سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ – لوچ

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي اڻٿڪ ڪوششن سان ۽ محترم چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي دلچسپيءَ ۽ رهنمائيءَ سبب ’مهراڻ‘ پڙهندڙن تائين پهچائڻ ممڪن ٿيو آهي، جڏهن ته اڃان به اها ڪوشش رهندي ته ايندڙ شمارا هر ٽه ماهيءَ جي شروعاتي مهيني ۾ پڙهندڙن کي پهچائي سگهجي. ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي وقت تي اشاعت لاءِ لکندڙن جي به مهرباني آهي، جن جو تعاون ساراهڻ جوڳو آهي. ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي معيار کي نظر ۾ رکندي ايڊيٽوريل بورڊ جي مانوارن ميمبرن مليل مواد جي سهڻي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ توڙي رسالي جي سٽاءَ ۾ انهن جي ڀرپور رهنمائي قابل تعريف آهي. وقت تي اشاعت کي يقيني بنائڻ لاءِ مانوارن اسڪالرن، لکندڙن کي پڻ اپيل آهي ته اهي نون موضوعن ۽ نڪور لکڻين کي ’مهراڻ‘ لاءِ وقت تي موڪلي ڏين ته جيئن اهي مناسب جاءِ تي سٽاءَ ۾ آڻي سگهجن.

l ’مهراڻ‘ جي هن شماري ۾ هلندڙ سلسلن کان علاوه ’لافاني ڪلام‘ ۽ ’لوڪ ادب‘ کي مناسب جاءِ تي شايع ڪيو ويو آهي ته جيئن هنن سلسلن سان نه صرف اسان جا پڙهندڙ پنهنجي اڳين صاحبِ فن ۽ استاد شاعرن جي ڪلام کان نئين سِر آگاهه ٿي رهنمائي ڪندا، پر لوڪ ادب جي ڀاڱي جون شاعري واريون صنفون پڻ پڙهي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ٿيندا ته اسان جي لوڪ شاعرن وٽ پڻ شاعريءَ جو ڪيڏو مواد موجود آهي.

l ٽماهي ’مهراڻ‘ جي اشاعت کي وقت تي يقيني بڻائڻ لاءِ ’پڙهندڙن جون صلاحون‘ (پڙهندڙن جي راءِ) جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ مانوارن پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي شايع ٿيندڙ لکڻين تي راءِ سان گڏ رسالي کي بهتر نموني پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحون، رايا ۽ تجويزون تفصيل سان ڏياري موڪلين، جن کي وڏي اهميت سان نه رڳو شايع ڪيو ويندو، پر انهن تجويزن تي عمل پڻ ڪيو ويندو. اميد آهي ته مانوارا پڙهندڙ هن شروع ڪيل سلسلي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندا.

آديسي اُٿي ويا (آه! حميد سنڌي)

نئين سال جي شروعات ۾ سنڌي ادب کي وڏو ڌچڪو تڏهن رسيو، جڏهن 3- جنوري تي محترم حميد سنڌي صاحب اسان کان جدا ٿي ويو. اِنالله واِنا اليہ راجعون.

محترم عبدالحميد ولد سيٺ محمد اسمٰعيل ميمڻ صاحب 12- آڪٽوبر 1939ع تي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم نوشهري ۾ حاصل ڪرڻ بعد زرعي اقتصاديات ۾ ايم.اي، ايل.ايل.بي ۽ بعد ۾ هائر ايجوڪيشنل ڪميشن ائڊمنسٽريشن جو ڪورس مانچسٽر يونيورسٽي- برطانيه مان حاصل ڪيائين.

پاڻ تمام گهڻن سرڪاري عهدن سان گڏ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين، زرعي يونيورسٽي ڄام شورو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر پڻ رهيو.

1958ع کان سنڌي ادب سان واڳجڻ بعد حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين ’ادب‘ جي مطالعي ۽ محفلن سجائڻ کان پري نه رهيو.

پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، رائٽرس گلڊ، نيشنل بوڪ فائونڊيشن کان ويندي تمغهء امتياز تائين تمام گهڻن تمغن ۽ ايوارڊن جا جهول ڀريائين.

ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ سنڌي ادب جي مورچي تان سگهارو ڪردار ادا ڪيائين. نه صرف ليکڪ طور، پر ٻين به ڪيترن ئي نون خواه پراڻن لکندڙن کي همٿائڻ طور به اهم ڪردار ادا ڪيائين. مزاحمتي ادب جي پليٽ فارم طور ’روح رهاڻ‘ رسالي کي جاري ڪيائين. روح رهاڻ سان گڏ جشنِ روح رهاڻ جون نشستون به يادگار رهيون. حياتيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ خاموش ٿي نه ويٺو ۽ بزمِ روح رهاڻ جي نالي سان بزم سجايائين جيڪا اڃان تائين قائم آهي.

پاڻ مترجم ۽ ڊراما نگار کان علاوه بحيثيت سنڌي ڪهاڻيڪار جي وڏي حيثيت رکندا هئا. پنهنجي دؤر جي صفِ اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ سندن نالو شامل ٿئي ٿو. حميد سنڌي صاحب نهايت مصروف انتظامي زندگي گذاريندي به هميشه ادب ۾ وڌيڪ مصروف محسوس ٿيندا هئا. سنڌي ادب کي 11 قيمتي ڪتاب ڏنائون، جن ۾ ’سيمي‘، ’اُداس واديون‘، ’ويريون‘، ’راڻا جي رجپوت‘ ۽ ’سو مون سڀ ڄمار‘ خاص آهن.

حميد سنڌي صاحب سنڌ ثقافت کاتي طرفان هر سال ملهائجندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ڪانفرنس تي تحقيق جي روايت کي برقرار رکندي 11 سال تسلسل سان مختلف ليکڪن کان تحقيقي مقالا لکائي، پڙهائي ۽ ترتيب ڏيئي سُر وار ڪتاب شايع ڪرايا. انهن سُرن ۾ گهاتو، ليلان چنيسر، ڪاموڏ، ڪاپائتي، سارنگ ۽ ٻيا سُر شامل آهن.

محترم حميد سنڌي صاحب تمام بهترين مقرر پڻ هئو. سندس زبان ۾ مٺاس الفاظن ۾ ڪشش هئي. علم جو ڀنڊار هئو ۽ ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ کيس خصوصي تياري جي ضرورت نه پوندي هئي.

محترم حميد سنڌي نهايت نرم، باوقار ۽ باعزت شخصيت جو مالڪ هئو. صبر، خوش اخلاقي ۽ درگذر ڪرڻ سندس اعليٰ ڪردار ۾ شامل هئا. سخي، مهمان نواز، يارن جو يار ۽ مددگار هئو. دوستي جا قدر ۽ ماڻ ڄاڻندو هئو. گفتگو جي جادوءَ سان پراوا به پنهنجا ڪري سگهندو هئو.

سنڌي ادبي بورڊ سندس شاندار اينٿالوجي شايع ڪرائي آهي، جنهن کي محترم نصير مرزا صاحب ترتيب ڏنو آهي. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان محترم محمد عثمان منگي صاحب کين سندن سالگرهه تي ڪيترائي دفعا علمي، ادبي ۽ تعليمي پڳ جا وَرَ ڏنا.

ايندڙ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي پرچي ۾ اسان سندن سوانح ۽ علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن تي، تفصيلي مضمون شامل ڪيو آهي.

سڄي ڄمار سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪندڙ هن تمام اهم شخصيت جو سنڌي ادب ۾ خال نه ڀرجڻ جهڙو آهي ۽ ادبي تاريخ ۾ کين هميشه سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويندو.

