سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

سُر ڏهر/ڏاهر ۾ آيل ٻن لفظن (پرياڻ ۽ کريڙ) بابت ويچار

(علمي بحث)

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي اپريل- جون 2019ع واري شماري ۾ محترم عبدالقادر کوسي صاحب جو هڪ مقالو شايع ٿيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ’شاهه جو سُر ڏهر/ ڏاهر ۽ محققن جي تحقيق‘، هيءُ هڪ معياري مقالو آهي. پڙهڻ کان پوءِ مان تمام گهڻو متاثر ٿيس ۽ معلوم ٿيو ته کوسي صاحب کي ڀٽائيءَ جي ڪلام سان نه صرف دلچسپي آهي، پر هُو شاهه سائين جي ڪلام جو پارکو به آهي. توڙي جو هن ڪسرنفسي کان ڪم وٺندي اهڙي ڪا به دعويٰ نه ڪئي آهي.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جڏهن شاهه جو رسالو تيار ڪيو، ته ’لغات لطيفي‘ به تيار ڪيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنجاهه سال محنت ڪري، پنجاهه قلمي ۽ سمورا ڇاپي رسالا آڏو رکي، ’مستند شاهه جو رسالو‘ تيار ڪيو ۽ قلمي نسخن ۾ آيل سمورو مواد محفوظ ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ تي اهو الزام اجايو آهي، ته هن شاهه جي ڪلام جو ڪجهه حصو رسالي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو شاهه جو ڪلام هو، تنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام‘ عنوان ڏيئي شاهه جي ڪلام جو مستند متن تيار ڪيو. باقي ٻيو ڪلام جيڪو 50 قلمي نسخن ۾ موجود هو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب ’رسالي جو ڪلام‘ يعني شاهه جي مختلف رسالن ۾ آيل ٻين شاعرن جو ڪلام، ڏهين جلد ۾ محفوظ ڪيو آهي.

ان کان علاوه ’روشني‘ جي عنوان سان شاهه جي ڪلام  جي لغات تيار ڪئي، جنهن جا ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. شاهه جي ڪن ٻين شارحن رسالي جي حاشيي ۾ يا آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني آهي. مطلب ته رسالي سان گڏ ان جي لغات ڏيڻ وارا شمس العماء مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهن، جيڪي سنڌي ادب جا وڏا محسن آهن. ڄڻ ٻه درياهي آهن، جن ادبي سرزمين کي سيراب ڪيو، باغ بستان لڳي ويا، ادبي چمن جي گلن جي خوشبوء هند سنڌ کي واسي ڇڏيو.

هينئر شاهه جي لغات تيار ڪرڻ وارن لاءِ ڄڻ آساني پيدا ٿي آهي. کين تمام گهڻو مواد ملي ويو آهي ۽ هنن لاءِ وڏي رهبري ۽ رهنمائي ٿي ويئي آهي. ڪجهه لفظ گهٽائي وڌائي، ڪي نوان لفظ شامل ڪري، ڪن لفظن جون نيون معنائون ڏيئي، نئين لغت تيار ڪري سگهجي ٿي، پر مان دعويٰ سان ٿو چوان، ته ان ۾ نوي سيڪڙو مواد ’لغات لطيفي‘ ۽
’روشني‘ تان کنيل هوندو. باقي جيڪو ڏهه سيڪڙو نئون مواد، ان نئين لغت ۾ شامل هوندو، سو به يقين سان نه ٿو چئي سگهجي، ته اهو ڪيترو مستند هوندو.

مرزا صاحب پنهنجي تيار ڪيل ’شاهه جو رسالو‘ جي لغت تيار ڪئي ۽ ڊاڪٽر بلوچ به پنهنجي تيار ڪيل رسالي جي لغت تيار ڪئي. نئين لغت تيار ڪرڻ وارن کي اها وضاحت ضرور ڪرڻ گهرجي ته هنن شاهه جي ڪهڙي رسالي جي لغت تيار ڪئي آهي؟ ڇاڪاڻ ته ارنيسٽ ٽرمپ کان وٺي هن وقت تائين ڪيترن عالمن شاهه جا رسالا تيار ڪيا آهن، تنهنڪري ٿوري وضاحت لازمي آهي.

فاضل مقاله نگار پنهنجي مقالي جي ص- 25 تي لکيو آهي، ”هن سُر (ڏهر/ ڏاهر) بابت شاهه جي 244 هين عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو ڪتاب ’سُر ڏهر‘ 1989ع ۾ ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مرتب نواز علي شوق آهي. اهو ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن جو ڇپايل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ 16 نامَور اسڪالرن جا مقالا ڇپيل آهن. ڪتاب جي ص- 219 کان 140 تائين آفتاب ابڙي جو لکيل مقالو ’سُر ڏهر جي لغت‘ شامل آهي. ڊاڪٽر ابڙي هن مقالي ۾ ڪافي لفظن ۽ محاورن جون معنائون سمجهايون آهن، پر اهي سڀ معنائون ساڳيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واريون تشريح سان لکيون اٿس.“

معلوم ٿيو ته هينئر رڳو هيرا ڦيري ڪري لِئي ۽ قينچي کان ڪم وٺي، شارٽ ڪٽ ڪرڻ وارا، لغتون تيار ڪندا ۽ پاڻ کي لغت جو ماهر سڏائيندا. ائين ٺڳي چوري، ڪوڙ، ڪپت ۽ کوٽ جو ڪاروبار هلندو رهندو. جيئن اڄ ڪلهه هر شيءِ ۾ ملاوٽ وڌي وئي آهي، تيئن ادب ۾ به ملاوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ’ڪڪڙ ڪوريءَ جو ۽ نانءُ وڏيري جو‘ مثال چٽو ٿي اکين آڏو اچي رهيو آهي. ماهر معمار موڪلائي ويا، جن ادب جا محلات اڏيا، هينئر سِرَ تغاري کڻڻ وارا رهجي ويا آهن، جي دانشوري جو دهمان ٻڌي رهيا آهن.

ويا سي وينجهار، هيرو لعل وِنڌين جي،

تتين سندا پويان، ڪٽين ڪٽ لوهار.

فاضل مقاله نگار سُر ڏهر ۾ آيل ٻن بيتن جي ٻن لفظن ’پرياڻ‘ ۽ ’کريڙ‘ جي معنيٰ ۽ مطلب متعلق مختلف عالمن جي تحقيق جا حوالا ڏنا آهن. هونئن ته لفظ ’پرياڻ‘ رسالي ۾ 24 جاين تي آيل آهي، جنهن لاءِ کوسي صاحب جو مقالو، ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي جنوري 2018ع واري شماري ۾ ڏسڻ گهرجي. هتي کوسي صاحب سُر ڏهر/ ڏاهر جا فقط ٻه بيت ڏنا آهن، جي هن ريت آهن:

ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ، سندي من ۾،

اوچتي پَرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

ڪڏهن جهلين ٻڪرا، ويٺي منجهه وٿاڻ،

اوچتا پرياڻ، آهي ڌڻ ڌڻين جا.

کوسي صاحب لکيو آهي ته ’پرياڻ‘ لفظ جون شاهه جي شارحن ۽ محققن ڌار ڌار معنائون لکيون آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿيون.

پَرياڻ: اهڃاڻ، ڏس، پتو، آثار، نشان، پريتڻو، پَريان وارا.

شاهه جي رسالي جي شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن لفظ جون هيٺيون معنائون ۽ اشتقاق لکيا آهن.

پرياڻ: سن- پرياڻ+ پر ”اڳتي+ يا“ وڃڻ (منهنجي خيال ۾ اهو ’يا‘ نه پر لفظ جو پويون اڌ ’ياڻ‘ هوندو. شايد پروف جي غلطي آهي) پَههُ، رِٿَ، ارادو ”بيبي خديجه خواب ۾، پروڙيسَ پرياڻ“ (گل حسن شر) ويچار، خيال، نصيحت، انجام، ٻانڌاڻ.

مٿي جيڪي به معنائون ڏنيون ويون آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي، پر سُر ڏهر جي هيٺئين بيت ۾ ڊاڪٽر بلوچ ’پرياڻ‘ لفظ جي معنيٰ ڏهڪاءُ لکي آهي.

ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ، سندي من ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

(ص- 22)

فاضل مقاله نگار لکيو آهي ته ’پرياڻ‘ لفظ تحقيق طلب آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي عالمن ’پرياڻ‘
لفظ جي جيڪا معنيٰ لکي آهي، ان معنيٰ جي آڌار تي بيتن جي معنيٰ دل سان نه ٿي لڳي، اهوئي سبب آهي جو هن محققن کي دعوت ڏني آهي، ته ان لفظ تي ويچار ڪري، اهڙي معنيٰ ٻڌائي وڃي، جيڪا صحيح معلوم ٿئي.

مان سنڌي ادب جو شاگرد آهيان، ۽ لغات جي به مون کي، تمام معمولي ڄاڻ آهي. هندي جي هڪ عالم راجيسور راءِ اصغر جي ’هندي- اردو لغت‘ کي کولي ڏٺم ته ’پرياڻ‘ لفظ جي هيءَ معنيٰ معلوم ٿي.

پَرياڻ: هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ، رحلت، روانگي، ڪُوچ، حملو، موت (ص- 178)

اهي معنائون ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. سوچيم ته شاهه لطيف لغت جو ڪيڏو نه ماهر هو ۽ وٽس مختلف ٻولين جو وڏو ذخيرو موجود آهي. شاهه صاحب بيتن ۾ تُز لفظ آڻي خوب خيال ۽ مثال ظاهر ڪيو آهي. هاڻي پهريون بيت ۽ ان جي سمجهاڻي ڏجي ٿي.

1. ڪونج نه لکيو ٻاڻُ، جو ماريءَ سندي من ۾،

   اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

سمجهاڻي: ماري جي من ۾ جيڪو (ڪونج کي مارڻ لاءِ) تيرُ هو، ارادو هو سو ويچاري ڪونج سمجهي نه سگهي. (هن سوچيو، هُوءَ ته ڪنهن جي دشمن ناهي، پوءِ ڇو کيس ڪو ماريندو!) ماري (شڪاري) جي اوچتي حملي (جنهن ۾ ڪونج ويچاري مري وئي) (ظالم) وڳر وچ ۾ وٿيون وجهي ڇڏيون. يعني پکي ڌارو ڌار ٿي ويا. (ڪونج ويچاري وڳر کان وڇڙي وئي) (ڪنهن ڪونج جو وڳر کان وڇڙڻ وڏو سانحو هوندو آهي، ٻيو وري ڪونج جي مرڻ يعني (وڳر کان وڇڙڻ تي) ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڀٽائيءَ اهو منظر ڏٺو هجي ۽ ڪونجن کي به ڪرڪندي ڏٺو هجي.

