اُستاد لغاري
ڳُجهه ڳجهاندڙ
ڳالهيون
پُنهونءَ
پيرڙِيُون، گَهرِ گُهمندي جِي ڏِنيُون،
سـي مُــون ســيرَڙِيُـــون، نِــتِ نِـــهارَڻِ
آئِيُون.
(شاهه)
پرائمري سرٽيفڪيٽ موجب، 21 نومبر 1956ع منهنجي جنم
جي تاريخ ۽ سال آهي.
ڄمڻ جو هنڌڳوٺ مولوي خير محمد لغاري (باکوڙو) تعلقو
۽ ضلع سانگهڙ سنڌ آهي.
جڏهن شعوري دنيا ۾ سوچڻ، سمجهڻ ۽
ياد
ڪرڻ واري اک کُلي، ته مون پاڻ کي ”دڙيءَ“ ڳوٺ ۾
ڏٺو. هي ڳوٺ، باکوڙي کان اندازاً ٻه ڪلو ميٽر
اوڀرطرف، دلور واري دڙي، ڳوٺ فتح محمد آرائين، ڳوٺ
سُهڻي فقير عمراڻي ۽ اُڀيچڙن واري ڳوٺ جي وچ ۾
آباد هوندو هو. اسان جو ڳوٺ ”دڙيءَ“ اُتر، اولهه ۽
ڏکڻ ، ٽنهيءَ طرفن کان اوڙاهه ڪُنبن جي وچ ۾
گهيريل، واريءَ جي دڙن تي آباد هو. هِتي آسرِي
لوا، ڪنڊا، ڪرڙ، جِهٽ ڄالون ۽ وڏا وڏا کٻڙن جا وڻ
هُوندا هئا. کٻڙن جي ٿڙن کي پٽڪو ويڙهجي ته به ٿُڙ
بچِي پوي. تروڙ هڪ، کارُڙ، بگُڙ ۽ ڳاڙها پيرُون
جام ٿيندا هئا، جن مان ٽُٻڙِيون ٽُٻ ڪندا هُئا
سين. ڪِرڙن ۾ پُسِيءَ ۽ ڏيلها جام ٿيندا هئا، جيڪي
ڍءُ تي کائيندا هُئاسين.
”دڙي“ اسان جو مشهور ڳوٺ هو. ڪنهن زماني ۾، هتي
جيڪي ماڻهو ويٺل (رهاڪو) هئا، اُهي منهنجِي
يادگيريءَ موجب هي هئا، ڏاڏو حاجي حسين (مولوي خير
محمد لغاري جو ڀاءُ) محمد امين، سليمان، نواز علي،
يارمحمد، گُلڻ ، ڏاڏو حاجي علي مراد، محمد صالح،
دوست علي فقير، شمس الدين، حاجي آدم، واحد بخش،
دُرمحمد، محڪم الدين، قمرالدين، اُنهن جا ڀائر،
پُٽ۽ ٻيا عزيز قريب وغيره.
ڳوٺ ”باکوڙو“ (مولوي خير محمد لغاري) سانگهڙ کان
چار ميل اوڀر طرف، سانگهڙ
–
کپرو روڊ (وايا ٽنڊو مٺا خان) مٺڙائو ڪئنال (بانَ
واهه) ۽ کپري واهه جي وچ واري پٽيءَ تي واقع آباد
آهي. اسان جا وڏا اصل ديري غازي خان جا هُئا. جيڪي
اُتان لڏي، رياست بهاول پور جي ضلعي رحيم يارخان
کان ٿيندا، اُٻاوڙي (دائود والا) ۾ اچي ويٺا.
اُتان پوءِ ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ داد لغاريءَ ۾
سڪونت اختيار ڪيائون. اُن بعد پنهنجو ڳوٺ ”بخشو
لغاري“ جي نالي سان آباد ڪري ويٺا. بخشو لغاري،
نورنگ فقير جو سوٽ هو. نورنگ فقير کي ٽي پُٽ هئا
(1) ڪوڙو خان (2) مٺو خان (3) محمد رمضان.
هتي هن ڳوٺ ۾ ڪوڙي خان جي گهر هڪ فرزند تولد ٿيو.
جنهن جو نالو خير محمد رکيائون. مولوي خيرمحمد
وارا بعد ۾ تقريباً 1913ع ڌاري، پنهنجِي برادرِي
سميت، سانگهڙ ڀرسان موجوده ڳوٺ ”باکوڙو“ ۾ اچي
آباد ٿيا.
هتي اڳ ۾ ڀيل ويٺل هُوندا هُئا. اُنهن جي پٽيل جو
نالو ”باکوڙو“ هو. ”باکوڙو“ لفظ جي لغوي معنيٰ
آهي، باک ڦُٽيءَ وارو (ٽائيم) يعني اُجالو،
اُهاءُ، ڀنڀرڪو، پِرڀات، فجر، پرڪاش، پرهه ڦٽي،
سحر، سوجهرو، سَهائو، صُبح صادق وغيره. منهنجي
يادگيريءَ ۾ 1963ع ڌاري، هِن ڳوٺ ۾ هڪ اڌ گهر ڀيلن
جو اڃان تائين موجود هو. باقي ٻيا ڀيل سانگهڙ
ڀرسان يوسف جي مياڻ ۾، ۽ ڪي پنيري (تعلقه کپرو)
ڏانهن لڏي وڃي ويٺا. اسان سان گڏ پهرين درجي ۾ هڪ
ڀيل ڇوڪرو پڙهندو هو، جنهن جونالو ”ماڪوڙو“ هو.
”ماڪوڙو“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، ماڪ ڀِنل،
ماڪِيَل، ماڪ لڳل، ماڪ وارو، ماڪ جهڙو يا شبنمي
وغيره. ٻولي جي ڳَههُ ۽ سينگارکي به ”ماڪوڙو“ چئجي
ٿو.
