ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي
گذريل ويهين صدي عيسوي، حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ تي تحقيق جي صدي هئي، هن تحقيق جي ضرورت
اُنهيءَ ڪري پيش آئي جو ڇاپي خواهه قلمي رسالن ۾
بيتن ۽ واين جي تعداد ۽ صورتخطيءَ جي اختلافن سبب
معنيٰ ۽ مفهوم جا وڏا مسئلا ۽ بحث ڇڙي پيا. ساڳئي
وقت ڀٽ ڌڻيءَ جي سوانح ۾ به ڪيئي هٿ ٺوڪيون
روايتون جاءِ والاري ويون. شاهه صاحب جي جاءِ
پيدائش، سندس ناناڻا ۽ تعليم متعلق ڪيئي اهم
ڳالهيون سامهون آيون، غير معياري ۽ مبهم ڳالهين تي
تحقيق ڪري انهن جا رد پيش ڪرڻ ضروري ٿي پيا. اُن
سان گڏ اِهو به ضروري ٿي پيو ته شاهه جي رسالي مان
ڌاريو ڪلام ڌار ڪري، سندس ڪلام جو صحيح متن تيار
ڪجي، ڪلام جي صحيح صورتخطي بيهارجي ۽ انهيءَ مستند
متن جي لغت تيار ڪجي. ان بعد هن سڄي ڪلام جي
سمجهاڻي ۽ مفهوم لکي تيار ڪري ڇپرائجي.
هن سلسلي ۾ جن لطيفي عالمن اڳ ۾ پنهنجي پر ۾ ڪم
ڪيو هو، اُنهيءَ کي سامهون رکي سائين ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جامع ڪم شروع ڪيو. بلوچ صاحب هيءُ ڪم
ٽيهن سالن جي جدوجهد بعد مڪمل ڪيو. ڪيتروئي ڪلام
جيڪو ٻين بزرگ شاعرن جو هو، ان کي علحده ڪري،
رسالي جو مستند متن تيار ڪيو ويو. هن ڪم جي شروع ۾
ڪجهه رسالا مختلف نسخن تان ڀيٽي تيار ڪري شايع
ڪرايا ويا. رسالي جا بنيادي ماخذ پڻ شايع ڪرايا
ويا. ان بعد بين الاقوامي ادبي سطح جا اَٺ معيار
مقرر ڪيا ويا ۽ ان مطابق بيتن کي پرکي ۽ پروڙي
رسالي جي ڪلام کي ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو ويو. هڪ
’شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام‘، ٻيو ’شاهه جو
رسالو- رسالي جو ڪلام‘. هيءُ تحقيقي ڪم بنيادي طور
ستن جُلدن تي مشتمل آهي. ان بعد ’شاهه جو رسالو-
شاهه جو ڪلام‘ کي اٺين ۽ نائين جلد جي شڪل ۾ علحده
شايع ڪيو ويو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ ’شاهه جو سڄو-
صحيح، سربستو ۽ مستند متن‘ آهي. ڏهين جلد ۾ ’شاهه
جو رسالو- رسالي جو ڪلام‘ شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾
اُن وقت تائين جي موجود سڀني قلمي ڇاپي رسالن جو
اهو ڪلام اچي ويو، جيڪو رسالن ۾ ته آيو آهي، پر
شاهه جو ڪلام نه آهي. اهڙي طرح رسالي ۾ آيل هيءُ
ڌاريو ڪلام جيڪو شاهه صاحب جو ته نه آهي، پر سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم ذخيرو آهي، ضايع ٿيڻ کان
بچي ويو.
هن اهم وڏي ۽ طويل تحقيقي ڪم سان گڏ شاهه صاحب جي
سوانح حيات تي به ساڳي معيار جي تحقيق ڪري جامع
سوانح پڻ ترتيب ڏني وئي. هن سوانحي تحقيق ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شجرو، سندن ناناڻا، ولادت جو
ماڳ، خاندان جو احوال، ننڍپڻ جا حالات، سندن
تعليم، مدرسا ۽ مُدرس، شادي، سير و سفر، لطيفي
راڳ، بزرگن جي درگاهن جي تعمير ۽ سنڀال، سندن
همعصر دوست، اولاد، سنڌ ۾ سندن تڪيا، ڀٽ شاهه تي
قيام ۽ فاقيرو نظام وغيره متعلق وڏي محنت ڪئي
ويئي. سوانح جي سلسلي ۾ عام طرح هلندڙ سطحي روايتن
کي مدلل طور رد ڪري، صحيح عالمانه ۽ محققانه سوانح
سامهون آندي ويئي. هن تحقيقي ڪم جي يارهين جلد طور
وري شاهه جي رسالي جي لغت کي علحده شايع ڪيو ويو.
هن جلد کي ’روشني‘ جو نالو ڏنو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لطيفي تحقيق جي سلسلي
جو هيءُ ڪارنامو مستند ڪلام، سوانح ۽ لغت جي حوالي
سان تمام وڏو ۽ عظيم ڪارنامو آهي. جيڪڏهن اسين
چئون ٿا ته اها
الله پاڪ جي سنڌ ۽ سنڌي زبان تي وڏي مهرباني آهي
جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو دنيا جو عظيم شاعر ۽
مفڪر سنڌ کي ڏنو ته انهيءَ بعد اهو به قدرت جي
مهربانين جو تسلسل چئجي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙو
عظيم ۽ بين الاقوامي سطح جو محقق سنڌ ۽ سنڌي زبان
کي عطا ٿيو، جنهن اسان کي لطيفيات جا گس- پنڌ ۽
پيچرا سونهايا. سندس هن جامع ڪم جو احسان سنڌي
زبان جا ڄاڻو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
مستند متن، جامع سوانح ۽ لغت بعد هن تحقيق جو آخري
ڪم ڪلام جي سمجهاڻي ۽ مفهوم هو، جنهن جي تفصيلي
شروعات طور ڊاڪٽر بلوچ صاحب تحقيق رٿا جي پهرئين
جلد ۾ سُرڪلياڻ ۽ يمن جي سمجهاڻي ۽ مفهوم لکي ڪيو.
بعد ۾ هن ڪم کي مؤخر ڪري پهريائين يارهن جلدن کي
جلدي اُڪلائڻ جي تياري ڪئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن معياري ۽ مستند متن طور
جيڪي جديد تحقيق موجب پرک جا اَٺ معيار مقرر ڪيا،
انهن ۾ آخري ٻه معيار هي هئا:
(7) ستون معيار=
معنيٰ ۽ مفهوم جو معيار.
(8) اَٺون=
اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار.