بهرحال، اهو ڏاڍو ڏکائتو منظر آهي. پيارن ۽ پريت وارن جو اوچتو موت ڄڻ ماري وجهندو آهي. هن بيت  ۾ ’پرياڻ‘ جي معنيٰ آهي: ’حملو.‘

2. ڪڏهن جهلين ٻڪرا، ويٺي منجهه وٿاڻ،

اوچتا پرياڻ، آهن ڌڻ ڌڻين جا.

سمجهاڻي: (لاکي جهڙا لوڙائو، زوري زبردستي مال ڪاهي ويندڙ) ايڏا ظالم آهن، جو ڪڏهن وٿاڻن ۾ ويٺل ٻڪر به ڪاهي وڃن ٿا. (مسڪين ماڻهو ڏاڍن اڳيان ڪُڇي نه ٿا سگهن) ڌن ڌڻي (مالوندن) تي اوچتا حملا ٿين ٿا. ڀٽائي هن بيت ۾ ڏاڍن جي ڏاڍائي ۽ هيڻن جي هيڻائي بيان ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي بيت محاڪاتي شاعريءَ جو انتهائي اعليٰ مثال آهن. هن بيت ۾ به پرياڻ جي معنيٰ آهي ’حملو‘.

مون ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي جنوري 2018ع واري شماري ۾ ڇپيل مقالو ڪونه پڙهيو آهي، جنهن ۾ کوسي صاحب ٻڌايو آهي ته ’پرياڻ‘ لفظ شاهه جي رسالي ۾ 24 هنڌن تي آيل آهي. پرياڻ لفظ تي غور ڪندي مون کي شاهه صاحب جا چار بيت ياد اچي ويا، جن ۾ هڪ مارئي جو، هڪ سُر رامڪلي جو آهي، باقي ٻن بيتن جو تعلق سسئي جي داستان سان آهي. اهي بيت هن ريت آهن.

1. سدا جن پرياڻ، پانڌي پکي لڏ سين،

 مارو ڳڻن ساڻ، وئڙا ٿر اڪري.

2. پيا ڪنهن پرياڻ مَ، ڇهين ڏينهن ڇڻي،

اندر آديسين کي، ڌريان ئي ڌڻي.

ٻري ٻاجهارا ڪئا، کان ئي خاڪ کڻي.

پنيو پنج ڪڻي، لڪا ڀڻن  لوڪ ۾.

3. هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪُهه پرياڻ،

پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.

4. ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتيءَ ڪري تاڻُ.

وڌائين وڻڪار ۾، سسئي پاڻ سُڪاڻ،

پڇي پهه پکين کي، پيئي منڌ پرياڻ،

ڏنس ڏيهه وڻن جا، تن الله لڳ اهڃاڻ.

مان پرچي پاڻ، اچي آرياڻي وري.

مٿين سڀني بيتن ۾ ’هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ‘ ۽ ’روانو ٿيڻ‘ ۽ ’ڪُوچ ڪرڻ‘ جو مفهوم واضح ٿئي ٿو.

شاهه جي پهرين بيت جي مصرع مان اها معنيٰ نڪري ٿي ته ماروئڙا سدائين پنڌ ۾ آهن. هُو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. ٻئي بيت جي پهرين مصرع ۾ به سفر جو مفهوم واضح ٿئي ٿو، ته جوڳي ڇهين ڏينهن ڪُوچ ڪري روانا ٿيا. ٽئين بيت ۾ ڀٽائي سَسُئي کي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو، ته هوت ته تو وٽ ئي آهي. اهو توکان پري ناهي، پوءِ ڇو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه هلندي رهين ٿي. چوٿين بيت ۾ به سفر جي ڳالهه نظر اچي ٿي. سسئي پنهون جي تلاش ۾ پکين کان پنهونءَ جا ڏس پتا پڇندي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه هلندي رهي ٿي.

شاهه جي رسالي ۾ جن ٻين بيتن ۾ لفظ ’پرياڻ‘
آيو آهي، سي منهنجي آڏو نه آهن. مان سمجهان ٿو ته انهن مان به اڪثر بيتن ۾ اها ئي معنيٰ ٺهڪي ايندي، جيڪا مون مٿي لکي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪن ٿورن لفظن سان اهي معنائون ٺهڪي نه اچن. ان لاءِ عرض ته هڪ لفظ جون گهڻيون ئي معنائون هونديون آهن، تنهنڪري ممڪن آهي ته اتي پرياڻ لفظ جون اهي معنائون مناسب معلوم ٿين ٿيون، جيڪي اسان جي عالمن ٻڌايون آهن.

مون مٿي لفظ ’پرياڻ‘ جون جيڪي معنائون ٻڌايون آهن، سي راجا راجيسور راءِ جي ’هندي- اردو لغت‘ ۾ موجود آهن، مون انهن جي روشنيءَ ۾ مختلف سُرن ۾ آيل لفظ ’پرياڻ‘ وارن بيتن جي پنهنجي سمجهه آهر سمجهاڻي ڏني آهي.

ٻيو لفظ اڪثر عالمن ’کريڙ‘ لکيو آهي. هتي ان لفظ بابت پنهنجا ويچار پيش ڪري رهيو آهيان، ضروري ناهي ته منهنجا ويچار سورنهن آنا صحيح هجن، هي هڪ علمي بحث آهي، هر ڪنهن لاءِ ميدان کليل آهي. ٻيو ڪو عالم اڃا وڌيڪ سهڻي راءِ ڏئي سگهي ٿو. هن وقت تائين ان لفظ جي اصليت ۽ معنيٰ واضح نه ٿي سگهي آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي، ته ان لفظ جي صحيح صورتخطي واضح ڪئي وڃي ۽ پوءِ ان جي معنيٰ ٻڌائي وڃي.

عبدالقادر کوسي صاحب پنهنجي هن عالماڻي مقالي ۾ ’کريڙ‘ لفظ تي بحث ڪندي لکيو آهي، ”کريڙ لفظ لاءِ مرزا قليچ بيگ پنهنجي رسالي ۾ ص - 711 تي هڪ لفظ ’کريڙ‘ لکيو آهي، ۽ لغات لطيفي ۾ ان جي معنيٰ ڏيندي لکي ٿو ته ”هي رڻ ڪڇ جو ٻيٽ آهي.“

کريڙ لاءِ معمور يوسفاڻي لکي ٿو ته، ”کريڙ رڻ ڪڇ جو ٻيٽ آهي. سنڌ جا قديم وهڪرا ’کريڙ‘ ٻيٽ کي پاڻي پهچائيندا هئا. ڪونجون ۽ پاڻيءَ جا ٻيا سڀ پکي اتي پهچندا هئا. پر ڏهين صديءَ جي آخر ۾ اهي وهڪرا سڪي ويا ۽ اها زمين اهڙي پڪي ٿي وئي، جو پکين جا پير به ڏکجي پيا.“

آفتاب ابڙي سُر ڏهر بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ ’کريڙ‘ لفظ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ”اهو لفظ ’ڪريهر‘ آهي.“ هُو وڌيڪ ان لفظ کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ سگهڙ جو حوالو ڏيندي رقم طراز آهي ته ”هيءُ زمين جو هڪ قسم آهي ۽ انهيءَ سخت زمين کي ’ڪريهر‘ چئبو آهي، جنهن ۾ پکي کوٽهڙو ڪري نه سگهندو آهي.“ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي لفظ ’ڪريهر‘ کي اگر صحيح سمجهجي ته هيءُ زمين جو هڪ قسم آهي، جتي پکي کوٽهڙو ڪري نه سگهندو آهي، ته يڪدم خيال انهيءَ پاسي وڃي ٿو ته، ڇا ڪونج پکي کوٽهڙو ڪندو آهي؟

اصل ۾ هن لفظ بابت شاهه جي شارحن ۽ محققن پنهنجا پنهنجا انومان ڪڍي معنائون لکيون آهن ۽ پنهنجا پنهنجا رايا ڏئي ان جي معنيٰ ۽ تشريح ڪئي آهي. اها ڳالهه مڃجي ٿي ته شاهه جي رسالي تي جيتري تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي، ايتري اڄ ڏينهن تائين شايد ڪير به سنڌي عالم نه ڪري سگهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ ’کريڙ‘ کي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ’کريهڙ‘ لکيو آهي، ۽ ان جي معنيٰ کيڙي يا کيڙيل زمين لکي اٿس. هن کريڙ لفظ جي معنيٰ ’کرڙي‘ به ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن قلمي نسخن ۽ بمبئي ڇاپن ۾ لفظ ’کريڙ‘
لکيل آهي. مرزا قليچ بيگ به ان لفظ کي ’کريڙ‘
ڪري لکيو آهي. معمور يوسفاڻي به هن لفظ کي کريڙ لکيو آهي، پر آفتاب ابڙي پنهنجي مقالي ۾ هن لفظ کي ’ڪريهر‘ لکي ڪونج پکي جي کوٽهڙي ڪرڻ واري جيڪا ڳالهه لکي آهي، سا ڪافي مُنجهائيندڙ آهي.

سنڌ جي لطيف شناس ماڻهن کي منهنجي اها گذارش آهي ته هن لفظ جي بيهڪ آخر ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ مان هن لفظ جي لاءِ معمور يوسفاڻي واري معنيٰ سان به اتفاقي (سهمت) آهيان ته ڊاڪٽر بلوچ واري نئين تحقيق ڪيل لفظ ’ڪريهر‘ کان به انڪاري نه آهيان.“ (ص- 17)

عبدالقادر کوسي صاحب جي تحقيق قابلِ داد آهي، پر بيت ۾ شاهه جي شارحن ان لفظ جي لکتن جا جيڪي نمونا ڏنا آهن، سي مونجهارو پيدا ڪن ٿا، فاضل مقاله نگار جي اها ڳالهه وزندار آهي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، ته آخر ان لفظ جي بيهڪ ڪهڙي هئڻ کپي؟

کوسي صاحب جو مقالو پڙهڻ کان پوءِ مون پاڻ وٽ موجود ڊڪشنريون اٿلايون. پروفيسر سترام داس ’سائل‘ جي هڪ جلدي لغت ’سائل ڪوش‘ ۾ هيٺيان لفظ مليا، جن جي معنيٰ هيٺ ڏني وڃي ٿي.