اسان جا وڏا ڳالهه ڪن ٿا ته لغارين کي ، هن علائقي
۾ اِنهن ڀيلن ئِي آندو. لغارين کي چيائون ته ”هِتي
وڏا ٻيلا، جهنگ ۽ شڪار ڪرڻ جون سهولتون موجود آهن،
توهان هيڏانهن لڏي اچو“. لغاري شڪار جا شوقين
هُئا. هي علائقو شڪار لاءِ زرخيز ۽ آزاد ڏسي لڏي
آيا. هتي هرڻ، ڦاڙها، روجُهون، سيهڙ، تتر، تلورون،
ٻٽيهڙ، ڳيرا، پاڻيءَ جا پکي ۽ مڇيون حد حساب کان
وڌيڪ هُونديون هُيون.
لغاري اُٺ، رڍون، ٻڪريون ، ڍڳيون ۽ ٻيو مال
چاريندڙ هئا. مٿي تي وڏا وار رکندا هئا. ڊي
(D)
شڪل جهڙي اڌ گول ڪاٺيءَ جِي
ڪنگِهي (ڦڻِي) ۽ اَهرِي گڏ هُوندِي هُينِ. ڪڏهن
ڪزاني وهجندا هُئا نه ته بس، وار ڇوڙي، ڪنگِهي
ڏيئي، ڪياڙيءَ کان ورائي، پٽڪن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هُئا.
خصِي ڳل وارِي ٻانڊڪي، جنهن ۾ ڳل جي اندران لڪيل
کيسو رکيل هُوندو هو، سا پائيندا هُئا. سُٿڻ جي
بدران اڪثر منجهلي جي پوتڙي ٻَڌندا هُئا. اگر
شلوارون سِبائيندا هُئا ته اُهي ڏهه ڏهه والن
کان وٺي سورنهن والن تائين، چيڻ، گُهنج ۽ سَرن
واريون هُونديون هُيون. گهڻو ڪري چولا ۽ سُٿڻون
سُئي ڌاڳي سان، گهرن ۾ هٿ سان سبيون وينديون
هُيون. بي فڪري سادگي، سچائي، کير، لسي، مکڻ ۽
گوشت خوري جي ڪري، اُنهن جون عُمريون سئو سالن کان
مٿي هُونديون هُيون. انگريز ڪمشنر”تَرَوَٽ
صاحب“لغارين کي مفت ۾، ۽ ٻيو آسان قسطن تي زمينن
ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر لغارين انڪارڪيو ۽ چيائون ته
اسان مال وارا سُکيا سهنجا ماڻهو آهيون، اسان کي
زمينون نه کپن. پوءِ تَرَوَٽ صاحب اُهي زمينون
بهرام خان بُگٽِي وارن کي ڏيئي ڇڏيون.
مولوي خير محمد لغاري 25- سيپٽمبر 1941ع ۾، جَلَبَ
واري قبرستان تي، مماتين لاءِ دُعا گُهرندي شهيد
ٿي ويو. سندس فرزند مولوي عبدالقادر لغاري پنهنجي
وقت جو وڏو عالم ۽ مُفتي ٿي گُذريو آهي. هي مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد هو. مولوي عبدالقادر
لغاري جي ديني ۽ سماجي خدمتن تي ڪتاب لکجن ته لکي
سگهجن ٿا.
ڳوٺ ”چوڌري فتح محمد آرائين“ منهنجِي يادگيريءَ ۾
آباد ٿيو. فتح محمد آرائين، فقير محمد، صوفي محمد،
محمد حسين، محمد اقبال، نذير احمد، طفيل احمد ۽
ٻيا 60 واري ڏهاڪي ۾ پنجاب مان لڏي، هتي آيا. هنن
اٽي پيهڻ وارو جنڊراهه هن ڳوٺ ۾ لڳايو، جنهن ۾
ڏاند جوٽي اٽو پيهندا هُئا. هن ڳوٺ واريءَ ڀٽ تي
فقط هڪڙو گهر مانجِهي فقير عمراڻي جو هُوندو هو.
هن خالي ڀٽ تان وسڪاري واريءَ موسم ۾ اسان کُنڀيون
پٽيندا هُئاسون.
سُهڻو فقير عمراڻي قد جو ڇوٽڙو هُوندو هو. ڳاڙهو
پٽڪو ۽ گيڙو رتا ڪپڙا پائيندو هو. هُن جِي ڏاڙهيءَ
مُبارڪ ۽ مُڇن جا وار گهاٽا ۽ گڏيل هُوندا هُئا.
کاڌو کائڻ مهل کاٻي هٿ جي آڱرين سان ڏاڙهيءَ ۽
مُڇن جي وارن کي پري (ڌار) ڪري، وات ظاهر ڪندو هو.
سائين انور شاهه ”جهان پور“ واري جو مُريد ۽ خاص
خليفو هو. سائين انور شاهه مُنهنجي يادگيريءَ ۾
هِتي آيو هو. انور سائين جو وصال 1961ع ۾ ٿيو.
جڏهن آءٌ اڃان پنجن سالن جو هوس. اُهو واقعو مون
کي خواب وانگر ذرا ذرا ياد آهي. مُنجيري جعفر خان
لغاري پنيريءَ وارو ٻُڌائي ٿو ته ”اڳي سواريون
ڪونه هُونديون هُيون. 1958ع ڌاري سائين انور شاهه
کي 18 ميل موري لڳ ڳوٺ ”جاگير“ مان مَلِڪ غوث بخش
جي اوطاق تان عزيزالله لغاري، ڏاند گاڏيءَ تي کڻي
پنيريءَ ۾ چوڏهين واٽر تي آندو هو. سائين انور
شاهه گيڙو رتل ويس ۾ هو. باادب ۽ جُهڪيل چهري سان،
۽ ڳاڙهي لعل اوجاڳيل نيڻن سان نهاري، هٿ ڏيڻ مهل
هر ڪنهن کي چوندو هو ”حق بابا! حق بابا!“
سائين انور شاهه سان ڳائڻا صوفي فقير (يڪتاري چپڙي
تي ڳائيندڙ) هميشه گڏ هُوندا هُئا. اُنهن ۾ پسند
فقير عمراڻي ۽ ڏاڙهون فقير عمراڻي گهڻو مشهور
هُئا. اُن کان پوءِ حُضورڻ سائين گادِي نشين ٿِي،
پهريون ڀيرو هتي ”دلور“ ۽ ڳوٺ ”سهڻي فقير“ ۾ آيو
هو. جنهن جي زيارت لاءِ اسان ويا هُئاسون. سُهڻي
فقير نارنگيون ڇلي، صاف ڪري، حضورڻ سائين کي نوش
فرمائڻ لاءِ پيش ڪيون ته مُرشد سائين اُنهن مان هڪ
ڦَرِي کڻي، پنهنجن هٿن سان، سُهڻي فقير جي وات ۾
وِڌِي ته سُهڻو فقير وجد ۾ اچي ويو ۽ ”ها ها ها
ها“ ڪري ڪِرِي پيو. سارنگ، سالار، رانجهن، شانُو
(شانُو عُمراڻي سُلفي جا سُوٽا هڻِي، چلم جي چوٽي
مان باهه جي ڄِڀِيءَ ڪڍندو هو ۽ باهه جو اُماڙيون
کڻي، اُونداهين راتين جو دلور جي قبرستان ۾، ”حق!
