شبير هاتف
هن جي تيرِ نظر جي ڳالهه ڪجي،
پر نه زخمِ جگر جي ڳالهه ڪجي.
عشق سچو ته پوءِ مناسب ناهه،
نالئه بي اثر جي ڳالهه ڪجي.
زلف َ رخ تان هٽڻ جو ذڪر ڪريون،
يا طلوعِِ سحر جي ڳالهه ڪجي.
عارض ۽ لب جو رنگ، رعنائي،
گُلِ تازه و تر جي ڳالهه ڪجي.
مِينهَن جون موسمون وري آيون،
هاڻ ڇو چشمِ تر جي ڳالهه ڪجي.
مصطفيٰ
ؐ جي نگر جي ڳالهه ڪجي،
هُن ڀلاري سفر جي ڳالهه ڪجي.
دل جي زخمن کي ڇا ڪندا حاذق،
هُن جي شافي نظر جي ڳالهه ڪجي.
حُسن جي در جا جي فقير هجن،
تن سان ڇا سيم و زر جي ڳالهه ڪجي.
قيس ليليٰ ۾ ڇا ڏٺو هوندو،
هُن جي حسنِ نظر جي ڳالهه ڪجي.
هت سڀئي اهلِ علم، اهلِ سخن،
ڪهڙي مون بي هنر جي ڳالهه ڪجي.
اڄ الائي ڇو آهه ياد آيو،
هاتفِ دربدر جي ڳالهه ڪجي.
شاعري ڪائنات جو رنگ آهي، زندگيءَ جو سنگ آهي ۽ هڪ
اُمنگ آهي، جيڪا اسان جي زندگيءَ کي هر موڙ تي
نئون رخ ڏيندي رهي ٿي. انڪري ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ
نه ٿيندو ته شاعريءَ ۾ زندگي جي جهلڪ آهي ۽ زندگي
وري ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نانءُ به آهي ته زندگي سان
پيار به. حقيقت ۾ زندگيءَ کي ڪارآمد اهي ئي انسان
بڻائي سگهن ٿا، جن زندگيءَ جي ٻنهي پهلوئن ڏک ۽ سک
کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو هوندو. زندگي زندهه دليءَ
جو نالو به آهي، زندهه دل انسان ئي زندگيءَ ۾
حقيقي رنگ ڀريندا آهن. اهوئي جذبو کين قوم لاءِ
ڪجهه ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو سبب به بڻجندو آهي.
ڏٺو وڃي ته شاعر پنهنجي حساس طبيعت وانگر ڌرتيءَ
واسين کي زندگي جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪيترا ڪامياب
ويندا آهن. ان جو اندازو هرهڪ شاعر جي پنهنجي
اندروني ڪيفيت مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو شاعريءَ
سان ڪيڏو چاهه رکي ٿو. هي ماحول، سماجي حالتون ۽
حڪومتي پاليسيون اهڙي ڪيفيت کي پيدا ڪن ٿيون، جو
شاعر اهڙن موضوعن کي جيڪڏهن شاعريءَ جو حصو بڻائي
ٿو ته اها شاعري ان دور جي ڄڻ تاريخ بڻجي ٿي، اڄ
جا محقق تاريخ جي اڻپورن بابن کي ڳولڻ لاءِ ان دور
جي شاعريءَ کي ڳولڻ ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ انهن
کي ڪاميابيءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
ڪتاب ’پڙلاءُ‘ ص 5 تان ورتل
امداد
حُسيني
غزل
قفس ۾ سهي پر چمن ۾ رهون ٿا،
غريب الوطن ٿي وطن ۾ رهون ٿا!
اکيون کن اَکَن لاءِ اڙيُون اکين سان،
اڃا تائين اُن کَن اَکَن ۾ رهون ٿا!
نه ڪو لوهَه جو ڏوهه آهي نه ڳَن جو،
هٿن جنءَ ڪُهاڙي جي ڳَن ۾ رهون ٿا!
