبب، سخت
نااُميد ۽ نراس ٿي پيو. کيس ”ڪالونيل سروس“ ۾ ٿي
کنيائون، جا هن قبول نه ڪئي ۽ استعيفا ڏيئي
ڇڏيائين(9).“ تلسيداس سوڍا کي سرڪار ان ڪري سول
سروس ۾ نوڪري نه ڏني، ڇو ته ان وقت تائين اها صرف
انگريزن لاءِ مخصوص هوندي هئي.
قدرت الله شهاب مطابق آءِ.سي.ايس جو پھريون امتحان
1855ع ۾ لنڊن ۾ ورتو ويو. 1864ع ۾ پھريون ھندستاني
آفيسر آءِ.سي.ايس ۾ پاس ٿيو. 1871ع ۾ ھندستاني
ماڻھن جو تعداد چار ٿي ويو جيڪي سڀ ھندو ھئا.
ايندڙ 50 سالن ۾ 1821ع تائين جيڪي ھندوستاني
آءِ.سي.ايس پاس ڪري نڪتا، انھن ۾ تقريباً سڀ ھندو
ھئا. جنھن جو مکيه سبب اھو ھو ته 1880ع ۽ 1881ع
۾ ھاءِ اسڪولن ۾ ھندو شاگردن جو تعداد 36686 هو،
جڏھن ته مسلمان شاگرد صرف 363 ھو. ساڳئي سال
ھندوستان ۾ 3155 ھندو گريجوئيٽ ھئا ۽ مسلمان صرف
75 ھئا. 1821 کان پوءِ مسلمانن جو تعداد وڌڻ شروع
ٿيو جيڪو سر سيد جي تحريڪ جو نتيجو ھو
(10).“
علي احمد حسن علي آفندي:
سڀ کان پهرين آءِ.سي.ايس آفيسر جو اعزاز حاصل
ڪندڙ سنڌي نوجوان علي احمد حسن علي، سنڌ جي
تعليمدان ۽ مشهور وڪيل حسن علي آفنديءَ جو ٻيو
نمبر فرزند هو. ان سلسلي ۾ ايم.يو عباسي پڻ لکيو
آهي ته ”سنڌ ۾ آءِ.سي.ايس جو اعزاز حاصل ڪندڙ علي
احمد حسن علي هو، جنهن 1896ع ۾ حاصل ڪيو(11).“
1895ع ۾ آءِ.سي.ايس جي امتحان ۾ 65 اميدوار مقابلي
لاءِ شريڪ ٿيا، جن مان ٽي هندو ۽ ٻه مسلمان: يوسف
علي ۽ علي احمد حسن علي، جيڪي بمبئي يونيورسٽيءَ
جا شاگرد هئا، اهي آڪسفورڊ ڏانهن سنڌ گورنمنيٽ جي
اسڪالرشپ تي شريڪ ٿيا هئا(12).“
آخوند علي محمد حسن علي پهريون مسلمان سنڌي ۽
ڏيارام گدومل شهاڻيءَ کان پوءِ سنڌي جوان هو، جيڪو
ايل.ايل.بي (LLB)
بڻيو. علي احمد، سنڌ جي نالي واري تعليمدان حسن
علي آفنديءَ ٻيو نمبر فرزند هو. اين.جي.وي هاءِ
اسڪول، ڪراچي مان ميٽرڪ ڪئي، پوءِ ڊي.جي ڪاليج ۾
پڙهيو. وڌيڪ تعليم عليڳڙه ۽ ڪوئن ڪاليج آڪسفورڊ
مان ورتي. 1896ع ۾ اوڌ رياست ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر
ٿيو. اڳتي هلي عليڳڙه جو ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ پڻ
مقرر ٿيو، جتي سر سيد احمد خان سان سندس ويجهڙائپ
هئي. جڏهن سندس والد، ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسو قائم
ڪيو ته هن والد کي سرسيد جي ويجهو آندو ۽ پنهنجي
عليڳڙه جي تجربي تي سنڌي مدرسي ۾ سرگرمين جو آغاز
ڪيو.