لغت جي تياري بعد، مفهوم، اعليٰ فهم ۽ فڪر جي
سمجهاڻي تمام اهم هئي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏهين جلد ۾ لکيو آهي ته ”اعليٰ
فهم ۽ فڪر جي اِها پڻ تقاضا آهي ته فڪر جي اُڏام
اونداهيءَ بدران روشني ڏانهن هجي. فڪر بذات خود
روشن هجي ۽ روشني ڏئي. سوچ ۽ ويچار منڌل راهن ۾ نه
ڀٽڪن.“ يعني اعليٰ فهم ۽ فڪر چئبو ئي ان کي جڏهن
فڪر جي پرواز هيٺائين بدران اُتاهين ڏانهن هجي،
بدي بدران نيڪي ڏانهن هجي، بتن بدران وحدهٗ لاشريڪ
لہٗ ڏانهن هجي، جسم بدران روح ڏانهن هجي، ڪوڙ
بدران سچ ڏانهن هجي، نابوديءَ بدران بود ڏانهن هجي
۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته:
تيلانهن رسيون بود کي، جيلانهن ٿيون نابود.
هن اعليٰ فهم ۽ فڪر جي سمجهاڻي رسالي جي تحقيق جو
آخري جلد هو، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب
تيار ڪيو آهي ۽ اسان جي هٿن ۾ آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب سنڌي ادب جو مشهور ۽
معروف محقق آهي. تصوف جي تاريخ ۽ تعليمات سندس
مطالعي جو خاص موضوع رهيو آهي. پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ’شاهه عبداللطيف ۽ مولانا
روميءَ جي فڪر جو جائزو‘ جي عنوان تي پي ايڇ.ڊي جي
ڊگري حاصل ڪيائون. کين بلوچ صاحب جي قرابت ۽
رهنمائي صرف نصيب نه ٿي، بلڪه بلوچ صاحب جي تحقيقي
ڪم دوران ساڻس گڏ رهيا ۽ بلوچ صاحب جي رهنمائيءَ ۾
هنن ستن ۽ اَٺن معيارن تي ڪم شروع ڪيائون. سندن
فارسي زبان تي عبور ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي
مطالع هن اعليٰ فهم ۽ فڪر جي شرح ۾ چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي
بنيادي ماخذن ۾ قرآن مجيد جي مطالع ۽ شاهه ڪريم جي
شاعريءَ کان علاوه مثنوي جو نالو به اهم آهي.
اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب شارح
جي حيثيت سان هن رسالي جي سمجهاڻي ۽ مفهوم ۾
مولانا روميءَ جي فڪر کي جڳهه- جڳهه تي حوالي طور
آندو آهي. هن طريقي سان اسان کي نه صرف رسالي جو
اعليٰ فڪر ۽ فهم سمجهه ۾ اچي ٿو، پر انهيءَ جو
سلسلو به سمجهه ۾ اچي ٿو، جيڪو شاهه ڪريم جي ڪلام
کان ٿيندو، مثنوي جي مطالعي سان وڃي ٿو قرآني
تعليمات جي روشنيءَ ۾ روشن ٿئي ۽ اهوئي اُهو نُڪتو
آهي، جنهن لاءِ بلوچ صاحب لکيو آهي ته اعليٰ فڪر
روشني ڏئي ٿو.
هن نئين رسالي کي اسين شاهه جي رسالي جي تحقيقي
رٿا جو ٻارهون جلد تسليم ٿا ڪريون ۽ هن معياري
تحقيقي جلد جي چند اهم نُڪتن تي غور ٿا ڪريون.
(1). رسالي جو نالو: هن رسالي جو نالو اهڙي واضح
احسن ۽ تحقيقي انداز سان ڏنو ويو آهي جيڪو نه صرف
تحقيقي رٿا سان پنهنجي نسبت ڏيکاري ٿو، بلڪه واضح
ٿو ٻڌائي ته:
(الف). شاهه جو رسالو، سمجهاڻي ۽ مفهوم سميت. يعني
هن جلد جا ٻه حصا آهن هڪ شاهه جو رسالو ۽ ٻيو حصو
ان جي سمجهاڻي ۽ مفهوم.
(ب). هن رسالي جو پهريون حصو، جنهن ۾ مستند متن ۽
جامع سوانح حيات شامل آهي، ان جو محقق ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ آهي.
(ج). هن رسالي جو ٻيو حصو، جنهن جي هر ڪنهن بيت
هيٺان ان جي سمجهاڻي ۽ مفهوم آهي، اُن جو شارح
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب آهي.
(2). هيءُ پهريون دفعو آهي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
معياري متن کي مڪمل طور حوالي جي شڪل ۾ ورتو ويو
آهي. هن کان اڳ ۾ اسان وٽ ڀٽائيءَ جي محققن خواهه
مرتبن هن طريقي کي استعمال نه ڪيو آهي. هِتان ڄڻ
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ايندڙ دؤر جي محققن کي
اهو گس سونهائيو آهي ته آئنده تحقيق ۾ مستند متن
کي ئي حوالي طور استعمال ڪيو وڃي. هيءُ مستند متن
هن کان اڳ ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ٿيندڙ
ابتدائي دؤر جي سُر وار تحقيقي ڪتابن ۾ جزوي طور
شروع ٿيو. ان بعد تحقيقي رٿا جي پهرين ستن جُلدن ۾
ورهائجي آيو. ان کان پوءِ اٺين ۽ نائين جلد جي
گڏيل شڪل ۾ صحيح سربستو شايع ٿيو ۽ هاڻي هيءُ
’شاهه جو رسالو‘ جيڪو سمجهاڻي ۽ مفهوم سميت آهي
انهي ۾ آيو آهي. هن کانپوءِ هيءُ ئي طريقو اڳتي
ڀٽائيءَ جي محققن لاءِ معياري ۽ مستند هوندو.
(3). هن رسالي جي نالي سان محقق ۽ شارح جي وضاحت،
هن ڪيل ڪم جي ايمانداري جو ثبوت آهي. نه ته اسان
وٽ اِهو غير معياري طريقو اڪثر استعمال ٿيو آهي،
جو اِهي بنيادي وضاحتون پيش لفظ جي ڪنهن غيراهم ۽
مبهم جملي ۾ آڻي ميار لاهبي آهي ۽ پنهنجو نالو
نمايان ڪبو آهي.
(4). ڏسڻي: هن سلسلي تحت اڳ ۾ ’شاهه جو رسالو-
الف- ب وار‘ جي سَري تحت ڪي رسالا تيار ٿيا، مگر
اِها ڳالهه هميشه مونجهاري جو شڪار رهي ته هي ڪهڙي
نسخي جي الف- ب وار ترتيب آهي، اُها ترتيب الف- ب
وار ٺاهيندڙ خود انهن رسالن جا مرتب ٿي ويا. هنن
رسالن مان ڪي رسالا شايع ٿيا ته ڪي قلمي نسخن جي
شڪل ۾ آهن. هنن ترتيبن ۾ تحقيق جو ڪوبه عمل دخل
ڪونه هو.
