سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:7 

رسول بخش تميمي

ٺٽي جا بحري بندر ۽ پتڻ

 

سنڌ ملڪ، ڌرتيءَ جي گولي تي اهڙي جاءِ تي آهي، جتي کيس قدرت جي سڀني شاهڪارن مان فائدو وٺڻ جي سهوليت ملي آهي. هن ۾ جبل آهن، وارياسا پَٽَ آهن، چِيڪي ۽ مِٺي مِٽيءَ وارا پَٽَ آهن، هموار پَٽَ آهن. درياءَ، ڍنڍون ۽ واههَ به آهن. هن کي دنيا جي مثالي ندي، سنڌوندي جي سر زمين سڏجي ٿو، ته هڪ ڀَران عربي سمنڊ به آهيس. سنڌ جي تهذيب به دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي، ۽ اهم محل وقوع تي واقع هئڻ سبب سنڌ جا لاڳاپا ڀروارن ملڪن سان به رهيا آهن. انهيءَ سبب هڪٻئي سان ڏيتي ليتي پڻ رهندي آئي آهي. ظاهر آهي انهي لاءِ اچ وڃ جا ذريعا به جوڙيا، انهن ذريعن ۾ پاڻيءَ جا رستا به استعمال ڪيا ويا. تنهن لاءِ بحري بندر ۽ پتڻ بنايا ويا.

سنڌ کي باب الاسلام چئجي ٿو. ٺٽو سنڌ جو دروازو آهي ۽ بندرن جو ديس چئجيس ته ذري برابر وڌاءُ ناهي. لطيف سائين سر سامونڊي ٺٽي جي بحري بندرن جو مشاهدو ڪرڻ بعد ئي جوڙيو، ۽ چيو ته: بندر ديسان ديس. چيو ئي ٺٽي لاءِ آهي، جو ٺٽو سڄو بندر ۽ بازارون هو. ٺٽي ۾ ڪيترائي بحري بندر ٺهيا ۽ ڊهيا، وُٺا ۽ ڦِٽا، آباد ٿيا ۽ برباد ٿيا. اُهي نه فقط بندر هئا ليڪن ساڳئي وقت سهڻا وسندڙ ۽ بارونق شهر به هئا، جن کي دنيا جي سياحن ۽ عالمن گهڻو ئي واکاڻيو آهي. انهن بندرن ۽ بازارن جو ناماچار سڄيءَ دنيا ۾ هو جو دنيا جا برک سياح، عالم ۽ واپاري انهن جي طرف ڇڪجي ٿي آيا. هتي آءٌ اول انهن بندرن جو ذڪر ڪندس جن جو ذڪر تاريخن جي ورقن ۾ آيو آهي ۽ ڪي بندر هئا، جن جو ذڪر هن وقت تائين به ڪنهن تاريخ ۾ ناهي آيو، ۽ انهن مُکيه دريائي پتڻن جو ذڪر ڪندس جيڪي سنڌوءَ جي پار ڪرڻ لاءِ جوڙيا، اِهي پتڻن جي حيثيت ۾ استعمال ٿيڻ کان سواءِ ڍوڪ طور پڻ ڪم ايندا هئا، جتي مڇي گڏ ٿيندي هئي ۽ واپاري اچي خريد ڪندا هئا. اهڙا پتڻ سنڌوءَ جي ڇاڙن تي پڻ هئا ۽ آهن.

سامونڊي بندر:

1- ديبل بندر:

هي بندر، ٺٽي ضلعي جو تمام قديم سامونڊي بندر آهي، جيڪو گهاري واري کاريءَ تي واقع هو، جيڪا ڪلري درياء جو حصو آهي. هي بندر ديسان ديس مشهور هو. اگرچه محل وقوع جي لحاظ کان تاريخدانن جي راءِ قائم ٿي آهي ته موجوده ڀنڀور جو ڀڙو ئي ديبل بندر جو مقام آهي. ڀنڀور، جنهن کي سڪندر يوناني جو شهر باربريڪان به چون ٿا. مائي سسئي به انهيءَ ڀنڀوران ٻاهر نڪري پنهونءَ جي پُٺ پيئي هئي. اسلام جو پهريون پير به انهيءَ ئي ديبل ۾ داخل ٿيو هو. هي بندر پنهنجي وقت جو هڪ مصروف ترين بندر ۽ واپاري مرڪز هو. علاوه ان جي هتي عالمن ۽ فاضلن جو ديرو پڻ هو. هن وسندڙ وستيءَ جي ويرانيءَ بابت اِهو گمان غالب آهي ته ڪنهن سامونڊي زلزلي سبب ڦِٽو يا پاڻي هٽي وڃڻ سبب ويران ٿيو يا وري سسئي ڏني باهه ڀنڀور کي ۽ وسندڙ ويڙهو ويران ٿي ويو.

2- ٺٽوبندر:

ٺٽو ڪنهن جوڙايو، ڪڏهن جُڙيو ۽ ڪيئن جُڙيو سو هڪ جدا موضوع آهي. هتي مان ٺٽي جي بندر واري حيثيت بابت ڄاڻ ڏيڻ چاهيندس. ٺٽو هڪ وسندڙ شهر سان گڏ هڪ معروف بندر جي حيثيت پڻ رکندو هو. هونئن به اسان وٽ لاڙ ۾ ٺَٽِي، ٺَٽِ ان هنڌ کي سڏبو آهي جتي تڙ هجي ۽  ماڻهن جي گهڻائي هجي. جڏهن تڙ جي حيثيت وڌي وڃي ته بندر جي صورت جُڙندي آهي، ۽ ٺٽي تڙ مان بندر جي صورت ورتي. هڪ پورچوگيز ليکڪ ۽ سياح نڪولس وٿنگٽن لکي ٿو ته، ٺٽو هڪ وڏو واپاري مرڪز ۽ خاص بندر آهي، جتي سدائين جهازن جون قطارون بيٺل هونديون آهن. اِهو ٺٽو ئي هو، جنهن کي ٻاهرين سياحن، عالمن، تاريخدانن، جاگرافيدانن دنيا ۾ ڌرتيءَ جي جنت سڏيو آهي. انهيءَ مان ٺٽي جي عروج جو ڪاٿو ڪري سگهي ٿو.

3- لاڙي بندر:

هن بندر کي الڳ الڳ نالن سان سڏيو ويو آهي. سنڌونديءَ جي هڪ شاخ بگهياڙ تي سمنڊ کان ويهه ڪلوميٽر پري هو. هن کي لاڙي بندر، لاڙائي بندر، لاهري بندر، لاهوري بندر يا لوهاراڻي جي نالن سان سڏيو ويو آهي. هي بندر پنهنجي وقت ۾ انتهائي معروف ۽ مصروف ترين بندر هو، جتي ٻاهرين ملڪن جا واپاري به واپار سانگي اچي سهڙندا هئا. پورچوگيز، ڊچ، انگريز به هتي اچي پهتا. هي بندر اڻيهين صديءَ جي پهرين چوٿائي ۾ ڦٽي ويو، ليڪن تاريخ ۾ هميشه ڳڻيو ويندو.

4- اورنگا بندر:

جاتي تعلقي جي حدن ۾ هن عاليشان بندر جا آثار موجود آهن. هي بندر سمنڊ مان نڪرندڙ سيرپکار جي ڪپ تي واقع آهي. هن بندر کي جدا جدا نالن سان سڏجي ٿو. اِهو بندر شهزادي اورنگزيب سنه 1650ع ۾ جوڙايو. انڪري، اورنگزيب بندر، اورنگ بندر اورنگ آباد بندر، اورنگابندر سڏجي ٿو. هن بندر تان قلمي شورو، ڪپڙو ۽ ٻيو سامان ٻاهر اماڻيو ويندو هو. هتان ايراني نار، بصري، مسقط، ڪانگو، بحرين ۽ سورت بندر طرف ڏيتي ليتي ٿيندي هئي. هيءُ ناميارو بندر سامونڊي زلزلي سببان اُجڙي ويو.

5- اَلهيه بندر:

هن بندر جا نشان جاتي تعلقي ۾ ڪلڪان ڇاڻي کان ارڙنهن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ تقريباً ويهن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. هي بندر اَلهيه خواجي جي نالي سان سڏبو هو، جيڪو ديرائي خواجن مان هو. هُو وڏو واپاري هو، سندس واپار بحرين، مسقط ۽ بمبئي پاسي هلندو هو. اِهو بندر، اورنگابندر کان اٽڪل پنجاهه سال اڳ قائم هو، جتان مقامي شيون ٻاهر موڪليون وينديون هيون.

6- کڏو بندر:

هن بندر جا آثار جاتي تعلقي ۾ عربي سمنڊ مان نڪتل سير کاريءَ جي منهن وٽ موجود آهن. اِها سير لاکارڻ وٽان نڪري مغلڀين جي ڏکڻ ڀر شهر کان 3 ڪلوميٽرن تي ختم ٿئي ٿي. هن پراڻي بندر جي آثارن ۾ مٽيءَ جا دڙا ۽ پڪين سرن جا نشان پڌرا آهن. هن بندر تان گهڻو ڪري اناج ٻاهر اماڻيو ويندو هو. اِهو بندر غالباً سنڊي بندر کان اڳ جو آهي. جڏهن سنڊو بندر وسندڙ هو ته ان وقت کڏو وسندڙ نه هو. هن بندر متعلق ڪا دستاويزي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. البت محل وقوع تي موجود نشانن مان پروڙ پوي ٿي ته هي بندر به پنهنجي وقت ۾ مشغول محل هو. موجوده سرڪار هن بندر کي نئين سر اڏائڻ لاءِ سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. شايد ويرانو وسي پوي.

