حافظ حبيب سنڌي
ٺٽي
ضلعي جو تعليمي ۽ تاريخي جائزو
تاريخ شاهد آهي ته ٺٽو، تاريخ وتمدن، تهذيب و
ثقافت توڙي تعليم و تدريس جي لحاظ کان برصغير هند
و پاڪستان کان سواءِ عرب وعجم ۽ يمن توڙي شام،
ايران توڙي مصر ملڪان ملڪ مشهور ۽ معروف آهي. سندس
تعليمي خواه تمدني تعريف ۽ تشهير ۾ عربي توڻي
عجمي، ايراني توڙي توراني، يوناني توڙي انگريز
مصنفن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. جنهن لاءِ تاريخ بين
ثبوت پيش ڪري ٿي، ڪنهن اهو نه چيو آهي ته ”سنڌ
ٺٽو، ۽ ٺٽو سنڌ آهي.“ ڇاڪاڻ ته ان جي آس پاس
تاريخي آثار، اسان کي پنهنجي روشن ماضيءَ جي ياد
ڏياري رهيا آهن. ٺٽي سان نه صرف سنڌ جي پر پوري
برصغير جي تاريخ وابسته آهي(1).
سر زمين سنڌ جو اهو ٽڪرو، تاريخ جي زماني کان اڳ
به آباد ۽ وسندڙ هو. اسان کي هن جي ڀرسان، شيخ
ابوتراب جي مقبري جي آسپاس ٽڪرن مان ۽ جهرڪن جي
ويجهو پهاڙن مان پٿر واري دور جا اهڙا آثار ملن
ٿا، اونگر جي ٽڪرين مان ته ’پٿر جي دور‘ جا اوزار
پڻ مليا آهن(2) ۽ گُجي ويجهو شيخ ابو تراب جي مزار
لڳ ٿرڙي واري قلعي جي ڀر ۾ پراڻن آثارن مان هڪ
اهڙي تحرير پڻ ملي آهي، جيڪا صرف 12 اکرن تي مشتمل
آهي، جيڪا محققن جي مطابق موهن جي دڙي کان به
آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي. ان مان هڪ روشن دليل اهو به
ملي ٿو ته ٺٽي ضلعي جا قديم باشندا موهن جي دڙي جي
ماڻهن کان اڳ نه صرف علمي ڄاڻ رکندڙ هئا، پر تعليم
جي زيور کان مزين پڻ هئا(3).
ٺٽو ضلعو ڌرتي جي گولي تي 67 کان 69 ڊگريون اوڀر
طرف ڊگهائي ڦاڪن ۾ ۽ 23 کان 75. 23 ڊگريون اترطرف،
ويڪرائي ڦاڪن ۾ واقع آهي. اتر طرف دادو ۽ حيدرآباد
ضلعا، اوڀر طرف حيدرآباد ۽ سجاول ضلعا، ڏکڻ طرف
عربي سمنڊ ۽ اولهه طرف ڪراچي ۽ عربي سمنڊ واقع
اٿس. طبعي لحاظ کان هي ضلعو 28175 چورس ڪلوميٽرن
تي ڪوهستاني، ميداني، ڪلر ۽ سامونڊي ڀاڱن تي مشتمل
آهي. 1971ع جي آدمشماري مطابق هتي 695861 ماڻهو
رهن ٿا. ضلعي ۾ تعليمي شرح 15 سيڪڙو آهي (4).
واديءَ سنڌ جي تهذيب (موهن جو دڙو) واري زماني ۾
ٺٽي- مڪلي کي درياءَ سنڌ جي ڊيلٽا ڪري چيو ويندو
هو(5). 325 قبل مسيح (ق.م) ۾ يوناني مهم ۾
سڪندراعظم پڻ هن خطي ۾ آيو هو(6). ان کان پوءِ
ڪيترن خاندانن ۽ مؤرخن هن علائقي جو ذڪر پئي ڪيو
آهي. نوجوان سپهه سالار، محمد بن قاسم رح،
جي سنڌ جي فتح جا اوائلي معرڪا به هن ضلعي ۾ سر
ٿيا هئا(7). ان دور جي اوائلي صاحب علم و دانش
جيڪي، محدث جعفر ابراهيم ديبلي (جنهن سڀ کان
پهريائين نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جا
خط مبارڪ گڏ ڪيا هئا). محمد بن محمد ديبليءَ محدث
ابو عاصم تميمي، محدث شيخ ابو تراب رحه (ربيع بن
صبيح) متوفي: 171هه کان سواءِ شيخ پٺه ديبلي ۽
مولائي اسلاميءَ جو نالو قابل ذڪر آهي(8). غرض ته
عربي دور کان وٺي سومرن جي دور تائين ۽ سمن جي
حڪومتن تائين ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي زماني تائين
مغلن جي حڪومت واري عرصي کان ڪلهوڙن تائين ۽
ڪلهوڙن کان ٽالپرن ميرن تائين ۽ ٽالپرن ميرن کان
انگريزن جي تسلط تائين، تاريخ جي دور ۾ ٺٽو تاريخي
توڙي تمدني، تهذيبي، ثقافتي توڙي علمي وادبي ۽
تعليمي ميدان ۾ پنهنجو اعليٰ مقام رکي ٿو.