هيرانند خوشيرام ڪرپالاڻي (1889-آڪٽوبر
1953ع):
سنڌ
جو ٻيو نوجوان، هيرانند خوشيرام ڪرپالاڻي، ايم.اي
هو، جنهن آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪري آءِ.سي.ايس
آفيسر بڻيو. هيرانند ولد خوشيرام ڪرپالاڻي جو جنم
حيدرآباد جي خوشحال گهراڻي ۾ ٿيو. ڊي.جي ڪاليج مان
تعليم حاصل ڪيائين. مسٽر ڪرپالاڻيءَ، 1907ع ۾
بي.اي جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ ايم.اي
1908ع ۽ 1910ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪري
بمبئيءَ پريذيڊنسيءَ ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿيو. احمدآباد
۾ سيٽلمينٽ آفيسر، بمبئيءَ ۾ ميونسپل آفيسر طور ڪم
ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪيو ويو
ته کيس سنڌ جو پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو،
انگريز سرڪار، سنڌ ڄائي ڪاموري کي سنڌ جي صوبائي
انتظام جون ذميواريون سونپيون. هتي هن ٻن سالن
تائين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 1938ع ۾ هندستان
بدلي ٿي ويو. 1947ع ۾ سنڌ ڇڏي هندستان لڏي ويو ۽
اتي خدمتون سرانجام ڏنائين.هن خاندان جون سنڌ جي
ترقيءَ ۾ وڏيون خدمتون آهن.
نيڻومل پوهومل ٿڌاڻي:
هڪ
ٻئي نوجوان نيڻومل پوهومل ٿڌاڻيءَ آءِ.سي.ايس جو
امتحان پاس ڪري ورتو ۽ آءِ.سي.ايس آفيسر مقرر ٿيو.
نيڻومل پوهومل ٿڌاڻيءَ جو جنم 10 سيپٽمبر 1891ع ۾
ٿيو. ٿڌاڻيءَ 1911ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مان بي.اي
جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرمين کان
علاوه غير نصابي سرگرمين ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ به
اڳڀرو هوندو هو. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، ڪوئن
ڪاليج ڪئمبرج، لنڊن ۾ داخل ٿيو. هن 4 جنوري
1917ع تي آءِ.سي.ايس پاس ڪري سول سروس ۾ شامل
ٿيو. سندس پهرين مقرري اڙيسا ۽ بهار ۾ بحيثيت
اسسٽنٽ ڪمشنر طور ٿي. اڳتي هلي ترقي ڪندي مختلف
عهدن تي ڪم ڪيائين.سنڌ ۾ ڪيترن ئي فلاحي ڪمن کي به
وقت ڏيندو هو، پر سندس نوڪريءَ جو دورانيو هندستان
۾ رهيو. آزاديءَ کان پوءِ، سندس ڪٽنب هندستان
هليو ويو، جتي مسٽر ٿڌاڻي مختلف کاتن ۾ وڏن عهدن
ڪم ڪيو.
ايڇ. بي. شوداساڻي:
هاسومل بهرمل شوداساڻي، انهن قابل ۽ هوشيار
وديارتين مان هڪ هو، جيڪو ميٽرڪ جي امتحان ۾
پهريون نمبر آيل هئا. شوداساڻي، 1906ع ۾ ميٽرڪ
جو امتحان ۾ پهريون نمبر ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾
ستون نمبر آيو. 1911ع ۾ بي.اي جي امتحان ۾ فرسٽ
ڪلاس فرسٽ نمبر آيو. شوداساڻيءَ ڪئمبرج
يونيورسٽيءَ مان ايم.اي جو امتحان پاس ڪيو هو. هو
صاحب بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو آفيسر پڻ ٿي
رهيو. 1935 کان 1936ع تائين بمبئي ڪارپوريشن ۾
ڊپيوٽي ميونسيپل ڪمشنر (امپرومينٽ) ٿي رهيو(13).“
هاسومل بهرمل شوداساڻيءَ، 1914ع ۾ آءِ.سي.ايس
آفيسر بڻيو. 1915ع ۾ بمبئيءَ جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽
مئجسٽريٽ بڻيو. 1920ع ۾ ”عدم تعاون واري تحريڪ“ ۽
”خلافت تحريڪ“ ۾ جڏهن گانڌيءَ اعلان ڪيو ته سرڪاري
عهدن تان استعفائون ڏيو ته شوداساڻي، سورت ۾
اسسٽنٽ ڪليڪٽري جي عهدي تان استعفا ڏئي آيو(14).“
هن ڪامورا شاهيءَ کي الوداع ڪري، ملڪي سياست ۾ حصو
ورتو. سندس آءِ .سي .ايس واري ڪامورڪيءَ نوڪري ڇڏڻ
وارو عمل ان دور ۾ هڪ انوکو مثال هو.