هن رسالي جي ڏسڻي پهريون دفعو انهيءَ وضاحت سان
آئي آهي ته هيءُ ’مستند متن‘ جي ڏسڻي آهي. اڃا به
سون تي سهاڳو جو هن ڏسڻيءَ کي جديد ڪمپيوٽر جي
ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هيءُ تمام اهم ڪم
آهي جو هيءَ تحقيق جديد وقت جي رفتار سان وک وک ۾
ملائڻ جو سبب بڻجي وڃي ٿي. نه صرف تحقيق جا معيار
اعليٰ آهن، پر انهن جو طريقئه ڪار به اعليٰ آهي.
(5). ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب هن سمجهاڻيءَ کي
نهايت سليس زبان ۾ بيان ڪيو آهي. صاف ۽ سڌا جملا،
عام فهم لهجو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته تصوف جا دقيق
۽ ڳوڙها نُڪتا به سادي طريقي سان بيان ڪيل آهن.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جو هن رسالي کان سواءِ
سنڌي ادب ۾ تصوف جي موضوع تي ڪافي سارو ڪم ڪيل
آهي، انهيءَ جو استفادو به هن شرح ۾ جهلڪي ٿو.
(6). ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن صحيح رُخ ۾ رسالي تي
تحقيق جو ڪم شروع ڪيو هو، هيءُ رسالو انهيءَ صحيح
رُخ جو تسلسل آهي. رسالي جي شرح مولانا جلال الدين
رومي جي فڪر جي روشني ۾ ڪري رسالي جي ڪيترن تي
پڙهندڙن کي گمراهي جي گسن کان بچايو ويو آهي.
رسالي جي پڙهندڙ جي آڱر ڀٽائيءَ کان شاهه ڪريم
بلڙيءَ واري جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي. اُتان کان اِها
آڱر مولانا رومي جي هٿ ۾ ڏئي، هن فهم ۽ فڪر جي
تعليمات کي قرآن مجيد ڏانهن رخ ڪرايو ويو آهي ۽
اهوئي شاهه جي اعليٰ فهم ۽ فڪر جو صحيح رخ آهي.
(7). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن تحقيقي رٿا جي پيش
ڪيل ٻن صورتن شاهه جو ڪلام ۽ رسالي جو ڪلام ۾
ترميم لاءِ اهو واضح ڪيو آهي ته اُهو تڏهن ممڪن
آهي جڏهن هنن بحث هيٺ آندل رسالن کان علاوه ڪي
ٻيا رسالا دستياب ٿيا ته پوءِ اڃا به وڌيڪ پرکي
ضروري ترميم ڪئي ويندي.
ساڳِي طرح ڪو صاحب هن سمجهاڻي ۽ مفهوم ۾ پنهنجي
علم ۽ فهم سان ڪا گهٽ وڌائي ڪندو ته اُهو سندس
ذاتي خيال هوندو. باقي هيءُ شرح جو ڪم، ڪنهن به
قطع بُريد جو محتاج ڪونهي.
(8). هيءُ مطالعو، اسان کي اِها به پروڙ ڏئي ٿو ته
جنهن موضوع تي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پي
ايڇ.ڊي ڪئي، انهيءَ سان نه صرف سومرو صاحب ڊاڪٽريٽ
جي ڊگريءَ سان سرفراز ٿيو، پر هن هيڏي وڏي تحقيقي
ڪم جو لاڀ به لطيف سائينءَ جي هر ڪنهن پڙهندڙ کي
حاصل ٿيو.
(9). شاهه جي رسالي جي هن تحقيقي ۽ شرح سميت جلد
جي شايع ٿيڻ سان تحقيقي رٿا جا سڀ مرحلا هن طرح
مڪمل ٿيا:
(الف). شاهه جي رسالي جا بنيادي ماخذ ۽ تحقيقي
ڀيٽا وارا جلد شايع ٿيا.
(ب). شاهه جي سوانح ۽ ڪلام جي تشريح ۽ لغت جا
بنيادي سڀ ماخذ پڻ شايع ٿيا.
(ج). تحقيق ۽ ڀيٽا سان شاهه جي رسالي جا ست بنيادي
جلد شايع ٿيا، جن ۾ سُر وار شاهه جي ڪلام ۽ رسالي
جي ڪلام کي جدا ڪيو ويو.
(د). اٺين ۽ نائين جلد کي ملائي شاهه جي ڪلام جو
سڄو، سچو صحيح ۽ سربستو مستند متن سان شايع ڪيو
ويو.
(هه). ڏهين جلد ۾ شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام
تحقيقي وضاحتن سان شايع ڪيو ويو.
(و). شاهه جي ڪلام جي لغت ’روشني‘ جي نالي سان
يارهين تحقيقي جلد طور شايع ڪئي وئي.
(ز). هي تحقيقي رٿا جو آخري ۽ ٻارهون جلد مستند
متن جامع سوانح ۽ شرح سميت شايع ڪيو ويو. شاهه جي
رسالي جي جامع تحقيقي رٿا جو ڪم هن رسالي جي شايع
ٿيڻ سان تڪميل تي پهتو.
هن تحقيق جي آخري مرحلي جي اشاعت بعد هاڻي اسان وٽ
شاهه جو مستند رسالو، معنيٰ ۽ شرح سميت ميسر ٿي
سگهيو آهي. هاڻي هن روشنيءَ جا شعاع جيڏانهن به
ڦهلبا ته اوڏانهن روشني ئي روشني هوندي. ضرورت
انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجي نوجوان نسل کي
شاهه جي ڪلام پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي تربيت ڪريون.
سنڌي ادبي بورڊ هيءُ زبردست کيج کٽيو آهي جو هيءُ
جامع رسالو، جنهن جا صفحا 1216 ۽ قيمت اوچي ۽ سادي
پني جي فرق سان -/900 سؤ ۽ -/1200 سؤ رکي آهي، ۽
بهترين ديده زيب ڇپائي آهي.
حرف آخر:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هن گهڻن جُلدن واري ڪم
کي پڙهندڙن لاءِ اڃا به آسان بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن مسلسل محنت ۽ سوچ
ويچار بعد هن سلسلي ۾ ڪُل ٽي جلد تيار ڪيا آهن،
پهرين جُلد ۾ شاهه عبداللطيف جي سوانح سان گڏ
مستند شاهه جي ڪلام جو متن، سُرن ۽ داستانن جو
معنوي تعارف ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو تيار ڪيل آهي ۽
ڪلام جي سمجهاڻي ۽ مفهوم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
صاحب جو لکيل آهي ۽ بيتن جي ڏسڻي به ڏني ويئي آهي.
ٻيو جلد شاهه جي پنهنجي ڪلام جي مختلف پڙهڻين تي
مشتمل آهي، ۽ هرڪنهن بيت جي لفظي معنيٰ پڻ ڏنل
آهي. اهڙيءَ طرح ٽئي جلد ۾ رسالي جو ڪلام جيڪو
شاهه جو پنهنجو نه آهي پر رسالي ۾ درج ٿيل آهي ۽
ڌاريو ڪلام آهي جيڪو معياري پرک ۽ سمجهاڻي موجب
واضح ڪيل آهي ته اهو شاهه جو ڪلام ڇو نٿو قرار ڏنو
وڃي، اهو شامل ڪيل آهي ۽ بيتن جون مختلف پڙهڻيون
به ڏنل آهن.