حق!“ جا نعرا هڻي ڊوڙندو هو.) قيصر، ڪِرڙُو، راوت
(عرف راڙُو) ناد وڄائيندو هو) امام بخش، اسحاق،
رحمت الله (هي ڍولڪ نواز هو) هوت، همت علي، مدت
علي، برڪت علي (عرف ٻوڙو) غلام علي (منڊڙو) محمد
اسماعيل ۽ ٻيا هِن ڳوٺ جا رهاڪو هُئا، جيڪي انور
سائينءَ جا مُريد ۽ فقير هُئا.
اُڀيچڙن ۾، فتح محمد اُڀيچڙ (جنهن کي مون مرگ
بستري تي ڏٺو، هي حڪمت به ڪندو هو) نذير احمد،
بشير احمد، رشيد احمد، سعيد احمد، عبدالستار، دوست
محمد، نُورڻ، ميهر، منظور، مِٺو، احمد، الهه بخش،
واحد بخش، مَسُو، گِيڙُو، عبدالله (عرف دُوڌو
مُٽِي ڏاندن وارو) به هِن اُڀيچڙن واري ڳوٺ ۾ ويٺل
هُئا. هِي اصل پنجاب ، ضلع راڄن پور، تحصيل داجل
جا سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهن ۽ پاڻ کي لغاري سڏائين
ٿا. هي ”اُڀيچڙ“ ذات سان گهڻو مشهور آهن. اُڀيچڙ
لفظ جي معنيٰ آهي، اُڀي جا رهاڪو. يعني مٿئين سِري
علائقي جا رهندڙ.
1962ع ۾ اولهه طرف کان ”ڪالي آنڌي“
آئِي. اسان ٻارڙا ڪُنب جي ڪناري تي کيڏي رهيا
هُئاسون. جِهڪِي دِيغر جو ٽائيم هو. جان کڻي
اولهندي طرف نهاريون ته ڪا خوفناڪ ۽ خطرناڪ قيامت
جهڙِي ڪارِي شيءِ، دُونهين وانگر ويڙهبِي،
سيڙهبِي، ڀِٽن، دڙن، دِڪن، وڻن، جهر جهنگن، لَئِي
لاڻن ۽ ڳوٺن کي اُوندهه ۾ لپيٽيندي، اچي رهي آهي.
اسان گهرن ڏانهن وٺي ڀڳا سون. ايستائين آنڌي پهچي
ويئي. پاڏن، گابن، گهيٽن، ڇيلين ۽ ڍورن ۾ ٻاڪر
ڪُٽو پئجي ويو. ڪِن رسا ٽوڙيا، ڪن ڪِلا پٽايا.
لوڙهن ڪرڙاٽ ڪيا، وڻن جا ڏار ڪڙڪيا، ۽ گهرن جون
ڇتيون اُڏاڻيون. اسان جِي پڙ ڏاڏِي (ڏاڏِي مرحومه
جنت) هڪلون ڪري ٻارن ۽ عورتن کي گهرن مان ٻاهر
نڪرڻ لاءِ چيو، هُن همت ڪري اسان سڀني کي پوٺي تي
ويهاريو ۽ مٿان تنوريون، تڏا، رليون ۽ سوڙيون
ويڙهيائين. اسان هڪٻئي کي چنبڙي ويٺاسون. حُڪم
ڪيائين ته سڀيئي ”الله الصمد، الله الصمد“ جو ورد
ڪريو. اسان ايئن ڪيو. تقريباً
25 – 20
منٽن کان پوءِ ڳاڙهاڻ ظاهر ٿيڻ لڳي. ڳاڙهاڻ کان
پوءِ سج لهڻ سبب رات جِي اُونداهيءَ ڇانئجِي ويئي.
اُها رات هرڪو بنا کاڌي پِيتي سُمهِي پيو. منهنجو
بابا اُن ڏينهن سانگهڙ ويل هو. اسان جا وڏڙا گهڻو
ڪري سامان وٺڻ لاءِ، پيدل سانگهڙ ويندا هُئا ۽
پيدل واپس ايندا هئا. هُو رات جو عِشاءَ ڌاري گهر
پهتو ۽ ڳالهه ڪيائين ته آءٌ ”البرٽ عيسائي“ جي
ٽانگي تي سُوار هئس ته واپسيءَ جو، بُگٽِي شاخ وٽ
آنڌي پهچي ويئي. اسان ٽانگو دڳ تي ڇڏي، رستي جِي
ڀر ۾ لڪِي ويٺاسون. البرٽ عيسائي زور زور سان روئي
رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ”ميري امان! مينون دُکان
واسطي ڪيون جڻياسي؟ ڊُهه ڊُهه ڊُهه ڊُهه، هُو هُو
هُو هُو، الاڙي! وواباڙي! ميري امان! مين اج
مرگيا، مين هُڻ مرگيا!“ هِن آنڌي ڪيترائي وڻ
ساڙيا. وڻن ۽ جهنگن جا پٽا باهه وانگر سڙي ويا ۽
پٽا ساوا رهيا. منهنجي عمر يا مون کان وڏڙن کي،
جيڪي حيات آهن، اُها آنڌي اڃان تائين انهن کي ياد
هُوندي.
