اسحاق راهي
غزل
ڪاٿي خنجر جو ڪُٺل ۽ گهور جو گهائل ڪٿي،
زندگي بڻجي پوي جو، سو ڏسيو قاتل ڪٿي.
ڪاڪ بڻجي ٿي سگهي هر جاءِ ليڪن اي نديم،
ڪاٿي آ رايو اهو ۽ آ اها مومل ڪٿي.
جنهن جي گردن ۾ ڦٻي ڦاسي اهو ڦاسي چڙهي،
ڪاڏي رُخ آ فيصلي جو ۽ رهيو عادل ڪٿي.
سر جي بدلي ڪيئن عطائي ٿو وٺي زردان ۾،
ڪٿ سخي جو خير ۽ آ مطلب- سائل ڪٿي.
مُردني جي ڪيفيت ۾ ٿي مري هر زندگي،
زخم کائي ڀي رهي زندهه اها آ دل ڪٿي.
انتظام باده اڄ صوفين جي هٿ ۾ ٿو رهي،
رند سي ڪاڏي ويا ۽ سا رهي محفل ڪٿي.
پيار جي ڪشتي حوالي ٿي وئي طوفان جي،
عشق جو دريا ڪٿي ۽ حسن جو ساحل ڪٿي.
هرڪو ”راهي“ راهه گم ڪرده نظر ايندو رهيو،
ڪاروان جو رُخ آ ڪاڏي ۽ رهي منزل ڪٿي.
مجاهد مَهَڙ
غزل
اسان جون وفائون، اوهان جون جفائون،
اوهان جون جفائون، اسان جون وفائون.
اوهان جون سزائون، اسان لاءِ هردم،
اسان لاءِ هردم، اوهان جون سزائون.
اسان جون عطائون، خطائن ۾ شامل،
خطائن ۾ شامل، اسان جون عطائون.
اوهان جون ادائون، اسان لاءِ قاتل،
اسان لاءِ قاتل، اوهان جو ادائون.
اسان جون صدائون، پڙاڏو آ ٿر ۾،
پڙاڏو آ ٿر ۾، اسان جون صدائون.
ڪيون ٿا دعائون، اوهان کي ”مجاهد“،
اوهان کي ”مجاهد“، ڪيون ٿا دعائون.
غزل
آئي آ صدا ٿر مان سڏڪن جي وري پيارا،
ٻچڙن کي ڏسي بک تي ٿي ماءُ چري پيارا.
بادل ته رسي ويا پر ڀائر به رسي ويا اڄ،
ڏس ڪيئن گهمن ويٺا هو ڪوهه مري پيارا.
بلبل جي باغن جي ڪيئن ڳالهه ڪيان يارو،
چؤطرف ڏسو سنڌ ۾ پئي باهه ٻري پيارا.
ڏس روز ڪراچي ۾ ڪونڌر ٿا پيا ڪسجن،
ڪنهن ۾ نه ڏسان ٿو، مان احساس ذري پيارا.
آ ڪوڙ ڪپت هرهنڌ سچ ڏوهه جو ڏوهاري،
سچ يار چوڻ ڪنهن کي آ ڳالهه ڳري پيارا.
آ پيءُ صفا پوڙهو ۽ ڀاءُ آ هوٽل تي،
نياڻي جي ڪلهي تي ڏس، آ گاهه ڀري پيارا.
هي ڳالهه ”مجاهد“ کي هر وقت روئاري ٿي،
مورن جا ٽهوڪا ويا، سُڏڪون ٿا ٿري پيارا.
نادر علي شاهه فراق
نعت شريف
عمر منهنجي ياخُدا ڪيئن ٿئي بسر،
شل ڪرائين ڪو مديني جو سفر.
مان مديني جون گهٽيون گهمندو وتان،
هي نظارا شل رهن شام و سحر،
آسرو آ استقامت جو گهڻو،
جو حبيب ڪبريا آ راهبر،
معجزو هي گهٽ ناهي محب جو،
چنڊ اشاري سان ٿيو هو ٻه ٽُڪر،
اڄ ”فراق، آ تنهنجي آڏو سجده ريز،
ڪر دعائن ۾ سٻاجها ڪو اثر.
چوسٽو
پڇن ٿا سڀئي نانءُ ۽ ذات منهنجي،
چوي ڇا انهن کي وائي وات منهنجي.