ڪِريڙ: راند، کيل، مزو، رؤنشو، وندر (ص- 388)

ڪريهر: بدصورت، ڪوجهو، بدشڪل، گندو، ميرو (ص- 389)

ڊاڪٽر بلوچ واري ڊڪشنري ’روشني‘ ۾ هيءَ معنيٰ ڏنل آهي،

کريهڙ ڀون کري: کرڙي واري، بلڪل پڪي زمين (ص- 377)

راجا راجيسور راءِ واري هندي- اردو لغت ۾ هي لفظ نظر آيا:

ڪَري: هاٿي، فيل (ص- 357)

ڪرير: نئون ننڍڙو پن، جيڪو وڻ ۾ سڀ کان اڳ ڦٽندو آهي، گونچ (ص- 358)

سُر ڏهر جي هڪ بيت جي ٻي مصرع جي پهرين پد جو پهريون لفظ، شاهه جي شارحن 15 مختلف نمونن ۾ لکيو آهي. اهو بيت هن ريت آهي:

آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،

کريهڙ ڀون کري، پاڻان پير ڏکوئيا پکڻين.

ڊاڪٽر بلوچ ’شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام‘ جلد- 3 ۾ مختلف قلمي رسالن تان پوئين مصرع جون پڙهڻيون نقل ڪري ڏنيون آهن، سي هن ريت آهن:

1. کڙي هر ڀون کري، پاڻا پير ڏکوئيا پکڻين.

2. کڙيهڙ ڀون کڙي، پاڻا پير ڏکوئيا پکڻين.

3. کڙي هل ڀون کڙي، پاڻا پير ڏکويا پکڻين

4. کڙي هر ڀون ڪري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

5. کينهر پڻ کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

6. کريهر ڀون کري، پاڻا پير ڏکوئيا.

7. کريهر ڀون کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

8. کرهر ڀون کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين

9. ڪري هر ڀون ڪري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين

10. ڪريهر پڻ گري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

11. ڪيهپر ڀون کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

12. ڪنهن کر ڀُن ڪري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

13. کنڀر ڀُنءَ کري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.

14. ڪينهر ڀون کري، پاڻ پير ڏکويا پکڻين. (ص- 586)

ان مان ظاهر ٿيو ته مصرع ثاني (ٻي مصرع) جو پهريون پد پندرهن مختلف نمونن ۾ لکيو ويو آهي. اڪثر محققن پهريون لفظ ’کريڙ‘ لکيو آهي. يا ڪن ٻئي نموني لکيو آهي، پر ان جي معنيٰ سخت زمين، کيڙيل زمين، کڙٻڙ يا کُٻ کُٻ ٿيل زمين لکي وئي آهي، ڀٽائي بيت چيو، ڪاتبن کي جيئن سمجهه ۾ آيو، تيئن هنن لکي ڇڏيو. ڪاتب نه وڏا عالم هئا ۽ نه وري هر خطي جي ٻوليءَ جا ڄاڻو هئا، تنهنڪري مونجهارو پيدا ٿيو.

پهرين مصرع جي ٻئي پد ۾ ’اصل‘ لفظ آيل آهي. اهو به غور طلب آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي معنيٰ مطابق مصرع جو مفهوم دل سان نه ٿو لڳي. ڇو ته معنيٰ ٺهڪي نه ٿي اچي، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪو ٻيو لفظ هجي. ان تي به ويچار ڪرڻ ضروري آهي.

مٿي مصرع ثاني جي پهرين پد ۾ شاهه جي شارحن جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سڀ اوپرا آهن. اهي ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ موجود نه آهن. پکين جا پير ڏکجڻ واري ڳالهه ڏسي، شارحن اندازي تي ان جي معنيٰ سخت زمين، کڙٻڙ، کيڙيل يا کٻ کٻ ٿيل زمين لکي. پکين جا پير ڏکوئجڻ جي مناسبت سان اهائي معنيٰ مناسب معلوم ٿئي ٿي، پر جيئن عبدالقادر کوسي صاحب لکيو آهي، ته پهرين اهو طيءِ ٿيڻ گهرجي ته ان لفظ جي اصل بيهڪ ڪهڙي آهي؟ ان کان پوءِ ان لفظ جي معنيٰ تي سوچ ويچار ڪجي، جڏهن اصل لفظ جي خبر ئي نه آهي، ته پوءِ اندازي ۽ انومان تي ئي معنيٰ لکي ويندي.

علمي ۽ تحقيقي اصول موجب پهرين ان لفظ جي صحيح صورتخطي معلوم ڪرڻ گهرجي، پوءِ لغت ۾ ان جي معنيٰ معلوم ڪرڻ گهرجي. ان بيت جي ٻي مصرع جي پهرين پد ۾ جيڪو پهريون لفظ مختلف صورتن ۾ لکيو ويو آهي، سو ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ نظر نه ٿو اچي. ڊڪشنرين ۾ بيت جي پهرين مصرع جي مناسبت سان جيڪي لفظ نظر آيا، تن جي معنيٰ هيٺ ڏني وڃي ٿي، فيروزاللغات ۾ ’اصل‘ لفظ جي معنيٰ هيءَ آهي.

اصل: بنياد، پاڙ، سرچشمو، ٻج، سَتُ، عطر، حقيقت، ٺيڪ، واقعي، ماهيت، نسبت، سرمايو، پونجي، ذات، ڪتاب جو متن، نج، کرو (ص- 68)

هڪ لفظ جي ايترن مختلف نمونن ۾ لکجڻ مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪاتبن کي اهو لفظ سمجهه ۾ نه آيو، تنهنڪري هر ڪنهن پنهنجي سمجهه آهر لکي ڇڏيو. هنن اهو نه سوچيو ته اهو ڪهڙي زبان جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي؟ بس رڳو هڪ مبهم لفظ پنهنجي سوچ سمجهه مطابق بيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام‘ جي جلد- 3 ۾ ڪونجن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”ڪونجون قسمت سانگي چُوڻي ۽ قُوت لاءِ ٿيون هِت اچن، پر سندن اصل وطن روهه آهي، هت کريهڙ جي ڍوري تي لٿيون، ته کهري زمين سندن پير ڏکوئي وڌا.“ (ص-55)

غور سان ڏٺو وڃي ته ڍورا ٻيا به هئا. بڊام جي پٽ ۾ به ڪن ڍنڍن ڍورن ۽ ڪُنبن تي ڪونجون اچي لهنديون هيون. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب فرمايو آهي:

چيتا ڪئو چڻيج، بڊاماڻي بُٺِ ۾.

معمور يوسفاڻي صاحب اها مصرع هن ريت لکي آهي:

چنتا ڪئو چڻيج، بڊاماڻي پَٽَ ۾.

هينئر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀٽائي فرمايو آهي:

آيون ڍوري ڍري، اصل سندي آسري.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪونجون اچي ڪنهن ڍوري تي لٿيون. ان مان ڪنهن ٻيٽ طرف اشارو نه ٿو نظر اچي، تنهنڪري ان مصرع کي ’ڪريڙ ٻيٽ‘
ڏانهن ڇڪي وڃڻ مناسب معلوم نه ٿو ٿئي. جڏهن ’ڪريڙ‘ هڪ ٻيٽ جو نالو آهي، ته پوءِ ان جي معنيٰ هروڀرو سخت ڇو ٿيڻ گهرجي. ڪونجون هر سال جيان اچي ڪنهن ڍوري تي لٿيون. ڀٽائي پنهنجي بيت ۾ ڪنهن ڍوري جو نالو نه ڏنو آهي، اهو ڪو به ڍورو ٿي سگهي ٿو. ڀٽائي رڳو اهو چيو ته:

آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري.

مٿين مصرع ۾ آيل لفظ ’اصل‘ جي معنيٰ آءٌ ڏيئي چڪو آهيان. منهنجي ناقص راءِ موجب ان مصرع ۾ اصل جي بجاءِ ’اَڪُل‘ لفظ وڌيڪ موزون ۽ مناسب لڳي ٿو. جيئن اَڪل ۽ اصل جي صورتخطيءَ ۾ تمام ٿورو فرق آهي، تنهنڪري ڪاتبن کان ٿوري سَهوَ ٿي وئي ’اڪل‘ بجاءِ’اصل‘
لکي ڇڏيو. پوءِ شاهه جا شارح اهو ئي لفظ لکندا آيا. ’اڪل‘ جي معنيٰ آهي: کاڌو، خوراڪ. عربي زبان ۾ ’کُلوا وَشُربُوا‘ جي معنيٰ آهي کائو پيئو.

معلوم ٿيو ته ’اصل‘ کان ’اڪل‘ لفظ وڌيڪ موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ بيت جو مفهوم وڌيڪ چٽيءَ ريت ظاهر ڪري ٿو. بحث هيٺ آيل بيت جي مصرع ۾ منهنجي ناقص راءِ موجب’پکڻين‘
لفظ زائد آهي. جڏهن ذڪر ئي پکين جو آهي ته پوءِ ’پکڻين‘ لفظ غير ضروري معلوم ٿئي ٿو. ٻي ڳالهه ته اهو لفظ آڻڻ سان مصرع جون ماترائون وڌي وڃن ٿيون. هينئر اهو بيت لکي، ان جي سمجهاڻي ڏني وڃي ٿي.

آيون ڍور ڍري، اَڪُل سندي آسري،

ڪَرير ڀونءِ ڪَري، پاڻان پير ڏکوئيا.

سمجهاڻي: (ڪونجون) اچي ڍوري تي لٿيون، ڇو جو اتي کين کاڌي خوراڪ جو آسرو هو (اها اميد رکي ڍوري تي لٿيون آهن پر اُهو ڍورو شايد سُڪي ويو هو) تنهنڪري اها زمين جيڪا نَون ڦُٽل ڪَچڙن پَنن (گونچن) جهڙي ڪُنئري هوندي هئي، سا هاٿي جهڙي سخت ٿي پئي آهي، تنهنڪري ويچارين جا پير ڏکجي پيا. جيئن ڪونج پاڻ سهڻي نازڪ ۽ نفيس تيئن ان جا پير به پَٽ جهڙا، تنهنڪري سخت زمين تي ان جا پير ڏُکجي پيا. ڀٽائيءَ کي انهيءَ منظر ڏاڍو ڏکارو ڪري وڌو، جو ڪونجون ويچاريون پنهنجو وطن (روهه) ۽ ٻچا ڇڏي، وڏو سفر ڪري هتي چوڳي لاءِ آيون هيون. افسوس جو کين خوراڪ ته نه ملي، پر سخت زمين سبب ويچارين جا ريشم جهڙا نرم نازڪ پير به ڏکجي پيا. مطلب ته شاهه ڀٽائيءَ انهيءَ بيت ۾ ڏاڍو ڏکارو منظر پيش ڪيو آهي.

مددي ڪتاب:

1.         شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام (جلد- ٽيون)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1994ع.

2.        شاهه لطيف جي ڪلام جي لغت (ڇاپو ٻيون)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 2017ع.

3.        سائل ڪوش (ڇاپو ٻيو)، پروفيسر سترام داس سائل، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، 2009ع.

