ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
سنڌي
نئين ڪويتا ۾ سنڌ جي ساروڻي
سنڌيءَ ۾ نئين ڪويتا جي شروعات 20 صديءَ جي ستين
ڏهاڪي ۾ ٿي. هر دور ۾، ادبي تخليق جو رجحان
بدلجندو رهي ٿو. هر دور، ٻئي دور کان نرالو ٿئي
ٿو. سڀاويڪ ادب ۾ به بدلاءُ اچي ٿو. اهو ئي سبب
آهي جو سجاڳ قلمڪارن وٽ، اڄ جي زندگيءَ جا تمام
پهلو، پراڻي ۽ چُڙيل سخن جي لباس کي ڇڏي، پنهنجي
نئين انداز، پنهنجي نئين طرزِ بيان سان، زندگيءَ
جي روبرو ٿي، ادبي تحرير ۾ احساسن جي ترجماني ڪن
ٿا. جدت جي اهائي سڃاڻپ آهي. جديد فڪر، اظهار جي
نواڻ طلبي ٿو. جديد سوچ ۾، نئين صورتحال جي
ترجماني ۽ ان جي منظرڪشيءَ ۾، اڄ جي زمان جي
زندگيءَ جي لرزش جو احساس ملي ٿو. لفظن جي معنيٰ ۽
مفهوم ۾ تازگي جهلڪي ٿي. جديد شاعر، لفظي فني
ڪماليت بدران، پنهنجي احساسن جي بنياد تي، اظهار
جو محل اڏي ٿو.
هند- سنڌ جي ورهاڱي کان پوءِ ڳپل سمو، جيڪا شاعري
اسان جي اڳيان آئي، سا لڳ ڀڳ سموري عروض جي قاعدن
تي ٻڌل هئي ۽ اُنهن شاعرن وٽان آئي هئي، جيڪي سنڌ
۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا.
نئين ماحول ۾ فنڪار کي نئون ٿيڻو ئي پوندو آهي.
سماجي، سياسي، تهذيبي، ڌرمي دٻاون سبب تخليقڪار
نين راهن تي گامزن ٿين ٿا. اُتان ئي جديد ادب جو
آغاز مڃڻ کپي. اڄ جي ادب ۾، جدت جو جيڪو حوالو پيش
ٿئي ٿو، سو در حقيقت اڄ جي زندگيءَ ڏانهن وڌيڪ
ويجهو آهي، جنهن ۾ سهانڀوتيءَ جي ڪمي آهي. جديد
زمان ۾، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سبب، انسان
جي ٻاهرين پسگردائيءَ ۾ جيڪي تڪڙيون تبديليون آيون
آهن، تن اِنسان جي ويچار ۽ وهنوار ۾ ڪافي ڦيرو آڻي
ڇڏيو آهي. سائنس، اِنساني زندگيءَ ۾، نئين سوچ جا
دائرا وسيع ڪيا آهن، جنهن ڪري زندگيءَ جي مفهوم ۽
انساني جوابدارين ۾ تبديل اچي ويئي آهي. اهي نيون
تاريخي حالتون، هڪ ’نئين انسان‘ کي گهڙي رهيون
آهن، جنهن کي اسين نئون يا جديد ساهتيه ڪوٺيون ٿا.
سو انهيءَ نئين شخص جي شعور سان ئي وابسته آهي.
اهو ادب اسان کي تيستائين سمجهه ۾ نه ايندو،
جيستائين اسان اُنهيءَ نئين شخص کي نه سمجهيو آهي.
اڄ جي شخص جو ’اندر‘
پنهنجي ’ٻاهر‘ سان دوبدو آهي. اڄ جي اديب، پنهنجين
رچنائن ۾، انهيءَ ڪشمڪش کي اظهاريو آهي. ليکڪ خود
انهن حالتن کي گهڙيو ناهي، صرف ان جي مفهوم کي
سمجهايو آهي. جيئن فرينچ ليکڪ سارتر لاءِ چيو ويو
آهي ته هن پنهنجي پيڙهيءَ جي نراشا، خوف، تاڻ،
گهاوَ وغيره جو اظهار ڪيو آهي، ان کي خلقيو ناهي،
صرف واجب سمجهي واڻي ڏني آهي.
اڄ نئين شعور جي اظهار جي ڪوشش ۾، لفظن کي نئين
معنيٰ ملي آهي. اڄ جڏهن جديد قلمڪارن جي ٻوليءَ کي
نه سمجهڻ جي شڪايت ڪئي ويندي آهي ته مان سوچ ۾
پئجي ويندو آهيان. جنهن ٻوليءَ لاءِ اسان کي شڪايت
آهي، ان جو هر هڪ لفظ، جيڪڏهن اسين الڳ الڳ ڪري
ڏسنداسين ته انهن جي معنيٰ اسان کي ڄاتل سڃاتل
معلوم ٿيندي. پوءِ لفظن يا ٻوليءَ جي ڏکيائي ڪيئن
چئبي؟ ڏکيائي ته شعور جي آهي، جيڪا لفظن کان پري
آهي، گرامر کان پري آهي. ٻين لفظن ۾ اها پل پل
بدلجندڙ شخص جي شخصي ۽ سماجي شعور کي سمجهڻ جي
مشڪلات آهي.
اڄ جو ليکڪ، پنهنجي ماحول کي صحيح حوالن ۾ ڏسڻ جي
ڪوشش ۾ سرگردان آهي. هر فنڪار زماني ۽ زندگيءَ سان
جڙيل آهي. زندگيءَ جي هر موڙ تي فنڪار ڪجهه نه
ڪجهه نئون پائي ٿو ۽ موٽ ۾ ادبي نواڻ آڻي ٿو. اڄ
ليکڪ جي سوچ جو دائرو وسيع آهي، يعني زندگيءَ جي
هر سرحد سان سندس وابستگي پختي آهي. هو گهر، پاڙي،
ديش ۽ دنيا کي به پنهنجي سوچ جي گهيري هيٺ آڻي ٿو.
هو پاڻ تي ڪنهن به فلسفي، منووگيان، منطق يا آدرش
جو نسخائي تهه چاڙهڻ پسند نٿو ڪري، ڇو ته جدت ڪنهن
به مقرر پئٽرن کي قبولڻ کان انڪاري آهي.
اها حقيقت آهي ته سماج ۽ زمان مطابق، ڪويتا جي
موضوع توڙي بناوٽ ۾ وقت به وقت تبديلي ايندي رهي
آهي. نئين صورتحال مان پيدا ٿيل شعور ۽ ويچارن جي
وسعت کي ماپائڻ لاءِ، جڏهن شاعر کي روايتي ڪويتا
ناڪارگر لڳي ته ’نئين ڪويتا‘ جي صنف اُڀري. نيون
حالتون، سجاڳ شاعر جي ذهني روش ۾ تبديل آڻين ٿيون؛
اها ذهني تبديل ئي شاعر جي موضوع ۽ طرزِ بيان ۾
نمايان ٿِي بيهي ٿي.
سنڌ جي آزاد شاعريءَ ۾ جيئن سنڌ، سنڌي ۽ سنڌيت جي
موضوعن تي ڪافي شاعري ڪئي ويئي آهي؛ تيئن ڀارت جي
نئين ڪويتا ۾ وري سنڌ جي ساروڻي هڪ موضوع بڻجي آئي
آهي. انسان ڀونءِ بنا ويڳاڻو آهي. ڀونءِ جي ساروڻي
هردي جو ساز آهي؛ ان کي نظر انداز ڪرڻ سولو ڪونهي.