مکي ٻيلي جي ”ڪَٽَ“ واري علائقي ۾ شڪار ڪندي، مٺي
لغاري کي (پاڙو ڪرماڻي) هڪ ملاح توبچيءَ جي هٿان،
اتفاقي بندوق لڳي ويئي ۽ هُو شهيد ٿي ويو. جنهن جي
لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سانگهڙ پوليس، هڪ ٽرڪ تي
کڻائي ويئي. اُهو واقعو مون کي خواب وانگر ذرا ذرا
ياد آهي.
ڳوٺ ”دڙيءَ“ ۽ اُن جي آس پاس جا رهاڪو مال وند
ماڻهو هُئا ۽ ڪي هارپو به ڪندا هئا. شمس الدين
لغاري ۽ رانجهي عمراڻي وٽ مينهيَنِ جا وڏا وڏا ڌڻ
هُوندا هُئا، مينهون اَڻ ڏُڌيون ڇِڙنديون هُيون،
شمس الدين جا پُٽ اُنهن جون وڇيون چارڻ ويندا هئا.
منهنجي ڏاڏي حاجي علي مُراد جو ڍڳيَنِ جو ڌڻ
هُوندو هو. جنهن کي چاچو شفيع چارڻ ويندو هو. هي
چاچو هڪ پير کان منڊڙو هو ۽ چنگ وڄائڻ جو ڏاڍو
ڪاريگر هو. ڏاڏو نواز علي، ڏاڏو يار محمد ، ڏاڏو
محمد صالح ۽ ڏاڏي دوست علي فقير جون ٻولاهيون
(ڊگهي ڪنن واريون) رڍون هُونديون هُيون. ڏاڏو دوست
علي فقير انور سائين جو مُريد هو، جيڪو يڪتاري ۽
چپڙي تي راڳ به ڳائيندو هو. خاص ڪري هيٺيان ڪلام
چوندو هو.
1. آءُ پُنهل! پاڙيون، واعدا ورهه وصال جا.
2. اَڄِ بيمارِي وئي ڇڏي، محبوب جي ديدار ۾.
3. اَعليٰ عشق وارن جون لعل اکيون.
4. ڏجان ڪيچ شهر کي سلام ڪانگا!
5.
عشق دِي منزل بيشڪ! بارِي، مَرد ڪرن منظور ميان!
6. وَڃ آکو ”رانجهن آيا“، مَيڏِي سُهڻِي هِير
نُون.
7. يا شاهه گيلان! شهنشاهه! مئولا! مڙن جو مِير
تُون.
هارپي ڪرڻ وارا، بقار شاخ جي چوٿين واٽر تي، ٻنِي
ٻاري جو ڪم ڪندا هُئا. بقار شاخ نارا ڪئنال مان
پَڪسيرِي وٽان نڪري ٿي. هِن شاخ مان پهريون واٽر
ڏکڻ طرف نڪري ٿو. جنهن کي اُن وقت مُستبر پٺاڻ
وارو واٽر ڪري چوندا هُئا. هِن واٽر ۾ پاڻي اهڙو
ته آهستڙي وهندو هو جو پاڻيءَ ۾ سُڪل ڪک وجهي،
بيٺل يا وهندڙ پاڻيءَ جي پڪ (تصديق) ڪندا هُئاسين.
اُن کان بعد ۾ بقار شاخ جو ٻيو نمبر واٽر، اُهو به
ڏکڻ طرف نڪري ٿو ته اُن کي ئِي چوٿون واٽر چوندا
آهن. چوٿون واٽر اسان جي ڳوٺ دڙيءَ کان تقريباً ٻن
ڪلوميٽرن جي مُفاصلي تي اُتر طرف آهي. هِن ڳوٺ
”دڙي“ ۾ منهنجو بچپن گُذريو. اَڄ نه اُهو ڳوٺ دڙي
آهي ۽ نه اُن جو ڪو نانءُ نشان! بس فقط يادگيريون
آهن. اِهڙيون ئِي ڪُجهه دم–
ٽوڙيندڙ يادگيريون، هِن ڪاغذ جِي ڪايا تي پلٽي
رهيو آهيان.
چوٿين واٽر تي ڊاڪٽر احمد خان احمداڻي ، حاجي
عبدالڪريم لغاري، چوڌري بشير احمد باجوه (پُنهارڙي
وارو) سيٺ عطا محمد لغاري، حاجي گنهور خان لغاري،
محمد صالح جاگيراڻي، (18 ميل وارو) رئيس علي نواز
بُگٽي (ڪوٽ نواب وارو) عظيم جمعدار، اقبال، ڏتي ۽
ماسڙ پنجابي جون زمينون هُونديون هُيون. اُنهن
زمينن کي اُڀيڇڙ، پٺاڻ، پنجابي، جتوئي، جلباڻي،
عمراڻي، لانڊر، لِشاري، لغاري ۽ ٻيا آباد ڪندا
هُئا.
جڏهن فصلن ۾ لابارا پوندا هُئا، ته ٻين کان علاوه
هِيرو ۽ هُڪمون نالي ٻه ڀيل واٽ اَلله جي، خيرات
وٺڻ لاءِ ٻنين تي ايندا هُئا. لاهيارن کان ٿورڙو
پري بيهي، ٻيئي ٻانهون ٻڌي، خيرات جي صدا هڻندا
هُئا. پوءِ منهنجي بابا وارا، اُنهن کي ٻه ٻه
سٿريون خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيندا هُئا. اُهي انهن
سٿريَنِ کي، ڪنهن اڇِي جاءِ تي رکي، ڪُٽي، سَٽي،
اُنهن مان داڻا ڪڍِي، چادر ۾ وجهي، دُعا ڪندا هليا
ويندا هُئا. هِي ٻيئي ڀيل فقير سفيد ۽ سوٽي ڪپڙا
پائيندا هُئا. جيڪي پائڻ کان پوءِ، ميرا، گدلا،
ڪارا، گِڙ شلِي ۽ رِيڪڙِي ٿي ويندا هُئا. نڪو هٿ
مُنهن ڌوئيندا هُئا ۽ نڪو ئِي گُرڙي ڪندا هُئا.
ڀٽائيءَ صاحب جي بيت وانگر”لُنگَ ڪَڍِيائُون لانگ،
موٽِي ڪَنِ نَه مَسَحو“ جي سَچِي صُورت هُئا.
