سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:11 

جاويد عباسي

 

 

 

سفيد پوش

ڏِني جو دڪان پوري پاڙي ۾ مشهور هو، پاڙي جو ڪوبه ماڻهو، ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ کي گهر جو ڏس پتو سمجهائيندو هو ته بس ايترو چوندو هو: ”پاڙي ۾ ڏني جو دڪان اٿئي اتي پهچ، سمجهه گهر پهچي وئين.“ ڏِني وٽ وري دڪان تي ڪو ڪنهن جو ڏس پڇڻ ايندو هو ته ڏِنو سڌو وٺي وڃي ان جي در تي بيهاريندو هئس، گهڻن جا خط به معرفت ڏني دڪاندار جي ايندا هئا، جن کي ڏِنو وڃي، منزل تي در کڙڪائي ڏيندو هو.

دڪان سامان سان ڀريل هئس، سيدي سودي کان وٺي سُئي ڌاڳي تائين هر شيءِ هتان ملندي هئي. ڏِنو پاڻ به شريف ماڻهو هو، هُو هر ڪنهن جو خيال ۽ لحاظ ڪندو هو. ڪنهن ڏانهن اوڌر چڙهي به ويندي هئس ته تڪڙ نه ڪندو هو، پاڙي وارا به سندس عزت ڪندا هئا، پر بس ان گهڙيءَ وڏي شرمندگي محسوس ڪندو هو، جڏهن پاڙي جو ڪو شرارتي ماڻهو کيس اچي چيڙائيندو هو. ”ڏِنا… هوشياري ڪر، سيڪريٽري دورن تي اٿئي، گوسڙو استاد پيو ڳولي ۽ پڪڙي.“ خدو کيس اخبار ڏيکاريندي مٿس چٿر ڪندو هو ته سندس ڪنڌ جهڪي ويندو هو.

ڪافي پراڻي ڳالهه آهي، جو ايڏي ڀينگ نه هئي ۽ نوڪريون سفارش ۽ پئسي تي ائين نه وڪامجنديون هيون، جيئن اڄ بازار متي پئي آهي. سياستدانن ۾ ڪجهه ايمان جون ڪڻيون هيون، انهن ڏينهنِ ۾ ڏِني جي تڪ واري ايم.پي.اي سردار علي بخش خان کي ماستريءَ جا ڪجهه آرڊر مليا ته هن ڏِني جي ايمانداري ۽ تعليم يافته هجڻ سبب کيس سڏائي، ماستريءَ جو آرڊر ڏنو، ڏني گهڻو نٽايو ڇو ته هُو پنهنجي دڪانداريءَ ۾ خوش هو، پر يارن دوستن جي اصرار تي کڻي آرڊر ورتائين ۽ وڃي نوڪريءَ تي چڙهيو.

ڏِني جو سڄو ڌيان دڪان ڏانهن، اسڪول وڃي نه سگهي، ٻه ڏينهن اسڪول ته ٽي ڏينهن دڪان تي. هيڊ ماستر ڇتو ٿي پيس، پوءِ ڪجهه يارن جي صلاح سان هيءُ ويزا تي هليو ويو، هاڻي هر مهيني هيڊ ماستر کي مهيني جو سيڌو گهر موڪليندو هو، ۽ پاڻ دڪان هلائيندو هو، پهرين ته ضمير کيس ڪجهه چُهنڊڙيون پاتيون ۽ سوچيائين ته نوڪري ڇڏي ڏئي، پر وري گهران جوڻس جو داٻو هو، چوندي هئس ته ”هر مهيني ٻڌي پگهار اچي ٿي، ان مان ته ويسيون وجهي ڪجهه بچت ڪيان ٿي، باقي تنهنجي دڪانڙي مان پورت ئي مس ٿي ٿئي. زال جا اهڙا دڙڪا ٻڌي هُو ڳيت ڏئي ويهي رهندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي هُو به پڪو ٿي ويو، پر جڏهن خدن جهڙا ماڻهو گوسڙو استاد جو طعنو ۽ سيڪريٽريءَ جي وٺ وٺان جو ڊپ ڏيندا هئس ته شريف ماڻهو پريشان ٿي ويندو هو.