اهڙي طرح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ڪيل
پنجاهه قلمي ۽ سورنهن ڇاپي رسالن جو هيءُ مواد،
تحقيق جي تارازيءَ مان تُري پڙهندڙ جي هٿن ۾ آهي،
جنهن ۾ سمجهاڻي ۽ مفهوم جي محنت ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري صاحب جي آهي.
هتي هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته جيڪي اسان
جا دوست غير ذميوارانه طور مهل ڪُمهلا ائين چوندا
آهن ته ڊاڪٽر بلوچ فلاڻو بيت شاهه جي رسالي مان
ڪڍي ڇڏيو آهي، انهن سپوتن، دراصل هي جامع ڪم مطالع
ڪيو ئي ڪونهي. بلوچ صاحب جهڙو سڄاڻ ۽ سنڌ جو
حُبدار فرزند ڪيئن ٿو رسالي جي هڪ سٽ به ضايع ڪري
سگهي. اُها انهن بزرگن جي ڪوتاهه نظري ۽ ڪپوتائي
آهي، جن هن هيڏي وڏي تحقيق جو سنجيدگي سان مطالعو
ڪيوئي ناهي. بلوچ صاحب جهڙي داناء ۽ بين الاقوامي
معيار جي محقق تي ڳالهائڻ کان پهرين اسان کي
پنهنجي دامنِ داغدار ۾ هزارها جهاتيون پائڻ گهرجن.
دنيا ۾ هن هيڏي وڏي تحقيق جو هن انداز سان مثال ئي
نٿو ملي. ڌڻي در دعا آهي ته مالڪِ دوجهان مرحوم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا درجات بلند فرمائي ۽
سندن ڪم کي اڳتي وڌائيندڙن کي اڃا به وڌيڪ توفيق
عطا فرمائي، آمين.
’عاصي‘ عبدالواحد هَڪڙو
وتايو فقير ۽
سندس ماءُ
سنڌ جي زرعي ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ مدفون عظيم اڪابرَ
ڏاهي، بزگ ۽ انسانيت جي فلسفي جو پرچارڪ ’بهلول
ثاني‘ وتائي فقير جي سوانح، تعليم تدريس ۽ حسب نسب
بابت جيئن جاکوڙ ڪيم ته سندس سوانح جي پهلوئن تي
ڪافي معلومات ميسر ٿي آهي!
ڳالهه درس اصل هيءَ آهي ته وتائي فقير جي بظاهر
معمولي گفتن ۾ اهڙا عميق ۽ گهرا فلسفا سمايل ۽
سوڌيل آهن جن کي سمجهڻ لاءِ هڪڙي پاسي ته ظاهري
علوم جو پارکو هئڻ شرط آهي، ته پئي پاسي رندي رمزن
۽ رازن جي واٽ کان واقف هجڻ به لازمي آهي!
حضرت شاهه عبداللطيف رحه جهڙي انمول هيري کانپوءِ
وتايو فقير اهڙو خوش نصيب بزرگ ۽ اڪابر آهي، جنهن
جا گفتا ۽ نُڪتا، چوڻيون ۽ چلولايون هر گهر ۽ هر
محفل جي زينت بنيل آهن.
وتائي فقير جي فڪر ۽ فلسفي جون پاڙون پاتال ۾، ۽
عميق گوهر گلدستا عوام الناس جي دلين ۽ دماغن ۾ اڄ
به صدين ۽ سالن گذرڻ جي باوجود، نه مٽجي سگهيا آهن
۽ نه ميسارجي سگهيا آهن. جنهن جو سڀ کان وڏو سبب
اهو آهي ته وتائي فقير جي گفتن جي حاصلات لاءِ
اسان کي نه وڏن ڪُتب خانن جو رُخ ڪرڻو پوندو، نه
ئي ڪا ايڏي وڏي عرق ريزي ڪرڻي پوندي!
بلڪ سنڌ جي خالص ڳوٺاڻي ماحول ڏانهن موٽڻو پوندو،
اها ئي آهي وتائي فقير جي فڪر جي ڪاميابي. ٻهراڙي
جا اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل انسان جيڪي پڙهيل لکيل طبقي
کان وڌيڪ اڪابر ۽ اعليٰ دماغ آهن، وتائي فقير جهڙي
داناء انسان جي نقلن ۽ نُڪتن کان ڪيترا واقف آهن،
ان جو ثبوت اهو آهي ته وڏن ماڻهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون
لکڻ وارا تاريخدان ۽ قصا گهڙيندڙ گهڻائي آهن، پر
ان زماني ۾ وتائي فقير جهڙي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي
ڳالهيون جون ڳنڍيون نقل، نظير گهڻي عرصي تائين
مختلف محفلن ۾ ٻُڌڻ ۽ ٻڌائڻ، اوطاقن ۽ اوتارن جي
زينت بنجڻ يقينن وتائي فقير جي فتح ۽ سوڀ آهي،
جيڪا صدين تائين قائم رهندي.
سوين سال گذرڻ جي باوجود ۾ اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ
هر عام و خاص ماڻهو جي زبان تي وتائي فقير جا
نصيحت ڀريا نقل ۽ نُڪتا ائين جو ائين رواني سان
ٻڌڻ ۾ ايندا جهڙا انهن پنهنجن وڏڙن جي زباني ٻڌا
هئا، جيڪي اڄ به جهونن جونجهارن ۽ وڏن وينجهارن جي
واتان وتائي جي وارتا سان گڏ جابجا ٻڌڻ جو موقعو
ميسر ٿيندو رهندو آهي جنهن مان توهان ۽ اسان جهڙا
ڪيئي اڻڄاڻ مستفيص ٿيندا رهندا آهن.
ان کان وڌيڪ وتائي فقير سان ماڻهن جي ڪهڙي عقيدت ۽
محبت مڃجي، يقينن وتايو فقير اڄ به زنده جاودان
آهي، جنهن کي سنت ۽ سنڌي ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا
سگهن.
وتائي فقير جي حالات زندگيءَ بابت مختلف رايا آهن،
ته پاڻ اصل ڪٿي جو رهندڙ هو ۽ ڪٿي ڄائو، نپنو ۽
سندس والدين جا نالا ڇا هئا؟ ۽ اهي ڇا ڪندا هئا
يعني انهن جي ڪرت ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪهڙو هو؟ نسل در نسل
مسلمان هو يا بعد ۾ مسلمان ٿيو؟ جيڪڏهن مسلمان ٿيو
ته ڪهڙي شهر ۽ ڪهڙي اهل الله جي هٿ تي؟
اچو ته انهن سڀني سوالن جا جواب ڪتابن توڙي عالمن
کان پڇون.
