مدد علي سنڌي
.
ڪجهه ڏينهن اڳ، حيدرآباد وڃڻ ٿيو، ڪئنٽومينٽ جي
علائقي مان لنگهندي، روڊ جي پَرئين ڀر هڪ ڊهندڙ
جاءِ تي وڃي نظر پئي. اُها، هوٽل فاران جي عمارت
هئي، جيڪا ڊاهي پَٽ ڪئي هئائون، ڪا گهڙي، پنڊپهڻ
ٿي، ڊٺل عمارت جي ڍير وٽ پيل سِرن کي ڏسڻ لڳس. پٽ
تي پيل سِرون خبر ناهي ته ڪيترين يادگيرين جا ڏس ۽
پَتا ٻڌائي رهيون هيون. ياد آيو، ته هِن ئي هوٽل ۾
اسان جو دوست، مشهور شاعر عبدالڪريم پلي اچي
ترسندو هو. پلي صاحب جڏهن حيدرآباد ايندو هو، ته
پوءِ حيدرآباد جا ڪيترائي اديب اچي وٽس گڏ ٿيندا
هئا- عبدالقادر جوڻيجو، مُراد علي مرزا، پروانو
ڀٽي، ظفر حسن، نبي بخش کوسو، يوسف پنهور، امداد
حسيني، طارق اشرف، حميد سنڌي، شوڪت حسين شورو،
مشتاق شورو، ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا نالا ٻڌايان. پوءِ
ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جو دير دير تائين ٿينديون
هُيون ڪچهريون. فڪر انگيز، علم ۽ ادب جون ڳالهيون،
۽ اڄ اهڙي ئي ماڻهوءَ کي پيا ساريون، جيڪو ڪڏهن به
وسرڻو ناهي، جنهن کي ياد ڪندي سندس ئي هڪ غزل جي
سِٽ دل تي آئي آهي تري:
ڪيا سانگ سانوڻ، وري ڙي وري ڙي،
چِڪيا چاڪَ دل ٿي، چَري ڙي چَري ڙي.
پيون ياد گذريل گهڙيون پيار ڀريون،
اکين آب آيو، تري ڙي تري ڙي.
دوستو!
عمرڪوٽ جي ڌرتيءَ تي مغل بادشاهه اڪبر ڄائو، جيڪو
اسان نه ڏٺو، پر عمرڪوٽ جي علائقي ۾ خانصاحب عطا
محمد پليءَ جي گهر ۾ عبدالڪريم پلي، راڄ محمد پلي
۽ ولي محمد ’وفا‘ پليءَ جهڙا سڀاڳا پٽ ڄاوا، جيڪي
اسان ڏٺا، انهن مان عبدالڪريم پلي ته اڳتي هلي
سوين مسڪينن ماروئڙن ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي
دلين تي ويهي راڄ ڪيو. عبدالڪريم پليءَ کي لفظن جي
ڪهڙي ڀيٽا ڏجي؟ سخي دل، اصول پرست، سياستدان،
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ساهه ڏيندڙ، دلڪش
۽ دلنواز، سُخن ور، دل نشين، وفا پرور، غريب نواز،
درد وارو، سون جهڙو صاف ۽ سچو، ماکيءَ جهڙو مِٺو،
سنڌي تهذيب ۽ سنڌي روايتن جو علمبردار ڪلاسيڪل راڳ
وديا جو ڄاڻو ۽ قدردان مقصد سوين هُن جا داستان
رقم آهن. دلين تي، ڪنهن ڪنهن جو ويهي هِت ذڪر ڪجي،
جيڪر ڪجن ڳالهيون هُن جون، هُوند کُٽي وڃي هيءَ
رات، پر ڳالهيون هرگز ختم نه ٿينِ.
اڄ عمرڪوٽ ۾ عبدالڪريم پليءَ کي ياد ڪري، هنن
هوائن ۽ فضائن ۾ هن لاءِ ڪي اکر پيا ڳالهايون،
سندس ڳوٺ ۽ عمرڪوٽ جو شهر ۽ قلعو سامهون آهن، پر
اسان جو من بيقرار آهي، سندس هنن سِٽن وانگر:
رُوح اڄ بيقرار ڏسجي ٿو،
دل تي يادُن جو بار ڏسجي ٿو.
پيار ۾ ته هاربو آهي ’ڪريم‘،
شهر ڇو سوڳوار ڏسجي ٿو.
