سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:2 

محمود مغل

 

 

 

مان، ڇَٻي ۽ ان جو ڪڙو

 

دريءَ جي ٻاهر، منظرن جو سفر تيز ترين هو. سايون پوکون، باغَ، فارم هائوسَ، تيزيءَ سان پٺتي ٿي رهيا هئا. ڪوسٽر ڪافي تيز رفتار هئي. ذهن ۾ هڪڙي ڳالهه شدتن سان، ڌَمَڪَ وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ته اسپيڊ ته هن ڊوڙندڙ مشين ۾ به ڪافي آهي، پر پنهنجي ماٺڪي ذهن ۾ يادن جي عڪسن جا ترورا، ان کان به تيز ’موشن‘ ۾ هئا. وقت، خيال جي مڪينڪ وٽ ڪجهه لمحن لاءِ بيهي رهيو هو. شايد ياد جو گِريس ۽ مهربانين نامهربانين جو آئل کوٽيءَ ۾ هو، جيڪي ڪجهه به هو عجيب هو. تحرڪ ۾ ماٺ هم رڪاب هئي.

هي اهو ئي رستو هو، جنهن تي جوانيءَ سفر ڪيو هو. محبوبَ جي شهر جي عجيب سونهن ٿئي ٿي. اهي گدلا، ٽٽلَ ڀڳلَ رستا، شاهراهن وانگر لڳندا آهن... گهٽين جو موهُه پنهنجي جاءِ والاريندو آهي. قداور ڀتين جي پنهنجي جوڙجڪ محسوس ٿيندي آهي. هِتان هُو لنگهيو هوندو... هن گسَ تي سندس پيرَ پيا هوندا... هُنَ چوڪ وٽان گذر ٿيو هوندس... ڪهڙي ادا، ڪهڙي دريءَ جي پٿرَ ڏٺي هوندي... کليل وارن جو عڪس، ڪهڙيءَ ڀت تي پيو هوندو... ٽهڪن جا ٽوڪرا، ڪهڙي وڻ جي ٽارين جهٽيا هوندا... محبت ته نسورو ظلم هوندي آهي.. انڌ هوندي آهي... سڀ ڪجهه پيش نظر هوندو آهي. پسمنظر جا هڙئي منظر گم ٿي ويندا آهن... تڏهن ته محبوب جي ڪا شڪل شبيهه نه هوندي آهي. جي محبت پس منظر تي نگاهه ڪري ته ڪو به ڪوجهو، ڪارو وجود، ڪڏهن به محبت نه ڪرائي سگهي. اهو عشق جيڪو محبتي ميڙي ٿو انڌو، ٻوڙو هوندو آهي... ها گونگو بنهه ناهي هوندو... دنيا جا سڀ گونگا اصل ۾ ٻوڙا هوندا آهن... ٻڌي نه سگهندا آهن، ان ڪري اُچاري نه سگهندا آهن.... عشق ٻڌڻ نه چاهيندو آهي... کيس رڙ واڪي سان دلچسپي هوندي آهي... پنهنجي صدا جي گونجَ ۾ هُو ٻين سڀني آوازن جي نڙي گُهٽي ڇڏيندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي جو اسان جو محبوب، ٻين کي عجيب ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي جوڙي ٻين کي ’نه ٺهڪندڙ‘ لڳندي آهي... اسان لاءِ ته بس.... اهوئي سچ هوندو آهي ته سڄي ڪائنات ’هن‘ تي اچي بيٺي آهي.

۽ ’هُو‘ ڪير آهي؟ هُو اهو ڪمال آهي، جنهن جي زوال جو اسان کي کُٽڪو ئي نه هوندو آهي. سڀ اوڻايون پاڻ ڏانهن ڪندي، سڀ مدايون پنهنجي کاتي ۾ وجهندي، اسين سدائين هن جي ڀلائين جو ذڪر ڪندا آهيون، جنهن جي ناراضگي به هڪ ادا لڳندي آهي ۽ جنهن جو راضپو، سڀني موسمن کي ’بهار‘ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هُو ساڻ هجي ته انسان ڪائنات جو امير ترين وجود بڻجي ويندو آهي ۽ جي خدانخواسته هُو وڇڙي وڃي ته هڪدم حيات، مفلس، ڪنگال ۽ ڇسي ٿي ويندي آهي. ’هُو‘ اسان جي اندر ۾ هر نيُن موسمن جي جنم جو ذميوار هوندو آهي. سڄيءَ حياتيءَ ۾ ٽارين تي ايترا گؤنچَ ڪونه ڦُٽندا آهن، جيترا پيار جي موسمن ۾ اسان جي وجود جي وڻن تي ڦُٽي پوندا آهن. اسان جي سونهن، سينگارَ، ناز نخري کان وٺي اسان جي اجڙڻ تائين جو ذميوار ’هو‘ ئي ته آهي. سندس محبت اسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪلفت اسان مڙني کي ڪمان ’گر‘ بڻائي ڇڏيندي آهي. اسين ڪمانون ٺاهيندا آهيون ته جيئن نفرتن جا تير اڇلي سگهجن. جي اهي ڪمانون ٺهڻ بند ٿي وڃن ته تيرن کي هٿن سان نشاني تي ڪيترو اڇلائي سگهجي ٿو.

ورهيه ٿيا، هن جي هٿن ۾ ڪمان هئي. ترڪش تيرن سان ڀريل هئس ۽ منهنجو وجود زخمن جي ور چڙهي رهيو هو.

”زماني جي خيال ۾ تون هڪ غير عملي انسان آهين... ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين... زندگي رڳو عشق عاشقي ناهي... ڇڙو ويلنٽائن ناهي... زندگي عملي اظهار جو پيرايو آهي... هتي عملن سان ئي وڏا وڏا گولز هٿ ڪري سگهبا آهن ۽ منهنجي گهر وارن جي خيال ۾ اهي گولز هٿ ڪرڻ تنهنجي ڏانءَ کان گهڻا آهن.“

ڌماڪا رڳو ظاهري ڪونه ٿيندا آهن. اهي ته ڪڏهن ڪڏهن صرف ۽ صرف اوهان کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن... دنيا سڄي پنهنجي ڪاروهنوار ۾ گم هوندي آهي ۽ اوهان بمبارٽمينٽ ۾ ڀَڄندا ڀُرندا رهندا آهيو. انهن ساعتن ۾ مون سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو پئي.... هن ڏانهن بي يقينيءَ سان نهاريندي، کيس هر انداز جي منٿ جو ديدار ڪرايو هئم... پر هُنَ ان مهل پنهنجي ڪمان کي سڌ ۾ جهليو هو. مان ’بُلز آءِ‘ جيان نشاني تي هئس ۽ ڪوبه وار خطا نه پئي ٿيو...

”تون رڳو جذباتي ۽ بي انتها پيار ڪندڙ شخص آهين... ٺَلهو پيار ۽ ٺَلها جذبا ڪتابي ڳالهيون آهن... عملي ڳالهه اها ڇَٻي آهي، جنهن ۾ بصر پٽاٽا ايندا آهن. تنهنجي جذبن ۾ ته ان ڇٻيءَ جي ڪڙي بڻجڻ جي صلاحيت به ناهي.“

ذلتن جو شايد ڪو پيمانو نه هوندو آهي. شايد عزت هڪ حد تائين ڪري سگهجي ٿي، الاءِ ان لاءِ به ڪو ماپو يا تورَ ڪونهي، ان لاءِ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. باقي اهو سڀ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته بيعزتي ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪاٿو دنيا ۾ ايجاد ناهي ٿيو. ڪوبه، ڪنهن جي به، ڪيتري به بيعزتي، ڪنهن به گهڙيءَ ڪري سگهي ٿو. رڳو کيس اها ڪرڻ جي سوچ هُجي... ۽ ان مهل منهنجي محبوب کي اها سوچ مضبوط ڪيو بيٺي هئي. محبتن جي ڏور جا ڌاڳا، نفرتن ۽ بدخواهن جي الزامن ڪُتري ڇڏيا هئا... آخري لفظن هڪ سَٽَ ڏني ۽ اها ڏور ڌاڳو ڌاڳو ٿي وئي... هن چيو هو ”مان ڪڏهن به هن وڇوڙي تي شرمنده نه ٿينديس... ها، جي توسان ملي پوان ها ته شايد شرمسار ٿي وڃان ها...“

وگهريل شيهو ڇا ٿيندو آهي... گهاوَن ۾ ڪيترو لوڻ ٻُرڪجي جو ماڻهو اُٿل پُٿل ٿي وَڃي... بيقراريءَ جي اصل معنيٰ ڇا آهي، اهو سڀ انهن ڏينهَن سيکاريو هو. زندگي بي معنيٰ، اڻ سَوادي ۽ بدلڇڻي لڳندي هئي. واپسيءَ جو ڪوبه دڳ نظر نه ٿي آيو، پر الاءِ ڪيئن واپسي ٿي به ويئي. عملي زندگيءَ جي معنيٰ هڪ بهترين ڪئريئر کي جنم ڏنو... حياتيءَ ۾ هڪڙو سچو جيون ساٿي آيو ۽ لمحا طنابون ٽوڙائي ڊوڙڻ لڳا.