وتائي فقير جو سڀ کان پهرين ذڪر ’ميرعلي شير قانع‘
جي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ ٻين
جن ڪتابن ۾ وتائي فقير جو تذڪرو يا ٿورو گهڻو
احوال دستياب ٿيو آهي انهن ۾ ’مير عبدالحسين
’سانگيءَ‘ جو ڪتاب ’لطائف لطيفي‘، ڊاڪٽر هوتچند
مولچند گربخشاڻيءَ جو ڪتاب
’لنواريءَ جا لعل‘، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب
جي تصنيفات ’وينجهار‘، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الهه
بخش ٽالپر جو ڪتاب ’وتايو فقير‘، مهر محمد حنيف
ڪاڇلوي جو ڪتاب ’جنوبي سنده کي قلعي‘، محمد سوامر
شيخ جي تحقيق ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“، محمد
موسيٰ اُنڙ جي ننڍي بندي ٽائيپ ڪتاب ’تحفن جي مُٺ‘
نذير حسين ڀٽي جو ڪتاب ’وتايو فقير، علي طاهر زاري
جو ڪتاب
’وتايو فقير‘ ڪريم بخش خالد جو ڪتاب ’وتايو فقير‘
عبدالقادر منگي جي سهيڙ ’وتائي فقير جا رنگ هزار‘
قابل ذڪر آهن، جيڪي سمورا ڪتاب منهنجي ذاتي
لائبريريءَ ۾ موجود آهن. (1) معمور يوسفاڻي صاحب
جو مقالو ’وتايو فقير هڪ يادگار شخصيت‘ ڪتاب
’وتايو فقير‘ مرتب: محمد حسين ڪاشف ۽ محمد اسماعيل
شيخ وتائي فقير جي جنم جي جاءِ ڪن اگهم ڪوٽ ته ڪن
عمرڪوٽ ڪن تاجپور، ته ڪن نصرپور ظاهر ڪئي آهي.
منهنجي تحقيق مطابق وتائي فقير جي ڄمڻ جو صحيح هنڌ
اگهم ڪوٽ آهي. جتي سندس والد ’ميلو رام‘ ۽
چاچو’ساڌو رام‘ رهندا هئا، جيڪي ’کتري‘ (کٽي) سڏبا
هئا. جيڪي ڪپڙي جا وڏا واپاري هئا ۽ ڇُر جو ڪم به
ڪندا هئا.
’ميلورام‘ ۽ ’ساڌو رام‘ اگهم ڪوٽ ۾ رهڻ دوران جڏهن
وتايو فقير اڃان ٻار هو، ان زماني ۾ مخدوم محمد
اسماعيل سومرو (متوفي: 998هه) جنهن جو مدرسو اگهم
ڪوٽ ۾ قائم هو. ان جي پوين عالمن مان ڪنهن هڪ جي
هٿ تي دست بعيت ٿي مسلمان بنجي ويا. ۽ ’شيخ‘ سڏائڻ
لڳا. جن جا اسلامي نالا ’ميلو رام‘ جو شيخ
عبدالحليم‘ ۽
’ساڌورام‘ جو نالو شيخ ’عبدالعليم‘ رکيو، جن جا
ٻار ان وقت ’اگهم ڪوٽ‘ جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ
ويهاريا ويا.
اسان وارو وتايو فقير جڏهن ان مدرسي ۾ پڙهندو هو
ته
کيس پنهنجو سبق ڪڏهن به ياد نه رهندو هو. پڙهڻ
سان پريت اصل ئي ڪانه هيس، جڏهن استاد ٻين شاگردن
جا سبق ٻڌندو هو ته اهي ٻار سبق پڪو نه هئڻ جي ڪري
پنهنجن سبقن ۾ ڀُلجندا هئا، ته وتايو فقير انهن
شاگردن کي مخاطب ٿيندي سندن وساريل سبق برزبان
پڙهي ويندو هو. پنهنجي پڙهڻ سان اصل دل ئي ڪانه
هوندي هئي. پر ٻين شاگردن جا سبق دل جي صفائيءَ ۽
سچيتائيءَ سان برزبان بيان ڪري ويندو هو!
وتائي فقير جو چاچو ’ساڌورام‘ پوءِ ’شيخ
عبدالعليم‘ کي پٽ ڄائو ته نالو ’شيخ عالي‘ رکيو
ويو جيڪو وتائي فقير سان مٿي ڄاڻايل مخدومن واري
مدرسي ۾ گڏ پڙهندو هو. قرآن شريف تمام سريلي آواز
۾ پڙهندو هو، اتي ٻيا شاگرد ’شيخ عالي‘ کي ’شيخ
لهن‘ وارو سڏيندا هئا، جيڪو اڄ ’شيخ لهندڙو‘، ’شيخ
لهيندڙو‘ ۽ ڪن ٿور پڙهيلن ته ’شيخ لُنڊڙو‘ جي نالي
سان سڏيو، جنهن کي هن وقت ’قبو اسٽاپ‘ پڻ سڏيو وڃي
ٿو! جنهن جي مزار ’درويش وتايو فقير‘ جي قبر جي
ڇٽي کان اولهه طرف اڄ به قائم ۽ دائم آهي!
هاڻ سوال ٿو اُٿي ته ’وتائي فقير‘ تي اهو نالو
ڪيئن پيو.
’وتايو فقير‘ جي نالي پوڻ جو سبب اهو ڄاڻايو ٿو
وڃي ته پراڻي زماني ۾ مدرسن ۾ فَقُر (ماني وغيره)
وٺڻ لاءِ طالبن کي ڳوٺ ۾ موڪليو ويندو هو، ته هر
گهر مان ماني ۽ ڳنڌڻ ڳنهي (وٺي اچن) ٻوڙ ۽ کير وٺڻ
لاءِ وڏا، وڏاڍ وٽا به طالبن هٿ موڪليا ويندا هئا،
ته جيئن کير ۽ ڀاڄي الڳ، الڳ وٺجي. اسان وارو بزرگ
’شيخ طاهر‘ (وتايو فقير) جيڪو زبان کان ٿورو ٻاتو
به هوندو هو. اهو ’وٽي‘ کي
’وتو‘ چوندو هو. اهو جڏهن انهن گهرن مان کير ڀاڄي
وٺڻ ويندو هو، ته اتي ماين کي چوندو هو ته ’وتي‘ ۾
ڀاڄي يا کير وجهو. اهڙي ريت ’وتي‘ جي نسبت سان
اسان وارو بزرگ شيخ طاهر وتي وارو مان ’وتايو‘ ۽
پوءِ ’فقير‘ سڏجڻ لڳو.
جنهن کي اڄ اسان ’وتايو فقير‘ جي نالي سان سڏي
رهيا آهيون. نه ته وتائي فقير جو پراڻو نالو يعني
اصلي نالو ’طاهر‘ هو. جيئن ته وتايو فقير هميشه هل
هلان ۾ هوندو هو، ان ڪري هن علائقي ۾ هي پهاڪو به
عام ٿي ويو ته ’طاهر‘ سدائين ٻاهر. اهو نالو وتائي
فقير جي ننڍي هوندي مسلمان ٿيڻ جي باوجود به قائم
رهيو، جنهن ۾ صرف شيخ جو خطاب اڳيان رکي کيس ’شيخ
طاهر‘ سڏڻ لڳا. ڪن سندس اسلامي نالو’عبدالمعالي‘
به ڄاڻايو آهي، اگهم ڪوٽ جون اڪثر عورتون کيس
چيڙائڻ لاءِ ’وتي وارو‘
سڏينديون هيون، جيڪو ’وتايو‘ بنجي ويو.
