سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:18 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 

 

معمور يوسفاڻي: هڪ قابل ۽ سچو دوست

 

 

مون کي 1954ع واري سال جا اُهي ڏينهن ٿا ياد پون، جڏهن نثر ۾ منهنجو هڪ افسانو ۽ هڪ مضمون، سنڌيءَ جي محاورن (Dialects) بابت ڇپيو هو ۽ ائين ئي ڄاتم ته قافيا ملايم ته شعر بنجي ويندو. هڪ ايڊيٽر مون کي صلاح ڏني ته شعر تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي، نثر لک.

اُنهن ئي ڏينهنِ ۾ ٻن ماڻهن سان قلمي دوستي ٿي، اُنهن ۾ محمد عمر ’معمور‘ هڪ هو.
’معمور‘ صاحب ۽ سندس دوستن جي اُنهن ڏينهنِ ۾ عمرڪوٽ جي ڀرپاسي ۽ صوفي فقير شهر ۾ ادبي محفل واه جي متل هئي، منهنجي ’معمور‘
صاحب سان قلمي دوستي ۽ ساٿ توڙي ملاقاتن جي ابتدائي دؤر جا ڏهه سال 1956ع کان 1966ع وارا سال آهن. اُن کان پوءِ به ملاقاتون ٿيون ۽ هڪ ٻئي جي ادبي مشغولين کان واقف ٿيندا ۽ ملندا رهياسين. ملاقات کان اڳ قلمي ملاقات ۾ مون پنهنجو هڪ نظم ڏانهس اصلاح لاءِ موڪليو، اصلاح بعد اُهو واپس موڪليائين. نظم ۾ وزن ۽ زبان جا سقم هئا. اُهي دور ٿيل ڏسي مان ’معمور‘ صاحب جي زبانداني ۽ علم عروض جي واقفيت جو معترف ٿيس. اڄ به معترف آهيان ۽ سندس اعليٰ اخلاقي، انسان دوستي ۽ شرافت توڙي محبت تي ناز ڪريان ٿو.

’معمور‘ صاحب جي ادب ۽ تعليم جي طلب ۽ پياس مثالي هئي. هن تاثر لکڻ وقت منهنجي اڳيان سندس فرزند ڊاڪٽر اسد جمال جو لکيل سوانحي خاڪو بعنوان ’پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا‘ به آيو. هي خاڪو ’معمور‘ صاحب جي ڪتاب ’مُهراڻي جا مير‘ ۾ شامل آهي. هن خاڪي ۾ اسد فرزند هجڻ ڪري ’معمور‘ صاحب جي سوانح جو مجمل بيان ڪيو آهي ۽ ڪي قدر ڪسر نفسيءَ کان به ڪم ورتو اٿس. حقيقت هيءَ آهي ته ’معمور‘ صاحب جي ذات، علم ۽ ادب ۾ اڃا به اعليٰ ۽ ارفع آهي. مون هي لکندي اسد جي تحرير  مان به استفادو ڪيو آهي.

مان ته چوندس ته ڀلاري آهي سنڌ جي هيءَ ڀون، جنهن ههڙن املهه ماڻڪن کي جنم ڏنو. اسان جو پيارو دوست محمد عمر، جيڪو پنهنجي قلمي ۽ ادبي نالي محمد عمر ’معمور‘ ۽ پوءِ ’معمور يوسفاڻي‘ سان سنڌ ۾ مشهور ٿيو، سو جناب محمد يوسف پليءَ جي گهر ۾ 25- جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پليءَ ۾ پيدا ٿيو. ”هن خانوادي جي تاريخي حيثيت به آهي، پاڻ درس پليءَ جو اولاد آهي ۽ ڄام هالي جي ستين پيڙهيءَ ۾ آهي. ڄام هالو سمو سردار هو ۽ همير سومري کي شڪست ڏني هئائين(1).“

هن خانوادي ۾ ڪيترائي عالم، فاضل ۽ سخي مرد ٿي گذريا آهن. 20هين صديءَ ۾ معمور صاحب هڪ عالم فاضل، شاعر ۽ معلم ٿيو. نه رڳو ايترو بلڪه تعليم عام ڪرڻ لاءِ هر طرح پاڻ پتوڙيائين. مشرقي زبانن جي امتحانن کان پوءِ بي.اي ڪيائين ۽ سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪيائين، پرائمري کان ثانوي اسڪول جو استاد ٿيو، اُتان ئي رٽائر ٿيو. هيءَ حقيقت آهي ته عالم ۽ اُستاد رٽائر نه ٿيندو، بلڪه ويران وير وڌندو آهي. علم جي طلب ۽ تعليم ڏيڻ ۾ هوَس جي حد تائين ويندو آهي. ’معمور‘ صاحب به ائين ڪيو. هن به تعليم ڏيڻ ۽ ادبي امداد ڪرڻ سان پنهنجي سماج لاءِ هر طرح جا مثبت قدم کنيا(2).

’معمور‘ صاحب مختلف تعليمي ۽ ادبي ادارن جو ميمبر رهيو ۽ تَر ۾ به مختلف ادبي تنظيمن جي قيام ۽ ترقيءَ ۾ هٿ ونڊايائين.
’معمور‘ صاحب جي ادبي ڪردار تي نظر ڪبي ته اُهو تمام وسيع آهي. مذهب، سنڌ ۽ خاص طور ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، گِرامر، لطيفيات، مشاعرن ۽ نوآموز شاعرن جي همت افزائي ۽ اصلاح شامل آهي(3).

