سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:20 

ڊاڪٽر قاضي خادم

يادگيريون

 

ننڍپڻ ۾ ڏٺل فلم ’بوٽ پالش‘ جو گانو ٻڌبو  هو:

ننھی مُنی بچی تیری مٹھی میں کیا ہے؟

ٻار چوندو هو:

مٹھی میں ہے تقدیر ہماری

ہم نے قسمت کو بس میں کیا ہے۔

مون کي اهو گانو ڏاڍو وڻندو هو جنهن ۾ انڊين سينيئر اداڪار ڊيوڊ جو مک رول هو ۽ هن تي اهو گانو فلمايل آهي ۽ ان ۾ ٻار ڪورس جي انداز ۾ جواب به ڳائي ڏين ٿا.

آءُ ان وقت پنهنجي مُٺ کولي ڏسندو هوس ته ان ۾ سواءِ هٿ جي آڏين ابتين ليڪن جي ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو ۽ اهي ليڪون پڙهڻ جي مونکي خبر به ڪانه هوندي هئي. ليڪن جڏهن وقت جو وهڪرو هڪ مخصوص رفتار سان وڌندو ويو ۽ مون ۾ توڙي منهنجي سامهون ايندڙ نظارن ۾ تبديليون اينديون ويون، ڪيترا تجربا ٿيا، ۽ جڏهن ناڪامين ۽ ڪاميابين جا داستان به نظر مان گذريا ته ايتري ضرور خبر پيم ته مٺ ۾ ڪابه تقدير ناهي. هٿ سان تدبير ڪري سگهجي ٿي ۽ جي اها ڪامياب آهي ته چئبو قسمت سٺي آهي ۽ جي ناڪام، ته ساڳيو ڏوهه قسمت کي ئي ڏبو. اها آهي تقدير ۽ تدبير جي ڪهاڻي.

اڃا ڪالهه ڪالهوڻي جي ڳالهه آهي، آءُ انٽر آرٽس پاس ڪري اخبار ۾ نوڪري ٿو جوائن ڪريان. طارق اشرف، غلام نبي ميمڻ، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، مقبول صديقي، ظهور انصاري، يوسف شاهين، عزيز شيخ، پير مظهر، مصطفيٰ قريشي، ع.ق.شيخ، علي محمد شيخ ۽ محمد ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي، ابن حيات پنهور، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ خان محمد پنهور، نجم عباسي ۽ مراد علي مرزا، رسول بخش پليجي ۽ بيشمار ساٿين سان ساٿ جڙي ٿو ۽ ان وقت رسالي ’روح رهاڻ‘ سان به ناتو جڙي ٿو، جيڪو حميد سنڌي نالي هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ٿو شايع ڪري. اهو ڪنهن مهل روپ محل حيدرآباد جي هڪ ڪمري ۾ امداد حسيني، خواجا سليم، ناصر مورائي ۽ اشفاق قاضيءَ سان گڏ نظر اچي ٿو ته ڪنهن مهل بسنت هال ۾ جشن روح رهاڻ پيو ملهائي، جنهن ۾ اسان جي پسند جا شاعر، شيخ اياز، تنوير عباسي، عبدالڪريم گدائي، بردو سنڌي، اقبال پروين سومرو، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، نوان نوان ماڻهو، نيون نيون ڳالهيون، جتي اياز جي گيتن ’جل جل مشعل جل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ پيا اسٽيج تي پيش ٿين. وڏا وڏا ڪهاڻيڪار جمال ابڙو، سراج ميمڻ، حفيظ قريشي، جمال رند، ناصر مورائي، سياستدان سائين جي.ايم.سيد، قاضي فيض محمد، قمر شهباز، مراد علي مرزا، ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي، هنن جون رهاڻيون روح ۾ رچي ويون ۽ وقت بدليو ته اهوئي جيڪو پنهنجي فاڪسيءَ ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن، روح رهاڻ جي اشاعت ۽ جشن روح رهاڻ جي تيارين ۾ مصروف هوندو هو، ڪڏهن ڪارو ڪوٽ پائي وڪيل ته ڪڏهن مسلم ڪمرشل بينڪ ۽ مرڪنٽائل بينڪ ۾ آفيسري ڪندي، ۽ ڪڏهن ڪوئلن جو واپار ڪندو، يونيورسٽي سروسز ۾ ٿو شامل ٿئي، پر پيار ۽ قرب اهوئي ساڳيو رَوَيو. پنهنجن همعصرن سان محبت، وڏڙن جي عزت ۽ اسان جهڙن سيکڙاٽن سان قرب ونڊيندو نظر آيو. حالانڪه مٿي بيان ڪيل سڀ اصلي هيرا هئا. اميٽيشن ڪابه ڪانه هئي، پر حميد انهن جو ڪوهنور نڪتو. وقت ثابت ڪيو ته هن جاکوڙي انسان، جنهن نوشهري جي سيٺين جي گهراڻي ۾ هڪ ڪليڪٽر سيٺ اسماعيل جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ اتي ئي سندس پرورش ٿي، پر اصلي پرورش هڪ ماحول کان ورتي. دوست بنايائين ۽ دوستيون نڀايائين. ڪيتريون ڳالهيون آهن، جن جو ذڪر آءُ پنهنجي هر ڪتاب ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪندو رهيو آهيان ۽ اهو لڳم ته هو ان ٻار جيان آهي جيڪو چوي ٿو:

مٹھی میں ہے تقدیر ہماری

ہم نے قسمت کو بس میں کیا ہے۔

روح رهاڻ کان بزم روح رهاڻ جو سفر ڏاڍو اڻانگو هو. هر ڪنهن کي ساٿ وٺڻ، هر ڪنهن جا سور ٻڌڻ، سيکڙاٽن کي ادب جي سمونڊ ۾ ترڻ سيکارڻ ۽ ساندهه ويهه سال هر آچر تي ادبي محفل جو سٽاءُ جنهن ۾ ڪتابن جو افتتاح، اديبن ۽ اڪابرن جون ورسيون، ادبي مباحثا، ڇا ڇا نه هو، جنهن جي ڪري سنڌ جا ڪيترا نوان اديب جن لاءِ ڪراچي هوٽل، لا ڪاليج جو لان، بسنت هال جون بينچون، سهڻي رسالو، نئين زندگي ۽ نئون نياپو، مارئي ۽ روح رهاڻ به کسجي چڪا هئا، تن کي وري هڪ پناهگاهه ملي ويئي، جتي هُو گڏجي هڪ ٻئي جي خيالن کي ٻڌڻ سان گڏ پنهنجن اڪابرن سان ڪچهريون به ڪري سگهندا هئا. هڪ لحاظ کان حميد سنڌيءَ جو گهر، اديبن لاءِ هر وقت در کوليو، آسائتو نظر ايندو هو، پر وقت هميشه ساڳيو نه ٿو رهي. نئين سال 2020ع جي 3 ڏينهن تي حميد پنهنجون مٺيون کولي ڇڏيون، جن ۾ هن قسمت جي وس ۾ ڪيو هو. هن پنهنجي حصي جي جنگ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي ۽ انسان جي ازلي ماءُ، مٽي ماءُ جي ڪڇ ۾ وڃي آرامي ٿيو. گهڻي جاکوڙ ڪيائين، وڏا وڏا عهدا، وڏا وڏا بار ۽ وڏا وڏا تجربا ڪيائين، انهن کي پنجن افسانن جي صورت ڏئي پنهنجي نالي کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ روشن ڪري، پاڻ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو.

مون گذريل سياري ۾ جڏهن نئون افسانو ’اڪيلائي جو آواز‘ به لکيو هو ته هن پڙهي صبح سان مونکي فون ڪري چيو هو، ’ادا قاضي! هي قاضي خادم جي واپسي آهي يا ٽارزن جي واپسي.‘ هن جنهن خوشي ۽ جذبي سان ڀرپور اهي لفظ چيا هئا، هاڻ اهي ڪير چوندو؟

حميد جي اُسرڻ سان دل جي هڪ ڪنڊ خالي ٿي وئي آهي ليڪن يادگيرين جي دنيا کي روشن ڪري ويو آهي.