ادارو ’مهراڻ‘ سندن پوري خاندان سان هن گهري ڏک جي گهڙين ۾ شريڪ آهي، ڌڻي در دعا آهي ته مالڪ حقيقي کين دنياوي لغزشون معاف فرمائي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

ستار پيرزادو:

تازو سنڌي ادب جو هڪ خاموش طبع، محنتي ۽ مانائتو ليکڪ ستار پيرزادو به اسان کان وڇڙي ويو. اِنالله واِنا اليہ راجعون.

ستار، سنڌي ادب کي ڪتاب به ڏنا ته بحيثيت هڪ ادبي ڪارڪن جي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون، وفات کان ڪجهه وقت اڳ هُو شاهه لطيف چيئر ڪراچي کي پنهنجي زندگي جا آخري پل ارپيندو رهيو.

سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آهي. اسين اداري طرفان الله پاڪ کان سندس بخشش لاءِ دعاڳو آهيون ۽ سندن خاندان کي هِن صدمي تي الله پاڪ صبر جي توفيق ڏي.

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي ايندڙ پرچي ۾ اسين سندن شخصيت متعلق هڪ جامع مضمون شامل ڪري رهيا آهيون.

l 8 مارچ هر سال عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ هن ڏينهن تي عورتن جي ترقي، بهتري، ڀلائي ۽ سجاڳيءَ جي حوالي سان سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مذاڪرا منعقد ڪري عورتن جي سماج ۾ اهميت ۽ ڪردار کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ان ڳالهه کان ڪو انڪار نه آهي ته ڪنهن به معاشري ۾ مرد ۽ عورت لازم ملزوم آهن. عورت جي شرڪت کانسواءِ معاشري جي ترقي ناممڪن آهي ۽ اهڙو اظهار نه صرف عورتون پر مرد به ڪندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت کي پنهنجي اهميت ان مليل مڃتا کي برقرار رکڻ لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي ثابت قدم رهڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح مردن کي به عورت ڏانهن پنهنجي روين ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. خاص طور ورڪنگ وومين توڙي گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ سرڪاري سطح تي تمام ڪارائتا قدم کنيا ويا آهن ۽ انهن قدمن کي تڏهن تقويت ملندي، جڏهن اسان جي معاشري ۾ هر سطح تي مرد جو تعاون ۽ سهڪار شامل هوندو.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر ’مهراڻ‘

پير محمد اشرف شاهه ڪامارو

 

گهوريو آئون هي سر گهوريان، يار سڄڻ سائين توتان،

ڳالهيون ڳجهيون جڳهه اندر جون، آءٌ پرينم توسين اوريان.

لنؤن ٻاروچا لائي جا ويڙيون، چت اندر ويٺي چوريان.

نال نماڻي نينهڙو ناتو، توڙ پنهل توسين ٽوريان،

ٻڌيو سورن سندرو ڀلو ميان، ڏکي ڏونگر ڀڻي ڏوريان.

”اشرف“ چوي اڄ الله لڳه، سڄڻ تولئه گس سوريان.

 

(ڪتاب: رسالو پير محمد اشرف شاهه

ترتيب ڏيندڙ: مولوي محمد يامين شورو تان کنيل)

قادر بخش ’بيدل‘

(جنم: 1814ع- وفات: 15- جنوري 1873ع)

 

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا، وڃي اوکيءَ منجهه اَڙيا،

زهري زلف زورآور جا، توکي دهرا دام پيا.

 

ڇو ٿو پنهنجا پر پَٽين؟ توکي پختا پيچ پيا،

ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏيندين، ڄار به نه ڇٽڻ جا.

 

وارن جي وراڪن ۾، ڪيئن ڪامل قيد ٿيا،

هٿ ڪاڪ ڪڪوريا ڪيترا، هت ڪيئي ڍينگ ڍريا.

 

”بيدل“ ڏنگ جهلياسين، ڏاڍا آهن اَوکَيرا،

هيبتي حيوان، الله، ڙي! اڃا ڪين مڙِيا.