سڀني دورن ۾ مغليه ۽ ڪلهوڙا دور نه صرف سنڌ جو بلڪ
ٺٽي جو هڪ سونهري دور رهيو آهي. هنن دورن انيڪ
علمي ۽ ادبي شخصيتن کي جنم ڏنو. ٺٽي جي انهن
تعليمي ماهرن ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽويرح،
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي رح، مخدوم معين
رح مخدوم ابولقاسم نقشبندي رح،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، سيد نظام
الدين رح، قاضي محمد ابراهيم ٺٽوي
رح، (مؤخرالذڪر بزرگ اورنگزيب عالمگير جي
زماني ۾ فتاويٰ عالمگيريءَ جي مؤلفن ۾ شمار ٿين
ٿا). مخدوم محمد جلال کٽي رح، قاضي
ابراهيم ٺٽويرح، مخدوم محمد صالح
ڪڪرالوي رح، مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
رح، مخدوم عبدالله رح، مولانا
محمد محسن صباغ، مولانا غلام علي مداح، مير علي
شير قانع ٺٽوي، مشهور مورخ ۽ عالم مولانا مير محمد
جلال ٺٽويرح، مولوي نجم الدين عزلت
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو ڀاڻيجو دائود عباسي ۽
مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي رح جا
نالا قابل ذڪر آهن(9).
ٺٽي لاءِ اهو مشهور آهي ته اهو شهر عالمن اديبن،
مؤرخن، انشاء پردازن ۽ شاعرن سميت مسجدن ۽ مدرسن
جو شهر هو، هن شهر جي هر گلي هر ڪوچو، هر چوڪ ۽ هر
چوراهو غرض ته ٺٽي شهر جي چَپي چَپي تي علم و ادب
جو دور دوران هو. هر وقت هر ماڻهوءَ جي زبان تي
علم وَ ادب جو ورد هو. گويا ڪه هر ماڻهوءَ جي بيٺڪ
۽ اوطاق به اڄڪلهه جي هڪ عاليشان مدرسي يا اسڪول
جو ڪم ڏيندي هئي. ٺٽي ضلعي جي قديم مدرسن ۾ نه صرف
ديني ۽ اسلامي تدريس ڏني ويندي هئي. بلڪ هتي جي
مدرسن ۾ ٻين ڪمن جا پڻ ورڪشاپ قائم هئا. جهڙوڪ:
علم طب وَ حڪمت، ڪيميا، ڪپڙي سازي، (ڪپڙو اُڻڻ)
زمين ۾ هر هلائڻ ۽ پوک ڪرائڻ، تڏا ۽ توريون کان
وٺي واڍڪي هنر تائين، مطلب ته هر قسم جو هنر پڻ
سيکاريو ويندو هو. ايستائين جو شاگردن کي ڪاغذ
ٺاهڻ جو طريقو ۽ اڻَ مِٽِ مس ٺاهڻ جو طريقو پڻ
سيکاريو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ هر شاگرد جيڪو
چڱيءَ طرح لکي پڙهي سگهندو هو، ان کي پنهنجي جماعت
جي درسي ڪتابن مان ملندڙ هر روز واري سبق جون 3
عدد ڪاپيون لکي اچڻ جو استاد پاران حڪم هوندو هو.
اهڙي طرح جڏهن شاگرد اها جماعت پوري ڪند هو ته
انهيءَ جا 3، 3 عدد ڪتاب لکجي تيار ٿي ويندا هئا.
انهن ٽن، ٽن ڪتابن مان هڪ ڪتاب شاگرد کي ڏنو ويندو
هو ۽ هڪ ڪتاب مدرسي جي ڪتب خاني لاءِ هوندو هو ۽
هڪ ڪتاب وڪرو ڪري مدرسي جو خرچ پکو پورو ڪيو ويندو
هو. (10)
انهن مٿين حالتن کي سامهون رکندي مشهور انگريز
مؤرخ اليگزينڊر هئملٽن 1499ع ۾ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي
ٿو ته: ’ٺٽو‘ هڪ عظيم شهر آهي، جيڪو ساڍا ٽي ميل
ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. ان ۾ (400) چار سئو
مدرسا هئا، پر پوري ٺٽي پرڳڻي جي آسپاس جي ننڍن،
وڏن، شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ پڻ وڏا وڏا تعليم گهر
موجود هئا، جتي عربي، فارسيءَ سميت سنڌيءَ ۾ پڻ
تعليم ڏني ويندي هئي(11). ان بهترين تعليمي تربيت
جي ڪري ئي هي خطو بهترين عالمن، اڪابرن کان علاوه
بهترين ڪاتبن جي ڪري شهرت رکندو هو. سنڌ ۽ سنڌي
ٻوليءَ تي ٺٽي جي هڪ عالم ابوالعلماء مخدوم
ابوالحسن ٺٽويءَ جو هڪ وڏو احسان هيءُ آهي، جو
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي سنڌيءَ کان پوءِ
مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ پنهنجي سنڌي (جنهن کي عام
طرح (مقدم الصلواة يا ابوالحسن جي سنڌي) چيو وڃي
ٿو. جوڙي، جيڪا ان زماني کان وٺي ماضي قريب تائين
به سنڌ جي مدرسن ۾ سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ نصاب طور
جاري رهي ۽ اهوئي مخدوم ابوالحسن هو، جنهن صاحب
پنهنجي سنڌيءَ ۾ الف- بي جي سنڌيءَ واري الفابيٽ
جي پٽي جوڙي ۽ مخدوم صاحب جو سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ
وڏو ڪارنامو ۽ هڪ وڏو احسان مڃيو وڃي ٿو. انهيءَ
الف- ب واري فارمولي کي اڳتي هلي مقبوليت جو درجو
پڻ مليو. هن وقت به سندس اهو ڪارنامو پوري سنڌ
لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي رهيو آهي.
انگريزن جڏهن سنڌ تي 1843ع ۾ پنهنجو قبضو ڄمايو ته
انهن سنڌي زبان جي ترويج ۽ ترقيءَ لاءِ به هڪ
پاليسي ٺاهي، جنهن تحت تعليم لاءِ مادري زبان کي
اهميت ڏني ويئي. سنڌيءَ لاءِ هڪ رسم الخط مقرر ڪرڻ
لاءِ ڪميٽي جوڙي ويئي، جنهن 1853ع، ۾ هڪ رسم الخط
منظور ڪيو، جيڪو اڄ به رائج آهي ۽ حقيقت ۾ اهو
ڪارنامو به ٺٽي جي ماهرِ تعليم عالمن جو آهي.