 

محمد عثمان منگي

 

حميد سنڌي

 

                       هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو

 

1991ع ۾ آئون اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوالهيار هئس ته اتي مون هڪ تعليمي سيمينار ڪرائڻ جو رٿيو. ان لاءِ حميد سنڌيءَ کي ان سيمينار جي صدارت ڪرڻ لاءِ آئون وٽس حيدرآباد ويس، منهنجي دعوت ته قبول ڪئي، پر ايترو چيائين ته مُنهنجو والد ڊپٽي ڪمشنر روينيو رهيو، پر توهان پهريان اسسٽنٽ ڪمشنر آهيو جو تعليمي سيمينار ڪري رهيا آهيو، مون کي بيحد خوشي ٿي آهي. آئون ضرور ايندس، ان سيمينار جو عنوان هو ’تعليم ڪيتري مفيد آهي‘. حميد صاحب ان سيمينار جي عنوان تي به خوش ٿيو. مون کيس ٻڌايو ته شاگرد، والدين ۽ استاد ان عنوان تي تقريرون ڪندا. محترم حميد سنڌي ڏنل تاريخ ۽ وقت تي پهتو. شاگردن، استادن ۽ والدين سندس ڀرپور استقبال ڪيو. هڪ وڏي اسٽيج جوڙائي هئي جنهن تي هُو ٻين تعليمي ماهرن سان گڏ ويٺو ۽ صدارت ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ استادن ۽ والدين جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته توهان سجاڳ آهيو ۽ ٻارن جي تعليم تي پاڻ ڌيان ڏيو ٿا، ۽ شاگردن کي داد ڏنو توهان تعليم حاصل ڪندا رهندو ته اهو علم توهان کي منزل تي پهچائيندو.

مان ٽنڊي الهيار ۾ 5 سال اسسٽنٽ ڪمشنر هيس ۽ حميد سنڌي ۽ سنڌ جا ٻيا تعليمي ماهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سيمينارن ۾ شرڪت ڪندا رهيا ۽ اتي تعليم ۾ سڌارو ۽ بهتري آئي. شهدادپور، سانگهڙ، ماتلي، ٽنڊوباگو ۽ سجاول ۾ هر سال تعليمي سيمينار ڪرائيندا هئاسين ۽ هُو مهرباني ڪري شرڪت ڪندو هو. هُو علم جي اصل طريقن کان ٻارن کي آگاهه ڪندو هو، ۽ تعليم جي بهتري لاءِ تجويزون ڏيندو هو. شاگردن کي محنت سان پڙهڻ جي تلقين ڪندو هو ۽ والدين کي پنهنجي ٻارن کي تعليم، صحت ۽ راندين ۾ ڀرپور شرڪت تي زور ڏيندو هو. انهن موقعن تي انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام به ڏنا ويندا هئا. شاگردن کي پهريون انعام سائيڪل ۽ ٻيو بجليءَ جو پکو ۽ ٽيون نمبر کڻڻ تي ٻارن کي معياري واچ، جڏهن ته نياڻين کي سلائي مشين، بجليءَ جو پکو، ۽ واچ ڏني ويندي هئي. استادن کي جناح ڪيپ، قلم ۽ مس ڪُپڙي انعام طور ڏني ويندي هئي.

امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين جي والد کي پڳ ٻڌرائي ويندي هئي. انهن سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ کان حميد سنڌي ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو، موسم ڀلي ڪهڙي به هجي، پر حميد سنڌي انهن تعليمي سيمينارن ۾ اچي شرڪت ڪندو هو. سال 1994ع ۾ شهدادپور ۾ جڏهن آئون اسسٽنٽ ڪمشنر هئس ته اتي عالمن، تعليمي ماهرن، اديبن سان رهاڻ رچائي. ان ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن ۽ تعليمي ماهرن کي مدعوع ڪيو ان ۾ به حميد سنڌي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سچل سرمست جو گادي نشين، سچل چيئر جو باني، ايڇ.ايم خواجا کي به دعوت هئي. جنهن پنهنجي  پٽ کي موڪليو، مراد علي نظاماڻي لاڙڪاڻي مان ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌي پهرين درجي جا ڪتاب سليٽ، پٽي، ڪلڪ مس ڪُپڙي ۽ شيلڊون سڀني اديبن کي ڏنا ويا. جنهن تي حميد سنڌي ڏاڍو خوش ٿيو، حميد سنڌي جڏهن ڪتاب، ڪلڪ، مس ڪُپڙي ۽ شيلڊ وصول ڪئي ته ان کي چُميو ۽ مون کي چيائين ته منگي صاحب توهان پرائمري اسڪول جون شاگرديءَ دؤر جون يادگيريون ياد ڏياريون آهن. هيءُ هڪ وڏو اعزاز ۽ ايوارڊ آهي جيڪو توهان ڏنو. مون کي پوءِ جڏهن به مليو ته چوندو هو ته اهي اوارڊ مون سنڀالي رکيا آهن.

سال 2000ع ۾ سجاول ۾ منهنجي پوسٽنگ هئي ته مون پراڻن استادن سان رهاڻ جو پروگرام رکيو جنهن ۾ پرائمري سيڪنڊري ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ استادياڻين کي مدعوع ڪيو. ان موقعي جي صدارت محترم حميد سنڌيءَ ڪئي ۽ ڪيترن ئي تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان پروگرام ۾ پراڻن استادن کي به شرڪت لاءِ دعوت ڏني. جن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد رجب ميمڻ، ڊاڪٽر محمد ميمڻ سميت سجاول سب ڊويزن جي پراڻن شاگردن شرڪت ڪئي. ان پروگرام جي صدارتي تقرير ۾ حميد سنڌيءَ جي اکين ۾ لڙڪ وهي آيا ۽ استادن کي شيلڊ ڏيڻ مهل سندن هٿن کي چُميو ۽ مڃتا شيلڊون ڏنيون. ڪن استادن جيڪي اسي سال جي لڳ ڀڳ عمر جا هئا انهن کي پڳ پارائي ۽ ٻين استادن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارائيون. حميد سنڌيءَ تقرير ۾ چيو ته هنن استادن کي هتي گهرائي منگي صاحب وڏو عظيم ڪم ڪيو آهي، ۽ اهي والدين، استاد خوشنصيب آهن، جو سندن اولاد صالح آهي. جيڪي کين هن ميڙي ۾ پاڻ سان هتي وٺي آيا آهن.