(سنڌي شاعريءَ جو سفر، تحقيق ۽ چونڊ: ذوالفقار سيال)

 


فقير صديق محمّد صادق سومرو

(جنم: 1756- وفات: 1848)

اڀرندي کان اُڀريو، ڪري گيڙو گل،

هادي هدايت جو، سندس ڪونهي ملهه،

”صادق“ ڳالهه م سل، فضل شاهه فقير جي.

نم نوراني پِير جا، نمن وسي نُور،

قلندر شاهه ڪرم سان، ڀريو ڏئي ڀرپور،

منجهان نور ظهور، وڻ به وڃن واسيا.

وڙهيا واڳيا واپريا، سي صوفي شير،

واڳڻ وڌي آئيا، مانجهي مل مٿير،

پڙ ۾ کوڙي پير، سر ڏنائون صدقا.

وڙهيا واڳيا واپريا، جهيڙي جهوڪ ڌڻي،

امر ساڻ الله جي، اونچي ڪيائون اڻي،

رضا جا رحمان جي، سا واحد کي وڻي،

کاهوڙي کڻي، ويا گذاري ڏينهڙا.

 (ٽماهي ’مهراڻ‘ 1-2/1965ع)

منٺار فقير راڄڙ

(جنم: 1865ع - وفات: 1935ع)

ڪلام

لاهي ويهه ۾ لَڏ، لاهه مَ لَڏ- هل ته پهچين هوت کي.

1. ڪم نه اينديئي ڪيچ ري- ڪا ٻي اڏاوت اڏ.

2. ڀنڀا هن ڀنڀور جا- نيئي رسائيندئي کڏ.

3. ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو- بيٺو ڪريئي سڏ.

4. هل ته ڪيچ قبول ٿئين- هت رُلاءِ مَ هڏ.

5. متان منجهين ’منٺار‘ تون- ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ.

(’دُرناياب يادِرفتگان‘ مان ورتل)

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

(جنم: 6- آڪٽوبر 1919ع- وفات: 11- جنوري 1993ع)

جاڳڻ سان رک جار- مسافر، جانبُ لھندين جاڳي جاڳي.

1. سمھڻ منجھان متان سور پرائين، وحدت جو ويساه وڃائين

منزل اڳتي آھي اڃائين، متان رسي منٺار- مسافر

سنجھي رکجان يار سجاڳي!

2. ويل رھڻ جي ڪانه ڪا آھي، سالڪ! ٻڌ تون سندرو ساھي

لوڪ سندا لاڳاپا لاھي، ورھ جو ڪر واپار- مسافر

صورت پسندين سھڻي ساڳي.

3. واٽھڙو تون واٽ نه ڇڏجان،  گوندر سان دل پنھنجي گڏجان

اجھو وڃي اوڏانھين اڏجان،  سھڻو جت سردار- مسافر

نيئي نه نھوڙي ننڊ نڀاڳي.

4. مرد ٿي محڪم طالب مولا،  سر تي سھجان ڏک ۽ ڏولا

ٿيندا ڏور جھڪون ۽ جھولا،  مولا مددگار – مسافر

وحدت سان جن دلڙي واڳي

(ڪتاب: ’ڇَپَر ۾ ڇَڙيون‘ تان ورتل)

*

فيض بخشاپوري

(جنم: 1922ع- وفات: 14- مئي 1992ع )

غزل

خانهء دل ۾ لامڪان آهي،

عرش تي منهنجو آشيان آهي.

مفلسي، وجـﮧ بيڪسي يا رب!

ڪوئي مهمان نه ميزبان آهي.

هاءِ! بي مهري ۽ هوس- پيشه،

بوالهوس تي هو مهربان آهي.

عشق ڪافر ۾ جان بلب آهيان،

يعني دوزخ ۾ مسلمان آهي.

رازِ دل گر ڏيان ڏيان ڪنهن کي،

ڪوئي همدم نه رازدان آهي.