محبت به عجيب هوندي آهي، جنهن سان ٿي وَڃي، تنهن جي خالي جُتيءَ ۾ به ڄڻ هُن جا پير سمايل لڳندا آهن. رنگ اهو امر ٿيندو آهي جيڪو هُو پَهري... انهن گهرن جي ڀتين کي هٿ لائبو آهي، جنهن جي دَر جي چائنٺ هن اُڪري هجي... ماڻهو ته هُن جي گهر ڏانهن رخ ڪري هوائن سان شڪايتون ڪندو آهي. ان محبت کان وڌيڪ عجيب وري وڇوڙي جو درد هوندو آهي، جيڪا آنڌ مانڌ محبت ۾ متل هوندي آهي، اها وڇوڙي جي ماٺار ۾ مَٽجي ويندي آهي. انسان ٻڏتر مان نڪري، هڪڙي ئي ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو، مُرڪون رخصت ٿين ٿيون... ڳوڙها دامن جهلين ٿا. ٻين جو مرڪڻ سٺو لڳي ٿو، پنهنجي اداسي پاڻ کي وڻي ٿي. الاءِ ڇو ائين به ٿئي ٿو ته پوءِ اهو ساڳيو جاني جگر، لاتعلقيءَ جي پردي ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. حياتيءَ سان بيزاري ايتري وڌي ٿي جو انسان، ان ساڳيءَ هستيءَ جي خبر به وٺڻ نه چاهيندو آهي، جنهن جي هڪ ننڍڙي خبر به ڄڻ ڪڏهن ’بريڪنگ نيوز‘ هوندي هئي.

هوائن الاءِ ڪيترو سفر طئي ڪيو. رنگن الاءِ ڪيترا شيڊز مَٽايا... الاءِ ڪيترن ورهين پڄاڻان هن جي فون اچي ويئي.

”ڪٿي آهين... ڇا پيو ڪرين...؟“

دل چيو، چوانس ته اسان جهڙا وجود ڇا ڪري سگهن ٿا ۽ مون ڇا ڪيو هوندو...؟ ڪهڙا اڪَ ڪارا ڪيا هوندم ۽ ڪهڙي طرف کان مقصدن جي هماليه تي چڙهيو آهيان... زهر جو ڍڪ ڀريندي چيم ”ميٽنگ ۾ آهيان... ڪلائينٽس ويٺل آهن...“

”مون سان ملي سگهين ٿو...؟“

”ڪڏهن...؟“

”ڪڏهن به... جڏهن تو وٽ وقت هجي....“

”خير آهي...“ مون ڳيت ڏني... جنهن سان ملڻ لاءِ بهانا ڳولبا هئا، اڄ وقت ان کان ئي ملاقات جا سبب پڇڻ تي مجبور ڪيو هو.

”پوءِ سڀاڻي هليو اچ... هتي... مون وٽ... آفيس ۾...“

هن تڪڙ ۾ ائڊريس اُچاري ۽ الاءِ ڪيئن مون چئي ڏنو، ”مون وٽ پنجاهه منٽ اٿئي... ٺيڪ چئين وڳي مان پهچندس ۽ چار پنجاهَه تي نڪرندس...“

هن تڙ تڪڙ ۾ ها ڪئي ۽ مون فون رکي هئي. پهريون خيال ئي اهو آيو ته ميٽنگ ۾ فون ٿُرو ڪيئن ٿِي... پر پوءِ لهجي جو تحڪم ڏسي سوچيم ته ٻاهر نائبن کي به ڪجهه اهڙو ئي سُر ٻڌايو ويو هوندو... گمان اهو به آيو ته نمبر ڪٿان مليس... ته الاءِ ڪنهن سرگوشي ڪئي ”وڏو وڏو جهانُ... ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ننڍو ٿي پوندو آهي صاحب...“

سفر پورو ٿي چڪو هو... وڏي جهان جي هڪ ننڍي ڪنڊ ۾، هڪ خانگي آفيس ۾، مان، سالن کان پوءِ هن جي سامهون بيٺو هئس. حسن جي تابَ عمرِ عزيز ڪجهه حصو کڻي چُڪي هئي پر هارايل ڪڏهن به شڪست تسليم ناهي ڪندو... ڪونه ڪو حيلو بهانو ڪتب آڻيندو رهندو آهي، ۽ انسان ته هونئن به کٽڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو آهي.

پنهنجي آرامده آفيس ۾ کاڌي پيتي جي الاءِ ڪيترين شين جو آرڊر ڏيندي، هن مون ڏانهن نهاريو هو..

”اُهڙو ئي آهين... بس رڳو وار ٿورا اڇا ٿي ويا ٿئي...؟“

مون کي کل اچي وئي... اڄ به هن جي نگاههَ منهنجي ’ظاهر‘ تي ئي هئي.

”هائو... هاڻي عمر وڌندي ته وارَ ته اڇا به ٿيندا....“

”نه پر غالباً... تَنهن زماني ۾ به ’ڪجهه‘ اڇا ٿيا هئا...“

’غالباً‘ جي استعمال، من جي ٽانڊن تي ڪجهه وڌيڪ گاسليٽ هاريو... کيس يقين نه هو... محبتن جي موسمن ۾ به هوءَ بي يقين ئي رهي هئي...

”الاءِ.... توکي خبر هوندي... مان ان زماني ۾ هونئن به آئينو گهٽ ڏسندو هوسِ... بلڪه ائين کڻي چئجي ته آئيني جي خبر ته مون کي پوءِ پئي آهي.“

منهنجي مرڪ جي زهرَ، هن کي گهڻو ڪجهه سمجهائي ڇڏيو. ڦِرندڙ ڪرسيءَ کي آسودو ڪندي چيائين، ”تون اڄ به ساڳيو آهين...“

”نه... مان ڪافي بدليل آهيان... عزت، دولت، شهرت... عملي زندگيءَ جا سڀ عڪسَ مون وٽ آهن... جيڪي چاهيان خريد ڪري سگهان ٿو...“

کيس لهجي جي سوڪهڙي جو احساس ٿيو... مرڪندي چيائين، ”هتي وڙهڻ آيو آهين ڇا؟“

مون به زماني سارو مرڪيو، ”نه نه.. آءِ.ايم سوري... تو سوال پڇيو... مون کان جواب نڪري ويو....“

هاڻي وري ماٺ ٿي وئي... نه هن وٽ ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ بچيو هو، نه مون ڪو سوال پڇڻ ٿي چاهيو. سوچيو هئم انهن پنجاهه منٽن ۾ کيس جيڪو ڳالهائڻو آهي سو ڳالهائي... مان ڪوشش ڪري ڪجهه پڇندس ڪونه... نگاهه جُهڪي وئي... الاءِ ڪيترا لمحا جُهڪيل رهي...

”هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ...“ هن هلڪو کنگهي نڙي صاف ڪئي... ”مان ڪٿي آهيان؟...“

نظر کنيم ته هيٺ ڪري نه سگهيس... ڪٽورا لبالب هئا... اکين ۾ ديدَ جي جاءِ تي لڙڪ ڀريل هئا.... غير ارادي طور تي، منهنجي اک ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن کڄي وئي... ڇت ڏانهن نهاريندي چيم ”اتي... ان ڪُنڊَ تي... مٿانهينءَ جاءِ تي.... تون ازل کان ابد تائين مٿانهون مقام رکندڙ آهين... جتي هُئينءَ اُتي ئي آهين... حيثيتون ته اسان جهڙا مَٽائيندا آهن...“

جملو تعزيانو بڻجي ويو هو. نيڻ ڇُلڪي پيس... ڪنڌ هيٺ ڪندي چيائين... ”سڀ ڪجهه آهي... ٽي گهر آهن... ٻه گاڏيون آهن... بئنڪ ۾ گهڻو ڪجهه آهي، سرٽيفڪيٽس.... مال دولت... زمين... ناهين ته تون ناهين...“

دل چيو ته چوانس ته ’بيوقوف... اهو سڀ ڪونه ٿئي... صرف مان آهيان ۽ مان...‘ پر هن جي ڳالهه ’عملي‘ هئي... مان ازل جو ڇَسو... ڇا چوان ها... هن ئي ڳالهه جاري رکي... ”مان سڀ ڄاڻان ٿي... پر اڪيلائيءَ مون کان هڪ فيصلو ڪرائڻ ٿي گهري... مون لاءِ ڪو نالو چونڊي ڇڏ... الاءِ ڪيترا رشتا آيا آهن... انهن مان ڪنهن هڪڙي جي چونڊَ ڪري ڏي...“

مان ته گهاءَ گهاءَ هئس... سالن کان پوءِ هن رفاقت جو انعام نصيب ڪيو هو، پر اتي به ڄڻ ڪاريءَ وارا ڪک ئي هئا... هن گهرايو هو ته چونڊ لاءِ ۽ چونڊ به ڪنهن جي، جيڪي اڃان تائين به مون لاءِ رقيب ئي هجي ها.