سال 2002ع ۾ مان رٽائرڊ ٿي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس ته حميد سنڌيءَ سان مختلف موقعن تي ملاقاتون ٿينديون هيون، جهڙوڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتابن جي رونمائي ۾ شرڪت ڪيائين ۽ خطاب ڪيائين ۽ چيائين ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ وڏو مثالي عالم آهي، جنهن کان اسان پرايو آهي، علامه غلام مصطفيٰ قسمي جي ڪتاب جي رونمائي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس خدمتن کي ساراهيو ۽ علامه صاحب کي وڏو خراج پيش ڪندي چيو ته هُو دين جو وڏو عالم آهي، هن ڪيترن ئي محققن کي پي.ايڇ.ڊي ڪرائي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪتاب جي مهورت سنڌ ميوزيم ۾ منعقد ڪرائي، هن چيو ته محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جي ٿر ۽ بر جو ماڻهو هو، جنهن محنت ۽ جفاڪشي ڪري ’عبرت‘ پريس حيدرآباد ۾ قائم ڪئي ۽ علم ۽ ادب جا ڪتاب ۽ هفتيوار ۽ پوءِ روزاني اخبار جاري ڪئي ۽ هُو هڪ بيباڪ صحافي هو، حرن تي لکيل ناول ’سانگهڙ‘ محمد عثمان ڏيپلائي جو ڪتاب هڪ تاريخي ۽ تحقيقي ڪارنامو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر حبيب الله صديقي هن ڪتاب جي رونمائيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مظهرالحق صديقي شريڪ ٿيا. حميد سنڌي اُن موقعي تي ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ کي پارايل پڳ کي ور ڏنا. ان کان علاوه سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان مون جيڪي به پروگرام ڪيا انهن ۾ حميد سنڌي صاحب اچي شرڪت ڪندو هو. ڪن پروگرامن جي صدارت ڪئي ڪن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪينجهر تي رٿايل ’نوريءَ سان رهاڻ‘ ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌو درياهه تي المنظر تي رکيل ’رهاڻ‘
جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مظهرالحق صديقي ڪئي ۽ ان موقعي تي حميد سنڌي به قرب ڪري شرڪت ڪئي. نوشهروفيروز واسي هجڻ جي ڪري سنڌو درياهه جي وهڪرن کان واقف هو جنهن تي هن خوب خيالن جو اظهار ڪيو. پلي ۾ پلاءُ، مڇي، ساڳ، پَلي، جوئر ۽ ٻاجهري ۽ چانورن جي اٽي جي ماني کائي خوش ٿيو. پلي جي آني به کائي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته هاڻ
سيون اَپ پيار ته ماني هيٺ لهي مون چيو ته حاضر سائين. مون کي چيائين ته توکي اهڙا آئيڊياز ڪيئن ٿا اچن ۽ مون کي تمام گهڻو داد ڏنو. جڏهن پروگرام ۾ ايندو هو ته ڀاڪر پائي ملندو هو، ۽ ڀاڪر پائي موڪلائيندو هو. هن جي روايت هئي، ڪارائتن ماڻهن جو قدردان هو، هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس، چيم ته درياهه ۾ پاڻي ڪونهي سُڪي ويو آهي، سو سڀاڻي درياهه تي هلبو، ڊاڪٽر بلوچ به ايندو، شاهه لطيف جا فقير به ايندا. درياهه جي پيٽ ۾ ويهي اچي دعا ۾ شريڪ ٿيو. مظهرالحق صديقي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اعجاز قريشي، محمد علي ڏيپلائي ۽ ٻيا عالم ۽ اديب به آيا ۽ درياهه جي سُڪل پيٽ ۾ ويهي دعا گهري ۽ مون کي ڀاڪر پائي دعا ڏنائين ته تنهنجو خيال ۽ سوچ سنڌو درياهه ۽ سنڌ لاءِ جيڪا تمام گهڻي اون آهي، مان توکي دعا ٿو ڪيان ته تون سدائين خوش ۽ آباد هوندين. مان وڏو خوش آهيان، جو مون کي حميد سنڌيءَ جون چار سالگراهون ڪرائڻ جو موقعو مليو آهي ۽ کيس چئني سالگراهن تي پڳ پارائي، اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي، ان موقعي تي وڏا دوست ۽ اديب شامل ٿيا. سندس اولاد به شامل ٿيو ۽ محترم حميد سنڌي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران سمورين مچ ڪچهرين ۾ لڳاتار شرڪت ڪئي ۽ مچ ڪچهرين تي ڏاڍو بهتر نموني خيالن جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي تعليمي خدمتن کي هميشه ساراهائيندو هو. آپا شمس عباسيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ’اچو ته امان سان گڏجي ماني کائون‘ جي موقعي تي پڻ شامل ٿيو، جنهن ۾ مظهرالحق صديقي، سلطانه صديقي، اعجاز قريشي فيملي سميت شرڪت ڪئي، جڏهن ته مهتاب راشدي سندس ڀينرون ۽ تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حميد سنڌيءَ ان موقعي تي آپا شمس عباسي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ کيس زبردست خراج پيش ڪيو، ساڳي طرح زبيده گرلز ڪاليج ۾ آپا مريم نوحاڻيءَ جي مانَ ۾ رٿيل تقريب ۾ شريڪ ٿيو ۽ سندس خدمتن کي ساراهيو.

بزم روح رهاڻ ۾ پڻ منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيندو ۽ کيس سان ملاقاتون ٿينديون هيون، ان کان علاوه به صلاح مشوري، ڪچهري ۽ ملاقاتون چانهه، بسڪيٽ ۽ پاپڙن تي ڪچهري ڪندا هئاسين، ۽ علم ادب تي سوچ ويچار ۽ صلاحون ڪندا رهياسين، حميد سنڌيءَ جي اوچتو ۽ رات جي اونداهي ۾ ڇڏي وڃڻ جو ڏک پهتو ۽ اهو به ڏک رهيو جو ڪلهي ڪانڌي نه ٿي سگهياسين، ۽ ٻئي ڏينهن تي سندس اباڻي اوطاق ۾ به سندس ڀاءُ ۽ پٽ سان هٿ فاتحه ڪئي ۽ سندس لاءِ دعا ڪئي. الله تعاليٰ هن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪندو ۽ سندس علم و ادب جون خدمتون، بزم روح رهاڻ جون محفلون ۽ ڪچهريون ڪڏهن به نه وسرنديون ۽ هميشه ياد رهنديون.

سلطانه جمالي

قصو ڪوتاهه

 

قاضي خادم جو نالو ادب ۾ نئون ناهي سندس سڃاڻپ سنڌي ادب جي مختلف صنفن ناول، افسانه، ڊراما توڙي ٻين ادبي صنفن جي ڪري مشهور آهي، اُتي سندس يادگيرين کيس هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. پاڻ نه صرف تعليم ڏيڻ لاءِ استاد جي حيثيت سان اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيائون، پر سنڌي ادب کي پنهنجا قيمتي ڪتاب ڏيئي وڌيڪ معلومات پڻ ڏنائون، ته جيئن ايندڙ نسل لاءِ تاريخ بنجي وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿين. قاضي خادم هر سال 21 نومبر پنهنجي جنم ڏينهن تي پنهنجي چاهيندڙن توڙي علم ادب سان واسطو رکندڙ سڀني کي ڪتاب جي صورت ۾ تحفو ڏيندا رهندا آهن، هر سال مون وانگر ڪيترن ئي علم جي اُڃايلن کي قاضي صاحب جي نئين ڪتاب جو بيحد انتظار رهندو آهي. تمام ٿورن ليکڪن وانگر پڙهندڙن جي ذوق ۽ شوق لاءِ پنهنجي يادگيرين کي اهڙن لفظن ۾ قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جو پڙهندڙ لفظن جي جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. سندس هيءُ نائون ڪتاب ’قصو ڪوتاهه‘ 2019ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب 184 صفحن تي مشتمل آهي.

قاضي خادم پنهنجي هن يادگيرين جي مجموعي ’قصو ڪوتاهه‘ ۾ ڪيترائي مختلف واقعا بيان ڪيا آهن، پر پنهنجي پوئين ڪتابن جي تسلسل کي پڻ برقرار رکيو آهي، ان سان گڏوگڏ مختلف تاريخي شين، شخصيتن، توڙي ڪيترن ئي مڪتبهء فڪر جي ماڻهن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. سندس فڪر جي گهرائي، سنجيدگيءَ ۽ سوچ جي خوبصورتي جو اندازو سندس لکڻين ۾ ملي ٿو.