سخت گرميءَ سبب ڏِنو منجهند جو دڪان بند ڪري گهر ايندو هو، منجهند جي ماني کائي، ٻه پهر آرام ڪري وري پنجين ڇهين وڳي وڃي دڪان کوليندو هو.

اڄ ڏِنو گهر ۾ داخل ئي مس ٿيو ته سندس زال پريشان چهرو ڏسي اڳتي وڌي آئي.

”پپن پيءُ خير ته آهي، منهن لٿل اٿئي.“

ڏني کي هڪ پٽ هو‏، جنهن جو نالو خالد هو، پر گهر ۾ اڪيلو ۽ سڪيلڌو هجڻ ڪري کيس ماڻس پپو سڏيندي هئي ۽ مڙس جو سڌو نالو کڻڻ بجاءِ کيس پپن پيءُ چوندي هئي.

ڏِنو رومال سان منهن تان پگهر اُگهندي، اڱڻ ۾ لڳل واش بيسن تان هٿ ڌوئڻ لاءِ وڌيو.

”خير آ، بس وري ٻڌو اٿم ته سيڪريٽري دورن تي آهي، گوسڙو استادن لاءِ ڇاپا پيو هڻين.“ ڏِني، زال کان ٽوال وٺي هٿ اُگهڻ لڳو.

”اڙي… الله… پوءِ…!“

”پوءِ ڇا!؟ چوندو آهيان ئي ته نوڪري ڇڏيان، گهٽ ۾ گهٽ ذهني پريشاني ته نه ٿيندي، سڀاڻي اسڪول تي ڇاپو لڳو ته پوءِ ڪيڏي بيعزتي ٿيندي.“

”بيعزتي ڇو ٿيندي، هُو جو هر مهيني هيڏو سارو هيڊ ماستر کي سيڌو سامان ٿو پهچائين، اهوئي پاڻهي منهن ڏيندو.“

”چري، مصيبت ۾ هرڪو پنهنجي جان آجي ڪرائيندو، هيڊماستر کي مان ياد به نه هوندس، ان مهل…“

”چڱو… چڱو… پريشان نه ٿي، ويهه مان ماني کڻي ٿي اچان، الله خير ڪجانءِ.“

زليخان چپن ئي چپن ۾ دعائون ۽ وظيفا پڙهندي، مڙس لاءِ ماني کڻڻ لاءِ وئي.

ڏِنو کٽ تي ويٺو ماني جو انتظار ڪري رهيو هو ته سندس پٽ خالد جنهن بي.ايس.سي ڪئي هئي، گهر ۾ داخل ٿيو، پيءُ کي ڏسي خوشيءَ ان ڏانهن وڌيو.

”بابا… ڏس آخر اسان جي سياست ۾ انٽري ڪامياب ٿي.“

”ها سائين تون اسيمبلي جو ميمبر ٿي وئين، اڙي ڪڏهن ڪنهن هاريءَ جي پٽ، دڪاندار جي پٽ ۽ مزدور جي پٽ کي ميمبر ٿيندي ڏٺو اٿئي.“

”گهبراءِ نه بابا… ميمبر به ٿي ڏيکاريندوسانءِ.“

”اڙي پٽ، ڇڏ سڄو ڏينهن پراين وڏيرن جي اوطاقن تي ويهڻ، هروڀرو جلسن ۾ نعرا هڻي هڻي مري پوندين…“

ڏِنو، پنهنجي پٽ جي سياست ۾ اچڻ تي چِڙيل هو، هُنِ پٽ کي وڏو تعليم يافته ۽ ڪنهن سٺي آفيسريءَ واري نوڪري ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو، پر هو پڙهڻ کان پري رڳو تڪ جي وڏيري پٺيان سندس اوطاق تي يا جلسن پويان هوندو هو. بي.ايس.سي جو امتحان به پنهنجي بدران ٻين کي امتحان ۾ ويهاري پاس ڪيو هئائين.