4.                 هندي- اردو لغت، راجيسور راءِ، حيدرآباد دڪن.

5.        فيروزاللغات، فيروز سنز لاهور، 1987ع.

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾’مجاز مرسل‘ جو جائزو

A study of ‘Synecdoche’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)

 

جائزي جو پس منظر:

مولوي صاحب پنـ هنجي دور جو ته ڪمال جو شاعر هو، ليڪن بعد ۾ به هن جو ملڪو رهيو آهي. سندس شاعريءَ جي ٻولي اهڙي ته مٿاهين پد جي آهي، جو کيس پنهنجي علائقي جا ماڻـ هو عام پيا گونجاريندا آهن ۽ سندس شعر، محاورن، اصطلاحن، پـ هاڪن ۽ چوڻين طور پيا ڪم آڻيندا آهن. اها ڪنـ هن ڀلي شاعر جي بين الاقوامي معيار مطابق خوبي تصور ڪئي ويندي آهي. تنقيدي لحاظ کان ڪنهن شاعر جي خوبين کي ٻن اهم پلڙن  ۾ توريو ويندو آهي، هڪ: فن ۽ ٻيو: فڪر.

فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪي اصطلاح يڪسان به هوندا آهن، جيڪي فڪري ۽ فني لحاظ کان
ٻن
ـ هي پلڙن ۾ توربا آهن. جيئن تجنيسن کي صرف لفظن جي گـ هاڙيٽي ۾ ڏسبو آهي، ليڪن صنعتن کي وري معنوي لحاظ کان جاچبو آهي. علم بيان موجب تشبيـ هه، استعارو، مجازمرسل ۽ ڪنايو اهم ليکيا ويندا آهن. معنوي لحاظ کان اهي اصطلاح، شاعر پنـ هنجي خيال کي وڌيڪ مضبوط، سـ هڻو ۽ عام فـ هم بڻائڻ لاءِ ڪم آڻڻ لازمي سمجـ هندو آهي. هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ علم بيان جي جز: ’مجاز مرسل‘ تي نظر رکڻ مقصود آهي.

’مجازمرسل‘ مان مراد ڪنـ هن لفظ يا فقري جي ’حقيقي‘ معنى کان هٽي ڪري ’مجازي‘ معنى وٺڻ هوندي آهي. مجازي معنيٰ سان گڏ جڏهن حقيقي معنى به شامل ٿئي ته پوءِ اهو ڪنايو ٿي ويندو آهي، جيئن: ’فلاڻي ماڻهوءَ جي چلـ هه پئي ٻرندي آهي.‘ چلـ هه ٻرڻ حقيقي معنى ۾ به آهي ته وري اشارةً ’ماني ٽڪيءَ جو پچڻ‘ ۽ ’مـ همان نوازي هجڻ‘ واري مراد به آهي، ان سبب ان کي ’ڪنايو‘ سڏبو. جڏهن ته مجازمرسل ۾ ’ڪل جو جز‘ يا ’جز جو ڪل‘، ’مڪان جو مڪين‘ يا ’مڪين جو مڪان‘، ’سبب جو مسبب‘ يا ’مسبب جو سبب‘، ’ظرف جو مظروف‘، ’مظروف جو ظرف‘ وغيره وٺبو آهي. مثال طور: ’هي ڳوٺ ڪافي سڌريل آهي‘ واري جملي ۾ ’ڳوٺ‘ مان حقيقي مراد ’جايون- جڳـ هيون، ڀتيون- ڇتيون، گـ هٽيون- گـ هر‘ آهي، جڏهن ته جملي جي نوعيت ٻڌائي ٿي ان جو اشارو ’ڳوٺ جي رهاڪن‘ ڏانـ هن آهي. ان اهڙي مجازي اشاري يا ’ڳوٺ‘ ۽ ’رهاڪن‘ جي وچ واري ’مڪان کان مڪين‘ واري تعلق کي ’مجاز مرسل‘ ڪوٺيو ويندو آهي.

عام طور جڏهن ڪي لفظ پنـ هنجي حقيقي معنى کان هٽي ڪري استعمال ڪيا ويندا آهن ته تنقيد نگار اهڙي استعمال تي طنز ڪري، ان کي تنقيد سمجـ هندا آهن. هي علم بيان جو هڪ جزو آهي، جنـ هن کي، مجازي معنى وٺڻ سبب، مجازمرسل سڏيندا آهن. ان اصطلاح کي سمجـ هڻ لاءِ هيٺين سوالن جو احاطو ڪيو ويو آهي.

اڀياس جا سوال:

علم بيان ڇا کي ٿو چئجي؟

                                    ·       مجاز مرسل مان ڇا مراد آهي؟

                                    ·       ڇا ٻوليءَ جي اصطلاح يا محاوري جي حقيقي ۽ مجازي/ سماجي معنائن کي مجازمرسل چئي سگـ هجي ٿو؟

                                    ·       مجازمرسل جون ڪـ هڙيون امڪاني صورتون ٿي سگـ هن ٿيون؟

اڀياس جو عمل:

مجازمرسل، پنـ هنجي مجازي معنى سبب ڪم ايندو آهي. هي اصطلاح  ’علم بيان‘ جو هڪ جزو آهي. هتي علم بيان جو مختصر خاڪو بيان ڪري مجازمرسل بابت عالمن/ استادن جو ڏسيل دائرو سامـ هون رکي، ان بابت معيار ڏسڻ ۽ مولوي صاحب جي شاعري جاچڻ مقصود آهي.

علم بيان :

اهڙو علم جنـ هن ذريعي ڪنـ هن لفظ جي معنى کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪي نوان انداز ورتا وڃن، ان کي علم بيان چئبو آهي. ٻوليءَ ۾ عام طور لفظ جون، ٻن اندازن سان معنائون ورتيون وينديون آهن، هڪ: حقيقي، ٻي: مجازي. مجازي معنى وٺڻ لاءِ علم بيان جو گس ورتو ويندو آهي. فرض ڪريو ته ’چنڊ‘ ڪنـ هن ماڻـ هوءَ لاءِ ڪم آڻيندي، ان جي سونـ هن مراد ورتي وڃي. علم بيان جي دائري ۾ چار جزا ڏسيا ويا آهن: ’تشبيہ، استعارو، مجازمرسل ۽ ڪنايو‘. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنـ هنجي ڪتاب ’آفتاب ادب‘ ۾ علم بيان ۾ اهي ئي چار جزا ڄاڻايا آهن. (سيوهاڻي، 1983: 198- 201)  مرزا قليچ بيگ مذڪوره جزن کي ’صنايع معنوي‘ ۾ شمار ڪري ٿو. (قليچ، 2016: 128- 134)

ظفر عباسي ’علم بيان‘ بابت لکي ٿو ته: ”علم بيان اهڙن قاعدن جو نالو آهي، جن جي سمجـ هڻ سان هڪڙي ئي معنى کي ڪيترن نمونن سان ڪم آڻي سگـ هجي ٿو. يعني ڪنـ هن هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ جهڙو بيان ڪرڻ.“ (ظفر، 2007: 451)

اهي جزا ٻوليءَ ۾ ڪنـ هن ڳالـ هه کي بيان ڪرڻ ۽ پنـ هنجي خيال کي وڌيڪ مضبوط، واضح ۽ سهڻو ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. مجازي معنى لاءِ ڪم ايندڙ اصطلاحن جي ڀيٽ نسبت ’تشبيہ ۽ استعارو‘ پاڻ ۾ ويجـ هو آهي، جڏهن ته ’مجازمرسل ۽ ڪنايو‘ پاڻ ۾ قريب ٿين ٿا، مثال طور:

·             تشبيـ هه: احمد چنڊ جـ هڙو سـ هڻو آهي.

·             استعارو: احمد ته چنڊ آهي.

تشبيـ هه ۾ جـ هڙو، وانگر، جيان وغيره جا لفظ وٺي ان ۾ خاصيت به بيان ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته استعاري ۾ سڌو لفظ وٺي، ان جي خاصيت تصور ڪئي ويندي آهي.

·             مجازمرسل:  هي گهر لکيل پڙهيل آهي. (هتي مڪان مان مراد مڪين جي آهي، يعني گـ هر جا ماڻـ هو)

·             ڪنايو: احمد جي چلـ هه ته پئي ٻرندي آهي. (هن جي حقيقي معنى ۽ مجازي معنى ۾ ويجـ هڙائپ آهي.)

مجازمرسل جو علم بيان جي ٻين جزن سان تقابل

علم بيان جي جزن جي پاڻ ۾ ڪافي ويجـ هڙائپ رهي ٿي، ان ڪارڻ مجازمرسل جي مختلف جزن سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته جيئن مجاز مرسل واضح رهي:

مجاز مرسل ۽ استعاري ۾ فرق

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ان بابت لکي ٿو ته ”استعاري ۽ مجازمرسل ۾ لفظن جي لغوي ۽ حقيقي معنى نه وٺبي آهي. جيڪڏهن وٺبي ته مضمون بي مطلبو ٿي پوندو. ’شينـ هن ترار پئي هلائي‘- انهيءَ فقري ۾ جيڪڏهن ’شينـ هن‘ جي معنى مشـ هور درندو جانور وٺبي، ته اهو ترار ڪيئن هلائيندو؟ پوءِ اهو جملو ئي بي معنى ٿي پوندو. انـ هيءَ ڪري اهڙي جملي ۾ ضرور مجازي معنى وٺبي- يعني ’پـ هلوان‘. “ (سيوهاڻي، 1983: 164)

سيوهاڻي مرحوم جي ڄاڻايل مثال مان سوال اهو ٿو اڀري ته ’ان استعاري ۾ مجازمرسل جي ڪهڙي جز جي معنى نڪرندي؟ ممڪن آهي ته سيوهاڻي مرحوم جي مراد مجازمرسل جي جز ’سبب مان مسبب (نتيجو)‘ واري  هجي. ظاهري جملي ۾ ’شينـ هن‘ اڌارو ورتل آهي ڪنـ هن ’پـ هلوان/ بـ هادر‘ لاءِ، يعني شينـ هن جو لفظ اڌاري وٺڻ  ڪارڻ استعارو چئبو؛ پر جڏهن معنى تي ٿو ڌيان ڌرجي ته اهو لفظ پنـ هنجي مجازي معنى ۾ ڪنهن بـ هادر ماڻهوءَ لاءِ ورتو ويو آهي. اتي ’شينـ هن‘ سبب آهي، جنـ هن جو مُسبب/ نتيجو، ’پـ هلوان/ بـ هادر‘ آهي. ان مجازي معنى واري چال کي ’مجازمرسل‘ ٿو ڪوٺجي.