برصغير هند جي آزاديءَ واري هلچل ۽ هند- سنڌ جو
ورهاڱو سنڌي هندن لاءِ اهو ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هو، جنهن
جي زخمن جا نشان سندن بدن تان، سندن روح تان، ڪڏهن
به مٽجڻا ناهن! ان ڪري اهو سڀاويڪ هو ته ورهاڱي
کان پوءِ، جو ڀارت ۾ شعر چيو ويو، ان ۾ سنڌ ۾
گهاريل خوشگوار زندگيءَ جون يادگيريون، ڪئمپن ۾ گڏ
گذاريل ذليل زندگيءَ جو عڪس، ويجهن عزيز دوستن جو
هڪ ٻئي کان وڇڙڻ جو دک، وطن کان وڇوڙي جو درد،
روٽي روزي ۽ اجهي لاءِ ڪشمڪش، پنهنجي جنم ڀوميءَ
کي ياد ڪري هنجون هارڻ وغيره جو چٽ ملي ٿو.
گذريل صديءَ ۾، ڀارت ۾ گهڻيئي سنڌي شعر لکيا ويا
آهن، انيڪ ڪويتائون رچيون ويون آهن، جن ۾ هند- سنڌ
جي ورهاڱي ۽ ان مان پيدا ٿيل درد جو ذڪر آهي. انيڪ
شاعرن سنڌي عوام جي اُکڙجڻ جي احساس کي اظهار ڏنو
آهي. اهو چتر، ان دور جي سنڌي سماج جي تصوير اسان
جي اکين آڏو آڻي ٿو ڇڏي. ڪن شاعرن اهو چٽ، اهڙي ته
فنائتي ڍنگ سان چٽيو آهي، جو اُنهن جا احساس،
اُنهن جي سنڌ جي ساروڻي، وڇوڙي جو درد ڄڻ پاٺڪن جو
پنهنجو بڻجي ويو آهي. سنڌ مان آيل بزرگ قلمڪارن ته
پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ کي ساريو آهي ئي، پر جي ڀارت
۾ پيدا ٿيا، جن سنڌ اکين سان نه ڏٺي، تن به
پنهنجين ڪويتائن ۾، سنڌ جي سڪ جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي قوم جي داڻو داڻو ٿي وڃڻ سبب، جتي ڪٿي
ٿورائيءَ ۾ هئڻ ڪري، خود کي نٻل ۽ ٻئي درجي جو
شهري سمجهڻ جي پيڙا ۽ خود کي بي گهر محسوس ڪرڻ جي
ڀاوَ جو اظهار به نئين ڪويتا ۾ آهي.
ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻيءَ (جنم: 1922ع) سنڌي ادب جي
لڳ ڀڳ سڀني شاخن تي پنجن ڏهاڪن کان لڳاتار قلم پئي
هلايو آهي. هو ترقي پسند اديب آهي ۽ ’ڪلا زندگيءَ
لاءِ‘، اصول جو حامي آهي. مضمون جي صنف ۾ هو وڌيڪ
اُڀري بيٺو آهي؛ جيتوڻيڪ ساهتيه اڪاڊمي انعام
”ڌرتيءَ جو سڏ“ ٽه فصله ناٽڪ تي حاصل ڪيو اٿائين.
وطني حب، ڪيرت جي نس نس ۾ سمايل آهي. بقول ڪيرت
ٻاٻاڻي:
”مان موهن جي دڙي جي مٽي ۽
سنڌو درياء جي پوتر پاڻيءَ جي
پيدائش آهيان. مان سنڌي آهيان
۽ مان وشو جو انسان آهيان...... مان
سنڌو واديءَ جي پراچينتا جو شيدائي
آهيان؛ مان صوفيت جي حليمائي
آهيان، مان سنڌ جي ڳوٺاڻي سڪ ۽
قرب آهيان......“
”جيون جا ٻه ڪنارا“ ۾ هو لکي ٿو:
1947ع ۾ ملڪ جو هٿرادو ورهاڱو ٿيو. لڏپلاڻ شروع
ٿي. مون ۽ ٻين ڪن دوستن، پنهنجو وطن ڇڏڻ کان
انڪار ڪيو، ڇو جو اِها
اسان جي ڌرتي هئي، جتي هزارن سالن
کان اسان جا وڏا رهيا هئا ۽ جنهن
سان اسان جو آتمڪ ۽ سڀيتڪ رستو هو....“
ورهاڱي جو تصور ئي کيس ڏنگڻ ٿو لڳي:
ورهاڱو ڇا هڪ خسيس ليڪ هو
جنهن زمين کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهايو؟
نه، اِها خوني ليڪ هئي
جنهن ڪروڙن انسانن جي دلين کي
ڦاڪون ڦاڪون ڪري ڇڏيو
پوتر ڌرتيءَ کي چيريو
انساني جذبن کي مروٽيو
ذهنن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڀائرن جي وچ ۾ لوهي ديوار کڙي ڪئي
انسانن کي حيوان بڻايو
پنهنجن جو پنهنجن کان
رت وهايو
تاريخ جي سندر ورقن کي
خون سان رڱي ڇڏيو
ورهاڱو تاريخ جو هڪ
ڪارو بدنما داغ آهي
سياست جي ڪڙي پٽ آهي
انساني عقل تي ڇوٽ آهي
جهالت جي سوڀ آهي
مذهبي نفرت جو نشان آهي
ڌارين جي ڇڏيل لعنت آهي
شيطان جي مخول آهي.
پوپٽي هيراننداڻي (2005ع- 1924ع) سنڌيءَ جي هڪ
مشهور ليکڪا آهي. هن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي
طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جي آتم جيوني ”منهنجي
حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ تي کيس سن 1982ع ۾
مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جو انعام پڻ ملي چڪو آهي.
هن جون رچنائون سڌيون، صاف، چٽيون هئڻ ڪري، عوام
جي پسندي حاصل ڪري چڪيون آهن. زبان جي سينگار،
اجايو ٺاهه ٺوهه يا لفظي ڪلابازين ذريعي پنهنجو
بيجا لفظي جوهر جتائي واهه واهه حاصل ڪرڻ هن کي
بلڪل پسند نه هو.
پوپٽي حيدرآباد ۾ ڄائي. حيدرآباد جي هر هڪ گهٽي،
پاڙو، روڊ، باغ، ڦليلي ۽ سنڌو نديءَ جو هن جي من
تي عڪس چٽيل آهي. ’هاءِ ڙي منهنجي حيدرآباد‘ ڪويتا
۾ هوءَ بيحد جذباتي بڻجي، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي
ساري ٿي:
هاءِ ڙي منهنجي حيدرآباد
ميرن جا قبا
منگهن جي قطار، هاءِ ڙي منهنجي حيدرآباد
ڍولڻ جو باغ
ڦليليءَ جي ڌار- هاءِ ڙي....
ڍوڍو ڏهيءَ جو
چٽڻي چشڪيدار- هاءِ ڙي
ندي ته بس سنڌو
جهڙي لڏڻ نار- هاءِ ڙي.....
پوپٽيءَ وطن جي وڇوڙي جو درد ڪافي گهرائيءَ سان
محسوس ڪيو هو. هوءَ پاڻ کي پاڙ بنا وڻ ٿي سمجهي.
هوءَ چوي ٿي ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، مذهب جي آڌار
تي ڪيو ويو. ورهاڱي جو بنياد ئي غلط هو. مذهب يا
سياست جي نالي ۾ پوري قوم کي اُکوڙڻ ۽ جڙن کان جدا
ڪري، دور ڦٽو ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به ملي نٿو سگهي.
