سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ -4/ 2015ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

سنڌ جي ثقافتي ورثي قديم آثارن لاءِ حڪومتي سطح تي يقيناً اُپاءَ ورتا ويا آهن، اهڙن قديم آثارن ۾ موهن جو دڙو ۽ گورک سرِ فهرست آهن. مڪلي، رني ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي جي بادشاهي مسجد کي به ضرور ساراهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح تاريخي منڇر توڙي ڪينجهر ڍنڍ جي تاريخ ۽ اهميت کي پڻ وسارڻ نه گهرجي.

جهڙي طرح ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي قديم ماڳن کي صوبائي يا وفاقي حڪومتن جي اوليت حاصل رهي آهي، اهڙي اهميت حيدرآباد جي قلعي، رني ڪوٽ يا عمرڪوٽ جي به ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن لاڳاپيل صوبائي توڙي وفاقي وزارتون انهن تاريخي ماڳن تي گهربل ڌيان ڏين.

پراڻن ماڳن سان دلچسپي رکندڙ سياحن جي ڇهه هزار فوٽ بلند گورک جبل ڏسڻ جي خواهش کان ڪنهن به ريت انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ گورک جهڙي اڻانگي سفر، گورک جي اوچائيءَ تي چڙهڻ ۽ گورک گهمڻ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. گورک جي اڻانگي سفر لاءِ حڪومتي سطح تي سفري سهوليتون ميسر ٿيڻ سان گورک جبل تي وڌ ۾ وڌ سياحن کي گهمڻ جا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته حڪومت طرفان گورک ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو قيام گورک کي ترقي وٺرائڻ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ڏيهه توڙي پرڏيهه جي سياحن جي سهوليت لاءِ گورک کي ماڻهن جي پهچ ۾ آندو وڃي، جنهن سان گورک سان گڏ علائقي جي ترقيءَ سان گڏ اُتان جي عوام کي روزگار جا موقعا ميسر ٿي سگهندا. قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ جابلو سلسلي ڏاڙهيالي جبل جي سڀ کان اُتاهين چوٽي ”ڪُتي جي قبر“ جيڪا سامونڊي سطح کان ست هزار فوٽن تي مشتمل آهي. اهو حسين علائقو ڪوهه مري جي جابلو سلسلن کان وڌيڪ دلفريب ۽ ڪشش واري تفريحي پوائنٽ آهي، جيڪا مسلسل سرڪار جي بي ڌيانيءَ جو شڪار رهي آهي، ضرورت آهي ته اُن حسين پوٺي کي به عام ماڻهن جي پهچ ۾ آندو وڃي.

اهڙيءَ طرح سن اسٽيشن کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 40 ڪلوميٽرن تي ڦهليل قديم قلعو رني ڪوٽ به نئين نسل کي ضرور گهمڻ گهرجي ۽ حڪومتي سطح تي ڪراچيءَ کان توڙي ملڪ جي ٻين علائقن کان رني ڪوٽ تائين بهترين سفري سهوليتون ڏيڻ سان گڏ حفاظتي اُپاءَ پڻ ڪرڻ گهرجن، ته جيئن عوام آرام سان رني ڪوٽ جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري سگهن.

ان طرح تاريخي حيثيت رکندڙ عمرڪوٽ پڻ عوامي سطح تي وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪومت ان لاءِ پڻ عوامي سهوليت لاءِ وڌيڪ اُپاءَ وٺي.

ٺٽي جو مڪليءَ وارو قبرستان، ڪينجهر توڙي ٺٽي جي بادشاهي مسجد گهمڻ لاءِ ڪراچيءَ جا رهواسي هر موڪل واري ڏينهن سفر ڪن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪينجهر ۽ مڪلي گهمڻ وارن لاءِ بهتر سفري سهوليت ميسر هجڻ گهرجي، ته جيئن عوام کي انهن ماڳن تي تفريح جي سهوليت ميسر ٿي سگهي. تفريحي ماڳن کي گهُربل سهوليتون ميسر هجڻ سان وڌ ۾ وڌ عوام کي گهمڻ جا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. هيءُ انٽرنيٽ جو زمانو آهي ۽ دنيا سڪڙجي هڪ گلوبل وليج جي صورت اختيار ڪئي آهي.

قديم آثارن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي توڙي وفاقي شعبن کي دنيا جي قديم آثارن ۽ قديمي ماڳن جي ترقيءَ لاءِ ڪيل انهن حڪومتن جي اُپائن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ اُپاءَ وٺڻ گهرجن.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

”انور“ هالائي

 

(جنم: 5- ڊسمبر 1925ع - وفات:- 12- جنوري 1994ع)

غزل

اي زاهدِ شب خيز تون ميخوار ٿيڻ ڏي،

ساقيءَ جي هڪ ئي سرڪ سان سرشار ٿيڻ ڏي.

بي رنج و مشقت نه ملي گنج مسرت،

اي سوزِ درون غم جو خريدار ٿيڻ ڏي.

جنهن عشق جي تلوار سان غيرن جو ٿئي قتل،

اي قوتِ تقدير سان تلوار ٿيڻ ڏي.

قاصد ڇا بجا آڻي سگهي تنهنجي ادب کي،

اي عشق تون خود قوتِ گفتار ٿيڻ ڏي.

اندازِ تصور ۾ اٿم يار جو انجام،

ظلمت ڪدهء، دل کي پُر ”انوار“ ٿيڻ ڏي.

استاد بخاري

 

(جنم: 16- جنوري 1930ع - وفات: 19- آڪٽوبر 1992ع)

غزل

صحبت تنهنجي کنڊ ۽ کير،

توتان صدقي ساهه سرير.

توسان گڏ چانڊوڪي چاندي، تو ريءَ ڪِرڻو ڪِرڻو تير.

پيارا ماڻهو پِيرَ اسان جا، تون پِيرن جو آهين پِيرُ.

پنهنجي سر جو تون ئي سائين، پاڻ نه ڄاڻون ٽِير مَٽير.

پياسي دل کي پياريون ويٺا، پنهنجي نيڻن وارو نير.

کَٽَ، جان توکي ڦربو رهبو، تون ته قطب جان قائم ڪِير.

رات رهي ڪر روح رهاڻ، ڳالهين جو هان مان به ڳهير.

پاڻ حقير، فقير ئي آهيون، ”استاد“، اهي عشق امير.

قديم زماني کان سنڌ، هند جو باب الاسلام رهيو آهي، عربن جي يلغار (94هه/712ع) کان گهڻو اڳ، خلفاءِ راشدين جي دؤر ۾ اسلام جي ذريعي هند ۾ پهچي چڪو هو. لاتعداد سنڌي وطن مالوف مان نڪري، عرب دنيا ۾ درس و تدريس جي شغل و شغف سان منسلڪ رهيا ۽ سندن پيدا ٿيل نسل به عرب ملڪن ۾ رهيو. جتي ڪيترين پيڙهين گذارڻ کان پوءِ به پنهنجن نالن پٺيان السندي جو لفظ استعمال ڪندا پئي رهيا. سنڌ جي پاڪ خمير مان پيدا ٿيل سنڌي ذهن جو ڪمال به هتان جي مٽي ۽ پاڻي جو آهي. انهن عظيم انسانن پنهنجي خداداد قابليت، اعليٰ ذهانت ۽ بلند حوصلگيءَ سان، نيشاپور، بغداد، دمشق، مدينة المنوره، مڪة المعظمه ۽ مصر جي سرزمين تي درس و تدريس ۾ پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي ديس جو نالو به روشن ڪيو.

سنڌ جي مايه ناز ڌرتي هر دؤر ۾ جتي جليل القدر عالم، بزرگ، اڪابر صوفي درويش، اولياءِ، محدث، مفسر ۽ فقيهه پيدا ڪيا ته انهن سان گڏ اتي مبلغ، فيلسوف، شيخ السلام، سياستدان، حڪيم، قاضي، مفڪر ۽ دانشور به پيدا ڪيا، جن زندگي جي هر شعبه ۾ تعميري، اصلاحي، مذهبي، اخلاقي،تعليمي، تمدني ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪري قومي ۽ ملڪي ذهن کي بيدار ڪيو.

سنڌ جي هرهڪ خطي کي پنهنجي پنهنجي عظمت، عزت ۽ حيثيت حاصل رهي آهي. بکر جو شهر به انهن بابرڪت شهرن مان هڪ آهي. جنهن جي تاريخي عظمت دنيا جي تاريخ ۾ اهم باب جي حيثيت رکي ٿي.

 

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو

ڪتاب: ”بکر جي تاريخي عظمت“ ص 11-12 تان کنيل

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

تاريخ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز-4

(شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جو خاتمو)

شاهه عبداللطيف ميموريل ڪائونسل جو اڃا بنياد ئي مس پيو ته ملڪي حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون، جن جو سڌي/اڻ سڌي طرح هن ثقافتي اداري جي سرگرمين تي اثر پوڻ لازمي هو.

عقيدتمند ڀٽائيءَ جي ايوان ۾

شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي جيڪا شاهه لطيف جي شائقين ۽ عقيدتمندن جي هڪ خانگي جماعت هئي اُهي پنهنجي خدمت پاڻ جي بنياد تي، يارن دوستن ڀٽ شاهه جي اوڙي پاڙي وارن مُحبن جي مدد سان ان سلسلي کي هلائيندا پئي آيا، پر جيئن جيئن ان پروگرام ۾ وسعت آئي پئي تيئن يادگار ڪميٽيءَ سهڪار حاصل ڪرڻ واري مقصد سان، سنڌ سرڪار سان رجوع ڪيو. اهو ڪم شايد انڪري به کين سهوليت وارو نظر آيو هوندو، جو ان دور واري اسيمبلي ايوان جا سرڪرده، سائين جي.ايم.سيد، پيرزادو عبدالستار، سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف جا عاشق، عقيدتمند ۽ ڀٽ جا پانڌيئڙا هئا، جن جي حضرت شاهه عبداللطيف سان عقيدت پنهنجي جاءِ تي، پر ڀٽائيءَ جي حوالي سان سنڌ جي گهڻ رُخي ثقافتي پيغام جي سلسلي ۾ سندن وٽ هڪڙو خاص Vission هو. ان خاص تصور هيٺ جنهن نموني ڀٽ کي آباد ڪرڻ واريون ڪوششون ٿيون پئي اها ڳالهه وڏي سرڪار کي پسند ڪانه هئي، انڪري منهنجي مطالعي موجب 1956ع، 1957ع، 1958ع وارن سالگره پروگرامن کي ڏسڻ بعد سرڪاري ڪارندن شاهه لطيف يادگار ڪائونسل کي غيرفعال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هوندو.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي، مٿي ذڪر ڪيل ٽن سالن دوران شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل پاران ٿيندڙ انهن پروگرامن ۾ اهڙو ڪهڙو عمل ٿيو، جنهن سرڪار کي مخالفت ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ڏنو.

آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، ان سال واري سالگره پروگرام جي صدارت محمد ايوب کهڙي ڪئي هئي، جيڪا ڀٽ شاهه بجاءِ حيدرآباد ۾ ڪرائي ويئي. هڪ طرف ون يونٽ جي خلاف فزا پئي جُڙي ٻئي طرف اهڙي عمل فزا ۾ گرمائش پيدا ڪرائي ڇڏي هئي اهڙي ماحول ۾ 20- 21- 22- سيپٽمبر 1956ع تي ٿيندڙ حضرت شاهه لطيف جو سالگره پروگرام، وقت جي ڪليڪٽر خان صاحب عبدالله خان چنه، مخدوم طالب الموليٰ جي زيرنگراني ڪرائي ورتو. جنهن ۾ ان خطرناڪ منصوبي جي مخالفت لاءِ عالم اديب علمي ۽ قلمي حوالي سان ميدانِ عمل ۾ آيا. ان ڳالهه جي مدِنظر جڏهن سنڌ کي ڪمشنرين ۾ ورهائي، ڪمشنرن کي مڪمل انتظامي اختيار ڏنا ويا ته شاهه عبداللطيف ميموريل ڪائونسل پڻ ڪمشنر حيدرآباد مسٽر نياز احمد نياز جي هٿ هيٺ آئي. اهڙي تبديل ٿيل صورتحال جي باوجود 1959ع سال واري سالگره تائين شاهه لطيف يادگار ميموريل ڪائونسل پاران ٿيندڙ ان سالياني پروگرام ۾ ڪمشنر جي ڪا گهڻي مداخلت نظر ڪانه ٿي اچي. گهٽ ۾ گهٽ سالانه پروگرام هلائڻ واري حوالي سان، اهي پاڻ خود مختيار هوندا هئا. جيتوڻيڪ 1956ع واري سالگره ڪمشنر صاحب جي پاليسي تحت (شايد محمد ايوب کهڙي جي حڪم تي) حيدرآباد ۾ ڪرائي ويئي، جنهن جي صدارت روايت موجب وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙي ڪئي، پر ان جو انتظام ۽ اهتمام، تقريرون ۽ مقالا شاهه عبداللطيف ميموريل ڪائونسل واري پاليسي تحت پڙهيا ويا. ان عمل تي صرف سائين جي.ايم.سيد احتجاج ڪيو هو، جنهن جو اڳ ذڪر ٿي آيو آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته حڪومت ڪمشنر صاحب جي سربراهيءَ ۾ شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل کي پنهنجي گهربل مقصدن لاءِ هلائڻ پئي چاهيو، پر جيئن ته ون يونٽ هڪ اهڙو خطرناڪ عمل هو، جنهن جي خلاف سنڌ اندر آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا، ان عوامي احساس ۽ آواز جو عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي دلين تي اثر ٿيڻ لازمي هو، ۽ انهن عالمن ۽ شاعرن کي جڏهن حضرت شاهه لطيف جنهنجي در کي اُهي دردن جو درمان تصور ڪندا پئي رهيا آهن، ان جي بارگاهه ۾ گڏ ٿيڻ جو موقعو مليو پئي، تڏهن اُهي اندر جي اُڌمن کي روڪي ڪين ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته اها هڪ حقيقت آهي ته ون يونٽ قائم ڪرڻ وقت ڪهڙا به واعدا اقرار ڪيا ويا هجن،  ڪيترا به ٻول ٻچن ڏنا ويا هجن، پر اهو منصوبو عملي طرح قومن جي جداگانه سڃاڻپ ۽ ساخت کي ختم ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو، جنهن لاءِ هر قسم جي اظهار واري آزادي ختم ڪرڻ واري رٿا رٿي ويئي هئي، جلسي جلوس تي پابندي، تقرير، تحرير تي بندش، ايتريقدر جو ٽپال جي لفافي مٿان سنڌ لکڻ تي به پابندي وڌي وئي. اهڙي صورتحال ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جي سالانه عرس واري پروگرام هڪ قسم جي اظهار جي آزاديءَ واري حوالي سان نه رڳو وسيع ميدان مهيا ڪيا پئي، پر شاعرن ۽ عالمن جي قلمي قوت سان خود شاهه جي ڪلام مان وطن سان محبت رکڻ، همت ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ واري حوالي سان لکندڙن کي اڪيچار عنوان مهيا ٿي پئي مليا، هونئن به ڀٽائيءَ جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن جا احساس ۽ جذبا نرالا آهن، اهي ڀٽائي کي پنهنجو ڀرجهلو، رهبر ۽ رهنما تصور ڪندا پئي رهيا آهن. انڪري سندن نظر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جي درگاهه دعائن جو گهَرُ ۽ التجائن جو ايوان پئي رهي آهي، انهيءَ پسمنظر ۾ جڏهن ون يونٽ وارو اونداهو دور شروع ٿيو، تڏهن ڪي پڙهيا ڳڙهيا سمجهدار، ڀٽائي ڏانهن ئي رجوع ٿيا، هونئن ته کين ٻيو موقعو مليو ڪونه پئي، البت سالانه عرس جيڪو سرڪار جي سهڪار سان اڳ ئي ٿيندڙ هو ۽ ان ۾ وزير مشير ايندڙ هئا، انهن پاران ان موقعي کي اندر جو اوٻر ڪڍڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

ڇاڪاڻ ته اتي گهٽ تڪليف سان سنڌي ماڻهن جو متل ميڙو کين مهيا ٿي پئي مليو. اهڙي صورتحال ۾  1956ع واري سالگره ٿي.

عوامي انداز واري فرشي نشست

سال 1956ع واري سالگره پروگرام جو اڳ ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته اهو پروگرام ڪليڪٽر عبدالله خان چنه جي دامني و سخي ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿيو، ورنه بدليل صورتحال ۾ ان جي ٿيڻ جا امڪان نظر ڪونه پئي آيا. بهرحال جڙيءَ کي جس، اهو پروگرام ته ڪرايو ويو، پر ان موقعي تي بدليل ملڪي صورتحال جو ٻن حوالن سان اثر پوندي نظر اچي ٿو.

(الف) يادگار ڪميٽي جو دفاعي انداز

(ب) عوام جو نفرت ۽ حقارت وارو انداز

(الف) تبديل ٿيل صورتحال ۾ ڪائونسل جي سرڪردن جي اها ڪوشش هئي ته پاڻ کي نئين ماحول ۾ قابلِ قبول بڻائي، مغربي پاڪستان سرڪار جي سهڪار سان هن ساکياٽي ڪاڄ کي هلائجي، ان حوالي سان لطيف يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري آغا تاج محمد پاران 1956ع واري شايع ٿيل ڪارگذاري ۾ لکيل پيش لفظن مان هن ريت اشارو ملي ٿو.

       ”لطيفي يادگار ڪميٽي، حڪومت مغربي پاڪستان جي مرهون منت آهي، جنهن اسان جي واديءَ جي ثقافت ۽ روايت کي برقرار رکڻ لاءِ، هن تحريڪ ۾ ڏهه هزار روپيا ساليانو امداد ڏئي اسان جي ڪافي همت افزائي ڪئي آهي، اسان کي قوي اميد آهي ته آئينده پڻ اولهه پاڪستان سرڪار ساڳي طرح سان هن نيڪ تحريڪ جي ترويج لاءِ فراخ دليءَ کان ڪم وٺندي رهندي.“ (چنه، 1957ع، ص 8)

(ب)    عوام، اديبن، شاگردن جو نفرت ۽ حقارت وارو انداز: ون يونٽ جنهن ۾ اظهار جي آزادي ختم ڪئي ويئي هئي، عوام کي اندر جي اظهار جو موقعي صرف ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾ ئي ميسر ٿي پئي سگهيو، اهڙي صورتحال ۾ ٿيل عوامي اظهار کي هيٺين ٻن حصن ۾ ورهائي بيان ڪجي ٿو:

      (1) سالگره جي موقعي تي مضمون ۽ شعر پڙهڻ جي حوالي سان ردعمل. (2) عام نوجوان خاص طور تي يونيورسٽيءَ جي نوجوان جو ردِعمل.

1956ع واري جا سالگره ٿي، ان ۾ مختلف شاعرن ۽ اديبن جيڪي مضمون پيش ڪيا ۽ شعر پڙهيا انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ون يونٽ جي خلاف نفرت ۽ حقارت وارا احساس نمايان نظر پئي آيا، جيتوڻيڪ ڪتابي شڪل ۾ آندل مواد، چونڊ ڪري پيش ڪيو ويو هو. جنهن لاءِ مدير جو خيال هو ته:

”مون کي اهو احساس آهي ته هن دفعي ڪيترا موضوع تشته تڪميل آهن ۽ ڪيترن قابل اديبن ۽ شاعرن جو ڪلام فصاحت نظام کان هن مخزن کي محروم رهڻو پيو آهي، پر ان ۾ ميار ڪنهن کي ڏجي! فقط ايترو عرض ڪري ڇڏجي ته ”آئينده احتياط“. (چنه، 1957ع، ص 5)

چونڊي چونڊي جيڪو مواد شايع ڪيو ويو، انهن مان اڪثر مضمون لکندڙ شاهه صاحب جي فقيري ۽ رندي ڳالهين جو ذڪر ڪندا پئي آيا يا وري رسالي ۾ پيش ٿيل نظارن ۽ مذهبي فڪر جو بيان ڪندا هئا، يا شاهه جي ڪلام جون خصوصيتون، ادبي خوبيون، توحيد جي تنوار تي زور ڏيندا هئا. پر ڪي اهڙا به لکندڙ هئا، جن ڀٽائيءَ کي راهه جو رهبر ظاهر ڪرڻ تي زور پئي ڏنو.