چون ٿا ڪٿي ٿو رهين اي ”فراق“؟
نڪا جهوپڙي آ نه محلات منهنجي.
غزل
زياده سڀن کان آ عظمت وطن جي،
ڪريو نوجوانو ڪا خدمت وطن جي.
هجي دل ۾ هرڪنهن کي عزت وطن جي،
آ هر ڪنهن تي لازم حفاظت وطن جي.
وساريو نه نُقطا وطن دوستي جا،
سراسر عبادت آ خدمت وطن جي.
انهن سرفروشن تي ناز آ ملت کي،
ٿا ڪن دل سان جيڪي حمايت وطن جي.
نظامن جي تبديلي چاهيو اگر ٿا،
ضروري ٿي آهي سياست وطن جي.
هجي درد جن کي وڻن جو اي پيارا،
انهن کي ڀلي ڏيو قيادت وطن جي.
خدا نوجوانن کي توفيق ڏي تون،
”فراق“ آ محبت به دولت وطن جي.
غزل
وري فڪر تنهنجو آ حائل ٿيو،
ستم کي سهڻ جي آ قابل ٿيو.
ٿيو عشق منهنجو نه ڪامل اڃا،
اڃا عزم ويجهي نه منزل ٿيو.
اڃا زخم تازا لڳن ٿا مگر،
وري منهنجي ويجهو آ قاتل ٿيو.
خوشي ڀي اچي ڪيئن اسان ڏي ڀلا،
سدا درد سان درد شامل ٿيو.
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون،
ملڪ ڀاڳ وارو ڀلارو ڪريون، |
ملڪ جو وارو ئي نيارو ڪريون،
ملڪ نام وَناموس وارو ڪريون، |
ملڪ جو اُوچو ستارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
ملڪ سُونهن پنهنجي ملڪ پنهن جو سُهڻو،
ملڪ لهَءِ حياتي ملڪ لاءِ آ مرڻو، |
ملڪ پنهنجو زيور ملڪ پنهنجو ڳهڻو،
اِهو هر فرد تي ملڪ جو ته لَهڻو، |
ملڪ جي ته لَهڻي جو چارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
وٺايون ملڪ جي زراعت کي زور،
محنت ڪش محبوب پارن کي زور، |
پنهوارن مزدور هارين کي زور،
زراعت هي سارن ستارن کي زور، |
وطن پاڪ گلستان وارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
ڪريون ملڪ مٺڙي کي اَن جو گدام،
رهي خوش هر هنڌ هتي جو عوام، |
ضرورت جي هرشيءَ ملي عام جام،
هُو ماڻين هردم عيدون مدام، |
اچو عيد جو سال سارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
رکون قدم اڳتي صنعت ۾ ساري،
ملڪ کي صنعتي قدم تي بيهاري، |
ڪڍون بک بيروزگاري ٻهاري،
آڻيون پاڪ ۾ سُک جو دور واري، |
نئين دور آڻڻ جو وارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
بُرايون مٽائي ڪريون صاف پاڪ،
داشي لُٽيرن کي ڪريون هلاڪ، |
سمگلنگ چوري ۽ رُشوت کان پاڪ،
حقيقت ۾ ڪريون وطن، پاڪ پاڪ، |
ڪُڌاين تي ڪڙڪي ڪو مارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
اچو زور سائنس ۾ سڀ کان ٿيون،
نظم آب وَ
بارش جو هٿ ۾ ڪريون، |
ناممڪن کي محنت سان ممڪن ڪريون،
وڄون کٽوڻ ڪڪر به قابو ڪريون، |
وسي وڏ ڦڙو جي اِشارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
هجي هر فرد هن وطن جو سپاهي،
متحد هجن شل کنڊ کير کائي، |
جوان ”شيخ“ معصوم ۽ مرد مائي،
عدوءَ لاءِ سي هردم بنجن تباهي، |
ملي دشمنن تي ڦوهارو ڪريون،
اچو ته ملڪ جو سڌارو ڪريون.
انجم قاضي
غزل
حسين روز ڪيترا حجاب پيا ٽڙن اڃا،
اسان جي دل مٿان سوين گلاب پيا ٽڙن اڃا.
زمين تي نه پيرَ هن، اُڏامندا وڃون پيا،
خمار نينهن جا نوان شباب پيا ٽڙن اڃا.