سنه 1853ع کان جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ترويج ۽ ترقيءَ
لاءِ اُپاءَ ورتا ويا، تيئن ماڻهن ۾ سنڌي تعليم
عام ڪرڻ لاءِ به اهڙا نصابي ڪتاب به پهرين درجي
کان پنجين درجي تائين پرائمري سطح تي مرتب ڪيا.
انهيءَ مٿين پاليسي منظور ٿيڻ کان جلد پوءِ
تقريباً چار سالن اندر، سنه 1857ع ۾ انگريز
حڪمرانن پنهنجي صحي سان هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ته
”هاڻي سنڌي ماڻهو پنهنجون درخواستون وغيره فارسيءَ
جي بجاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکن ۽ دفتري ڪم ڪار ۾
فارسي زبان ۾ لکيل درخواست يا ڪنهن به لکپڙهه جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ضرور لکي موڪلين(12).“ ان کان
علاوه سال 1866ع ڌاري بمبئي سرڪار پاران قاعدن جو
هڪ ڪتاب تعليم کاتي جي آفيسر ڊائريڪٽر آف پبلڪ
انسٽرڪشن جي دفتر ۾ هڪ سرڪيولر سان گڏ موڪليو ويو،
جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته 8 جولاءِ 1858ع ۽ 26 تاريخ
نومبر 1863ع وارا تعليمي قاعدا رد ڪيا ويا آهن ۽
اهڙو ليٽر هنن ٺٽي سرڪار کي پڻ نمبر: 249 سان ۽
ڪليڪٽر ڪراچي کي ساڳئي سال 1866ع ليٽر نمبر 385،
مطابق حڪم ڪيو ته هاڻي سنڌي تعليم کاتي ۾ تعليم جي
ڪورس کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1) پهرئين، ٻئي، ٽئين، ۽ چوٿين درجي تائين حد
مقرر ڪئي ويئي آهي، جيڪا هيٺيئن طور بيان ڪئي وڃي
ٿي، ڏيهي مڪتبن لاءِ پهرئين درجي جي حَد هن طرح
بيان ڪئي وئي آهي:
پهرين درجي جي حَدَ
1- قلم- انگي حساب، 2. قلم هِجي لکڻ، 3. قلم.
پهريون ۽ ٻيو ڪتاب پڙهڻ، 4 کوڙا ۽ جوڙ.
ٻئي درجي جي حَدَ
1. قلم- انگي حساب- پهريان چار قاعدا- 2 قلم-
(الف) سَهنجا لفظ لکڻ، (ب) ٽيون ڪتاب پڙهي مطلب
ٻڌائڻ.
ٽئين درجي جي حَدَ
1. قلم- انگي حساب- ٽه رقميءَ تائين. 2 قلم- وڏي
درجي جي ڪنهن مڪتبي ڪتاب مان مُسودو لکڻ،
3. قلم- چوٿون ڪتاب پڙهي مطلب ٻڌائڻ.
چوٿين درجي جي حَدَ
1. قلم- انگي حساب سڄو، 2. قلم ڏيهي ٻولي مان
مسودو. 3. قلم- (الف) ڏيهي ٻوليءَ جو ڪو به رواجي
ڪتاب يا اخبار پڙهڻ. (ب) مڪتبي (اسڪولي) عام ڪتاب
مان ڏيهي ٻولي جي نظم جو نثر لکڻ. 4. قلم- (الف)
ڏيهي ٻولي جو صرف نحو وغيره.
(ب) ائينگلو ورنيڪيولر يعني انگريزي ڏيهي- مڪتبن
(اسڪولن) لاءِ جيڪا تعليمي نصاف جي حد مقرر ڪئي
ويئي آهي. اها هن ريت آهي.
پهرئين درجي جي حَدَ
1. قلم- انگي حساب جا پهريان چار قاعدا. 2. قلم-
انگريزي. (الف) پهريون ۽ ٻيو ڪتاب پڙهي مطلب
ٻڌائڻ- (ب) سهنجن (سَوَلن) لفظن جي هِجي ڪرڻ. (ث)
ٿلهي خط جي مشق لکڻ، 3. قلم- ڏيهي زبان، (الف)
ٽيون ڪتاب پڙهي مطلب ٻڌائڻ (ب) سهنجا لفظ لکڻ.
ٻئي درجي جي حد
1. قلم- انگي حساب- مٽڻ ۽ چار گڏيل قاعدا- 2. قلم.
انگريزي (الف) ٽيون ڪتاب پڙهي مطلب ٻڌائڻ (ب) پورو
پنو لکڻ (ث) صرف نحو مان ڳالهائڻ جي لفظن جون
پُريون سمجهائڻ (ج) چوٿون ڪتاب پڙهي مطلب ٻڌائڻ،
(ب) لکڻ (ث) صرف نحو مان صرف ۽ نحو مان نحو.
ٽئين درجي جي حَدَ
1. قلم- انگي حساب. ٽه رقمي ۽ وياج سوڌو،
2. قلم- انگريزي.
(الف) چوٿون ڪتاب پڙهي- انگريزي- خواهه ڪنهن ڏيهي
ٻوليءَ ۾ زباني مطلب ٻڌائڻ.
(ب) سَهنجن جملن جي ترڪيب ڪرڻ (ث) سنهو اکر موچارو
لکڻ.
3. قلم- ڏيهي ٻولي- (الف) وڏي درجي جا ڪتاب پڙهي
مطلب ٻڌائڻ.
(ب) سَهنجو سودو لکڻ (ث) سَهنجي ترڪيب ڪرڻ (ج)
ڪنهن به عام مڪتبي ڪتاب مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري
لکڻ.