جڏهن کان پُنهونءَ کي کنڀي وئا کڻي،
تڏهن کان جَتن جي جَتن ۾ رهون ٿا!
نه ڪا ڇانوَ تن ۾ نه ڦَل ڦُل انهن ۾،
لڳي ٿو ته ماڻهن جي بَن ۾ رهون ٿا!
اسان خار بڻجي گُلن سان گذاريو،
سدائين سندن واسَ وَن ۾ رهون ٿا!
اَنومانُ ئي آهه ڪيڏو نه سُندر،
ته مَن موتيي جهڙي مَن ۾ رهون ٿا!
هوائن فضائن لقائن ڏِسائن،
اسين سنڌ جي ڪَکَ پَن ۾ رهون ٿا!
ڏسڻ ۾ اچون ڪونه ٿا پاڻ ڪنهن کي،
مگر روح وانگي بَدن ۾ رهون ٿا!
بظاهر صحيفن گرنٿن ۾ ناهيون،
اسين ارٿ بڻجي مَتن ۾ رهون ٿا!
گوادر
(هڪ بلوچ دوست لاءِ)
پهاڙن جنءَ سدائين ڳاٽ اُوچي
سان جيئين جَڳ ۾
چون ٿا چنڊ ۾ آ داڳ، پر ناهي
سندءِ پَڳ ۾
رهين محفوظ شل هر ناظروءَ جي
بد نظر کان تون
ڌڻيءَ جي در دعا آهي ته گهر گهر
خوش رهي تنهنجو
رهين شل سرخرو ۽ يار تُنهنجا
شل رهن سَرها
اهو نيرو اهو گهرو سمندر خوش
رهي تنهنجو
فقيراڻي صدا آهي گُوادر خوش رهي تنهنجو!
سيد مُرتضيٰ ڏاڏاهي
ڪافي
دلدار ياد آهم، ديدار خواب وارو،
جلوو، جمال جاني، جنسار خواب وارو.
لالڻ لباس پايو، ميندي ۽ مشڪ لايو،
سج، چنڊ کان سوايو، سينگار خواب وارو.
هو نيڻ هئا حجابي، لب لال ڳل گلابي،
مُنهن يار ماهتابي، منٺار خواب وارو.
دل ساڻ دل بحالي، سودو صفا خيالي،
محبوب ٿيو مثالي، واپار خواب وارو.
منهن ’مرتضيٰ‘ ڏيکارِن، وعدا نه شل وسارِن،
عهد ۽ انجام پارِن، اقرار خواب وارو.
تاج جويو
غزل
نيڻ تُنهنجا ٽِڙيا غزل تازا،
ڍنڍ نيري، نِگاهه چهري جي.
چَپَ ڪچنار جون ڪچيون مکڙيون،
ڳلَّ ڄڻ بارگاهَه چهري جي.
مُرڪ تنهنجيءَ ۾ شبنمي نرمي،
تازگي ٿي ڏَسي راهَه چهري جي.
گفتگو ڄڻ ته هيرَ جا جهؤنڪا،
لفظَ چاهت اٿاهَه چهري جي.
ڪوبه رانوڻ نه کؤنسندو توسان،
وارَ تنهنجا پناهَه چهري جي.
غزل
زندگي معصوم مُرڪَ،
زندگي ڀرپور ٽهڪَ.
زندگي رومانس آهه،
زندگي موتئي جي مهڪَ.
دورِ اورنگزيبِ تي،
زندگي سرمد جا ٽهڪَ.
زندگي منصور- واٽَ،
چپَّ، چهرو، چهڪ چهڪ.
زندگي رابيلَ رُتِ،
ٻن دلين جي ساهَه- سهڪَ.
اياز گل
غزل
لڳو جو ڀاڳَ وانگي هو،
صَفا ويراڳَ وانگي هو.
اکين ۾ اوپرو سَپنو،
جَلبو ڪنهن جاڳَ وانگي هو.
اَڇي پَهراڻَ وانگي هُوءَ،
۽ هُو ڄَڻُ داڳَ وانگي هو.