سندس هٿن ۾ نهاريندي چيم، ”ماڻهو گهڻا هٿ جهلي سگهندو آهي، مئڊم.“

ڇرڪي پئي، ”مون کي ائين ٿو سمجهين ڇا؟“

”مان ڇا سمجهندس.... توهان ڳالهه اهڙي ڪئي ته انهن هٿن مان ڪو هڪڙو هٿ چونڊي ڏي.“

”تون ڪندين شادي..!؟“

تلوار مُڏي هئي، گهاءُ اڍنگو ٿي ويو، مون نڙيءَ ۾ ڪؤڙاڻ محسوس ڪئي. لڳم ڪا ڪڙي دوا آهي، ڳِڌي نه ٿي ٿئي ۽ هن جي سامهون الٽي ڪرڻ منهنجي حيثيت کان گهٽ ٿيندو.

پاڻ سنڀاليندي چيم، ”مان هاڻي عملي گولز هٿ ڪندو آهيان، عملي ڳالهه ته اها آهي ته اها جيڪا گهر ويٺي آهي، ان مٿان ٻي مائي ڇو آڻجي...“

هن مُرڪي ڏٺو، ”معنيٰ اڄ به لنوائي وئين، سڌو جواب نه ڏنئي.“

”سڌو جواب ئي ته ڏنم.“ منهنجي مرڪ پرُوڻ هئي، ”تون پهريون نمبر آهين، پهريون نمبر ئي رهه توکي ٻيون نمبر ٿيڻ نه ٿو سُونهَي... دنيا جي ڌنڌ ۾ عملي صورت توئي مون کي سيکاري هئي. لڳي ٿو اڄ ان عملي صورت جي عملي شڪل ڏسان به پيو، ۽ ڏيکارڻ به پيو گهران... موٽي وڃان ٿو... تو چيو هو نه ته مون ۾ ڇٻيءَ جي ڪڙي بڻجڻ جي صلاحيت به ناهي.. اڄ مان پاڻ ڇٻي آهيان. بصر پٽاٽن جي جاءِ تي، هاڻي تُنهنجا درد کڻي گهمندو آهيان...“

بادل جمالي

 

 

 

 

 

 

گُرِي گُوندَر وَلَّ جِي

 

 

رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. هُو ڳوٺان موٽيو هو. حيدرآباد واري باءِ پاس تان گذرندي، ٿاڻي تي نظر پيس ته ننڍپڻ جو دوست انسپيڪٽر عطا محمد ذهن ۾ اچي ويس. گاڏي موڙي مين روڊ تان لهي ٿاڻي پهچي ويو. پراڻا دوست آمهون سامهون ٿيا ته ڀاڪر پئجي ويا، ۽ ٽهڪ گونجڻ لڳا:

”بادشاهه ماڻهو، اچڻو هُيئِي ته سوير ڀَرو اچين ها ته ڪچهريءَ لاءِ وقت ته ملي ها، ۽ ٻه گِرهه مانيءَ جا به گڏجي کائون ها. ڏهين لڳي پهتو آهين، وري چوندين ته ڪراچيءَ جو پنڌ پري آ، وڃان وڃان پيو ڪندين، تنهنجي اچڻ مان فائدو ڪهڙو ٿيو؟“

”يار سچ پُڇين ته سعيو ڪري توسان ملڻ ڪونه پيو اچان، باءِ پاس تان گذرندي ٿاڻي تي نظر پيئي ته تون ياد اچي وئين، ٻه ٽي ڏينهن اڳ فيس بڪ تي پڙهيو هئم ته تنهنجي پوسٽنگ هن ٿاڻي تي ٿِي آهي. سوچيم ته ٻه منٽ توسان هيلو هاءِ ڪندو وڃان. مهينن کان پوءِ مليا آهيون، نوان سنوان ٿياسون، اِهو ڪو گهٽ آهي؟“

”لک قرب تنهنجا، جو ڪَهي آئين، منهنجي صلاح آهي ته هينئر ترسي پئو ڏاڍيون ٿا ڪيون ڪچهريون. سڀاڻي سوير هليو وڃجانءِ.“

”ڪچهري ڪرڻ ايندس تو وٽ ڪيڏي مهل، پر هينئر تڪڙو آهيان، وڃان ٿو.“

”اهڙو وڃڻ به ته ماري ٿو نه يار، بنا کائڻ پيئڻ جي، ڀلا بيٺي بيٺي بوتل ئي پيئندو وڃ ته ڏک ته نه ٿئي…“

هن سپاهيءَ کي بوتل کڻي اچڻ لاءِ چيو. بوتل پيئندي، ڳالهيون ڪندي، هُو اڳتي وڌڻ لڳا. لاڪپ جي ڀر ۾ پهتا ته اندر واڙيل هڪڙي عورت شيخن ۾ هٿ وجهي، لڙڪ لاڙيندي، نماڻين نظرن سان هنن کي ڏسي رهي هئي.

”هِن غريبِ کي ڇو بند ڪيو اٿئي؟“

”غريبِ ڪانهي سائين، ”گَشئي“ آهي. ڊيوٽيءَ دوران مشڪوڪ ڏسي سپاهي پڪڙي آيا اٿس. وڻئي ٿي ته کنيو وڃينس پاڻ ساڻ، شيءِ چڱي اٿئي.“ هن مذاق ڪندي چيو.

”رب ڏي پناهه، ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين يار، ٻارن ٻچن واري ٿي لڳي، ٻچا انتظار ۾ هوندِس، ڇڏي ڏي غريبِ کي، دعائون ڏيندَئي.“

”ڇڏڻ جهڙي آهي ته ڪانه، پر تنهنجي سفارش تي ڇڏيونس ٿا کڻي.“

هن سنتريءَ کي چئي، تالو کولرائي، کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ٻاهر نڪري هُوءَ شاهنواز جي اڳيان هٿ ٻڌي بيٺي.

”سر مون غريب تي وڏو ٿورو ڪيو اٿوَ، الله پاڪ اَجر ڏيندوَ، ناراض نه ٿيو ته سائين مون کي ٽول پلازه تائين کنيو هلو، اڳتي پاڻهي وينديس.“

”گهر ڪٿي اٿئي؟“

”گهر پري آهي سائين، ڪچي آباديءَ ۾.“

”چڱو ويهه گاڏيءَ ۾ اڳيان.“

هُو انسپيڪٽر کان موڪلائي روانو ٿيو، ڊنل، هيسيل، شرمسار عورت پاسي واريءَ سيٽ تي چپ چاپ ويٺي رهي، هڪ نظر کيس ڏسي هن پڇيو:

”چڱي ڀلي، سنئين سڌي مائي ٿي لڳين، ڇو ٿي اهڙا ڌنڌا ڪرين؟“

”ننڍڙا ٻچا، بک، بيروزگاري.“

شاهنواز جي ڌرڙي نڪري ويئي! ٿوري دير رکي وري پڇيائينس ٻار گهڻا اٿئي؟“

”ٽي نياڻيون آهن سائين، وڏي ٻارهن سالن جي، ٻي اٺن جي، ۽ ننڍڙي پنجن سالن جي آهي.“

”مڙس ڇا ڪندو اٿئي؟“

”مڙس گم ٿي ويو سر، هي ٽيون سال اٿس.

اوهان پنهنجو نمبر ڏيو سر، آئون اوهان سان رابطو ڪنديس.“

”اُن جي ضرورت ڪانهي.“ هن رُکائيءَ مان چيو.

”غلط نه سمجهو سر آئون ٻچن خاطر اوهان کان ڪجهه مدد وٺڻ ٿي چاهيان.“

”اڇا… ڪڏهن ڪراچيءَ اچين ته جوهر چورنگيءَ جي ڀرسان پرفيوم چوڪ تي ”المدينه پينٽ هائوس“ جي نالي سان منهنجو رنگن جو اسٽور آهي، اتي اچي ملازم کي چوندينءَ ته هو رابطو ڪري، مون تائين پهچائي ڇڏيندُئي.“

ڄام شوري واري ٽول پلازه وٽ پهچي، هن پڇيس:

”ڪٿي لهندينءَ؟“

”ٿورو اڳيان سر، ڪوٽڙيءَ واري اسٽاپ تي.“

اسٽاپ تي پهچي هن گاڏي روڪي، هوءَ لهڻ لڳي ته شاهنواز احتياطاً پڇيس:

”سوزوڪيءَ جو ڀاڙو اٿئي؟“

”سر ٿاڻي وارن اڳ ڪنهن وٽ ڪجهه ڇڏيو، جو مون وٽ ڀاڙو ڇڏيندا؟“

”پوءِ گهر ڪيئن پهچندينءَ؟“

”بس سر، ڪنديس منٿ ڊرائيورن کي، من ڪنهن کي رحم پئجي وڃي.“

”منٿ نه ڪر ڪنهن کي، هي وٺ.“

هن پرس مان سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏيندي چيس.