مان بي گهر سنڌڻ
اڪبر اعظم جي درٻار
۽ حسن جي سرڪار
پوءِ به
انارڪليءَ کي جيئري ئي دفن ٿيڻو پيو
ڀارت جي دلهن دهلي
۽ منهنجي گهر جوڙڻ واري اعليٰ ’موئن جي دڙي
واري سڀيتا
پوءِ به
مان سنڌڻ
بي گهر بڻجي در در ٺوڪرون کائي رهي آهيان ۽ جڏهن
هوءَ پاڻ کي ’پاڙ بنا وڻ‘ ٿي ڪوٺي ته سندس درد
گويا سموري جاتيءَ جو درد بڻجي ٿو پوي:
مان وڻ آهيان
هڪ جهور ٻڍو وڻ
منهنجون پاڙون
پري پري
ان زمين ۾ کتل آهن
جا مون کان کسي ويئي آهي
منهنجين جڙن کي
اکوڙڻ جو جتن ڪيو ويو آهي
پر اهي جڙون
هيٺ
تمام هيٺ
پاتال تائين ڦهلجي
ويون آهن
انڪري
زمين کان مٿي ئي
مذهب جي نالي واري
تلوار کڻي
مون کي ڪٽي
پنهنجين پاڙن کان
جدا ڪيو ويو آهي
هاڻي منهنجون پاڙون
اُتي آهن
۽ مان
ڪپيل ڪٽيل وڻ
هتي
منهنجا پتا سڪل
ٽاريون جهڪيل
۽ ٿڙ ڪٻو ۽ چٻو آهي
مان پنهنجن جڙن لاءِ
سڪان ٿو
۽ منهنجون جڙون
مون لاءِ تڙڦن ٿيون
جيسين اسان پاڻ ۾ ڳنڍجون
(۽ ائين ٿيندو ڪ الائي نه)
مان
پاڻيءَ ۾ گيهه جا ڦڙا وجهي
ان سان پتن کي سڻڀو
۽ ٿڙ کي
پاڻيءَ جي لٺ جي سهاري
سڌو ڪري
تازو هئڻ جو
ڍونگ ڪري رهيو آهيان
ارجن شادجنم: (2006- 1924) جو ”انڌو دونهون“ جنهن
تي کيس ساهتيه اڪادميءَ جو 1983ع ۾ انعام عطا ٿيو،
ورهاڱي جي درد ۽ پيڙا جو اڻ وسرندڙ داستان آهي.
”انڌو دونهون“ پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اها
تخليق اسان جي ٿيل آهي يعني ڪويءَ جو درد، اسان
سڀني سنڌين جو درد بڻجي پيو آهي. مان سمجهان ٿو،
اهائي هن ڇند- هيڻ لنبي ڪويتا جي وڏي خوبي ۽
ڪاميابي آهي. اهو انفرادي درد ناهي. مگر سڄي قوم
جو مجموعي رنج و غم آهي. ”انڌو دونهون“ بلند
خيالي۽ جذباتي پيڙا جو ڪلاتمڪ سنگم آهي ۽ ادبي
دنيا ۾ هڪ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ٻه سؤ پنجاهه سٽن
جي هن ڪويتا جي هڪ ٻي وڏي خوبي اها آهي ته ڪويتا
جا الڳ الڳ حصا، ڪويتا جي مرڪزي موضوع سان بلڪل
ڳنڍيل آهن، تنهنڪري هن وڏي ڪويتا جي مڪمل تاثير جي
تقويت ۾ بيحد اضافو آيو آهي.
سنڌي جاتيءَ هڪ اها مها ٽرئجڊي به ڏٺي آهي، جنهن
ڀارت جي آزاديءَ جي سپنن تي ورهاڱي جي منحوس ڇايا
وجهي ڇڏي. هڪ سڀيه جاتي منٽن ۾ پنهنجي اعليٰ سڀيتڪ
ورثي کان ڪٽجي داڻو داڻو ٿي، دربدر ٿي ويئي. ارجن
شاد جي ”انڌو دونهون“ ۾ ورهاڱي بعد سنڌين جي
ٽرئجڊيءَ جي، بيگانيت ۽ بي وسيءَ جي دل ڏاريندڙ
تصوير پيش ڪيل آهي. شاد سنڌ سان محبت کي عظيم ورثو
سمجهي سانڍي رکي ٿو.
وڇوڙو
هڪ اهڙو درد آهي
جيڪو ڏيکاري نه ڏئي به
ڪڏهن اهڙي ڏيکاري ٿو ڏي
جو انسان ائين ٿو محسوس ڪري
ته هيءُ درد
ڪهڙي به خوشيءَ جو مفهوم
اجاڙي ختم ڪري ٿو ڇڏي.
”انڌو دونهون“ ۾ شاعر جلاوطن فرد جي ڪيفيت کي تمام
اونهائيءَ سان پڪڙي سگهيو آهي. ان ۾ ’مان‘ کي شاعر
اهڙي ته سجاڳيءَ سان پيش ڪيو آهي، جو اهو سنڌي
هوندي به، ڪنهن به جلاوطن قوم جي فرد جي نمائندگي
ڪرڻ ۾ قابل بڻيو آهي:
هيءَ فرياد به هڪ اهڙي فرياد آهي
جنهن جي ٻڌڻ واسطي
ساري دنيا جي ڪورٽن جا منصف
انصاف ڏيڻ کان عاجز ٿي ويندا
جوابدار ڪنهن کي ٺهرائجي
سياست جي سوديبازيءَ کي
يا ڌرم ۽ مذهب کي
صدين کان گمراهه ڪندڙ
حرفت بازين کي
جوابدار کي شڪل هوندي به
شڪل ڪانهي
ان ڪري هو تلوار هٿن ۾ کڻي
بي لغام قتل ڪندو رهي ٿو
ڪڏهن ڪڏهن ابهم کي
پيءُ ماءُ کان جدا ٿو ڪري
ته ڪڏهن ڪنهن نوُ ورنيءَ کي
پنهنجي گهوٽ کان الڳ ٿو ڪري
ڪڏهن ڀيڻ کي ڀاءُ کان
ته ڪڏهن پريتم کي پريتما کان
پري ٿو ڪري
انڌي دونهين جيان
چوڌاري ڦهلجندو رهي ٿو
۽ ڪنهن جي پڪڙ ۾ به نه ٿو اچي
ميدانن يا مندرن يا مسجدن مان نڪري
انسان جي ساري جسم ۾
زهر ڀري ٿو ڇڏي.
جيءَ جي اها جلاوطني، شاعر کي ڀوڳرائي ٿي. هو وطن
جي ياد کي سياسي ليڪن کان مٿي ٿو سمجهي. هو چوي ٿو
ته سنڌ جو نقشو، سندس دل جي خون سان چٽيل آهي، جو
ڪڏهن به سندس من تان ميسارجي نٿو سگهي. ارجن شاد
وطن جي ياد ۾ چوي ٿو:
هي سياسي ليڪا جڙي ٿا سگهن
ته ڊهي به ٿا سگهن
ڇو جو اهي ڪاغذ تي جڙن ٿا
۽ ڪاغذ تي ڊهن ٿا
منهنجي سنڌ جو نقشو
ڪاغذ جو نقشو نه آهي
اهو منهنجي دل جي خون ۾ چٽيل نقشو آهي
جو ڪڏهن به ڊهي نٿو سگهي
منهنجي دماغ ۾ سمايل
اتهاس جو عطا ڪيل
قائم ۽ دائم ورثو آهي.