جيئن عرض ڪيو اٿم ته ’معمور‘صاحب
جي علمي پالوٽ تمام وسيع رهي. ابتدائي تعليم کان يونيورسٽيءَ تائين ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو. ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري جي پنهنجي شخصيت به ڪا معمولي يا عام رواجي نه هوندي آهي. هن جي حيثيت روشنيءَ جي مناري واري هوندي آهي. ’معمور‘ صاحب روشنيءَ جو منارو هو ۽ اعليٰ اخلاق، نرم رويي وارو، نرم گفتار، هڪ برجستو انسان ۽ پُرعزم شخص هو. سندس زندگيءَ جو سڄو دؤر هڪ اورچ انسان جي زندگيءَ جو دؤر هو. مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ کيس ڏٺو ته هو دوستيءَ ۾ نظرين جي زير اثر نه هو. عام ماڻهو پنهنجي نظرئي جي زيراثر ٻي انتها تي هليا ويندا آهن ۽ دوستي به ڇڏي ويندا آهن. اهڙن جي ابتڙ مثال هن جو مون سان رويو آهي.

سنڌي ادب توڙي اسان جي سماج ۾ ڪي نظريا نمايان آهن. اديبن وٽ به گهٽ ۾ گهٽ ٻن جدا نظرين جي ڪري ٻه گروهه بنجي پيا، انهن جو زور 1950ع کان وٺي ايندڙ چاليهن سالن تائين محاذ آرائيءَ جي حد تائين وڃي پهتو. ’معمور‘
صاحب هن سلسلي ۾ تعلقات ۾ اعتدال ۾ رهيو ۽ ڪٿي به دوستيءَ ۾ نظرئي کي اوليت نه ڏنائين. مون اِهو عملي طور ڏٺو.

’معمور‘ صاحب هڪ پختو شاعر ۽ پختو نثرنويس هو. ڪٿي به سندس تحرير ۾ جهول نه ملندو. هڪ ڀرپور انداز جي ادبي زندگي گذارڻ وارو اديب هجڻ سان گڏ ’معمور‘ صاحب ڀرپور معاشرتي زندگي به گذاري. هن پوک توڙي هنري ڄاڻ جو به هڪ ڀرپور دؤر گذاريو، ۽ پنهنجي ڳوٺ ۽ راڄ ۾ به هڪ هاڪاري ۽ ڀرپور دؤر گذاريو(4). اِن باري ۾ سندس اديب فرزند ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ لکيو آهي:

”معمور صاحب جو ڪلام، تحقيقي مقالا ۽ مستقل ڪتاب سندس ادبي معيار جا شاهد آهن. ڪلام نهايت بلند معيار ۽ پختو چيائين. سندس هر سٽ قادرالڪلام ۽ اُستاد شاعر هجڻ جي ساک ڀري ٿي. ٿر جي تاريخ، معاشرت ۽ ادب بابت معمور صاحب جا مقالا ۽ ڪتاب موجود آهن. انهن مان خاص طور تر ۽ ٿر جي ليکڪن توڙي شاگردن گهڻو استفادو ڪيو آهي.“ پاڻ هميشه ڪمال مهربانيءَ سان پنهنجا ڪتاب مون کي سوکڙي طور موڪيلندو هو. سندس اٽڪل 14 ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ ڊاڪٽر اسد جمال جي لکڻ موجب اڃا اڻڇپيل مسودا به موجود آهن.

ڊسمبر 1991ع ۾ جڏهن ’معمور‘ صاحب علاج لاءِ ڄام شوري آيو ته منهنجي ساڻن ملاقات ٿي. اِها آخري ملاقات هئي ۽ ٻن سالن بعد هُو جسماني طور عزيزن ۽ دوستن کان 24- ڊسمبر 1993ع تي جدا ٿي ويو. شاعر جو هي چوڻ حق بجانب آهي ته:

اي هم نفسان از محفلِ ما

رفتيدو نه از دل ما.

آخر ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. هيءَ 2005ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مان سنڌ جي اديبن جي هڪ وفد سان ڀارت جي سفر تي هوسِ. دهلي، جئپور، لکنؤ، ڪانپور، بمبئي، حيدرآباد دکن، احمدآباد ۽ آگري جا پروگرام رهيا. آگري ۾ تاج محل جي ديدار سان گڏ ادبي نشست به رهي. هوٽل جي ڪانفرنس هال ۾ گرميءَ سبب مان ٻاهر ايوان ۾ نڪري آيس ته اُتي بيٺل ٽن سنڌي نوجوانن کي ڏسي منهنجا نيڻ ٺري پيا. هڪ همراهه جو منهن مُهانڊو، قدڪاٺ ۽ رنگ روپ ڏسي پهرين وڃي اُن سان هٿ ملايم. ڄڻ ’معمور‘ صاحب بيٺو هو! مون هن سان اِها ڳالهه به ڪئي ۽ چيو ته اوهان بلڪل منهنجي جدا ٿي ويل دوست ’معمور‘ صاحب جهڙا آهيو. اُتي بيٺلن مان هڪڙي مون کان عجيب سوال پڇيو، ”ڇا! اوهين اُن وقت مسلمان ٿيا  جڏهن محمد بن قاسم آيو يا جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو؟“ جيڪو صحيح جواب هو سو مون ڏنو، پر اُن سان گڏ ’معمور‘ صاحب جي هم شڪل دوست جي ٻانهن زور سان پڪڙي ورتم.