سُلفِي (ڀُونگرِي) ڇڪيندا هُئا. سُلفِي جي دُونهين
سببان هٿن جون آڱريون ۽ وات ڪارا هُوندا هُيَنِ.
هِي جنهن ٻنيءَ يا پوک مان لنگهِي ويندا هئا. اُتي
هڪ هفتي تائين (اُنهن جي ڌپ سببان) مِرون ڪونه
ايندا هُئا.
ڪنهن ڪنهن سال ، اولهه کان مڪڙ ايندا هُئا. ٻه ٽي
ڏينهن اڳ هوائون بند ٿي وينديون هُيون. وڏا چوندا
هُئا ”شايد مڪڙ اچڻ وارا آهن!“ مڪڙن جا ڪٽڪ ايتري
تعداد ۾ هُوندا هُئا جو هوائن کي ديوار وانگر روڪي
ڇڏيندا هُئا. آفريقا ۽ عربستان کان ٿيندا، عرب
مهاساگر پار ڪري، هتي پهچي ويندا هئا. اربن، کربن،
پدمن، نيلن، وڻ پنن، مِينهن ڦڙُين، تهائين گهڻين
مڪڙن سببان آسمان ڍڪجي ويندو هو. سج نظر نه ايندو
هو. زمين تي ”گِدڙِي“ ڇانئجِي وِيندي هُئِي. رڳو
ڦرڙاٽ پيو پوندو هو. وڻ، ٻُوٽا، اَڪَ، لَئِي،
لاڻا، پوکون ۽ فصل چٽي ناس ڪري، باهه وانگر ساڙي
ڇڏيندا هُئا. مڪڙن اچڻ واري سال کي ”ڏُڪار وارو
سال“ ڪري سڏبو هو. بابا وارا رات جو وڻن تي ويٺل
مڪڙن کي جهلڻ لاءِ، هيٺان چادر وڇائي، ڏارن کي
ڌُوڻيندا هُئا ته سوين سئو مڪڙن جا ڇُڳا چادر تي
اچي ڪرندا هُئا. اُهي چادرن جون ڀريون ويڙهي
سيڙهي، ارڙهي ٽِينَ جي ٻڙڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجهبيُون
هُيون ته مڪڙ مري پوندا هُئا. پوءِ اُنهن کي
مَنَهيءَ (پيهيءَ) تي سُڪائي کنڀ، سِسيون ۽ ڏَترا
پٽي، باقي ڍڍر کي ڀُڃِي، کائيندا هُئاسين. مڪڙ
ايتري تعداد ۾ ماري، ڀُڃِي رکندا هئاسين، جو ڪافي
ڏينهن پيا اُهي کائبا هُئا.
چوٿين واٽر تي، سارين جي پوک لاءِ ننڍين ننڍين
ٻارين ۾ ٻيجو پوکيندا هُئاسين. ٻيجي کي ”سَر
چڙيُون“ کوٽي چُڳڻ لاءِ اينديون هُيون. هنن پکين
کي اُترادي ”ٻَٻَرَ“ چون ٿا. اُنهن کي اُڏارڻ ۽
ڦاسائڻ لاءِ ”ڪاٺ ڪڙوڪِيُون“ ٺاهي، ٻيجي جي
ٻاهران، اُڀيُون کوڙي بيهاريندا هُئاسين. اُهي ”سر
چِڙيون“
ڪاٺ ڪڙوڪِينَ جي ٽوڻي تي اچي ويهنديون هُيون ته
سٽڪي سان ڦاسِي پونديُون هُيون. اُنهن سرچڙيَنِ ۾
نر جو مٿو پِيلو هُوندو آهي. هي جهنگلِي جهرڪيون
جوڳيَنِ وارِي مُرلِي جِي شڪل جهڙا آکيرا ۽ گهرڙا
جوڙِينَ. ڊي
(D)
شڪل جهڙيون اوطاقون ٺاهي، اُنهن کي چِيڪِي مِٽي ۽
ڇيڻي سان ليپو ڏيئِي، اندر رهنديون آهن. هِي
جهرڪيون انساني ڪميونٽي وانگر رهائش اختيار ڪن
ٿيون. موسمي خُوشيءَ جي موقعي تي، سڄو ڏينهن سِهرا
ڳائينديون آهن. آءٌ ٻار هوس، مُنهنجو چاچو ولِي ۽
آءٌ گليليءَ سان سڄو ڏينهن شڪار ڪندا هُئاسون.
پيرين اُگهاڙا، ڪنڊن لڳڻ ۽ ڪڍڻ سببان، پير پروڻ
هُوندا هُئا. اسان چاچي ڀائيٽي جي سنگت مشهور
هُوندي هُئي. چاچو ولي گليليءَ جو چُٽاڪڙ هُوندو
هو ۽ آءٌ شڪار ٿيل پکيءَ کي، جهڙوڪ ڌُوڌُو ڳيرو،
ٽاڪرُو ڳيرو، ٽُٽڻ ڳيرِي، لالِي، بُربُلي، چنڊُور،
هيڙهي، ڪال پيٽِي، چِڙِي يا چچيهي کي ڪُهِي حلال
ڪندو هُوس. چاقو يا ڇِنگ منهنجي هٿ ۾ هوندي هُئي.