”ٿئنڪيو سر، الله پاڪ اوهان کي اجر ڏيندو.“

گاڏيءَ مان لهي، وڃڻ لڳي ته ڪجهه سوچي، هن پويان سڏ ڪيس:

”ٻُڌ…“

هُوءَ مُڙي، گاڏيءَ جي دريءَ تي جُهڪي بيٺي.

”جي سر؟“

”ٻارڙيون بک تي هوندئي، انهن لاءِ ماني وٺيو وڃجانءِ.“

پنجين سئين جو نوٽ ڏيندي هن چيو.

”صاحب ڪهڙيءَ زبان سان اوهان جا ٿورا مڃيان؟ الله سائين ججهو ڏيندوَ، موليٰ سائين آباد رکندوَ…“

هن جون اکيون، شڪرگذاريءَ واري جذبي کان ڀرجي آيون. اکيون اُگهندي رواني ٿي، اسٽاپ تان هوڪا ڏيندي سوزوڪي وڃڻ لڳي ته اشارو ڪري اُن کي روڪي ورتائين. پنهنجي علائقي ۾ پهچي، هوٽل تان ڪڪڙ جو ٻوڙ، گرم نانَ ۽ مرنڊا جي ٿڌي بوتل وٺي، گهر پهتي. ننڍڙي ثمرين سُتي پيئي هئي، عنبرين جون اکيون به ننڊ کان ڳوريون پئي ٿيون، ماءُ کي ڏسي هُوءَ سجاڳ ٿي پيئي. نسرين اڳتي وڌي، ماءُ کان ماني ورتي.

”ثمري ڪيڏيءَ مهل سُتي آهي؟“ هن برقعو لاهيندي چيو.

”چڱي دير ٿي اٿس امي.“ نسرين پليٽون کڻندي وراڻيو.

”بخار ڪيئن هئس؟“

”بخار تيز هئس، هر هر توکي پئي ياد ڪيائين.“

”صدقي وڃانس، آئون وس ۾ هجان ته ڪٿي ويهان ها پٽ!“

هن ڪلهن کان جهلي، کيس ٿورو ڌونڌاڙيو:

”ثمر راڻي، اُٿي ماني کاءُ… اوجاني… اُٿ ماني کاءُ.“

هوءَ اکيون مليندي اٿي ويٺي، اوٻاسي ڏيئي، مانيءَ کي ڏسي پڇيائين:

”ڇا جو ٻوڙ آهي امي؟“

”ڪڪڙ جو ٻوڙ آهي پرين، توکي وڻندو آهي، نه ڪڪڙ جو ٻوڙ؟“

ماءُ کيس هنج ۾ ويهاريندي چيو.

بخار ۽ غنودگيءَ جي ڪري، هُن ڪو جواب ڪونه ڏنو، مانيءَ جي ننڍڙي گرهه تي، ٻوٽيءَ جو ذرو رکي، رس ۾ ٻوڙي، ماءُ سندس وات ۾ ڏنو. بيدليءَ سان گِرهه چٻاڙيندي، بوتل تي نظر پيس، ته رڙ ڪيائين: ”امي، بوتل پيئنديس.“

”بوتل کوڙ منهنجي مٺيءَ لاءِ، پهرئين ٿوري ماني ته کائي وٺ.“

ماني کائي، بوتل پي، نسرين ۽ عنبرين اُٿيون، ته ثمرين ماءُ جي گوڏي تي مٿو رکي، وري سمهي پيئي. ماءُ جا هٿ اچانڪ دعا لاءِ کڄي ويا.

”پروردگار اُن سخي انسان جي روزي رزق ۾ برڪتون وجهه، هر قسم جي ڏکن ڏولاوَن کان محفوظ رکينس، من جون مرادون پوريون ڪرينس، جنهن منهنجي ٻچن لاءِ رزق جو ذريعو بڻيو آهي.“

صبح ٿيندي ئي هُوءَ گهر جي ڪمن ۾ لڳي ويئي، رکي رکي محسن جي ياد دل ۽ دماغ ۾ وراڪا ڏيندي رهيس، ٻه ڏينهن جيئن تيئن گذاري، ٽئين ڏينهن دل ۾ ڪيئي آسون اُميدون کڻي، وڃي ڪراچيءَ نڪتي، ٻڌايل ائڊريس تي پهچڻ ۾، ڪا گهڻي تڪليف ڪانه ٿيس، اسٽور تي ويٺل ملازم مالڪ سان رابطو ڪرڻ بعد، هن کي وٺي سامهون واري رهائشي پروجيڪٽ ۾ پهتو، بيل ڏيئي هو در تي انتظار ڪرڻ لڳا. ٿوريءَ دير ۾ شاهنواز پاڻ اچي در کوليو، هن کي ڏسندي ئي رشيده جي منهن تي سرهائي اچي ويئي.

”سر السلام عليڪم.“

”وعليڪم السلام، ته تون آهين رشيده بيگم؟“

”جي سر.“

”اچ، اندر اچ‏… پٽ اسان کي ڪلو کن کير آڻي ڏي.“ ملازم کي چيائين.

هُو در بند ڪري اڳيان ٿي هليو، لائونج ۾ پهچي، رشيده کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن باغ ۾ داخل ٿي هجي، هر طرف گلن ۽ ٻوٽن جا مختلف نمونا نظر آيس. ڪي ولائتي ولين جا ننڍڙا گملا ته ڇت ۾ به ٽنگيل هئا. فينسي مڇين جي اَڪوائريم ۾ رنگ برنگي ننڍڙيون مڇيون تَري رهيون هيون. لائونج کي لتاڙي، ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿي ته پير قالين ۾ ٻه اڍائي انچ هيٺ لهي ويس، اندر ۾ هڪ لطيف احساس جنم ورتس، جنهن مان گهر جي معيار جي خبر پيس. گئلريءَ ۾ به گل ٻوٽا لڳل هئا، رنگين طوطن جو پڃرو به هو، جيڪو دريءَ مان نظر پئي آيو.

”ويهه رشيده.“ شاهنواز کيس صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو.

”ڇا کائيندينءَ ڇا پيئندينءَ؟“

”سر پهرئين ته پاڻي پيئنديس، پر اوهان تڪليف نه ڪريو، اجازت ڏيو، ته آئون پاڻ ئي اندران پي وٺان.“

”تنهنجي خواهش آهي ته ڀلي پِي وٺ.“

هوءَ اُٿي بيٺي، برقعو لاهي تهه ڪري، ٿيلهو کڻي ڪمري ۾ ويئي. شاندار بيڊ روم، عاليشان ڊبل بيڊ، مئچنگ الماريون، ٽيبلون، نفيس ڊريسنگ ٽيبل، ديوارن تي لڳل قيمتي پينٽنگس، فئمليءَ جون ڪجهه تصويرون، ووڊن فريم سان لڳل، پينڊوليم وارو، رائل برٽش اسٽائل جو شاهي گهڙيال، وڏي ۽ ويڪري باٿ روم ۾ ليئو پائي ڏٺائين ته هر شيءِ اعليٰ ڪوالٽيءَ جي نظر آيس. فرج مان بوتل ڪڍي پاڻي پيتائين، شاهنواز نئون صابڻ ۽ ٽوال ٽيبل تي رکندي چيو:

”باٿ وٺي فريش ٿي گرميءَ ۾ پگهرجي پيئي آهين.“

”مهرباني سر، مون وٽ پنهنجو سامان آهي.“

”جيڪا تنهنجي مرضي.“

هُوءَ شاور وٺي فريش ٿي، هلڪي گلابي رنگ جو ڪاٽن جو وڳو پائي، شئمپو ڪيل وارن کي ڊراءِ ڪري ڊريسنگ ٽيبل تي ويهي، چهري کي ميڪ اپ جو ٽچ ڏنائين، شيشي ۾ ڏسي چپن کي موڙا ڏيئي، سرخيءَ کي چيڪ ڪري، اُٿي بيٺي، آئيني اڳيان سڌا ۽ پاسيرا پوز ٺاهي، آڳا پيڇا ڏسي مطمئن ٿي، رائل مئريج جي اسپري ڪري، ماحول کي خوشبوءِ ۾ واسيندي، ڊرائينگ روم ۾ پهتي. هن کي ڏسي شاهنواز رڳو ٿورو مُرڪي سگهيو. چيائين ڪجهه ڪونه، اکيون اکين سان ملي جُهڪي ويون، وري مليون وري جُهڪيون، جوان دلين ۾ اُٿندڙ لهرون، حجابن جي پردن ۾ تڙپي تڙپي ٿڌيون ٿي ويون ۽ طوفان ٿي نه سگهيون، هيڏي هوڏي نهاري سڪتي کي ٽوڙيندي رشيده پڇيو:

”اوهان جي بيگم نظر نٿي اچي سر، ڪٿي ويئي آهي شايد؟“

”ها، ويئي هلي!“ هن وڏو ساهه کڻي چيو:

”پيار جي شادي ڪئي هئي سين، وڏگهراڻي ڇوڪري هئي، اسان فقيرن وٽ مزو نه آيس، ٽن سالن جي ٻارڙي کڻي، ڪورٽ پهچي ويئي، فيصلو هن جي حق ۾ آيو، ويئي هلي پنجاب مائٽن ڏانهن…“

”جيڪا عورت اوهان سان نڀاهه ڪري نه سگهي، ان لاءِ ڇو ٿا پاڻ کي پريشان ڪريو سر؟ وساري ڇڏيوس.“

”ڪيئن وساريانس؟ هُوءَ اڪيلي ته نه ويئي نه، منهنجيءَ ڪائنات کي به پاڻ سان کڻي ويئي. آئون ته ان جي جدائيءَ ۾ ذهني مريض ٿي پيو آهيان. هلندي ڦرندي ماڻهن سان اَٽڪندو ٿو وتان، گهر ڦِٽي ويو، ڪاروبار تباهيءَ جي ڪناري پهچي ويو. عورت ذات کان ئي نفرت ٿي ويئي اٿم!“

”اها ته زيادتي ٿا ڪيو سر. بيوفائي ڪئي ته ڪنهن هڪ عورت ڪئي، ان جي سزا عورت ذات کي ڇو ٿا ڏيو؟ عورت ته گهر ۽ ور تان سر ساهه به گهوري ڇڏيندي آهي. ڪنهن اهڙيءَ عورت سان پلئه ڳنڍي ته ڏسو. منهنجي مڃو ته نئين شادي ڪري، ٺٺ سان زندگي گذاريو…“

”ڳالهه تنهنجي صحيح آهي، شادي ڪري نئين ڪنوار ته آڻي ٿو سگهان، پر ڪائنات کي ڪٿان آڻيان؟ ان کان سواءِ سڪون ڪٿي ملندم؟“

سچ پڇين ته منهنجي حالت ان مڇيءَ جهڙي آهي، جنهن جي ڪَلين ۾ ڪُنڍي ڦاسڻ کان پوءِ، ڏور وچان ڇڄِي پيئي هجي! ڏسڻ وارا ته ڏور ڇِڄڻ تي افسوس ڪندي، شڪاريءَ سان همدرديءَ پيا ڪن، مڇيءَ بابت ته ڪير سوچي ئي نٿو ته اها ڄاڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنڍيءَ ۾ ڇِڳل ڏور سان گڏ ڪيئن ٿي زندگي گذاري…!!“

”ساري سر، مون ته ائين ئي ڳالهه ڪئي هئي. مون کي خبر نه هئي ته معاملو ايڏو سنگين هوندو. خواه مخواه اوهان جا زخم وري تازا ٿيا آهن.“

”اِن ۾ تنهنجو ڏوهه ڪونهي رشيده، تون پريشان نه ٿيءُ، ٻي ڪا ڳالهه ڪر.“

”سر اوهان جاب ڪهڙي ٿا ڪيو، سرڪاري نوڪري اٿوَ، يا پنهنجو ڪو ڪاروبار ٿا ڪيو؟“

”سرڪاري نوڪري ته ڪانهي، پنهنجو ننڍڙو ڪاروبار آهي، ڪنسٽرڪشن جو، ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻندو آهيان، اسڪولن جا، اسپتالن جا، روڊ رستن جا.“

”اِهي ٺيڪا ننڍا ته ڪونه آهن سر.“

”ننڍائي سمجهه، پنجويهن ٽيهن ڪروڙن جي اندر اندر هوندا آهن، وڏا ٺيڪا ته اَربن ۽ کربن جا هوندا آهن، اوتري طاقت اسان ۾ ڪانهي.“

”شڪر ڪريو سائين، خدا اوهان کي ڪروڙن ۾ پهچايو آهي. ماڻهو ته ويلي جي مانيءَ لاءِ به موت سان کيڏندا ٿا وتن.“

”بيشڪ مالڪ جا ڪروڙين احسان آهن.“

ايتري ۾ ملازم کير وٺي آيو، شاهنواز اُٿي، ڪچن ۾ چانهه جي تياري ڪرڻ لڳو، رشيده به پاڻ مرادو اندر پهچي ويئي:

”مون کي ڏيو سر، آئون ٿي چانهه ٺاهيان.“

”تون مهمان آهين رشيده، مهمان جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، مون کي پنهنجو فرض نڀائڻ ڏي پليز…“

”آئون اهڙي مهمان به ڪانه آهيان سر، جو رڳو کائڻ لاءِ ويٺي هجان، اوهان شايد سمجهو پيا ته منهنجي ٺاهيل چانهه، اوهان کي پسند نه ايندي، پر آئون چانهه تمام سٺي ٺاهيندي آهيان، موقعو ڏيئي ته ڏسو.“

”چڱو، جي اِها ڳالهه آهي ته اچ، ڏسي ٿا وٺون تنهنجيءَ مهارت کي.“

هن پيالو چُلهه تي رکيو ته شاهنواز پڇيس:

”مڙس تنهنجو ڪيئن گُم ٿيو؟ ڪنهن سان دشمني هئس ڇا؟“

”نه سر، منهنجي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب آهي، ماءُ پنجاپڻ، پيءُ سنڌي، مڙس وري پٺاڻ هو، سو به وانا جو، جتي فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ جنگ هلندڙ هئي.

ماءُ سان ملڻ جو چئي، هُو نڪتو ته وري موٽيو ئي ڪونه.

”ڪم ڪهڙو ڪندو هو؟ دهشتگرد ته ڪونه هو؟“

”نه سائين، اشراف ماڻهو هو، رازڪو ڪم ڪندو هو، کائڻ پيئڻ لاءِ ڏاڍا خوش هئاسين. هُن کان پوءِ اسان عذابن ۾ اچي وياسين…“

”هاڻي گهر ڪيئن ٿو هلي، ڪير ٿو ڪفالت ڪري؟“

”ڪير ڪونه ٿو ڪري سر، الله جي آسري آهيون، هن کان پوءِ گهر ۾ رکيل ميڙي چونڊي ختم ٿي، ته فاقه ٿيڻ لڳا، تعليم ايتري هئي ڪانه جو نوڪري ملي سگهي ها، نه وري ڪا سفارش هئي، ٻچن خاطر مجبور ٿي، بنگلن ۾ ٿانوَ ٻُهاري ڪرڻ لڳس. چئن گهرن ۾ جان مارڻ کان پوءِ به ايترو نٿي مليو، جو گهر هلي سگهي ها…“

چانهه تيار ڪري هُوءَ کڻي آئي، شاهنواز به ڪيڪ، بسڪٽ ڪڍي ٽيبل تي رکيا، چانهه جو ڍُڪ ڀري چيائين:

”واهه جي چانهه ٺاهي اٿئي! واقعي چانهه جي ماهر آهين.“

”ٿئنڪيو سر، رڳو چانهه ئي نه، آئون ٻي ڪُڪنگ به تمام سٺي ڪندي آهيان، منهنجي امڙ، رڌپچاءَ جي ماهر هئي، ان کان سکيو اٿم.“

”تو ڳالهه پئي ڪئي ڪم ڪرڻ جي…“

”ها سر، چئن گهرن مان، چار هزار به پورا ڪونه پئي مليا، تنهن کانسواءِ، ايندي ويندي ماڻهو به تنگ ڪندا رهندا هئا. نيٺ بيزار ٿي اهو ڪم ڇڏيم.“

”پوءِ؟ هاڻي ڇا ٿي ڪرين؟“

”ان کان پوءِ شهر ۾ ايندي ويندي، ڪارو برقعو پائي پنڻ وارين جا ٺٺ ڏسي، مون کي به ريس آئي، برقعو پائي، مون به پنڻ شروع ڪيو.“

”او نو…؟“

”جي سر، سچ ٿي چوان.“

”اوه ماءِ گاڊ…!!“

”بس سر ڇا ڪجي، چوندا آهن بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، سڄو ڏينهن ماڻهن اڳيان هٿ ٽنگي، منٿون ايلاز ڪرڻ کان پوءِ به، ڪڏهن اڍائي سؤ ته ڪڏهن ٽي سؤ روپيا ملندا هئا، گذارو وري به نه پئي ٿيو.“

”هي جو پنڻ وارين جا ٺٺ پئي ٻڌايَئي…؟“

”ها سر، انهن ٻيا ڌنڌا به ڪيا ٿي، جيڪي مون کان نه ٿيا، پنڻ ۾ الله جي نالي تي روپيو يا ٻه روپيا ئي ملن ٿا، ڏهين وارو نوٽ به اتفاق سان ئي ملندو هو. ماڻهن جون گهوريندڙ نظرون، ڇِڇوريون حرڪتون ۽ چُڀندڙ جملا به برداشت ڪرڻا پوندا هئا، پريشانيون روز وڌنديون پئي ويون.“

”ڏاڍي ڏک ڀري ڪهاڻي آهي تنهنجي!“

”اِها ته شروعات آهي سائين، ڏک جو ذڪر ته اڃا ڪيوئي ڪونه اٿم. بنگلن ۾ ڪم ڪندي، ڪن مالڪن مهربان ٿيڻ جي ڪوشش به ڪئي… هڪڙو صاحب، جيڪو وڏو آفيسر هو، ڏسڻ ۾ به شريف ماڻهو ٿي لڳو، نوڪري ڏيڻ جو پڪو دلاسو ڏنائين. ان جي ڳالهين جو اعتبار ڪري، پهريون ڀيرو دوکو کائي ويٺيس…!“

هُوءَ ڏکاري ٿي، ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويئي.