ڪير توکان ڪري ٿو سر پيارو،

امتحان تي ڇو امتحان آهي.

بي ڪفن لاش ”فيض“ جو هائي!

ڪوئي ڪانڌي نه نوحه خوان آهي.

(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان کنيل)

حسن بخش شاهه ڊُٺڙائي

(جنم: 1262هجري- وفات: 7 جمادي الاول 1318هجري)

ڪافي

وٺي ويا واٽ وحدت جي، جَلالي جُنگ جوڳِيَڙا.

ڪاهي آيا مٿي ڪثرت، وٺي وادي، سندي وحدت،

ڏِٺائون حق جي قدرت، ڇڏي ٿيا ٺاهه، ٺوڳِيَڙا.

نَچايا نينهن ناسوتي، ڪيائون سَير ملڪوتي،

ڏِٺائون ڏيهه جبروتي، رڱيا رَس رنگ روڳِيَڙا.

هئا جي صاحب، عظمت، هلايا حڪم باحشمت،

هلي تن جي نه اُت حُجّت، ڪيا ڪئين عشق اوڳيڙا.

’حسن بخش‘ حال سي ڄاڻن،”موتو اقبل اَل“ مَري ماڻن،

اَلستِي واري اُهڃاڻن، ڀَڃن ڀَو ڀول ڀوڳيڙا.

(ڪتاب: ڪلام حسن بخش، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ 1957ع تان کنيل)

*

رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘

(جنم: 18- اپريل 1922ع- وفات: 20- سيپٽمبر 1970ع)

غزل

طريقا اسان جا ازل کان ئي بگڙيل،

ڪندو ڪير هاڻي سڌارا اسان جا.

زمانو اسان کي سڃاڻي نه سگهندو،

پسڻ کان پري سڀ پسارا اسان جا.

بنايون ٿا جڳ ۾ ملامت جون ماڙيون،

اڏيا عرش تي دل منارا اسان جا.

رئڻ ۽ پِٽڻ ڪنهن نه سمجهو اسان جو،

ٿيا حال توڙي هچارا اسان جا.

جڏهن مهر وارن کڻي منهن مٽايو،

ويا ختم ٿي سڀ سهارا اسان جا.

جي توکان وياسين ته ڄڻ زندگي وئي،

ڪٿي ڪين ٿيندا گذارا اسان جا.

اسين ڪين هونداسين پيار جي آڏو،

تڏهن گيت لڳندا، هي پيارا اسان جا.

’رشيد‘ آهه هاڻي، ٻڌل پنهنجو ٻيڙو،

لڙهي ويا ڪُنن ۾، ڪنارا اسان جا.

(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان کنيل)

تاج محمد ’تاج‘ هاليپوٽو

        (شادي پلي)

 

 

 

اهي چارئي ٿوڪ ڀلا (ٻول)

 

نينهن لاتا ڀَلا، سچا ناتا ڀَلا،

غم جا تا ڀَلا، پنهنجا کاتا ڀَلا،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

سڄڻ آيا ڀَلا، پيچ پايا ڀَلا،

ڳڻ ڳايا ڀَلا، کير ماهيا ڀَلا،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

مينهن وٺا ڀَلا، پرين ڏٺا ڀَلا،

ويري مُٺا ڀَلا، ميوا مِٺا ڀَلا،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

اگهه سستا ڀَلا، سڌا رستا ڀَلا،

فوجي دستا ڀَلا، جوڳي رمتا ڀَلا،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

پنهوارن جا پاڙا ڀَلا، وَڇُن سان واڙا ڀَلا،

لالڻ جا لاڙا ڀَلا، ڀرون سونهن جاڙا ڀَلا،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

لڇڻن واري مائي ڀَلي، حلال جي پائي ڀَلي،

سچ واري وائي ڀَلي، مارئي ڀَلين ڄائي ڀَلي،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.
 