***
هُن جي ياد سچ پچ ته رابيل جي خوشبوءِ وانگر ٿي
سدائين ايندي رهي. يادگيريون انيڪ سُرهي سار ٿي
اڀرنديون آهن، ڪنهن ڪارونڀار تان ۽ جڏهن اُهي من
جي اڱڻ تي وسڻ لڳنديون، ته پوءِ اصل بس نه ڪنديون
آهن. ساروڻيون اڪثر سپنا سانجهي ٿي، من جي ويران
گلن ۾ ڀٽڪنديون آهن ته پنهنجا ياد ايندا آهن، اهي
پنهنجا هوندا ئي اهڙا آهن، جيڪي من جي ڪئنواس تان
ڪڏهن به نه ميسارجي سگهبا آهن. نه وري ڪوئي ڪڏهن
انهن کي وساري سگهندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن
جون يادگيريون، اونداهي رات ۾ ڪنهن فانوس وانگر
راهه ڏيکارينديون ۽ ٽِم ٽِم ٿي ٽمڪنديون رهنديون
آهن.
هِن سخي مرد قلندر جي حياتي الف ليليٰ جي ڪهاڻي ته
هرگز نه هئي، پر حقيقتن جو پڙلاءُ ضرور هئي، اهوئي
سبب آهي، جو هِن دور ۾ جڏهن ماڻهپو نظر نٿو اچي،
تڏهن ڏيئو کڻي ڳوليون ته به ڳولي نه سگهنداسين،
اهڙي شخص کي قومن جو ڪيريڪٽر ۽ مزاج، ماڻهن ۽
ماڻهپي مان سڃاتو ويندو آهي، پر ماڻهو ئي نه
هوندا، ته قوم ڪيئن ٺهي سگهندي. جڏهن اڄ ڪنهن سان
هن شخص جي دريا دلي ۽ سخاوتن جي ڳالهه ٿا ڪريون ته
اڳلو سوال ٿو ڪري، ته ڇا واقعي اهڙو ماڻهو به هو.
ڪٿي بخت پنهنجو ’ڪريم‘ آهي اهڙو،
جو حاتم جون پهچن سخائون اسان وٽ.
هُن جي سُوءِ منزل اٽل هئي، وٽس ڪا خود فريبي ته
نه، پر ڪائي مڻيا ضرور موجود هئي جو هرڪو اچي مٿس
گهور گهور پيو ٿيندو هو، آخر هُو ڇا هو، لطيف
سائين جو هيءُ بيت ڪيڏو نه مٿس ٿو ٺهڪي اچي:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تني جي چوٽي پُورب ٿيندي پڌري.
واقعي هاڻ نه اهڙا ماڻهو ڏسي سگهبا، نه وري مائرون
عبدالڪريم پليءَ جهڙا پُٽ ڄڻي سگهنديون. مٿي ذڪر
ڪيل ڪا ته ڪا مڻيا ۽ ڳُجهڙي ڳالهه ضرور هئي هُن ۾
هر ماڻهو پيو، هن تي ساهه ڏيندو هو. مختلف مڪتبئه
فڪر سان تعلق رکندڙ وٽس اچي ڪڏهن پاڻ کي هرگز
اوپرا نه محسوس ڪندا، ڇاڪاڻ ته ميزبان هر ڪنهن کي
هڪ جيترو قرب ڏيندي خوش پيو ٿيندو هو. ترقي پسند
اديب، جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ شخص، ماڊرن
ليکڪ علي بابا، مشتاق شورو، شمشيرالحيدري، مست
ملنگ، سُگهڙ، شاعر ۽ اديب مطلب ته هرڪو هن جو سڄڻ
۽ پاڻ وري هن جو ساٿ ڌڻي، سمورا هُن جي مُرڪندڙ
اوطاق جا سلامي ۽ وڏي اهم ڳالهه ته خود عبدالڪريم
پلي پاڻ وڃي هنن جي در جو سلامي ٿيندو، هڪ ئي وقت
محمد ابراهيم جويي، مولانا غلام محمد گرامي، جوش
مليح آبادي، محمد عثمان ڏيپلائي، حميد سنڌي، علي
بابا، عبدالقادر جوڻيجي، شمشيرالحيدري، شوڪت حسين
شوري، مراد علي مرزا، پرواني ڀٽي سان دوستي ته ٻئي
پاسي، سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘، رشيد احمد
لاشاري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، معمور
يوسفاڻي، محمد خان ’غني‘ ۽ يار محمد چڱاڻي به هُن
جي حلقهء احباب ۾ شامل. اهو هو هُن مَرد قلندر جي
فڪري آزاديءَ جو مثال.