7- ڪيٽي بندر:

ڪيٽي بندر سنڌوءَ جي، اوچتو ڦاٽ تي ڳاڙهي شهر کان 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. وڪر ۽ گهوڙا ٻاري جي ڦٽڻ بعد هن بندر کي وارو مليو. 1840ع ڌاري هن کي بندر جي حيثيت حاصل ٿي. هتان اناج ۽ ڪاٺ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو. 1936ع تائين هن جي بندر واري حيثيت قائم رهي. موجوده حڪومت اتي هڪ مِني پورٽ قائم ڪرڻ ۽ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وري وڻجارا وکر وهائيندا.

8- گهوڙا  ٻاري:

گهوڙا ٻاري يا ٻاري گورهه نالي هڪ بندر درياءَ جي ’اوچتو‘ شاخ تي واقع هو. 1813ع ۾ انگريزن جو هڪ بحري دستو انهيءَ بندر ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. انهيءَ بندر جا آثار ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ٽِڪي جي ڳوٺ ڀرسان واقع آهن. موجوده وقت ٺٽي ضلعي ۾ گهوڙا ٻاري نالي هڪ تعلقو قائم آهي.

9- جاکي بندر:

هن بندر جا آثار، لاڙي بندر جي آثارن کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اوڀر ۾ واقع آهن. اِهو بندر، مني بندر جي حيثيت رکندو هو، جتي ٻيڙين ذريعي سامان آندو ۽ نِيو ويندو هو. موجود وقت هتي هڪڙي ڊٺل قلعي جا اهڃاڻ ڏسجن ٿا.

10- سنڊو بندر:

مغلڀين شهر کان ڏکڻ- اولهه طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديهه ڏجو، تپو ڏجو ۾ هڪ بحري بندر جا آثار واقع آهن، جن کي سنڊو بندر سڏجي ٿو. هيءُ پراڻو شهر ۽ بندر اڄ کان پنجاهه سال اڳ آباد هو. کڻي جو پهريون اوج نه هئس، پر هي بندر سمنڊ مان نڪتل سير کاريءَ جي اولهه ڀر هو. ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ جڏهن پيڃاري واهه جي پوڇڙ ۾ سير کاريءَ جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بند ٻڌو ويو ته تعلقي جاتيءَ جي هن بندر اناج جي واپار ۾ خاص اهميت حاصل ڪئي. هر سال اَٺ، نَوَ لک روپين جي ماليت تائين آمدني ۽ روانگي واپار ٿيندو هو. هتي ڪسٽم آفيس به قائم هئي. سير کاري سڪڻ ڪري هي بندر اُجڙي ويو.

11- وڪر بندر:

سنڌونديءَ جي ڊيلٽا وٽ وڪر بندر جا آثار ملن ٿا. 1840ع ڌاري هي هڪ اهم بندر ليکبو هو، هتي هڪ قلعو به قائم هو، جنهن وٽ جهاز بيهندا هئا. هن بندر جا آثار تعلقي گهوڙا ٻاري جي حدن ۾ واقع آهن. ڪهڙن سببن ڪري ويران ٿيو، تنهن لاءِ ڪابه خبر نٿي پوي.

12- شاهبندر:

هن نامياري بندر جا آثار سمنڊ مان نڪتل ڦنگ مَل ڍوري تي واقع آهن. هي بندر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ اڏايو هو ۽ اورنگابندر مان اڏاوتي سامان ۽ ماڻهو لڏائي آڻي هن بندر کي آباد ڪيو. انگريزي فيڪٽري به اُتان منتقل ٿي شاهبندر پهتي. هن بندر تي ڪلهوڙي حاڪم پنهنجا پندرنهن جهاز بيهاريا هئا. هن بندر پنهنجي وقت ۾ سٺي واپاري حيثيت حاصل ڪئي. هتان ڏيساور سان وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. انهيءَ ئي ڪشش سبب وڏا واپاري شاهبندر طرف ڇڪجي آيا پرڪمال کي زوال به آهي، سو 1819ع واري زلزلي هڻي ڀڃي وڌس ۽ اوج ختم ٿي ويس. شهر پوءِ به ڪجهه عرصو قائم رهيو. هتي علم وادب جا چرچا به رهيا. حافظ حبيب سنڌي. ’تاريخ شاهبندر‘ ۾ شاهبندر جي پندرنهن فارسي شاعرن جا نالا ڏنا آهن. هتي رسالتمآب حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو ’وار‘ مبارڪ رکيل آهي، جنهن جي ذوالحج مهيني جي ڏهين تاريخ تي زيارت ڪرائي ويندي آهي.

انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ننڍا بندر ٺهندا ۽ ڊهيندا رهيا، جن ۾ سوکي بندر، ڏجو بندر وغيره شامل آهن، پر زماني جي ڦيرن گهيرن سببان وسندڙ وستيون ويران ٿي ويون.

دريائي پتڻ:

آمدورفت جي ذريعن ۾ دريائي پتڻن جي به خاص اهميت رهي آهي. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ مختلف حيلن بهانن سان جيڪي سروي ٽيمون موڪليون، اُهي به گهڻو ڪري انهن پتڻن رستي پار پهتيون. علاوه مقامي ماڻهن جي، اچ وڃ جو وڏو وسيلو اِهي پتڻ رهيا آهن. ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ گهڻائي دريائي پتڻ رهيا آهن. عزيز جعفراڻي اهڙن پتڻن جو انگ پنجٽيهه ٻڌايو آهي ۽ پنجن پتڻن جا نالا ڏنا آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا نَوَ (9) پتڻن جا نالا ڏنا آهن. هتي مان ڪُل پتڻن جا نالا ڄاڻائيندس جيڪي درياءَ سنڌ ۽ ان جي ڇاڙن تي قائم هئا. هن وقت به ضلع ڪائونسل ٺٽي وٽ ڪجهه پتڻ رجسٽرڊ ٿيل آهن، جن جو ٺيڪو هر سال نيلام ۾ ايندو آهي.

1- سنهڙي پتڻ ٻئي ڀر ونگائي پتڻ.

2- سوکي پتڻ ٻئي ڀر ڪاڪ فريد خان پتڻ.

3- خچر پتڻ - ٻئي ڀر بچو ڪيهر پتڻ.

4- جادي واري پتڻ ٻئي ڀر کاروڇاڻ پتڻ.

5- جوڳيئڙا پتڻ- ٻئي ڀر دارسي پتڻ (ڳوٺ حاجي مانجهي اوٺو)

6- جوڳيئڙ پتڻ - ٻئي ڀر سڄڻ واري پتڻ.

7- آٿرڪي پتڻ - ٻئي ڀر ڌرمومل پتڻ.

8- پالڪي پتڻ - ٻئي ڀر ٻاٻيهو پتڻ.

9- موسيٰ وارو پتڻ - ٻئي ڀر جنگيسر پتڻ.

10- باگاڻا پتڻ - ٻئي ڀر ڌانڌاري پتڻ.

11- احمدخان جلباڻي پتڻ - پنيو شورو پتڻ.

12- ٻڍاڻي پتڻ - ٻئي ڀر اُڏيرو لال پتڻ.

13- قادر ڏنو شاهه پتڻ - ٻئي ڀر گهوڙا ٻاري پتڻ.

14- پارهيڙي پتڻ - ٻئي ڀر سانول پورپتڻ

15- ڳاهي وارو پتڻ - ٻئي ڀر بچل پاتڻي پتڻ.

16- اُپلاڻا پتڻ - ٻئي ڀر گليل پتڻ.

17- مٺارا پتڻ - ٻئي ڀر درويش پتڻ.

18- سيد پورپتڻ - ٻئي ڀر ٺٽو پتڻ.

19- ٻيلو پتڻ - ٻئي ڀر ڇتو چنڊ پتڻ.

20- سور جا پتڻ - ٻئي ڀر سونڊا پتڻ.

21- ڏاڏون پتڻ – ٻئي ڀر جهرڪ پتڻ

22- مولچند پتڻ - ؟

طوالت کان بچڻ لاءِ انهن پتڻن جو مفصل احوال ڪنهن ٻي نشست ۾ پيش ڪبو، هن وقت انهن پتڻن مان ڪي چار يا پنج پتڻ قائم آهن.

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

ماخذات:

1- تحفة الڪرام- ميرعلي شير قانع ٺٽوي.

2- سنڌ جي اقتصادي تاريخ- ايس.ڇٻلاڻي.

3- تاريخ ڪلهوڙا - غلام رسول مهر.

4- لاڙجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ - ڊاڪٽر غلام علي الانا.

5- تاريخ سجاول- عزيز جعفراڻي.

6- شاهبندر جي تاريخ. حافظ حبيب سنڌي.

7- تاريخ جاتي- رسول بخش تميمي.

8- ڪيٽي بندر (مضمون) - عزيز جعفراڻي

9- جاتي جُڳن کان (مضمون)، رسول بخش تميمي.

10- روايت: مولانا محمد عثمان کٽي- چُوهڙ جمالي.

11- سيد پير محمد شاهه، چوهڙ جمالي.