”اُها سڄي رات مون روئندي، تڙپندي گذاري هئي، ضمير ملامت ڪندو رهيو، جيئڻ تان ارواح کڄي ويو. اهڙي زندگيءَ کان ڇوٽڪاري جو هڪڙوئي طريقو هو، ته آپگهات ڪري ڇڏجي…!!“

”اهڙيءَ پريشانيءَ ۾ ڪنهن مٽ مائٽ سان صلاح ته ڪرين ها، شايد ڪو چڱو ماڻهو، سهڻي صلاح ڏيئي، تنهنجو ارادو بدلائي وٺي ها.“

”ڪنهن سان صلاح ڪيان ها سائين، ڪير آهي اسان جو سڄڻ؟ صبح سوير ٻارڙين کي ساڻ ڪري واهه جي ڪناري پهچي ويس. ارادو ڪيم، ته ٽنهي ڇوڪرين کي ڀاڪر ۾ ڀري وڏو ٽپو ڏيئي، واهه ۾ پونديس، گهڙي پل ۾ کيل ختم ٿي ويندو! پر واهه جو پاڻي ۽ ڇوليون ڏسي، دهشت طاري ٿي ويئي. هٿن پيرن مان ساهه ڇڏائجي ويو، ٽپو ڏيڻ جي همت ئي نه ٿي، ڪناري تي ويهي روئندي رهيس… وڏي ڇوڪريءَ پڇيو:

”ڇو ٿي روئين امي؟ پاڻ ڇو هتي آيون سين؟“

چيومانس، ”روز روز جي مصيبتن کان بيزار ٿي پيئي آهيان، اڄ پاڻ واهه ۾ ٽپو ڏيئي، خودڪشي ڪنديون سين…!!!“

ٻڌڻ شرط، هُوءَ ”نا امي… نا امي…“ چوندي، رڙيون ڪندي، ڀيڻن کي گهلي، بند تان لهي، هيٺ وڃي بيٺيون. هنن جي حالت ڏسي سوچيم، مون کان پوءِ هنن معصومڙين کي ڪير سنڀاليندو، ڪير هنن جي حفاظت ڪندو؟ وحشي بدمعاش هنن جي عزتن سان کِلواڙ ڪري، برباد ڪري ڇڏيندن. منهنجي سهاري جي هنن کي سخت ضرورت آهي. اهو سوچي موٽي آيس. روزگار جو ٻيو ڪو ذريعو هو ڪونه، انڪري وري پنڻ شروع ڪيم، ائين ئي اُن رات پڪڙجي ٿاڻي پهتي هئس… قسمت چڱي هئي جو اوهان پهچي ويا هئا، نه ته سپاهي سڄي رات مون سان ’راند‘ کيڏندي، صبح تائين مون کي لاش ڪري ڇڏين ها…!“

”ڪجهه عقل کان ڪم وٺين ها، ته شايد ڪو عزت وارو ڪم به ملي وڃئي ها، ٻيو نه ته، رڳي سلائيءَ واري مشين وٺين ها، تڏهن به چڱي روزي ڪمائي وٺين ها، هروڀرو پاڻ کي گند ۾ ڪيرائي ڪِنو ڪيو اٿئي.“

”مجبوري انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائي ٿي سائين، نه ته گند ۾ ڪرڻ جو شوق ڪنهن کي ڪونه هوندو آهي… سچ پڇو ته دنيا ڪوئلي جي کاڻ ٿي پيئي آهي، انسان لک ڪوشش ڪري تڏهن به ڪٿان نه ڪٿان، ڪونه ڪو داغ لڳي ٿو وڃيس…! پارسائيءَ جي دعويٰ ڪير ڪري ئي نٿو سگهي… ماءُ غريب ۽ مجبور هوندي به پنهنجي ٻچن کي، بک ۽ بيماريءَ ۾ ڦٿڪندي نٿي ڏسي سگهي. مانيءَ جي لولي ۽ دوا جي چمچي لاءِ هُوءَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. اُن گهڙيءَ هن جي نظر ۾، عزت، آبرو ۽ حيا، شرم جهڙا لفظ، بلڪل بي معنيٰ ٿيو ٿا پون… اِهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ جهان هوندو آهي سائين، اِن جي پيڙا کي اُهوئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن تي اهڙو وقت گذريو هجي…!!“

هن جون اکيون ٽِمي پيون، شاهنواز به سندس ڏک کي محسوس ڪرڻ لڳو.

”حيرت آهي، ڏک کي رڳو تنهنجو گهر ئي ڇو پسند اچي ويو؟ الائي ڇو، مون کي تون ڀٽائيءَ واري گوندر وَل جي گُري پئي لڳين…!“

”سڀ قسمت جا کيل آهن سر، اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته اسان تي اهڙو وقت به ايندو… هڪڙو عرض ڪيان سر جي اجازت هجي ته؟

”چؤ…؟“

”عيد اچڻ واري آهي، منهنجي ٻچن کي عيد ڪرايو سائين، مارڪيٽ ۾ ٻارن جا هلڪي ڪوالٽيءَ وارا سستا ڪپڙا به هوندا آهن، هنن کي نوان ڪپڙا وٺي ڏيو. خوش ٿي دعائون ڏيندوُ… اوهان ته هونئن به غريبن جي مدد ڪندا هوندؤ…“

”سوچيندس، پر واعدو نٿو ڪري سگهان.“

”ڇو سر؟ واعدو نه ڪرڻ جو سبب؟“

”غريب ۽ لاوارث ٻارن جي مٿي تي، همدرديءَ مان ماڻهو هٿ ته رکن ٿا، پر پوءِ اڳتي هلي انهن جا ايترا ته وارث ۽ مٽ مائٽ نڪري ٿا پون، جو مدد ڪرڻ وارو شريف ماڻهو، عذابن ۾ اچي ٿو وڃي. طرحين طرحين جا الزام ۽ بُهتان هڻي، هن کي ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ گِهلي، ذليل ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا تي به بدنام ڪيو ٿو وڃي، اهڙي ڀلائيءَ کان ماڻهو پري ئي رهي ته چڱو.“

”اهڙي ڳالهه ڪانهي سر، آئون ماءُ هنن سان گڏ آهيان، ٻيو ڪو مٽ مائٽ اٿنِ ئي ڪونه، ته بدنام ڪير ڪندو؟“

”چڱو ڏسون ٿا اِن ڳالهه کي… عيد کان ٻه ڏينهن اڳ، وٺي اچينِ، ڪجهه نه ڪجهه وٺي ڏيندوسانِ.“

”لک مهربانيون سائين، رب ججهو ڏيندوَ.“

سيٺ جي دلاسي تي خوش ٿي هُوءَ موٽي ويئي. گهر پهچي ٻارڙين کي چنبڙي پيئي، هنن جا وار ڪٽي، سيٽ ڪيائين. کوکي ۾ پيل ڪپڙن مان چڱيرڙا ڪپڙا ڳولي ڪڍي، ڳنڍ ٽوپ ڪري، ڌوئي استري ڪيائين، ٻن ڏينهن بدران، پورو هفتو عيد کان اڳ، ٻارڙين سميت هُوءَ ڪراچي پهچي ويئي. ڀورين اکين، سونهرن وارن واريون، سواتي صوفن جهڙيون ٻارڙيون، پراڻن سادن ڪپڙن ۾ به شهزاديون پئي لڳيون. هنن کي ڏسي، شاهنواز کي پنهنجي پياري ڪائنات اکين اڳيان اچي ويئي. خاص ڪري ثمرين ته هن جي همعمر، هن جيان سنهڙي سيپڪڙي، چنچل ۽ ڪيوٽ هئي. شاهنواز جو من ڀرجي آيو، پر ڏک جي اُٿندڙ لهر کي گُهٽي وڌائين.