مجاز مرسل ۽ تشبيهه ۾ فرق

تشبيـ هه ۾ حرف تشبيـ هه: وانگر، جـ هڙو، جيان وغيره جي استعمال سان گڏ ان جي خاصيت به ٻڌائي ويندي آهي. مثال: ’احمد شينـ هن جـ هڙو بـ هادر آهي‘. هن جملي ۾ ’حرف تشبيـ هه: جـ هڙو‘ ڪم آندل آهي، جنـ هن سبب ’احمد‘ ۽ ’شينـ هن‘ کي ٻه الڳ اسم سمجـ هيا وڃن ٿا. پر جيڪڏهن احمد جي جوشيلي ۽ جلالي انداز لاءِ چئجي ته ’شينـ هن وانگر پيو ٿو گجي‘، ان صورت ۾ ’گجڻ‘ مان مراد ’جوش ڏيکارڻ‘ آهي، جيڪو (سبب جو مُسبب) نتيجو آهي ’گجڻ‘ جو، اهڙي مجازي معنى وٺڻ کي ’مجاز مرسل‘ ڪوٺبو.

مجاز مرسل ۽ ڪنايي ۾ فرق

سيوهاڻي صاحب لکي ٿو ته ”’فلاڻي جون ٻانـ هون ڊگـ هيون آهن‘- انـ هيءَ جملي ۾ ’ڊگـ هيون ٻانـ هون‘ حقيقي معنى ۾ نه آهن، بلڪ ’ٻانـ هون ڊگـ هيون‘ معنى ’وڏي پـ هچ‘. پر جيڪڏهن انـ هيءَ جملي جي معنى وٺبي ’ڊگـ هيون ٻانـ هون‘ ته به جملو بي معنى نه ٿيندو، ڇو ته ڪن ماڻـ هن جون ٻانـ هون ننڍيون ٿينديون آهن ۽ ڪن جون وڏيون. جيتوڻيڪ حقيقي معنى وٺڻ سان ڪلام ۾ ڪا ڪماليت نه رهندي، ته به ڪا نه ڪا مناسب معنى ضرور نڪرندي.“ (سيوهاڻي، 1983: 164- 165)

سيوهاڻي مرحوم جي مراد آهي ته ’ٻانـ هون ڊگـ هيون هجڻ‘ جون ٻئي معنائون يعني ’مجازي ۽ حقيقي‘ وٺي سگـ هجن ٿيون. ان سبب ان کي ’ڪنايو‘ ٿو چئجي. پر جيڪڏهن اهو اصطلاح پنـ هنجي حقيقي معنى نه ڏئي ها ۽ صرف مجازي معنى ڏئي ها ته ان صورت ۾ ’سبب جو مسبب/ نتيجو‘ واري جز ڪارڻ ’مجازمرسل‘ سڏجي ها. جيئن ته هتي اهو اصطلاح ٻئي معنائون (حقيقي ۽ مجازي) ڏئي پيو ، ان ڪري ان کي ڪنايو سڏيو ويندو.

هيٺ مجاز مرسل جو اشتقاق ۽ ان جي جزن جو وچور هيٺين ريت پيش ڪجي ٿو:

مجاز مرسل جو اشتقاق

مَجاز مُرسل: [ مَجاز- مَفعَل- اسم مڪان (جازَ = هو گذري ويو- جائز ٿيو) لنگـ هه جي جاءِ- واٽ، اهڙو لفظ جيڪو ڪنـ هن مناسبت سان ٻي معنى ۾ استعمال ڪرڻ جائز هجي + مُرسَل- مُفعَل- اسم مفعول (رَسَلَ = هن نياپو موڪليو) موڪليل نياپو ] ڪو نئون رستو اختيار ڪرڻ- علم بيان موجب ڪو لفظ پنـ هنجي حقيقي معنى بدران مجازي معنى ۾ ڪم ايندو هجي ۽ حقيقي ۽ مجازي معنائن وارو لاڳاپو تشيبہ وارو نه هجي ته ان کي مجاز مرسل چئبو. ڪنايو، پنـ هنجي حقيقي ۽ مجازي ٻنـ هي معنائن ۾  ڪم ايندو آهي، ليڪن مجازمرسل صرف مجازي معنى ۾ ڪم ايندو آهي. اها واٽ يا لفظ جنـ هن ۾ ڪنـ هن جڳـ هه لاءِ ان جا رهندڙ مراد هجي،
ڪنـ
هن سبب بدران ان جو سبب ڏيکاريندڙ يا نتيجو مراد هجي، يا ڪُل مان مراد جُز هجي. مثال طور:  ’هي اسڪول ڪافي سٺي تعليم مـ هيا ڪري ٿو‘، هن جملي ۾ ’اسڪول‘ لفظ پنهنجي مجازي معنى ڏيندو، يعني ان مان مراد اسڪول جا ’استاد‘ ۽ ان جي ’انتظاميه‘ آهي.

مجاز مرسل جو اصطلاح/ محاوري يا پهاڪي/ چوڻي سان تعلق

اصطلاح يا محاورو، جملي جو جز سڏبو آهي، جڏهن ته پـ هاڪو يا چوڻي هڪ پورو جملو تصور ڪيو ويندو آهي. اصطلاح ۽ پهاڪي جي معنى جو تعلق سڌي سنئين معنى سان نه، پر سماجي ٻوليءَ سان آهي، جڏهن ته محاورو يا چوڻي پنهنجو سڌو مقصد ظاهر ڪندي آهي.

مجازمرسل، پنـ هنجي سماجي معنى سبب اصطلاح يا پـ هاڪي جي خاندان سان تعلق ضرور رکي ٿو، ليڪن ان جي معنى وٺڻ جا پنـ هنجا ماپا آهن. جنهن سبب ان کي شاعراڻي معنى سان گهڻو سلهاڙيو ويو آهي. فرض ڪريو ته:

سڌي سنئين معنى موجب

سماجي معنى موجب

انڌو (اکين کان)

انڌو (عقل جو جڏو)

مٿو (جسم جو حصو)

مٿو (سوچ)

سون (هڪ ڌاتو)

سون (سراسر سچ)

ٻانهن (عضوو)

ٻانـ هن (سڱ يا عورت)

                                                   (ٻوهيو، 1978: 305)

ڊاڪٽر الـ هداد ٻوهيو لکي ٿو ته: ”هنن مثالن مان ڏٺو ويندو ته هڪ ئي لفظ معنى جا ٻه مقام ڏئي ٿو. انهن ٻن معنائن مان پـ هرين معنى ته اها عام معنى آهي، جا فرد ۽ فرد جي وچ ۾ منتقل ٿئي ٿي، پر ٻي معنى مٿانـ هين آهي، جا سماج ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي طور تي ڄاتي وڃي ٿي.“ (ٻوهيو، 1978: 305- 306)

اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اصطلاحي معنائن ۾ ڪم اچن ٿا، ظاهر آهي ته ان جون معنائون مجازي ورتيون وڃن ٿيون. ان صورت ۾ عام رواجي يا سماجي ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿا ته انهن اصطلاحن کي الڳ دائرن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ۽ انـ هن جو هڪ مقرر فارميٽ ٿئي ٿو. ساڳيا لفظ، جڏهن مجازي معنى سان، ڪنـ هن شاعريءَ ۾ ڪم اچن ٿا ۽ ڪنـ هن ڄاتل معيار هيٺ بيهن ٿا ته ان کي مجازمرسل ڪوٺجي ٿو. يعني ٻوليءَ جي حقيقي يا سڌي سنئين معنى ظاهر ڪندڙ لفظن کي مجازمرسل جي ويجهو نه سمجهبو.

مجاز مرسل جا جزا

مجاز مرسل  جي ڪل جزن جي تعيّن تي اختلاف سامهون اچن ٿا. مرزا قليچ بيگ مجاز مرسل ۾ لاءِ صرف هڪ جزي: ’سبب کان مسبب‘ جو ڄاڻايو آهي. (قليچ، 2016: 134) حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ نَو جزا ڏنا آهن: ’ڪُل مان جز‘، ’جز مان ڪل‘، ’سبب مان مسبب‘، ’مسبب مان سبب‘، ’محل/ ظرف مان مظروف‘، ’اوزار مان ان جو ڪم‘، ’ماضيءَ مان حاضر‘ ۽ ’مسقبل مان حاضر‘ جي مراد وٺڻ؛ جڏهن ته ’تعريض‘ کي به مجاز مرسل جو جز ڪوٺي ٿو، حالانڪ اهو جز ’ڪنايي‘ جو آهي. (سيوهاڻي، 1983: 155- 158) بهرحال ان جي مڙني جزن جي تعين ۾ اختلاف مان مراد ته ڪن عالمن ان جا صرف چار جز ڏسيا آهن ته ڪن وري اَٺ! البت اٺن کان وڌيڪ سنڌي عالمن وٽ ذڪر نه ٿو ملي. هتي مختلف نڪتن جي اڀياس وٺڻ بعد چوويهه رکيا ويا آهن:

مڪان مان مراد مڪين جي وٺڻ

’ثقافتي ڏهاڙي تي سڄي سنڌ جهومي پئي.‘، هتي ’سنڌ‘ مان مراد سنڌ جا ’رهاڪو‘ آهن.

مڪين مان مراد مڪان جي وٺڻ

’سنڌي ٻولي ڳالـ هائيندڙ سڀ ماڻـ هو تنهنجا آهن.‘ هتي ’سڀ ماڻـ هو‘ مڪين آهي، ۽ ان جو مڪان پورو ديس آهي. يعني سنڌي ٻولي ڳالـ هائيندڙن جو پورو ديس تنهنجو آهي.

جز  مان مراد ڪل جي وٺڻ

’لوه، لوه کي ڪٽيندو آهي.‘ هتي پـ هرين ’لوه‘ مان مراد ان جي جز يعني ان مان ٺـ هيل ڪٽيندڙ شيءِ ڏانـ هن آهي. يعني هي ’جز کان ڪل‘ جو مثال آهي.

ڪُل مان مراد جز جي وٺڻ

’ڪمرو بند ڪرڻ گـ هرجي.‘ هتي ’ڪمري‘ مان مراد ڪل جي آهي، ليڪن ڪمري بند ڪرڻ لاءِ ’دروازو‘
بند ڪبو آهي. يعني هي ’ڪل کان جز‘ جو مثال آهي.

سبب مان مراد مُسبَب (نتيجي) جي وٺڻ

’حيات کي ته نڪ ئي ڪونـ هي.‘ هتي ’نڪ‘ مان مراد ان جو نتيجو ’شرم ۽ حيا‘ آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جي چـ هري ۾ نڪ هڪ نمايان حيثيت رکندڙ عضوو هوندو آهي.