12- محمد ٻُهريو- ديهه تل تعلقو جاتي.

13- حافظ حبيب سنڌي.

سيد انور شاهه

مولانا محمد عثمان نورنگزاده جون

علمي ادبي خدمتون

مخدوم مولانا محمد عثمان رحمة الله عليه ولد حافظ محمد نورنگزاده سنه 1271 ھ مطابق 1854ع ۾ ڳوٺ کورواه تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.

مولانا صاحب، مخدوم نورالله عرف مخدوم نورنگ جي اولاد مان هو. نورنگزاده اصل ذات جا سومرا هئا، سندن علائقو ڪڇ راجستان، هندستان آهي. پوءِ اتان سنڌ ۾ گذر سفر سانگي اچي رهيا.  نورنگزادن جو خاندان، علمي ۽ ديني خاندان رهيو آهي، هن خاندان تقريباً 500 سالن کان اهم ديني خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ علم جي روشنيءَ سان لاڙ جي علائقي کي منور ڪيو آهي. هن خاندان جو باني الله جو هڪ ولي قطب ربّاني ’مخدوم نورالله رحمة الله عليه‘  آهي ۽ انهن جو مسڪن ڳوٺ روپاه، تعلقو بدين ۽ ٽنڊو غلام حيدر رهيو آهي. جنهن کي هنن پنهنجي تصنيفن ۾ ’الوهار‘ ڪري لکيو آهي. هن خاندان جي علمي ڌاڪ سڄي سنڌ ۾ مڃيل آهي. ٺٽي جي عالمن، ڪوٽ عالم، مٽياري جي عالمن هن خاندان جي تصنيفن کي پنهنجي لکڻين ۾ سند طور پيش ڪيو آهي.

سومرن جي صاحبيءَ ۾ مخدوم نورالله عرف مخدوم نورنگ وڏو عالم، درويش ۽ متقي بزرگ ٿي گذريو آهي. ملتان وارن بزرگن جي پاران لاڙ لاءِ خليفو مقررٿيل هو. هي بزرگ تاريخ 11 رمضان المبارڪ سنه 905  هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. اگھم ڪوٽ ۾ سندس مدرسو هو، جنهن ۾ حديث تفسير ۽ فقه جو درس ڏيندو هو، جنهن مان هزارين طالب علمن فيض پرايو. اگھم ڪوٽ کي ڇڏڻ کان پوءِ هن بزرگ ٽنڊي حيدر کي اچي وسايو ۽ پڇاڙيءَ  تائين ديني خدمت ڪندو رهيو. سندن ذات سومرن مان نورنگزاده ٿيڻ بابت مولانا سلام الله نورنگزاده پنهنجي تصنيفات ۾ لکي ٿو ته، ”خليفو ڪڙيوگھنور وارو ۽ محمد حسن جوڻن وارو ۽ اشرف ڪاماري وارو ۽ مخدوم محمد عابد نورنگزاده چارئي دوست هوندا هئا، جڏهن مخدوم عابد رحلت فرمائي ويو، تڏهن خليفه ڪڙيه واري 80 ختما پڙهائي کيس ثواب بخشايو. اها ڳالھ مون ماما عبدالله کان ٻڌي هئي. هن ڳالھ کي گھڻا سال ٿيا آهن. جو هڪڙي سال کورواھ جي شهر ۾ بيماري وبا جي اچي پيئي هئي، جنهن ڪري گھڻا ماڻهو مُئا هئا، هڪڙي رات هڪڙو ڌوٻي کورواهه ڀرسان کوه تي ڪپڙا کڻي ڌوئڻ ٿي ويو، جڏهن کوهه وٽ آيو ته ڏٺائين ته هڪڙو مرد نوراني سفيد ريش ڪُنڌري سندس هٿ ۾ آهي، تڏهن ان ڌوٻيءَ کيس پڇيو ته، ”توهان ڪير آهيو؟“ ان ڌوٻيءَ کي چيو ته آءٌ مخدوم نورنگ آهيان. هتي منهنجو هڪ گھر آهي.“

مخدوم نورنگ جي خاندان وارا ٻڌائين ٿا ته: مخدوم نورالله کي ان ڌوٻيءَ طنز ڪندي چيو ته پيري مريدي ۽ ڪاني ڪرامت لاءِ شرط آهي، سيد زاده هجي، تون ڪير آهين؟ (مطلب ته تون سيد ته ڪونه آهين، تنهنڪري تون بزرگ نٿو ٿي سگھين.) مخدوم صاحب جواب ڏيڻ بدران کيسي ۾ پيل ڏندڻ ڪڍندي فرمايو ته: ’هيءَ منهنجي ذات آهي‘ ۽ ايئن چئي ڏندڻ کڻي تلاءَ ۾ اڇلايائين، ته ان ۾ نَوَ (9) رنگ ڏسڻ ۾ آيا. ان ڪرامت کان پوءِ مخدوم صاحب کي نورنگ چوڻ لڳا.

هيءُ بزرگ عالم 6 شعبان 994 هجريءَ ۾ هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مزار ٽنڊي غلام حيدر تعلقي گونيءَ ۾ آهي. هن جو اولاد پاڻ  کي ’نورنگزاده‘ سڏائيندو آهي.

مولانا محمد عثمان نورنگزاده ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي ۽ پوءِ مولانا صاحب، علامه محمد عثمان ’قرانيءَ‘ وٽ مدرسه مجدديه ڳوٺ عمر ڀنڀري لڳ اسٽيشن شادي پليءَ ۾ مدرسه جي چوڏهين جماعت ۾ تعليم ورتي هئي. ساڻن ٻيا طالب العلم هئا- مولوي عبدالحئي فرزند علامه قراني، مولوي غلام علي شاھ سونڊا، مولوي ولي محمد لاڙ، مولوي محمد ادريس درس، مولوي محمد اسماعيل لغاري قريه مسڻ، مولوي محمد يعقوب خاصخيلي بدين ۽ ٻيا.

مولانا صاحب وقت جي برک عالمن کان فقه، حديث، تفسير، منطق، فلسفي ۽ تاريخ کان علاوه عربي، فارسي ۽ سنڌي ادب جي تعليم حاصل ڪري دستار بندي ڪيائين. جڏهن حسن علي آفندي، مسلمانن لاءِ تاريخي درسگاھ سنڌ مدرسة الاسلام جو بنياد رکيو ته مولانا محمد عثمان نورنگزاده صاحب سندس ٻانهن ٻيلي ٿيو. سنڌ مدرسه ۾ سنه 1850ع ۾ (فقه جواستاد) مقرر ٿيو“.  پاڻ سنڌ مدرسةالاسلام جي اوائلي استادن مان هو. هن اداري جي معلمن، سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، سا وسارڻ جھڙي نه آهي. انهن سڀني جو رهبر ۽ اڳواڻ مولانا محمد عثمان نورنگزاده صاحب هو. مولانا صاحب پنهنجي وقت جو جيد عالم حڪيم، مفسرِ قرآن، منطق، فلسفي ۽ تاريخ کان علاوه عربي، فارسي ۽ سنڌي ادب جي تعليم جو ماهر، مصنف ۽ شاعر، علم طب، علم نجوم، علم رمّل ۽ علم جفر جو پڻ تمام وڏو ڄاڻو هو. پاڻ پنهنجي سموري زندگي اسلام جي اشاعت ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪندي گذاري.

مولانا صاحب 1850ع کان 1912ع تائين، پنهنجي زندگيءَ جي ڊگھي مدت سنڌ مدرسة الاسلام جي،
بي لوث خدمت ڪندي گذاري. مولانا صاحب
سنڌ  مدرسه جي ڪرانيڪل سنڌي ايڊيشن (ماھوار سنڌ مدرسه) مئگزين جو پهريون ايڊيٽر هو، جنهن ۾ مولانا صاحب ديني، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مضمون، مقالا ۽ صوفياڻي شاعري لکي، شايع ڪرائي ،سنڌ جي مسلمانن کي وقت بوقت سجاڳ پئي ڪيو. مولانا صاحب فارسي ۽ سنڌي ۾ بي تڪلف شعر گوئي ڪئي ۽ سندن محققانه صوفيانه سنڌي غزل ۽ ڪافيون مدرسه جي ڪرانيڪل ۾ وڏي آب ۽ تاب سان شايع ٿيندا هئا، مولانا صاحب سنڌيءَ ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي، جنهن مان ڪجھ ان وقت جي رسالي ۾ شايع ٿي هئي، باقي اڏوهيءَ جو کاڄ بنجي وئي. سندن (منظوم) سنڌي خطبا، سنڌ جي ننڍي ۽ وڏي ڳوٺ ۾ اڄ تائين پڙهيا وڃن ٿا. مولانا صاحب سنڌي خطبا ان وقت تصنيف ڪري شايع ڪرايا هئا، جنهن وقت هي مشهور ٿي ويو هو ته عربي زبان کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي ۾ خطبو پڙهڻ جائز نه آهي، ان وقت مرحوم حافظ حامد علي ۽ بچل مرحوم جا سنڌي خطبا موجود هئا، پر ڪنهن کي جرئت نه ٿي، جو سنڌي خطبا شايع ڪرائي، مولانا ئي واحد شخص هو، جنهن پهريون سنڌي خطبا شايع ڪرايا، انهن جي تائيد ۾ مولانا صاحب ڪتاب: ’هدية  الندية  في جواز  الخطبة  بلسان  الهندية‘ سنڌيءَ ۾ خطبن پڙهڻ بابت لکيو، جيڪو مولوي عبدالحئي لکنوي جي لکيل ڪتاب جي جواب ۾ هو، ان ۾ هڪ زبردست فتويٰ لکي شايع ڪئي ته عربي زبان کان سواءِ سنڌي خواه ڪنهن به ٻوليءَ ۾ خطبو پڙهي سگھجي ٿو. هيٺ سندس فتويٰ پڙهي سگھجي ٿي.