چوٿين درجي جي حَدَ
1. قلم رياضي. (الف) انگي حساب پنج رقمي ۽ اڻپور
ڏهائي تائين.
(ب) تحرير اقليدس جي پهرئين ڪتاب مان ڏهه سڌيان
(ث) الجبراء ضربَ ۽ ڪَٽَ تائين.
2. قلم- انگريزي، (الف) وڏي درجي جا ڪتاب پڙهي
مطلب ٻڌائڻ (ب) مسودو ۽ چڱا اکر لکڻ (ث) صرف نحو
مان نحو جا عام قاعدا.
3. قلم- ڏيهي ٻولي، (الف) ڪنهن به مڪتبي (اسڪولي)
وڏي درجي جي ڪتاب مان انگريزي مان ڏيهي ٻوليءَ ۾
يا ڏيهي ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو.
(ب) مٿئين ڪتاب مان مسودو لکڻ، (ث) جملي جو صرف و
نحو.
پنجين درجي جي حَدَ
1. قلم- رياضي: (الف) انگي حساب سڄو، (ب) تحرير
اقليدس جو پهرين ڪتاب ۽ ان تان ٻيا سهنجا سڌيان
ڪرڻ. (ث) آلجبرا هڪ سگهه جي مساوات تائين.
1. قلم- انگريزي: (الف) چڱن مصنفن جا سهنجا ڪتاب
پڙهي مطلب ٻڌاءِ. (ب) نظم يا نثر سمجهائڻ،
(ث) صرف نحو ۽ جملن جي تفريق ڪرڻ. 2. قلم- ڏيهي
ٻولي:
(الف) ترجمو انگريزيءَ مان ڏيهي ٻوليءَ ۾ ۽ ڏيهي
ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. (ب) مڪتبي عام
ڪتابن مان ڏيهي ٻوليءَ جي نظم جو نثر ۾ ترجمو ڪرڻ.
(ث) ڏيهي ٻوليءَ جو صرف نحو ۽ اصطلاح.
ڇهين درجي جي حَدَ
67- 1866ع ڌاري ڇهين درجي جي حد ۾ طالب علم
(شاگرد) کي مئٽريڪيوليشن جو امتحان ڏياريو ويندو
هو، ۽ ان لاءِ هڪ وضاحت اها به ڪئي ويئي آهي ته
چوٿين ۽ پنجين درجي جي حَدن جو امتحان انگريزيءَ ۾
هلائبو(13).
مٿئين صورتحال مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ضلعي اندر
تعليمي طريقي ڪار ڪيئن هلايو ويندو هو؟ ۽ شاگرد کي
چوٿين ۽ پنجين درجي تائين به انگريزيءَ جي تعليم
جو رواج قانوني طور هو. انهيءَ ڪتابچي اندر اهو به
لکيل آهي ته ڇهين درجي جي امتحان کان پوءِ
مئٽريڪيوليشن جي امتحان ڏيارڻ بعد جلد ئي ڊائريڪٽر
آف پبلڪ انسٽرڪشن کي درخواست سان گڏ و گڏ
يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جي سرٽيفڪيٽ جو نقل به
ڇوڪرن کي ڏنو ويندو هو. جيئن هو اعليٰ تعليم حاصل
ڪري سگهي(14). اوهان مٿي معلوم ڪري آيا آهيو ته
1853ع کان وٺي 67- 1966ع تائين ٺٽي ضلعي اندر
پهرئين کان پنجين درجي ۽ ڇهين درجي تائين، پرائمري
سطح کان مٿي نيم سيڪنڊري تعليم تائين تعليم جو
معيار سنڌي فائينل (سَتَ 7 درجن) مقرر ٿيڻ کان اڳ
جيڪو تعليمي نظام 67- 1966ع تائين ڪم و بيش هڪ سؤ
سالن تائين جاري کيو ويو، وري سنڌي فائينل واري
سلسلي کي ختم ڪري ان کي سيڪنڊري مڊل ڪلاس جو درجو
ڏنو ويو ۽ پرائمري کي صرف پنجين درجي جي حد تائين
برقرار رکيو ويو. ٺٽي ضلعي ۾ سيڪنڊري تعليم جو دؤر
دؤران وري 1935ع کان اي.وي اسڪولن ذريعي شروع ڪيو
ويو، جنهن تحت سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي تعليم
پڻ ڏني ويندي هئي ۽ اهو سلسلو 53- 1952ع تائين
جاري رهيو. ان بعد علائقي اندر جتي شاگردن جي
گهڻائي هئي، اتي مڊل اسڪول ڪيا ويا. هتي جيستائين
پرائمري اسڪولن جو تعلق آهي، ان لاءِ اهو چئي
سگهجي ٿو ته هن ضلعي اندر پهريائين مڪتب اسڪول
هوندا هئا، جتي ديني تعليم جو به بندوبست رکيو
ويندو هو ۽ پوءِ تقريباً 1871ع- 1873ع کان پرائمري
اسڪول شروع ٿيا ۽ انهن ئي اسڪولن ۾ بعد ۾ 1935ع
کان اي- وي اسڪول کوليا ويا. ٺٽي ضلعي جي پنجن
شهرن: سجاول، ميرپور بٺوري، جاتي، چوهڙ جمالي ۽
ميرپور ساڪري ۾ ورنيڪل اسڪول کوليا ويا. جڏهن ته
ٺٽي شهر ۾ باقاعده مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو، جنهن ۾
ٻين شهرن جا شاگرد، پنهنجي شهر جي اسڪولن مان
تعليم پرائي ٺٽي ۾ مڊل اسڪول جو امتحان ڏيڻ بعد
مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ڏيڻ ويندا
هئا.