قاضي خادم شمشيرالحيدريءَ جي باري ۾ لکن ٿا ته ”شمشير هڪ بيباڪ شاعر سان گڏ هڪ پُرخلوص دوست به هو. هن مون سميت ڪيترن ئي نون لکندڙن کي راتين جون راتيون اسٽريٽ لائيٽ جي هيٺان ويهي، سندن لکڻين کي سڌارڻ، ڪاما ۽ فل اسٽاپ جا قانون ٻڌائڻ ۽ نکارڻ ۾ صرف ڪيا، انهن مان ڪيترن ئي نالن ۾ هن جا ئي مضمون ۽ شعر رسالن، ريڊيو ۽ ٽي.وي تان به نشر ٿيا، پر هاڻ انهن جا نالا لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. هنن جي نظم ۽ نثراڻين لکڻين کي جڏهن پسند ڪيو وڃي ته ان جي تحسين شمشير کي نه ته هن جي روح کي ضرور ملندي هوندي. شمشيرالحيدريءَ جي باري ۾ ڪئين مقالا لکي سگهجن ٿا. جن ۾ هن جي شاعري، مضمون نويسي، صحافت، (ريڊيو) ٽي.وي ۽ رسالن سان وابستگيءَ جو احوال قلمبند ڪري جديد ادب تي تحقيق جا نوان باب کولي سگهجن ٿا، انڪري جو شمشير جهڙيون شخصيتون بار بار ڪونه پيدا ٿينديون آهن.“

قاضي خادم دلچسپ فلمن سان گڏوگڏ ٿئيٽر کي به نه وساريو آهي، پر ان دؤر جي باري ۾ ٻڌائين ٿا ته ”جڏهن اڃا فلم ريڊيو ۽ ٽي.وي وجود ۾ ڪونه آيا هئا تڏهن ٿئيٽر ئي عام تفريح جو واحد ذريعو هو. سڄي دنيا ۾ ٿئيٽر جو راڄ هو جيئن انگلستان ۾ شڪسپيئر جا ڊراما مشهور هئا ۽ ماڻهو انهن کي اسٽيج تي ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئا. تيئن هندستان ۾ آغا حشر ڪاشميريءَ جا ڊراما به مشهور هئا. ماڻهو ڏاڍي شوق ۽ دلچسپيءَ سان خوبصورت بلا، صله، حوس، سفيد خون، يهودي ڪي لڙڪي، آنکهه ڪا گناهه، سورداس ۽ ٻيا ڊراما اسٽيج تي ڏسندا هئا خاص ڪري جو آغا حشر جا ڪردار به شيڪسپيئر جي ڪردارن وانگر نهايت اعليٰ پائي جا شاعراڻي فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور ڊائلاگن رستي پنهنجي جذبات جا اظهار ڪندا نظر ايندا هئا. هن دؤر جو ذڪر ڪندي حڪيم احمد شجاع پنهنجي آتم ڪهاڻي ’خون بها‘ ۾ لکيو آهي ته ”جي اسٽيج جي دنيا فلم جي هٿان برباد ٿئي ها ۽ انهن ماهرن جو دؤر ختم نه ٿئي ها ته اهي ماهرين اڃا به دنيا مان ختم نه ٿين ها، جن سالن جا سال ماڻهن جي دلين کي خوش ڪيو.“

قاضي صاحب پنهنجي يادگيرين ۾ سنڌ جي ثقافت کي به نه وساريو آهي، پاڻ جنڊي ۽ ڪاشيءَ سميت ٺڪر تي چٽساليءَ سميت مختلف ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، پاڻ لکن ٿا ته ”جنڊيءَ جي کٽن سان گڏوگڏ جنڊيءَ جي منجين جو به رواج هو، عام ڪاڍ جون منجيون يا ته رڌڻي ۾ چلهه تي ماني پچائڻ وقت ويهڻ لاءِ ڪم اينديون هيون، يا وري نوڪر نوڪرياڻين کي ويهڻ لاءِ ڏبيون هيون. جنڊيءَ جي پاون واريون کٽون نه صرف خوبصورت ۽ مضبوط هونديون هيون، بلڪ وڏ ماڻهپي جو نشان به هونديون هيون. سنڌ ۾ خاڻوٺ توڙي هالن جي جنڊيءَ جي وڏي هاڪ هوندي هئي.“

’قصو ڪوتاهه‘ يادگيرين جي تسلسل وقت بوقت ليکڪ جي ذهن ۾ ايندڙ خوبصورت خيالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ادب جي مڙني پهلوئن سان گڏ سنڌ جي ثقافت توڙي ريتن رسمن سميت مختلف ڪاروهنوار سان لاڳاپيل ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

قاضي خادم جي يادگيرين جي سمورن ڪتابن ۾ هن پنهنجي خاندان، دوستن، سنڌ جي درسگاهن، ادبي ادارن ۽ مختلف تقريبن جون جيڪي تصويرون شايع ڪيون آهن، اهي هڪ وڏو تاريخي ڪم آهي، انهن ۾ 1934ع ۾ سنڌ پرانوشل ڪوآپريٽو بينڪ جي افتتاح جي موضوع تي پنهنجي ڏاڏي قاضي عبدالقوي مرحوم ۽ ان سان گڏ سنڌ جي ڪن وڏن زميندارن سان گڏ ڪوآپريٽو کاتي جي پهرين اسسٽنٽ رجسٽرار خانبهادر عظيم خان جو گروپ فوٽو ڏنو آهي ته 1940ع ۾ مشهور انگريز ڪمشنر هيوڊيوٽ جي لاڙڪاڻي ۾ آمد تي نڪتل تصوير ۾ سندس والد قاضي محمد قريشي ان وقت مختيارڪار هو ۽ تصوير ۾ ڊاڪٽر محمد عمر بن دائودپوٽي، محترم عبدالله چنا، ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر سيوهڻ، رئيس غلام رسول خان جتوئي، عاشق جتوئي ۽ ٻين ڪيترن مشاهير جو گروپ فوٽو شايع ڪري ان کي تاريخ جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ سندن ڪتابن  ۾ شايع ٿيل تصويرون خود سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون، ڪويتا پبليڪيشن جي ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت -/460 آهي، جيڪا موجوده دور ۾ ڇپائي ۽ پني جي مهانگائي آڏو ڪجهه به ناهي، هيءُ ڪتاب سنڌ جي هر ڪتاب گهر تان ملي سگهندو.

دين محمد ڪلهوڙو

 

ڪلاسيڪي شاعري

]فلسفو ۽ تاريخ[

جو مختصر اڀياس

 

ڪلاسيڪي شاعري ]فلسفو ۽ تاريخ[ نوجوان اسڪالر ۽ا ديب راز شاهاڻيءَ جو ايم.فل ريسرچ پيپر آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي معنيٰ، وصف ۽ فلسفي سميت اُن جي ارتقائي تاريخ پڻ بيان ڪيل آهي، جڳ مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ هِن تحقيق کي مئي 2019ع تي ڪتابي صورت ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب ڪلاسيڪ/ ڪلاسيڪل ڇا آهي؟، ٻيو باب- ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ، باب ٽيون- ڪلاسيڪي شاعريءَ جو فلسفو، باب چوٿون- ڪلاسيڪي شاعري، باب پنجون- متفرقه. ڪتاب پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو آهي، صفحا 151، ڊيمي سائيز ۾، ۽ قيمت ٻه سئو سٺ روپيا اٿس. ڪتاب جي ارپنا سندس نالي تي آهي.

هن ڪتاب جي اهميت بابت اداري پنهنجي ڇپائيندڙ نوٽ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪلاسيڪي شاعري سنڌي ادب جو هڪڙو اهڙو عظيم اثاثو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ انسان جي سماجي ۽ اخلاقي آسودگي، امن ڀائيچاري ۽ خوشحاليءَ جو پيغام ڏنو.“ (ص- 3).

ليکڪ پنهنجي پاران ۾ ڪتاب اندر موجود مواد تي راءِ هن طرح ڏئي ٿو: ”ڪلاسيڪي شاعري، سنڌي شعري ادب جو وڏو خزانو آهي. بلاشبه اُن کي انساني ڪردار ۽ اخلاق جي تعمير ۽ اصلاح جو حيلو وسيلو به چئجي، ته وڌاءُ ڪونهي. حالانڪ اُن جي فلسفي جا مختلف پهلو آهن، جنهن تي مختلف رُخن کان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪلاسيڪي شاعريءَ جو پيغام وڌ کان وڌ عام ٿئي. مُون پنهنجي هن ڪتاب (تحقيق) ۾ به اُن جي فلسفي متعلق مختلف پهلوئن کان هڪ شاگرد (اسڪالر) جي حيثيت ۾ تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“ (ص- 9)