اَلاءِ ڇا هيو جيونَ؟
مِٺا! کٽراڳَ وانگي هو.
ٿِڙيو هُو ٿاڪَ پنهنجي تان،
وِڃايَلَ ماڳَ وانگي هو.
وَڻيو ڪاٿي زَماني کي،
پَڪي هُو راڳَ وانگي هو.
غزل
تُنهنجي دَرَ تان جڏهن وران ٿو مان،
ڇو لڳي ٿو ته ڄَڻ مَران ٿو مان؟!
هونئن اُجهاميل رهان ٿو هر پَل ئي،
ياد تُنهنجي اَچي ٻَران ٿو مان.
دِل مان توڙي ڪَڍي ڇَڏيو هُوندءِ،
ذهنَ تي پوءِ ڀي تَران ٿو مان.
سِجَ وانگي جَلان ٿو ڏينهُن سَڄو،
مُرڪ تُنهنجي ڏِسي ٺَران ٿو مان.
پنهنجي موٽي اچڻ جي پَڪَ ناهي،
هاڻي نِڪران جڏهن گهران ٿو مان.
آئون هِنَ حال ۾ کَريل ئي چڱو،
سَچُ چئي جي اگر کَران ٿو مان.
تاءُ ڪيڏو وَڌي ويو چؤڏس،
سردخاني اندر ڳَران ٿو مان.
قاضي منظرحيات
غزل
نڪتل زبان مان لفظَ وري ڪونه ٿا سگهن،
جذبا سچا ڪڏهن به مَري ڪونه ٿا سگهن.
نفرت جا گهاءَ ڄڻ ته وڇونءَ ڏنگ ٿي لڳا،
همدرد گفتگوءَ سان ٺَري ڪونه ٿا سگهن.
ملنديون ڪڏهن نه پاڻ ۾ پٽڙيون بَه ريل جون،
رُڪ جا چڻا ڏندن سان ڏري ڪونه ٿا سگهن.
اُڌمن سواءِ دل جا جَهڪا ديپَ ٿي ويا،
پاڻيءَ سندا چَراغ ٻري ڪونه ٿا سگهن.
همت جا هٿ ڏيو ته سڀ هالار ٿي پئون،
اڻٽر، اُصولَ، عَزم ٽري ڪونه ٿا سگهن.
جيون اَجهاڳ آهه سفر ساٿ کان سواءِ،
ٻانهن ڀڳا انسانَ ٽري ڪونه ٿا سگهن.
گڏجي جاڳي ڪيون زمين جي واهت وري ته پو،
سوئرَ اسان جي پوکَ چَري ڪونه ٿا سگهن.
توريءَ حيات موت جو ’منظر‘ آ منهنجي لئه،
توکان سواءِ منٽ سَرِي ڪونه ٿا سگهن.
ماهين هيسباڻي
غزل
جڏهن نيڻن اسانجن ۾ ننڊن جا سلسلا ناهن،
تڏهن ترڪ تعلق جا اوهان ڪيا فيصلا آهن.
جيئان توبن ڪيئن جيئان، پرين توکي پئي ڳوليان،
سفر ۾ همسفر ڪيئي، صدين جا قافلا آهن.
کڻي پنبڻيون نهاريو ٿا، قسم تنهن پل جياريو ٿا،
ملائي پوءِ نظر ڦيرڻ، اوهان جا مشغلا آهن.
ڏسي هردم اکيون آليون، اٿم جي پيار ۾ پاليون،
مان سمجهان ٿي رقيبن جا، وڌي ويا حوصلا آهن.
ڏٺا ها خواب مون جيڪي، ڪندا ها رقص چاهت تي،
نه ڪا محفل نه ڪا منزل، ٿي پيا هيڪلا آهن.
ٻڌايان ڪيئن ڀلا
ڪنهن کي، ڇڏي ويا هن پرين مونکي،
نه ڄاڻان مان سبب ڪهڙي وڌي ويا فاصلا آهن.