هن جون ساروڻيون انيڪ آهن، پر هڪ ساروڻي ڪر کڻي
پئي ذهن جي اڱڻ تي تري اچي:
سال 1982ع جنوريءَ جي هڪ رات جو پويون پهر مٿي
حيدرآباد جي آڪاس تي سوين ستارا، سردي وگهي ڪنهن
اونهي ٻُڏتر ۾ ڄڻ کوئجي ويا هئا. ’سنڌي ناٽڪ‘ جي
سؤ ساله تقريبن جو غالباً پهريون ڏينهن هو. ماڻهو
آهستي آهستي زبيده گرلز ڪاليج جي هال مان ٻاهر
نڪري رهيا هئا. اُتر کان سيءَ سِرون ڪري پئي ولهه
ٿي وسيو. اسين آهستي آهستي ننڍيون وِکون کڻندا پئي
آياسين. اُن رات پلي صاحب کي ميرزا قليچ بيگ جو هڪ
صدي اڳ لکيل ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ ڏاڍو وڻيو هو.
اوچتو تيز واءُ جو ڪوئي جهوٽو اسان سان ٽڪرائجي
هليو، ڀر مان ڪائي ڀنل خوشبوءِ ڪنهن پرفيوم جي
آئي، ۽ واءُ ۾ گم ٿي ويئي، اسان ٻاهر نڪرڻ جي
بدران سامهون بيهي رهيا هئاسين. پريان کان ڪلهوڙا
خاندان جي ميان عطر خان ۽ ڪنهن ٻئي گمنام ڪلهوڙي
جي کليل آسمان هيٺان سفيد قبرون پريان کان ٻرندڙ
جهيڻي بلب جي جهڪي روشنائيءَ ۾ نظر پئي آيون.
مشهور فارسي شاعر عبدالقادر بيدل جي هن شعر وانگر
هر ماڻهوءَ جو حال هوندو هو، جيڪو هن جي محفل مان
نڪرندو هو:
بوئے
گل نالہ دِل دردِ چراغِ محفل،
جو تیری
بَزم سے
نِکلا، وہ پریشان
نکلا۔
دوستو!
هيءَ دنيا نفيس ڪنهن ڪوزه گر ئي جوڙي آهي، ۽ انسان
ڪنهن عاشق زار وانگر ٿو رهجي وڃي. عمرڪوٽ قلعي جي
ٺُلهه تي بيهي، هڪ ڀيرو مون عبدالڪريم پلي صاحب جي
ڳوٺ ڏانهن نهار ڪئي هئي، اُن مهل شام جي ميرانجهڙي
۾ ’روزِ اَبر شبِ ماهتاب‘ وانگر دُور کان واريءَ
جي دڙن پاسي هُن جو ڳوٺ خيالن ۾ اُڀريو هو. گردشِ
ايام وانگر ماضيءَ جو هڪ هڪ منظر لڪيل هوندو آهي،
اسان جي نيڻن جي نهار ۾، ۽ اُن نهار ۾ ساروڻين جا
سوين پَل ۽ رخشِ عُمر، جنهن جون نه واڳون هٿ ۾
آهن، نه وري ماڻهو جا پير ڪنهن رڪاب ۾ ڦاٿل، جو
عُمر جي ڊوڙندڙ گهوڙي کي ڪٿي بيهاري ساهه پٽي،
ڪجهه دير لاءِ کڻي ڪنهن کي ياد ڪريون! ۽ بس رهجي
ٿا وڃون سڀ ڪجهه وساري... پوءِ تپش آميز زندگيءَ ۾
ڪيترائي ساروڻين جا جُهڙ نيڻن جا ڳوڙها ٿي وسڻ ٿا
شروع ٿين.