جيستائين تعليمي سهولتن جو ضلعي ۾ تعلق آهي ته هڪ
سروي موجب هڪ 1986ع تائين ملندڙ انگن اکرن مطابق
766 پرائمري اسڪول، 34 مڊل اسڪول، 15 هاءِ اسڪول،
2 گرلس اسڪول، 2 ڪاليج، 1 ڪمرشل انسٽيٽيوٽ، 2
ووڪيشنل اسڪول ۽ هڪ نارمل ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ڪم
ڪري رهيا هئا. ان کان سواءِ علامه اقبال اوپن
يونيورسٽيءَ جا ٺٽي، سجاول ۽ تڙ خواجه ۽ چوهڙ
جماليءَ ۾ سينٽر قائم ٿيل آهن(15).
(1) پرائمري ايجوڪيشن:
1- اي- وي اسڪولن جو تفصيل: ٺٽي ضلعي اندر جو قيقم
1853ع کان شروع ٿيو. ان ۾ هيٺئين شهرن ۾ اهي اسڪول
قائم هئا.
پهريون اسڪول: ميرپور بٺوري ۾ اهو اسڪول سال 59/
1958ع، 63/ 1962ع تائين جاري رهيو. بٺوري ۾ هاڻوڪي
گرلس اسڪول جي ڪنڊ ۾ ٻن ڪمرن تي مشتمل هو، جتي
شاگردن کي انگريزي تعليم ڏني ويندي هئي. انهيءَ
اسڪول کي اينگلو اسڪول (اي- وي) چوندا هئا.
(سائين غلام محمد جوهر کان مليل معلومات 4 فيبروري
2018ع).
ٻيو اسڪول: چوهڙ جمالي شهر ۾ لوڪل بورڊ جي پراڻي
مسافرخاني جي ئي وچئين هال ۾ هلندو هو، جيڪو 1961ع
تائين جاري رهيو. (راقم جي ذاتي ڊائري ۽ برادرم
حزب الله صاحب جي معلومات موجب تاريخ 15 مئي
2018ع.
ٽيون اسڪول: ميرپور ساڪري ۾ قائم هو، جيڪو به 62/
1961ع تائين قائم رهيو.
چوٿون اسڪول: جاتي شهر جي پراڻي پرائمري اسڪول جي
هڪ ڪمري ۾ 62/ 1961ع تائين قائم رهيو. (محترم رسول
بخش تميمي صاحب وٽان مليل معلومات تاريخ: 2018.
05. 15ع.)
ضلعي اندر ٽوٽل 1945 پرائمري اسڪول قائم آهن، جڏهن
ته اسان سڀني پرائمري اسڪولن جو تفصيل وار ذڪر
هيٺئين طور چارٽ جي صورت ۾ ڪريون ٿا:
نمبر جريان |
سب ڊويزن |
اسڪولن جو تعداد |
استاد |
سپروائيزر |
ايل.ايس.او |
آر.پي |
حاضري/ داخلا |
1 |
ٺٽو |
429 |
1006 |
9 |
8 |
7 |
ڇوڪرا/ ڇوڪريون |
2 |
ميرپور
ساڪرو |
453 |
1037 |
11 |
8 |
10 |
52724/ 9478 |
3 |
سجاول |
553 |
1278 |
14 |
11 |
11 |
|
4 |
جاتي |
465 |
968 |
9 |
8 |
9 |
|
|
ٽوٽل |
1945 |
3289 |
438 |
35 |
39 |
|
انهيءَ کان علاوه پرائمري ايجوڪيشن آف انتظاميا
طور هيٺيون عملو ڪم ڪري ٿو، جنهن ۾ ضلعي آفيس ۾ هڪ
ڊي.اي.او. ان جي انڊر ۾ هر سب ڊويزن تي 4
ايس.ڊي.اي.اوز ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته گرلس پرائمري
ايجوڪيشن آفيس ۾ به ساڳيو عملو ڪم ڪري رهيو
آهي(16).
(2) سيڪنڊري ايجوڪيشن:
ٺٽي ضلعي ۾ پرائمري ايجوڪيشن جيان سيڪنڊري
ايجوڪيشن به هاڻي فعال بنجي رهي آهي. ضلعي اندر
هاءِ اسڪول 35- برانچ هاءِ اسڪول 8 ۽ خانگي هاءِ
اسڪولن جو تعداد 5 آهي، جڏهن ته هتي، مڊل اسڪول 44
۽ برانچ مڊل اسڪول 31 ۽ خانگي مڊل اسڪولن جو تعداد
6 آهي. باقي ضلعي اندر 5 هائير سيڪنڊري بوائز
اسڪول ۽ 2 گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول آهن.
انهيءَ کان علاوه هڪ هائير سيڪنڊري اسڪول (بوائز)
15 هاءِ اسڪول 13 مڊل اسڪول ٻيا به موجود آهن،
انهن اسڪولن جون عمارتون ته تيار آهن پر انهن جي
SNE
نه ملي سگهي آهي. جڏهن ته 2 هائير سيڪنڊري، 3 مڊل
اسڪول زير تعمير آهن. ۽ 2 هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ 5
هاءِ اسڪول ۽ 7 مڊل اسڪول بغير عمارتن جي هلي رهيا
آهن.
ٺٽي ضلعي اندر ٽوٽل منظور هاءِ اسڪولن جي استادن
جو تعداد 668 ۽ مڊل اسڪولن جي استادن جو انگ 275
آهي. اسان انهن جو مڪمل ۽ مفصل احوال، ڪم ڪندڙ
استادن، خالي جاين ۽ داخلا طور حاضر شاگردن جو
تعداد، مڊل توڻي هاءِ اسڪولن جا انگ اکر مختصر
جدول ۾ هيٺ ڏيون ٿا.