جيئن ’ڪام‘ واري مان ڪامارو ’سام واري‘
مان سامارو، بنجي ويو! ان زماني ۾ سندس ڀاءُ ’شيخ
عالي‘ نصرپور جو قاضي مقرر ٿيو ته وتائي فقير جي
وڏڙن ’اگهم ڪوٽ‘ کي خيرباد چئي
’نصرپور‘ جا وڻ اچي وسايا.!
وتائي فقير جا نُڪتا ۽ گفتا ناصحانه آهن، پاڻ سنڌ
جو سيلاني بنجي سموري سنڌ جو سير ۽ سفر ڪيائين.
اتي جي بزرگن ۽ الله وارن جي آستانن تي وڃي ساڻن
ميل ملاقات ڪري، رس رهاڻيون ڪيائون (ص 17). انهيءَ
دور ۾ وتايو فقير ڪڏهن ’مڪليءَ‘، ۾ ملندو هو ته
ڪڏهن ’لنواريءَ‘
ڏي لاڙو ڪندو هو، ڪڏهن اگهم ڪوٽ ته ڪڏهن عمرڪوٽ ۾
وڃي ٿانيڪو ٿيندو هو. ڪڏهن گاجي پور جا گس ووڙي
’ڄام پور‘ جي ڄارين ۾ وڃي ڊاٻو ڪندو هو ته ڪڏهن
’نصرپور‘ مان نڪري نروار ٿيندو هو.
هو اڻ سڏيو ۽ اڻ ڪوٺيو راڄن ۽ ڪاڄن ۾ پيو رهاڻيون
رچائيندو هو. پوتڙو ڪلهي تي، وار کنڊريل، ڪڏهن پير
اُگهاڙا ته ڪڏهن پيرن ۾ ڇنل ٽٽل گيتلو پايو، پير
پيو گهليندو هو. ڪنهن نه ڪنهن راڄ ۽ ڪاڄ ۾ ڪاهي
پوڻ کانپوءِ خاص ڪري ’ڪاڄ ڌڻيءَ‘ کي ڪُلها هڻي
چوندو هو ته: ”انڌو آهين ڇا جو ڪُلها پيو هڻين“
وتايو فقير اڪثر اوقات ’اگهم ڪوٽ‘ جي مسجد ۾ پيو
ايندو ويندو هو. مسجد جي ملان جي وتائي فقير سان
ڪانه پوندي هئي سو مسجد مان کيس لوڌي ڪڍي ڇڏيندو
هو.
وتايو فقير ملان جي رَوَش کان تنگ ٿي چڱن مٺن کي
پيو ملان جون دانهون ڏيندو هو!
پر ڪنهن به وتائي فقير جي دارسي ڪانه ڪئي!
ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا هئا.
ماڻهن طرفان موٽ نه ملڻ جي ڪري ’وتايو فقير‘ ڪاهي
مسجد شريف وٽ آيو ته مسجد سڳوري منهنجو داد ڪر.
ائين ڪيترائي ڏينهن ’وتايو فقير‘ مسجد کي پيو ملان
جون دانهون ڏيندو هو پر ملان جي اُها ئي ’ڪهاڙي
اهو ئي ڳن.‘ ملان هر وقت وتائي کي ’دڙڪا ۽ امان‘
ڏيئي مسجد مان پيو تڙيندو هو.
هڪ ڏينهن وتايو فقير جلال ۾ اچي منهن مٿي ڪري
’اگهم ڪوٽ‘ جي مسجد کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”مون
کي ته تڙايو اٿئي ڪندين تون به ياد“ هڪ ٻي به
روايت ملي آهي ته وتائي فقير انهيءَ مسجد کي
مخاطب ٿيندي هيئن چيو ته: ”ڀلا ٿئي جامي (جامع) ڪن
پئي ڪيٽا ڪرين ڪڏهن سجدن لئي سڪندينءَ.
ڪن ڪيٽا مان مراد وتائي فقير جي مسجد جي نيلن طرف
نگاه هئي!
سُتت ئي مدد خان پٺاڻ (1781-1780ع) ڌاري سڄي سنڌ
کي ساڙيندو ٻاريندو’اگهم ڪوٽ‘ تي الاهي آفت بڻجي
اچي ڪڙڪيو ۽ ’اگهم ڪوٽ‘ کي باهه ڏيئي ڀسم ڪري
ڇڏيو! ’اگهم ڪوٽ‘ جي اها مسجد جيڪا اڄ به وتائي
فقير واري مسجد جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ ٻيون مسجدون
اُجڙي ويون جيڪي ويران حالت ۾ اڄ به اگهم ڪوٽ ۾
موجود آهن.
وتائي فقير کي نه پئسن سان پريت هئي ۽ نه مايا سان
موه. هونئن به لالچ ۽ لوڀ کان ڪوهين ڏور تڏهن ته
پرائي کان ڀڄڻ وارو نه ماڻهن جو مٺگهرو ۽ نه دوکي
دولاب وارو، کيس سچ چوڻ سو به مُنهن تي چوڻ جي
البت سا عادت هوندي هئي، اها ڪنهن به صورت ۾
وٽانئس ڪانه ويئي. چڱن چوکن کي به سچي ڳالهه ٺَهه،
پَهه منهن تي چئي ڏيندو هو. ڀلي يار رُسي ته رسڻ
ڏينس. وتائي جي منهن تي نه ملامت هوندي هاڻي نه
ندامت. وتائي فقير جي سچائيءَ جا ساکي توهان ۽
اسان نه بلڪ جُڳن کان سنڌ جا ڳوٺ، واهُڙ ۽ وسنديون
آهن، جن ۾ جڏهن ڳچ ڳوٺائي، مڙي اچي مچ تي مارڪو
ڪندا آهن. رس رهاڻيون رچائيندا آهن، ته اتي ٻين
ڳالهين سان گڏ وتايو فقير ۽ سندس دانائيءَ جو ذڪر
به ضرور نڪرندو آهي، جنهن مان توهان ۽ اسان جهڙا
ڪيئي اڻڄاڻ مست فيض ٿيندا رهندا آهن، ائين کڻي
چئون ته لوڪ ڏاهپ ۽ ڏانو جو هي اهم ڪردار ’وتايو
فقير‘ اسان کان وڇڙيو، ضرور آهي پر وسريو ناهي!