مسٽر روچيرام جي مضمون جو عنوان هو ’اباڻن جي اُڪير‘ جنهن ۾ هن سئٽزرلئنڊ ملڪ جي هڪ تاريخي ساز، جنهن جي ٻڌڻ سان هر باشندي جي من ۾ پنهنجي ملڪ جي اُڪير اُڌما ڏيندي، ۽ سئٽزرلئنڊ جي رهاڪن کي مست ڪري، وطن جي ياد تازي ڪري اُمنگن کي ڀڙڪائيندو آهي. روچيرام شاهه جي ڪلام کي ان ساز سان تشبيهه ڏيندي، شاهه جي ڪلام مان حب وطن وارا جذبا جاڳائيندڙ شعر مثال طور پيش ڪندي مقالي کي اڳتي وڌايو. اهڙي ريت هن هيٺين همت پيدا ڪرائيندڙ ۽ اُتسائيندڙ جملن سان مضمون کي پورو ڪيو، جنهن ۾ ڍڪيل لفظن ۾ ان وقت وارين حالتن تي تنقيد ڪئي ويئي، پاڻ لکي ٿو:

”اسان اڃا تائين شاهه وڃايو ناهي، شاهه زندهه آهي، اسان اڄ به سجاڳ ٿي شاهه کي سنڀاليون ته اسان ۾ نئين جوت اچي سگهي ٿي، فڪر ناهي اسين ڪي ڏينهن عمر جي قيد ۾ رهياسون. فڪر صرف اهو آهي ته ترت قيد مان ڇُٽُون ۽ مارن سان ملون. اباڻن جي اُڪير ٻجهايون ۽ لاک جي لوئي پايون، جڏهن اسين بند مان آزاد ٿينداسون ته پوءِ نه رڳو پاڻ کي انسان، آزاد انسان سمجهنداسون پر ائين به چونداسون ته جهالت واري عرصي ۾، غفلت وارن ڏينهن ۾ به خوش قسمت هئاسون. جيڪي اسين هينئر پنهنجي ناعاقبت انديشي تي ڳوڙها ڳاڙيون ٿا سيئي اسان کي اُجاري اڇو ڪندا.“ (چنه، 1957ع، ص 15)

محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي مضمون
”شاهه جي سهڻي“ ۾ سهڻيءَ جي عمل ۽  ڪردار بابت ڪيل شاهه صاحب جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾، انساني سجاڳي، بيداري ۽ جدوجهد واري علامت جي حوالي سان وڏا اُتساهيندڙ خيال ظاهر ڪيا آهن. هو ابتدائي تهميد ۾ ئي آزاديءَ وارو آواز بلند ڪندي اڳتي وڌي ٿو، لکي ٿو:

”هر طبقي ۽ هر طريقي جي شخص ۽ جماعت جو مقصد پنهنجو پنهنجو ٿئي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ هر ڪنهن سڌريل انسان ۽ سمجهدار قوم جو صحيح مقصد ”آزادي“
ئي هجڻ گهرجي، جا قوم ۽ جي انسان ٻين جا غلام آهن سي نه انسانيت جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا، نه عزت سان رهي سگهن ٿا، ڇو ته هنن جون زمينون، هنن جا عهدا، هنن جو علم، هنن جي صحت، بلڪ هنن جو جسم ۽ لڄون به آقائن جي رحم و ڪرم وهيڻا هوندا آهن، هو جيئن ڪن تيئن سونهين، جيڪو ڪڇي اُن کي هڻن ڪاٺ ۾، نه قاعدو نه قانون، نه داد نه استاد. جنهن وٽ دانهين وڃن سو به انهن جو ڀاءُ!“

اڳتي هلي ساهڙ ۽ سهڻي جو ذڪر ڪندي، بيتن جا مثال پيش ڪندي تمثيلي طور لکي ٿو:

”سهڻي“ يعني ”عوام“ جي لئون پنهنجي ”ميهار“ يعني آزاديءَ سان لڳل هئي، پر سندس بي خبر، بي قدر ۽ بي احساس وارثن غلاميءَ جي ظاهري چمڪ ڌمڪ کي آزاديءَ ۽ آزاديءَ جي حقيقي تونگريءَ کان وڌيڪ سمجهيو، آقائن کي عمدن کاڌن جي اوبر کي آزاديءَ جي رُکي ٽڪر کان لذيذ سمجهيو ۽ پنهنجي ٿورڙيءَ لالچ خاطر زور زبردستيءَ، ڏاڍ ۽ ڏمر سان، ڏم جي قبضي ۾ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.“ (چنه، 1957ع، ص 82)

اهڙي طرح ڏيپلائي صاحب گهمائي ڦيرائي سهڻي ۽ ساهڙ وارن بيتن وسيلي اهو تاثر ڏيئي ٿو ته:

”آزادي منهنجو جنم جو حق آهي.“

”هڪ ڏينهن جي آزاديءَ جي زندگي، غلاميءَ جي سؤ سالن جي زندگيءَ کان هزار بار بهتر آهي.“ (چنه، 1957ع، ص 83)

مضمون جي طوالت سبب ڏيپلائي صاحب جي مضمون جا وڌيڪ مثال نه ٿا ڏجن، ورنه ان جي سٽ سٽ آزاديءَ لاءِ اُتساس پيدا ڪرائيندڙ آهي. آخر ۾ سندس پڄاڻيءَ واريون سٽون پيش ڪجن ٿيون:

”اڄ به هر ڪنهن آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ کي ڀٽائي گهوٽ اهوئي پيغام سڻائي ٿو ته:

سڪڻ وارن سٿرو، جي دهشت سان درياهه،

اوڙڪ انهي جو نه رهي، اَربنا ارواح،

ويندي ساهڙ سامهون، صدقو ڪنديون ساهه،

جن حب انهيءَ جي آهه، ساهڙ ساڻي تن جو.

(چنه، 1957ع، ص 89)

مسٽر مقبول احمد ڀٽي جا ”نئون نياپو“ عنوان هيٺ لکيل پنهنجي فلسفيانه مضمون ۾ هيٺيان جملا پڙهو:

”سنڌ کي هڪ سائو سڻائو ۽ سکيو ستابو ملڪ سمجهي، هر ڪنهن ڌارئي گدڙ جي گگ، ان جي زر ۽ زمين تي پوندي پئي آئي آهي. شاهه سائين واري دؤر ۾ به، جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ اهڙن حمله آورن جو آماجگاهه هئي. پنهنجي ملڪي ماڻهن کي اهڙن پڇ لوڏو لومڙين اڳيان شينهن جو جگر رکڻ جي تلقين ڪندي شاهه چيو:

”سهسين مڙي سيارڙا، جي جنبو جا ڪن،

ته ڪِهر ڪَنُ نه اُڊڪي، ڊاء نه ڊڄي تن.“

(چنه، 1957ع، ص 92)

محمد اسماعيل ابن واصف ته ”سُرن جو سير“ عنوان سان لکيل مضمون جي شروعات ئي هن ريت ڪري ٿو:

”قومن جو عروج ۽ زوال، انهن جي تهذيب، ثقافت ۽ علم ادب سان وابسته آهي ۽ پڻ دنيا ۾ اهي ئي قومون خوشنصيب ليکجن ٿيون، جن وٽ پنهنجو ادبي سرمايو موجود آهي، پوءِ ڀلي ته انهن جا خزانا هيرن و جواهرن جي چمڪ دمڪ کان خالي هجن.“ (چنه، 1957ع، ص 108)

اهي هئا نثرنگار جن شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو سهارو وٺي، ملڪي ماحول بابت پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي، عوام کي هوشيار ۽ تيار ڪرڻ، سمجهه ۽ ساڃاهه ڏيڻ جو اهڃاڻي انداز ۾ اظهار پئي ڪيو، پر چوندا آهن ته شاعرن جي دنيا ئي ڌار هوندي آهي. شاعر پنهنجي شاعرانه خوبين وسيلي قهري ڪوٽ ڪيرائي واڄٽ وڄائي ڇڏيندا آهن، اهڙو ئي انداز شاهه لطيف جي سالگره جي موقعي تي پڙهيل ڪجهه شعر ۾ نظر اچي ٿو.

ان سال الحاج علي محمد خالدي ٺٽوي هيٺيون شعر پيش ڪيو:

اُٿ اٿي ڏس سنڌ سونهاري جي حالت ڀٽ ڌڻي،

سرزمين سنڌ تي ڪر مهرو شفقت ڀٽ ڌڻي!

ڀال جن پنهنجا ڀلائي، پير پنهنجن جا ڪڍيا،

تن سڀاڳن کي ڏي ٿي هادي هدايت ڀٽ ڌڻي!

سنڌ وارن جان ۾ جايون جني کي ٿي ڏنيون،

سي رکڻ آهن لڳا، اڄڪلهه عداوت ڀٽ ڌڻي!

سنڌ سان گڏ سنڌ وارن جو سمورو ختم ٿيو،

دين، دنيا ۾ اڳوڻو شان و شوڪت ڀٽ ڌڻي!

سنڌ جي افسوس و غم ۾ پيئي سنڌين جي وڃي،

دن به دن ابتر کان ابتر ٿيندي حالت ڀٽ ڌڻي!

سنڌ پاڪستان جي نقشي تي وري ظاهر ٿئي،

جلد ڪا ڏيکار اهڙي ڪا ڪرامت ڀٽ ڌڻي!

سنڌ کي صدقي جي ٻڪري آهه جن سمجهي ڏٺو،

تن لئي آهي ’خالدي‘ سنڌين کي نفرت  ڀٽ ڌڻي!