جڏهن هن ڪو کيس سنڌ کي وسارڻ جي صلاح ٿو ڏئي ته
شاعر للڪاري چوي ٿو:
غدار ڪير آهي؟
جيڪو پنهنجي وطن کي ياد نٿو ڪري
يا اهو
جيڪو وطن کي
پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پيارو ٿو سمجهي؟
سنڌ ڇا آهي؟
اها مون کي خبر آهي
ڀارت ڇا آهي؟
مون کي خبر ڪانهي
گجرات آهي؟
مهاراشٽر آهي؟
ڪيرل آهي؟
يو. پي. آهي؟
بينگال آهي؟
پنجاب آهي؟
مون کي ڪائي خبر ڪانهي.
ها، اها خبر اٿم
ته ’سنڌ‘ ڀارت جو حصو نه آهي
پر مان ته سنڌي آهيان
پوءِ منهنجو ديش ڪهڙو؟
ايم. ڪمل (0/20- 1925ع) جي شعر ۾ به سنڌ جي سار
ملي ٿي. سنڌ کي ساريندي شاعر رُنو ۽ رڙيو ڪونهي ۽
نه ئي پٽ پاراتا ڪڍيا اٿائين؛ پر سنڌ کي ساريندي
مايوس ۽ ملول اَوس ٿيو آهي:
ٻئي لهسيا آهيون
اتهاس جي تابش ۾
تون، پل پهر سڏ ڪي
دل ۾ سور پي چپ ٿي ويو آهين
مان اڃا تائين
لفظن ۾ رئان پيو ٿو.
ايم. ڪمل جي غزلن ۾ به سنڌ جي سار ملي ٿي. شاعر
غزلن ۾ مجموعي قوم جي تصوير پيش ڪندي، عمدو تمثيلي
ڪلام چيو آهي. اُتي شاعرانه فڪر، نهايت سادگيءَ
سان پيش ڪيل آهي.
’وطن ڇڏڻ ويل‘ ڪويتا ۾، ايم. ڪمل سنڌ جي الوداع
ڪرڻ جو، نهايت سوز ڀري نوع ۾ اظهار ڪيو آهي:
سڀ سامان ٻڌي
در ٻاهران بيٺل گاڏيءَ ۾ رکي اُسرياسين
کن بعد
اچانڪ منهنجي پتا رڙ ڪري
گاڏي بيهاري
ڄڻ ڪا قيمتي شيءِ کڻڻ وسري وئي هجيس
گاڏيءَ مان لهي
واپس دڪان جي ڀر ۾ بيٺل پراڻي پپر ڏي ويو
۽ ڪي پل
ڀاڪي پائي انس ان چنبڙي ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو
ڌڻي ڄاڻي، ان درخت کي ڇا ٿي چيو
۽ درخت، هن کي ڇا ٿي ورايو
جڏهن اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو
سندس چهرو اُجهاميل هو
۽ اکيون ڳاڙهيون ۽ پلڪون ڀڳل
هو هر هر مڙي مڙي
پپر کي ڏسندو رهيو
جيسين
اکين کان مڪمل طرح اوجهل نه ٿيو
مان
اڄ ڀي منتظر آهيان
اهو ڄاڻڻ لاءِ
ته منهنجي پتا هن وڻ کي ڇا چيو.
هڪ انٽرويوُ مان......
گل: سنڌ جون ڪي يادگيريون؟
ڪمل: الاهي آهن. هڪ تمنا اٿم منهنجي پتا جنهن پپر
جي وڻ کي ڀاڪي پائي موڪلايو هو، ان سان مان ڀاڪي
پائي روئي ملان. ڪير ڄاڻي اها تمنا پوري ٿيندي يا
نه. ڪير ڄاڻي سڀاڻي جي مٺ ۾ ڇا هي؟
ڪرشن کٽواڻي (2007ع- 1927ع) سنڌيءَ جو هڪ برک
ڪهاڻي نويس ۽ ناول نويس هو. هن کي ”ياد هڪ پيار
جي“ ناول تي 1980ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ پاران
انعام به عطا ٿيل آهي. ڪرشن کٽواڻيءَ جو هڪ ٻيو
مشهور ناول آهي، ”منهنجي مٺڙي سنڌ“. سنڌين جي سڄي
پراڻي پيڙهيءَ لاءِ سنڌ جي سار، هڪ اهم سرمايو
رهيو آهي. سنڌ جي ذڪر سان ئي سندن روح جي ڪنهن تار
۾ لرزش اچيو وڃي. ڪرشن کٽواڻيءَ کي پنهنجي وطن
لاءِ حب آهي، تنهنڪري هن جي لکڻين ۾ سنڌ جا جذبا ۽
سنڌي ڪردار پنهنجو اظهار پائي سگهيا آهن. شاعر
’اَڌورو خط‘ ۾ چوي ٿو:
دوست
تو لکيو آهي
’تنهنجو ملڪ‘، ’منهنجو ملڪ‘
تو ’پنهنجي ديس جو‘ احوال ڏنو آهي
تو ’منهنجي ديس‘ جو احوال پڇيو آهي
هيءُ لکڻ ويل
تنهنجو
هٿ نه ڏڪيو هو؟
قلم نه ٽٽو هو؟
آنسن لفظ مِٽائي نه ڇڏيا؟
هو هڪ ٻي ڪويتا ’سنڌو ديش‘ ۾ چوي ٿو:
هيءَ ڪهڙي ڀومي آهي
جنهن ڄاوا پاڻ بابت نه
پنهنجي ڀونءِ بابت ڳالهائي رهيا آهن
هيءُ ڪهڙو ديش آهي
جتي ماڻهو
پنهنجي دکن سکن بابت نه
ماروئڙن جي دل جون ڳالهيون کڻي رهيا آهن
هيءَ ڪهڙي هوا آهي
جنهن ۾ محبت جا گيت نه
قربانيءَ جون صدائون آهن
هيءُ ڪهڙيون مائر آهن
جن جي لولين ۾
جيئڻ جون نه
مرڻ جون گذارشون آهن.
ايشور شرما آنچل (1998ع- 1928ع) به ورهاڱي جي ذهني
پيڙا مان گذريو آهي. ايشور آنچل سنڌيءَ جي ترقي
پسند دور سان وابسته هو. هن کي ”ٽانڊاڻا“ شعريه
مجموعي تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جو انعام 1997ع ۾
عطا ٿيل آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب، سنڌي پنهنجي جنم ڀوميءَ
کان لوڌجي، ڌڪجي، ڪڻو ڪڻو ٿي، سموري ڀارت ۾ ڦهلجي
ويا. بيحد ڏکين حالتن سبب، اُنهن کي آجپي لاءِ
ڪافي جدوجهد ڪرڻي پيئي آهي. اڃا تائين به هو ڄڻ هن
زمين تي بي گهر ئي آهن. شاعر انهيءَ مانسڪ پيڙا
مان گذري رهيو آهي، جنهن سندس حساس دل کي جهوريو
آهي، گهري چوٽ رسائي آهي:
آءٌ وري اکڙجڻ جي ڊپ وچان
هتي جي لوڪن جي چاپلوسي ڪري
زندگي ڪٽيان ٿو!
منهنجي روح ۾، شعور ۾
غم، غضي ۽ نفرت جو دونهون
ڪٺو ٿيندو ٿو وڃي!
هڪ ٻئي ڪويتا ۾ جيءَ جي جلاوطنيءَ جي ڀوڳنا جو
اظهار، شاعر هينئن ٿو ڪري:
آءٌ جلا وطن آهيان
راڄنيتيءَ جو شڪار ٿي
پنهنجي جنم ڀوميءَ مان
لوڌجي، ڌڪجي
هن ڀوميءَ جي مون شرڻ ورتي آهي!