وتايو فقير هڪ سماج سڌارڪ هئڻ سان گڏ عقل ۽
دانائيءَ جو سرچشمو به هو. کيس هر ڏتڙيل ۽ ڏکايل
سان ته همدردي هئي، پر کيس جيڪو پيار ۽ محبت جو
درس مليو، اهو فقط سندس ماءُ کان مليو. کيس جيڪا
همدردي ۽ حب هئي ته اُها وڌ کان وڌ سندس ماءُ سان
هئي. دنيا ومافيها ۾ کيس آٿت ڏيڻ وارو هو ته صرف
سندس مامتا هئي، جيڪا هر ڏک ۽ سُک ۾ سندس ڀرجهلو
هئي.
انساني سماج ۾ ماءُ جو ڪردار، اهم ۽ اُتم آهي.
وتايو فقير جيئن ته اڻموٽ ۽ سچار هوندو هو، هُو
تکيون مٺيون ڳالهيون ٻين سان گڏ ماءُ کي به منهن
تي ڦهڪائي ڏيندو هو.
وتائي فقير هڪ ڍڳي ڌاري، وتائي جي والده جو ڍڳيءَ
سان ڏاڍو پيار هوندو هو، ايندي ويندي ڍڳيءَ کي پئي
هٿڙا ڦيريندي ۽ سندس ٽهل ٽڪور پئي ڪندي هئي، هڪ
سال مال ۾ اچي موڙو پيو، ڀاڳين جا ڀاڻا خالي ٿي
ويا، ان سال اتفاق سان وتائي فقير واري ڳئون به
گابي سوڌي الله کي پياري ٿي ويئي. ماڻس کي ڳئون جي
مرڻ تي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ روئڻ ۾ اچي ڇٽڪي ۽
پار ڪڍڻ لڳي، وتائي فقير ماءُ کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ
وڏا ئي جتن ڪيا ۽ حيلا هلايا، مگر ماڻس ماٺ ئي نه
ڪري، وتايو ماءُ جي آلاپن تي اٻاڻو ٿي پيو ۽ ماءُ
کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”اَمان ماٺ ڪر مرڳو الله
سائين ڪاوڙجي ڏوڌ نه وٺئي“!
وتائي فقير جي والده جو پٽ سان ايڏو پريم ۽ پيار
هو جو وتائي جي تڪليف توڙي ڏک ماءُ کان ڪنهن به
ريت برداشت ڪونه ٿيندو هو. ان کان علاوه ماءُ جو
پٽ ۾ اهو به اعتقاد هو ته هي الله لوڪ ۽ ’مجذوب‘
شخص آهي، جنهن جي هر ڳالهه، جيڪا هو رب کان گهرندو
آهي، الله تبارڪ وتعاليٰ جي در تي اها اَگهامي
پوندي آهي، انڪري ننڍي توڙي وڏي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾
هميشه وتائي فقير کي الله تعاليٰ جي در، دعا لاءِ
موڪليندي رهندي هئي.
ماءُ جو اهو پڪو يقين ۽ ويساهه هوندو هو ته فقير
جيڪي الله سائين کان گهرندو، اهو سوال پڪ سان پورو
ٿيندو. انهيءَ يقين تي عمل ڪندي پٽ سان ڪجهه سرسي
۽ سوائي محبت رکندي هئي، سندس سمورا انگل ۽ آرا
پورا ڪندي هئي!‘
هڪ ڏينهن وتائي فقير کي اچي بُک ورايو سو ماءُ کي
چيائين ته امان جلدي ماني پچاءِ ته کاوان، وتائي
جي ماءُ کيس کُتو جواب ڏيندي چيو ته ”وتايا اَٽو
کپي ويو آهي، وڃي ڪٿان وٺي آءٌ ته ماني پچائي
ڏيانءِ. وتايو ٻيو در واجهائڻ وارو ڪونه هو، سو
سڌو مسجد سڳوري ڏانهن کڻي ڊوڙ پاتائين مسجد جي
ممبر تي چوٽ ڪري چڙهي ويٺو ”اتي مس ۽ قلم ڪڍي رب
پاڪ کي مخاطب ٿيندي چيائين ته:
”الله سائين اَنُ ۽ اَٽو ڏي جيڪڏهن کٽو هجين ته
صحيح ڪري ڏيم. سنبري جو تنهنجي در آهيو آهيان سو
خالي هٿين ڪونه موٽندس.“ فقير صاحب اهي جملا چئي
اڃا مس ماٺ ڪئي ته مسجد جي ٻاهران وتائي فقير کي
سڏ ٿيو، جان ٻاهر ڏسي ته هڪ ماڻهو گڏهه تي ان جي
ڳوڻ رکيو بيٺو آهي، فقير کي چيائين ته: ”هي تنهنجي
لاءِ آندو اٿم.“
وتائي فقير کلي رب پاڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته:
”يار صحيح سا ڪانه ڏنئي، باقي اَن موڪلي ڏنئي“ اهي
آهن وتائي فقير جون پنهنجي رب سان رهاڻيون،
ڪهاڻيون، رمزون ۽ ريجهائڻ جا طريقا.
وتايو فقير ويسلو ۽ وسوڙيل نه هو. وڏي ويلي هُو
ڏکئي ڏينهن توڙي رنج واري رات صرف رب تعاليٰ کان
سوالي بنجي گهُرندو هو، جنهن ۾ حجتون به هونديون
هيون ته حال احوال به، مگر ڪنهن به مخلوق جي آڏو
نه ڪڏهن ڪنڌ جهاڪايائين ۽ نه ڪڏهن هٿ ڦهلايائين.
فقير توڪل جي توهي تي تار تري وڃي پار پيو.
هڪ ڏينهن وتائي فقير کي ماڻس چيو ته ابا ’توڻ‘ کٽي
پئي آهي، هاڻ الله سائين کي سوال ڪر ته ڪجهه
ڏياري. فقير، رب سائين کي سوال ڪيو ته الله سائين
تون اسان جي حال ۽ قال کان واقف آهين، ڪجهه ڏي ته
گهر جي چُلهه ٻري ۽ کائي پيٽ جي بُک لاهيون.
الله سائين کان ارشاد ٿيس ته گهر ۾ جيڪا ٻير بيٺي
اٿئي، ان کي وڃي ڌوڻ. ’وتائي‘ ٻير کي وڃي ڌوڻيو ته
منجهانئس پئسن جو مينهن وسي پيو، ماڻس اها سموري
ماجرا اکين سان ويٺي ڏٺي، سا هيترا سارا پئسا پسي
دل ئي، دل ۾ باغ و بهار ٿيڻ لڳي ته اجهو گهر پئسن
سان ٿو ڀرجي پر اڳيان به وتايو ويو هو سو ڪٿي ٿو
هٻڇ ۽ هوڏ ڪري!