سنتداس خوشيرام ڪرپالاڻي (1906-1983ع):
سنتداس ولد خوشيرام ڪرپالاڻي، سنڌ جي پهرين
آءِ.سي.ايس پاس آفيسر هيرانند خوشيرام ڪرپالاڻيءَ
جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس تعلق حيدرآباد جي عامل
گهراڻي سان هو. سندس جنم 20 مارچ 1906ع ۾ ٿيو.
شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ 1919ع ۾ هن ڊي.جي
ڪاليج مان بي.اي جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري
آءِ.سي.ايس جي امتحان ۾ ويٺو ۽ آءِ.سي.ايس بڻيو.
نوڪريءَ کان پوءِ هن جي پهرين مقرري لئلپور
(فيصل آباد) ۾ سيٽلمينٽ آفيسر طور ٿي هئي. آزاديءَ
کان پوءِ هند هليو ويو جتي مختلف ملڪن جو سفير
ٿيو. هن پنهنجي ۽ وڏي ڀاءُ جي بيوروڪريسي جي حوالي
۽ پنهنجي ڪٽنب جي حوالي سان آتم ڪهاڻي
Fifty years with the British
1993ع ۾ لکيائين، جنهن ۾ هن برطانوي حڪومت ۾
بحيثيت بيوروڪريٽ آفيسر جي پنهنجي تجربن ۽ ملڪي
حڪمت عملين جا تجربا ونڊيا آهن.
حشتمراءِ خوبچند چئناڻي (1904-1965ع):
حشتمراءِ
خوبچند چئناڻي جو جنم 29 فيبروري 1904ع ۾
حيدرآباد ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽
پوءِ ڊي. جي ڪاليج مان حاصل ڪئي. 1925ع ۾ هن
ڪئمبرج جي مئگڊلئين ڪاليج، لنڊن مان نيچرل سائنس
۾ ڊگري حاصل ڪئي. 1927ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان
پاس ڪري هو ڏيهه واپس آيو ۽ سندس شروعات ۾
مقرريون شوئاپور، ٽاسڪ، ڍوليا، پونا ۾ اسسٽنٽ
ڪليڪٽر طور ٿيون. 1931ع ۾، پوني ۾ اسسٽنٽ جج
مقرر ٿيو ، پوءِ 1933ع ۾ پوني ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج
ٿيو. 1935ع ۾ هو، بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾
سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1944ع ۾ کيس گورنمينٽ آف بمبئي
۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پوني ۾ هن روينيو
ڪمشنر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع ۾ 1931ع
۾، پوني ۾ اسسٽنٽ جج مقرر ٿيو ، پوءِ پوني ۾
ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٿيو. 1962ع ۾ چئناڻي کي
مهاراشٽرا اسٽيٽ جو قائم مقام گورنر به مقرر ڪيو
ويو هو. رٽائرمينٽ کان اڳ، هو بمبئي هاءِ ڪورٽ جو
چيف جسٽس رهيو. هن 28 نومبر 1965ع ۾ ديهانت
ڪيو(15).“
ڪيولرام لالچند پنجابي:
’ڪيولرام لالچند پنجابيءَ جو تعلق شڪارپور ضلعي
سان هو ۽ سندس جنم29 ڊسمبر 1898ع ۾ ٿيو. شروعاتي
تعيلم سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين.
”1916ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان
بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين(16).“ 1929ع ۾
آءِ.سي.ايس آفيسر ٿيڻ کان پوءِ بمبئي پريزيڊنسيءَ
۾ ڪوآپريٽو سوسائٽن جو رجسٽرار ٿيو. آزاديءَ کان
پوءِ، سندس خاندان هندستان لڏي ويو ۽ سرڪاري
خدمتون جاري رکيائين. هو آفيسر هئڻ سان گڏو گڏ
ليکڪ به هو ، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل
آهن:
Bombay Land Revenue System, etc,
1939
RajendraHYPERLINK
"http://www.worldcat.org/oclc/585883"
Prasad, first President of India,
1960
The Civil servant in India,
1965
هيرانند روپچند
ساڌواڻي
(1949-1904ع):
هيرانند ولد روپچند شيوداساڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾
9 آگسٽ 1904ع ۾ ٿيو. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان
1925ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ 1928ع ۾
آءِ.سي.ايس آفيسر بڻيو. سندس پهرين مقرري اسسٽنٽ
رميمبرنس آف ليگل افيئرس ٿي. 1944ع ۾ اجمير ۾
خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ورهاڱي وقت هو، رليف ۽
ريهبيليٽيشن کاتي جو چيف ڪمشنر هو.