فتويٰ

معلوم هجي ته ڪجھ نيم خوانده ماڻهو چوندا آهن، سنڌي  بيت خطبن ۾ پڙهڻ جائز نه  آهن، انهن جي لاءِ هيءَ فتويٰ لکجي ٿي ته ، ”حضرت امام اعظم ابو حنيفه رحمة الله عليه جي  مذهب ۾ سڄو خطبو به  عربي  کان سواءِ ٻي زبان  ۾ پڙهڻ جائز آهي. سڀني فقہ جي ڪتابن ۾ وڃي  ڏسو ته برابر ائين ئي لکيل آهي يا نه؟ ڪنهن به  فقہ جي ڪتاب ناجائز  ته بجاءِ  خود  پر ڪراهت به ڪونه لکيو آهي.  بلڪ هن وقت ۾ ته  تمام چڱو  آهي جو، سنڌ  ۾ عربي خطبن جا ترجما  ٻڌائجن.  مولوي عبدالحئي لکنوي جو ڪراهت لکيو آهي، تنهن جي جواب ۾ سَون علمائن لکيو آهي ته اهو غلط آهي ته انهيءَ بابت اسان به هڪ ڪتاب جوڙيو آهي، عربي ۽ فارسي زبان ۾ جنهن جونالو آهي ’هدية الندية في جواز الخطبة بلسان الهندية‘، انهيءَ ڪتاب ۾ اسان  ڪتابن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي، ته عربي خطبي کان پوءِ سنڌي يا هندي ٻوليءَ ۾ بيت نصيحت پڙهڻ جائز آهن، نه ڪراهت آهي نڪو گناھ، ٺيڪ ثواب آهي. ان ڪتاب تي گھڻن علمائن  مُهرون هنيون آهن ۽  صحيحون ڪيون آهن،   نه رڳو اسان جو ڪتاب ان باب ۾  جوڙيو آهي،  پر مرحوم مولوي عبدالحئي بنگلوري ۽ مولوي قاضي عبدالقدوس بنگلوري ۽ ٻين ڪيترن علمائن سڳورن به فتوائون لکيون آهن،۽ ان بابت ڪتاب جوڙيا اٿن، جنهن ماڻهوءَ کي اڃا به  ڪو شڪ هجي، ان  ڳالھ  ۾ ته ڪتاب اسان کان  لکي گھرائي ڏسي ته شڪ لهي ويندس. (والله اعلم بالصواب)       

فقير محمد عثمان معلم الفقہ مدرسة الاسلام ڪراچي.

]سنڌيءَ ۾ خطبن بابت ڪتاب: ”هدية الندية في جوازالخطبة بلسان الهندية“ مان ورتل مولانا محمد عثمان نورنگزاده جي فتويٰ[

مولانا صاحب گھڻي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ  جي باوجود تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ گھڻي دلچسپي رکندو هو، جنهن پنهنجي قلمي سخا سان سنڌ جي مسلمانن جي بهترين خدمت بجا آندي. مولانا صاحب جي تصنيف عوام ۾ ايتري ته مقبول هئي جو، جھڙو به ڪتاب شايع ٿيندو هو، اهو هر وقت هٿوهٿ وڪامجي ويندو هو. سندن تصنيفات مان مشهور ڪتاب هي آهن:

1. تحفةالاسلام، (سنڌي ڇھ حصا)

2. تحفة المسلمين، مع عجائبات محمدي صلي الله عليہ وآلہ وسلم

3. بياضِ عثماني (شاعري وغيره)

4. خطبات عثماني، (جمعه ۽ عيدن جا خطبا)

5. حالاتِ غوث اعظم، ترجمه بهجته الاسرار

6. اڪسيرالاحمر في اسرار الجفر- ٽن جلدن ۾

7. فتوح الغيب جو سنڌي ترجمو

8. بينات القرآن لهدايت العميان (سنڌي)

9. عجب العجائب

10. راھ نجات

11. اشراق نماز جون فَضيلتون

12. خلاصة الفقہ فارسي/سنڌي( قلمي) 1904ع

13. رسالہ في الحديث المصطفيٰ من الکلام النبوي عربي _سنڌي (مترجم- سنڌي) قلمي.

14. قرآن جون سورتون ترجمه نعتيه تنويرالايمان

15. ’تفسيرتنويرالايمان في تفسير القرآن‘

مولانا صاحب جي آخري تصنيف ’تفسير تنويرالايمان‘ آهي، جنهن کي مولانا صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ 1904ع ۾ شروع ڪيو هو ۽ 1918ع تائين سورة شوريٰ يعني پنجويهين پاري جو چوٿون حصو لکي پورو ڪيائون ته زندگي ساٿ نه ڏنو، جنهن سبب ان کي پورو ڪري نه سگھيا. باقي پوڻن ڇهن پارن جو تفسير سندن پوٽي مولانا محمد نورنگزاده جن ساڳيءَ طرز تي لکي مڪمل ڪيو. هي تفسير تمام بهترين تفسير آهي. مولانا صاحب، پير جھنڊي وارن مان سيد رشدلله عرف محمد راشد روضي ڌڻي رحه جو دست بيعت مريد هو، جنهن جو ذڪر مولانا صاحب ’تفسير تنوير الايمان في تفسير القرآن‘ ۾ ڪيو آهي، اهو مشهور تفسير پنهنجي مرشد جي اجازت ۽ صلاح و مشوري سان لکيو اٿن. 

محمد عثمان نورنگزاده جي تصنيفات جو تفصيلي ذڪر راقم جي تحقيقي مقالو براءِ (پي ايڇ.ڊي) باب ٽئين ۾ ڪيو ويو آهي.

جڏهن مولانا صاحب پاڻ سنڌ مدرسة الاسلام کان 1912ع ۾ سبڪدوش ٿيڻ لاءِ استعيفا ڏيڻ جو خيال ڪيو ته ان وقت جي پرنسيپال ۽ ڪاليج جي ۽ ان وقت جي ڪمشنر وائيس پريزيڊنٽ لارڊينس کيس نه ڇڏيو، پر پاڻ 28 سال ملازمت جا پورا ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ کورواھ (ضلع بدين) ۾ رهي پنهنجي خانگي ڪمن ڪارين ڏانهن توجھ ٿيو ۽ پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيڻ جو شوق دامنگير رهيس. ان ڪري مولانا صاحب پنهنجي ڳوٺ کورواهه جي مدرسي کي اچي آباد ڪيائين ۽ ’تفسير تنويرالايمان‘ جو ڪم به جاري رکيائون. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي طرفان سندن خدمتن جي سِلي ۾ مولانا صاحب کي ڪجھ زمين انعام ۾ ملي جيڪا سندن پونئرن جي ملڪيت آهي، پاڻ ان کي آباد ڪيائون.

مولانا صاحب کي هڪ پٽ حافظ غلام محمد هو، جنهن مان هڪ پوٽو ’مولوي حافظ محمد نورنگزاده‘ پيدا ٿيو. ان جي تعليم ڏي خاص خيال رکيائون. پنهنجي پوٽي جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ لڳا، مولانا جي تعليم وتربيت جو اهو اثر ٿيو،جو مولانا حافظ محمد نورنگزاده به هڪ اعليٰ علمي شخصيت جو مالڪ بنجي ويو. هُو نه صرف حافظ قرآن بلڪ، عالم، اديب، شاعر، مفسر، مترجم ۽ تمام سٺو حڪيم بنجي ويو، جنهن جو مظهر اهو آهي، جو مولانا محمد عثمان صاحب، جي علالت ۽ وفات بعد ’تفسير تنويرالايمان في تفسيرالقرآن‘ جا آخري پوڻا ڇھ سيپارا ساڳئي طرز ۽ تتبع تي مولانا حافظ محمد نورنگزاده لکي پورا ڪيا.