(چنه، 1957ع، ص 117)

پير شاهنواز شاهه ”عارف الموليٰ“ ڏوهيڙي ۾ شاهه صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو:

جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سڏي سنڌڙي،

مٿان ماروئڙن لاهه ڪڙولا ڪوٽ،

سهڻيءَ کي سائر ۾ ڏني چڙن چوٽ،

پنهنجا پراوا ٿيا، خان ڪري ويا کوٽ،

وڪڻي ويٺا سنڌڙي، نيرا ڏسي نوٽ،

مرشد کا موٽ، لهه سار سنڌين جي.

(چنه، 1957ع، ص 121)

محمود رفيقوي جي طويل نظم ”ڀلارا ڀٽ ڌڻيرحه“ جو هي بند ڏسو:

تنهنجي صدقي سنڌ کي موليٰ ڏنو عزوّ وقار،

تنهنجي صدقي، سنڌ جي هوندو چمن ۾ ئي بهار،

تنهنجي صدقي سنڌ جو نالو هميشه آشڪار،

تنهنجي صدقي سنڌي رهبري هميشه برقرار،

تنهنجي صدقي سنڌ ۾ سنڌي زبان آ زنده باد!

تنهنجي صدقي سنڌڙي پاينده باد و شادباد!

(چنه، 1957ع، ص 126)

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي محب وطن ۽ روشن خيال شاعر هئڻ واري تصور جي نفي ڪرڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل مواد کي بنياد بنائي، ڪي فرد ميدانِ عمل ۾ نڪري آيا، ان سلسلي ۾ روزانه ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مولانا خير محمد نظاماڻي پنهنجي مخصوص انداز سان، پنهنجي مخصوص فڪر جو ڦهلاءُ ڪندي، شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل جي ڪارڪردگيءَ تي هن ريت ڇوهه ڇنڊيا، هو صاحب 21- سيپٽمبر 1956ع واري پرچي ۾ لکي ٿو:

”جيڪي ماڻهو شاهه جي اصل مقصد کان ناآشنا آهن ۽ شاهه جي پنهنجي حقيقي محبوب سان عشق و محبت جي جذبي کان ناواقف آهن، تن کي شاهه جي ڪلام مان ڪو معنوي لطف ۽ روحاني ڪيف حاصل ٿئي اهو ناممڪن آهي. رڍ ڇا ڄاڻي رباب مان، جنهن جي ٻولي ٻي!“


شاهه هڪ خدا پرست ۽ پابند شريعت بزرگ هو، جنهن تي سرود جي استعمال کان سواءِ ٻي ڪابه نڪته چيني نه ٿي ڪري سگهجي. جيڪو صوفين ۽ فقهاء وٽ هڪ اختلافي مسئلو آهي.

افسوس ته اهڙي ديندار، پرهيزگار ۽ خدا پرست بزرگ تي اڄڪلهه ڪي ملحد، لامذهب ۽ منڪرين شريعت پنهنجو حق ڄمائڻ گهرن ٿا حالانڪ سندن لامذهبيت، دهريت ۽ اسلام ۽ شريعت محمدي سان دشمني جي تقاضا هئي ته هو هن خداپرست، مسلمان ۽ پابند شريعت درويش جي ڪلام سان ظاهري طرح به واسطو نه رکن ها، جهڙي طرح کين هن جي خدا اسلام ۽ شريعت سان قلبي واسطو ناهي ۽ هو ساري محمدي دين کي جنهن جو شاهه ظاهراً ۽ باطناً تابع هو، تنهن کي غلط سمجهن ٿا ۽ ان کي ڊاهڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن منصوبا سٽيندا گهمن ٿا، شاهه، دين اسلام، شريعت محمدي ۽ نبوي متابعت جي مدد سان سلوڪ جي راهه جو سفر ڪيو آهي، تنهنڪري هن پنهنجي پنڌ ۽ پيچرن لاءِ ڪهڙا به نالا اختيار ڪيا هجن، پر هن جي ڪلام جو حقيقي مفهوم قرآن پاڪ ۽ سنت محمدي جي روشني ۾ پروڙي سگهجي ٿو. افسوس آهي ته هنن کي شاهه جو طنبورو ته ياد آهي جنهن جي برقرار رکڻ لاءِ هو ڀٽ تي راڳ ۽ ناچ جو مرڪز قائم ڪرڻ جي فڪر ۾ آهن، ليڪن هنن کي اهو قرآن ياد ناهي جيڪو سدائين ڀٽائي جي سيني سان لڳل هوندو هو، اهو ذڪر ۽ نماز روزو ياد نه آهي جيڪو ڀٽائي جي جيءَ جو جياپو هو.

ڇا اهي ماڻهو ڀٽ شاهه تي قرآن ۽ اسلام جي تعليم جو مرڪز به قائم ڪرائڻ لاءِ تيار ٿيندا، يا فقط طنبوري کي ئي پنهنجو معبود مڃي ان کي پوڄيندا رهندا؟“

9- سيپٽمبر 1957ع تي ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جو ٻه سؤ پنج سالگره شروع ٿيو، جيڪو 9- تاريخ شام جو شروع ٿي، 10- تاريخ رات تائين پورو ٿيو. بدليل صورتحال ۾ اهو پروگرام پڻ شاهه جي مستقل پانڌيئڙن سائين جي.ايم.سيد، پيرزادي عبدالستار، سيد ميران محمد شاهه، آغا تاج محمد ۽ مخدوم طالب الموليٰ گڏجي ملهايو هو، پيرزادو صاحب ان دؤر ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ وزارت واري عهدي تي برجمان هو، پر پوءِ به لطيف واري لَئو سبب ڀٽ جو ڀيرو ڀريندو رهندو هو، نه رڳو ايترو پر سالياني سالگره پروگرام ۾ پڻ مغربي پاڪستان سرڪار کان فنڊ وٺرائي ڏيڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو رهندو هو. ان سالگره جي پروگرام ڪميٽيءَ جو صدر مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ هو ۽ مقالن واري نشست جي صدارت سائين جي.ايم.سيد ڪئي هئي، اهڙي ريت سائين جي.ايم.سيد هڪ ئي وقت ڀٽائيءَ تان به ڀيرو ڪندو پئي رهيو، پر سنڌ جي آزاد حيثيت کي ختم ڪرڻ وارين ڌرين خلاف پڻ سرگرم عمل هو، جيئن سيد صاحب جي 9- سيپٽمبر 1957ع واري ڊائريءَ مان پتو پوي ٿو ته:

”سيد صاحب ان ڏينهن پير صاحب پاڳاري عابد حسين پيرزادي ۽ حسن محمود وزير سان ملي، خيالن جي ڏي وٺ ڪري ون يونٽ خلاف هڪ عارضي نوعيت جو سمجهوتو ڪيو.“

اهڙي ريت سيد صاحب 10- سيپٽمبر 1957ع واري ڊائريءَ ۾ لکي ٿو:

”9- بجي شاهه لطيف ڪلچرل بورڊ جي ميٽنگ مان ٿي، لطيف ڪانفرنس ۾ آياسون، هتي راڳ ۽ مضمون 1:00 بجي تائين منهنجي صدارت ۾ هليا، اتان جاءِ تي اچي ماني کائي، وري شام جو شاهه لطيف ڪلچرل بورڊ جي ميٽنگ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڪانفرنس ۾ آياسون، جتي پيرزادي عبدالستار جي صدارت ۾ ڪانفرنس 12:00 بجي تائين هلي، پڇاڙيءَ ۾ مون تقرير ڪئي ته دعا ڪريو ته ون يونٽ ختم ٿئي.“

شاهه صاحب جي فن فڪر ۽ شخصيت واري حوالي سان منعقد ٿيل هن سال واري پروگرام ۾ به ڪيترن ئي عالمن اديبن ۽ شاعرن حصو ورتو. پر بدليل ماحول ۽ تبديل ٿيل صورتحال ۾ (ڊاڪٽر) غلام علي الانا اهڃاڻي انداز ۾ ۽ محمد عثمان ڏيپلائي سڌي طرح غلامانه حالات طرف اشارا ڪيا. رهيو سوال شاعرن جو انهن موراڳو واهڙ وهائي ڇڏيا.

محترم غلام علي الانا (هاڻ ڊاڪٽر)، شاهه صاحب کي ”سنڌي تهذيب جو محافظ“ عنوان هيٺ لکيل مضمون ۾ جڏهن رسالي ۾ موجود جاگرافيائي حالتن، وڻج واپار، ريتن رسمن، سنڌين جي لباس ۽ هار سينگار، مٽجندڙ موسمن، رومانوي قصن ڪهاڻين بابت بحث ڪري ٿو، تڏهن خودبخود آزاد فضائن ۾ موجون ماڻيندڙ ۽ خوشحال سنڌ ۾ گهاريندڙ آزاد قوم جي قدامت وارو تصور نکري نروار ٿي بيهي ٿو.

سودي ڪارڻ سنبهي، ويهون وڻجارن،

ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.

(چنه، 1958ع، ص 31)

اهڙي طرح ڪٿي وري برباديءَ وارن اهڃاڻن طرف پڻ اشارو ٿيل ملي ٿو:

ڪرڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،

ههڙي اڄ حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين.

(چنه، 1958ع، ص 30)

محمد عثمان ڏيپلائي پڙهيل مقالي ”متان ٿئين تون ماندي…“ ۾ حضرت شاهه لطيف جي ڪلام مان سجاڳي، همت ۽ جستجو واري شاعري پيش ڪندي آخر ۾ هلندڙ حالتن ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو:

”مارئي وانگر ڏولاوا ڏسندي اسان کي به اڄ ٽي سال ٿي ويا، اسان جي ڦوڳن به پنهنجي مارئي کي عمرن هٿان کوهه تان کڻائي ڏني، اڄ ٽي سال ٿيا، جو هن ڀلاريءَ سرزمين تي اسان جي عزتمآب پيرزادي صاحب اسان جي ثقافتي سينٽر جو سنگ بنياد رکيو، پر وطن جي ڦوڳن هن کي هٽائي پاڻ واڳون ورتيون.“ وطن جي ڦوڳن، پيرزادي صاحب کي سنڌ جي اعليٰ عهدي تان هٽرائي، سنڌ جي جداگانه وجود جو ون يونٽ جي نالي ۾ (هڪ) وجود ڪري، جو پاڻ واڳون سنڀاليون ته انهن پوءِ ڇا ڪيو؟“ ان ڳالهه طرف ساڳي مقالي ۾ ذڪر ڪندي، ڏيپلائي صاحب لکيو:

”(ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي) سنگ بنياد تان ٽوڪون ڪيون، منظور ڪيل مضمون رد ڪيون ۽ ٻي سال ٻوڏن جي بهاني هتي جون محفلون به بند ڪيائون.“ (چنه، 1958ع، ص 64)

اهڙي ريت پنهنجن جي مفاد پرستي ۽ لالچ وارين سودي بازين ۽ ڌارين پاران ڪيل زور زبردستيءَ وارن حالتن کي نظر ۾ ڏيپلائي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:

”اهڙين مهلن ۾ به اسان کي ڀٽ ڌڻي ڀلاري کان اهي ئي دلاسا پئي مليا ته:

• متان ٿئين تون ماندي!