اڄ ورهين بعد به آءٌ شرنار ٿي ئي آهيان!
دنيا ۾ آءٌ جتي ڪٿي آهيان
پر ڪٿي به گهربل ڪين آهيان.
هري موٽواڻي ’سنڌي‘ (2006- 1929ع) شروعات ۾ ’ڪونج‘
جي سمپادڪ طور مشهور هو. هن جا ڏهاڪو کن ڪتاب ادب
جي ڀن ڀن شاخن تي شايع ٿيل آهن. سن 1995ع ۾ مرڪزي
ساهتيه اڪادميءَ پاران ”اجهو“ ناول تي کيس انعام
به ملي چڪو آهي. هن جي رچنائن مان سندس رڳ رڳ ۾
سمايل سنڌ جي سار جو تکو اظهار ملي ٿو. هو ’منهنجو
وجود هوائن جي آڌار تي‘ ۾ چوي ٿو:
مان آسمان ۾ ٽنگيل
اُهو وڻ آهيان
جنهن کي پنهنجي زمين ڪانه آهي
پاڙون کتل نه آهن
مان صرف هوائن جي آڌار تي
زندهه آهيان
ڇو ته
اُنهن هوائن ۾
منهنجي وطن جون هوائون ۽ هٻڪارون
پڻ شامل آهن
مون کي احساس ٿيندو آهي
ته جڏهن به گرم هوائون ۽ لڪون لڳنديون آهن
ته اُهي
منهنجي سنڌڙيءَ جون هونديون آهن
جن مان
انبڙين، ڏوڪن، ڄمن ۽ ڦارون جي خوشبوءِ ايندي آهي
اهي هوائون
اگر
گنگا، جمنا، ڪاويري، برهمپترا، ستلج
چناب ۽ نرمدا کي
سپرش ڪري آيون هونديون
ته اُنهن
سنڌوءَ کي به ضرور سپرش ڪيو هوندو
ڇو ته
سنڌو
سڀني ندين کان وڏي
مها ندي آهي
جنهن جو
ويدن ۾ پڻ ذڪر ٿيل آهي
۽ مان
جو اڃان تائين ڇڻيو نه آهيان
ته اهو
اُنهن هوائن جو آڌار آهي
جن
مون کي
ڦولاريو ۽ هريو ڀريو رکيو آهي
ها
مان هوائن جي آڌار تي ئي زنده آهيان.
موتي پرڪاش (جنم: 1931ع) شاعر، ناول نويس، ناٽڪ
نويس ۽ مضمون نگار آهي. هو سنڌيءَ جي اُنهن ٿورن
ناميارن ساهتيڪارن مان آهي، جن کي هند سان گڏوگڏ
سنڌ ۾ به ڀرپور عزت حاصل ٿي آهي. سنڌ جي سفرنامي
”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ تي کيس 1988ع ۾ مرڪزي
ساهتيه اڪادميءَ پاران انعام به ملي چڪو آهي. سنڌ
کي ڇڏي، ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، پر پوءِ به سندس
روح پريشان آهي:
ٻائيتاليهه سال اڳ
اسان سنڌيوءَ جا ڪنارا ڇڏي
گنگا، جمنا ۽ سرسوتيءَ جي ڪنڌين تي
پاڻ وسائڻ جا سپنا سانڍي
سفر تي رسيا هئاسين
پاڙان پٽيل
اُجڙيل وڻ جي سڪل پنن وانگر
اسين هن مهان ديش جي
ڪنڊ ڪنڊ ۾
ڦهلجي وياسين
ڪرشن سندرداس وڇاڻي راهيءَ (2007- 1932ع) پنهنجي
ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪهاڻيءَ سان ڪئي، پر
اُڀريو شاعر طور! ”ڪماچ“ تي کيس 1971ع ۾ مرڪزي
ساهتيه اڪادميءَ جو انعام حاصل ٿيل آهي. ڪرشن
راهيءَ جي ڪويتا ’ورهاڱو جاري آهي‘ جيءَ کي جهوري
ٿي ڇڏي. جڏهن ڪو پنهنجي ڌرتيءَ کان جلاوطن ٿئي ٿو،
تڏهن هو پنهنجي تشخص لاءِ بيچين ۽ پريشان ٿيو وڃي.
جيتوڻيڪ شعر جي پهرين حصي ۾، منطقي طرز تي خيال
آرائي ڪئي ويئي آهي، پوءِ به ڪويتا دل کي ڇُهي ٿي:
تاريخ جو
اهو ڪهڙو مذاق آهي؟
سنڌ!
جنهن سنسار کي سڀيتا ڏني!
اُنهن جا ئي ماڻهو
سنڌي!
هٿرادو ورهاڱي سان
ڌرتيءَ کان ڌار
وطن کان بي وطن ٿي ويا!
ورهاڱو ٿيو
سڀني سمجهيو
هڪ سياسي ورهاڱو هو
وقت پئي پراڻو ٿي
وسري ويندو
ڪنهن ڪونه ڄاتو هو
ان هڪ ورهاڱي ۾
سنڌين جا
ڪيئي ورهاڱا سمايل هئا!
ڌرم ۽ مذهب جو ورهاڱو!
قوم ۽ قوميت جو ورهاڱو!
ٻولي ۽ تعليم جو ورهاڱو!
ساهت ۽ تهذيب جو ورهاڱو!
سنڌي هندو
سنڌي مسلمان
سنڌي هندو هندستاني!
سنڌي مسلمان پاڪستاني!
اسان سنڌي
سنڌ ۾ ڌرتيءَ ڌڪاڻا!
هن ۾ ڌرتيءَ لاءِ دربدر!
اسان جو ملڪ هڪڙو آهي!
وطن ٻيو آهي!
جو ملڪ آهي، سو وطن ناهي!
جو وطن آهي، سو ملڪ ناهي!
اسان جو ورهاڱو جاري آهي.
شاعر هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
تاريخ جو
اهو ڪهڙو مذاق آهي؟
سنڌو، جنهن سنسار کي سڀيتا ڏني
اُنهن جا ئي ماڻهو
سنڌي، هٿرادو ورهاڱي سان
ڌرتيءَ کان ڌار
وطن کان بي وطن ٿي ويا!
پنهنجي وطن جي مٽيءَ جي پنهنجي مهما ۽ ڪشش ٿيندي
آهي. اها پاڻ ڏانهن پيئي ڇڪيندي آهي. شاعر به وري
وطن وڃڻ لاءِ وياڪل آهي.
چترو ناگپال (2007- 1932ع) سنڌيءَ جو مشهور ڪهاڻي
نويس، طنز ڪرڻ ۾ اُستاد، هيٺ ڏسو، چترو ناگپال
جلاوطنيءَ جي درد کي ڪيئن ٿو اظهار ڏئي. پنهنجي
ڌرتيءَ کان ڌڪجي، حيدرآباد ۾ ٽيليويزن تي هلندڙ
ڪرڪيٽ مئچ، ڪيئن نه ان کي وطن ورائي ٿي ڇڏي:
يا ته چوي
ڪرڪيٽ مون کي ڪانه وڻي
هلي، ته ٽي. وي بند ڪيو ڇڏي.
هينئر هلي پيئي حيدرآباد ۾،
ته کوليو ويٺو آهه سڄو ڏينهن
هر گهڙيءَ هٿ پيو گهمائي
شيشي کي
اڙي ڀائي حيدرآباد جي زمين کي
هتان ڪيئن ڇُهي سگهندين!....