”رشيده، مڃڻ ۾ ئي نٿو اچي، هي گوريون، چِٽيون گولڊن گرلس، تنهنجي پيٽان ڄايون آهن…!“

”سڀ ائين ٿا چون سر، اصل ۾ هي پنهنجي بابا تي ويون آهن، گل بخت خان جو رنگ به اهڙوئي هو.“

”اڇا… تڏهن هي پهاڙي پريون ٿيون لڳن، ماشاءالله، ادب احترام به ڪمال جو اٿنِ.“

”اِنهن جي ڪري ته سر، مون پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو آهي!“

”نالا ڇا ڇا اٿنِ؟“

”هيءَ وڏي نسرين آهي، هيءَ ٻيون نمبر عنبرين آهي ۽ هيءَ پِتڪڙي ثمرين آهي.“

”واه، نالا به سڀ سُر ۾ رکيا اٿئي! ثمرين، هيڏي آءُ پٽ.“

هن شرمائيندي، انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.

”ڇو پٽ، ڇو نٿي اچين؟“

”توهان ڌاريا آهيو، امي ٿي چوي، ڌاريي ماڻهوءَ وٽ ناهي وڃڻو.“

”اوهه، ايڏي پرهيز…! رشيده، هيءَ ڇا ٿي چوي؟“

”ها سر، اها پرهيز به هنن جي تربيت جو حصو آهي، اوهان کي خبر آهي ته اڄڪلهه معصوم ٻارڙين سان به، ماڻهو ڇا ڇا نٿا ڪن… اِنڪري، هنن کي اهو به سمجهائڻو پيو.“

”اِن جو مطلب ته آئون به ڌاريو ٿيس نه؟“

”اڃا ته آهيو نه سر. پنهنجو ڪري پيار ڏيندؤ نه، ته هنن جو اِهو خوف لهي ويندو. تڏهن ئي اوهان کي ويجهو اينديون.“

”واه، خوب! اوهان جي تربيت واقعي لاجواب آهي.“

شام جو هنن کي وٺي، هو جامع ڪلاٿ مارڪيٽ پهتو، جتي هر طرف دوڪانن ۾، ٻارن جا خوبصورت لباس ٽنگيل هئا. پهرئين ته هنن کي سڄي مارڪيٽ جو سير ڪرايائين. ان بعد وڏي دوڪان ۾ داخل ٿيا. هر ٻارڙيءَ پنهنجي پسند جو لباس کنيو، ته ماءُ پريشان ٿي ويئي، ته ڇو ٿيون ايڏا قيمتي وڳا کڻنِ، پر شاهنواز کيس روڪي وڌو:

”ڇو ٿي روڪينِ رشيده؟ ڇڏي ڏينِ، پنهنجيءَ پسند تي جيڪي وٺڻ چاهينِ ٿيون، ڀلي اهوئي وٺنِ، پئسن جو فڪر نه ڪر.“

”سر، جيڪي قيمتي وڳا هي کڻن پيون، ايترو ته اسان لهون به ڪونه ٿيون، هر شيءِ پنهنجي حال سارو وٺڻ گهرجي.“

”خوش ٿيڻ ڏي معصومن کي هنن تي خرچ ڪري، آئون کُٽي ڪونه پوندس. ننڍڙيون راضي ٿيون، ته معنيٰ رب راضي ٿيو. جي رب راضي ٿِي ٿو پوي، ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟“

ٻه ٻه جوڙا پسند تي وٺڻ کان پوءِ، هنن سينڊل، چوڙيون، ميندي، پونيون، ڪِلپون، ڪانٽا ۽ سرخي پائوڊر کان علاوه ڪجهه رانديڪا به ورتا.

”تون به پنهنجي لاءِ ڪجهه وٺ نه.“ هن رشيده کي چيو.

”سر، هنن مارڪيٽ سڄي کڻي مٿي تي کنئي آهي، اُهو خرچ گهٽ آهي، جو مٿان آئون پنهنجي لاءِ به وٺان؟“

”الله مالڪ آهي، پئسن لاءِ ڪونه ڇڏيندو. ڪجهه ته وٺ.“

شاهنواز جي زور ڀرڻ تي ٻه جوڙا ڪپڙن جا هُن پنهنجي لاءِ به ورتا. ان کان علاوه سينڊل، چوڙيون، شئمپو ۽ ڪجهه ميڪ اپ جو سامان به ورتائين.

آخر ۾ خوبصورت سوٽ ڪيس وٺي، سامان ان ۾ وجهي، گاڏيءَ ۾ رکيائون.

”هاڻي ڇا پروگرام آهي، کائڻ پيئڻ جو آهي ڪو موڊ؟“

”انڪل، آئيس ڪريم کائينديون سين.“ عنبرين وات پاڻي ڪندي چيو.

”خاموش بدتميز! هيڏو خرچ ڪرائڻ کان پوءِ وري آئيس ڪريم، صفا لنگهياڻيون ٿي پيون آهيو، ايترو به ڪنهن کي تنگ نه ڪجي جو…“

”ڇو ٿي دڙڪا ڏينِ؟ اهائي ته عمر آهي کائڻ پيئڻ ۽ انگل آرا ڪرڻ جي، منهنجي به دل گهري پئي ته آئيس ڪريم کائجي.“

هو ڦري، برنس روڊ تي آئيس ڪريم پارلر پهتا. واپسيءَ تي قائدِ اعظم جي مزار جو سير به ڪرايائينِ، بيشمار تصويرون ۽ سيلفيون به ورتائين. اِن دوران هنن جي وچان اجنبيت واري وِٿي ختم ٿي ويئي. هُو گهر جي سربراهه وانگر، هن کي چنبڙنديون رهيون. گهر پهچي هنن سمورو سامان کولي ڏٺو. نوان ڪپڙا ۽ سينڊل پائي، شيشي اڳيان، نازن ادائن سان ڪئٽ واڪ ڪري دل خوش ڪنديون رهيون. شاهنواز وري به سندن تصويرون ورتيون… اهو گهر، جيڪو عرصي کان انساني چُرپُر ۽ آوازن کان وانجهيل ۽ محروم هو، جنهن کي پاڙي وارا ’ڀُوت بنگلو‘ سڏيندا هئا، اوچتوئي اوچتو ٻارڙين جي ٽهڪن شرارتن ۽ کِلڪارين سان گونجڻ لڳو. گهر ۾ هرطرف هنن جون چپلون، سينڊل، ڪپڙا ۽ رانديڪا ٽِڙيل پکڙيل نظر اچڻ لڳا…

شاهنواز کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته گهر ڇا هوندو آهي، زندگي ڇا ٿيندي آهي، خوشي ڇاکي چئبو آهي؟ هو پاڻ به ٻار ٿي، ٻارڙين سان کيڏڻ لڳو…

”منهنجو خيال آهي ته هاڻي مانيءَ لاءِ نڪرجي، هن کان پوءِ ننڍڙين کي ننڊ اچي ويندي.“

”ڪا ضرورت ڪانهي هلڻ جي سر، آئيس ڪريم، سموسا، پڪوڙا ۽ برگر کايو ويٺيون آهن، بک ڪانه اٿنِ، اوهان ڀينڊيون ۽ چماٽا وٺي اچو، ماني آئون پچائي ٿي وٺان. طلب هوندنِ ته به ٻه گِرهه کائي وٺنديون.“

”سٺو نٿو لڳي، اوهان جي ته دل پڪي آهي، ٻارڙيون اسان وٽ مهمان آهن، ڀينڊيون ڇا سوچينديون؟“

”ڪجهه ڪونه سوچينديون، هروڀرو هوٽلن ۾ پئسا ضايع نه ڪريو سر، ڪجهه بچت به ڪندا ڪريو.“

”اهڙي بچت ڪيون ها ته هينئر شهر ۾ اسان جون پلازائون نه هجن ها! تيار ٿيو، ته عثمانيه ٿا هلون.“

”ڪٿي به ڪونه ٿا هلون سر، ٿڪجي چُور ٿي پيون آهيون، هلڻ لاءِ دل نٿي چوي، اوهان وڃي ڀاڄي وٺي اچو، گهر ۾ ٿا رڌيون.“

”مجبوراً هن کي وڃڻو پيو، ثمرين ۽ عنبرين کي به پاڻ سان گڏ وٺي نڪتو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڀينڊين، چماٽن بدران، شاهي پيزا وٺي موٽيو. ٻارڙيون پيزا ڏسي، ڪپڙن ۾ نه پيون ماپن. هنن پهريون ڀيرو پيزا ڏٺو! کائي پِي خوش ٿي، ثمرين ۽ عنبرين ته شاهنواز جي بيڊ تي ئي سمهي پيون. ماءُ هنن کي کڻڻ آئي ته هن منع ڪري ڇڏيس.