حياتيءَ جي هن بيڪرانِ دشت ۾ پلي صاحب جي شاعري
چوڏهين جي چنڊ وانگر آهي، هُن جي ڏات جو ڏيئو سنڌي
ادب جي آسمان تي سدائين ٻرندڙ مشعل وانگر نه ڪي
گهٽائون، نه وري تيز طوفاني واريءَ جون هوائون
وسائي نه سگهنديون. هن جي ڏات جي امر جوتن کي
عمرڪوٽ جي اُڀ تي جڏهن به باک ڦٽندي ۽ ٿر جي
وارياسي ڀِٽ تي سورج شام جي شفق جي تلاءَ ۾ ٽٻيون
هڻي، ٻيهر اُڀرڻ جو وچن ڪندو، ته هن جي گيتن جي
گونجار پن پن پڙلاءُ ٿي، دوردور تائين ويندي
پکڙبي.
اڄ عمرڪوٽ ڏي ايندي، هن جي ياد سياري جي ڌڪ وانگر
سٽ ڏيئي اُڀري، ۽ پوءِ اها ياد ساڙيندي رهي ۽ پوءِ
دل چيو: ڪاش هُو هجي ها، ته هن سان ڪئين ڪجن ها
ويهي دل جون ڳالهيون. سندس ئي هن ڪافيءَ جي سِٽ
وانگر:
ساٿ ڇِني ۽ ٽوڙي سانگا، ويهي رهيا ٿي بنهه مهانگا،
ويڙهي وَهم وڏا ڪي ويانِ، هيڪر جي گڏجن ته چوانِ،
سُور اندر جا ساري ساري.
نصير مرزا
وتايو فقير سنڌ جو سدا بهار داناءُ درويش
]وتايو
فقير سيمينار- جمع 22- نومبر 2019ع لڳ قبو اسٽاپ
ٽنڊو الهيار[
لوڪ ڏاهپ جي خوش گفتار ڪردار ۽ داناءُ درويش وتايي
فقير بابت پهريون وڏو ۽ شاندار ادبي سيمينار 15-
مئي 1985ع تي، ان وقت جي اهلِ دل ۽ ادب دوست
اسسٽنٽ ڪمشنر
(SDM)
عبدالقادر منگي صاحب جي ڪوششن سان ٿيو هو. سنڌ ۾
اِهو پهريون ڀيرو هو جو هن خوش ڪردار ۽ لوڪ ڏاهپ
جي نشانبر ڪردار بابت شاندار جشن، فقير جي پنهنجي
اَبدي آرامگاهه واري شهر ٽنڊي الهيار ۾ ملهايو
ويو. ان بعد 2007ع ڌاري، نوجوان شاعر ۽ سماج سڌار
منٺار علي لاشاري ۽ سندس ڪجهه دوستن جي ساٿ سان پڻ
وتايي فقير جي مزار لڳ ميلو مچايو ويو هو ۽ ان
موقعي تي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جهڙي عظيم
شخصيت ان ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي هئي،
عبدالقادر منگي صاحب خاص مهمان هو ۽ مون اسٽيج
سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا هئا.
تازو 22- نومبر، جمع ڏينهن 2019ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر
جناب عبدالقادر منگيءَ جي نقشِ قدمن تي هلندي ضلع
ٽنڊي الهيار جي ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري صاحب
وتايي فقير تي شاندار ادبي سيمينار سڏايو. ياد رهي
ته جناب رشيد احمد زرداري خود اهلِ دل، ادب دوست ۽
سهڻي گفتگو ڪندڙ هستي آهي، جنهن کي هيءُ فخر به
حاصل آهي ته پاڻ سنڌ جي عظيم سازڪار گهڙي نواز ۽
وضعدار انسان بابا سائين مٺا خان زرداري جي
خانوادي سان تعلق رکن ٿا. رشيد احمد زرداري صاحب،
وتايي فقير جي هن عرس ۽ گڏ ادبي سيمينار کي يادگار
بنائڻ لاءِ 22- نومبر تي سڄي ضلعي ۾ عام موڪل جو
اعلان ڪيو ۽ گڏوگڏ هيءَ خوشخبري به انائونس ڪئي ته
هاڻ سال بسال اِهائي روايت رهندي ۽ ان ڏينهن تي نه
فقط قبي اسٽاپ لڳ وتايي فقير تي ميلا مچندا رهندا،
پر ضلع ۾ ان ڏينهن تي عام موڪل به رهندي. هن سال
رشيد احمد زرداري صاحب سان انتظامن ۾ جيڪي شريڪ
نظر آيا، اهي هئا: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جناب
عبدالحفيظ لغاري ۽ نوجوان اسسٽنٽ ڪمشنر جناب شبير
جان جسڪاڻي، ايس.پي رخسار کهاوڙ، جڏهن ته منتظم
اعليٰ طور ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جناب محمد عباس
بلوچ مٿن ڇپرڇانءَ مثل هئا.