حوالا:

1.   معمور، محمد عمر، ’مُهراڻي جا مور‘، ضلعي حڪومت عمرڪوٽ، 2010ع.

سوانحي خاڪو (پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا) از: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ص 14

2.  ايضاً، صفحو 14-15

3.  ايضاً، صفحو 15-19

4.  ايضاً، صفحو 21-22

 

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 

 

 

ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ جي شاعريءَ جو

مختصر جائزو

 

’راز‘ جي شاعريءَ جي ابتدا سال 1950ع کان ٿي. شاعريءَ جي اصلاح سندن والد محمد حسن صاحب جن ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ رهائش هئڻ سبب ادبي ماحول بلڪل نه هو، پر انهن سڀني رُڪاوٽن جي باوجود به هِن جي ابتدائي شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن جهڙوڪ: ماهوار ’تقاضا‘، ماهوار ’مارئي‘، هفتيوار ’آزاد‘
ڪراچي ۽ روزانه ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيندي هئي.

سرتاج الشعراء حاجي محمود خادم تنئي کان عروضي شاعريءَ جي تربيت ورتائين ۽ هو سندن ڪلام تي نظرثاني به ڪندو هو. سيد انور علي شاهه ’اظهر‘ گيلاني کين عروض جي تربيت منطق جو ادراڪ عطا ڪيو ۽ سکيا ڏني.

سندس والد محمد حسن، جيڪو سندس شاعريءَ جو اُستاد به هو، نيڪ سيرت، ديندار ۽ هڪ باضمير اُستاد به هو! اِهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر ’راز‘ جي هر شعر ۾ اخلاص، ڀروسو، امن ۽ محبت جو وستار گهڻو نظر اچي ٿو.

پک پکي ڪيڏا اُڏامن، جانور ڪيئي لکين،

پيٽ تي ڪي ٿا هلن، رب سڀ جو پالڻهار آ.

مخلوق جو تون خالق، مالڪ ستار آهين،

رازق جهان جو تون حاڪم غفار آهين.

قادر ڪريم تون، رازق، رزق تون ڏئين ٿو،

ڪلتار تون جڳت جو پروردگار آهين.

ڊاڪٽر ’راز‘ سان ادبي وابستگي گهڻي وقت کان هئي ۽ ڪيترين ئي ادبي محفلن ۾ گڏ شريڪ ٿيندا رهياسون. شعر وسخن ۽ ادبي ڪاوشون به اسان جي ميل ميلاپ جو ذريعو هيون. پر تاريخ 20 نومبر 2010ع اهڙو سڀاڳو ڏينهن هو جو ڊاڪٽر ’راز‘ صاحب ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ لائبرريءَ ۾ قرب جا پير ڀري اچي مون سان ملاقاتي ٿيو. هيءَ ادبي ملاقات جيڪا منهنجي حياتيءَ ۾ تمام شين ۽ خوشگوار يادن جو سبب بڻي ۽ يقيناً انهيءَ ڏهاڙي جي صحبت ۽ ساروڻين کي ڪڏهن به دل تان مٽائي نه سگهندس. مون کي خوشي ۽ حيرت تڏهن ٿي جڏهن ’راز‘صاحب
پنهنجي شاعريءَ جي بياض تي مقدمو لکڻ لاءِ مون کي چيو.

ڊاڪٽر ’راز‘ جي علمي دنيا ۾ ڄاڻ سڃاڻ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ٿي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ کيس خوب مهارت هئي. علم ۽ ادب جا سڀ امتحان ايس.وي (S.V) کان بي.ايڊ، ايم.اي ۽ PH.D تائين نهايت اعليٰ ڪارڪردگيءَ سان پاس ڪيائين.

پي ايڇ.ڊي ڊگري لاءِ عنوان مير ”علي نواز علوي شڪارپوري ۽ سندس ڪلام“ هو، جيڪو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ نهايت محنت ۽ محبت سان پورو ڪيائين. سندس ٿيسز ڪنهن ادبي اداري پاران اڃا تائين شايع ڪونه ڪئي ويئي آهي.

عبدالڪريم ’گدائي‘، قادربخش ’بشير‘، مولانا نورالدين ’مسرور‘، حبيب الله مولا بخش، ڪالوخان، اياز غلام سرور ’سرور‘ مغل، ڀڳوان داس ’عاشق‘، غلام نبي ’مير‘، شعبان بخت، غلام حسين ’حسين‘
اوستو، قطب الدين ’تاب‘، غلام مصطفيٰ ’مشتاق‘ ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جو ڳاڻيٽو سندس همعصرن ۾ ٿئي ٿو.

’راز‘ صاحب قومي شاعري ته ڪئي آهي، پر سياسي موضوعن تي هڪ سياسي ماڻهو جيان سندس نگاهه ناهي رهي بلڪ پنهنجي ديس پنهنجي مٽي ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلي ۽ ذهني لڳاءُ رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌوءَ جي مقدس مٽيءَ ۽ پاڻيءَ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو:

سنڌ ڌرتي تون پياري، تون ته جيون جو سهارو،

مثل جنت جي ڏسان ٿو، هر نظارو مان پيارو.

ماه منهنجو، ويساهه منهنجو تو مٿان قربان آ،

’راز‘ڏس تون ڀاڳ وارو، هي سنڌوءَ جو آ ڪنارو.