جريان نمبر |
منظور هاءِ اسڪولن جا استاد |
ڪم ڪندڙ استاد |
خالي جايون |
داخلا |
1. |
668 |
524 |
144 |
9962 |
|
منظور مڊل اسڪولن جا استاد |
|
|
حاضري |
2. |
275 |
174 |
100 |
4549 |
ٺٽي ضلعي جي مشهور و معروف ۽ وڏن هاءِ اسڪولن ۾
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو، ضلعي جو سڀ کان وڏو هاءِ
اسڪول آهي ۽ ضلعي ۾ ٻيو نمبر هاءِ اسڪول گورنمينٽ
هاءِ اسڪول سجاول آهي. انهيءَ کان سواءِ هائير
سيڪنڊري اسڪولن ۾ احمد خان بلوچ، جهرڪ، ميرپور
بٺوري، دڙي ۽ چوهڙ جمالي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
جڏهن ته ميرپور ساڪرو هائير سيڪنڊري اسڪول به خاص
طور تي قابل ذڪر آهي، باقي ٻين هائير سيڪنڊري
اسڪولن ۾
SNE
وغيره نه اچي سگهي آهي. جڏهن ته گرلس هاءِ اسڪولن
مان صرف ميرپور بٺورو ۽ دڙو اسڪول ڪم ڪري رهيا
آهن(17).
ڪاليج:
ٺٽي ضلعي اندر ٽوٽل 4 ڪاليج موجود آهن، جيڪي
شاگردن کي اعليٰ تعليم جون سهولتون مهيا ڪن ٿا.
انهن مان ٻه بوائز ڪاليج ۽ ٻه گرلس ڪاليج آهن، هڪ
بوائز ڪاليج ٺٽو جيڪو مڪليءَ تي قائم آهي، ۽ هڪ
بوائز ڪاليج سجاول ۾ قائم آهي. ٻن گرلس ڪاليجن مان
هڪ ڪاليج ٺٽي شهر ۾، ۽ هڪ سجاول شهر ۾ اولڊ چانڊيا
هاءِ اسڪول سجاول وٽ ٺهيل آهي، انهن مذڪوره ڪاليجن
۾ هزارين نياڻيون توڙي ڇوڪرا تعليم جي زيور سان
مالا مال ٿين ٿا.
ٺٽي ضلعي اندر پرائمري استادن جي ٽريننگ ۽ سکيا
لاءِ ميرپور بٺوري ۾ نان فارمل ٽيچرس ٽريننگ اسڪول
قائم آهي، جيڪو ڳچ وقت کان پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏيئي رهيو آهي.
ٺٽي ضلعي جي مشهور تعليمي ماهرن ۽ استادن جو هتي
ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، انڪري هتان جي انيڪ
تعليمي ماهرن ۽ تعليمي محسنن جو ڪجهه نموني طور
ذڪر ڪجي ٿو(18).
هتان جي بيشمار اعليٰ تعليم يافته ۽ اعليٰ تعليمي
استادن ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جيڪو ڊائريڪٽر
ايجوڪيشن ٿي رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو
وائيس چانسيلر به ٿي رهيو ۽ وفاقي وزير تعليم
(پي.پي.پي گورنمينٽ ۾ رهيو) طور به ڳچ عرصو ڪم ڪري
چڪو. پاڻ اعليٰ ايجوڪيشن کي اڳتي وڌائڻ خاطر سنڌي
پرائمري تعليم ۾ انگريزي (ڪي- جي(KG=
جو رواج عام ڪرڻ لاءِ اهڙي پاليسي پڻ جوڙيائين،
ليڪن ان تي عمل نه ٿي سگهيو. سندس تعلق سجاول
(ضلعي ٺٽي) سان هو. پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو،
جيتوڻيڪ سائين حيدرآباد ضلعي جو رهائش پذير هو.
(سندس اولاد اڄ به ڏيٿا ۾ رهي ٿو.) پر سندس اصل
تعلق ٻيلي، تعلقي سجاول سان آهي. پاڻ نه صرف هڪ
خدا ترس انسان هو، پر ان سان گڏوگڏ هڪ بهترين
ماهرِ تعليم پڻ هو. نور محمد هاءِ اسڪول، ٽريننگ
اسڪول ۽ ٺٽي ڪاليج ۾ استاد ٿي رهيو، 1979ع ۾ سٽي
ڪاليج جي پرنسيپال جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا، سندس اصل تعلق
شاهبندر (ديرو) پوءِ جاتي (ضلعي ٺٽي) سان آهي. پاڻ
سنڌ جو هڪ مڃيل ماهرِ تعليم آهي. تعليمي ميدان ۾
سندس خدمتون بيشمار ۽ اڻوسرندڙ آهن. پاڻ نه صرف
ماهرِ تعليم طور پوري دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو،
بلڪ برک تاريخدان پڻ آهي. پاڻ علامه اقبال اوپن
يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ٿي رهيو ۽ فاصلاتي
تعليم کي فروغ ڏنائون. انهيءَ کان سواءِ پاڻ سنڌ
يونيورسٽي ڄام شوري جو به ڪجهه عرصو وائيس چانسيلر
ٿي رهيو ۽ هتي به صاحب موصوف سنڌ جي ٻهراڙين ۾
تعليم عام ڪرڻ لاءِ فاصلاتي تعليم وانگر بي.ايڊ
لاءِ آف ڪئمپس جو پرائيويٽ شعبو قائم ڪيائين، جيئن
سنڌ جا نوجوان گهر ويٺي يونيورسٽيءَ مان اعليٰ
تعليم حاصل ڪري سگهن. الانا صاحب سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهيو آهي. انهيءَ کان
سواءِ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر لاءِ تمام گهڻو ڪم
ڪيو اٿس. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. سندس
تصنيف ڪيل ڪتابن جو گهڻو تعداد تاريخ، تعليم ۽
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي مشتمل آهي.