ان ڏينهن قبي اسٽاپ لڳ، ٽنڊي الهيار ۾ هر طرف ڇا
ته رونق نظر آئي. خبر پئي ته هي شهر مير چؤياري جي
مکيه بادشاهه فاتحِ سنڌ مير فتح علي ٽالپر جي والد
گرامي مير الهيار خان ٽالپر آباد ڪيو هو، جنهن جو
آخري آرامگاهه چٽوڙي جي قبرستان اندر موجود آهي.
صبح جو، قبه اسٽاپ لڳ بزرگ شيخ لوهيئڙو جي مزار
مبارڪ جي احاطي ۾، وتايي فقير جي تربت تي، عرس جو
افتتاح گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي ڪيو ويو. ان
وقت چؤطرف ميلي جو سمان هو. درگاهه وتايي فقير جي
طالب فقراء مان، رامچند فقير ۽ سندس ساٿين سنگ جي
انداز ۾ ڳاتو پئي. ”ڀلي ڄائو ماءُ، وتايو فقير…“
دهلن دمامن جي گونج ۾ هر پاسي رونق پئي نظر آئي ۽
درگاهه جي دروازي وٽ جيڪي مانوارا ماڻهو حاضر نظر
آيا، انهن ۾، ڪمشنر حيدرآباد جناب محمد عباس بلوچ
سان گڏ ضلعي ٽنڊي الهيار جا بالا عملدار ۽ سنڌ
ثقافت کاتي پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي،
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هدايت الله راڄڙ، سيد مريد علي
شاهه سجاده نشين درگاهه مصري شاهه امام، سگهڙ خليل
کوسو، ادب دوست ۽ قلمڪار محمد حنيف لغاري، برڪت
خواجه، تاج جويو، منٺار علي لاشاري، ارمان گل اوڏ،
شادي خان کوسو، قائم سولنگي، عبدالواحد عاصي هڪڙو،
نصير نهڙيو ٻيا معززين ۽ وتايي فقير جا عقيدتمند.
تقريب جو افتتاحي اجلاس ٽنڊي الهيار شهر وچ ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي پارڪ ۾ رکيل هو. ان موقعي تي ضلعي
ٽنڊي الهيار جي ڀرپاسي وارن اسڪولن جي ٻارڙن وتايي
فقير جي ٽوٽڪن بابت ڏاڍا وڻندڙ ٽئبلوز پيش ڪيا ۽
گلن جهڙن ٻارڙن دلچسپ تقريرون به ڪيون، جن ۾
گورنمينٽ گرلز اسڪول رحيم آباد ڪالونيءَ جي شاگردن
۽ شاگردياڻين پاران پيش ٿيندڙ رقص ٽئبلوز کي بيحد
پسند ڪيو ويو، جنهن جي تياري اسڪول هيڊمسٽريس
محترمه نسرين ناز مڱڻهار ڪرائي هئي. معزز مهمانن ۽
ڏسندڙن هن اسڪول جي ٻارڙن جي همٿ افزائي لاءِ کين
نقد انعام سان پڻ نوازيو. ان موقعي تي ”عرس وتايو
فقير سوونيئر“
جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي. هن افتتاحي اجلاس جو اسٽيج
سيڪريٽري فقير محمد ڍول هو. ان موقعي تي شاهه لطيف
باغ جي لان ۾ ڪتابن، مصورن، کان سواءِ ٽنڊي الهيار
جي ثقافتي هنرن جا اسٽال به نمائش لاءِ موجود هئا.
جمع نماز جي ادائگي بعد، باغ جي سبزه زار تي وتايو
فقير ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل سان گڏ راڳ
رهاڻ جي محفل جو پڻ انتظام ٿيل هو، جنهن لاءِ ضلعي
انتظاميه کي سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير جناب
سيد سردار علي شاهه ۽
EFT
اداري جي سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند پاران
مالي سهڪار حاصل هو. صبح کان رات تائين، سٽي چئنل
389-HD
پاران يوٽيوب تي وتايي فقير ڪانفرنس کي سڄي دنيا
جا ماڻهو
Live
پڻ ڏسي رهيا هئا.