’راز‘ صاحب پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سرڪاري ملازمت ۾ بسر ڪيو. تعليمي ۽ ادبي سرگرميون سندس ملازمت جو حصو رهيون. ڪجهه وقت منتظم طور به ڪم ڪيائين، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به، هي بي خوف انسان ڪڏهن به مصلحت جو شڪار نه رهيو، سچ چوڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻايائين، سدائين سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ سوچيندو رهيو:

گهور توتان سنڌ منهنجي شان واري،

تاج ڌرتي، آهه منهنجي سون واري.

تون ڪروڙن کي پئي پالين سدائين،

پاڪ پوتر آ، مٽي تنهنجي نامياري.

سنڌي ٻولي، سنڌي ماءُ جي جهولي ۽ لولي جو سريلو ۽ مڌر آلاپ هن جي پلپل ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. سنڌ جا لوڪ گيت، ۽ سنڌ جا سرواڻ ۽ جوڌا شاعري جو خاص حصو رهيا آهن:

جهلي جهولي مٺي مادر، ڏني لولي، مٺي ٻولي،

سنڌي ٻولي، سنڌي ٻولي، سنڌي ٻولي، سنڌي ٻولي.

سلوڻا گيت پنهنجا، ڳيچ پنهنجا، هيج مارُن جا،

زبان تي بيت وائي، مور جهونگارن ڇلو لولي.

هيمون، دولهه، هوشو دودا، ڪپائي سر ويا ڪونڌر،

ڌڱي ڌرتي ويا رت سان ملهائي وير هت هولي.

’راز‘ غزل جو بهترين شاعر آهي ۽ غزل عروضي فارسي تتبع مطابق موزون ڪيل آهن. تغزل سندس ڪلام جي خاص خوبي آهي. هر بند هرڻيءَ جيان ڇالون ڏيندڙ ساغر وانگي ڇُلڪندڙ ۽ دريا جيان رواني رکندڙ آهي. احساس جڏهن نون گهاڙيٽن ۾ ظاهر ٿين ٿا تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته سندس عشق نهايت پاڪيزه ۽ محبوب نازڪ نفيس ۽ حُرمت وارو آهي:

ڇا ڪبو دلبر سوا، دنيا جي عشرت عيش کي،

طلب آ ديدار جي، هر دم دل درويش کي.

درد دل جو آه ڪافي، ٻي وضاحت ڇا ڪيان،

او زمانا تنهنجي گردش جي شڪايت ڇا ڪيان.

’راز‘ ڏک سک ۾ هميش ره نياز يار ۾،

زندگي سان هلن گڏجي سدا سنسار ۾.

محبوب جي غمزن، دلربا اَدائُن ۽ درد ۽ پيڙا جي شدت کي راز اهڙي ته اونهائي ۽ پنهنجائپ سان پيش ڪري ٿو جو پوري انسانيت جو ڪرب سندس نازڪ دل ۾ سمايل نظر اچي ٿو. لفظن جي اهڙي صداقت هن جي رومانس سان گڏجي تصوف ۽ فلسفي جو روپ اختيار ڪري ٿي:

هر هڪ خيال پنهنجي پر ۾ ڏٺم نرالو،

اظهار عشق وارن جو ڌار ڌار آهي.

هر چيز کان اُتم آ حسن و جمال تنهنجو،

ناز و ادا سراپا آهي مثال تنهنجو.

’راز‘ ڪهڙي نه سُرت ۽ ساڃاهه واري نُڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. منصور حلاج، امام حسين عليہ السلام ۽ عيسيٰ عليہ السلام پنهنجي دور جي عاشقن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. مقصد لاءِ موت قبولڻ ۽ سر جي ڀيٽا ڏيڻ وارو نرالو انداز به هر ڪنهن جو ڌار ڌار هو. عشق جي واٽ ۾ منزل يا مقصود تائين پهچڻ جو اِهو ڌار ڌار طريقو جنهن جيئن پَسيو، تنهن تيئن پيش ڪيو.

هر شاعر جي اظهار جو پيمانو پنهنجو پنهنجو آهي، پر مرڪز ۽ محور هڪ ذات اقدس آهي. جڳت ۾ هر پاسي انهي هستي جو تاب، سونهن ۽ طاقت ۽ ڄاڻ پکڙيل آهي. هتي شاعر جو تصوراتي محبوب، خدا جي هستي به ٿي سگهي ٿو ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ذات، اقدس به ٿي سگهي ٿو:

بي تاب تاب تنهنجي کان، ماهه تاب آهي،

ساري جڳت ڏسي ٿي هر سو جلال تنهنجو.

فن جو واسطو انسان سان آهي ۽ انسان پنهنجي وجودي طلب ۽ تنوار کي، اڪيلي رهڻ بجاءِ هڪ سماج ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿو. فطرت جي جڙيل انهي قاعدي خلاف ڀلا ڪو ڏاهو يا عالم ڪيئن هلي سگهي ٿو؟ جڏهن به، ۽ جتي به فطرت جي انهيءَ اٽل اصول جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي تڏهن پورو سماج ڀُري پوي ٿو. شاعر سماج ۾ سوچيندڙ ۽ تبديلي آڻيندڙ فرد ٿئي ٿو ۽ سوسائٽيءَ جي اجتماعي ڪرب کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محسوس ڪري ٿو. ڊاڪٽر ’راز‘ به سماجي انصاف جي حاصلات ۽ سائي ستابي انقلاب لاءِ پر اميد ٿي واجهائي ٿو:

ڪيو ناسور جنهن دل اندر آ يار جي الفت،

مبارڪ ورد سان هردم، حياتيءَ جو گذر ٿيندو،

وئي ڪجهه ”راز“ گذري آ، نهاري يار جي در ڏي،

هجر جي رات گذري، وصل جو سائو سحر ٿيندو.