آپا عزيزالنساء آخوند، جو نالو به ٺٽي ضلعي جي
ماهرِ تعليم شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل تعلق
تعلقي شاهبندر جي عملي، علمي ۽ ادبي آخوند خاندان
سان آهي. پاڻ گرلس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي
پرنسيپال رهي، ۽ گرلس زبيده ڪاليج حيدرآباد جي پڻ
ڳچ وقت پرنسيپال رهي. پاڻ سنڌ جي مشهور وڪيل آفتاب
آخوند جي ڀيڻ آهي. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ صاحب جو
تعلق به ٺٽي ضلعي جي مشهور شهر دڙي سان آهي. پاڻ
ٺٽي ضلعي جي انهن اعليٰ تعليم يافته شخصيتن مان هڪ
آهي، جن پنهنجي علم ذريعي نالو ڪمايو ۽ نه صرف پاڻ
موکيو آهي، بلڪ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نانءُ به
مٿانهون ڪيو آهي، پاڻ سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي
ٽنڊي ڄام جو وائيس چانسيلر به رهيو آهي.
ڊاڪٽر سيد رشيد احمد شاهه، سندس تعلق به ٺٽي ضلعي
جي تاريخي شهر، ٺٽي سان آهي. پاڻ علمي ۽ ادبي
خاندان سان تعلق رکي ٿو. سائين جو نالو به سنڌ جي
ناميارن ماهر تعليم ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ ڪيترو ئي
عرصو مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ علمي ۽
تدريسي خدمتون سرانجام ڏنائون ۽ پاڻ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر به رهيو ۽ ڪجهه وقت
سنڌ جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري به رهيو آهي. سندن
علمي خدمتون هميشه لاءِ تاريخ جو حصو بنجي
وينديون.
قلندر شاهه لڪياريءَ جو تعلق پڻ ٺٽي ضلعي جي
ميرپور بٺوري سان آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي
انگلش ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو آهي، ۽ سنڌ جي
ماهرِ تعليم استادن ۾ سندس نالو شمار ٿئي ٿو. پاڻ
تهران يونيورسٽي (ايران) مان فارسي ٻوليءَ جي
ٽريننگ پڻ ورتي آهي، ۽ تهران يونيورسٽيءَ کيس
اعزازي علمي ڊگري به عطا ڪئي.
انهيءَ کان علاوه ٺٽي ضلعي جي ٻين ماهرِ تعليم
استادن ۾ ڊاڪٽر سيد ديدار شاهه، ڊاڪٽر (پي ايڇ.ڊي)
محمد ميمڻ دڙو، ڊاڪٽر محمد اشرف سمون (راڄو
نظاماڻي نزد جهرڪ ضلعو ٺٽو)، ڊاڪٽر نور افروز
خواجه (اصل تڙ خواجه، جاتي)، محمد جمن جعفراڻي،
عزيز جعفراڻي، محمد حسن بلوچ (ساڪرو) محمد جمن
کٽي، (ڊپٽي.ڊي.اي.او ٺٽي)، غلام حسين رنگريز
(اڳوڻو پرنسيپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ميرپور
بٺورو)، عبدالڪريم کٽي، عبدالرحمٰن سومرو (لوهار)،
پروفيسر محمد الرحيم ڪاڪيپوٽو، (پرنسيپال ڊگري
ڪاليج ٺٽو) حاجي نوراحمد لوهار (سومرو) پاڻ
انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ گرامر تي ڪتاب به لکيا آهن.
سائين هارون شاهه، نارائڻداس ڪيولرام لوهاڻه، حزب
الله کٽي (موجوده پرنسيپال نور.ڪي. جي اسڪول چوهڙ
جمالي) احسان علي جوکيو، عنايت الله شاهه، محمد
صالح ڪڇي، جهمٽ مل لوهاڻه، محمد موسيٰ عباسي سميت
عورتن جي شعبي ۾ محترمه مريم مجيدي، (ڊي- اي- او
فيميل) اين.ايڇ.گورايه، آپا ڪذبانو درس ۽ هما
غزاله، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ (اڳوڻو چيئرمين سنڌي
ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، ڊاڪٽر
محمد علي مانجهي، (موجوده پرنسيپال گورنمينٽ بوائز
ڊگري ڪاليج ٺٽو مڪلي)، ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ جنهن
تازو (پي ايڇ.ڊي) مڪمل ڪئي آهي، ۽ سيد انور علي
شاهه (سونڊن واري) جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
سيڪنڊري وانگر پرائمري تعليم ۾ پڻ هن ضلعي پاڻ
موکيو ۽ چڱو نالو ڪڍايو آهي. ٺٽي ضلعي جي پرائمري
ايجوڪيشن کاتي ۾ جن استادن جا نالا قابلِ ذڪر آهن،
انهن ۾ سائين محمد خان مجيدي، (جتوئي) جيڪو ٺٽي جو
ناميارو شاعر پڻ آهي ۽ ٺٽي ضلعي جي ڊي.اي.او فيميل
۽ نامياري شاعره مريم مجيديءَ جو والد آهي ۽ سندس
شمار به ٺٽي ضلعي جي ڏاهن استادن ۾ ٿئي ٿو. ازان
سواءِ سائين موليڏنو هالو (شاهبندر)، سيد محمد جمن
شاهه کانٽي وارو، سيد عبدالقادر شاهه (بڙا ميان)
قادري ۽ سائين پير بخش مگسي، سيد حسين شاهه مرحوم
سندس تعلق ٺٽي ضلعي جي تاريخي آثارن ابن شاهه جي
ٽڪرن سان آهي، پاڻ پنهنجي وقت جو محنتي ۽ ڄاڻو
استاد هو. پهريائين مين پرائمري اسڪول چوهڙ
جماليءَ جو ڪافي عرصو هيڊماسٽر رهيو. پاڻ ڪجهه
عرصو تعلقه ماستر پڻ رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل
آهن. سائين محمد بچل ڪنڀار جو تعلق چوهڙ جمالي سان
آهي، تازو وفات ڪري ويو آهي. پاڻ پنهنجي دور جو