جڏهن ڇهن، ستن سالن جو ٿيس ته مون کي مليشي جي
ٻانڊڪِي پارائي، منجهلي جي پوتڙِي ٻڌائي، سِر تي
اَڇو پٽڪڙو ويڙهي، گوڪل مينگهواڙ جو ٺاهيل موجو
پيرن ۾ وجِهي، (گوڪل مينگهواڙ سانگهڙ شهر ۾، حُر
هوٽل جي سامهون ويهندو هو) ڪاٺيءَ جي پٽيءَ هٿ ۾
ڏيئي، پرائمري اسڪول ڳوٺ مولوي خير محمد لغاريءَ ۾
پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. هاڻي منهنجِي آزاديءَ جا
ڏينهن ختم ٿيا. آءٌ 1963ع ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيس
۽ 1968ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيم. اسڪول ۾ ڏاڍِي مار
ملندي هُئي. اُستاد رُول (مولا بخش) سان ڪُٽيندا
هُئا. رڙيُون ۽ ڪُوڪُون ڪندا هُئاسين، پر ڪير به
ڌڻي ڪونه ٿيندو هو. گهر به شرم کان ڳالهه ڪونه
ڪندا هُئاسون ۽ وري اِهو ڊپ ته متان اُستاد ٻيهر
مار ڪڍن. ڪاسائيءَ جي ٻڪريءَ وانگر هر روز ڪُسندا
هُئاسون. گهران مانِي دير سان مِلِي ۽ اسيمبليءَ ۾
نه پهتاسون ته ڄڻ سِير ڦِرِي ويندي هُئي. سبق ڪچي
جو خوف، صورتخطيءَ جي چُوڪ، کوڙا ڪچا، حساب غلط،
بيت ياد نه هُجڻ، جدول ڪچِي، اِهي ناقابل مُعافي
جُرم هُوندا هُئا. هوشيار شاگرد، اُستادن جي حُڪم
سان کٻڙ، لئِي، سرينهن يا نِم مان لڪڙُ/
تلهڙ پٽي ايندا هُئا ۽ پوءِ ڪلاسن ۾ شاگردن جُون
ڪُوڪَڙاٽيُون پيون پونديون هُيون. تلهڙ ڇيتُون
ڇيتُون ٿِي ويندا هُئا. مار کائيندڙ شاگرد،
اُستادن جي پيرن ۾ ڦٿڪندا، ليلهڙاٽيون پائيندا،
چنبڙندا، زاريُون ۽ گيسيُون ڪندا رهندا هُئا، ليڪن
...... رحم ۽ معافِي جو ڪوبه قانون نه هُوندو هو.
مار ملڻ کان پوءِ پڇو ڇنڊيندا تِريون مهٽيندا،
چولي جي اڳئين بالي سان اکيون اُگهندا ۽ سُڏڪندا
سُڏڪندا بينچ تي چڙهي اُٿِي بيهندا هُئاسون. اِن
سختيءَ سببان مُون ڪيترائي شاگرد اسڪول مان ڀڄندي
ڏٺا. جن ۾ جمالي، بُرڌِي، بُگٽِي، شيخ، مُهاڻا،
اُڀيچڙ ۽ عُمراڻي وغيره جيڪي مار کائِي کائِي
بغاوت ڪري نيٺ ڀڄِي ويا. وڃي مال چاريائون، پر وري
اسڪول موٽي ڪونه آيا. انهن جي جهالت، مسڪيني ۽
بغاوت جا ذميوار اُن دور جا اُستاد چئي سگهجن ٿا.
جيڪي فقط ۽ فقط سختيءَ ۽ قهر کان ڪم وٺندا هُئا.
مُون وٽ (مسڪينيءَ سببان) پنجين درجي جو سنڌي ڪتاب
ڪونه هُوندو هو. ٻين جي ڪتابن تي ڏسي، سبق لکندو
هوس ۽ پڪو به ڪندو هوس. استاد کي سبق پڙهي ٻُڌائڻ
مهل ميز جي ٻاهران چوڌاري ڪتاب کڻي ڦِرِي بيهندا
هُئاسون. جنهن شاگرد وٽ پنهنجو ڪتاب ڪونه هُوندو
هو، اُن کي ٻيو شاگرد ڪتاب ڏيندو ويندو هو ۽ ايئن
سڀيئي شاگرد سبق پڙهي ٻُڌائيندا هُئاسون. آءٌ
پنهنجو سبق، ڪتاب نه هئڻ ڪري، گهڻو ڪري برزبان
(ياد) ٻُڌائي ڇڏيندو هوس. اُستاد ، کوڙا هِن طرح
پُڇندا هئا. ”اُٿي بيهو! (رُول جي اشاري سان) اَٺ
اٺان؟ نئين سورهو؟ ست ٻارهو؟ نئين نان؟ ڇهه تيرهو؟
پنج چوڏهو؟ ست سترهو؟ وغيره وغيره. اگر هڪڙي جواب
مان به شاگرد گُٿو، ته اُن جون ڪِيهُون بانَ
موريءَ تائين ٻُڌبيُون هُيون.
پنجين درجي جو سبق ايڪونجاهون ”دِلي جي آتم ڪهاڻي“
۽ ”سبق پنجويهون“ ”مومل راڻو“
(شاعر حفيظ تيوڻو) اڄ تائين مون کي برزبان ياد
آهن. دِلو چوندو هو، ”اي خاڪي پُتلا! اِها اَٿئي
مُنهنجي ڪهاڻِي. جڏهن ڏک ڏٺم، تڏهن قدر پيم. تُون
به اِنهيءَ مان سبق سک، هوش جاءِ ڪر. ڏُک جي پچڻ ۾
پاڻ پچاءِ، تڪليف بنا تفريح نه ملندي. ڏُک بنا سُک
حاصل نه ٿيندو. تُون ڀٽائيءَ جي بيت کي هِينئين
ساڻ هنڊاءِ.
ڏُکَ، سُکَنِ جِي سُونَهن، گهورِيا سُکَ، ڏُکَنِ
ري،
تَنِين جِي وِرُونهَن، دَرِ ڏيکارِيو دوستَ جو.