گهڻو اڳي گهڻو اڳي چِٽو اڃا به ياد ٿم،
چميو هو ڪنهن جي نورَ کي ثواب پيا ٽڙن اڃا.
کلان ته دل کلي نه ٿي، روئان ته دل مڃي نه ٿي،
نئي نئي ته روپ ۾ عذاب پيا ٽڙن اڃا.
جڏهن به پنهنجي نانوَ کي رکي ڇڏيو سوال ۾،
اکين ۾ ڪامڻيءَ جي جواب پيا ٽڙن اڃا.
ڏٺم جو ڪالهه اوچتو، کڻي هٿن ۾ او مٺي!
ڏنا جي مون کي تو هُيا گلاب پيا ٽڙن اڃا.
”انجم“ قدم قدم اڳيان، رهي رڳوئي ٻاٽ ته به،
اکين ۾ سوجهرن جا ڪي خواب پيا ٽڙن اڃا.
غزل
اجنبي شهر ۾ جيتري اوپري،
تو سوا ائين لڳي زندگي اوپري.
مان هوائن ۾ ڄڻ ٿو اُڏامي وڃان،
ياخدا شل نه ٿئي دوستي اوپري.
عيد تي گيد تي يا ڪنهن هوليءَ جي ڏينهن،
توبنا هر خوشي اوپري اوپري.
رات اُن سوچ ۾ مون گذاري ڇڏي،
ٿي وئينءَ ڇا سچي او مٺي اوپري.
پاڻ کي ياد هاڻي رهيو ناهيان،
ياد تنهنجي نه ٿي ڪا گهڙي اوپري.
منهنجي جيون کي ڄڻ ڪائي معنيٰ ملي،
جيئن جو کولي پڙهي هڪ چِٺي اوپري.
تون جي ناهين ته ”انجم“ کي ٻوگهلي،
ٿي لڳي ڪيتري هر گهڙي اوپري.
غزل
اونداهيءَ ۾ اونداهيءَ تي سوچي ٿو،
۽ پيادل ويندڙ راهيءَ تي سوچي ٿو.
هُنَ جي ساٿ ٽُٽڻ کان جيڪا اڳتي آ،
انهيءَ پنهنجي ڄڻ کاهيءَ تي سوچي ٿو.
ڪاهه ڪري سيلاب اچي ٿو تيزيءَ سان،
پنهنجو گهر ٿيس لاهيءَ تي سوچي ٿو.
ڇا ڇا ڏئي ۽ ڇا ڇا وقت کسي ويو آ،
گم ٿي پنهنجي هُو ماضيءَ تي سوچي ٿو.
ڪيڏي دنيا خالي خالي هُنَ کان پوءِ،
تنهائيءَ ۾ اُن ساٿيءَ تي سوچي ٿو.
پنهنجا سڀ دفن ٿي ويا اڳ مٽيءَ ۾،
ڪير اچي ٿيندو ڪانڌيءَ تي سوچي ٿو.
ڪيڏيون رهجي ويون هِن مون ۾ ڪوتاهيون،
انجم! پنهنجي نادانيءَ تي سوچي ٿو.
جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
اچي پيار جو پاڻ اظهار ڪر،
ڪو اقرار ڪر يا ته انڪار ڪر.
چمن دل جو اُجڙي ٿي ويران ويو آ،
خدارا اچي تنهن کي گلزار ڪر.
رڳو آسرن ۾ ٿي گذري پئي،
حياتيءَ کي هاڻي نه دُشوار ڪر.
اٿئي قياس دل ۾ جي ٿورو گهڻو،
بهانا ڇڏي ڏي ۽ سَهڪار ڪر.
سزا ڪا ڏيڻ جي تون چاهين ڀلا!
کڻي آءٌ خنجر اچي وار ڪر.
اوهان تي ڇڏيو فيصلو آ پرين،
ڳنڍين جي نه ٿو پو! ڇني ڌار ڪر.
اوهان کي ئي چاهيو ۽ پوڄيو سدا،
نه ڪافر بڻائي گنهگار ڪر.
ٽُٽي ساهه جو پئي نه سَڳڙو متان!
وڇوڙي کان اڳ ۾ ڪو ويچارُ ڪر.
جِيارڻ جي چاهين ته ”تاثير“ کي،
وڇوٽيون وڌائي نه لاچار ڪر.