پهرئين باب ۾ وصف، موضوع ۽ اهميت تي روشني وڌل آهي. لفظ ’ڪلاسڪ‘ ۽ ’ڪلاسيڪل‘
جي معنيٰ، وصف ۽ اُن اصطلاح تي مختلف ڏيهي، پرڏيهي عالمن، فلاسافرن سميت لغتن ۽ ٻين ڪتابن تان مدد ورتي آهي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته: ”اصل ۾ لفظ ’ڪلاسِڪ‘ ۽ ’ڪلاسيڪل‘ جو بنياد قديم يونان، لاطين ۽ روم جي ادب ۾ قبل مسيح جي زماني ۾ پيو. جتي اُن جو اول اول استعمال طبقاتي طور اعليٰ يا مٿانهين درجي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ واسطي ٿيو.“ (ص- 30). معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان هو لکي ٿو ته: ”اهڙي تخليق يا تحرير کي ڪلاسيڪل چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دائميت هجي، ۽ اُها زمان، مڪان ۽ سرحدي حدبندين کان بالاتر، هر زبان ۽ مُلڪ جي ماڻهن کي احساساتي طور هڪ جيترو متاثر ڪري. اهڙو ادبي شعري خزانو، جيڪو مقرر معيارن تي چيل هجي ۽ جنهن جا موضوع فطري، انساني، اخلاقي، سماجي قدرن جي اُپٽار تي مشتمل هجن ۽ اهو مذهبي رنگ ۽ نسل کان بالاتر هُجي ۽ پنهنجي فلسفي ۾
بين الاقواميت رکندو هجي، منجهس فطرت جي عڪاسي ۽ انساني قدرن، مزاج، نفسيات ۽ حقيقت پسنديءَ جي ترجماني ڪندو هجي. اُهو غاصباڻي يا جابراڻي سوچ ۽ پرماريت لاءِ همدرداڻو رويو نه، پر مظلوميت جو طرفدار هجي ۽ منجهس اعليٰ انساني قدرن جو بيان ۽ آفاقي پيغام سمايل هُجي. اهڙي ادب کي ’ڪلاسِڪ‘ جي حيثيت حاصل آهي.“ (ص 30)

باب ٻئين ۾ ڪلاسِڪل/ ڪلاسيڪي/ اَساسي جو بيان ۽ اُنهن جي تاريخ تي تحقيقي بحث ڪيل آهي. هن باب ۾ لفظ ڪلاسيڪل/ ڪلاسيڪي جي لفظي اُکيڙ، معنيٰ جيڪا ڏيهي پرڏيهي لغتن ۽ عالمن جي ڪتابن مان ورتي آهي، اُها غالباً هڪ ئي معنيٰ ۽ مراد کي ظاهر ڪري ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ جي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ’ڪلاسيڪ‘ کي سنڌيءَ ۾ ’اساس‘ جي اصطلاح سان ظاهر ڪيو آهي. جنهن جي معنيٰ، بنياد، جَڙ، پاڙ ورتي ويئي آهي. اهڙيءَطرح ’ڪلاسيڪي‘ يا ’ڪلاسيڪل‘ لاءِ  ’اساسي‘

لفظ استعمال ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڪلاسيڪل يعني اساسي شاعريءَ کي قاضي قادن کان شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ اُن کان پوءِ گرهوڙي صاحب، روحل، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاريءَ کان پوءِ غلام محمد خانزئي تائين شاعرن جو ڳاڻيٽو اَساسي شاعر طور ڪري ٿو، ۽ اهڙي شاعريءَ کي وري ٽن دورن- اَساسي شاعريءَ جوا بتدائي دور، وچيون ۽ آخري دور ۾ ورهائي ٿو. هن بحث ۾ راز شاهاڻي صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي استعمال ڪيل اساس يا اساسي تي اعتراض واري ٿو، ڇو ته ڪلاسيڪي يا ڪلاسيڪل لفظ اسان وٽ امپورٽڊ آهي، ٻاهران آيو آهي، تنهنڪري  پرڏيهي عالمن، انهن لفظن جي جيڪا معنيٰ ٻڌائين ٿا، اها ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي متعارف ڪيل معنيٰ کي تحويل ۾ نه ٿي وٺي. هن سلسلي ۾ راز شاهاڻي صاحب لکيو آهي ته:

”معنيٰ جي حساب سان ڏسبو ته ٻنهي لفظن يعني اساسي ۽ ڪلاسيڪيءَ ۾ فرق آهي. اساسيت ۾ ڪلاسيڪيت ٿي سگهي ٿي پر سموري ڪلاسيڪي شاعريءَ کي اساسي يا اساسي شاعريءَ کي ڪلاسيڪي شاعري ڪونه ٿو ڪوٺي سگهجي اساسيءَ جو البته قصو مختلف آهي. هِن حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جي موقف سان اختلاف جي گنجائش بهرحال موجود آهي.“ (ص 34- 33)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ’ڪلاسيڪي‘
’ڪلاسيڪل‘ جي شاعريءَ جو بنياد اهي ئي ڳالهيون طئه ڪري ٿو، جيڪي ٻين پرڏيهي عالمن به ٻڌايون آهن. يعني اهڙي شاعريءَ جو بنياد، جيڪو انساني اعليٰ قدرن واري فهم ۽ فڪر سان هجي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نظر ۾، ”اهڙي شاعري، جنهن ۾ محض ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا محض شاعرانه خوبين جي اظهار بدران ڪا اعليٰ مقصد واري معنيٰ سمجهايل هجي. هن اعليٰ شاعريءَ جو اَساس (بنياد)، ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه ۽ معاشري ۾ اعليٰ خوبين واري شخصي ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور سان، سنڌي اساسي شاعري انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي. گهڻي حد تائين اها تشريح، اسلامي تصوف ۽ طريقت جي ان صاف پاڪ روايت جي روشنيءَ ۾ ٿيل آهي جيڪا سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول ٿي.“ (بلوچ، 1999ع: 458)

هن مان مطلب اهو ٿيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مٿي ڄاڻايل شاعرن جي ڪلام کي اساسي (ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل) شاعريءَ جي پيرا ميٽر (ڪسوٽي) طور مقرر ڪيو آهي، ڇو ته انهن جي ڪلام جو بنياد (اساس)، اعليٰ انساني قدرن وارو فهم ۽ فڪر آهي. تنهنڪري سنڌيءَ ۾ لفظ ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل جي مبتادل ۾ لفظ ’اساس‘
ڪم آندو آهي، باقي مواد ۽ موضوع ساڳيو ورتو ويو آهي، جيڪو پرڏيهي عالمن اظهاريو اهي. البته راز شاهاڻيءَ جي راءِ کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته لفظ ’اساس‘ پوريءَ طرح ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل جي اصطلاح کي مڪمل طرح پنهنجي تحويل ۾ نه ٿو وٺي. ان لاءِ اهڙو اصطلاح ڪم آڻجي، جنهن سان فقط ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل روايتن کي پنهنجي احاطي ۾ آڻي بيهي.

باب ٽيون- تصوف جي باري ۾ آهي هن ۾ ڪلاسيڪي شاعري، فلسفي ۽ موضوعاتي گوناگونيت ۾ ٻن اهم جزن- تصوف ۽ اخلاق قدرن تي انحصار رکي ٿي. يعني اهي ٻئي جزا ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل يا اساسي شاعريءَ جي فلسفي کي واضح ڪن ٿا. هن باب ۾ اسڪالر ڪلاسيڪي/ ڪلاسيڪل يا اساسي شاعريءَ جي تناظر ۾ تصوف بابت هن طرح رقم طراز آهي ته: ”تصوف جو ڪلاسيڪي شاعريءَ سان تعلق، جسم ۽ روح جي ڳانڍاپي وانگر آهي. بلڪل ائين چئجي ته اُها پيداوار ئي تصوف جي آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.“ (ص- 66) هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”جنهن زماني، يعني سمه دور (1520ع- 1350ع) جي آخر ۽ ارغون دور (1554- 1521ع) جي ابتدا ۾ جڏهن قاضي قادن جي صورت ۾ ڪلاسيڪي شاعري باقاعدي اُسري چُڪي هئي، اهو دور سنڌ ۽ ننڍي کنڊ ۾ تصوف جو حامل فڪري دور هو. خود قاضي قادن مهدوي سلسلي تحت، تصوف جي وجودي فڪر جو حامل شعر چوندو هو. سنڌي شعر ۾ اڳتي هلي تصوفي سلسلن تحت موضوعاتي گوناگونيت ۽ فڪري گهرائي آئي ۽ تصوف (Mysticism) کي ماخذ ۽ نظريي (Ideology) جو روپ ٿيندي، وحدت الوحد، وحدت الشهور ۽ ذيلي سلسلن- قادريه، چشتيه، سهرورديه، نقشبنديه وغيره جي فڪري اثر هيٺ، ڪلاسيڪي (اساسي) شاعريءَ کي دائره ڪار ۾، فطرت ۽ اُن جو حسن، راز ۽ رمز، توحيد، وحدت درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال جا باريڪ نُڪتا، انساني سماج، اُن جون خوبيون ۽ خاميون، روحانيت ۽ امن ۽ ڀائيچاري، ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جي پالوٽ ڪئي وئي. (ص- 66)