وڌيڪ مولانا حافظ محمد نورنگزاده جي شاعري ۽ ڪارڪردگيءَ جا تفصيل، سندن سوانح حيات ۾ پڙهي سگھجن ٿا. مولانا محمد عثمان نورنگزاده صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد واپس پنهنجي ڳوٺ کورواھ ۾ اچي دين ۽ عوام جي فلاح لاءِ به ڪم ڪرڻ لڳو. پنهنجي علائقي ۾ عام ماڻهن جي ديني مسئلن کي حل ڪندو هو، پيچيده فقهي مسئلا، مولانا علي محمد مهيري، مولانا حاجي حامدالله ٻيلوي، مولانا محمد هاشم کٽي غلام الله وارو، ۽ مولانا محمد عمر کٽي چوهڙ جمالي، مولوي حاجي احمد ملاح، سيد عبدالرحيم شاھ سجاولي، مولوي فتح علي جتوئي وڏو ۽ ٻين عالمن سان باهمي مشاورت سان ماڻهن جا فيصلا ڪري مونجھارا حل ڪندو هو. تر جي چڱن عالمن جو حلقو هوندو هو، جنهن سان ميل جول ۽ ديني معاملن جي ڏي وٺ هلندي رهندي هئن. ڪيترن ئي فيصلن ۾ مولانا صاحب جو هجڻ ضروري سمجھيو ويندو هو، ۽ لکيل فتوائن تي مولانا جي مُهر ۽ دستخط موجود آهن. مولانا علي محمد مهيري جي ڪتاب ’بياض مهيري- جلد 1-2‘ ۾ به اهڙا فيصلا ۽ فتوائون موجود آهن، جنھن تي مولانا محمد عثمان صاحب، مولانا حامد الله ٻيلوي، مولانا سليمان ٻنوي، مولانا غلام علي گوپانگ، مولانا عبدالصمد نورنگزاده جا دستخط موجود آهن. مولانا نورنگزاده صاحب جن جي سندن علائقي کورواھ ۽ لاڙ پَٽَ جي عالمن سان فيصلن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن ۽ معاملن جي سلسلي ۾ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. مولانا علي محمد مهيري سان دوستي هئنِ. علامه علي محمد مهيري به وڏو عالم ۽ داناء شخص هو، مولانا نورنگزاده کي عربيءَ ۾ خط لکيو هو، جو هتي ڏجي ٿو:

خط جو عربي متن:

”ونعرفڪم اِن مودّ تنا ما هي بانشوطةٖ واهيةِ، بل کا لعقال  اِلمؤرب واما سائر الحباب فما ادري ايّ الحظ لهم واني لا اَڪُل الاّ لَحۡم بهَمَه شابعٍ فاِن سَحَتّ فارسلوا الينا شيئاً واِلاّ فاللبن المَسۡحوط  هو غذائنا وانتم نقسون المرطراط  وَالسّرطراط  لٰڪن انا ما استطعت لضعفي وسنلقا ڪم انشاءالله.“

ترجمو: ”اوهان کي معلوم ڪرايون ٿا ته اسان جي محبت ڍري ڳنڍ نه آهي (جا هلندي ڇُڙي پوي)، بلڪ ڏاڻ آهي پيچ پاتار- ٻين يارن جي ته خبر ڪانه اٿئون ته ڪهڙو نمونو اٿن. آءٌ ته متاري ٻڪريءَ جي گوشت ڌاران ٻيو ڪجھ  به نه واپرائيندو آهيان، سو موجود  هجي ته کڻي ڪجھ  موڪلجو، نه ته کير خالص اسان جو ته کاڌو آهي (سو موجود آهي)، ۽ اوهين (عيد جي موقعي تي) جيڪي سيويون (سَيون) ۽  سيرا  ورهائيندا  آهيو، تن جي واپرائڻ جي مون کي توفيق نه آهي، ڇاڪاڻ ته طبعيت ضعيف آهي. اميد ته جلدي ملنداسين.“

اهڙيءَ طرح اتي جا ٻيا عالم به مولانا صاحب سان محبت جو اظهار پيا ڪندا هئا، گڏجي پوري علائقي جي ماڻهن جي فلاح وبهبود، ۽ ديني معاملن ۾ باهمي صلاح و مشورن سان فيصلا ۽ نبيرا ڪندا هئا. مولانا محمد عثمان جي ’بياض عثمانيءَ‘ تي ۽ مولانا علي محمد مهيري جي ’بياضن‘ ۾ فيصلن ۽ فتوائن تي، مولانا محمد عثمان نورنگزاده، مولانا علي محمد مهيري، مولانا محمد سليمان ٻنوي، مولانا حامدالله ٻيلوي، مولاناعبدالصمد نورنگزاده ۽ ٻين عالم جون صحيحون (دستخط) موجود آهن. انهن فيصلن ۽ فتوائن جي بياضن مان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته لاڙ جي عالمن کي ڪيڏو نه هن خطي وارن لاءِ فڪر هو، ۽ هنن علم پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. مولانا محمد عثمان نورنگزاده جي مُهر، جيڪا بياض عثماني تي لڳل آهي، ان جو عڪس نموني طور ڏجي ٿو:

 

مولانا محمد عثمان صاحب جي مُهر

مولانا صاحب نثر سان گڏو گڏ شاعريءَ تي به دسترس رکندڙ هو. سندس صوفياڻو ڪلام، حمد، نعت، منقبت ۽ غزل، سنڌ مدرسة الاسلام جي ماهوار رسالي ۾ شايع ٿيندا هئا. پاڻ ان جو ايڊيٽر به هو. سندس شاعري، ماڻهن ۾ تمام گھڻي  مقبول هئي. ٻي شاعري ڪتاب ’حالات غوث اعظم‘، ۽ ’تفسير تنويرالايمان‘ ۾ به لکي اٿن. ان کان علاوه ’بياض عثماني‘ ۽ ’خطبات عثمانيءَ‘ ۾ منظوم خطبا پڻ پڙهڻ وٽان آهن. هتي چند اشعار نموني طور ڏجن ٿا:

صوفياڻو  غزل

هجي مون ساڻ شل قائم سڄڻ سردار جي سنگت،

خداوندا رهي دائم مٺي منٺار جي سنگت.

آهيان اڻڄاڻ ڇا ڄاڻان ماٺ، مون سان نه ڪر ماڻا،

خدا جي ڪاڻ اي راڻا نه ڇڏ پينار جي سنگت.

جڌهن ساقي ڏني چرڪي شرابي شوق جي مرڪي،

تڏهانڪر  دل اندر سرڪي خم و خمار جي سنگت.

نه پرواه آ دنيا جي نه ان جي مال مايا جي،

نه خواهش  آه عقبيٰ جي مگر هڪ يار جي سنگت.

محبت غير جي ويئي بره جي باز دل نيئي،

اصل کان من اندر پيئي هي هار جي سنگت.

گھران ٿو ڪينڪي دولت نڪو ڪو جاه ۽ رفعت،

پياري جان کان البت اٿم دلدار جي سنگت.

اڙنگي واٽ ئي سڀيئي ننگ ڇڏ لاهي،

تهين کان پوءِ وڃ ڪاهي وٺي هشيار جي سنگت.

”فقيها“ ٿي حيران م تون، مَ ڊڄ درڪات دوزخ کان،

ڪئي شامل خدا تو سان شههِ ابرار جي سنگت.

مالڪ دوجھان جي ساراھ ۾ مولانا جا اشعار

مناجات بدرگاه قاضي الحاجات جلشانه

ڌڻي منهنجا خدا منهنجا

اڙئن آڌار تون آهين

چوان احسان ڇا تنهنجا

ڏڏن ڏاتار تون آهين

گناهن سان گڏ آهيان

ڏهاري ڏاه ڏڏ آهيان

تنهنجو ڪيئن آسرو لاهيان

غني غفار تون آهين

رکي گدلو تهنجو گولو

ڀنواري ڀونيءَ جو ڀولو

اٿس تنهنجو اجھو اولو

تڪيو منجھ تار تون آهين

تنهنجي درگاه ۾ دانهيان

وسيلو ٻئونڪو ڀايان

تنهنجي آسري آهيان

ولهن وهار تون آهين

ڇڏائي غير کان سائين

رحم ۾ راحما رائين

تون پنهنجي لنئوءٌ ڪڻم لائين

ملڪ مختار تون آهين

وڌي شيطان لڄ لاهي

پئس عصيان ۾ ڪاهي

تهينجو آسرو آهي

ڌڻي دادار تون آهين

ستر ستار سائين ڪر

اگھاڙو آهيان ابتر

ڪرم جا هٿ مٿي مون ڌر

سدا ستار تون آهين

ستت سڀ ڏيهن وڃايا مون

ستت گناهن ۾ گمايا مون

پلئي جي پاپ پايا  مون

سي بخشڻهار تون آهين.

عمر ويئي سڄي ساري

رهيس عرفان کان عاري

تڳان ٿو تو سندي تاري

قوي ڪلتار تون آهين

مَڏس منهنجي ڪچاين ڏي

ڪميني جي مٺاين ڏي

ڏسج پنهنجي چڱاين ڏي

سچو ستار تون آهين.

اشعار

وڏو  الله  اڪــــــبر  آھ  اعظــــــــم،          عفو  پڻ  تو  سندو  آهي  معظم،

اٿم آسرو ڌڻـــي تنهنجي عفـــو ۾،          اگــــرچه  آهيــــان  ڏاڍي  هفـــو  ۾،

ڪرين ٻانهن مٿي تون مهـــرباني،          لطف  تنهنجا  گھڻــا  آهن  نهـاني،

وڏن کي ڏاڻ ڏئي اعظم اجــــر جا،          چوان  الطاف  ڇا  احسان تنهنـجـا،

اٿم هوءَ آرزو تنهنجي ڪرم کان،         رهان دارين ۾ تنهنجي ڀـرم سان.

وَاللهُ اَعۡلَمُ بِالصَّوابِ وَاِلَيۡہ الۡمَرۡجِعُ وَالۡمآبُ.