امتياز عادل سومرو
غزل
ڪير ڪندءِ هر بار اسان کان پوءِ وري،
نفرت بدلي پيار اسان کان پوءِ وري.
ڪنهن کي ڏيندينءَ هر هر وڍ وڇوڙن جا،
ڪنهن کان ٿيندينءَ ڌار اسان کان پوءِ وري.
ڪير ڪندو ساراهون تنهنجن زُلفن جون،
روز لکي اشعار اسان کان پوءِ وري.
ڪنهن کي هڻندينءَ ڪاوڙجي بندوق ڀري،
تلخين جي تلوار سان اسان کان پوءِ وري.
ڪنهن کي هڻندا پٿر تنهنجي پاڙي ۾،
ننڍڙا ننڍڙا ٻار اسان کان پوءِ وري.
سڪندا ساري عمر اسان جي لبڙن ڪان،
تنهنجو رُخ رخسار اسان کان پوءِ وري.
ڪهڙو ٺهندو ڪهڙو توکي سونهيندو،
سرمو ۽ سينگار اسان کان پوءِ وري.
دل جي ويراني مان ويٺي ڏسجان پئي،
سُڃ سڄو سنسار اسان کان پوءِ وري.
ڏيهه کي ڏيکارڻ ڪان ڳاڙي ڇڏجان تون،
ڳوڙها ڳل تان چار اسان کان پوءِ وري.
ڪير چڳن کي چمندو رکندو نيڻن تي،
تنهنجا آلا وار اسان کان پوءِ وري.
ڪير ڳلي ۾ ”عادل“ وانگر پائيندءِ،
ٻانهن وارا هار اسان کان پوءِ وري.
غزل
هڪ جهلڪ جنت ڏيکاري ڇڏ!
پنهنجي پاسي ۾ ويهاري ڇڏ!
تنهنجي پيار جو بيحد پياسو هان،
مون کي دل تي پيار پياري ڇڏ!
کڻ مون ڏي نيڻ نهاري ڇڏ،
مون کي سنڌو پار اُڪاري ڇڏ!
مون سان ڌار ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪر،
مون کي هٿ سان هينئن نه ماري ڇڏ!
پنهنجي پاسي مان نه اُٿاري ڇڏ،
مون کي جنت مان نه ڌڪاري ڇڏ!
منهنجي ساري عمر سنواري ڇڏ،
مون سان چار گهڙيون گڏ گهاري ڇڏ!
سَوَ سهڻيون اکيون تاڙيون ٿيون وتن،
هيءَ دل جي دَڙِي والاري ڇڏ!
مون کي قيامت مان نه گذاري ڇڏ،
منهنجي سامهوون لُڙڪ نه هاري ڇڏ!
يا مورئون مون کي ماري ڇڏ،
يا ڌار رهڻ سيکاري ڇڏ!
اِن سونهن کي چئجو ساٿ ڏئي،
هن ”عادل“ کي ته سڌاري ڇڏ!
سيد سراج
غزل
سِڌا سادا سٻاجها لفظ تنهنجي سارَ سنڌيءَ ۾،
وري ڪا ياد تنهنجي آ ٻکي ٻيهار سنڌيءَ ۾.
وڇوڙي جا سوين ورلاپَ منهنجي شاعري آهي،
۽ تون ڀي ٿي وئي آهين او وينگس! ڌارَ سنڌيءَ ۾.
سَوَن چاهيندڙن جا چَپَ چمڻ جي لاءِ آتا ٿيا،
دريءَ وٽ هوءَ سنواري آهه بيٺي وارَ سنڌيءَ ۾.
هو برگر فيملي جا فرد ڪامورا ۽ آفيسر،
ڪراچيءَ ۾ پڙهائن شال پنهنجا ٻارَ سنڌيءَ ۾.
نه ٻي ٻوليءَ ۾ ڪي اظهار جا رستا گهڙيا آهن،
اسان جي شاعري آهي ڪندي سينگارَ سنڌيءَ ۾.
غزل
هر ماڻهو اوسيئڙو آهي،
هر اک ۾ ڪو ليئڙو آهي.
او بيراڳڻ منهنجي نانگڻ،
تنهنجو ڪو جوڳيئڙو آهي؟
پڃرو ٽوڙي اُڏري ويندو،
تنهنجو پيار پکيئڙو آهي.