وتائي فقير ڇا ڪيو جو انهن پئسن مان صرف هڪ رپيو
کڻي آڻي ماڻس جي هٿ تي رکيو، ماڻس چيو: ابا هيترن
پئسن مان صرف هڪ رپيو کڻي آيو آهين؟“ فقير چيو:
”ماٺ ڪر هٻڇ نه ڪر، الله سائين کي ريچڪ آيو ته اهو
به کسي نه وٺنئي.“
ان مان اسان لاءِ اهو سبق ڪافي آهي ته جيڪو به رب
سائين انسان کي عطا ڪري، ان تي الله تبارڪ و
تعاليٰ جو شڪر بجا آڻڻ کپي، گهڻو ڏسي ’سرهو نه
ٿيڻ‘ کپي ۽ نه ٿورو ڏسي ’ارهو‘ ٿيڻ کپي پر صبر ۽
شڪر جي دامن کي پنهنجي هٿان نه ڇڏڻ کپي.
هڪ ڏينهن وتايو فقير پنهنجي امڙ سان ڪنهن ڏورانهين
پنڌ تي سفر لاءِ سنڀريو، پنڌ پري هئڻ جي ڪري کين
واٽ تي ئي سج لهي ويو ۽ رات پئجي ويئي، ماڻس کيس
چيو ته :
”ابا ڪو ٽانڊو ڪٿان کڻي اڄ، ته باهه ٻاريون ۽ ماني
پچايون.“ فقير ورندي ڏني ته ”امان هن جهنگ ۾ ٽانڊو
ڪٿان آيو؟
”ماڻس چيس ته تون الهه لوڪ فقير آهين وڃي دوزخ مان
ٽانڊو کڻي اچ.“ وتائي، ماءُ کي ورندي ڏني ته ”دوزخ
۾ ٽانڊو آهي ئي ڪونه هرڪو انسان هتان ٽانڊو کڻيو
ٿو وڃي!“
وتائي فقير کي سَيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، سي به
سيڪيل، ڀُڳل ۽ سوادي سو هڪ ڏينهن ماءُ سان انگل
ڪندي چيائين ته ”امان سيون رڌي ڏيم ته کائي جُڃ
ڪريان.“
وتائي کي ماءُ ورندي ڏني ته اجها عيد اچڻ واري آهي
سموري ڳوٺ جا ماڻهو عيد تي اڪثر سيون رڌيندا آهن،
جنهن ۾ گيهه جي اوت ڏيئي مُستي مٿان پلٽائي گرم،
گرم اسان ڏانهن به موڪلي ڏيندا. کائي رَڄ ٿجان.
وتائي فقير ماءُ کي ورندي ڏني ته ”عيد ۾ ته اڃا
دير آهي. سيون ڪڏهن نصيب ٿينديون.“ اوچتو وتايو
فقير ماءُ کان ٿورو پرڀرو هٽي رب سائين کان دعا
گهرڻ لڳو ته الله سائين عيد جلدي اچي، ماڻهو سڀئي
سَيون رڌين، جڏهن سيون رڌجي بس ڪن، تڏهن سموري ڳوٺ
جا سڀئي ماڻهو مري وڃن. آئون ۽ امان وڃون سڀني
گهرن مان سَيون ميڙي پنهنجي گهر ۾ گڏ ڪريون جڏهن
سَيون گڏ ٿي وڃن ته امان به مري وڃي، پوءِ آئون
هجان ۽ سيون هجن، بس پوءِ امان کي ياد به ڪري رئان
ته سيون کاوان!“
حقيقت ۾ وتائي فقير جي امڙ ئي هئي، جنهن سندس
فقيراڻا انگل ۽ آرا مٿي تي کنيا ۽ سفر ۽ حضر ۾
سندس ستر سماع ۾ پرگهور لڌي، اهوئي سبب آهي جو
اڪثر سندس ذڪرن ۽ نقلن ۾ ماءُ جو مثال موجود ملي
ٿو!
اِهي اٿو وتائي فقير جون وارتائون ڳجهه اندر جون
ڳالهيون، جيڪي اسان لاءِ مشعل راه به آهن ته
منجهندڙ واٽ ۾ هڪ رهبري ۽ رهنمائي ڪندڙ استاد،
معلم ۽ ماهر جيڪو مونجهارن مان ڪڍي سنئين رستي تي
دڳ لڳائيندڙ اهو ڏاهو جنهن ڪنهن کي به حقير نه
سمجهيو! جنهن جي باريڪ بين لفظن ۾ اسان لاءِ سمجهه
جا سبق سمايل آهن. اچو ته انهن کي پروڙيون ۽
پُرجهيون.
وتايو سچ ۽ ساڃاه جي علامت بنجي آيو، جنهن ڪيترن
ئي ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي،
جيڪو وڏو عرصو گذرڻ بعد به ياد آهي ۽ ياد رهندو!.
مددي ڪتاب ۽ رسالا وغيره.
(1) ميرعلي شير ”قافع“ ٺٽوي: ’تحفة الڪرام‘ سنڌي
ترجمو- مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد،
سال 1957ع، ڇاپو پهريون.
(2) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ’لنواريءَ جا
لال‘.
(3) مير عبدالحسين ’سانگي‘: ’لطائف لطيفي‘ انجمن
مرڪز ثقافت شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ضلع حيدرآباد،
ڇاپو پهريون، سال 1967ع.
(4) محمد حنيف مهر ڪاڇلوي: ’جنوبي سنده کي چند
قلعي‘، محمد حفيظ مهر، پاڪ مجاهد انجمن محله اورنگ
آباد، ميرپورخاص سال، 1971ع، ڇاپو پهريون.
(5) محمد موسيٰ ڪمال خان اُنڙ: ’تحفن جي مُٺ‘،
ڇپائيندڙ: ڪمال خان ولد محمد اسماعيل اُنڙ،
ميرپورخاص.
(6) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: ’وينجهار‘ شاهه محمد
عباسي، لاڙڪاڻو، ڇاپو نائون، سال 1964ع
(7) شيخ محمد سومار: ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘،
’لاڙ ادبي سوسائٽي بدين‘ سال 1984ع، ڇاپو ٻيو.
(8) محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الهه بخش ٽالپر، ’وتايو
فقير‘، آر.ايڇ. احمد. برادرس، حيدرآباد.
(9) علي احمد بروهي: ’ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا‘ ڇاپو
سال.
(10) نذير حسين ڀٽي: ’وتايو فقير‘، صداقت بوڪ ڊپو
نزد قلع، ڇاپو ٽيون، شاهي بازار حيدرآباد، سال
1981ع
(11) ولي محمد طاهرزادو: ’وتايو فقير‘ سنڌي ادبي
بورڊ، ڇاپو پهريون 2005ع، ڄام شورو.
(12) عبدالقادر منگي: ’وتائي فقير جا رنگ هزار‘،
سنڌيڪا اڪيڊمي، نئون ڇاپو، سال 2004ع.
(13) محمد حسين ڪاشف ۽ اسماعيل شيخ، ’وتايو فقير‘
(سال 1985ع)
وتايو فقير راوي محمد حنيف لغاري: ٽنڊوالهيار
سيمينار.
راوي- ٻڍو خان لغاري: ڳوٺ نصير خان مندواڻي لڳ
چنبڙ، ٽنڊوالهيار.
|