ڪلاسيڪي (اساسي) شاعريءَ جو ٻيو جز يعني اخلاقي قدر آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيل ڪلاسيڪل (اَساسي) شاعرن جي ڪلام ۾ جا بجاءِ ملي ٿو، ۽ هن روايت جو بنياد، گهڻو ڪري آسماني مذهبن جي تعليمات تي ٻڌل آهي. اسان جو مذهب اسلام ته هِن سلسلي ۾ وڏو بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ انساني قدرن جو وڏو مبلغ ۽ پرچارڪ پڻ آهي، جي گهڻو ڪري هي آهن- حُسن خُلق، سچائي، همدردي، اتحاد ۽ اتفاق، درگذر، نيڪي، ساڻيهه جي سڪ (وطن جي محبت)، آئي جو آڌر ڀاءُ، رحم وڪرم، ڀائيچارو، عاجزي ۽ انڪساري، جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت، توڪل الله، عبادت، انساني مساوات، راست بازي، عدل ۽ انصاف، ملڪي ۽ قومي مفادن جي حفاظت ڪرڻ، نيڪين جي پابندي ۽ بڇڙاين کان نفرت، باڪرداري، ارادي ۽ فيصلي جي قوت، عزم ۽ حوصلو، تحمل ۽ برداشت، محنت ۽ جفاڪشي، خوداري، رحمدلي، شفقت، دل ۽ ذهن جي ڪشادگي (فراخدلي)، امانت ۽ ديانتداري، سخاوت، نرمي، غير مشروط محبت ۽ شفقت، ايمانداري، احترام، باهمي سهڪار، ترس ۽ رحمدلي وغيره شامل آهن.

باب چوٿين ۾ ڪلاسيڪل (اساسي) شاعرن جي ڪلام جو اڀياس ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ شروعات، سنڌي زبان جي اوائلي شاعر قاضي قادن (1551ع- 1463ع) کان ڪئي ويئي آهي ۽ اختتام خليفي نبي بخش لغاري (1850ع - 1776ع) تي ڪيو ويو آهي. انهي وچ واري عرصي ۾ جيڪي شاعر (اساسي) ٿيا آهن، تن ۾- مخدوم نوح (1586- 1500ع)، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1626ع- 1538ع)، شاهه لطف الله قادري (1679ع- 1611ع)، ميين شاهه عنات رضوي (1125هه- 1030هه)، شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752- 1689ع)، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو (1775- 1713ع) شيخ عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه)، روحل فقير (1804- 1734ع)، سچل سرمست (1827ع- 1739ع)، ڀائي چين راءِ لُنڊ (1850ع- 1743ع)، خليفو نبي بخش لغاري (1850ع- 1776ع).

هي اهڙا ڪلاسيڪل (اساسي) شاعر آهن، جن جي ڪلام ۾ مٿي بيان ڪيل انساني قدرن وارو فهم ۽ فڪر شامل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چواڻي ته: ”هنن جي ڪلام ۾ ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه ۽ معاشري ۾ اعليٰ خوبين واري شخصي ڪردار جو مفهوم شامل آهي.“ (بلوچ، 1999ع: 458)

مجموعي طرح هيءُ ڪتاب، ڪلاسيڪي شاعري، اُن جي تاريخ ۽ فلسفي تي نهايت ڪارآمد معلومات فراهم ڪري ٿو. اسڪالر راز شاهاڻي هن تحقيق تي بهتر انداز ۾ قلم کنيو آهي. ۽ ڏيهي توڻي پرڏيهي عالمن ۽ اسڪالرن جي راين کي پڻ بحث هيٺ آندو آهي ۽ انهن جو هڪ لحاظ کان تقابلي جائزو پڻ ورتو آهي. هن تحقيق جي اصولن جي به پاسداري ڪئي آهي متن ۾ حوالن ڏيڻ ۽ ريفرنس درج ڪرڻ جي اصولن کي به نظرانداز نه ڪيو آهي. هر باب جي آخر ۾ ملٽي لنگيوئل سسٽم (MLS) مطابق، حوالا ڏنا آهن، ۽ آخر ۾ الف. ب وار ببليوگرافي ڏني آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن تان استفادو ورتو ويو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جا رسالا

 

حافظ احمد الدين انڍڙ

 

 

عبدالڪريم پلي جي ورسي رپورٽ

 

مورخه 3- نومبر 2019ع آچر شام، سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، سياستدان ۽ سچي انسان مرحوم خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پليءَ جي 28 هين ورسي، سنڌ ادبي فورم پاران عمرڪوٽ (لطيف ننگر) ۾ ملهائي ويئي. محفل جو صدر مدد علي سنڌي صاحب ۽ خاص مهمان نصير مرزا هئا، جڏهن ته اعزازي مهمان رسول بخش درس هو. اسٽيج تي ميزبانيءَ جا فرائض حاجي ساند ۽ اشرف پلي ڏنا. جڏهن ته اسٽيج تي ويٺلن ۾ خانصاحب اخترپلي، حاجي علي مراد راڄڙ ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي شامل هئا. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ جمن دربدر وائي ٻڌائي، جنهن بعد حليم باغي تقرير ڪندي چيو ته: منهنجي پلي صاحب سان روبرو ملاقات ڪونه ٿي، پر وفا صاحب سان فون تي ڪچهريون ٿيون.

رسول بخش درس چيو ته: منهنجي پلي صاحب سان ملاقات ڪونه هئي، پر سندن ادب پروري ۽ سخا جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هلي ٿي. مون کي ڪريم صاحب جا ذڪر اعجاز صاحب ٻڌائيندو هئو. ڪريم سخي، ڏاتار، بهترين شاعر ۽ محبتي انسان هو.

نصير مرزا چيو ته: منهنجي ساڻس خط و ڪتابت هئي ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان تي ملاقات ٿي ۽ سندن ڳوٺ اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پاڻ وڏو مهمان نواز ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، سندن سخاوت جي پيالي مان مون سميت اڪثر سنڌي اديبن سُرڪيون ڀريون.

مدد علي سنڌي صدارتي تقرير ۾ چيو ته منهنجي ساڻس 49 سالن جي رفاقت رهي، جنهن ۾ پاڻ اِهو ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو ته مان ڪو وڏو جاگيردار ۽ پ.پ جو ايم.پي.اي آهيان. سندن محبت جو وڏو حصو سنڌي اديبن لاءِ مخصوص هو.

علي نواز پلي ساڻس عقيدت جو اظهار ڪندي چيو ته: آءٌ جيڪو ڪجهه به آهيان، اُهو هن خاندان جي ڪري آهيان.

ميرحسن آريسر، ڪريم پليءَ جي شاعريءَ جي حسناڪين تي تفصيل سان روشني وجهندي چيو ته: ڪريم پلي مسڪينن جو آواز هو. سندس شاعريءَ کي ماڻهن جي پس منظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

حاجي علي مراد راڄڙ صاحب ذاتي تعلق ۽ پلي صاحب جي موسيقي سان محبت ۽ شوق بابت تفصيلي روشني وڌي.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي ووٽ آف ٿئنڪس پيش ڪندي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪرڻ سان گڏ، پلي صاحب جي شخصيت ۽ ڪلام تي پڻ روشني وڌي. ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب مقررن جي ڳالهين جون درستگيون به ڪيون. پاڻ پلي صاحب جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپائڻ دوران دلچسپ واقعن ۽ تجربن بابت به سٺيون ڳالهيون ٻڌايون.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ٻڌايو اسان کي ڪريم پلي صاحب جا خط ڇپائڻا آهن، ان لاءِ سڀني دوستن جو سهڪار کپي ٿو.