   ويهه م منڌ ڀنڀور ۾ ڪرڪو واڪو وس.

• ڪو ڏينهن آهئين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ ۾ لاهه،

  هت م ڀاڙج م هيڪڙي، پائر جي پساهه،

• م ڪي روءِ، م رڙڪي، م ڪي هنجون هار،

  ان مع العسر يسرا اها سٽ سنوار.

  ڏکن پٺيءَ سکڙا سلهائين سنگهار،

  لٿا لوهه لطيف چئي، پروڙج پنوهار،

  ٻيڙيون نيئي ٻار، توتان بند بدا ٿيو.

(چنه، 1958ع، ص 65)

سال 1957ع واري سالگره جي موقعي تي ڪيترن ئي شاعرن شعر پڙهيا پر علي محمد خالدي، برده سنڌي، حسين بخش خادم، عارف الموليٰ ۽ محمد خان غني تبديل ٿيل ماحول جي مناسبت سان واهه جو پاڻ ملهايو. نظم واري حصي ۾ هونئن ته ”ڀٽ ڌڻي“ عنوان سان لکيل نظم ۾ وري به علي محمد خالدي واڄٽ وڄائي ڇڏيا. ڀٽائي کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:

سنڌ تي مرڪز کان مشڪل آهي آئي ڀٽ ڌڻي،

مرڪزي مشڪل ڪر رهائي ڀٽ ڌڻي.

سنڌ جا هٿراڌو وحدت ۾ ملائي آهي وئي،

سنڌ وارن کي وٺي ڏي سنڌ سائي ڀٽ ڌڻي.

سنڌ موٽي ملڪ پاڪستان جو صوبو ٿئي،

رات ڏينهن اٿئون اهائي وات وائي ڀٽ ڌڻي.

سنڌ وارن سان مصيبت ۽ غم و اندوهه ۾،

اُٿ اُٿي ٿي حال محرم حال ڀائي ڀٽ ڌڻي.

مون کي پڪ آهي ته تنهنجي ڪاتب تقدير وٽ،

حد کان آهي گهڻي پهچ ۽ رسائي ڀٽ ڌڻي.

تون جي چاهين بي ڪمي يونٽ سندو کي کلم کلا،

هوند لحظي ۾ ٿئي ان جي صفائي ڀٽ ڌڻي.

ٽوڙ ٽاڪوڙو وجهي مصنوعي وحدت جو وجود،

سنڌ لاءِ آهي جا آفت ٿي آئي ڀٽ ڌڻي.

سنڌ جا ليڊر سمورا ايئن ڪري ڏي کير کنڊ،

جيئن وڃن پاڻ ۾ اسيمبلي جا ست رڪن،

تو اڳيان دانهن ڪرڻ ڌاران آهي خالدي،

سنڌ وارن جي رهي ٻي واهه ڪائي ڀٽ ڌڻي.

(چنه، 1958ع، ص 73)

ان موقعي تي برده سنڌي ”سڏ“ عنوان سان پڙهيل شعر ۾ لکي ٿو:

تنهنجي دم سان جا هئي چنچل سا اڄ سنڌ نماڻي،

روئي روز واجهائي ويٺي ڪوجهي ڪانگ اُڏاري،

پنهنجن کي پئي ڏئي پاراتا، گوندر منجهه گذاري،

جيڪي پاڻ وڪامن جوڳا تن جي هٿان وڪاڻي،

تنهنجي دم سان جا هئي چنچل سا اڄ سنڌ نماڻي.

تنهنجي سنڌ جي حالت آهي، تنهنجي سسئي واري،

هن سان ڏيرن ڪئي، وڏيرن هن سان هاءِ پڄاڻي،

تنهنجي سهڻي سير ۾ آهي ڄاڻ ته ٻوڙي پاڻي،

رت رت کي آباهه لڳي وئي پنهنجن ڪري گذاري،

تنهنجي سنڌ جي حالت آهي تنهنجي سسئي واري.

(چنه، 1958ع، ص 88)

حسين بخش خادم سروري پنهنجي طويل نظم ۾ هن طرح مخاطب ٿيو:

تاقيامت هم نشين و شاد هوندي سنڌڙي،

سبز سر ۽ شادهي آباد هوندي سنڌڙي،

سنڌ جي سنڌيءَ کي هردم ياد هوندي سنڌڙي،

ظالمن جي ظلم کان آزاد هوندي سنڌڙي،

غور سان ٻڌ دل جون دانهن دادلا عبداللطيف،

ماءُ ريءَ ڪيڏي ٻچا ويندا ڀلا عبداللطيف.

 

رس ڀٽائي گهوٽ هاڻي توکي ساري سنڌڙي،

هي نماڻي توڏي هر هر ٿي نهاري سنڌڙي،

بيڪس و بيواهه پئي پل پل پڪاري سنڌڙي،

گهوٽ ٿي ڏکيون گهڙيون هاڻي گذاري سنڌڙي،

وقت هن ۾ ڪر مدد ڪا جلد آ عبداللطيف،

سڻ سگهو خادم سندي هي التجا عبداللطيف.

(چنه، 1958ع، ص 91)

’سنڌڙيءَ سندا سڏڙا‘ عنوان هيٺ لکيل نظم ۾ سيد عارف الموليٰ هن ريت صدائون بلند ڪري ٿو:

سنڌڙي جا سرتاج! توکي ٿي سنڀاري سنڌڙي،

تنهنجي روضي ڏي نهاري نير هاري سنڌڙي.

تون ستين سيد سکيو ٿي ڀٽ تي او ڀرجهلا،

چئه ڀلا ڪنهن جي ڇڏي آ، تو سهاري سنڌڙي.

تنهنجي مارن سان ته ڏس ٿيا ڪوٽ ۾ ڪيڏا ڪلور،

ٿي سنگهارن جي سدا غم ۾ گذاري سنڌڙي.

جن چوايو ٿي آهيون سنڌ جا سالم سپوت،

تن ئي ڌارين کي ڏني آهي ڌوتاري سنڌڙي.

جيڪي ٽانڊي ڪاڻ آيا سي سڏائن بورچي،

جي هئا مهمان سي ويٺا والاري سنڌڙي.

غداري ڪندڙن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:

سيئي پنهنجا ٿيا پراوا تن ئي کوٽن کوٽ ڪيو،

جن کي آ پالي وڏو ڪيو، پوڄ پياري سنڌڙي.

سڻ سگهو سڏ سيدا واهر وري ڪرڪا عجيب،

هي مٺي مظلوم پئي پل پل پڪاري سنڌڙي.

(چنه، 1958ع، ص 92)

نامور شاعر محمد خان غني طويل نظم ’نذر عقيدت‘ ۾ هن ريت خيالن جو اظهار ڪيو:

”سنڌ تنهنجي شاهه ويندي نيٺ تان آزاد ٿي،

۽ اڳوڻي شان سان باشي سندس آباد ٿي.

نئين سري سان سي اڏيندا پنهنجي گهر کي شاد ٿي،

سنڌين جي پر ٻڌي ان ڳالهه جو بنياد ٿي.

گنج تنهنجي مان ڪڍيو مون ڪالهه آهي نيڪ فال،

سنڌين کي شال اهڙي ڪا سعادت اڄ سري،

تنهنجي نسخي کي اٿن هٿ ۾ کڻي رهبر ڪري،

آهه هئين لاريب تن تان هر مصيبت ڪر ٽري،

باليقين هردوجهان ۾ تن جي جيڪر پت پري،

تنهنجي در تي ملتجي آهي غني ٿيو خسته حال.

(چنه، 1958ع، ص 97)

ون يونٽ خلاف ماحول متو پيو هو، سائين جي.ايم.سيد مختلف رُخن کان ان ڪهري ڪوٽ مٿان وار ڪري رهيو هو، اهڙي وقت ۾ 17- سيپٽمبر 1957ع تي سيد ميران محمد شاهه، سائين جي.ايم.سيد کي لکي ٿو:

”خدا توتي ۽ تنهنجي ساٿين تي رحمت جو هٿ ڌري، جو اوهين مارئيءَ کي عمر سومري جي بند مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيا آهيو.“

ان خط هيٺان سائين جي.ايم.سيد لکيو:

هيءُ تار مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ واري ٺهراءَ جي ڪثرت راءِ سان پاس ڪرائڻ بعد موڪلي هئائين. (سيد، 1978ع، ص 253)

14- آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، ميجر جنرل اسڪندر مرزا 23- مارچ 1956ع تي پاڪستان جو صدر مقرر ٿيو. صدر هئڻ واري حيثيت ۾ 30- آگسٽ 1958ع تي ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ 206 سالياني سالگره جو هن افتتاح ڪيو، ساڻس بيگم اسڪندر مرزا پڻ گڏ هئي.

ان وقت سڪندر مرزا ادبي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو ۽ جلسي جي صدارت پڻ ڪرڻ فرمائي.

ان دؤر تائين ملڪي ماحول مٽجي چڪو هو، انڪري شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جي انتظاميه پاران هن سال ٻه مکيه تبديليون ڪيون ويون.

”(1) اهڙي موقعي تي سينٽر ۽ علائقي جا گهڻا وزير صاحبان وڏا آفيسر صاحبان موجود هئا.