فنڪار جي من ۾ جڏهن انسان کي محترم ۽ معتبر بڻائڻ واري سوچ پيدا ٿئي ٿي تڏهن درد ناسور بڻجي پون ٿا ۽ شاعر اُميد جو ڏيو ٻاري ڪاري رات جي سيني کي چيري نئين صبح آڻڻ جي سوچ اڀارڻ چاهي ٿو.

اميد ۽ تصور جو اهو تسلسل پنهنجي پوتر مٽيءَ سان محبت، پنهنجي ثقافت سان پيار ۽ معاشي ذريعن ۽ وسيلن جي مالڪي ۽ حقن جي حصول ڏانهن راغب ڪري ٿو. ڪهڙي نه اثرائتي انداز ۾ ڊاڪٽر ’راز‘ اهڙو پيغام ڏي ٿو:

کيتَ تنهنجا، ريتَ تنهنجا سي ته تنهنجا سونهن وارا،

پاڪ پوتر ديس منهنجو، ويس منهنجو ناميارو.

مقدس مٽيءَ جي گُهر به اِها آهي ته پنهنجي سڀني روين سان سنڌي سماج کي بين الاقوامي ۽ ترقي پسند سوچ جي ڌارا تي هلائجي، ۽ اهڙي ريت ئي مٽيءَ جو قرض لاهي سگهبو ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي پوتر ۽ سگهارو بڻائي سگهبو.

ڊاڪٽر ’راز‘ ماضيءَ جي ڀائيچاري امن آشتي، پيار ۽ پاٻوهه واري دور جو ڳولائو آهي ۽ چاهي ٿو ته اڳ جيان ماڻهن ۾ پيار ۽ الفت، ممتا ۽ محبت جو وهنوار وڌي، ماڻهو ڏکن سورن ۾ هڪ ٻئي جا ساٿياري بڻجن. هو ڳولهي ٿو انهن قدردانن، ملوڪ ماڻهن ۽ صالح انسانن کي جن جي اڄ کيس سخت ضرورت آهي:

هئي جن چاهه چوياري، سدا سرهاڻ واري جت،

اُهي گلشن چمن ساوا، ويهڻ وارا ويا ڪاڏي.

اهي جنت نُما جايون ڪٿي آهن عجيبن جون،

سُڃون واڙيون پيون ڏسجن، رهڻ وارا ويا ڪاڏي.

قدر وارا ويا ڪاهي، نظر جن جي قدر واري،

نگهه زهره وئي ڪاڏي، پسڻ وارا ويا ڪاڏي.

ڊاڪٽر ’راز‘ برصغير جي ورهاڱي واري ڏکائيندڙ صورتحال جو اکين ڏٺو شاهد آهي، ساري صورتحال هن جي اڳيان گُذري هئي، جڏهن هندو برادريءَ جا سڀئي اُستاد، دانشور ۽ شاعر، توڙي سُخنور لڏي پلاڻي هندستان وڃي چُڪا هئا، تڏهن ڳوٺ ته درڪنار پر شهرن جو عبرتناڪ منظر ناقابلِ ديد هو. وسندڙن شهرن کي راڪاس کائي ويو هو. حساس شاعر جي دل ۾ اهڙا جذبا جاڳڻ لازمي امر آهن، تڏهن ته چيائين:

”ملوڪن جي مٺي مجلس ڏنو هي داغ آ دل کي،

اهي مٺڙا، نظر شفقت رکڻ وارا ويا ڪاڏي.“

ڊاڪٽر ’راز‘ وٽ فن به آهي ته مڌرتا به آهي ۽ وٽس پيشڪش جو سليقو به آهي. جيتوڻيڪ ڪلام ۾ فارسي تتبع مطابق فني ترڪيبون استعمال ڪيل آهن، پر ان جي باوجود به ساديون ۽ سلوڻيون هيٺيون ترڪيبون ڏيئي ڪلام ۾ نواڻ ۽ خوبصورتي پيدا ڪئي اَٿس. ڪجهه ترڪيبي مثال هي آهن:

’حسن جو چمڪار‘، ’غلامن غلامي‘، ۽ ’برهه باهيون‘ عنوان هيٺ لکيل غزل جو ترڪيبون جهڙوڪ: ’گهُور گهايُون‘، ’ديد راهون‘، ’روڳ رايون‘، ’ڏيهه ڏاهيون‘ ڏاڍيون موقائتون آهن.

ڪي غزل ٻٽي قافيي تي لکيا اَٿس، غزل ۾ اِهو تجربو نئون ناهي، پر ڊاڪٽر ’راز‘ لهجي ۽ اسٽائل ۾ جدت آڻي نوان استعارا ڏئي پاڻ ملهايو آهي:

ساهه سر آ گهور توتان، تن فدا آ ”مور“ توتان.

ٿو وڻي سينگار تنهنجو، عشق سان نروار تنهنجو.

مست دل منهنجي رهي ٿي، ناز تنهنجا سڀ سهي ٿي،

حسن جو چمڪار تنهنجو، سڀ مٿان سردار تنهنجو.

نيڻ تو مخمور آهن، عشق ۾ ڀرپور آهن،

”چنڊ چهرو“ پارُ تنهنجو، آ اکين جو ٺار تنهنجو.