اوهو سامهون منهنجو گهر آ،
ڏور کان ٽمڪيو ڏيئڙو آهي.
چنڊ نه تارا خوابَ نه چارا،
ساجن وڇڙي ويئڙو آهي.
غزل
مون کي جاڳائي وري ننڊَ نه ڪَر،
ٿورڙو سوچ چري! ننڊَ نه ڪَر.
تون کليل رَهُه نه ڪڏهن ٻُوٽِ اکيون،
منهنجي پاڙي جي دَري ننڊَ نه ڪَر.
پيار جي باهه تي هٿڙا سيڪيون،
ڏِس وئي رات ٺري ننڊَ نه ڪَر.
او مسافر! اٿئي شاهي رستو،
رکي يادُن جي ڀري ننڊَ نه ڪَر.
راتِ اڌ رات اُٿي جاڳُ ”سراج“،
شاعري ڳالهه ڳري ننڊَ نه ڪَر.
غزل
جڏهن آس جا گُل ٽڙي ٿا پون،
املتاسَ جا گُل ٽڙي ٿا پون.
چنبيليءَ جي سرهاڻ آ ساهه ۾،
سندس واس جا گُل ٽڙي ٿا پون.
جڏهن درد ڪوئي ملي ٿو پيو،
ته احساس جا گُل ٽڙي ٿا پون.
ستارا ستارا لهي راتِ ٿي،
ها آڪاسَ جا گُل ٽڙي ٿا پون.
تون مڌ جيئن حواسن تي ڇانئيل رهينءَ،
مٺي! پياس جا گُل ٽڙي ٿا پون.
عبدالحئي ڀٽو
موهن جي دڙي جي موڪلاڻي
موهن جي دڙي جو ماڻهو
۽
ننڍي کنڊ جو عظيم ڏاهو
سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ کي هميشه لاءِ
الوداع ڪندي
ديس جي مظلوم ماڻهن
کي
هر وقت لاءِ اڪيلو ڪري ويو
جنهن جي وڇوڙي تي
سنڌ جا قلمڪار، صحافي ۽
ماروئڙا ڏاڍا ڏکارا آهن
۽
سڄي سنڌ سان گڏ
موهن جو دڙو به سوڳوار ۽
اُداس آهي
اهو ته سنڌي ماڻهن جي
سڃاڻ هئي
هن سنڌ جي عاشق جو
خال صدين تائين
ڀرجي نه سگهندو
ان جو صوفي ازم، تصوف
۽
انسانيت جو ڇڏيل
فڪر ۽ فلسفو
اسان جي هر واٽ تي
رهنمائي ڪندو
سوڀو ته سنڌ جو
بلند آواز هو
انهيءَ عظيم ڏاهي جي
خدمتن کي سونهري
اکرن ۾ ياد ڪري
سگهجي ٿو
اسين دنيا جي بهادر
۽
انسان دوست سوڀو کي
حياتي ۽ شاندار ۽ تاريخي
ڪردار ادا ڪرڻ تي
سرخ سلام پيش ڪيون ٿا
هي
امن ۽ محبت جو امين
هر وقت تاريخ جي
ورقن ۾
زندهه رهندو
زندهه رهندو.
سميع سجاد ميراڻي
غزل
چوڏهين رات جا چارا آهن،
چنڊ سان گڏ ستارا آهن.
جيون جي هن سخت سفر ۾،
ڪجهه ئي پَلَ سگهارا آهن.
توکي ڏسندي سرد هوا ۾،
لُونءَ لُونءَ ۾ سيڪارا آهن.
ماڻهو اُجرا ظاهر ڏسجن،
اندر تن جا ڪارا آهن.
جامُ ڪو الفت، آڇ پرين تون،
منهنجا نيڻ اُڃارا آهن.
تنهنجي ڪري ئي سڀئي تنهنجا،
”سميع، کي ڏاڍا پيارا آهن.
غزل
ڪيڏا خواب سجايا آهن،
تو بن سڀ اَجايا آهن.
سڀني وصفين سهڻو آهين،
چنڊ نه ويس مٽايا آهن.
مون توکي محبوب مڃيو آ،
تنهنجا ڪهڙا رايا آهن؟
ڏينهن به تو بن آهي اُداسي،
رات به چپ سبايا آهن.
پيار جي راهه مٽائڻ وارن،
پنهنجا دڳ مٽايا آهن.