مقررن جي تقريرن بعد رات جي مانيءَ کانپوءِ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳين شاعر عبدالڪريم پليءَ جي شاعري ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.

رپورٽ: عبدالقيوم يوسفاڻي

نعتيه محفل مشاعرو

 

تاريخ 9- نومبر 2019ع، ڇنڇر جي شام مطابق 12 ربيع الاول جي رات سنڌ جي سرموڙ شاعر ۽ ليکڪ مرحوم قاضي عبدالرحمٰن هاليپوٽي جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ دستوري طرحي ۽ غير طرحي نعتيه مشاعرو، ڳوٺ محمد عمر هاليپوٽي ۾ ٿيو، نعتيه مشاعري جي طرح قاضي عبدالرحمان هاليپوٽي جي نعتيه ڪلام مان کنئي ويئي ته:

اُڀ زمينون ڪن ثنا، عالم اَجهي آڌار جي.

قافيو ”آڌار“ ۽ رديف ”جي“ هو.

هن شاندار مشاعري جا ميزبان هر سال وانگر محمد قاسم هاليپوٽو، اڪبر هاليپوٽو ۽ عبدالغني هاليپوٽو هئا. مشاعري جي صدارت سنڌ جي صف اول جي عالم، اسڪالر، مقرر ۽ شاعر سيد قلندر شاهه لڪياري صاحب ڪرڻ فرمائي، جڏهن ته مهمانِ خاص صاحبِ نعتيه ۽ حمديه ديوان جناب ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري اويسي صاحب هو ۽ اعزازي مهمان نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر پروفيسر الهه بچايو ’مشتاق‘ آريسر صاحب هو ۽ اسٽيج تي ميزباني جا فرائض هر سال وانگر سيف الله خالد يوسفاڻي سرانجام ڏنا.

مشاعري جي شروعات ۾ تلاوت قرآن پاڪ کان پوءِ ٽنڊي الهيار مان آيل خوش الحان شاعر نور نبي ’ناچيز‘ پنهنجي سُريلي ۽ مڌر آواز ۾ معمور يوسفاڻي صاحب جي نعت شريف:

”تنهنجي در جا اچي دربان ٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو.“ ٻڌائي مجلس تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. نعت شريف کان پوءِ طرحي مشاعري جي آغاز ۾ اسٽيج سيڪريٽري سيف الله خالد يوسفاڻي پنهنجو نعتيه ڪلام پيش ڪيو، جنهن جا ڪجهه اشعار هن طرح هئا ته:

بخت واري ڀونءِ سان، پرين ڏنا جت پيرڙا،

خاڪ سُرمي کان مٿي ڀانيان ڀَلن جي پار جي.

هٿ شفاعت جو ڌري داور اڪارج دشت مان،

آس تو ۾ آهي عربي، هن بندي بيڪار جي.

ان کان پوءِ عبدالغني هاليپوٽي صاحب پنهنجو نعتيه ڪلام پيش ڪيو:

واه جي بارات سنڀري، گهوٽ خوش گفتار جي،

عرش اعظم ڏي سواري، سيدُ الابرار جي.

آهي خوشبو دوجهان ۾، محب مڻيادار جي،

سوجهرو جڳ تي ڪري ٿي جوت جلويدار جي.

دڙيلو مان شاعر محمد حسن مصروف چانڊيي پنهنجو طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪيو، جنهن جي جهلڪ هيٺ ڏجي ٿي:

دم نه هڪڙو دم جيان، دلبر سوا دنيا اندر،

سڪ اندر ٿئي ساه پورو، سڪ اٿم سرڪار جي.

ڪنري کان آيل نياز محمد ’نياز‘ صاحب پنهنجو طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪري حاضرين کان تحسين حاصل ڪئي:

جو غريبن ۽ يتيمن، بيوسن جو ڀرجهلو،

جنهن لڌي ٿي ماءُ کان وڌ سار هر هڪ ٻار جي.

لک درودن ۽ سلامن جا مٺي منٺار تي،

اُڀ زمينون ڪن ثنا، عالم اَجهي آڌار جي.

ٽنڊي الهيار کان آيل شاعر ناچيز نور نبي پنهنجو خوبصورت طرحي نعتيه ڪلام ترنم ۾ ٻڌائي حاضرين مجلس جي دلين کي سُرور بخشيو.

دل ٿئي ماندي ٿي هردم، شهرِ آقا کي پسان،

تشنگي تڙپائي ٿي جيءَ کي ڀلاري پار جي.

تون مسيحاء جهان آهين جهانن جا اَجها،

ڪر مدد يا مصطفيٰؐ، ناچيز هن ناچار جي.

شير خان چانڊيي کان آيل خوبصورت ٻولن جي شاعر عطر گل چانڊيي صاحب پنهنجي طرحي نعتيه ڪلام پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ترنم سان ٻڌائي محفل ۾ راحتن جا رنگ پکيڙي ڇڏيا:

ٻارهِين ربيع الاول ۽ رات هُئي سومار جي،

ٿي ولادت مصطفيٰؐ مدني مِٺي منٺار جي.

ٿيو جڏهن پيدا پرين، اُن ڏينهن ٿيو روشن جَهان،

نُور جي تجلين سان چارئي طرف ويا چمڪار جي.

عمرڪوٽ جي ڪُهنه مشق شاعر قادر بخش ’مخلص‘ مهراڻوي صاحب پنهنجو بهترين طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪري سامعين جي سينن کي سرور بخشي ڇڏيو:

عشق عربيءَ ڄام جي ۾، ٿيو پچي جيڪو پتنگ،

پڇ خبر اُن کان وڃي تون، عشق جي اسرار جي.

مست محبت مير جي ۾، جي رهيا ’مخلص‘ مدام،

وات وائي تن رُڳو، گوهر سندي گفتار جي.

سلسليوار ’بلوچ رنگ‘ رسالي جي ايڊيٽر فضل الله ’فدا‘ صاحب پنهنجو طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪري ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو:

جي ڪري مُنڪر ڪو ويهي سڀ مطالعه معجزا،

تنهن جُراءت ڪانه ٿيندي، ڪا قطعي اِنڪار جي.

ڇا ڀلاري هئي گهڙي، مهينو به هي ساڳيو هئو،

آمد محبوب ٿي، هئي رات سومار جي.

اُن بعد سنڌ جي نامور شاعر، لطيف شناس ۽ گرامر جي ماهر ڊاڪٽر اسد جمال پلي پنهنجو طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪري آيلن جي روحن کي راحت بخشي:

اُڀ زمينون ڪن ثنا، عالم اجهي آڌار جي،

هن نبي آخر الزمان، محب مڻيادار جي.

حق جون راهون سڀئي، هُن جي وڃن درٻار ڏي،

ٻيون سڀئي واٽون اجايون، واٽ وٺ وينجهار جي.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي پنهنجي نعتيه ڪلام سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ نمائنده طور قبله مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين طور ڪيل پريس ڪانفرنس جي حوالي سان سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ محققن کي اپيل پڻ ڪئي ته بورڊ جي ٽنهي رسالن ٽماهي ’مهراڻ‘، ماهوار ’گل ڦل‘ ۽ ماهوار ’سرتيون‘ لاءِ مواد پڻ موڪلينِ.

مشاعري جي اعزازي مهمان، شاعر، اديب ۽ محقق پروفيسر الله بچايي ’مشتاق‘ آريسر صاحب پنهنجو طرحي نعتيه ڪلام پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

خود خدا محبوب جي تعريف ڪئي قرآن ۾،

ان کان وڌ تعريف ڪنهن کان ڪونه ٿي سردار جي.