پياري حبيب خدا ﷺ جي شان ۾ چيل ابيات

يا  رسول الله  درجو  ڪيو  تنهنجو  خـــدا  بلـند

ڪين تنهنجي انتها کي فڪر  جو  پهچي  سمـنڊ

اصل  تــــون  سڀني  جـــــو  ٻيــا  سڀ  فارغ  ٿيـــــا

نور  تنهنجو  سڀن  کان  پيشتر  ڪيو  پيدا  خدا

نيٺ  آخر  جيئن  ڪري  ميوو شجر اند ر ظـهور

تيئن پڇاڙي ۾ ٿيو اوهان جو ظهور  پت  سرور

اصل تون مقصود تون محبوب تون مطـلوب تون

   دين  تـون  ايمان تـون محمود تـون  مرغوب تــون.

حضور ﷺ جن جي شفقت بابت مولانا جا پنهنجا سنڌي اشعار:

تنهنجي آشفقت تنهنجي تنهنجي رحمت يا رسول(ﷺ)

تنهنجـــــــي بخشــــــــــش  تنهنجــي  رافت يا رسول(ﷺ)

خُلـــــــــــــــــق  تنهنجـــــــــو  آهـــــــــي  اعلـــــيٰ  ۽  عجـيب

والا  تنهـــنجــــــــــي  آهــــــــي   بـــــرڪت   يا رسول(ﷺ)

تـــــو  جهــــــــــو   ڪـــــــــاٿـــــي   نبــــــــــي  آهـــي    ٻيـو

تنهـنجي  اعلـــــــــيٰ   آهـــــــي  عـــــــــزت   يا رسول(ﷺ)

معـــــــــجزو  تنهنـــــــجو  سڀــــــــن  کــــان  ٿيــــــــو  وڏو

ســـــــــو   ســــــــــــدائين   تـــــاقيــــــــــــامت   يارسول(ﷺ)

تــــــــون   سڀــــــــــــــن   ســـــــــــردار   آهـــــــين   ســـــيّدا

روز   محــــــــــــشر   ڪــــــــر  شفــــاعت   يارسول(ﷺ)

ڏس   عنـــــــــايت   ســـــــان   ڌڻــــي   تــــــــوکي   ڏني

ســــــــڀ   سعـــــــــــــادت   ۽   هـــــــــدايت   يارسول(ﷺ)

قلـــــــــب   ۾   منهــــنجي   ســــــــــدائين   ڏي   خـــــدا

تنهنــــجي   الفت   تنهنجي   محبت   يارسول(ﷺ).

مولانا صاحب پيرن مرشدن جو معتقد به هو، پاڻ پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي جو هٿ بيعت مريد هو، ان جي توسط سان پيرن جي پير شيخ عبدالقادر جيلاني رحه سان به بي انتها عقيدت هئس، پاڻ ان جي حالات زندگيءَ تي ڪتاب به ’حالات غوث اعظم‘ لکيو اٿن. ان ۾ سندن جي شان ۾ جيڪي اشعار چيا اٿن، اهي ڏجن ٿا:

هڪ مدح غوث اعظم جي نانءَ تي مولانا جي لکيل آهي:

مدح مٺو محبوب سبحاني         محي الـــــدين جيــلاني

سچــــو  ســــــادات  صمداني         محي الــــــدين جيــلاني

پيـــــارو   پاڪ   پرور   جو         ڌئل  دلبر پيغمبر  جـو

سچــــو  ســـو  نور  نوراني         محي الــــــــدين جيلاني

قدم  تهــــجــــو  ولــــــين تي         ڪرم تهجو مريدن تي

ڏيــــکــاري  راه رحمــــــــــاني         محي الــــــــدين جيلاني

اٿـــــو  ســــــردار  ســو  اهڙو         ولين  ۾  نه  ان جهـڙو

   عجــــــائب  شيــــخ  حقـــــاني         محي الــــــــدين جيلاني.

مولانا صاحب پنهنجي مرشد پير سائين رشدالله (محمد راشد روضي ڌڻي) رحمة الله عليہ جي شان ۾ اشعار چيا آهن:

اشعار

مؤمنن  لاءِ  آهـــي رحـــمت  حــق  هــر زمــان،

وارث  ديــــــن  آهــــــي  ڀــــــــــلارو  بيـــگــــمان.

علم ۽ علامه  جھڙو ڪونه ڏسندين ڪـو ٻيو

فيض  حق  جو  بحر  آهي  جــــاري  بيڪران.

يادگيري حق جي مجلس اندر تنهن جي پـوي،

نور تي سو نور  آهي، سج  وانگر سو عيان.

شل سدا الله انهيءَ نور سان  روشن  ڪري،

سنڌ سـاري بلڪ  سارو  ملڪ ۽ سارو جھان،

وارثٖ  علـــــم  رســــول الله  رشــــــــدالله  آه،

آيــته الله  آه  نـــــورلله  هــــــادي  گـــــمرهــــان.

مولانا صاحب پنهنجي لاءِ دعائيه اشعار ديباچه ۾ لکيا آهن:

اشعار دعائيه

الٰهي فهم ڏي مـــون کي ڪرم سـان،  ڪلام پاڪ تنهنجي کي پروڙيـان،

طـــــــبع  کــــي  ڏي  خـــــــدا  روانــي،   ٽُٻي ڏيئي  ڪڍان  موتــي  معـاني.

اللّٰهُمَّ نُوۡر قَلۡبِيۡ بِاَنۡوَارِالۡقُرۡاٰنِ وَاشۡرِحۡ صَدۡرِيۡ بِجَاهِ الۡقُرۡآنِ.بِرَحۡمَتِکَ يَا اَرۡحۡمَ الرَّاحِميۡنَoط

بياض عثماني ۾ اشعار جو هڪ خوشخطيءَ ۾ لکيل شعر جو نمونو:

ڪتاب خطبات عثماني تان هڪ خطبي جو نمونو

خطبو  پهريون  ماھ  جمادي الاول (سنڌي ابيات)

مولانا صاحب علم و وظائف ۾ مهارت رکندڙ هو. پاڻ رمل و ابجد جو مؤلف به هو. سندن لکيل ڪتاب ’اڪسيرالاحمر في اسرار الجفر‘ ٽن جلدن ۾ موجود آهي. مولانا صاحب ابجد، برجن ۽ ستارن جي علم، (علم نجوم) جي تمام وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. خوابن جي تعبير، ۽ دنياوي معاملن جي حل لاءِ کورواھ جي پسگردائي کان علاوه ڏورانهن علائقن کان ماڻهو وٽس ڪهي ايندا هئا.

عمليات ۽ وظائف جي روشنيءَ ۾ ماڻهن جا معاملا حل ڪندو هو. عام ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيائون. غريب ۽ نادارمسڪينن جي حق رسائي لاءِ سندن امداد ڪندو هو. عمليات جو علم ٻين ڏانهن منتقل  ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي باذوق ماڻهن کي عمليات جي سکيا ۽ واٽ به ڏنائون ۽ ’اڪسيرالاحمرفي اسرارالجفر‘ نالي ڪتاب لکي عام ماڻهن تائين عام ڪيائون، جيڪو ٽن جلدن ۾ آهي.

مولانا صاحب جا ڪجھ تعويذات ۽ نقش جيڪي آزمايل، ماڻهن کي استعمال لاءِ اجازت ڏنل مان هيٺ ڏجن ٿا:

الله ﷻ جي اسم مبارڪ جو نقش دائري وارو

 

نقش دائري وارو خدائي آهي، جنهن ۾ آية الکرسي، سورة فاتحه ۽ اسم الله تعاليٰﷻ  جو هڪ نهايت متبرڪ عجيب ۽ ناياب نسخه آهي. 1

(1) خدا جي نالن جا نقش مختلف معاملن  جي حل جي لاءِ آهن.

 

تفسير تنويرالايمان في تفسيرالقرآن:

     هيءَ تفسير، مولاناصاحب جي آخري تحرير آهي، مولانا محمد عثمان صاحب، تفسير جي 25 پاره جي ربع تي پهتا ته گھڻي علالت ۽ وفات سبب ’تفسير تنويرالايمان‘ جا آخري پوڻا ڇھ سيپارا ساڳئي طرز ۽ تتبع تي مولانا حافظ محمد نورنگزاده لکي پورا ڪيا.                             

     مفسرِ قرآن مولانا محمد عثمان نورنگزاده جو تفسير ’تنويرالايمان في تفسير القرآن‘ سنڌ جو واحد سنڌي لاڙي ٻوليءَ ۾ مڪمل تفسير لکيل آهي، جيڪو فصاحت ۽ بلاغت جي خوبين سان ڀريل آهي. هن تفسير ۾ سليس سنڌي لاڙي ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ جا لفظ محاورا، پهاڪا، تشبيهون، استعارا ۽ واقعات موجود آهن. هن تفسير جا ڪُل ڏھ جلد آهن، جيڪي وقت جي نزاڪت سان مختلف دورن ۾ مختلف سائيز ۾ محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ وارن مولانا صاحب جي وارثن کان هن تفسير جا قطعي حق حاصل ڪري ڇپرايو آهي. هن وقت عام وچولي سائيز ۾ ڇپيل قلمي ليٿو پرنٽنگ ۾ مون وٽ موجود آهي. ڪجھ سال پهرين نئين ڪمپيوٽرائزڊ پرنٽنگ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وارن پڻ ڇپرايو هو.