’مُومل راڻي‘ جي بيت ۾ شاعر چوندو هو
–
”شِينهن شَهه گوشن جِي، دور پوي ڌڌڪر،
چِٻن، چِيتن، چراخن جِي، پئي ڪوهه مٿي ڪُوڪر،
راڙيُون رڇن جون، هاٻا هُل حشر،
ڪيهر ٻيلائِي ڪيترا، ڪن گروڙيون گينور،
ممون، ڳوهون، ڳورپٽ، ٻيا ڀٽون ڀيڻِي ڀر،
گُرگ، گِدڙ، ڀولڙا، ويڙهي ويس ولر،
ڦُوڪون ڏين فراق مان، کنيو ڪاريهر ڪر،
ٻيا ٻاڪارين ٻاهران، جر جا جناور،
بحر بلائون بُڇڙيون، آفتون اَجگر،
مڇ، مانگر، موريون گهڻيون، پئي پکين جي پُڪر،
ٻهون گُهمن ٻُلهڻيون، ساڻ تنين سينسر،
ڪُميون، ڪڇون، لُڌڙا، ڏاڪ ڏين ڏيڏر،
واڳُن وات وڏا پٽيا، ڪڍيا واسينگن ور.“
وغيره وغيره
”پنج داستان“، ”سنڊريلا“ ، ”مُکڙيون“ نالي سان
آکاڻين جا ڪتاب به پڙهايا ويندا هُئا. جن ۾ سنڌ
باد سيلاني، مورڙيو ۽ مانگر مڇ، رُستم ۽ سُهراب،
اُميد جي پري، جادُو جي دکِي، اَبُو صابر، ٻارن
جون سڌون، تقدير ۽ تدبير، ڪم چور مور، سونَ جِي
ڪُهاڙِي، ٽي دوست ۽ پدم پتي فقير جهڙيون اعليٰ ۽
اخلاقي قدرن واريون نصيحت ڀريون آکاڻيون باتصوير
شامل هُونديون هُيون. منهنجو اسڪول ۾ ٻُهاريءَ جو
وارو سدائين سُومر جي ڏينهن هُوندو هو. پهرئين
درجي کان وٺي پنجين درجي تائين، جڏهن به ٽائيم
ٽيبل ٺهيو ته اُن ۾ سڀ کان اول لکيل هُوندو هو،
سُومر
–
لقمان ..... پُورا پنج سال، هر سُومر تي، اسڪول جي
ٻُهاري مُون ڪڍي. آچر موڪل هُوندي هُئي، سومر تي
ٻن ڏينهن جو ڪِچرو گڏ ٿي ويندو هو. صُبح جو اسڪول
ڏانهن ويندي، ڪلر جي ميدانن تي ڪاٺيون کوڙي،
پاڇُولي کي ليڪو ڏيئي، ٽائيم ڏسندا هُئاسين. ٿورڙي
دير ٿي ويندي هُئي ته ”ڀڄوڙي ڀڄو! ڀڄوڙي ڀڄو!“ پئي
پوندي هُئي. ادا غلام حسين (منهنجو وڏو ڀاءُ) سئوٽ
هادي بخش، قاسم، مُبارڪ، ٻاجهي، سعيد، عبدالستار
اُڀيچڙ، اشرف ۽ عبدالعزيز آرائين، اسان جو ٽولو
گڏجي ”دڙي“ کان باکوڙي اسڪول ويندو هو. منهنجو
ٽيون نمبر ڀاءُ اسلام الدين اسڪول ڪونه ويندو هو.
گهليوسون، ٽنگا ٽولي ڪيوسون، ڪُٽيوسين، پر جواب
ڪيائين. لت ڏيئي سُمهي پوندو هو. اسان جي پيرن ۾
انڊا ۽ ڦِڙتيون هِڻي ڪري پوندو هو. رڙيون ۽
ڪُوڪُون ڪندو هو. هيڪر غلاميءَ تي آزاديءَ کي
ترجيح ڏنائين. نيٺ نه پڙهيو، ته نه پڙهيو. اڄڪلهه
ناري جي ڪناري، پڪسيري کان مٿي، هرڻِي ۽ ٽڪن واري
دڙي کان اُتر ، بيلداري ڪري ٿو. باقي سڀيئي ڀائر
سلطان، وريام، احسان، گُل زمان ۽ فرمان علي سُٺين
نوڪرين تي آهن.
منهنجي والد صاحب 1968ع ۾ ڳوٺ”دڙيءَ“
کي الوداع ڪيو. اسان پنيري، تعلقي کپري لڏي
وياسين. والله !!! هِتي ڏاڍا ڏُکيا ڏينهن ڏٺاسين.
ڪڏهن هڪ زميندار جا هاري ته ڪڏهن ٻئي جا. ڪڏهن
ٽئين زميندار جا هاري ته ڪڏهن چوٿين جا. ڪڏهن ڪنهن
زميندار جا هاري ته ڪڏهن ڪنهن جا. هر ٻارهين مهيني
بِسترا بيل گاڏي ۾ هُوندا هُئا. ڪنهن مُفڪر جو قول
آهي ته ”ٻه ٽي دفعا گهر تبديل ڪرڻ، باهه لڳڻ کان
به بُرو آهي“. پنهنجن ۽ پراون جي ڏنل ڏنڀن ۽
ناانصافين جو زهر، اسان جِي نس نس ۽ لُونءَ لُونءَ
۾ هِتي سرائيت ڪري ويو. اسان جي لُونءَ لُونءَ ۾
ڀريل اُها ڪوڙاڻ ۽ احساس محرومي خدا ڄاڻي الاءِ
ڪيترن نسلن تائين اسان جو پيڇو ڪندي! منهنجو والد
صاحب ڏاڍو صابرين ۽ مومن ماڻهو آهي. هارپا ڪمائي
ڪمائي سندس هڏا ڪاڻا ٿي ويا. لُنڊيون لتاڙي لتاڙي
پِيريءَ کي پهچي ويو پر ڪڏهن پاندِي پُوري ڪانه
ٿِي. مُنهنجي والد صاحب جي توڪل ۽ صبر جو اهو حال
هُوندو هو، جو هُو چوندو هو ”جنهن جي رَب سان
رَهاڻَ، اُن کي اُلڪو ناههِ اُگهاڙُ جو“. (شاهه)
اسان جي گهر ۾ اسپرو يا ڪونين جي گورين وٺڻ لاءِ
چار آنا به ڪونه هُوندا هُئا. سياري جي ٿڌين ۽ يخ
راتين جو عصر سان پيرين اُگهاڙو، هَرَ ڪاهيندو
هوس. وڏي ڀينڊ (کيڙهيءَ جي ڀِتر) کي لت هڻي ڀڃندو
هوس ته اُهو ڀڄي پُرزا پُرزا ٿي پوندو هو. پر
منهنجي اگهاڙي وِساميل پير کي خبر ڪانه پوندي هُئي
ته ڪنهن شيءِ کي لڳو آهي يا نه؟ رُڳو ”ڊُگ“ ٿيندو
هو. بيمارِي سيماري جِي حالت ۾، حاجي پيرل شاهه
واگهيَنِ واري کان تعويذ لکائي يا سڳو پڙهائي
ڳچيءَ ۾ پائيندا هُئاسين يا مرحوم مُلان عبدالله
شيخ (ڳوٺ شيخ محمد وساڻ واري) کان جُمعي جي ڏينهن
(هُو جُمعي جي ڏينهن مسڪينن کي واٽ الله جي (مُفت
۾) دوائون ڏيندو هو. کيس الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ
ڏي آمين) دوا وٺڻ لاءِ ويندا هُئاسين. هتي ڊسمبر
1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي.