شافعِ محشر جي رحمت جا سڀئي اُميدوار،

آه تن درڪار ڪوثرِ جام ۽ ديدار جي.

ان کان علاوه جن شعراء ڪرام غير طرحي نعتيه ڪلام سان مجلس کي سينگاريو تن ۾ ٽنڊي جان محمد جي سيد منظور علي شاهه لڪياري پنهنجي دلپذير آواز ۾ ترنم سان نعت پڙهي محفل جو خوب رنگ ڄمايو.

تون سجائي آئين سر تي تاج دين اي تاجور،

نور جا مينار توتي لک صلاتون لک سلام.

بي سهارن ۽ يتيمن جو ٿئين تون ڀرجهلو،

اي اَجها آڌار توتي لک صلاتون لک سلام.

جن ٻين دوستن غير طرحي ڪلام پيش ڪيو، انهن ۾ هيٺيان شاعر شامل آهن.

زاهد ڪنڀار:

سخي سخاوت تسان دي هلدي،

اسان ته سوالي تسان دي در دي،

اڱڻ جي اَوسو دي پيارا،

دليان دي لهه سڀ غبار ويسن.

اڪبر هاليپوٽو:

مبارڪ مرحبا مدني، محمد مصطفيٰؐ آيو،

حبيب ڪبريا آيو، رسولِ مجتبيٰؐ آيو.

نظير احمد هاليپوٽو:

اُن جي عظمت ڇا لکي نا فهم ۽ ناقص نظير،

محبتن جا مينهن وٺا مهندار آيو مومنو.

عابد لغاري:

هن جهان جي ڪارڻي سردار جون ڳالهيون ڪريون،

محب موليٰ جي مٺي منٺار جون ڳالهيون ڪريون.

برڪتون ’عابد‘ سدائين، قوم تي نازل رهن،

سُنتن سان ئي سدا، جيدار جون ڳالهيون ڪريون.

آخر ۾ صدرِ محفل پروفيسر قلندر شاهه لڪياري صاحب درود پاڪ ۽ دعا سان گڏ پنهنجي خوبصورت نعت پڙهي:

اَهل ايمان جا ٻانها به سردار ٿيا،

ڪُفر جا شاه و سردار ”تَبّت يَدَا“،

اي سخي اي شفيع، اي غني هڪ نظر،

تنهنجي در مُنتظر، هي ’قلندر‘ گدا.

 

 

سکر لاشاري

 

 

عظيم ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ياد ۾

تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب

 

سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۽ ’بزمِ روح رهاڻ‘ جي سهڪار سان سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ اديب حميد سنڌيءَ جي ياد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ تاريخ 12- جنوري 2020ع تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ڪيو ويو. جنهن ۾ ناليوارن اديبن حميد سنڌيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڳالهايو، جنهن ۾ ناليواري شاعر امداد حسينيءَ چيو ته حميد سنڌيءَ جو عشق ’روح رهاڻ‘ رسالو هو، ۽ جڏهن اُن کي بند ڪيو ويو ته اُن جي ڪنهن به مدد نه ڪئي، حميد سنڌيءَ جي ڪم کي بقاءَ آهي اهڙو ڪم ڪندڙ شاعر، اديب زنده رهندا آهن ۽ حميد سنڌي به زنده رهندو. نامياري ڪهاڻيڪار ۽ اديب مدد علي سنڌيءَ چيو ته روح رهاڻ جا سمورا جُلد جيئن جو تيئن ڇپرايا وڃن. ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري ڳالهائيندي چيو ته حميد سنڌي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ شامل هو، حميد سنڌي جي شخصيت هڪ ڪهاڻيڪار طور قومي تحريڪ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ۽ گهُر ڪئي ته حميد سنڌيءَ جون يادگيريون به قلمبند ٿيڻ گهرجن. ۽ سندس نالو پنهنجين لکڻين ۾ زنده رهندو. نامياري اديب ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته ’روح رهاڻ‘ رسالو تاريخ آهي ۽ چيو ته علمي ادبي شخصيتن کي صرف هڪ ڏينهن ياد نه رکڻ گهرجي ۽ وڌيڪ چيو ته ’روح رهاڻ‘ رسالي، ’سهڻي‘ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. نامياري شاعره ڊاڪٽر سحرامداد، حميد سنڌيءَ جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته حميد سنڌي 60 ساله شاندار تحريڪ جو زنده ڪردار هو. گهڻ پاسائين شخصيت هو. هُو عهدن تي ميرٽ جي بنياد تي رهيو. اسان اديبن ۽ ليکڪن کي ڪجهه نه ڏئي سگهيا آهيون. ۽ وڌيڪ چيو ته شاندار زندگي گذاريندڙ اديبن کي زندگيءَ ۾ مڃتا ملڻ گهرجي. حميد سنڌيءَ کي به گهربل موٽ نه ملي. نامياري اديب تاج جويي چيو ته حميد سنڌي تهذيبي قدرن جو محافظ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي هر ڪهاڻي سنڌ جي ڪهاڻي آهي. هن ڪڏهن به جبر جي حمايت نه ڪئي، هُو ملنسار، مهمان نواز ننڍن سان پيار ڪندڙ ۽ وڏن جو احترام ڪندڙ هو. ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشيءَ چيو حميد سنڌيءَ روح رهاڻ رسالي ۾ مزاحمتي ادب ڏنو ۽ وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتو هن جا چونڊ ايڊيٽوريل ڇپرائي. نامياري ليکڪا ۽ ناول نگار ماهتاب محبوب چيو ته حميد سنڌي نياز نِوڙت واري مزاج سان هر ڪنهن کي متاثر ڪيو. هُو وڏن عهدن تي رهيو، پر عاجزي نه ڇڏي. نامياري شاعر ۽ ليکڪ نصير مرزا چيو ته حميد سنڌي اندران ۽ ٻاهران هڪجهڙو محبوب صفت انسان هو، هن جي ڪنهن به اداري خدمت نه ڪئي، هن سمورن جي خدمت ڪئي.

نامياري ليکڪ زيب سنڌيءَ چيو ته حميد سنڌي گهڻ رخي شخصيت هو، هُو قداور ۽ حسين ڪهاڻيڪار هو. نامياري شاعره ۽ پبلشر نذير ناز چيو ته حميد سنڌيءَ جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هن جا منهنجي مٿان وڏا احسان آهن. ۽ وڌيڪ چيو ته مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته حميد سنڌيءَ جي چوڻ تي ٿوري عرصي ۾ سندس حياتيءَ ۾ ڪتاب ڇپرائي شايع ڪرايو. نامياري ليکڪا ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو چيو ته حميد سنڌي بااخلاق، باڪردار ۽ ٻين گهڻن ئي خوبين جو مالڪ هو. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ نامياري اديب اڪبر لغاريءَ چيو ته حميد سنڌيءَ جي چونڊ ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپرائي رهيا آهيون. آرڪائيوز کاتو ثقافت کاتي جو حصو هجڻ ڪري حميد سنڌيءَ جي رسالن کي محفوظ ڪيو ويندو ۽ چونڊ رسالن کي ڇپرايو ويندو. حميد سنڌيءَ جي پٽ ارشد حميد، مصطفيٰ سولنگي، واحد ڪانڌڙي، محسن جويي، روشن سندر چانڊيو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊي حميد سنڌيءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ناميارن شاعرن آسي زميني ۽ سليم چنا حميد سنڌيءَ کي شاعريءَ ذريعي زبردست خراج پيش ڪيو. هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ سنڌ جي سمورن اديبن حيدرآباد جي ڪمشنر کان گهُر ڪئي ته قاسم آباد جي واڌو واهه روڊ جو نالو حميد سنڌيءَ جي نالي منسوب ڪيو وڃي. ۽ سنڌ حڪومت کان پڻ گهُر ڪئي ته نوشهروفيروز ڊگري ڪاليج حميد سنڌيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ سنڌالاجيءَ ۾ ڪارنر پڻ قائم ڪيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org