     مولانا صاحب هن تفسير کي لکڻ جي نوعيت سان  ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. پهرين حصي ۾ قرآن شريف جي هر آيت جي عربي متن جو الڳ تحت اللفظ (لفظي) ترجمو ڪيو آهي، ان کان پوءِ ٻئي حصي ۾ ان آيت جو خلاصو ۽ آيت جو شانِ نزول مختصر تفسير جي عنوان سان لکيو آهي ۽ ان کان پوءِ ٽئين حصي ۾ آيتن جي جملي جي مرادي معنيٰ ۽ ضروري وضاحت ڪئي آهي، جنهن کي وڏي تفسير جي عنوان سان لکيو آهي. مولانا تفسير ۾ آيتن جو شانِ نزول، حديثن، روايتن ۽ عالمن جي متفقه راءِ سان تفصيل بيان ڪيا آهن، ٻين مسلڪ جي بيانن شيعن ۽ رافضين کي ننديو آهي. پاڻ فقه حنفي مسلڪ مطابق تفسير لکيو آهي.

هن تفسير جا ڪل ڏھ جلد آهن، انهن جو وچور هن طرح آهي: پهرين جلد جي ٽائٽل ۽ سب ٽائٽل صفحن جا عڪس به ڏجن ٿا:

1.

جلد اول

پاره

21/2

سورة البقره

مڪمل

2.

جلد ٻيو

پاره

21/2

پنج پاره

مڪمل

3.

جلد ٽيون

پاره

6-7-8

تائين

مڪمل

4.

جلد چوٿون

پاره

9-10-11

تائين

مڪمل

5.

جلد پنجون

پاره

12-13-14-15

تائين

مڪمل

6.

جلد ڇهون

پاره

16-17-18

تائين

مڪمل

7.

جلد ستون

پاره

19-20-21

تائين

مڪمل

8.

جلد اٺون

پاره

22-23-24

تائين

مڪمل

9.

جلد نائون

پاره

25-26-27

تائين

مڪمل

10.

جلد ڏهون

پاره

28-29-30

تائين

مڪمل

مولانا صاحب رافضين شيعن ۽ بدعت کي ننديو آهي. جتي شيعن بدعت لاءِ قرآن جو استدلال ورتو آهي،اتي انهن جا تسلي بخش جواب ڏنا آهن. مولانا صاحب تفسير ۾ اڪثر ڪري فقہ حنفي مطابق فقہ جا مسئلا بيان ڪيا آهن. هي تفسير هيٺين تفسيرن تان اخذ ڪيل آهي، جنهن بابت مولانا صاحب خود ان جي وضاحت تفسير ’تنويرالايمان في تفسير القرآن‘ جي ديباچه ۾ ڪئي آهي. جهڙوڪ: تفسير ڪبير: (عرف تفسير رازي): علامه فخرالدين رازي رحمةالله عليہ

تفسير خازن المسمّي لُبابُ التاۡويل في معاني التَّنزيل: علامه محمد الدين علي بن محمد بن ابراهيم البغدادي المشهير بالخازن المتوفي سنة 745هه، دارالڪتب بيروت لبنان.      

تفسير ابن ڪثير:  عماد الدين حافظ ابن ڪثير رحه

تفسير جلالين: علامه جلال الدين سيطي رحه

تفسير عزيزي، تفسير روح المعاني: علامه ابوالفضل شهاب الدين سيد محمود آلوسي رحه

تفسير روح البيان: اسماعيل حقي بن مصطفيٰ الاستنبولي الحنفي الخلوتي البروسوي، المتوفي سنه 1132ھ، شراڪت الڪتب العربيه، ڪتب بيروت، سال 1306ھ

تفسير حسيني: مولانا سيد حسين الواعظ الڪاشفي هروي رحه

تفسير بيضاوي: البيضاوي ابي الخير عبدالله بن عمرو/ تفسير بيضاوي، جلد اول، مطبع شرکة                         مکتبة مصطفيٰ، مصر سال 1939ع.

تفسير مدارڪ جلد اول: عبدالله بن احمد محمود نسفي مطبع اصح المطابع، بمبئي سال نامعلوم

تفسير مفتاح رشد الله: سيد محمدراشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ 

مولانا صاحب قرآن پاڪ جي تفسير ۾ مختلف واقعن، فقهي مسئلن جي تشريح ۽ آيتن جي شانِ نزول ۾ حديثن جو به ذڪر ڪيو آهي واقعا، حديثن جي عربي متن مع راوي ۽ حديثن جي ڪتابن جا حوالا بخوبي لکيا آهن. عام پڙهندڙ به سمجھ سان گڏ محظوظ ٿيندو.

مولانا صاحب جو مدرسو کورواھ، تابنده جاري وساري آهي. مدرسي ۾ هر سال شاگرد بدستور ناظره وحفظ ڪري عالم ٿي دستاربند ٿي نڪرن ٿا. هن مدرسي جي سرپرستي مولانا صاحب جو پڙڏهٽو مولوي عبدالرؤف نورنگزاده ڪري ٿو ۽ ٻيا به استاد مولوي عالم ۽ قاري خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهو مدرسو ۽ مسجد خليفي محمود واري پراڻي درگاهه ۾ قائم ۽ دائم آهي. مولاناصاحب جي خاندان جا ٻيا فرد به عالم ۽ ديني خدمتن سان وابسته آهن. هن مدرسي ۾ اهو پراڻو ڪتب خانو (لائبرري) به موجود آهي ڪافي ڪتاب زماني گردش ۾ زبون ٿي چڪا آهن، باقي جيڪي بچيا آهن، انهن کي مولانا عبدالرؤف نورنگزاده محفوظ ڪيو آهي.

لائبرريءَ ۾ موجود قلمي ۽ ڇپيل ڪتابن جي فهرست مولانا محمد ادريس سنڌي سومري صاحب ترتيب ڏني آهي ۽ مولانا صاحب سنڌ جي مدرسن ۾ موجود قلمي مخطوطات کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب جي شڪل ڏئي ’خزينة المخطوطات‘ نالي سان ڇپرايو آهي. ان ۾ هن مدرسي جي ڪتابن جي فهرست به ڏني آهي. 

     مولانا صاحب پنهنجي پير مرشد خليفه محمود ڪڙيه گھنور ڳوٺ ۾ بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي 4 سيپٽمبر 1918ع، يا 1919ع ۾ هن دارالفاني کي الوداع ڪيائون ۽ سندن آخري آرامگاھ ڳوٺ ڪڙيوگھنور ۾ خليفي محمود نظاماڻي جي درگاھ جي احاطي ۾ آهي.                  .

تفسير’تنويرالايمان  في تفسيرالقرآن‘ جا عڪس

حوالا:

1. سيد محمد اعظم الدين ٺٽوي، تحفة الطاهرين، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1956،ع سيد محمد طاهر نسياني ٺٽوي، تاريخ طاهري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1988ع.

2. مولانا حافظ محمد رمضان مهيري/ مختصر تاريخ گولاڙچي/ انجمن اشاعت الاسلام بجاري شريف تعلقه گولاڙچي ضلع بدين، سال 2004ع.

3. مهيري محمد رمضان حافظ، تن پنوهارن پچار، جلد 3، انجمن اشاعت الاسلام بجاري شريف، سال 1990ع.

    نورنگزاده محمد عثمان مولانا / تفسير تنويرالايمان في تفسيرالقرآن، مقدمه/ جلد پهريون، پاره(؟)

4. الٓـــمٓ 1، سورة البقرة 2، پروپرائٽر: توفيق احمد ولد نور احمد، ناشر: مولوي محمد عظيم تاجران ڪتب شاهي بازار شڪار پور، مؤرخه: دوازه دو ماه ذوالقعد سنه 1354ھ.

5. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ فتوح الغيب، ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد، مولوي محمد تاجران ڪُتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع.

6. نورنگزاده محمد عثمان مولانا مترجم/ حالاتِ غوثِ اعظم ”حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه، ترجمه بهجته الاسرار، سال نامعلوم.

7. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/اڪسيرالاحمرفي اسرار الجفر،3  حصا، ڪاتب: شيخ عبدالواحد ٿريچاڻوي، ناشر: توفيق احمد/مولوي محمد عظِيم ڪتب خانو شاهي بازار شڪارپور سنڌ، ڇاپو ٽيون، 15 شعبان 1401هه.

8. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ تحفة الاسلام سنڌي ڇھ حصا/ڪاتب: عبدالجبارپيچوهو سکر، ناشر: توفيق احمد ولد نور احمد ميمڻ، مولوي محمد عظيم تاجران ڪتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، سال 1976ع.

9. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ تحفة المسلمين مع عجائبات محمدي صلي الله عليہ وآلہ وسلم/ ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد.

10. مولوي محمد عظيم تاجران ڪُتب شاهي، بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع.

    نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ بينات القرآن لهداية العميان (سنڌي) ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد، مولوي محمد عظيم تاجران ڪُتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع.

11. نورنگزاده محمد عثمان مولانا، خطبات عثماني (سنڌي)، ناشر: توفيق احمد/مولوي محمد عظِيم ڪتب خانو شاهي بازار شڪارپور، سنڌ.

12. نورنگزاده محمد عثمان مولانا، بياض عثماني (سنڌي) قلمي.

13. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ اشراق نماز جون فضيلتون، ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد، مولوي محمد عظيم تاجران ڪُتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع

14. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ راه نجات، ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد، مولوي محمد عظيم تاجران ڪُتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع.                                            

15. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ عجائب العجائب، ناشر: توفيق احمد ولد نور محمد، مولوي محمد عظيم تاجران ڪُتب شاهي بازار شڪارپور سنڌ، 1984ع.

16. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/ خلاصة الفقہ فارسي/سنڌي ( قلمي) 1904ع

17. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/رسالہ في الحديث المصطفيٰ من الکلام النبوي عربي- سنڌي (مترجم سنڌي) قلمي.

18. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/”هدية  الندية في جواز الخطبة بلسان الهندية“ (سنڌيءَ ۾ خطبن پڙهڻ بابت ڪتاب) قلمي.

19. نورنگزاده محمد عثمان، قرآن جون سورتون، ترجمه- نعتيه تنويرالايمان، محمد عظيم اينڊ پبلشرز شڪارپور، 1913ع.

20. نورنگزاده محمد عثمان مولانا/تفسير تنويرالايمان في تفسير القرآن، مقدمه/ جلد پهريون، پاره الٓـــمٓ 1، سورة البقرة  2، پروپرائٽر: توفيق احمد ولد نورمحمد، ناشر: مولوي محمد عظيم تاجران ڪتب شاهي بازار شڪارپور، مؤرخه :دوازه دو ماه ذوالقعد سنه 1354ھ.

21. نورنگزاده عبدالرؤف/ ”بياض مولانا محمد نورنگزاده“، ”سراجاً منيرا“ مخدوم نورنگزاده اڪيڊمي کورواھ سال 2016ع.

22. تميمي رسول بخش/ تاريخ  ”ٺٽوصدين کان“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، سال 2003ع

23. جعفراڻي عزيز/تاريخ سجاول/محمد بن قاسم لائبرري سجاول، سال 1967ع.

24. جعفراڻي عزيز/جاتيءَ جا نوان ورق/محمد بن قاسم لائبرري سجاول، سال 2003ع

25. جعفراڻي عزيز/سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ (1800ع کان 2008ع) محمد بن قاسم لائبرري سجاول ضلع ٺٽو/ 2009ع                                                             

26. جويو تاج/محمد عثمان منگي، موحد شاعر مولوي احمد ملاح، ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، 2003ع

27. خزينة المخطوطات جلد-1، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس السندي/مرتب: مخدوم سليم الله صديقي/ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو / حيدرآباد سنڌ 2006ع.

28. روضي ڌڻي پير سيد محمد راشد رحه/تفسير مفتاه الرشد/ناشر: مدرسه صبغة الٰهي، شاهپور چاڪر ضلع سانگھڙ، جولاءِ 1996ع- صفر المظفر 1417ھ 24

29. روضي ڌڻي پيرسيد محمدراشد / مڪتوبات: (قلمي فارسي)

30. شيخ محمد سومار، ضلعي بدين جي ثقافتي تاريخ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1980ع

31. شيخ محمد سومار، بدين ضلعي جو مطالعو، بدين لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، سال 1082ع.

32. حافظ حبيب سنڌي،علامه علي محمد مهيري جي مطبوعه ڪتابن جو سرسري جائزو، مقالو) قلمي) 1996ع  43.

33. حافظ حبيب سنڌي، ماڃر،ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي،سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1994ع.

34. شيخ اسماعيل حقي، مطبع عثمانيہ، تفسير روح البيان، جلد اول، سال 1306ھ.

35. قانع مير علي شير/تحفةالڪرام/مترجم: مخدوم اميراحمد/ مرتب/ بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، سنه 1409ھ/ 1989ع

36. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر/ رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ٽيون، سال 2004ع.

37. قانع ميرعلي شير، مقالات الشعراء، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

38. ڪاشفي ملا حسين واعظ/تفسير حسيني- مطبع محمدي بمبئي، سال 1376ع.

39. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي/ تفسير هاشمي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/حيدرآباد سنڌ، سال 1987ع

40. مولائي شيدائي رحيمداد خان/جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، سال 1993ع.

41. معمور يوسفاڻي: ”لاڙ جو مطالعو“ مقالو مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سال 1991ع.

42. ملاح احمد مولوي، نورالقرآن، قرآن شريف جوسنڌي (منظوم) ترجمو، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، سال 1919ع

43. ملاح مختيار احمد/اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ/ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاھ، ڇاپو پهريون، سال 2017ع،

44. شيخ ايم آئي/خورشيد اعظم قاسمي، تاريخ پاڪ وهند ۽ تاريخ سنڌ، عجائب اسٽور فوجداري روڊ حيدرآباد سنڌ، 1976ع.

45. مهيسر محمد حسين رحه خليفو/ صحبت سپرين جي، (ترجمه صحبت نامه) ملفوظات شريف امام العارفين حضرت پيرسيد سائين روضي ڌڻي رح/ مترجم:مفتي عبدالرحيم سڪندري.

46. ٽالپر محمد جمن ڊ اڪٽر/ سنڌ جا اسلامي درسگاھ، (تحقيقي مقالو) براءِ (پي ايڇ.ڊي)، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد سنڌ، سال 2007ع

47. سيد انور علي شاھ /علامه علي محمد مهيري بجاري رح جون علمي، ادبي، ديني، سياسي ۽ سماجي خدمتون تحقيقي مقالو براءِ ايم.فل، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سال 2008ع.

48. خليل محمد ابراهيم مخدوم ٺٽوي، تڪملة مقالات شعراء فارسي، سنڌي ادبي بورڊ  ڪراچي، سال 1958ع.

49. قاسمي غلام مصطفيٰ مولانا، تيرهين صديءَ جا مشاهير سنڌ ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1982ع

50. خواجه غلا علي الانا /لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڊي.فل (سنڌيءَ) لاءِ 1971ع ۾ پيش ڪيل ٿيسز، ناشر: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي  سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ، سال 1971ع.

51. سڪندري نذرحسين ڊاڪٽر، مڪتوبات شريف حضرت پير سيد محمد راشد وضي ڌڻي رحه جو سنڌي ترجمو ۽ سوانح حيات، (تحققي مقالو براءِ پي ايڇ.ڊي. اسلامڪ ڪلچر) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ناشر: مدرسه صبغة الٰهي، شاهپور چاڪرضلع سانگھڙ، جولاءِ 1996ع- صفر المظفر 1417ھ 24.

52. نسفي عبدالله بن احمد محمود/ تفسيرمدارڪ جلد اول، مطبع اصح المطابع بمبئي سال نامعلوم

53. بخاري ممتاز ڊاڪٽر/ سنڌ مدرسة الاسلام جو علم وادب جي ترقيءَ ۾ حصو، تحقيقي مقالو براءِ  
پي ايڇ.ڊي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سال 1979ع

54. سڪندري نذر حسين ڊاڪٽر، مڪتوبات شريف ۽ سوانح حيات سيد محمد راشد روضي ڌڻي تحقيقي (مقالو)، مدرسه صبغة الهديٰ شاهپور چاڪر، 2002ع

55. قادري عبدالرسول ڊاڪٽر/مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون علمي خدمتون تحقيقي مقالو براءِ Ph.D، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1987ع.

56. سمون محمد اشرف ڊاڪٽر/12 صدي هجريءَ جي ٺٽي ۽ بدين ضلعي جا علماء ۽ انهن جون ديني خدمتون، (سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1989ع، (تحقيقي مقالو براءِ Ph.D).

57. سومرو محمد ادريس، ديني عالمن جون سنڌ ۾ خدمتون( تحقيقي مقالو براءِ (Ph.D سال 1997ع .

58. سومرو مظهرالدين، ڊاڪٽر/تحريڪ خلافت ۾ علماء سنڌ جو حصو، (تحقيقي مقالو براءِ Ph.D) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سال 1989ع.

59. سومرو محمد ادريس، سنڌي، سنڌي ۾ لکيل اسلامي ڪتابن جو جائزو (تحقيقي مقالو براءِ  Ph.D) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سال 1989ع .

60. نورنگزاده محمد عثمان مولانا، ايڊيٽر/معلم الفقيه/ ماهوار رسالو ”سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي“ (رجسٽر نمبر ڪي- 29) جلد نمبر:1 (پبلشر عبدالعزيزمحمد سليمان الحق پريس) حيدرآباد سنڌ، جون 1904ع.

61.  ٽه ماهي مهراڻ، سيارو،  آڪٽوبر- ڊسمبر2005ع ، جلد 55، نمبر4، ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ / سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

62. ٽه ماهي مهراڻ، سوانح نمبر (حصو پهريون) ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ناشر: ولي محمد رونجھو ولي سروري سيڪريٽري /سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سال 1411ھ / 1990ع

63. ٽه ماهي مهراڻ، شاعر نمبر1969ع، جلد 18، نمبر 1 ۽ 2 ايڊيٽر: غلام محمد ”گرامي“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1411ھ /1969ع

64. نورنگزاده محمدصديق علامه/”ارشادالصديقين، لهداية المتقين المعروف تفسير ڪوثرشاھ مردان (جلد 1)“ تقديم وتصحيح: علامه مفتي عبدالرحيم سڪندري، ناشر: مدرسه صبغةالهديٰ شاھ پور چاڪر (سانگھڙ) سال 2008ع/ 1429 ھ.

65. ماهوار الفاروق ڪراچي جامعيه فارويه ڪراچي فيبروري 1997ع

66. ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، جنوري 1953ع

67. نورنگزاده احمد ڪرم الله مولوي/ تفسيراحمدي/ تاجرڪتب، جھوني مارڪيٽ ڪراچي/1319هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org