يو .ايم. ميرچنداڻي:
اُڌارام مڻيرام ميرچنداڻي آءِ.سي.ايس جو جنم 26
سيپٽمبر 1896ع ۾ حيدرآباد ۾ عامل گهراڻي ۾ ٿيو.
ديوان مڻيرام روينيو کاتي جو رٽائر آفيسر هو.
اُڌارام مڻيرام تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول،
ڪراچي، ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي، لنڊن ڪاليج آف اڪنامڪس
۽ ٽرينٽي ڪاليج، آڪسفورڊ، انگلينڊ مان حاصل ڪئي.
14 ڊسمبر 1921ع ۾ آءِ.سي.ايس آفيسر مقرر ٿيو ۽
هندستان جي مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين،
1936ع ۾ سندس بدلي سنڌ ۾ ٿي. 1937ع ۾ سکر جو ۽
1938ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر بڻيو(17).“ ديوان
اُڌارام 1946ع ۾ بمبئيءَ جو ميونسيپل ڪمشنر لڳل
هو. آءِ.سي.ايس آفيسرن ۾ اُڌارام مڻيرام
ميرچنداڻي، انهن تمام ٿورن سنڌين مان هو، جن سنڌ ۾
ئي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترن ئي سماجي
سرگرمين ۾ حصو ورتو، جهڙوڪ سکر ۾ گراهم دائي
ٽريننگ اسڪول، ليڊيز پارڪ جي تعمير ۾ ۽ ناري شالا
جي تعمير حيدرآباد ۾ شامل آهي. سکر شهر ۾، ديوان
اُڌارام جو يادگار طور لڳايل ’گهنٽا گهر‘ اڄ به
موجود آهي، جنهن جو افتتاح، هن 1937ع ۾ ڪيو هو.
ايس.ايس شهاڻي:
ايس.ايس شهاڻيءَ جوتعلق حيدرآباد جي مشهور شهاڻي
ڪٽنب سان هو. ڊي. جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين.
سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي.
رامچند ٽيڪچند شيوداساڻي:
رامچند ٽيڪچند شيوداساڻي جو تعلق حيدرآباد سان هو.
هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ۽ لنڊن
يونيورسٽي جي اسڪول آف اڪنامڪس مان تعليم حاصل
ڪئي. 25 آڪٽوبر 1923ع تي آءِ.سي.ايس آفيسر طور
هندستان واپس آيو ۽ هندستان جي مختلف شهرن ۾
خدمتون سرانجام ڏنائين.
وشنو لکيمل گدواڻي:
وشنو لکيمل گدواڻيءَ جو جنم 4 فيبروري 1914ع ۾
حيدرآباد ۾ ٿيو. ۽ اين..جي.وي هاءِ اسڪول مان
ميٽرڪ ڪيائين. 1931ع ۾ ڪاليج جي فرسٽ ييئر
سرٽيفيڪيٽ امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. 1932ع ۾ انٽر
آرٽس فرسٽ ڪلاس ۾ آيو. 1934ع گريجوئيشن ۽ 1936ع ۾
ماسٽر ڊگري ورتائين. 1937ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان
پاس ڪيائين ۽ هندستان جي مختلف شهرن ۾ خدمتون
سرانجام ڏنائين. علم ۽ ادب سان به لڳاءَ هيس ۽
سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪيائين.
بي. ڊي ميرچنداڻي (1906ع- 1980ع):
”ڀڳوانداس ميرچنداڻيءَ جو جنم 25
فيبروري 1906ع تي سنڌ جو مشهور تعليمدان ۽ اديب
ديوان ڏيارام وسڻمل جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو.
ڀڳوان ميرچنداڻي اقتصاديات ۽ تاريخ ۾
ايلفنسٽن ڪاليج، بمبئيءَ مان
بي.اي آنرس جي ڊگري ورتي. بعد ۾ لنڊن جي اسڪول آف
ايڪانامڪس جھڙي جڳ مشهور ڪاليج مان اقتصاديات ۾
ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
اُتي ئي هن انڊين سول سروس جو امتحان ڏنو ۽ 1929ع
۾ واپس اچي پنهنجون خدمتون سرڪار جي حوالي ڪيو.