(2) هن ورسي وقت مقالن ۽ شعرن تي گهٽ زور (ڏنو ويو) هو، پر راڳ، ڪافي ۽ وائي کي گهڻو ٻڌو ويو. (چنه، 1959ع، ص 3)

وڏي ڌام ڌوم سان ٿيندڙ شاهه صاحب جي ان سالياني سالگره پروگرام، جنهن جو هر سمجهدار سنڌي انتظار ڪندو رهندو هو. ان جي پروگرام ۾ جو وقت ۽ حالتن تحت اچانڪ تبديلي ڪئي ويئي ته پوءِ باقي سالگره پروگرام ۾ ڇا ٿيو. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي يادگار لطيف جي ايڊيٽر لکيو:

”ان موقعي تي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي اهڙن سازن ۽ آوازن سان ظاهر ڪيو ويو، جنهن ۾ مُرليون به هيون ۽ الغوزا به هئا، گويا به هيا ۽ شاعر به هئا. هڪڙي ٻهراڙيءَ جي غريب شاهه جي پانڌيئڙو فقير ته واين سان محفل کي روحاني لطف بخشيو… مطلب ته هڪ رنگين گلن ۽ ڦلن جو گلدستو هو، جو صدر صاحب کي پيش ڪيو ويو.“ (چنه، 1959ع، ص 3)

ان موقعي تي سيد ميران محمد شاهه صاحب پنهنجي خطبهء استقباليه ۾ صدر صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته:

”صدر محترم! منهنجي اوهان صاحبن کي مودبانه گذارش آهي ته اوهان صدر مملڪت پاڪستان جي حيثيت ۾، مرڪزي سرڪار کي هن ثقافتي مرڪز کي مڪمل ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ دائمي ۽ وقتي گرانٽ چڱي انداز ۾ ڏيڻ لاءِ هدايت ڪريو. مون کي يقين آهي ته اوهان جي اهڙي مروت، سخا ۽ مهربانيءَ واري قدم کڻڻ سان اوهان جي هن تاريخي ۽ پاڪ جڳهه تي تشريف آوريءَ واري قدم کڻڻ سان اوهان جي هن تاريخي ۽ پاڪ جڳهه تي تشريف آوريءَ جي ياد، شاهه لطيف جي طالبن ۽ پانڌيئڙن جي دلين ۾ ناقابلِ فراموش رهندي.“ (چنه، 1959ع، ص 10)

ڀٽ شاهه تي جيئن ته هيلي پيڊ جي سهوليت ڪانه هئي، انڪري اسڪندر مرزا کي حيدرآباد کان روڊ رستي نيون ويو هو، استقباليه ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ميران محمد شاهه چيو:


”آخر ۾ آءٌ پنهنجي ۽ شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جي پاران اوهان صاحبن ۽ بيگم صاحبه جن جو دوباره تهدل سان شڪريه ادا ڪريان ٿو، جو اوهان ڀٽ شاهه تائين خشڪيءَ جي سفر جي تڪليف برداشت ڪري شاهه جي ورسيءَ جي هن ادبي ڪانفرنس ۾ تشريف فرما ٿيا آهيو ۽ مجلس کي پنهنجي شموليت سان فيضور ڪيو اَٿوَ. خدا پاڪ اوهان ۽ بيگم صاحبه کي دائما شاد و آباد رکي.“ (چنه، 1959ع، ص 10)

 

ان دؤر جي مشهور اخبار روزاني ڊان جي رپورٽ موجب ميجر جنرل اسڪندر مرزا صاحب پنهنجي جوابي تقرير ۾ فرمايو:

“Inaugurating the ‘Urs’ ceremonies of Shah Abdul Latif at Bhit Shah, last evening President Iskandar Mirza paid rich tributes to the spiritual eminesiee and universal love of the saint, whose insprition, he said, was eternal.

The president was accompanied by Begum Naheed Iskandar Mirza.

Speaking in Urdu, the President said that Shah Abdul Latif’s saintly persenality and soulstirring songs hare inspired hundreds of thousands of people, of all creeds and belonging to all walls of life. He congratulated the Shah Abdul Latif Memorial Council upon recognizing the central attraction of Bhit Shah by constructing a cultural centre there.

Centre’s Grant

In pursuance of its policy to develop Pakistan’s regional languages in all their richness, said president Mirza, the central government had recently sanctioned Rs. 4,00,000/= for the Sindhi Adabi Board and was farourable considering a proposal to grant Rs. 5,00,000/= for the board’s building programme.

As regards assistance to the Central at Bhitshah, the President said that if the memorial Council, submitted a detailed scheme, the Central Ministry of education would give it sympathelic consideration. He assured them that he would do his best to obtained financial assistance as soon as the scheme was submitted.

The President asked the Memorial Council to compile high standard books on the life, poetry and music of Shah Abdul Latif. An independent state, he said, should not only build marble or stone and time monuments for its great men, but also publicies their achierement both inside and out side the Country”.

Daily DAWN dated 31-08-1958)

بدليل ماحول ۾ سيد ميران محمد شاهه ۽ سندس ڪم ڪندڙ ٽيم ڪافي حد تائين احتياط کان ڪم پئي ورتو، قلمڪار پڻ ڪافي حد تائين محتاط رهيا، پر پوءِ به ڪي نه ڪي لکندڙ اندر جو اوٻر ڪڍي ٿي ويا، هن سال جي نثر واري ڀاڱي ۾ آغا شهاب الدين ۽ ولي محمد طاهرزادي اهڙوئي ڪم ڪري ڏيکاريو.

آغا تاج محمد جو فرزند، آغا شهاب الدين لکڻ جي ميدان ۾ ابتدائي قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا، ان هن سال ”شاهه جي وطن دوستي“ عنوان سان مضمون پڙهيو، هن ان مختصر مضمون ۾
حب الوطنيءَ واري حوالي سان اعليٰ درجي جون ڳالهيون ڪيون. هو پنهنجي مضمون جي ابتدا هن ريت ڪري ٿو:

• ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪيها پرين.

• ڌريائي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا.

اڳتي هلي هو صاحب لکي ٿو:

”مون کي يقين آهي ته ڀٽائي بزرگ جهڙو وطن دوست جنهن ”ڪل“ کان اڳ ”جز“ کي ياد ڪندي عالم جي آباديءَ جي دعا کان مقدم ۽ مقدس سنڌ جي سڪار کي سمجهيو، سو سونهاري سنڌ کي واڳن جي وات ۽ مصيبتن جي منهن ۾ ڏسي سنڌين جي بي بسيءَ ۽ بي ڪميءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندي يقيناً دست بدعا ٿئي ها ۽ چوي ها ته:

سنڌ ۽ سنڌين تي آفت آهه آئي ياخدا،

ڪر مدد ان جي مهابي پنجتن جي ياخدا.

(چنه، 1959ع، ص 23)

اهڙي طرح هو ساڳئي ئي انداز ۾ اڳتي هلي چوي ٿو:

”هن نازڪ دؤر ۾ جڏهن سرگرميون تيز ترين طوفان جي صورت اختيار ڪري رهيون آهن، تنهن دؤر ۾ اسان جي دلبري ۽ رهبريءَ خاطر شاهه جي نصيحت ۽ هدايت کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ ڪارگر ۽ ڪارآمد ٿي نه سگهندي.“ (چنه، 1959ع، ص 23)

مولوي ولي محمد طاهرزادو جنهن جو خالصتاً علمي ڪم سان لاڳاپو نظر پئي آيو، ان به جڏهن 1958ع واري سالگره پروگرام بابت قلم کنيو ۽ بظاهر ”شاهه سائين جي پيشنگوئي“ عنوان سان مقالو لکيو، تڏهن ان جي پڄاڻي ڪندي اندر واري آهه، ۽ درد واري دانهن جو اظهار ڏاڍي شانائتي انداز ۾، هن طرح ڪري ٿو:

”راڻي جي رسامي مان ٻاراڻي بوءِ پيئي اچي. سچ ته هي آهي ته عشق ۽ محبت جي دنيا صرف معصومن لاءِ آهي. راڻو رسي ويو ته ڇا ٿيو شل رب نه رسي جي رسي ته مت کسي هڻي ڪونه هٿيار. هن وقت اسان کان ڍٽ ڌڻي ۽ ڀٽ ڌڻي ته رسي ويا پر رب به رسي ويو آهي. انهيءَ ڪري ته سنڌڙي جا رهاڻو جيڪي وطن خواهه دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهن ٿا، مت کسجي ويئي نه ته گهر ٻاري ڏياري ڪونه ڪن ها.“ (چنه، 1959ع، ص 32)

ون يونٽ لاڳو ٿيڻ سان سنڌي زبان کي نمايان خطرو نظر پئي آيو. ان خطرناڪ صورتحال طرف اشارو ڪندي، هو صاحب لکي ٿو:

”لطيف جنهن زبان کي پاليو تنهن جو هٿن سان خون ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهي نه رهن ها. لطيف جا گيت سنڌي زبان جي بقاء لاءِ فولادي ديوار آهن، پر جيڪڏهن زبان زوال پذير ٿي ويئي ته اها ديوار پاڻيهي ڪِري پٽ پوندي. انهيءَ ڪري سنڌ جي اديبن، ادب نواز حلقن ۽ سنڌي عوام کي عرض آهي ته زبان جي بقاء لاءِ ڪو اهڙو قدم کڻو جيئن قديم زبان جو وجود رهجي وڃي.“ (چنه، 1959ع، ص 32)

اهڙي ريت محمد خان غني جنهن ”شاهه جو ڪلام هڪ سرسري نظر“ عنوان هيٺ خالص علمي مضمون لکيو آهي، پر ان به مهل موقعي جي مناسبت سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:

”سنڌ جي سدا جيئري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شعر جي وسيلي سنڌي زبان کي ايتريقدر مالامال ڪيو آهي، جو جي اسين ان کي پڙهي پروڙيون ته پوءِ اسان کي موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان جيڪر ڌارين زبانن ڏانهن نهارڻو ئي نه پوي.“ (چنه، 1959ع، ص 40)

هن سال به شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪيترن ئي شهسوارن گهوڙا ڊوڙايا، عجز، نياز نوڙت، صوفياڻو فڪر، نصيحت ڀريا نُڪتا بيان ڪيا، پر ڪجهه اهڙا به شاعر هئا جن تبديل ٿيل ماحول ۾ ڀٽ ڌڻيءَ اڳيان عوامي انداز ۾ پنهنجي اندر جو اظهار ڪيو. جنهن مان سندن مٽيل ماحول تي نظر هئڻ ۽ گهربل حوالي سان اظهار ڪرڻ وارو جذبو نمايان نظر اچي ٿو.