ادبي ڪانفرنس جي صدارت، جناب عبدالقار منگي جي حصي
۾ آئي، جڏهن ته تقريب جو خاص مهمان هو- وزير
ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جناب سيد سردار علي شاهه ۽
اعزازي مهمان هئا: سيد مريد علي شاهه سجاده نشين
درگاهه سيد مصري شاهه امام، تقريب جي آغاز ۾ روشني
پبليڪيشن ڪنڊياري پاران هالار نواز گهانگهري جي
پروڊيوس ڪيل آڊيو
CD
جو مهورت ڪرايو ويو، جنهن ۾ نصير مرزا جي آواز ۾،
وتايي فقير جا هڪ ڪلاڪ جيترا چونڊ ٽوٽڪا، ٻڌايل
هئا. ان
CD
جي تياريءَ ۾ هالار علي نواز کي شرجيل ٽالپر، ڪرن
جويي، روحل حسن درس ۽ طالب حسين مغل جو سهڪار حاصل
هو. دلچسپي رکندڙ يوٽيوب تي ان کي ٻڌڻ چاهن، ته
اُن جو ڏس پتو هي ٻڌايو ويو:
“w.w. Roshni Publication.com”
هيءَ آڊيو سيڊي جنهن جو افتتاح سيد سردار علي شاهه
هٿان ڪرايو ويو، ان کي سائونڊ ڪلائوڊ تي به ٻڌي
سگهجي ٿو.
وتايو فقير ادبي سيمينار جي موقعي تي منعقد ٿيل
مشاعري جي صدارت تاج جويي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان
هو- خليل کوسو ۽ جن شاعرن پنهنجي شعر پڙهي داد
ماڻيو، انهن جا نالا هئا- آغا ظفر، ذاڪر حسين کٽي،
آسي زميني، شريف نظاماڻي، عاشق سولنگي، سليمان
سمون، منٺار علي لاشاري، فرهاد جروار، روحل ڪالرو،
محمد علي ميرجت، سعيد مڱڻهار، جاويد جبار،
عبدالرحيم عبد ڪنڀر، مايا ساگر اوڏ، عنايت لغاري،
عاجز قنبراڻي، سجاد ميراڻي، سليم چنه، طالب ڀنڀرو،
انور ساگر ڪانڌڙو، ريحان ابڙو ۽ ٻيا. محفل ۾
ڪيترين ئي ناميارين، علمي، ادبي شخصيتن وچ ۾
نامياري قلمڪار ڊاڪٽر پرڌان سميت جناب غلام اڪبر
لغاري سيڪريٽري ڪلچر ۽ ٽنڊي الهيار جو اڳوڻو ڊپٽي
ڪمشنر جناب شفقت حسين عباسي خاص ڪراچي مان سيڙجي
اچي شريڪ ٿيا هئا. ان موقعي تي استاد لغاري ۽
منظور ڪالرو پڻ موجود هئا.
وتايو فقير ادبي ڪانفرنس جي ابتدا ۾ نوجوان راڳي ۽
موسيقار انور(انو) سولنگيءَ شاهه لطيف پارڪ ۾ شاهه
لطيف سائين جي وائي ڳائي وهه وا ڪرائي ڇڏي. ان
موقعي تي قائم سولنگي، عبدالواحد ’عاصي‘ هَڪڙي،
محمد مسڪين سمي ۽ ٻين وتايي فقير، ٽنڊي الهيار جي
قدامت ۽ اتي علائقي جي پسگردائيءَ ۾ موجود
اوليائن، بزرگن ۽ آثار قديمه جي باري ۾ ڌار ڌار
پنهنجا تحقيقي مقالا ۽ مضمون پڙهيا، جن کي ٻڌندڙن
دل جي حضور سان ٻڌو ۽ ساراهيو. نامياري قلمڪار ۽
محقق، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ چيو: وتايو فقير جنهن
صديءَ ۾ پيدا ٿيو، اُها صدي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي
اهميت جي حامل آهي، تڏهن سنڌ ۾ اوليائن ۽ بزرگن جو
دؤر اوج تي هو، انهن جي وچ ۾ وتايو فقير داناءُ
درويش جي صورت نمودار ٿيو ۽ اهڙا يادگار، عقل ڀريا
نُڪتا دنيا ۾ ڇڏي ويو، جنهن جو ڪو ٻيو نظير نظر ئي
نٿو اچي. ادبي ڪانفرنس ۾ نامياري سگهڙ خليل کوسي،
پنهنجا مشهور مزاحيه نظم پيش ڪري بيحد داد ماڻيو.