روبينه ابڙو
غزل
سَرحد سِٽن جي آخر اُڪري ويو پني تان،
لفظن جو تيز لشڪر گذري ويو پني تان.
پنڇيءَ جا پينسل سان جيئن پَرَ ٺهي ٿيا پُورا،
ٽاريءَ تان لُوهه پائي اُڏري ويو پني تان.
سارين جي پوک پوکي پاڻي ڏنو اُنهيءَ کي،
سائو سَلو سَويلي اُسري ويو پني تان.
پنهنجي اندر جو ننڍڙو مون ٻارُ پاڻ ڇاپيو،
جو بانبڙا پائيندو اُتري ويو پني تان.
اخبار جي صفحي تي کاڌو کُٽي پيو هو،
پوڙهي جو هَٿُ اُمالڪ اُلري ويو پني تان.
هڪ نظم ۾ چُلهي تي مون کيرُ پي اُٻاريو،
تنهنجي اچڻ کان پهرين اُٻري ويو پني تان.
هڪ رات، هڪڙو گهرُ ۽ تولاءِ دَرُ مون ٺاهيو،
تون ڪونه آئين سُورج اُڀري ويو پني تان.
اقبال شاهين
(جاتي)
غزل
زندگي ۽ موت جا ڏس، مرحلا ڳوليون پيا،
ابتدا جي ڪَل نه ڪائي، انتها ڳوليون پيا!
هو عيان آهي نهان، هرهڪ مڪان ۽ لامڪان،
کول در احساس جا، جت ڪٿ اڃان ڳوليون پيا!
زندگيءَ جا چار ڏينهڙا ئي نٿا سمجهي سگهون،
پوءِ فنا جي فلسفي ۾ ڇو بقا ڳوليون پيا!
نيڻ نائي من اندر ۾، ڪجهه ذرو وڙڪي ته ڏس،
خود خدا موجود آهي، ڇو ڀلا ڳوليون پيا!
توسان گڏ هردم رهي ٿو، ۽ نظر توتي اٿس،
لاهي ڇڏ سڀ شڪ شبها، ڇو آسرا ڳوليون پيا!
هر طرف جرڪي پئي، موجودگي دلدار جي،
دل جون اکيون بند آهن، دلربا ڳوليون پيا!
هو جڏهن موجود آهي، هر جڳهه هر دل اندر،
تنهن سبب سجدا ڪريو، پنهنجو خدا ڳوليون پيا!
چئه ته ڇا ’شاهين‘ ناداني اڃان ڪا ٻي به آ،
جيڪو پَلڪن کان به ويجهو، سو مِٺا ڳوليون پيا!
رحيمداد جوڳي
غزل
• ياد اٿئي
هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير
جنوري مهيني ۾
تنهنجي ياد جي تکي ڪهاڙيءَ
منهنجي هٿن جون چيچون وڍي ڇڏيو هيون!
• آنءُ
سياري جي ٿڌي هوا ۾
ياد جي هڪڙي تار تان
آلي ڪپڙي مان
ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري رهيو آهيان!
• منهنجي من اندر ۾
روز نوان
’درد جا گلاب‘ ٽِڙن ٿا
وقت
ڄڻ مالهڻ آهي!
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
غزل
اوهان کي منهنجي اغيارن ٻڌايو ڪجهه
نه
ڪجهه
هوندو،
مٺا ڪنهن منڪر محبت سڻايو ڪجهه
نه
ڪجهه
هوندو.
اوهان جي يار
پيشانيءَ
جا ور مون
کي ٻڌائن ٿا،
عدو منهنجي اوهان وٽ ٺاهه ٺاهيو ڪجهه
نه
ڪجهه
هوندو،
ڀلا مون
کي ٻڌائيندين گلا ڪنهن منهنجي ڪهڙي ڪئي،
رقيبن منهنجو قد تو وٽ گهٽايو ڪجهه
نه
ڪجهه
هوندو.
ڪيم محسوس تنهنجي بي رخي بي سبب ڪانهي ڪا،
هنيو ڪو ڪوڙ دشمن يا هڻايو ڪجهه نه ڪجهه هوندو.