يا ته چوندو
ڪاش! مان ڪوئي بال هجان ها
لڳي بئٽ کي
اُڏي امالڪ
ڀڄي وڃان ها
هٿ نه اچان ها
ڪنهن ڀي رانديگر جي
گهمندو گهٽيون
۽ ٽپ ماريندو
وڃان ها پهچي
پنهنجي گهر ۾!
لڪي پوان ها
اهڙيءَ ڪنڊ ۾
هٿ نه اچان ها
ڪنهن جي ڀي
قيامت تائين.
پارو چاولا (جنم: 1932ع) جو نالو سنڌين لاءِ نئون
ڪونهي. ٺاڪر چاولا سان گڏجي ووڪل ڪلچر ذريعي سنڌي
ٻوليءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ هن اهم ڪردار نباهيو
آهي. سنڌي ادب ۾ به هوءَ نئين ڪانهي. هن جا ”ستر
مڻڪا“، ”درشٽانت درشٽانت“،
”365 ڏينهن“ ۽ ”ڳالهه ۾ ڳالهه“ پاٺڪن خوب پسند ڪيا
آهن. آدرشي پٿ جي پانڌيئڙن لاءِ هيءُ امولڪ گرنٿ
آهن. نصيحت آميز ۽ سُمارگ تي وٺي هلندڙ! سنڌ لاءِ
هن جي من ۾ بي پناهه محبت سمايل آهي. سنڌ مان آيل
سانگيئڙا هن کي سنڌ ٿا پهچائي ڇڏين:
سانگيئڙا آيا سنڌ مان
.........
ياد آئي
اُها مٽي پنهنجي ملڪ جي
اُهي گهٽيون اُهي گهير
اکين اڳيان تري آيا....
ريٽا شهاڻي (جنم: 1934ع) هند- سنڌ جي پاٺڪن لاءِ
نئون نالو ڪونهي. هوءَ هن ننڍي کنڊ جي هڪ مهتِ
ڪانکي ليکڪا آهي. هن ادبي کيتر ۾ پير برابر دير
سان رکيو، پر ڏسندي ڏسندي،ا دب جي مختلف صنفن:
ڪويتا، ڪهاڻي، آتم جيوني، مضمون، تنقيد، سفرنامي ۽
ناول تي ڪلڪراني ڪري، چڱو نالو ڪڍيو آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ سندس شايع ٿيل ناول ”اڪٿ ڪهاڻي ڪبير“
ادبي حلقن ۾ چڱي بحث جو موضوع بڻجي پيو آهي. ريٽا
اڌ صدي گذرڻ بعد به هتي ڀارت ۾ پاڻ کي ٿانئيڪو
محسوس نٿي ڪري. پنهنجي انهيءَ من جي ڀٽڪ جو، ڏسو،
هوءَ تخليقي زبان ۾ اظهار ڪيئن ٿي ڏئي:
مان ئي ته آهيان موئن جي دڙي جي ناچڻي
صدين کان ڀٽڪي رهي آهيان
پنجاه صديون هلي آهيان
اِن ترڪڻي پٽ تان
ڪڏهن تتل ريت
وڌا پيرن ۾ ڇالا
ته ڪڏهن
ٿڌ ۾ ٿي ويا ٺڪرن جيان ٺوٺ.
پوءِ به کن کن اڳيان، کن کن پٺيان
کن کن هِتان، کن کن هُتان
جاري آهي منهنجي ياترا.
هريڪانت ڄيٺواڻي (1994- 1935ع) جي ”لپ ڀري روشني“
(1987ع) جي ڪيترين ڪويتائن ۾ ڌرتي، سنڌ، ورهاڱي ۽
جلاوطنيءَ جو ذڪر آهي.
ڀوميءَ جو اهو ٽڪرو
مان اُڀريو هوس جنهن تي صديون اڳ ۾
هڙپ ڪري ويا شيطان
پنهنجا پنهنجا عيدگاهه
۽ گئوشالائون بڻائڻ واسطي
اُکيڙي بڙ کي جڙ کان
ٺوڪي ڇڏيو ڪونڊين ۾ ٽاري ٽاري ڪري
جهنگل جي ٺيڪيدارن
سندن ان ڪارستانيءَ کي
شيطاني چئجي
يا ناداني
اوهان ئي ٻڌايو
هن جي ڪويتائن ۾ فريب سان ڀريل سياست تي چڙ ۽ غصو
برقرار آهي. ڀرشٽ سياستدانن تي هو تکي طنز ڪري ٿو؛
جن سنڌين کان سندن جنم ڀومي ڇڏائي. ’اتهاسڪ ويساهه
گهاتي‘ ۾ هو چوي ٿو:
سنڌوءَ ۾ غوطو هڻي
جمنا ۾ وڃي پر گهٽيا
دوله درياه شاه سان دغا ڪرڻ وارن کي
ٻه منهون چئجي يا ڪار مُنهون
منجهي پيو آهيان....
شاعر ٻي هنڌ چيوي ٿو:
رت ٽِمندڙ اکين سان
مون ڏٺو آهي اتهاس
ٽڪرو ٽڪرو ٿي ڦاٽندڙ نقشو
بوند بوند سُڪندڙ ندي
پن پن ٿي اجڙندڙ
پنج هزار سال جهونو
بَڙ!
شاعر تخليقي زبان جوا ستعمال ڪيو آهي. پنجن هزار
سالن جي شاهوڪار سڀيتا جي وارث، اعليٰ تعليم يافته
سنڌي جاتيءَ کي ورهاڱي سبب داڻو داڻو ٿي، دربدر
ٿيڻو پيو. سياست سنڌين سان ڪيڏو نه وڏو قهر ڪيو
هئو. شاعر جو ان ڳالهه ڏانهن اِشارو صاف آهي.
نرمل واسديو (جنم: (1936ع) شاعر آهي، ناٽڪ ڪار
آهي. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ به پلي لکيا آهن.
ان کان وڌيڪ، هن ناٽڪ جي اوسر ۾ جيڪو ساراهه جوڳو
ڪم ڪيو آهي، سو آهي ڪيترين ٻولين جي طويل ناٽڪن جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو. هن کي ساهتيه اڪادميءَ جو انعام
به ناٽڪن تي ئي ملي چڪو آهي.
ورهاڱي بعد، سنڌين کي پيرن هيٺان زمين نه هئڻ سبب
کين پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جي مسئلي سان به هم
ڪنار ٿيڻو پيو آهي. سڀ سنڌي هڪ هنڌ ٿانئيڪا ڪونهن.
هو سڄي ڀارت ۾ پکڙيل آهن. الڳ الڳ هنڌن تي رهندي،
مڪاني ٻوليون ڳالهائيندي ۽ سکندي، کانئن پنهنجي
سنڌي ٻولي کسڪندي ٿي وڃي. نارايڻ شيام کي به سنڌي
ٻوليءَ جي آئينده بابت انديشو قائم هو:
الاءِ، ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
جلاوطنيءَ ۾ شاعر نرمل واسديو، سنڌي ٻولي ٻڌڻ کان
سڪي پيو:
مدت کان پوءِ
منهنجي بدلي
هڪ اهڙي هنڌ ٿي.....
ورهين کان پوءِ
مون هِڪِڙي سنڌي مائي ڏٺي
جا پنهنجي ساڄي هٿ جو آڱريون ڦهڪائي
ايرانڊيءَ جي پن جيان سيٽي
پنهنجي پٽ کي چئي رهي هئي
”اسان جي لعنت هجيئي
هي ڳڻ گهڻا اٿيئي“
مائيءَ جا هي ڪوڙا مٺڙا لفظ سڻي
منهنجي اکين مان
خوشيءَ سنڌ! ڪجهه لڙڪ لڙي پيا!