پهرين بند ۾ ’مور‘ ۽ ٽين بند ۾ ’چنڊ چهرو‘ اهڙا استعارا آهن جن سان محبوب جي ڀرپور جواني، سُندرتا ۽ گڻن کي گڏائي هڪ ئي لفظ مور ۽ ’چنڊ چهرو‘ استعمال ڪري عاشق پنهنجي بي ڪيف زندگيءَ جي چمن ۾ زندگيءَ جو لُطف اوتي اِهو ٻڌائڻ چاهيو آهي ته انهي ساري حسين ماجرا ۽ راحت جو ڪارڻ پرينءَ جي حسن جو چمڪار آهي.

سندس جوانيءَ جي دور جا غزل هجن يا پوءِ جا، سڀني ۾ شراب ۽ شباب، چنگ ۽ رباب جو رنگ ۽ مجاز جو اثر گهٽ پر معرفت ۽ عشق جو رنگ وڌيڪ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته ڊاڪٽر ’راز‘ روحانيت ۽ معرفت کي هر حال ۾ اهميت ڏني آهي:

زندگيءَ ۾ ڌار دوست کان گذارڻ آ عبث،

جنهن سوا، ڪنهن واٽ ٻي کي بس نهارڻ آ عبث.

ٿو ڏسان افضل عبادت، يار جي حمد و ثنا،

هن سعادت کان برابر مُنهن مٽائڻ آ عبث.

عام ٿا سمجهن جفاڪاري، سڄڻ جي ناز کي،

ناز برداري سوا عاشق سڏائڻ آ عبث.

ناز ۽ انداز دلبر جي ڪيا قائل لکين،

جَذبهءِ دل کان سوا، سِرَ کي جُهڪائڻ آ عبث.

غزل جا مٿيان بند طريقت ۽ تصوف جا نمائندا شعر آهن. دوست جي واٽ کان سواءِ ٻي واٽ ڏي نهارڻو ناهي. حمد و ثنا هڪ ذات کي جائز آهي، ۽ شاعر اها سعادت ماڻڻ چاهي ٿو. عاشق صادق جي آڏو زندگيءَ جا اڻانگا پنڌ پيچرا، ناز ۽ فخر جو سبب آهن.

تقدير تي ايمان ۽ قالو بليٰ جي قول مطابق واپسيءَ جي سفر جي جهوري هڪ صاحبِ طريقت کان سواءِ ٻيو ڪنهن جي دل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي؟ معشوق وٽ بغير درد ۽ سُور سهڻ جي قبوليت ڪونهي، اهڙي ماجرا، ارپنا ۽ عارفانه تنوار هيٺين بندن ۾ ڏسي سگهجي ٿي:

دک درد ”راز“ ڪيڏا هِت مون سَٺا آهن.

آهه و فغان ڪيم تو وٽ مستجاب سمجهي.

هي اولڙا پون ٿا حسن شباب وارا،

هر رنگ کي ته تنهنجو، ويٺس شباب سمجهي.

’راز‘ جو روحاني مقام ۽ مرتبو، معرفت ۽ حقيقت کي ويجهو آهي. عاشقانه رُتبو، هجر جي تڙپ ۽ جسم ۽ روح جي راحت جيڪو جيترو ماڻي ٿو، اظهار جي قوت به اوتري ئي سندس خيالن مان جهلڪي ٿي:

يار جي جلوي پسڻ سان ئي اثر ٿيندو ويو،

هِن دل مضطرب مٿان، غالب سحر ٿيندو ويو.

هڪ جهلڪ سان ٿي ويو، غائب سمورو حوصلو،

آهه منهنجي جو اثر ڀي، بي اثر ٿيندو ويو.

ڇا چوان اي ’راز‘ ڪنهن کي، هي خبر ناهي مگر.

باخبر هوندي سڄڻ ڀي، بي خبر ٿيندو ويو.

ڊاڪٽر ’راز‘ جي فن ۾ روشني ۽ اُميدن جي باک اُڀاريل آهي، اِها ئي انساني تڙپ ۽ سوچ سماجي سفر ۾ وِهائُو تارو بڻجي منزل تي پهچائي ٿي ۽ شاعر زندگيءَ جي انهيءَ سفر  ۾ هر راهيءَ سان گڏ نظر اچي ٿو:

ٽڙي گل پيا اڄ وري مُند آئي،

بهارن ڏنو سڏ سوايو ملڻ جو.

تڙپ ۾ ٿو تڙپي ڪو ماندو ستايل،

ملي نيٺ ويندو اڃايل کي اَمرت.

راهه ۾ ڏس گل ڪنڊا آهن گهڻا پر،

”راز“ رستو نيٺ ملندو مون ملڻ جو.

عروضي شعر جي هڪڙي تعريف اِها آهي ته جيڪڏهن ڪا شاعري موزون هجي، پر جي اثر هجي ته اهو عروض جي حساب سان ته شعر هوندو، پر منطقي اعتبار سان هن کي شعر نه چئبو. اهڙي ريت ڪنهن شعر ۾ اثر هجي پر اهو موزون نه هجي ته منطقي طور اهو شعر ته هوندو پر فني حوالي سان ان کي شعر نه سڏبو.