بهترين استاد هو، رٽائرڊ واري زندگي گذارڻ جي
باوجود پاڻ ننڍڙن ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان مالا
مال ڪندو هو. انهيءَ سَٿ ۾ سائين علي محمد انگي به
شامل ذڪر آهي. پاڻ انگي انڪري مشهور هو جو، انگي
حسابن ۾ سندس ٻيو ثاني وري نه ٿي سگهيو. اهڙيءَ
طرح سائين محمد موسيٰ جوڻيجو (ٺٽو)، سائين محمد
عثمان کٽي (ٺٽو)، سائين نور محمد نگار (ميرپور
ساڪرو)، سائين غلام محمد ميمڻ مرحوم (ڪيٽي بندر)،
سائين عبدالله هالو (شاهبندر)، سائين ننگر خان رند
(چوهڙ جمالي)، سائين محمد يوسف جعفراڻي، سائين
شمشاد ساڪرائي، سائين حاجي عبدالله گندرو سونڊن
وارو، لعل بخش لالڻ جهرڪائي، پيرسيد ربڏنو شاهه
(فدائي) سونڊن وارو، سائين محمد هاشم لوهار ڪيٽوي،
عبدالله کٽي، حاجي محمد اڪبر جمالي، رسول بخش
تميمي، (جاتي) سائين رسول بخش درس (جهمپير)، سائين
محمد صادق پالاري، حاجي محمد عثمان ميمڻ (چوهڙ
جمالي)، سائين محمد صالح سمون (ميرپور بٺورو)
سائين نثار علي بلڙائي (دڙو)، سائين جيتانند
لوهاڻه (سجاول) ۽ غلام حسين موسوي (سجاول)، حاجي
محمد الياس ’هم غم ‘ جوکيو، سائين محسن عباسي،
علي محمد ٻارچ، محمد خان حيدري ميمڻ، مرحوم
ميووخان جمالي، سائين محمد هارون ميمڻ (سابقه ڊي-
اي- او سيڪنڊري ٺٽو)، سائين محمد صديق ’ساقي‘
(رازو) ڊي- اي- او سجاول جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو
وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آهن. مؤخر الذڪر ٻئي
استاد پروموشن بعد سيڪنڊري ايجوڪيشن ٿي ويا، ۽
اُتان ئي رٽائرڊ ڪيائون (19).
سائين محمد قاسم ٻيلائي به ٺٽي ضلعي جي مڃيل
استادن مان هڪ بهترين جاگرافيدان پڻ آهي، پاڻ
جاگرافي تعلقي سجاول ۽ جاگرافي ضلعه ٺٽي جو مصنف
آهي، انهن ڪتابن لکڻ جي ڪري کين سنڌ گورنمينٽ
پاران ٽي سئو 300 روپيا انعام پڻ مليو هو (20).
حوالا:
1. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 41.
2. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 41
3. حافظ حبيب سنڌي/ ٿرڙيءَ واري قديم تحرير جو
تحقيقي جائزو: ماهوار سنڌي ٻولي- سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو-حيدرآباد، سال.
4. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 37- 38 .
5. Lambrick- H.T, sind General Introduction
s.a.b Hyderabad, 1964 p-43.
6. Ibid p- 118.
ايضاً: عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 41.
7. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 41.
8. فقهاءِ هندو پاڪ جلد اول، از: مولانا محمد
اصحاق ڀٽي بحواله چچنامه، از: علي ڪوفي، سنڌي ۽
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد، سال، ص: 114.
9. ڊاڪٽر غلام علي الانا خواجه، لاڙ جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو، سال 1971ع، (ٿيسز براءِ ڊي-
فِل)، ص: 305، 304.
10. مولانا محمد عمر مخمور کٽي (مرحوم)، بياض
مخمور (قلمي)
11.siddiqui, idris: Thatta Department of
Archeology and Museums. Karachi, 1970, p. 2.
12. ڏسو پڌرنامو (حڪم نامو)، ڪمشنر سنڌ سر بارٽل
فريئر، مڪلي نمبر 100، سال 1875ع
13. پڌرنامو (حڪم نامو)، ڪمشنر سنڌ سر بارٽل
فريئر، مڪلي نمبر 100، سال 1875ع
14. بمبئي سرڪار پاران تعليمي پاليسي جيڪا 1886ع ۾
جاري ڪئي وئي، جنهن موجب تعليمي نصاب رکيو ويو-
ڏسو ڪتابچو، ص: 10 کان 18 تائين.
15. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 49.
16. آفيس رڪارڊ، ڊسٽرڪٽ پرائمري ايجوڪيشن ٺٽي جو
آفيس رڪارڊ.
17. ڊسٽرڪٽ سيڪندري ايجوڪيشن ٺٽي آفيس جو رڪارڊ.
18. حافظ حبيب سنڌي- ذاتي ڊائريءَ جا ورق.
19. ضلعي ٺٽي جي بوائز ۽ گرلس ڪاليجن جو آفيس
رڪارڊ.
20. عزيز جعفراڻي/ تاريخ سجاول/ محمد بن قاسم
لائبرري سجاول، سال 1986ع، ص: 288.
21. ميرعلي شير قانع ٺٽوي/ تحفة الڪرام، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد/ سال 1967ع.
22. مولانا غلام رسول مهر/ تاريخ ڪلهوڙا دور- حصو
پهريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ سال 1963ع.
23. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر/ سنڌ جا اسلامي درسگاهه،
محڪمه ثقافت حڪومت سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/
سال 1982ع.
24. اعجاز الحق قدوسي/ تاريخ سنڌ، جلد 2، اردو/
مرڪزي اردو بورڊ- لاهور.
25. عبدالڪريم کٽي/ غير مطبوعه ٽرم پيپر براءِ
ايم.ايل.سي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سال 1983ع. |