”سر سڄي رات پاسا ورائيندي، لتون هڻندي، اوهان جي ننڊ ڦِٽائينديون رهنديون، ڇڏيو ته هُن پاسي کڻي وڃان.“

”ننڊ ته اسان جي هونئن ئي ڦِٽل آهي، اڄ هنن ڦِٽائي ته ڇا ٿي پيو. سمهڻ ڏينِ.“

هُو ٻنهيءَ جي وچ ۾ سمهي پيو، اڌ رات جو سماءُ لهڻ خاطر رشيده آئي ته شاهنواز گهريءَ ننڊ ۾ هو، هن ثمرين کي ڀاڪر ۾ ڀري، سيني سان لڳائي رکيو هو، عنبرين جا مُڙيل گوڏا، هُن جي پُٺيءَ سان لڳل هئا. منظر ڏسي هن کي خوشگوار حيرت ٿي ۽ ٿوريءَ دير تائين مُرڪندي، هنن کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ چادر ڇڪي، هنن مٿان وجهي، دعائون ڏيندي موٽي ويئي…

صبح ساڻ اُٿي هُوءَ واپسيءَ جي تياري ڪرڻ لڳي. ٻارڙين جا ڪپڙا چپلون، رانديڪا ڳولي، ڇنڊي، ڦوڪي شاپرن ۽ پئڪيٽن ۾ وڌائين. شاهنواز نيرن لاءِ حلوو، پُوريون، ڇولا ۽ ڌؤنرو وٺي آيو. ان دوران رشيده پنهنجين، ٻارڙين کي تيار ڪري ورتو، وڃڻ کان اڳ، هنن مهربان انڪل کان ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئي ته سڀني جا نيڻ ڀرجي آيا. شاهنواز جون اکيون نَم ٿي ويون، رشيده ڀريل ڳلي سان چيو:

”سالن کان پوءِ سک جون ڪي گهڙيون نصيب ٿيون هيون. ٻارڙين جو ته خوشيءَ مان پاءُ رت وڌي ويو آهي. اسان کي هتي ئي رهڻ ڏيو سر، ٻارڙين سان گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندوَ، اوهان جي دل به وندري پئي هوندي. آئون به اوهان جي خدمت ڪندي رهنديس، اوهان جي پسند جا طعام تيار ڪري کارائيندي سانوَ.“

”هينئر عيد جون سموريون تياريون ڪري ويٺيون آهيو، عيد ڀلي پنهنجي گهر ۾ وڃي سڪون سان ڪريو. بعد ۾ ڏسنداسين ته ڇا ٿو ڪري سگهجي.“ هن خاموشيءَ سان عيد لاءِ ڪجهه رقم رشيده کي ڏني.

”جيڪا اوهان جي مرضي سر، اسان جون ته هر وقت دعائون اٿوَ.“ هن بيوسيءَ مان چيو.

هو گاڏيءَ ۾ ويهي، صدر واري لاري اڏي تي پهتا، ٽڪيٽ وٺي کين ڪوچ ۾ ويهاري، شاهنواز ڳؤريءَ دل سان موٽيو… گهر پهچي دروازو کوليائين ته پنهنجو ئي گهر کيس کائڻ آيو! ٿوري دير اڳ، جنهن گهر ۾ ٽهڪ هئا، مُرڪون ۽ شرارتون هيون، خوشيءَ ڀريا هنگاما هئا، اهوئي ساڳيو گهر کيس موهن جي دڙي جيان اُجڙيل اُجڙيل ۽ کنڊر کنڊر لڳو! هن کي لڳو ڄڻ گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، رشيده زندگيءَ کي ڪک پَن وانگر، ٻُهاري کڻي ويئي هجي…!!

حيرت ۽ افسوس مان ڏسندي، ڪي گهڙيون ته بيٺوئي رهيو…

ڪپڙا بدلائڻ لاءِ الماري کوليائين ته وات مان رڙ نڪري ويس:

”اڙي…!!“ الماريءَ جي ڪنڊ ۾ ثمرين جي ڀورن وارن واري گُڏي، پئڪٽ ۾ مُرڪي رهي هئي، جيڪا هن کان وسري ويئي هئي…

ثمرين جي شڪل ۾، هن کي پنهنجي ڪائنات جي جهلڪ نظر ايندي هئي، اِن ڪري هو ساڻس خصوصي اُنس رکڻ لڳو هو. هن جي گُڏي کڻي هو تيزيءَ سان نڪتو. ڪراچيءَ جي ’مين بس ٽرمينل‘ تي پهچي ٽائيم ڪيپر کان ڪوچ بابت پڇيائين، جنهن ٻڌايس ته اها ڄاڻ اچڻ واري آهي، ڪجهه ئي منٽن ۾ ڪوچ پهچي وئي. هن شيشي مان هٿ لوڏي، گُڏي ڏيکاري ته هنن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. ثمرين ۽ عنبرين، ماڻهن جي پيهه مان گُهت هڻي، زوريءَ نڪري آيون. هن ٻنهيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري، گُڏي ثمرين جي حوالي ڪئي ۽ رشيده کي لهڻ جو اشارو ڪيائين ته هوءَ تڙتڪڙ ۾ ٿيلهيون کڻي نسرين کي ساڻ ڪري لهي آئي.

”ڇا ٿيو سر؟ وري خير ۾ موٽيا آهيو؟“ هن پريشانيءَ مان پڇيو.

”وٺڻ آيو آهيان اوهان کي، واپس هلو.“

سڀني جا منهن خوشيءَ مان ٽِڙي پيا. هن ڪنڊڪٽر کي بيگ ڪڍي ڏيڻ لاءِ چيو ته رشيده دانهن ڪئي:

”سر ڀاڙو به واپس وٺوسِ نه.“

”عيد جو موقعو آهي، ڀاڙو ڪونه ڏيندو، خواه مخواه ڦڏو ٿيندو، اچو ته هلون.“

هلو کِلندي، مُرڪندي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺا. ثمرين ٽپ ڏيئي هن جي هنج ۾ ويٺي. اسٽيئرنگ ۾ هٿ وجهي، گاڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي… فليٽ جي در کلندي ئي هو ائين ڊوڙي اندر گهڙيون، ڄڻ پنهنجو گهر هجينِ! هو گلن، ٻوٽن، مڇين ۽ پکين کي ڏسي، انهن سان ڳالهائي ٻولهائي، واپس ڊرائينگ روم ۾ آيون ته ثمرين کي کڻي جهوليءَ ۾ ويهاري، شاهنواز شفقت مان سندس مٿي تي چمي ڏني، جواب ۾ هن به سندس ڪنڌ تي چمي ڏني، ته هن جا چوڏنهن ئي طبق روشن ٿي ويا. اِن جاءِ تي هن جي لاڏلي ڌيءَ ڪائنات ئي کيس چُميون ڏيندي هئي. هِن کي لڳو، ڄڻ اِها چمي به ڪائنات ئي ڏني آهي…!! سندس گلي جي کليل بٽڻ کي بند ڪندي، انتهائي معصوميت مان ثمرين چيو:

”انڪل… اوهين… اوهين… اوهين نا…!

”پٽ، اڳتي به چؤ نه، رڳو اوهين تي ئي ڇو سُئي اَٽڪي پيئي اٿئي؟“

شاهنواز جي هُشيءَ تي، هن وري ڪوشش ڪئي:

”انڪل، اوهين نا، اميءَ سان شادي ڪري، اسان جا اَبو ٿي وڃو نا…!“

رشيده ڇِرڪي پيئي، شاهنواز جي مغز مان ٺڪاءُ نڪري ويو! ناراض ٿيڻ بدران، مُرڪي پاٻوهه مان چيائين:

”حاضر منهنجي ماءُ، هاڻي ته اِهوئي ڪرڻو پوندو…!!“

ثمرين هن جي هنج مان ٽِپ ڏيئي اُٿي، تاڙيون وڄائي، چيلهه کي موڙا ڏيئي نچندي ڳائڻ لڳي:

لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾ آئون کنيو پئي اچان،

راڻل ايندم اڳ ۾ آئون نچندي اچان.

نسرين ۽ عنبرين به اُٿي، هن سان شامل ٿي ويون، تاڙين ۽ سهرن جي ڌمچر سان، ڏسندي ئي ڏسندي، گهر ۾ شاديءَ جهڙو ماحول ٺهي پيو. رشيده به جذبات کي روڪي نه سگهي، ٻنهي هٿن ۾ مُنهن لِڪائي، پنهنجي خوش بختيءَ تي سُڏڪي پيئي، شاهنواز سندس ڪلهي تي هٿ رکي، آٿت جي ٿپڪي ڏني، ته هن سندس هٿ کي ٻنهي هٿن ۾ مضبوط جهلي، چپن تي رکي، سُڪون جو وڏو ساهه کنيو…

ڄڻ سالن جي اڻانگي سفر کان پوءِ ٿڪل ٽُٽل مسافر کي، اچانڪ منزل ملي ويئي هجي…!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org