گڏهه کان وڌ گهوڙو ڀَلو، اُٺ ته آهي پوڙهو ڀَلو،

جهار جي لئي ڳوڙهو ڀَلو، پوک کي آهي لوڙهو ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

پاڻي آهي موڪ ڀَلو، لولو وڻي سوڪ ڀَلو،

پئسو ڏجي روڪ ڀَلو، ٻالاپڻ جو ٻُوڪ ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

طالب ڳايو مورو ڀَلو، محبت جو آ گهورو ڀَلو،

ٿڪل مٿي ٿورو ڀَلو، گهڙو اٿئي ڪورو ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

زال کي آ ورَ ڀَلو، در وارو گهر ڀَلو،

مارن جو آ ٿر ڀَلو، ڪپڙي جو آ بَر ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

ڪوڙ کان آ ڪَوءُ ڀَلو، بُکيئي کي آ ڍُو ڀَلو،

ماربو آهي مُئو ڀَلو، پنهنجو پنجاه سو ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

ڄَٽَ کان آهي ڄاڻو ڀَلو، سمجهو سگهڙ سياڻو ڀَلو،

روح وارو راڻو ڀَلو، موتيءَ جو آ داڻو ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

 

اباڻو آ ويس ڀَلو، پنهنجو آهي ديس ڀَلو،

رهزن مٿي ڪيس ڀَلو، هني مٿان کيس ڀَلو،

اهي چارئي ٿوڪ ڀَلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀَلا.

خان مري- کاهي

هنر (1) کپري تعلقي جي ديهن جي نالي تي هنر:

 هالاري، ڪانگيڻي، ڪڪيجن چئجان،

پلنگهي ويندس ڪينڪي، تڳوسر جيسين.

هنر جي کول:

حال روئي، ڪانگاڙي، ڪاڪيجن چئجان،

پلنگين، ويهندس ڪينڪي، تڳيو سِر جيسين.

(2) ذاتين تي هنر:

عمراڻي، هَڪڙي، ڳالهه اها ڀنگوار ڏي،

مري جي وڃان، اباڻن لاشاري ڏي،

دل چئي هاليپوٽن ۾، وڃي ڳاهن کي ڏسيان.

هنر جي کول:

عمر هاڻي هڪڙي ڳالهه، اها ڀُنگ تي واري ڏي،

مري جي وڃان، اباڻن لاش واري ڏي،

دل ٿي چوي حالي پوٺن ۾ وڃي گاهن کي ڏسان.

هن وقت تائين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جيتري قدر کوٽي ڪڍي وئي آهي. تنهن مان لڳي ٿو ته اها ٻن وڏن شهرن، هڙاپا ۽ موئن جو دڙو، ۽ الڳ الڳ پکيڙ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي وڏي تعداد تي مشتمل هئي. سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ علائقي اندر گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪوٽ آيل ماڳ آهن. آيا هڙاپا ۽ موئن جو دڙو، سمير ۽ اڪاد (Akkad) جي شهري رياستن وانگر، ٻن الڳ الڳ رياستن جون گاديون هئا، يا آيا اهي هڪ ئي سلطنت جا ٻه وڏا شهر هئا سو معلوم ته آهي پر ٿي سگهي ٿو ته  سنڌو جي هيٺين علائقي ۾ ته شهري رياستون هجن ۽ هڙاپا ۽ موئن جو دڙو ان جا ٻه مکيه شهر هجن. هيل تائين سٺ کان وڌيڪ ماڳن ۾ هڙاپا ۽ موئن جي دڙي واري تمدن جا عنصر مليا آهن. اهي ماڳ شملا ٽڪرين لڳ روپڙ ۽ بلوچستان جي ’سڪتاجن ڊوڙ‘ جي وچ ۾ آهن. سڪتاجن ڊوڙ عربي سمنڊ جي ڪپر وٽ ڪراچي کان 300 ميل اولهه طرف آهي

ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي

ڪتاب ”سنڌ گزيٽيئر“

ص 116 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org