تنهنڪري مڪمل شعر اهو سمجهبو جيڪو منطقي ۽ عروضي فن جي اعتبار سان جوڙيل هجي، انهيءَ ڪري ئي اثر انگيزيءَ کي شاعريءَ جو روح چئبو آهي، پر جيڪا ڳالهه شاعريءَ کي سماج ۾ اهم مقام ڏياري ٿي، اُهو آهي مسئلي جو انتخاب، جنهن شاعريءَ ۾ ماڻهن جي مسئلن جي نشاندهي ٿيل ناهي، اُها سماج ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندي؟

ڊاڪٽر ’راز‘ جتي عروضي ترڪيبن ۽ اوزانن (وزنن) کي استعمال ڪيو آهي، اتي مسئلي جي نوعيت جو به احساس رکيو آهي. انهيءَ ڪري ئي سندس شاعريءَ ۾ جديد صنفون به شامل آهن:

رات پنهنجي آ ڏکي،

کڻ سنڀالي تون قدم،

ٻاٽ ڪاري رات آ.

رات جا راهي به ڏس،

نينهن جو ناتو ڀلو،

پر نڀائي ڪو ڏسي،

پک پکڻ ڇا ٿا چون،

ڏک سلن ٿا سور جا،

ڌر تتي ۾ ڪانگ ڏس

آ ڪهاڻي ڪاڪ جي،

خوش هجين بس شال تون،

”راز“ هي هڪ روڳ آ،

دل جو دفتر پڙهه اچي.

ڪنهن به سٺي شاعر وٽ خيال جي سادگيءَ کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. خيال جي سادگيءَ جو مقصد اهو به ناهي ته هر ماڻهوءَ جي نظر شاعر جي سوچ تائين پهچي. هتي مقصد اِهو آهي ته اعليٰ خيال ۾ سلاست پيدا ڪجي، جيئن خيال ۾ ڏکيائي نه رهي. ڊاڪٽر ’راز‘ جي شاعريءَ ۾ جتي سادگي آهي، اُتي ڪنهن صنعت ۾ ڏکي ۽ پيچيده راهه به اختيار ڪيل آهي، تنهنڪري صنعتي لحاظ کان ته شعر درست چئبو، پر خيال جي سادگي برقرار ناهي رهي، اهڙو مثال هيٺئين رباعيءَ ۾ ڏسي سگهي ٿو:

هي حسن جمال برتري، جلوو ناز،

هن تاب شباب ۾ هيو خود ممتاز،

هم راز ”راز“ آ عمر جو آڌار،

بي تاب نظر سحر ڪيو بي انداز.

اعليٰ ۽ سهڻا خيال سادگيءَ سان پيش ڪرڻ جا به وٽس کوڙ سارا مثال ملن ٿا:

ناتو به سڄڻ تو سان، رهي ٿو دوام،

ڏک جا به گذر ٿي، نيٺ ويندا ايام،

هر روز فراق جو ٿئي ٿو ظهور،

ڏس يار، اداس ڪر نه مون کي تمام.

شاعري ۽ فن جو بنيادي مقصد زندگيءَ جي سڀني پيچيدگين کي ڏسڻ ۽ انهن جو حل پيش ڪرڻ آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه هڪ شاعر ۽ فنڪار جو بلند ترين مقصد ٿئي ٿو، جيڪو شاعر جيترو زندگيءَ جي بلند ترين روحاني سطح تي سوچي ٿو، اُهو اوتري ئي احساس جي تجربي مان گذري ادراڪ جي منزل تي پهچي ٿو. ڊاڪٽر ’راز‘ جي احساس جا تجربا هيٺين شعرن مان محسوس ڪري سگهجن ٿا:

تو اپايا چنڊ سج تارا نکٽ سارا سوين،

’ڪن‘ چوڻ سان تنهنجي حڪمت جو ٿيو اظهار آ.

سونهن ڌرتي کي ڏني تو زيب زينت جو ڏنو،

تو ڪيا پيدا نظارا تو ڪيو گلزار آ.

حمديہ ۽ نعتيہ شعرن جا ڪجهه مثال:

جي سهارن جو سهارو، بي ڪمن جو ڀرجهلو،

رحمتِ عالم شفا جو دو سخا پيدا ٿيو،

آسرو هڪ تنهنجي رحمت جو اٿم يا مصطفيٰ،

مهر مون مسڪين تي ڪر، ”راز“ کي ڏج رهبري.

منقبت جا چنڊ شعر:

مخلوق ۾ ٿيو اعليٰ تر حسين آهي،

دنيا ۾ ڏس برابر بهتر حسين آهي،

اي ’راز‘ آهه ڪيڏي تاريخ سوز واري،

اسلام کي پڄايو گهر گهر حسين آهي.

اهڙو اَمر قضا جو حضرت امام  لهءِ هو،

ڪرب و بلا جو افضل منظر حسين آهي.

ڊاڪٽر ’راز‘ پنهنجن خيالن ۽ احساسن سان بيحد پيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ادبي سليقي ۾ آڻڻ جو ڏانءُ به ڌاري ٿو. مذهب، فلسفي ۽ زندگي جي هر مسئلي کي فني سطح تي نهايت سيبتائي سان پيش ڪيو اٿس. جيئن ته ايڪويهين صديءَ جي شاعري تلاش ۽ حيرت ۾ وجهندڙ تصورن، (Concepts) ۽ علامتن (Symbols) تي مدار رکي ٿي، تنهنڪري هن صديءَ جي هر باڪمال شاعر جيان ڊاڪٽر ’راز‘ به فن ۾ اهڙا داخلي تجربا ڪري ڪردارن کي اُهڃاڻي حيثيت ڏني آهي:

سانگ تي ڪي نانگ آهن،

ڪاڪ تي اڄ ڪانگ آهن،

ڀٽ مٿي ٻڪرار ڪيئي،

تن ته ڇيلن ڇانگ آهن،

ڪن ته سُندر آ سينڌ سُرهي،

ڪن ته اڻڀا مانگ آهن،

ڪي هندورا هيج وارا،

ڪي جهڳا ڀڙڀانگ آهن.