ٿوري وقت
بعد کيس عدالتي کاتي ڏانهن بدلي ڪيو ويو. 1948ع ۾
بمبئيءَ جو ڪمشنر ۽ ٻين اهم کاتن جو سيڪريٽري به
رهيو(18).“
هن 1946ع ۾ آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو هو.
ڀڳوان ميرچنداڻي، سنڌ توڙي هند جي مختلف علائقن ۾
نوڪريءَ دوران
سنڌHYPERLINK
جي
تاريخ تي
تمام
اهم
مقالا
لکيا.
رٽائرمينٽ
کان
پوءِ
هن
انگريزيءَ
۾ "سنڌ
جي تاريخ،
سماجيات
۽
اقتصاديات
جي
موضوعن
تي
بي
بها
تحقيقي
مقالا
لکيا،
جيڪي ’جرنل
آف
سنڌ
هسٽاريڪل
سوسائٽي‘، ’جرنل
آف
انڊين
هسٽري‘، ’جرنل
آف
ايشياٽڪ
سوسائٽي‘ ۽
’اينلس
پونا‘ ۾
ڇپيل
آهن.
سندس
11
اهم
مقالا
سندس
ڀيڻ
مسز
سرسوتي گلراجاڻي
سهيڙي
ڇپرايا
آهن،
ڪتاب
جو
نالو
آهي:
Glimpses
of Ancient Sind: A
Collection of
Historical Papers
اي.جي . اين قاضي (2016-1919ع):
آفتاب
غلام نبي قاضي، ٻيو مسلمان سنڌي هو، جنهن
آءِ.سي.ايس جو امتحان پاس ڪيو . سنڌ جو اعليٰ سول
سروس جو ڪامورو پاٽ شريف ۾ ڄائو. ”شروعاتي تعليم
مدرسا اسڪول نوشهروفيروز مان حاصل ڪئي، ان کان
پوءِ اين.جي.وي اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ سڀني
مسلمان شاگردن ۾ سندس پهرين پوزيشن هئي. ان کان
پوءِ، ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان امتيازي حيثيت
سان سي.ايس.سي جي ڊگري حاصل ڪئي.1942ع ۾ آڊٽ ايند
الائيڊ جو امتحان پاس ڪيائين. جنوري 1943ع ۾
انڊين سول سروس (آءِ. سي. ايس) جي مقابلي ۾ شريڪ
ٿيو ۽ اعزاز سان ڪامياب ٿيو. کيس بهار اڙيسا
سول سروس ۾ چونڊيو ويو(19).“
”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قاضي صاحب پنهنجون خدمتون پاڪستان
لاءِ
وقف ڪري ڇڏيون. انهيءَ وقت کان وٺي پاڻ مختلف عهدن
تي رهندو آيو. اسسٽنٽ ڪليڪٽر هالا، ڪليڪٽر ٺٽو ۽
اولهه پاڪستان
جو
سيڪريٽري ماليات رهيو. 1962ع کان 1965ع تائين
واشنگٽن ۾ پاڪستان
جي
اقتصادي کاتي جي نمائندي طور خدمتون سرانجام
ڏنائين. ان کان
پوءِ اولهه پاڪستان
۾
ترقيءَ ۽ منصوبي بنديءَ واري کاتي جو چيف سيڪريٽري
ٿيو. 1966ع ۾ کيس واپڊا جو چيئرمين بنايو ويو.