وڏي ڪا چال ٺاهي خود وڻائڻ لا فريبي ڪنهن،
سندم غيبت ڪري تو وٽ وڻايو ڪجهه نه ڪجهه
هوندو.
ڪيائون ڪالھ ڪنهن هنڌ سا ٻڌي مون ڳاله سربستي،
چيائون چال پنهنجي هو رنجايو ڪجهه
نه
ڪجهه
هوندو.
’فدا‘
چانڊيو سندئي سيني تي نالو هو لکيل
جاني،
ڪچا ڪن ٿي صنم تو خود مٽايو ڪجهه نه
ڪجهه
هوندو.
عابد ’نياز‘ ميمڻ
غزل
حسرتن جي هار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو،
ڪو پريتم پيار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
گيت سَرگم ساز جي آواز ۾ مُڌر رهيو،
پو وري سنسار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
ڪوششون هرڪنهن ڪيون منزل تي پهچڻ واسطي،
جيت جي ڪو هار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
ديد جي قابل هيوڳوڙهو جو اکين مان هو ڪِريو،
بي سبب رُخسار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
مسڪرائي وسوسن ۾ زندگي کي ويو وِجهي،
سِرُ هي پنهنجو دار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
لُڙڪ موتي جي مِثل بازار ۾ وڪڻڻ ويو،
جيئن ويو روزگار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
ٽڪرا ٽڪرا زندگي جو ٿي ويو دامن ’نياز‘،
هو مقامِ يار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.
غزل
حق حقي آواز بيدل تي هيو،
سوز ۾ هڪ ساز بيدل تي هيو.
روح کي راحت به محفل ۾ ملي،
هڪ نئون انداز بيدل تي هيو.
موج ۾ هردم مگن هو من وري،
چاهه جو آغاز بيدل تي هيو.
هو پريتم ياد جي آغوش ۾،
پيار جو پروانو بيدل تي هيو.
من جو منظر ٿيو عيان ’عابد‘ اڳيان،
پو کُلي ويو راز بيدل تي هيو.
ڪوثر هالائي
غزل
ڇو ته ٿيندي آ الائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ؟
ڪيئن ڀلا سگهبي وڌائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ؟
ڇو جفائن کي ڀلا، جيئدانُ ايڏو ٿو ملي،
پل اپل ٿي درد پائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
ٿي صدين تائين رکي، ساهَسُ نڀائڻ جو وفا،
پر وفا ٿي هار کائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
نانءُ وڻ تي نانءُ ڀت تي، ۽ لکيلُ پٿر مٿان،
وقت پر ڇڏيا مِٽائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
ڪالهه واري درد ساري، جو تسلسل اڄ جو ڏک،
پيو زمانو آزمائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
ڇو جبل جيڏي نٿي ٿي؟ ڇو نه اُڀ تائين وڃي ٿي؟
پاڻ ڏسنداسين پُڇائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
ڪاش پريمي پوپٽن جي، ديس ۾ ميلو ٿيئي،
ڪوئي ويٺو روئي ڳائي، پيار جي ٿوري عُمِرِ.
هُو اُتر جي اوتَ جو، شاعر آ ابدي ننڊ ۾،
ڪيرُ ڪوتا کي ٻڌائي؟ پيار جي ٿوري عُمِرِ.
اَمر کُهاوڙ
غزل
راز توکان هُجن متان نڪتا!
ڏسَ جو سڀ جا سڌا سنوان نڪتا!
’ڳالهه نه ڳالهه جِي ڀلا‘ هُوندي،
دوست ڇو ٿا وڃن هٿان نڪتا!
خيال آزاد ٿِي اُڏيا اهڙو،
ڄڻ پَکي ها ڪي ڄار مان نڪتا!
مُون سَٺا ڳالهه ڳالهه تي ها گهاوَ،
لفظ ٿِي تِيرَ تو وٽان نڪتا!