مُسبَب (نتيجي) مان مراد سبب جي وٺڻ

’اندر ۾ باهه پئي ٿي ٻري.‘ هتي ’باهه‘ مان مراد ’اڌما يا تڪليف‘ آهي ۽ مُسبَب آهي. باهه خود نه ٻرندي آهي، بلڪ ڪنـ هن جي سڙڻ جو نتيجو هوندي آهي، ان ڪري ان جملي ۾ ’باهه‘ مسبَب آهي، ڪنـ هن سڙندڙ جسم جو، جنـ هن کي سبب ٿو چئجي.

ظرف مان مراد مظروف جي وٺڻ

’درياهَ ڪچو ٻوڙي ڇڏيو.‘ هتي ’درياه‘ مان مراد ’پاڻي‘ آهي. درياه ظرف آهي ۽ پنـ هنجي جڳـ هه تي بيٺو آهي، جڏهن ته ان ۾ موجود پاڻي مظروف آهي، جيڪو ٻوڙي ٿو.

مظروف مان مراد ظرف جي وٺڻ

’پاڻي کڻي اچ.‘ هتي ’پاڻي‘ مان مراد ان جو ٿانءُ، جنـ هن ۾ پاڻي هجي. هن جملي ۾ پاڻي مظروف آهي، جيڪو ڪنـ هن ظرف ۾ ئي کڻي سگهجي ٿو.

اهي ته باضابطه قسم ٻڌايا وڃن ٿا، ان کان علاوه حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ٻيا قسم به ڄاڻايا آهن، جـ هڙوڪ: ’ماضيءَ جي حالت مان موجوده حالت وٺڻ‘، ’مستقبل کي موجوده حالت سان تعبير ڪرڻ‘، ’اوزار مان مراد ان مان بڻايل تصور ڪرڻ‘، ’تعريض: ڳالـ هه هڪڙي، اشارو ڪنهن ٻي ڳالـ هه ڏانهن‘ وغيره.  (سيوهاڻي، 1983: 157) سيوهاڻي صاحب جي ڄاڻايل ’تعريض‘ ڪنايي ۾ به شامل ڪئي ويندي آهي، ان سبب ان کي هتي آڻڻ مناسب نه ٿو سمجهجي.

اوزار/ عضوي مان مراد ان جو عمل وٺڻ

’اسان جي زبان سنڌي آهي.‘ يا ’زبان ڏي، ته ڪڏهن ڪتاب ڏيندين؟‘ هتي ’زبان‘ ته هڪ عضوو يا اوزار آهي، جيڪو ڳالـ هائجندڙ ٻوليءَ ۾ چرپر ڪري ٿو. زبان، ٻولي ڳالـ هائڻ جي عضون مان صرف هڪ عضوو آهي، ليڪن هتي مراد  ’ڳالـ هائجندڙ ٻولي‘ ۽ ’واعدو‘ آهي.

ڪنـ هن عمل مان مراد اوزار/ عضوو وٺڻ

’هن ته مون کي گـ هائي ڇڏيو.‘ ان شاعراڻي مزاج واري فقري ۾ ’گـ هائڻ‘ هڪ عمل آهي، جڏهن ته اهو عمل ڪنهن اوزار يا عضوي سان ئي ممڪن آهي. ’اکين جي گُهور سان گهائجن‘ وارو تصور به ان سان سلهاڙي سگهجي ٿو.

موجوده حالت مان مراد ماضيءَ جي وٺڻ

’مان ته مٽي آهيان.‘ هن فقري ۾ ’مٽي هجڻ‘ واري حالت اصل ته ماضي ۾ هئي، ليڪن موجوده حالت ۾ پاڻ کي مٽي سڏيو ويو آهي.

ماضيءَ واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ

’مان ته فقط مٽيءَ جي مُٺ آهيان.‘ سيوهاڻي صاحب ’مٽيءَ‘ جي وضاحت ۾ لکي ٿو ته ”انسان اصل مٽيءَ مان بڻيل ۽ مٽيءَ جو پتلو آهي. انسان جي اها حالت ماضيءَ ۾ هئي، پر هاڻي هو مٽيءَ جو بوتو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. هتي ماضيءَ واري حالت بيان ڪري، هاڻوڪي جسم جي معنى ورتي ويئي آهي.“ (سيوهاڻي، 1983: 157)

موجوده حالت مان مراد مستقبل وٺڻ

’مان ته ڄڻ قبر ۾ پيو گذاريان.‘ هن جملي ۾ اها حالت ٻڌائي وئي آهي، جيڪا مستقبل ۾ ممڪن آهي.

مستقبل واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ

’اڙي يار، هاڻي مُئي کي نه مار!‘ هن جملي ۾ لفظ ’مُئي‘ يعني ’مئل‘ واري اهڙي حالت آهي، جا زمان مستقبل ۾ ٿيڻ واري آهي، ليڪن جملي ۾ مخاطِب هينئر ئي پاڻ کي انهيءَ حالت ۾ بيان ڪري ٿو. (سيوهاڻي، 1983: 158)

ماضيءَ واري حالت مان مراد مستقبل وٺڻ

’منـ هن ڏيکارڻ کان به وئين.‘ هن جملي ۾ ماضيءَ واري حالت ڏيکاريل آهي، ليڪن مراد ايندڙ وقت آهي، يعني ’هاڻي، منهن به نه ڏيکاريندين.‘

مستقبل واري حالت مان مراد ماضي وٺڻ

’اها ته خبر ئي نه پئي ته مون کي ڇڏي ڏيندين.‘ واري جملي ۾ مسقبل واري حالت آهي، جڏهن ته مراد ماضيءَ واري بيهندي.

مثبت مان منفي مراد وٺڻ

’واه جو منـ هنجي دوستيءَ جو مون کي صِلو ڏنو اٿئي، هاڻي کلي به نه ٿو کيڪارين.‘ هن جملي ۾ ’واه جو صِلو‘ واري ترڪيب مثبت ۾ بيان ڪيل آهي، جڏهن ته ان جي اصل مراد ’منفي‘ يعني ’سزا‘ جي آهي.

منفيءَ مان مثبت مراد وٺڻ

’هي ته ڪو بگهڙ رانديگر آهي.‘ هتي ’بگـ هڙ‘ هڪ خونخوار ۽ چيريندڙ جانور آهي، ليڪن هتي مراد ’تمام سٺي رانديگر‘ جي وٺي سگهبي.

اوزار  ڄاڻائي، مراد اوزار هلائيندڙ وٺڻ

قلم جي حيثيت تلوار کان وڌيڪ آهي. هتي قلم مان مراد قلم هلائڻ وارو ۽ تلوار مان مراد تلوار هلائيندڙ آهي.

 اوزار هلائيندڙ مان مراد اوزار وٺڻ

’هوشو شيديءَ جي پـ هرين وار ئي مخالف جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو.‘ هتي اوزار هلائيندڙ ڄاڻائيندي، اوزار يعني تلوار جي مراد وٺبي، ڇاڪاڻ ته وارُ ڪنهن هٿيار يعني تلوار سان ئي ڪري سگهجي ٿو.

مضاف مان مراد مضاف اليه وٺڻ

’بدڪردار ماڻهن کان ته جنتي ڪتو ڀلو آهي.‘ هتي ’جنتي ڪتي‘ مان مراد ’اصحاب ڪـ هف‘ جو ڪتو جيڪو جنتي ڄاڻايو ويو آهي. اصل ترڪيب آهي ’اصحاب ڪـ هف جو ڪتو‘، هتي ’ڪتو‘ مضاف آهي، جڏهن ته ’اصحاف ڪـ هف‘ مضاف اليه. سڀ ڪتا ته جنتي ڪونه سڏبا، جڏهن جنتي ڪتي جو ذڪر ايندو آهي ته عام طور ان جي مراد ’اصحاف ڪهف‘ واري هوندي آهي.

مضاف اليه مان مراد مضاف وٺڻ

’اڄڪلهه زمان ڏاڍو خراب آهي.‘ هتي زمانو ’مضاف اليه‘ آهي، اصل ترڪيب ٿيندي: ’زماني جا ماڻـ هو‘. ان ترڪيب ۾ ’ماڻـ هو‘ مضاف آهي. جملي ۾ ’زمانو: مضاف اليه‘ ڏسيل آهي، جڏهن ته ان جي مراد ’ماڻـ هو: مضاف‘ وٺبي.

مذڪر مان مراد مؤنث جي وٺڻ

سنڌي سماج ۾ عورت کي عاشق تصور ڪيو ويو آهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سڀني شاعرن تمثيلي سُورمين جي روپ ۾ شاعري ڪئي آهي. شاه لطيف جي هڪ سٽ خيال خاطر ڏجي ٿي ته ”مُٺيس جهل مـ هار، ڪٺيس ڪاه مَ ڪرهو...“ ان سبب سنڌي شاعرن جي مزاج ۾ ’مذڪر‘ کي مخاطب ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته مجازي طور مراد ’مؤنث‘ وٺي سگهبي آهي.

مؤنث مان مراد مذڪر جي وٺڻ

’ڪوجهيءَ جو ڪلام سراسر عشق سان ٽمٽار آهي.‘ هتي ٻوليءَ جي لحاظ کان ’ڪوجـ هي‘ مؤنث آهي، ليڪن اهو تخلص هڪ مذڪر ’محمد بخش شيخ‘ جو آهي. ان ڪارڻ مؤنث مجازي مراد ۾ ڪم آيل آهي، جڏهن ته اصل مراد مذڪر جي آهي.

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ مجاز مرسل جو جائزو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي وڏي بازيگري آهي، هتي ’مجازمرسل‘ نسبت سندس شاعريءَ مان چند مثال ڏسجن ٿا:

مڪان مان مراد مڪين جي وٺڻ

سڄڻَ، شاهد سڄوئي جَڳ، ته ’احمد‘ اڳ نه ڀَريو پَڳ،

ڪُٺس تو ڪالـ هه اڄ پڻ اڳ، اکيَن سان ڪيا اشارا تو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 454)

هتي مڪان: ’جڳ‘ مان مراد، مڪين: جڳ جا ماڻهو آهن.

مڪين مان مراد مڪان جي وٺڻ

مُلڪ سارو مِلڪ تنهنجي، خواه ماڻـ هو، خواه مَلڪ،

عرش ڀُون اُڀ فرش عالَم، جُملي انورَ، تنهنجي هَٿِ.

                           (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 148)

هتي ماڻهو مڪين آهي ۽ ان مان مراد ’پورو ديس‘ آهي.

جز مان مراد ڪل جي وٺڻ

نه جي جيئري مليَم جاني، ٿيس منجـ هه قرب قرباني،

ڪَجل جي شل، وجـ هي ڪاني، ڪڏهن ڏئي قُل اَهاهاها.