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر
اسحاق سميجي صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، وتايي
فقير ذهانت سان ۽ علامتي انداز ۾، پنهنجي سماج جي
اوڻاين کي ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾، ماڻهن تي ظاهر ڪري، هڪ
پاسي عوام کي کِلايو ته ٻئي پاسي ان مان سبق پرائڻ
جو به درس ڏنو. انهيءَ موقعي تي عبدالقادر منگي
صاحب صدارتي خطاب ۾ چيو ته، وتايي فقير بابت جيڪا
چؤپچو مون شروع ڪئي، انهيءَ گهڻي حد تائين رنگ
لاتو ۽ ان بعد پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾، هر پاسي
وتايي فقير جي اهميت ۽ عظمت جي ڳالهه ٿيڻ شروع ٿي
ويئي. هن پنهنجي خطاب ۾ جناب رشيد احمد زرداريءَ
کي ڪامياب ڪانفرنس جون واڌايون ڏيندي، خواهش ظاهر
ڪئي ته ڪاش! اسان جي يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن
۽ مختلف شعبن جي سربراهن کي خيال ٿئي ته جيئن هو
نصاب ۾ وتايي فقير بابت سبق لکرائڻ سان گڏوگڏ مٿس
ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي جا مقالا لکرائڻ جو به بندوبست
ڪن. ادبي سيمينار جي مهمان خصوصي وزيرِ ثقافت،
سياحت ۽ نوادرات حڪومت سنڌ جناب سيد سردار علي
شاهه، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، هاڻي 22- نومبر کي
وتايي فقير جي ميلي لاءِ مخصوص ڪجي ٿو ۽ هر سال ان
ڏينهن تي نه فقط ضلعي ۾ عام موڪل هوندي، پر بهتر
کان بهتر انداز ۾ وتايي فقير جي عرس سان گڏ ادبي
ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رنگ جي محفلن سميت سنڌ جي
ثقافتي هنرن جي نمائش ۽ ٻارن جي وندر ورونهن لاءِ
به دلچسپ پروگرام پيش ڪبا رهبا. هن چيو ته وتايي
فقير جا گُفتا اسان لاءِ ڄڻ زندگي جي فڪر ۽ فلسفي
کي سمجهائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ائين هن سچ سمجهائڻ لاءِ
کل ڀوڳ جو سهارو ورتو ۽ هر سطح تي پاڻ کي داناءُ
درويش ۽ خوش ڪردار انسان طور مڃرايو.
تقريب ۾ نامياري شاعر سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي،
ميان ولي محمد ولهاري، امداد علي شاهه، عبدالقادر
منگي، مريد علي شاهه ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا
پڙهندڙ محققن، ۽ مشاعري ۾ حصو وٺندڙ شاعرن ضلعي
انتظاميه جي منتظمين ۽ ڪارڪن کي يادگار شيلڊن،
اجرڪن ۽ ٽوپين سان نوازيو ويو.
آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي، جنهن ۾ احمد مغل، برڪت
علي، ريشما پروين، امين زرداري، ارشاد يوسف،
ذوالفقار خاصخيلي، فقير رامچند ۽ ساٿين مزاحيه
فنڪارن مان اصغر کوسي، ولي محمد ولهاري، امداد علي
شاهه، سيد مريد علي شاهه سميت علي گل ملاح ۽ سهراب
سومري، کِل ڀوڳ جا بهترين اَئٽم پيش ڪيا، جڏهن ته
نوجوان صوفي راڳين- رضوان ۽ ڪامران چانڊيي صوفي
انداز جا اسم ڳائي، محفل کي جهومائي ڇڏيو. ان
موقعي تي منهنجي لاءِ به خوش نصيبي ته سال 2007ع
بعد هِن سال (2019ع) ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وتائي فقير
ڪانفرنس لاءِ اسٽيج سيڪريٽري جي ذميواري مون کي
سونپي ويئي هئي. |