نينهن نگر جا پنهنجي ”سميع“ کي،
توئي گسَ گهمايا آهن.
وائي
ڏي ڪا ٿڌڙي ڇانوَ
اوسيئڙي جي اُسَ ۾.
ٽُٽي پوندا تو بنا،
من مندر جا ٿانوَ،
اوسيئڙي جي اُسَ ۾.
ديد دڳن ۾ ڌر تتي،
ڪن ٿا ڪان ڪان ڪانوَ،
اوسيئڙي جي اُسَ ۾.
ڌنڌلا ٿيندا ٿا وڃن،
وڻ تي لکيل نانوَ،
اوسيئڙي جي اُسَ ۾.
موٽي مُند بهار پر،
شاعر، ڏات ۽ ڏانوَ،
اوسيئڙي جي اُسَ ۾.
وائي
منهنجي خيالن ۾،
تون ئي تون آهين.
وهندڙ ڳوڙهن جي،
سِڪ، سوالن ۾،
تون ئي تون آهين.
ڪوئي ڪونهي ڪو،
سڀني نالن ۾،
تون ئي تون آهين.
سهڻن موتين ۽،
هيرن لعلن ۾،
تون ئي تون آهين.
سڀني سازن جي،
سُر ۽ تالن ۾،
تون ئي تون آهين.
عبدالقادر قادري کٽي
غزل
هنئين سان هيج ڏيئي جي ڪريو هيڪر ته هئو سهڻا،
رئاري رت ڦڙا رُخ تي آڻيو رخسار رئو سهڻا.
بنا سُرمي جي سينگاريل کڻي ٿو نيڻ خوني ٻئي،
ڀلي سُرمي سان ڪن سينگار سارو ڏينهن سي سئو سهڻا.
ڪڍين جي گلبدن ڪنهن دم گندو گفتو نه گيني مٽ،
چپن کي چهر چکائن لئي چِڙي ڪجهه يار چئو سهڻا.
نظر سامهون هجين نرمل نهاريان تنهنجي نيڻن ۾،
ڀانيان سال ساعت ٿو ڏسڻ مان ٿئي نه ڍئو سهڻا.
ڪنڊين تَنهنجين مٿان ڪاريون وريل ڪوسيون ڪمانيون
ٻئي،
ڀرون ڀولن ڀوالن جا جهليندو ڪير ڀئو سهڻا.
سندئي ڪارين ڪٽورين ۾ ڪجل جي ناهي ڪا ڪاني،
انهن نيڻن سندو نرمل نرالو آهي نئو سهڻا.
چوي ’قادر کٽي‘ دارا اچي پيو سام سڪندر ڪيئن،
جلي سي تيخ سگهيا ڪين تنهنجو تاب تئو سهڻا.
غزل
ڇڏي هٿيار ٻيا حاڪم دوناليون کڻندو ڪر،
حُسن وارا حزينن جي هنيئن ۾ روز هڻندو ڪر.
سَمهون آ تن ڪڍي سينو ڦٽي ٻي فوج ڪر ساري،
هٿين خالي هٿيارن تي لڙي تون يار لڙندو ڪر.
تنهنجي تيرن جي تابش کان تونگر ڪئين تباهي ۾،
رکي دستور دنيا ۾ مٿان تن ڇپ ڇڻندو ڪر.
ڇڏي ڏي ڪار ڪانگن جي هنئين ۾ رک هنجن هيرو،
چوڏس چوڳ چوڻي ۾ چڱايون چُهنب چڻندو ڪر.
چوي ’قادر کٽي‘ تُنهنجي ٿيا قربان قدمن تان،
خدارا مون ته خادم کي وڍي ورڇي وڪڻندو ڪر.
خالد احمداڻي
غزل
هُوءَ ميڙڻ اچي ٿي سپيون سمنڊ مان!
پر ڀڄائي وڃي ٿي اکيون سمنڊ مان!
پير هُن جا چمڻ لاءِ هوائن سان گڏ،
ڪيئي لهرون ڪناري پڳيون سمنڊ مان!
توکي ڪهڙي خبر!؟ ڪپ تي هر لهر،
درد پنهنجا اچي ٿي کنيون سمنڊ مان!
ڇو الئه آ نراسي جي خوشبو پُڳي،
کوڙ آسون اڃا مون رکيون سمنڊ مان!