پنيريءَ ۾ آخري ڀيري، کوڙيءَ شاخ جي پندرهين واٽر
تي، مُنجيري جعفر خان لغاريءَ جي ٻنيءَ تي ويٺل
هُئاسون ۽ سندس ئي زمين جو هارپو ڪندا هُئاسون.
آءٌ ڪولهينَ، ڪڇينَ، ڀيلن ۽ شرنَ جون مزدوريون
ڪندو هوس. ڪڻڪن جا لابارا ۽ ڳاهه ڳاهيل ڌڙا،
ٽنگڙيءَ، ڪرائيءَ، ڇَڄَ ۽ گاگڙي سان واڙيندو هوس.
منهنجو ٻيو نمبر پٽ اعجاز علي ، جنهن جي عمر ڏيڍ
سال هُئي، هتي 1979ع ۾ واٽر ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويو هو.
مُنهنجي مسڪينيءَ جي اِها حالت هُوندي هُئي جو
منهنجو سڳو مامون ، پنهنجي ريزڪِي دُڪان تان مون
کي اوڌر تي سامان ڪونه ڏيندو هو. مون کي ياد آهي
ته هُو شرن، ڪولهين، ڪڇين، ڀيلن، مينگهواڙن، موچين
۽ ڊيڍن کي به اوڌر تي سامان ڏيندو هو. جن مان
ڪيترائي ماڻهو هُن جِي اوڌر کائِي ويا ۽ برداشت
ڪيائين. اسان ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙها مرچ پُسائي ، پاروٿي
مانيءَ جا ٽُڪر اُن ۾ ٻوڙي، کائِي شڪر ڪري سُمهي
پوندا هُئاسين. اڄ ماڻهو مون کي چون ٿا ته ”تُون
خُوش اِن ڪري آهين، جو دنيا ۾ ڪوئِي ڏُک ڪونه ڏٺو
اٿئي.“ ته منهنجي اکين جي اڳيان اُهو پراڻو ڏُکن
وارو دور ڦِري ايندو آهي.
کوڙِي ٻيلي ۾ گينگ مين (مزدور) به ٿي رهيس. جُمعي
جي ڏينهن، نماز لاءِ موڪل ڪري ويندو هوس، ته اُها
تاريخ پگهار مان ڪٽي وٺندا هُئا. پوري مهيني جا
210 رپيا ملندا هئا. جن مان منهنجون چار تاريخون
ڪاٽي باقي 185 رپيا ڏيندا هئا. اِهو 1978ع جو
زمانو هو.
بشير احمد ولد حاجي ادريس لغاري پنيريءَ وارو،
مُنهنجو مُحسن ۽ سُٺو دوست آهي. هُن مون کي صلاح
ڏني ته پاڻ پرائيويٽ نائين ڏهين (مئٽرڪ) جو امتحان
ڏيون. اسان ٻنهي سان محمد هارون ولد ڊاڪٽر علي
محمد لغاري به ٽيون ساٿي گڏيو. مئٽرڪ جا فارم
ڀرايا سون. امتحاني تاريخن اچڻ کان اڳ آءٌ ڪڇينَ
جي ڪڻڪن جا لابارا ڪندو هوس. امتحان ڏيڻ کان ٿورو
اڳ تماچي ڪڇي جي ڪڻڪ جو ڌڙو وائُرڻ لاءِ گڏ ڪري
رکيو هوم. هوا نه گُهلڻ سبب اٺ ڏينهن گُذري ويا ۽
مٿان امتحاني تاريخون پهچي ويون. مون کي ياد آهي
ته مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڏکڻ جي
هوا گُهلِي. شام تائين ڌڙو وائُري وائُري آخر ۾
ڌڙي تي ٽنگڙِي رکي، بابا کي پارت ڪري، امتحان ڏيڻ
لاءِ سانگهڙ هليو ويو هوس. اسان ٽنهيءَ دوستن
1979ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ پاس ٿي وياسين.
الله تبارڪ و تعاليٰ جي خاص ٻاجهه، ڪرم ۽
مهربانيءَ سان
6.4.1983ع
تي مون کي مسجد اسڪول عارب شر تعلقي کپري ۾
ماستريءَ جو آرڊر مليو ۽ وڃِي منهنجي ڏُکن جي
پُڄاڻي ٿي ۽ پوءِ ...... !!!
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِکٽِيءَ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ ساڻَ ٿِي.
جا پَرِساٽِيءَ سَنگَ ، سا پَرِ سُورَنِ ساڻَ ٿِي.
جا پَرِ لوهَرَ لوهه، سا پَرِ سُورَنِ ساڻَ ٿِي.
جا پَرِ تِيرَ نِشانَ، سا پَرِ سُورَنِ ساڻَ ٿِي.
(شاهه)
هي ڪُجهه اهڙيون يادگيريون آهن، جيڪي منهنجي شعور،
تحت الشعور، ۽ لاشعور جي درميان، پرڏيهي پکين
وانگر پرڙا هڻنديون رهيون آهن. هجرت ڪنديون رهيون
آهن. اينديون ۽ وينديون رهيون آهن. وينديون ۽ وري
اينديون رهيون آهن. ڪٿي ڪنهن مصلحت جِي ڄار ۾
ڦاسي، ڦٿڪنديون ۽ شڪار ٿينديون رهيون آهن. ڪٿي
ڪنهن اقتصادي ونجهار جي وڪڙ ۾ وچڙي، مجبوري، ماٺ،
مظلوميت ۽ غفلت جي ور چڙهنديون رهيون آهن. ڪُجهه
اهڙيون پر ڀڳل پاڳل يادگيريون، جيڪي بچي ويون آهن.
اُهي پرڏيهي پکين وانگر هِن ڪتاب (ڍنڍ) ۾ لهي پيون
آهن. چڱو! ٻيو احوال ٻي ڀيري ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾، يار
زندهه صحبت باقي. |