1969ع ۾ سيڪريٽري خزانه مقرر ٿيو ۽ 1979ع ۾ کيس
بينڪ آف
پاڪستان اسٽيٽ بينڪ آف
پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو(20).“
1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ پاڪستان جي نئين نظام
تحت آءِ.سي.ايس ڪالعدم ٿي ويو ۽ وفاقي سطح تي
سينٽرل سپيرئر سروس (CSS)
۽ صوبائي سطح تي پراونشنل سول سروس (PCS)
متعارف ڪيون ويون. ملڪ ۾ ڪاموراشاهيءَ جو وڏو راڄ
رهيو آهي ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ سندن تمام وڏو ڪردار
آهي، پر هي طبقو ملڪ جي استحصالي ۾ اڳتي رهيو
آهي. اڄڪلهه پاڪستان ۾ ’بدعنواني‘
جون وڏيون خبرون گردش ۾ رهن ٿيون. پاڪستان ٺھڻ
شرط بيوروڪريسي ملڪ تي ڇانئجي ويئي. اھو سلسلو
اڃان به ھلندڙ آھي. جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته
انگريزن دنيا ۾ پنھنجي فتح ڪيل ملڪن ۾ نوآبادين تي
راڄ ڪرڻ لاءِ اھو سرشتو رائج ڪيو. پاڪستان جو سال
1951ع ۾ خزاني وارو وفاقي وزير چوڌري محمد علي پڻ
انڊين سول سروس يعني آءِ.سي.ايس آفيسر ھو. 1955ع
کان سال 1956ع تائين ڪل 13 مھينا ملڪ جو چوٿون
وزيراعظم به ٿيو. ملڪ غلام محمد، به انڊين سول
سروس جو عملدار ھو، پاڪستان ٺھڻ شرط ملڪ جو پھريون
خزاني وارو مرڪزي وزير ٿيو. غلام اسحاق خان، جيڪو
پاڪستان جو طاقتور صدر پڻ رهيو، اهو به انڊين سول
سروس جي پيداوار هو، پر اڄ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾
بيرورڪريسي ، پنهنجو اوج وڃائي چڪي آهي، جيڪو هڪ
اڳ بحث آهي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن انگريز آفيسرن ۽
ٻين سنڌ ۾ ڪيل نوڪريءَ جي حوالي سان پنهنجيون
يادگيريون به لکيون آهن، جن ۾ انهن جي دور جي سنڌ
ڄڻ هڪ تاريخ ملي ٿي. انگريزي آفيسر ڪيترن روايتن
سان گڏ گزيٽيئر لکڻ جي روايت به ڄڻ ته پاڻ سان گڏ
کڻي ويا ۽ اسان جي سول سروس ۾ ايندڙ آفيسرن ۾ لکڻ
پڙهڻ جو رجحان گهٽ ٿي ويو.
حوالا:
1.
قدرت الله شهاب: ’شهاب نامو‘، 2012ع، ص 90
2.
Barnes James: “A visit to the Court of Sindh,
Repr Karachi 1974. P
105
3.
A.W. Hughes: Gazetteer of Sindh, Indus
Publication, Karachi, 1986, P-146
4.
Reports of Sir George Clerk, on the
Administration of Scinde; with the appendix
there to and all Reports of Mr. Pringle and of
Mr. Frere, on the same Subject, not already
before Parliament”, Edited by James C. Mechvill
on 10th August 1854, p.331
5.
مختيار احمد ملاح: ’سنڌي رسم الخط جي مختصر
تاريخ‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد،
2013ع،
ص 259
6.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘،
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص 123،124
7.
موتيرام.ايس.رامواڻي: ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘
(جلد 2)، شاردا پرڪاش، بمبئي، 1994ع، ص 50
8.
Internet website
http://www .dalsabzi.
com/ index.htm
9.
موتيرام.ايس.رامواڻي: ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘
(جلد 2)، شاردا پرڪاش، بمبئي، 1994ع، ص 99
10.
قدرت الله شهاب: ’شهاب نامو‘، 2012ع، ص 94
11.
M.U.
Abbassi:
“The Colorful Personalities of Sind”, the
Abbassi
publications, Karachi. 1944
12.
M.A. Shrief: “Searching for Solace: A Biography
of Abdullah Yusuf Ali, Interpreter of the
Quran”, Islamic Book Trust, Kalua Lumpur, 1994,
p. 16
13.
موتيرام ايس رامواڻي:
’تارا نکٽ ڪتيون‘، شاردا پرڪاش، بمبئي، 1992ع،
ص
70،
71
14.
موتيرام ايس رامواڻي: ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘ (جلد
2)، شاردا پرڪاش، بمبئي، 1994ع، ص 186
15.
Online Encyclopedia Wikipedia
16.
Ajwani L.H, The Golden Jubilee Book of D.J Sind
college Karachi, The Educational Printing Press
Karachi, 1939. P 127
17.
K.D. Shahani: “Who is Who in Sind”, the Shahani
Publication House, Karachi, 1944, p. 63
18.
پروفيسر اعجاز قريشي: ’ڏاها هن ڏيهه جا‘
پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز، ڪراچي، 2014ع، ص 52
19.
M.U.
Abbasi:
“The Colorful Personalities of Sind”,
the
Abbassi
publications , Karachi. 1944
20.
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)، چيف
ايڊيٽر پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع، ص
74 |