نند جويري (جنم: 1937ع) ڪافي سمي کان ادب سان
لاڳاپيل آهي. سنڌ سان ادبي ڏي وٺ جي سلسلي ۾
سرگرم. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو. شاهه سائين جي
شاعريءَ جو شيدائي. نند به جلاوطنيءَ سبب پريشان
آهي. پوپٽيءَ جيئن حيدرآباد کي نٿي وساريو، پرڀو
وفا اڄ به لاڙڪاڻي کي ساري هنجون هاري ٿو، تيئن
نند جويري به پنهنجي شڪارپور کي ڳولهي رهيو آهي:
لکيل ٺڪاڻو به صحيح آ
ٽڪليون به ٺيڪ لڳل آهن
پوءِ به لفافو
ڇو موٽي آيو آ
سڀني جون نظرون
مون تي هيون
جنهن جنهن گهٽيءَ ۾
مان ويسُ
صرف سڀني کي شڪ هو
پنهنجي پنهنجي
اعتبار تي
مون لکي هئي
پنهنجي نالي
پنهنجي پتي
پنهنجي ڳوٺ
هڪ چٺي
نند جويريءَ ڏانهن
لوهن جي حويليءَ ۾
جا ڍڪ بزار ۾ آهي
شهر شڪارپور ۾.
ڀريل گهر
بگيءَ تي کڻي
ٽيشن تي خالي ڪري
بگيءَ واري
وري ورائي نه ڏٺو
ته ڪو خالي ماڻهو
ڀريل گهر ڍوئيندو
سرحد پار هلي ويو.
هن دفعي
لکي در تي گهنٽاگهر
منجهند جو ٻي بجي
شام جا پنج گهنڊ ڪونه هنيا!
انهيءَ کي به بخار هو
يا لقوي جي مرض ۾ رڙهندي
لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين
مون وانگر
انداز بيان، رچنا جي موضوع سان، بنا ڪنهن ٺاهه
ٺوهه جي گهري نسبت ۾ آهي. ائين ڪٿي به نٿو لڳي ته
قلمڪار ڪويتا کي محض لنبو ڪرڻ جو جتن ڪري رهيو
آهي. هن جي ڪويتا جي مجموعي تاثر کي ضرب نٿي رسي،
مرڪزي احساس جي نڪتي کي رهنڊ نٿي اچي.
شاعر جي خاموش درد جو اظهار ’سچ ڏانهن‘ ڪويتا ۾ به
تمام ڪلاتمڪ نموني ٿيل آهي:
ڪاغذ تي ليڪون
ليڪجن ٿيون
نقشن تي سرحدون
چٽجن ٿيون
پر ڌرتي
کنڊ کنڊ نٿي ٿئي
ڌرتيءَ تي ديوارون
کڄن ٿيون
پر آسمان
کنڊ کنڊ نٿو ٿئي
پوءِ
ڪهڙي راهه
سا آهي
جيڪا وڃي ٿي
سچ ڏانهن.
...................
مان ان گاڏيءَ ۾ ڪونه چڙهيو هوس
پر چاڙهيو ويو هوس
عمر ئي اهڙي هئي
ان وقت
بابي به جهٽ پٽ ڪئي
تڪڙ ۾ هن جي جتي
پليٽ فارم تي رهجي وئي.
ڀارت جي سنڌي شاعريءَ ۾ ورهاڱي جي درد/ سنڌ جي
ساروڻيءَ بابت ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. وطن جي
ورهاڱي جو درد، ڀارت جي سنڌي شعر ۾ اولڙو بڻجي
اُڀريو آهي. هر ننڍي وڏي سنڌي شاعر جي اندر ۾ اهو
درد لڪل آهي؛ جيڪو ڪنهن نه ڪنهن نموني نڪري نروار
ٿيو آهي. ڪجهه ذهين شاعر، جي ڀل ڀارت ۾ پيدا ٿيا
آهن، اُنهن به اهو درد محسوس ڪيو آهي. پوءِ ڀلي
اُنهن سنڌ ڏٺي به نه هجي! اُنهن پنهنجن وڏڙن جي
اکين ۾ اهو درد پائي، اتهاس جا ورق ورائي، پنهنجي
اباڻي ڌرتيءَ لاءِ سڪ ۽ ڇڪ محسوس ڪئي آهي. ڀارت ۾
ڄاول شاعر به جيڪڏهن سنڌ جي وابستگيءَ تي شعر رچين
ٿا ته سمجهڻ کپي ته ورهاڱي بعد پيرن هيٺان زمين نه
هئڻ جو احساس خيالي نه پر حقيقي آهي. هاڻي هند ۾
ڄاول قلم ڪارن، جن جلاوطنيءَ جي پيڙا ڀلي خود نه
ڀوڳي هجي، پر جن جي ڪويتائن ۾ سنڌ جي ساروڻيءَ جو
سر جهڪو يا تيز ملي ٿو، اُنهن جا پيش آهن ڪجهه
مثال:
مهيش نيڻواڻي (جنم: 1954ع) آزاد ڀارت ۾ ڄاول، نئين
ڪويتا ۾، نئين ڀاوَ ٻوڌ واريون ڪويتائون لکندڙ،
برجستو شاعر آهي. سنڌ ڏٺي نه اٿس، پر سنڌ سان
وابسته هر شيءِ تي جان ڏيندو آهي:
اي سنڌ!
مون کي اپناءِ
مان تنهنجي سيوا ڪيان
بدلي ۾ گدامڙي ڍوڍو ڏجانءِ
جي وڻ گدامڙي نه ڏئي
ته لوڻ ۽ ٻاجهري ڏجانءِ
جي ٻاجهري مٽيءَ نه ڏئي
ته صرف جل ڏجانءِ
جي سِنڌو جل نه ڏئي
ته سنڌو، تون هوا ڏجانءِ
جي سنڌو، هو به نه ڏئي
ته، ماءُ اُتي ٻه پل ڏجانءِ.
.......
ٻوٽا ۽ درخت
جڏهن اُتان اُکڙي آيا
ته مان اُنهن جي جڙن ۾ لڳل
مٽيءَ جي ڪڻن کي
ڏسي نه سگهيس
جو منهنجو جنم ست سال پوءِ ٿيو
مون باقاعدا
سنڌ ڏسڻ چاهي
ته ڪوڙن رشتن ڪري
ڪڏهن سرحدون بند هيون
منهنجي خواهش
جي سمجهي سگهين ته
او، سنڌ جا ڀاڄيءَ وارا
مون کي آلا! بيه موڪل
آءٌ ان جي وزن برابر
موتي توري ڏيندس
بيهن ۾ مان مٽي ٿو ڏسڻ چاهيان
.......
مرڻ کان پوءِ مان
ڪٿي به ساڙيو وڃان ته ڇا؟
منهنجيءَ چتا جو دونهون
اُنهن بادلن سان وڃي ملندو
جيڪي سنڌ مٿان آهن
ومي سدارنگاڻي (جنم: 1971ع) ڀارت ڄائي وميءَ جي
ڪويتائن ۾ به سنڌ لاءِ تڙپ محسوس ڪجي ٿي.
توکي مون ڏٺو ڪونهي
ايشور کي به نه.
شاهه، سچل، سامي، سڀيئي
منهنجا ’پين فرينڊ‘ ٿي پيا آهن.
اڇا، ٻڌاءِ جي مان توکي خط لکان
جواب ملندو؟
تون جواب ڏيندينءَ؟
ملڻ لاءِ چوندينءَ؟
مان توسان گڏجڻ ٿي چاهيان
منهنجي سنڌڙي!