ڪي ته اڌ واٽ تي ۽ ڪنارن تي ڪي،
۽ ڪي هاڻي ئي لهرون اُٿيون سمنڊ مان!
شور ڇوليءَ جو ٻڌندي سڀئي ڇوڪريون،
خوف کائي ڪپر ڏي ڀڳيون سمنڊ مان!
هر گهڙي روح کي وڍ ڏينديون رهيون،
هُن جون سارون جيڪي کنيون سمنڊ مان!
غزل
ٿورڙي پياس سانڍجان خالد،
تڙپ ۽ تاس سانڍجان خالد.
زندگي لئه خوشي اهم ليڪن،
درد ڪجهه پاس سانڍجان خالد.
ايترو تلخ ڀي ڪڏهن نه ٿجان،
چنڊ احساس سانڍجان خالد.
سانڍجان خواب ۽ خوشيون ليڪن،
دل نه اُداس سانڍجان خالد.
روشني جون سدا ڪجان ڳالهيون،
ڪين ڪا اماس سانڍجان خالد.
غزل
ٽُٽل چوڙين جي ماتم تي،
ٻڌو آ لاڙ سڏڪي ٿو.
اکين ۾ خواب ٿا ڦٿڪن،
سڄو آکاڙ سڏڪي ٿو.
اسان جي ديس جون شامون،
هٿن سان ڪو جلائي ويو،
ٿئي آئيندو روشن ها،
ڏيئا سارا اُجهائي ويو!
اڃا ڀي تو اسان کي جيئن،
چپن تي مُرڪ ڪانهي ڪا،
وڃي ڏس پنهنجي نيڻن سان،
سنڌو ۾ سرڪ ڪانهي ڪا،
مڃون ٿا عشق تنهنجي ۾،
سموريون رونقون آهن،
سچن جذبن کان ليڪن سڀ،
اڌوريون رونقون آهن!!
وڏو ڪو درد ٿو پلجي،
قسم! وڌوا جي نيڻن ۾،
زنجيرون روز ٿيون ڇڻڪن،
هتي سچائيءَ جي پيرن ۾!
چوي ٿي هاڻ پاڳل دل،
نئون ڪو گيت ڳايون اڄ،
وساري هت انائون سڀ،
ظلم جا ڪوٽ ڊاهيون سڀ!!
اسان وٽ ڪافي وقت کان وٺي اهو مونجهارو رهندو پئي
آيو آهي ته لکڻ جي فن ۽ هنر جي ڊيفينيشن
(Definition)
ڪهڙن لفظن ۾ ڪجي ته آخر اها بلا ڪهڙي آهي. اڄ اسان
اوهان جيڪڏهن ويهي بين الاقوامي ادب تي نظر ڌريندؤ
يا اُنهن ليکڪن جي راءِ کي نظر ۾ رکندؤ ته اها
ڊيفينيشن اوهان جي اڳيان هٿ جي تريءَ وانگر چِٽي
نطر ايندي. اها ڊيفينيشن ڪجهه هن ريت بيان ڪئي
ويئي آهي ته: ”زندگيءَ جي ڏٺل واٺل، پر دماغ کان
اوجهل بڻيل ڪنڊن پاسن کي ائين
explore
ڪرڻ (کوٽي پڌرو ڪرڻ) جو اهو فن هڪڙي پاسي پڙهندڙ
جي
Aesthetic sense
(حسن جمال) کي وڃي ڇُهي ته ٻئي پاسي وري پڙهندڙ جي
حسن جمال کي نٿي ڇُهي ته پوءِ اها ڪهاڻي نعري
بازيءَ جو شڪار ٿِي ٿي وڃي ۽ پڙهندڙ انهيءَ ٺلهي
نعري بازيءَ سان ڪوبه چَسُ وٺي نٿو سگهي. جي
ڪهاڻيءَ م ڪو چس ئي نه هوندو ته پڙهندڙ ڇو پڙهي.
پر ساڳئي طرح جيڪڏهن ڪا ڪهاڻيءَ پڙهندڙ جي ذهن ۾
زندگيءَ جي باري ۾ ڪو سوال نٿي اُٿاري ته اها
ڪهاڻيءَ وندر جو ذريعو بڻجي ٿي وڃي.
عبدالقادر
جوڻيجو
ڪتاب: ”وارياسا وجود“ ص 12
تان کنيل |