                         (ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 82)

هتي ’قل‘ جز آهي، سورة فاتحه ۽ دعا وغيره جو. شاعري جي مراد قبر تي ’سورة فاتحه ۽ قل وغيره‘ جي آهي، جيڪو ڪُل آهي. جڏهن ته ’قل‘ ان جو جز آهي.

ڪُل مان مراد جز جي وٺڻ

جـ هَليو دِل ۾ ڀُڻان دانـ هون، پرين، وِجـ هه پير ڪو پانـ هُون،

ٿيون اظـ هار جي آنـ هُون،  ته ٻرندا ٻاڦ سان ٻيلا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 74)

هتي ڪل:’ٻيلا‘ مان مراد ان جو جز: ’ڪاٺيون‘ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻرنديون ڪاٺيون جز جي صورت ۾، پر لفظ ’ٻيلا‘ ڪل جي صورت ۾ ڪم آندل آهي.

سبب مان مراد مسبَب جي وٺڻ

هَر مَحلو  هن  مَـ هل  خوش،  مينـ هن  وسندي  مُنـ هن ڏيکار،

قلب ۾ وسندي ڪڪر، ڪاڙهو ڪڙهي ٿو بي سبب.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 105)

’ڪڪر جو وسڻ‘ ’سبب مان مُسبب‘ جو مثال آهي. ’ڪڪر‘ سبب آهي، جڏهن ته ’مينـ هن جو وسڻ‘ ان جو مُسبب/ نتيجو آهي. هتي ’ڪڪر جو وسڻ‘ جي مجازي مراد ’مينـ هن جو وسڻ‘ وٺبي.

مسبَب مان مراد سبب جي وٺڻ

اُف ڪڍي ’احمد‘ نه ٻئي وٽ، آڳ اندر ۾ جَلي،

پر سدا  سـ هڻا،  تو  سامـ هون،  سُور سارن ئي مباح.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 201)

آڳ خود جلندي/ ٻرندي ناهي، بلڪ ڪنـ هن جي سڙڻ جو نتيجو هوندي آهي. هتي ’آڳ‘ مُسبَب آهي، ڪنهن سڙندڙ جسم جو، جنـ هن کي سبب چئبو.

ظرف مان مراد مظروف جي وٺڻ

وههُ وٽيءَ ۾، چُون وِهسي، آهه ايءُ آبِ حيات،

پَرک  پاڻـ هي،  پُر  پيالو،   جي  پِئين  تون  هيڪڙو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 482)

ظرف: پيالو ۽ مظروف: شراب/ مشروب. هتي شاعر جي ظرف مان مراد مظروف آهي.

سنڌ سَلامت  رَک تون سائين،  مِـ هر ڪَر مـ هراڻ جهلَ،

مـ هل هن مَئي   مُـ هڙ  تائين،  مِـ هر ڪَر مـ هراڻ جهلَ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 510)

هتي ظرف: ’مـ هراڻ‘ مان مراد، مظروف: پاڻي آهي، ڇاڪاڻ ته مـ هراڻ درياه کي جـ هلڻ مان مراد ان جي پاڻيءَ کي روڪڻ جي ڳالـ هه ڪيل آهي، جيڪو ٻوڏ جو سبب بڻبو آهي.

مَظروف مان مراد ظرف جي وٺڻ

کَڻ مُربي کي، مَري رَهه، مون مَريڙو ياد پيو،

ڇا ڪريان ميون ميان، مون لاءِ مَڪ ۾ ميٺ ميٺ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 162)

هتي ’مُربو‘ مظروف آهي، ان مان مراد اهڙي ٿانءُ جي آهي، جنـ هن ۾ ’مربو‘ هجي، ’مربو‘ سڌو سنئون ڪونه کڻبو، بلڪ ڪنهن ٿانوَ ذريعي ئي کڄندو.

هي چند مثال ’مجازمرسل‘ جي نسبت رکيا ويا آهن، جيڪي سامـ هون اچي سگهيا آهن.

اوزار/ عضوي مان مراد ان جي عمل جي وٺڻ

ٻِي ٻيائي  ٻولين  کان،  ٻانـ هڙي  جِي ٻُڌ زبان،

عمر ساري مون اندر ۾، آيتون اَذڪار ڏي.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 198)

ان شعر ۾ ’ٻانـ هڙي جي ٻُڌ زبان‘ مان مراد آهي ’ٻولي/ ڳالـ هه/ عرض/ دلي مقصد‘. يعني هتي اوزار/ عضوي: ’زبان‘ مان مراد ان سان ڪيل ڳالهه يا عرض آهي.

ڪنهن عمل مان مراد اوزار/ عضوو وٺڻ

حَملا حبيب لايا، غَمزن غريب گهايا،

’احمد‘ عجيب آيا، احسان جان قربان.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 364)

ان شعر ۾  ’حملن ۽ غمزن سان گهائڻ‘ جي ڳالـ هه ڪيل آهي، جيڪا ڪنـ هن اوزار يا عضوي جو عمل آهي. اتي مولوي صاحب جي مراد ’اک‘ جي اشارن سان ’حملا‘ ۽ ’غمزا‘ آهن.  يعني شاعر ’حملن ۽ غمزن‘ کي اوزار/ عضوي ’اک‘ واري مراد سان سلهاڙي ٿو.

موجوده حالت مان مراد ماضيءَ جي وٺڻ

دَم هُئڻ جا هَڻ نه هُونـ هين، تنهنجي هستي ڏينـ هن ڏيڍ،

تون مِٽي آخر  مٽيءَ  ۾،  موج   مستي  ڏينـ هن ڏيڍ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 239)

هن شعر ۾ شاعر انسانذات کي مخاطب ٿيندي ’تون مِٽي‘ چوي ٿو. هتي ’مٽي هجڻ‘ واري اصل حالت ته ماضيءَ جي آهي، جڏهن ساه ڦوڪيو ويو ته ان جي حالت مٽيءَ واري نه رهي، اڳتي هلي مٽِيءَ واري حالت ٿيندي، جيڪا مولوي صاحب بيان ڪئي آهي. هتي ’تون مٽي‘ زمان حال ڏيکاريو ويو آهي، اصل مراد ’ماضيءَ‘ جي اٿس.

ماضيءَ واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ

واه، جوڀن جس جواني، ڏينهن سي آيا ويا،

واه، زينت زندگاني، ڏينهن سي آيا ويا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 98)

هن شعر ۾ ’جوانيءَ‘ جي ڳالهه يعني ماضيءَ کي موجوده حالت سان سلهاڙيو ويو آهي. يعني موجوده حالت ۾ اها جوت نه رهي آهي ۽ مسڪيني حال ۾ پيو گذارو ٿئي.

موجوده حالت مان مراد مستقبل وٺڻ

اَمر مُوتُوا سُڻي ’احمد‘، عُمر جو آسرو لاٿم،

ويا ڪانڌي ڪري قابو، قبر ۾ ڏينهن گذاريان ٿو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 460)

ان شعر ۾ مولوي احمد چوي پيو ته ’جڏهن ’موتوا / مَرو‘ جو حڪم ٻڌم ته عمر تان هٿ کڻي ڇڏيو. ڪانڌي قبر ۾ قابو ڪري ويا، هاڻي اتي ئي ڏينـ هن پيو گهاريان!‘ شاعرُ اها ’قبر ۾ هجڻ واري حالت‘ موجوده ٻڌائي پيو، جڏهن ته اها حالت مستقبل واري آهي ۽ اها ئي مراد وٺبي.

مستقبل واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ

’اڙي يار، هاڻي مُئي کي نه مار!‘ هن جملي ۾ لفظ ’مُئي‘ يعني ’مئل‘ واري اهڙي حالت آهي، جا زمان مستقبل ۾ ٿيڻ واري آهي، ليڪن جملي ۾ مخاطِب هينئر ئي پاڻ کي انهيءَ حالت ۾ بيان ڪري ٿو (سيوهاڻي، 1983: 158).

خَلق ۾ خالق ڪيوئي، خاتم الشُعراء خاص،

هاڻ ’احمد‘ آخرت سين، سنڌ مٿي سالار هج.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 179)

ان شعر ۾ مولوي صاحب پاڻ کي ’آخرت‘ يعني زمان مستقبل تائين خاتم الشعراء هجڻ جي دعوا ڪندي، ’هُج‘ وارو امري فعل يعني ’زمان مضارع‘ ڪم آندو آهي؛ ليڪن سندس اصل مراد ’موجوده‘ واري آهي.

ماضيءَ واري حالت مان مراد مستقبل وٺڻ

مـ هرباني ٻِي  ته مُئي،  پر  مُنـ هن ڏيکارڻ کان به وئين،

آئون نهوڙيَس  تنـ هنجي  نيڻن، تون نـ هارڻ کان به وئين.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-441)

مٿئين شعر ۾ ’مهرباني ٻي ته مُئي‘ ۽ ’منـ هن ڏيکارڻ کان به وئين‘ زمان ماضيءَ واري حالت موجود آهي، ليڪن مولوي صاحب جي مراد ’زمان مستقبل‘ آهي. يعني ايندڙ وقت ۾ ’منـ هن به نه ڏيکاريندين‘.

مستقبل واري حالت مان مراد ماضي وٺڻ

نه ڄاتم مون وٽان ويندين، ته لالڻَ، لنئون نه لايان ها،

مٺن جي  موڪلائڻ  کان،  ته  مَـ هندئي  موڪلايان ها.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-86)

ان شعر ۾ ’نه ڄاتم مون وٽان ويندين‘ مسقبل واري حالت آهي، جڏهن ته مولوي صاحب جي مراد ماضيءَ واري آهي. ان سبب اهڙي صيغي جي مراد ماضي وٺبي.

مثبت مان منفي مراد وٺڻ

جيئن ڪنـ هن ناراضپي ڏيکارڻ لاءِ چئجي ته ’ڏاڍي خوشي ٿي‘. اصل مراد چوڻ واري جي اها هوندي آهي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي.

شابس هجي شاهد سچي، ڪاهي پيو منجـ هه ڪم ڪچي،

حق چيو حلاليءَ جي ٻچي، فَاللهُ خَيرٌ حافظا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 452)

مٿيون شعر مولوي صاحب جي واقعاتي شاعريءَ مان حاصل ٿيو آهي. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ مولوي صاحب جيل جون عقوبتون به سَٺيون. ڪورٽ سڳوريءَ ۾ مولوي صاحب تي ٻه ڪوڙا شاهد بيـ هاريا ويا، جن جا نالا ’ڪليات احمد‘ ۾ موجود آهن.  جيل جي عقوبتن سبب اها ئي دعا گهري اٿس، جيڪا حضرت يوسف عليہ السلام قيد ۾ گـ هري هئي ته ” فَاللهُ خَيرٌ حافظا“ (پوءِ الله ئي ڀلو نگـ هبان آهي). ان واقعي جي پس منظر ۾ سندس مٿيون شعر آهي، جنـ هن ۾ شاهدن کي ’سچو‘ ڪوٺيندي، شاباس ڏئي ٿو ۽ کين ’حلالي‘ ڪوٺي ٿو. حقيقت ۾، اهو هڪ ڪاوڙ جو اظـ هار آهي، جيڪو مثبت انداز ۾ بيان ڪيو اٿس. ظاهر آهي ته اهڙي اظهار جي مجازي مراد منفي وٺبي، يعني ’ڪوڙا شاهد‘ ۽ ’حرامي ٻچا‘.