........
سنڌ کي ڏٺي گهڻا ورهيه ٿيا هوندا
هڪ هڪ پل جو حساب آهي مون وٽ
پنهنجي گهر، گهر جو اڱڻ، اڱڻ ۾ امان
سڀ ياد آهي مون کي
هڪ دفعو وري وڃڻ چاهيان ٿي
پنهنجي مٽيءَ ۾ ملي هڪ ٿيڻ لاءِ
مان.
سراپيل اهليا.
هريش ڪرمچنداڻي (جنم: 1954ع) ’هم وطني‘ ۾ چوي ٿو:
ٻڌ
منهنجو آواز ٻڌ
سرحد جي هن پار کان
توسان مخاطب آهيان
توسان گڏ نه گذاريو اٿم
هڪ به پل
تنهنجو چهرو به
نه ڏٺو آهي ڪڏهن مون
اهو پتو اٿم ته جيڪر
اها لڪير نه ڇڪجي ها
ته اڄ اسين گڏ هجون ها
هڪ جهڙي ڍنگ سان
نه سوچون ها بيشڪ
پر
سک دک گڏ
جيئون
ها
پڪ.
رشمي راماڻي (جنم: 1960ع) ’سنڌ ۽ مان‘ ۾ چوي ٿي:
مان
سنڌ جي ريت جو هڪ ذرڙو آهيان
هتان جي خاموش هوا جي سنگيت جو اڌورو سر آهيان
شاهه جي سورمين جي مايوسي آهيان
سنڌ جي ميرانجهڙي آڪاس جي اُداسي آهيان
دور تائين ڦهليل ٻنين ۾ گم پيچرو آهيان
مان
سنڌو نديءَ جو درد ڀريو سڏڪو آهيان
نوريءَ جي مزار تي ڪريل ڪينجهر جي ڪڪر جو لڙڪ
آهيان
هٿان جي خشڪ زمين ۾ گم آلاڻ آهيان
سنڌ جي کاري هوا ۾ سمايل لوڻ آهيان
مان سنڌ جي جهنگل جي ڪنهن جهور وڻ کان ٽٽل پن
آهيان
پنهنجي ٽارين کان وڇڙي
جو ڀٽڪي رهيو آهي پرديس ۾
موهن جي دڙي ڀڳل ڀريل ڪا سِر آهيان
هتان جي تاريخ جو ڦاٽل ورق آهيان
مڪليءَ ۾ دفن وقت جو لمحو آهيان
سڀني کي خبر آهي
ته
مان سنڌ جي ڪجهه به ڪونه آهيان
پر
مان هڪ سنڌڻ آهيان
مان هڪ سنڌڻ آهيان
مان هڪ سنڌڻ آهيان.
منهنجو من
پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ کان پوءِ
سچ پچ
هاڻي ٿو محسوس ٿئي
مان به آهيان
هڪ جلاوطن
جلاوطن
جلاوطن
ورهاڱي جو ناسور.
رشمي پنهنجي اباڻي سنڌ جي زمين پنهنجي ڏاڏيءَ جي
گهنجن واري چهري ۾ ٿي پسي:
اڄ ڏاڏي زندهه نه آهي
پر
تنهنجو وجود مون ڏٺو هو
ڏاڏيءَ ۾ بار بار
اڄ به تون
سدا حيات آهين
سدائين منهنجي قريب.
علم عروض تي شاعري ڪندڙ قلم ڪارن به سنڌ کي ساريو
آهي. اُنهن مان ڪن سنڌ سان وابسته احساسات جو
اظهار اهڙي ته صادق جذبي ۽ فنائتي ڍنگ سان ڪيو
آهي، جو اُهي رچنائون اسان جي سنڌيت جو حصو بڻجي
پيون آهن. ڀومي هيڻتا جي زخم، حساس شاعرن کي ضربيو
آهي؛ اُنهن وطن جي وڇوڙي جو درد ڪافي گهرائيءَ سان
محوس يو آهي. ڀلا ڪو پنهنجو وطن ڇڏڻ چاهيندو آهي؟
ڪهڙو پڇو ٿا سنڌ جي اِملاڪ جو ڪليم!
املاڪ منهنجي سنڌ ٿئي. حق سنڌ تي ٿئيم
- ليکراج عزيز
سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي، بس
هُريا هانوَ ۾ گذريل ڏينهن
ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ
جيئن وسي ساوڻ جو مينهن
- نارايڻ شيام
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو
اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو!
هن روح جي ڪڙيءَ کي نه ورثي کان ڪاٽجو
ڦٿڪي رهي آ قوم انهيءَ کي جيئڻ ڏيو!
هستيءَ جي گم ٿيڻ جو نه پيدا گمان ٿئي
منهنجي ڪنن ۾ شاهه جي ٻولي ٻُرڻ ڏيو!
هر فرد جي نرڙ تي هر قوم جو نشان
سنڌين ۾ مون کي سنڌ جي صور پسڻ ڏيو
- ارجن شاد
هاءِ اسان جي آزادي
سنڌر مليو ۽ سينڌ وئي
- ايم.ڪمل
چنجهيون اکيون هي ڏسي وٺ حاسد
پراڻو سنڌ جو نقشو آهيان
- ارجن حاسد
اڃ جي ماپ ڪري سنڌ ڏج
ٿر جي واريءَ جو تتل آهيان مان
منهنجو اُتساهه نه ماپي سگهندين
ٻار جي مٺ ۾ لڪل آهيان مان
- واسديو موهي
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو
پکين کي به پنهنجو آکيرو پيارو هوندو آهي. سڀني
ڌرمي ڪتابن ۾ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو اظهار ملي
ٿو. اسان جي سنڌ جي مارئيءَ جي ڪهاڻي ڪنهن کان به
ڳجهي ڪانهي. مارئيءَ جڏهن پنهنجو ڇنو ۽ وٿاڻ وڃايو
هو ته ان جي وڇوڙي ۾ ڪيڏا نه ور لاپ ڪيا هئائين.
رات ڏينهن وطن لاءِ پئي واجهايائين. ماڙين مٿي
ماروئڙن لاءِ هن جو پئي هاريائين. پوءِ اسين،
مارئيءَ جي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي محبوب وطن کي
ڪيئن ٿا وساري گهون؟ ڪيئن ٿا ڀلائي سگهون پنهنجي
سنڌڙي کي! اسان به پنهنجي پياري سنڌڙيءَ جون مٺيون
مٺيون، پياريون پياريون يادگيريون پنهنجي جيءَ سان
جڙي آيا آهيون:
واجهائي وطن کي آءٌ جي هِت مُياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ساري ڏين سرتيون، منهنجا ولين واس،
مُئائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
ڇند هيڻ نئين ڪويتا ۾ به سنڌ جون ڪيتريون ئي اڻ
وسرندڙ رچنائون ملن ٿيون. چوندا آهن ته ڪن خاص
مقصدن جي بنياد تي بيٺل شاعري، محض وقتائتو پارٽ
ادا ڪري ٿي. اُها دائمي حيثيت برقرار نٿي رکي. پر
هتي ائين ڪونهي. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ انيڪ
جهونن خواهه نون شاعرن علامتي ۽ استعارائي تاڃي
پيٽي ۾ سنڌ کي ساريندي، جيڪا شاعرانه تخليق ڪئي
آهي، ان ۾ لفظ پنهنجا رنگ ڦهلائي، خوشبوءِ پکيڙي،
تاثير پيدا ڪندا رهيا آهن، ۽ شاعري پنهنجي شاعرانه
اهميت برقرار رکي سگهي آهي. |