ڇا خبر ڪيرُ ڪيرُ اڄ ڪَکبو!
نانگ ڪارا گهران گهران نڪتا!
بُردباري، خلوص، پيار، وفا،
عيب ڪيڏا ’اَمر‘ منجهان نڪتا!
مير مختيار ٽالپر
غزل
اڙي موت توکان، ڊنا ڪونه آهيون،
ڪلهه ٿي جنهن کي چاهيو، اڄ به ان جا آهيون.
اسان پنهنجي مقدر تي ڀاڙڻ ڇڏيو آ،
همت تون ڏي دوستيءَ جو هٿ ٿا وڌايون.
شڪسته ڪريون دل ته حيف اسان تي،
بردبار آهيون، تڏهن پيا پَڏايون.
بهارن جا عادي، خزان کان ڊڄن ٿا،
اسان ٿا هر موسم، گلي سان ٿا لايون.
اسان پنهنجي لفظن جي مالها وسيلي،
سُتل شينهن آهن، جيڪي پيا ٿا جَڳايون.
زمانو اسانکي ته، سنگدل سڏي ٿو،
ڪير چئي ٿو تولئه، رنا يار ناهيون.
’مختيار مير‘ ڪهڙي به مشڪل اچي پر،
اسان پنهنجي ڪوشش ويتر ٿا وڌايون.
اياز عالم ابڙو
ڪاڇي جي قبرستان مان
قديم تاريخي ٽالپر گورستان جي گمنام چترڪارن جي
ياد ۾
• ڪاڇي جو اسٿان
گاج نئِن کان ڏسجي ٿو
جھونو
قبرستان
• قُبا ڪئين چوڌار
اڏيل شهر عجيب
جڳ سڄِي کان ڌار
• قُبو ڪو اُجڙيل
اندر ڪلاڪار هٿان
ڏاتِ جو ڏِيهه جُڙيل
• عجب عجائب گهرُ
چوڏس ماٺ مزارن ۾
جاڳي ڏات نگر
• وه جيِ ڪرتِ ، ڪمال!
ڀتيون رنگ رتُوليون
گذريا سوين سال
• فنڪارن جو فن
ڄڻ ڪا هٿ وِڄا وائي،
چٽيا تنِ مدِفن
• اندر انڌوڪار
گُهگه ۾ جھيڻو سوجھرو
ڳوليان چِترڪار
• قبرن جي هُن پار
ڀُتِين ڀِتين ڀرِ پاسي
ملان تِن هڪ وار
• منهنجا مورتِڪار
ڪيرُ ڪو ڪاٿئون جو!؟
ناهيان تِن کان ڌار
• ملي تن هِيڪار
پائِي ڳل ڳِراٺِڙيون
هٿ چُمان سؤ وار
• چٽ ڏسي چوڌارِ
سوچُن کي سرطان لڳو
ڏنِي ڏات ميار
• قُبا ڳاٽُ کنيل
منجھن وسڪاري ڪيا گھارا
قبرون کاٽُ هنيل
• ڏات ڏکن جو ڏيهُه
نڌڻڪائي، ويئي کائي،
جنهن جو انت نه ڇيهُه
• ڌڪن منجھ ڌريوُن
ڌڪِي ڌراڙن ڌُوڙِ ڪيون
آرٽ گئلريون
• آهي پهر نه ڪا
سرخيون بڻيا اخبارن جون
ٺلها ليک لکيا
• ڪوئي ڏي ته جواب؟
دفن ٿيا سي لئبررين ۾
قبرون بڻيا ڪتاب
• ڪهِي ڪِي ته اچن
سالُ سوا ڪا
واهر
وندر
ميڙا ڪي ته مچن
• هر منظر مُرڪي
ڪندو ڀليڪار ڀلن ۾
هر مورت مُرڪي
• اچن پير ڀري
مِير مزارن جي ڏِيئڙن ۾
شل ڪا جوت ٻري
• روح ٿين راضي
جرڪِي پئي هڪ وار وري
اونداهو ماضي. |