غزل جي مٿين بندن ۾ ماڳن مڪانن ۽ ڪردارن جي شاعر جيڪا جذباتي قدر ۽ قيمت مقرر ڪئي آهي، اُهو به سنڌي سماج جو هڪ پاسو آهي.

سنڌ جي سورمين ۽ ماضي جي تاريخ، گوشن جي صورتگري هيٺين شعرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي:

ٻڏي سهڻي محبت ۾،

هيا طعنا ڪنڀارن ۾،

گذاري ڪنهن حياتي آ،

نماڻي سا پهنوارن ۾،

هئي رُڃ ريت ۾ مومل،

تتل تن ريگزارن ۾،

ڇنل جهوپو ته ڪانن جو،

هئي وينگس هزارن ۾،

نظر ڪا ”راز“ مارن جي،

پڪن پيرُن ته ڄارن ۾.

انساني رُتبي، همدردي ۽ لذت جي حاصلات جو اصل ذريعو، غم ۽ سُور آهي، چاهت جنهن ۾ جيتري هوندي اوتروئي اُهو سرگردان ۽ پريشان هوندو. ڊاڪٽر ’راز‘ به اهڙي چاهت جو ڳولائو آهي، جنهن سان وصل جي تونس رکندڙ دل وارن کي جياپو نصيب ٿئي:

غمن ۾ تون ستائيندين ته ڇا ٿيندو،

خوشين کي تون گهٽائيندين ته ڇا ٿيندو،

تلخ روئي، رکي ڇڏ پاڻ وٽ پيارا،

مٺي منهن سان نڀائيندين ته ڇا ٿيندو.

جفائن کي وفائن کي به سمجهان ٿو،

محبت کي رُلائيندين ته ڇا ٿيندو.

محبت آهي دل وارن جو جياپو،

محبت سان گذاريندين ته ڇا ٿيندو.

ڪڏهن ويهي پڇين ها، حال تون دل جو،

مگر جي تون نٽائيندين ته ڇا ٿيندو.

ڪَسَرَ ڪَسُ ”راز“ ٿيندي آ محبت ۾،

وري پردو هٽائيندين ته ڇا ٿيندو.

ڊاڪٽر ’راز‘ بيمارِ محبت آهي. سماجي سور، ناانصافي، اڻبرابري ۽ بيوفائيون اهڙيون وچڙندڙ وبائون ۽ پيچيدگيون آهن جن مان جان ڇڏائڻ ۽ سماجي سطح تي سک جي سنسار اَڏڻ جي خواهش هر شاعر جو اولين خواب ٿئي ٿو. اهڙي سنسار اَڏڻ جي خواهش ڊاڪٽر ’راز‘ کي به آهي، جنهن ۾ هرڪو آزاد، متوالو ۽ ٻانهن لوڏي هلي ۽ پنهنجي فن فڪر توڙي رنگ ۽ روپ سان سماج ۾ رعنائيون ۽ خوبصورتيون پکيڙي، کيس خبر آهي ته آزاد سنسار جو هر ڪردار باوقار ۽ سونهن وارو بڻجي پوي ٿو ۽ ڪنهن جي هر ادا ۽ انگ ۾ ڪشش پيدا ٿي پوي ٿي ۽ سندس جسم جي هر جنبش سماج ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿي:

بيمار سوز و فرقت، بيوس ڪيو ته مون کي،

ٿيندي دوا مگر حاصل ڪا شفا نه ٿيندي،

عشق بتان ۾ آ دامن تار تار منهنجو،

ديدار کان سوا، ٻي ڪائي دوا نه ٿيندي.

هڪ ”راز“ تنهنجي سڪ ۾ آهي اداس ڪيڏو!

گر تون سڏي ويهارين، ٻي وڌ سخا نه ٿيندي.

***

لوڏي ٻانهن تون هلين ٿي،

ڪيڏو نه دل کي وڻين ٿي،

سُندر سهڻو بدن تنهنجو،

رنگ ته آهي ڪُندن تنهنجو،

اکيون ڪاريون خُماريون،

هڻين هر هر ٿي ڪٽاريون،

مارين ٿي جي اک کڻين ٿي،

لوڏي ٻانهن تون هلين ٿي.

سنڌي، سرائيڪي، اُڙدو، فارسي ۽ هندي شاعريءَ جو ڪليات ’راز‘ تاحال ڇپجي منظر عام تي اچي ڪونه سگهيو آهي، پر ’راز‘ صاحب پاڻ تاريخ 10- جون، 2011ع تي سفر آخرت اختيار ڪري هليو ويو. خداوند ڪريم کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکندو.

مددي ڪتاب:

1. سومرو ’راز‘ عبدالخالق، ڊاڪٽر، ڪليات راز- اڻ ڇپيل.

2. شاد شريف، ’ادبي تاريخ تعلقو لکي‘، سمبارا پبليڪشن حيدرآباد 2017ع.

3. شاد شريف، ’وسي شال سنڌو جو ڪنارو‘ 2018ع، ڊاڪٽر عبدالخالق راز اڪيڊمي شڪارپور.

4. راز عبدالخالق، ڊاڪٽر، ’سکر جي تاريخ عظمت‘، ماروي اڪيڊمي سڪرنڊ 2016ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org