محمود خادم رفيقوي، حضرت شاهه عبداللطيف جي بارگاهه ۾ ”عقيدت جا گل“ نڇاور ڪندو چوي ٿو:

”مارئي تنهنجي اڃان ڪوٽن اندر آهي اسير،

پنهنجي مارن کانسواءِ ڳڻتين ۾ ڳاري ٿي سرير،

پنهنجي مارن ريءَ وهائي ٿي اڃان نيڻن مان نير،

ڪيئن ڀلا سانگين سواءِ ٿي، ساهه ان جو اڄ سڌير،

روزِ شب گهاري غمن ۾ غمزده باندي بڻي،

ڪير آهي جو دلاسو دم ڏيئي تنهن کي کڻي.

جاڳ جلندي ننڊ مان اي سنڌ جا سالار جاڳ!

جاڳ جلندي سنڌڙي جا رهنما مهندار جاڳ!

جاڳ جلدي اي ڀٽائي غمزدن غمخوار جاڳ!

جاڳ جلدي داد ڪر فرياد ٻڌ هڪوار جاڳ!

جاڳ جلدي سنڌ ٿي تنهنجي کڻي پويان پساهه،

جاڳ جلدي تو بنا اُن جي نه آهي ڪائي واهه.

(چنه، 1959ع، ص 48)

برده سنڌي ”سيد جي سنڌ“ عنوان سان لکيل بيتن جي طويل سلسلي ۾ هن طرح احوال اوري ويو:

• ’سيد‘ تنهنجي سنڌ ۾ سائين ڪيو سڪار،

پر پراون هٿ سان وڌو ڏيهه ڏڪار،

هڄي هڄي هتئون جا، اُپائن انبار،

وڃي ڪڻڪ ڪوهيار، سنڌي سڪن سنگ لئه،

• پٽيون ٻڌي پيٽ کي، اسين اپائيون،

وڃن ٿا کايون، ڪيڙا ڪنهن ٻئي ڏيهه جا.

• بري هن ڀنڀور ۾، واين تي پيا واڪ،

دانهون ٿيون درگاهه مان چُڪي اٿيا چاڪ،

ڀٽ اُڏائي خاڪ، رسالي روئي ڏنو.

• حيف تني کي هوءِ وڪيو جن وطن کي،

هرکي پيا هار تي، جيڪر وانگي جوءِ،

ڇا لطيفي لوءِ؟ ڪرسيءَ کان ڪوجهي هئي!

• اٿو اڙي عام، وطن ٿو واڪا ڪري،

اسان ڪارڻ عرش تان مُڪا شاهه سلام،

وطن جي وطن مان ٿو اچي هيءُ الهام،

ڏيڻ لڳو ڏيههَ جو پن پن هيءُ پيغام،

گهڻا هيئن ٿورن جا سَهون ڪين غلام،

نوري واري نياز مان، ڄاڻن ڇاهي ڄام!

هيڻان هڻي هام، ڏاڍن کي ڏاري وجهو!

(چنه، 1959ع، ص 49-55)

اياز سنڌي پنهنجي شعر ۾ ”اي سهڻا لطيف سائين“ عنوان هيٺ لکي ٿو:

• توکي پرواهه نه پير جي، نه ڪنهن وڏي وزير جي،

سڀ کي هڪجهڙو ڀائين، اي سهڻا لطيف سائين.

سنڌين کي شاداب ڪرائي، پنهنجي وطن کي آزاد ڪرائي،

هرهڪ کي خوش ٿي کلائين، اي سهڻا لطيف سائين.

• سنڌين جا هي حال ٿيا، دربدر سندن مال ٿيا،

ڇو نٿو هنن کي دوباره ديس ملائين، اي سهڻا لطيف سائين.

• روئندا سڀ رهن ٿا ڪنهن کي ڪونه چون ٿا،

خاموش ڇو ٿيو آهين، اي سهڻا لطيف سائين.

قسمت هنن جي بگڙي رهن پنهنجي وطن کان وڇڙيل،

غيرن جي غلامي کان خدارا تون بچائين، اي سهڻا لطيف سائين.

• اياز سنڌي سڏائڻ گلي ۾ آهي نوڙ پائڻ،

مادري زبان جو جلوو هيڪر مون پسائين اي سهڻا لطيف سائين.

(چنه، 1959ع، ص 53)

حسيني امداد علي شاهه امداد ٽکڙائي (امداد حسيني) ”چراغ جو ٻاري لطيف ويو.“ غزل ۾ لکي ٿو:

”سچ آهه سنڌ پنهنجي جياري لطيف ويو،

آبِ حيات ڄڻ ته پياري لطيف ويو.

لهرن جي اڄ اسان کي نه پرواهه آهه ڪا،

ڪشتي اسان جي لائي ڪناري لطيف ويو،

آهي انهن ئي سنڌ درخشان ڪري ڇڏي.“

(چنه، 1959ع، ص 58)

جاميءَ نالي ڪو شاعر، ’اُٿ ڀٽائي گهوٽ‘ عنوان سان ڀٽ ڌڻيءَ کي هن طرح مخاطب ٿيو:

• ”غيب مان ظاهر ٿي اي غمخوار اُٿ،

شاهه سائين سنڌ جا سردار اُٿ،

هال هيڻو ٿي ويو هڪوار اُٿ،

توکي سارن ٿا ٻڍا ڇا ٻار اُٿ.

پنهنجي قبضي ۾ ڪيو غيرن چمن،

جيڪو سڏبو ٿو اچي تنهنجو چمن.

• سنڌ جي لٽجي ويئي جاگير اڄ،

آهي سنڌي قوم جي تحقير اڄ،

ڪئن ٽٽن هن ظلم جا زنجير اڄ،

خبر ناهي ٿي اگر تاخير اڄ.

ختم ٿيندي ٿي وڃي سنڌي زبان،

قابلِ برداشت ناهي هي زبان.

• پنهنجي ٻولي لئه اهو عالم اٿم،

ننڊ ۾ ڇا جاڳندي ماتم اٿم،
اُن جي غم ڌاران نه ڪوئي غم اٿم،

 

سچ ته جيتر پنهنجي دم ۾ دم اٿم.

پنهنجي ٻولي تان ڪندس سڀ ڪجهه نثار،

ڏيندو همت مون کي شل پروردگار.“

(چنه، 1959ع، ص 59)

ان حوالي سان سائين جي.ايم.سيد 30- آگسٽ ۽ 31- آگسٽ 1958ع واري ڊائري وڏي معلومات مهيا ڪري ٿي، سائين حيدرآباد مان صبح جو سوير نڪرڻ جو ذڪر ڪندي لکن ٿا:

”غسل ڪري نيرن بعد شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ عبدالقادر کي ساڻ کڻي، ڀٽ شاهه تي اچي ميان علي محمد ميمڻ جي اوطاق تي هميشہ وانگر رهڻ ٿيو. کاڌي پيتي جو انتظام هميشہ وانگر پنهنجو هو، اهو امير حيدر (شاهه) ڪرايو، ماني کائي ٿورو آرام ڪري، پوءِ ڪئمپ ۾ آيس. راڪ هائوس وارن کي ملي، ميران محمد شاهه کي مليس، اُتان ريسٽ هائوس ۾ اچي پيرزادي کي مليس پوءِ جاءِ تي اچي ڪپڙا بدلائي پنڊال ۾ آيس، جتي ميرزا اسڪندر صدر پاڪستان آيو، ميران محمد شاهه ائڊريس پڙهي هن جواب ڏنو پوءِ راڳ ٿيو، ان کان پوءِ هو درگاهه تي زيارت لاءِ ويو، رات جو کيس مرڪزي بورڊ طرفان ڊنر هئي، ميران محمد شاهه انتظام ڪيو… رات جو اسڪندر مرزا موٽي ويو، ان سان گڏ کهڙو محمد ايوب، مير غلام علي ٽالپر، عبدالعليم وغيره وزير به موٽي ويا.“

سائين جي.ايم.سيد 31- آگسٽ 1958ع واري ڊائريءَ ۾ لکي ٿو:

”صبح جو اُٿي نيرن ڪري درگاهه تي زيارت لاءِ ويس، اُتان پير شاهه ڏني شاهه سجاده نشين درگاهه سان ملي راڳ جي مجلس واري شامياني ۾ آيس، اجلاس منهنجي صدارت هيٺ 8:30 بجي کان 1:30 بجي تائين هليو. راڳ، مضمون، ساز، شعر جو پروگرام هو، ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش قاضي به مضمون پڙهيا، هڪ قاضي آءِ.آءِ تي ڪڙي نڪته چيني ڪئي ۽ ٻئي ڊاڪٽر اقبال جي تعريف ڪئي. پوءِ جاءِ تي اچي ماني کائي ٿورو آرام ڪري نئين ريسٽ هائوس ۾ ڪلچرل بورڊ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس، جتي شاهه لطيف ڪلچرل مرڪز بابت تجويزون رٿيون ويون، شام جو مس جين ايبل امريڪن سيڪنڊ سيڪريٽري ۽ مسٽر مستوني وغيره آيا. انهن جي رهڻ، کاڌي جو انتظام ڪرايو ويو. پوءِ 7:30 بجي کان 11:00 بجي تائين مجلس ۾ ويهڻ ٿيو. جا پيرزادي عبدالستار جي صدارت هيٺ ٿي راڳ، ساز، مضمون، شعر چيا ويا. پوءِ جاءِ تي ماني کائي آرام ڪيم.“

سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه ۽ ٻين عالمن جي سهڪار سان ڪم ڪندڙ هن اداري جي خودمختيار حيثيت جيئن ته سرڪاري ڪارندن کي قبول ڪا نه هئي. انڪري جيئن ئي 1958ع ۾ ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪيو ويو تيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ ڪلام سان گڏ سنڌو تهذيب بابت ڪم ڪندڙ هن اداري کي خودمختيار طور هلڻ نه ڏنو ويو، صرف هڪ سال واري ابتدائي عرصي يعني 1959ع  ۾، ”حڪومت طرفان ڀٽ شاهه جو سمورو انتظام هڪ نئين ڪميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو ۽ شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ پنهنجي ڪوششن کي حيدرآباد ۾ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.“ (حسيني،  1960ع، ص ب)

سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه ۽ سندس ساٿين جن شاهه عبداللطيف ميموريل ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جهڙي اداري جو بنياد وجهرايو هو، انهن کي جڏهن ثقافتي سرگرمين کان پوئتي ڌڪڻ لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو سمورو انتظام نئين ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، ان ڪاميٽي شاهه صاحب جي 1959ع واري سالگره جو افتتاح صدر پاڪستان محمد ايوب خان کان ڪرايو. شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ جون سرگرميون محدود ٿي ويون. اهڙي عمل سيد ميران محمد شاهه ۽ ٻين سرڪردن کي سخت صدمو رسايو، بعد ۾ هن ڪميٽيءَ پاران ان سلسلي کي زندهه رکڻ لاءِ حيدرآباد شهر ۾ شاهه عبداللطيف جي حوالي سان پوءِ هڪ ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس) جي ايوان ۾ جمعو 16 سيپٽمبر 1960ع تي سڏائي ويئي. اها ڪانفرنس ستين بجي شام کان شروع ٿي. مسٽر اي ڪي بروهي جيڪو ان وقت هندستان ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر هو، تنهن ان ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو ۽ جلسي جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي مرحبائي ڪميٽيءَ جو چيئرمن، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو، ان پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:

”محترم سيد ميران محمد شاهه صاحب کي ئي  اهو شرف حاصل آهي جو پهريائين شاهه لطيف يادگار ڪائونسل جو پايو انهيءَ (1949ع واري) ڪانفرنس ۾ وڌائين.... لطيف يادگار ڪائونسل جا اوائلي مرحلا  نهايت مايوس ۽ صبر آزما هئا، ليڪن ”صبر جن جو سينڱ، تير نه گسي تن جو“ سيد ميران محمد شاهه ۽ سندس ساٿين، شاهه عبداللطيف جي ڪيترن معتقدن جي ڪوشش ۽ جدوجهد سان اها ڪميٽي شاعرن، مقاله نويسن، اديبن، راڳيندڙن ۽ فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.“

(حسيني،  1960ع، ص 3)

ان موقعي تي محترم اي.ڪي بروهي پنهنجي صدارتي تقرير ۾، ”فصيح ۽ بليغ انگريزيءَ ۾ شاهه جي ڪلام جي ظاهري باطني معنيٰ تي روشني وڌي ۽ مشورو ڏنو ته شاهه جي ڪلام تي وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪيو وڃي“. (حسيني،  1960ع، ص ب)

سائين جي.ايم.سيد جنهن جو سيد ميران محمد شاهه سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس ملهائڻ ۽ ٻين سرگرمين واري حوالي سان 1932ع کان وٺي مسلسل لاڳاپو رهندو پئي آيو، پر سياسي حوالي سان پاڻ جيئن ته سدائين سرڪاري ڌر جو مخالف پئي رهيو، انڪري محمد ابراهيم خليل، پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل آجيان واري تقرير ۾ پيرزادي عبدالستار، محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله ۽ مخدوم طالب الموليٰ جا ته نالا وٺي، سندن ٿورا مڃڻ پنهنجو اخلاقي فرض ڄاتو، پر محترم جي. ايم. سيد جو نالو وٺڻ به مناسب نه ڄاتائين، پر سائين جي.ايم.سيد جي وابستگي بابت ميران محمد شاهه پاران سائين جي.ايم.سيد کي لکيل خطن ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين واري مواد مان، معلومات ملي وڃي ٿي. هتي اها ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد جيئن ته ميران محمد شاهه ۽ سائين جي.ايم.سيد پاران ڪيل مسلسل ڪوشش جي نتيجي ۾ پيو هو، ۽ انهن ئي شاهه لطيف ميموريل ڪميٽيءَ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن ڪمن کي اڳتي وڌايو پئي. پر سائين جي.ايم.سيد ۽ سندس ساٿين واري اها ڪوشش به سرڪار کي قبول ڪانه هئي. انڪري 1959ع ۾ ئي يادگار ڪميٽيءَ کي غير ميسر ڪري، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ڌار ظاهر ڪرڻ خاطر ان جي سرگرمين لاءِ نئون بورڊ جوڙيو ويو، جنهن جو سيڪريٽري آغا تاج محمد کي مقرر ڪيو ويو. نئين ڪميٽيءَ جي حوالي ڀٽ جي ميلي جا انتظام ڪيا ويا. سائين جي.ايم.سيد ته هونئن ئي سرڪار جي عتاب هيٺ هو انڪري نئين بورڊ تشڪيل ڏيڻ وقت، ميران محمد شاهه سان گڏ سائين جي.ايم.سيد کي پڻ ڪميٽي تان هٽايو ويو. اهڙو اطلاع سيد ميران محمد شاهه 18- جون 1959ع تي سيد صاحب کي هن ريت ڏنو، جنهن وقت سيد جيل ۾ نظربند هو.

 


”هڪڙي بندي من ۾، ٻي جا ڪري الله“ ڪلچرل بورڊ جي تشڪيل ڦيرائي ويئي آهي، نئون بورڊ به مهيني کن کان وجود ۾ آيو آهي، ان مان پيرزادو، آءٌ ۽ اوهين خارج ڪيا ويا آهيون، پيرزادي جي جاءِ تي ڪمشنر حيدرآباد کي چيئرمن مقرر ڪيو ويو آهي.“

ان عمل يادگار ڪميٽيءَ جي سرواڻ سيد ميران محمد شاهه ۽ ان جي ساٿاري سائين جي.ايم.سيد کي سخت صدمو رسايو، جيئن ته هي ٻئي بزرگ هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي ۽ سهڪاري هئا، ٻنهي جي جدوجهد سان ڀٽ تي، عوامي انداز جا قومي ميڙا مچندا هئا. ادبي و صوفياڻيون ڪانفرنسون ٿينديون هيون انهن کي سرڪار ۽ ان جي ڪارندن جي اهڙي  عمل ڏاڍو صدمو رسايو، جنهن جو اظهار سيد ميران محمد شاهه ساڳي خط ۾ سيد صاحب سان هن ريت ڪيو آهي.

”هن ميلي جو انتظام به اهو بورڊ ڪندو، ”لطيف يادگار ڪميٽي“، جنهن جو آءُ  چيئرمن آهيان، جا هميشه ميلي جو انتظام رکندي هئي، ان جو هاڻ واسطو ڪڍيو ويو آهي، سڄو انتظام آفيشل هوندو. اسان جون اکيون ٿڌيون، خدا ڪري لطيف جي پيغام کي دنيا جي هر گوشي ۾ مشتهري ٿئي. ٽي لک رپيا ڪلچرل سينٽر جي بلڊنگ لاءِ ٻيا به مليا آهن، اسان ته في الحال گوشي نشيني اختيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. جي وڃبو ته فقير ٿي وڃبو، نه امير ٿي.“ (رهاڻ،  1978ع، ص 259).

اهڙي تبديليءَ کانپوءِ شاهه عبداللطيف ميموريل ڪميٽيءَ سرڪاري سهڪار کان هٽي ڪري، پوءِ به سرگرميون ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، پر ايڏي پئماني جا ڪم سرڪاري سهڪار کانسواءِ ٿيڻ ڏکيا آهن، سيد ميران محمد شاهه ۽ سائين جي.ايم.سيد کي هٽائي، ان ئي ٽيم سان گڏ ڪم ڪندڙ ورڪرن ۽ ڪن آفيسرن کي ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو. انڪري ”شاهه عبداللطيف ميموريل ڪميٽي“  الڳ رهي گهڻو عرصو ڪم نه ڪري سگهي. اهڙي ريت سڄو معاملو ڪمشنر حيدرآباد جي هٿ هيٺ سرڪاري ٿي ويو، سمورو ڦرڪو ڦري ويو. اڳ رٿيل سموريون رٿائون رولڙي جو شڪار ٿي ويون. ناليوارو شاعر محترم امداد حسيني صاحب جيڪو ان دور جو اکين ڏٺو شاهد آهي ان جي بقول:

”انهيءَ صورتحال تي سائين جي.ايم.سيد ميلي جي ڏڻ تي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسين سنڌ جي عوام کان ٻه ٻه آنا، چار چا آنا، رپيو رپيو چندو وٺي به انهن رٿائن کي پورو ڪنداسين“. (ماهوار پروڙ، آڪٽوبر 1989ع)

پر ظاهر ڳالهه آهي ته اهڙا وڏا ڪم سرڪار جي تعاون کانسواءِ ٿيڻ جا ڪونه هئا، سو ڪونه ٿي سگهيا. بلآخر اڳتي هلي ميموريل ڪميٽي وارن شروع ڪرايل ڪمن جي مالڪي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪرڻ لڳو.

حوالا

(1)        چنه زينت، عبدالله، يادگار لطيف، 1957ع، شاهه لطيف يادگار ڪائونسل حيدرآباد

(2)       چنه زينت، عبدالله، يادگار لطيف، 1958ع، شاهه لطيف يادگار ڪائونسل حيدرآباد

(3)       چنه زينت، عبدالله، يادگار لطيف، 1959ع، شاهه لطيف يادگار ڪائونسل حيدرآباد

(4)       حسيني، اسدالله شاهه، يادگار لطيف، 1960ع، شاهه لطيف يادگار ڪائونسل حيدرآباد

(5)        سيد،جي.ايم، رهاڻ، 1968ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

قلمي

(1) آغا تاج محمد فائيل، جي.ايم.سيد لائبريري

(2) ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز فائيل جي.ايم.سيد لائبريري

(3) جي.ايم.سيد جي ڊائري سال 1957ع

(4) جي.ايم.سيد جي ڊائري سال 1958ع

رسالا، اخبارون

(1) حسيني امداد، ماهوار پروڙ ڪراچي

(2) روزانه ڊان 31-8-1958ع ڪراچي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org