منفيءَ مان مثبت مراد وٺڻ

ڪُوڙ جو لاچار ڪـ هڙو، سُڻ وٽان مون صاف سچ،

دين جو ديدار ماڻيم، ڪُفر ڪاري هيٺ اڄ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 186)

هتي مولوي صاحب جي ’دين جي ديدار‘ مان مراد ’محبوب جي مُنـ هن جو ديدار‘ آهي، جڏهن ته ’ڪفر ڪاري‘ مان استعارةً مراد ’محبوب جا زُلف‘ آهن. هتي ’دين‘ ۽ ’ڪفر‘ لفظن جي وضاحت پنهنجي جڳهه تي، ليڪن ’ڪفر ڪارو‘ هڪ منفي لفظ ضرور آهي، جڏهن ته ان جي مراد ’مثبت‘ وٺبي. يعني منـ هن تي سهڻا ۽ دل لڀائيندڙ وارَ.

قيد ڪاڪُل سان، ڪرشمي سان، ڪُڇڻ سان، قرب سان،

خُوبروءَ کي خَلق جي، خانه خرابيءَ ۾ ڏٺم.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 344)

هتي مولوي صاحب ’خانه خرابي‘ لفظ منفيءَ ۾ ڪم آندو آهي، ليڪن ان جي مراد ’موهجڻ يا مطيع ٿيڻ‘ وٺبي. ’خانه خرابي‘ مان سڌي مراد ته ’جهڳو ئي جهڻ‘ آهي، ليڪن مجازي معنى ’مائل ٿيڻ‘ آهي.

اوزار  ڄاڻائي، مراد اوزار هلائيندڙ وٺڻ

ڌڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،

سِسيون پَٽجو ڪرن پَٽ تي، نِپٽ پَٽ جا به پَٽ پَٽڪا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 65)

هتي ’دونالين‘ جو اشارو بندوق سان آهي، جيڪو استعارةً محبوب جي اکين جي گهُورن لاءِ ڪم آيو آهي. شعر ۾ اهو واضح ڄاڻايل ڪونهي ته ’دوناليون‘ ڪنهن جون ۽ ڪير پيو هلائي. ان لحاظ کان اتي اوزار جو ذڪر ته ڪيو ويو آهي، ليڪن مجازي طور هلائيندڙ يعني محبوب جي مراد وٺبي.

اوزار هلائيندڙ مان مراد اوزار وٺڻ

مِڙي  لک  لُـ هارن،  هنيا  ڌَڪ  هزارن،

لٿي تان نه لوري، رڳون روح ٽوڙي.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 555)

ان شعر ۾ لوهرن جي ڌڪن جي ڳالهه ڪيل آهي، ظاهر آهي ته لوهر ڪنهن جسم کي جيڪي ڌڪ هڻندو آهي سي يا ته هٿوڙا ڪم آڻيندو آهي يا وڏاڻَ. مذڪوره شعر ۾ لوهر جي ڌڪن جو ذڪر آهي، ليڪن اتي مراد ان جي ’هٿوڙن يا وڏاڻن جا ڌڪ‘ آهي.

مضاف مان مراد مضاف اليه وٺڻ

هي ’اضافت واري ترڪيب‘ جو اصطلاح آهي، جنـ هن ۾ ’حرف اضافت‘ ڪم آڻبو آهي. مثال طور: هي ’علم جو گهر‘ آهي. هتي ’گهر‘ مضاف آهي ۽ ’علم‘ ڏانهن اضافت جو اشارو آهي، ان کي ’مضاف اليه‘ چئجي ٿو. ان حوالي سان مولوي صاحب جو شعر آهي ته:

هُو منارا، هو منارا، هو منارا مِير جا،

اڄ ڪيا اوٺيَن اشارا، هو منارا مِير جا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون- 480)

ان شعر ۾’منارا‘ مضاف آهي ۽ ’مير‘  مضاف اليه آهي. سنڌي ترڪيب ٿيندي: ’مير جا منارا‘، ڇاڪاڻ ته سنڌي ترڪيب ۾ پـ هريائين ’مضاف اليه‘ ايندو آهي ۽ بعد ۾ ’مضاف‘. هتي مولوي صاحب عربي ۽ فارسيءَ جيان پـ هريان ’مضاف‘ رکيو آهي، بعد ۾ ’مضاف اليه‘. هتي اصل اضافت جي ترڪيب بيـ هندي: ’رسول الله/ محمد صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم جا منارا‘. مضاف اليه ۾ اصل سڃاڻپ يا مٺو نالو حذف ڪري، ’منارا
مير جا‘ واري ترڪيب آڻي، مجازي مراد کي مضاف: ’منارا‘ سان ڳنڍيو ويو آهي، جنـ
هن جي مراد ’حضرت محمد مصطفى صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم جا منارا‘ آهي.

مضاف اليه مان مراد مضاف وٺڻ

هن  زماني  ۾  هُونـ هين،  حقدار  هيڻو  پيو هَلي،

ڦاسندو فرياد ۾، مسڪين مُلزم جي بجاءِ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 509)

ان شعر ۾ ’زمانو‘مضاف اليه ڄاڻايل آهي، ليڪن شاعر ان جي اصل مراد ’مضاف‘ يعني ’ماڻـ هو‘ آهي. اضافت جي ترڪيب بيهندي: ’زماني جا ماڻهو‘، يعني ان شعر ۾ ’زماني‘ مان مراد ان جا ’ماڻهو‘ آهي.

مذڪر مان مراد مؤنث جي وٺڻ

سنڌي سماج ۾ عورت کي عاشق تصور ڪيو ويو آهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سڀني شاعرن تمثيلي سورمين جي روپ ۾ شاعري ڪئي آهي. شاهه لطيف جي هڪ سِٽ خيال خاطر ڏجي ٿي ته ”مُٺيس جهل مـ هار، ڪٺيس ڪاه مَ ڪرهو...“ ان سبب سنڌي شاعرن جي مزاج ۾ ’مذڪر‘ کي مخاطب ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته مراد ’مؤنث‘ هوندي آهي.

ڪوه وِجـ هائين قيد ۾ مون، جي اٿئي ڪاوڙ قريبَ،

کول زلفن کي ذرا، زنجير زندان جي بجاءِ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 507)

هن شعر ۾ مولوي صاحب مؤنث کي مخاطب ٿيندي، ’قريبَ‘ لفظ ڪم آڻي ٿو. جڏهن ته زلفن کي کولڻ جي گذارش وارو انداز ٻڌائي ٿو ته ’مذڪر‘ صورت ۾ مخاطب مجازي آهي.

مؤنث مان مراد مذڪر جي وٺڻ

ڇا  هَلي  منـ هنجي  حجت،   ناقص  نماڻِي  آهيان،

عرض آزيون عُذر آڻي، در تي دانـ هيندس دوام.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 340)

هن شعر ۾ مولوي صاحب پاڻ کي مؤنث ۾ ڄاڻائيندي، ’نماڻِي آهيان‘ پيو چوي. حقيقت ۾ شاعر مذڪر آهي، هتي ’مؤنث‘ ۾ ڄاڻائڻ وارو سندس انداز مجازي آهي.

حاصل مطلب/ نتيجو

·        علم بيان مان مراد ڪنـ هن لفظ جي معنى کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪي نوان رستا ورتا وڃن. ان جا چار جزا آهن: تشبيـ هه، استعارو، مجازمرسل ۽ ڪنايو. مجازمرسل مان مراد اهڙو لفظ جنـ هن جي مراد حقيقيءَ کان هٽي ڪري مجازي وٺجي. مثال طور: ’هي ڳوٺ لکيل پڙهيل آهي‘، ڳوٺ مان مراد ته گهر، ڀتيون، ڇتيون ۽ گهٽيون وغيره، ليڪن مجازي معنيٰ ٿيندي: ’ڳوٺ جا رهاڪو/ ماڻهو‘؛ يعني مڪان مان مراد مڪين وٺڻ.

·       مٿي ڄاڻايل مجازي معنى موجب، اڀياس آڌار مجاز مرسل جا چوويـ هه جزا نوٽ ڪيا ويا آهن: مڪان مان مراد مڪين وٺڻ، مڪين مان مراد مڪان وٺڻ، جز مان مراد ڪل وٺڻ، ڪل مان مراد جز وٺڻ، سبب مان مراد مُسبب وٺڻ، مُسبب مان مراد سبب وٺڻ، ظرف مان مراد مظروف وٺڻ، مظروف مان مراد ظرف وٺڻ، اوزار/ عضوي مان مراد ان جو عمل وٺڻ، ڪنـ هن عمل مان مراد اوزار/ عضوو وٺڻ، موجوده حالت مان مراد ماضيءَ جي وٺڻ، ماضيءَ واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ، موجوده حالت مان مراد مستقبل وٺڻ، مستقبل واري حالت مان مراد موجوده وٺڻ، ماضيءَ واري حالت مان مراد مستقبل وٺڻ، مستقبل واري حالت مان مراد ماضي وٺڻ، مثبت مان منفي مراد وٺڻ، منفيءَ مان مراد مثبت وٺڻ، اوزار ڄاڻائي مراد اوزار هلائيندڙ وٺڻ، اوزار هلائيندڙ مان مراد اوزار وٺڻ، مضاف مان مراد مضاف اليہ وٺڻ، مضاف اليہ مان مراد مضاف وٺڻ، مذڪر مان مراد مؤنث وٺڻ، مؤنث مان مراد مذڪر جي وٺڻ.

·       مجازمرسل جي ڄاڻايل مختلف جزن جي معيارن تي مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي لاتعداد مثال ملن ٿا.

حوالا/ ذريعا

·                   ٻوهيو، الـ هداد، ڊاڪٽر (1978ع)، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

·                   رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017ع)، ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح)، ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن.

·                   سيوهاڻي، فتح  محمد، حڪيم (1983ع)، آفتاب ادب، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

·                   عباسي ظفر (2007ع)، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

·                   مرزا، قليچ بيگ (2016ع)، علم عَروض ڄام شورو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org