”نه بابا، ائين ناهي، وڏيري کي سڀاڻي نوڪريءَ جا آرڊر ملن پيا، هڪ تنهنجي هن موڀيءَ پٽ کي به ملندو.“

ڏِني کي پنهنجو زمانو ياد اچي ويو.

”اڙي… اها ماستري ملندئي، ان مان ڇا ٿيندو، هڪ وڌيڪ گوسڙو استاد پيدا ٿيندو.“

ڏِنو، پٽ ڏانهن ڌيان هٽائي، ماني کائڻ ۾ لڳي ويو.

اڄ پاڙي ۾ وڏي چهل پهل هئي، خبر پئي ته تڪ جو ايم.پي.اي هميشه جيان ڪجهه نوڪرين جا آرڊر وٺي پنهنجن کي نوازيندو.

ڏِنو ان سڄي وايومنڊل کان بي خبر پنهنجي ڪِرت ۾ مشغول رهيو ۽ منجهند جو دڪان بند ڪري، گهر پهتو ته پٽس ڄڻ اڳ ۾ ئي انتظار ۾ ويٺو هو، ماڻس ڀرسان ويٺي کيس مٿي تي هٿ پئي ڦيريا.

”ڇا تي ماءُ پٽ، خوش لڳا پيا آهيو.“

بابا، هيءُ ڏس نوڪري جو آرڊر ملي ويو، ڏهه پندرنهن هزار پگهار هوندي.“

خالد عرف پپو پيءُ ڏانهن ايندي آرڊر ڏيکاريو. ڏِنو ٿوري دير لاءِ ته خوش ٿيو، ڀلا، پُٽ نوڪري سان ته لڳو، پر جيئن جيئن ڏِنو آرڊر پڙهندو ويو، هن جو منهن لهندو ويو.

”اڙي ڇورا، هيءُ آرڊر پڙهيو اٿئي.“

”ها، بابا… پڙهيو آهي. خالد خوشيءَ ۾ بي قابو ٿيندو ويو.“

”بابا… هيءَ سوئيپر جو آرڊر اٿئي، سوئيپر جي معنيٰ اچئي ٿي.“

”بابا… ناشڪري نه ڪر… سرڪاري نوڪري آ… ڏهه پندرنهن هزار پگهار ملندي، ٻيو ڇا کپي، ڪهڙو وري اسان نوڪري ڪنداسون، مفت جي پگهار پئي کڻبي.“

خالد خوشيءَ ۾ آرڊر پيءُ کان کسي ٻاهر نڪري ويو ۽ ڏِنو سوچن جي پاتال ۾ وات پٽيو، ٻُڏي ويو.

”پپن پيءُ ڇا ٿيو، پُٽهئن کي نوڪري ملي آهي، خوش ٿي، ڪاڏي غلطان ٿي ويو آهين.“

ڏِنو هوش ۾ آيو ته زال کي چيائين:

”زليخان خبر اٿئي هن کي ڪهڙي نوڪري ملي آهي.“

”الائي… ڪهڙي، تون ٻڌاءِ.“

”اڙي، هن کي ڀنگيءَ جي نوڪري ملي اٿئي.“

گهڙي کن لاءِ زليخان به حيرت جي دلدل ۾ ڄڻ ڦاٿي. هنن ته غريبي حال ۾ به عزت ۽ احترام سان زندگي گذاري آهي، سڀ سندن عزت ڪندا آهن ۽ اڄ کين پٽ کي نوڪري ملي به ته ڀنگيءَ جي. زليخان ڏاڍي پشيماني محسوس ڪئي، پر پوءِ وري جلدي پاڻ سنڀالي مڙس کي آٿت ڏيڻ لڳي.

”پپن پيءُ، نوڪري ته مڙئي نوڪري آهي، ڏهه پندرنهن هزار ته ملندس.“

ڏِني حيرت مان زال ڏانهن ڏٺو.

”پپن چئي ٿو نه ته ڪهڙو وري هُو نوڪري تي ويندو، پگهار پيو کڻندو، تون به ته ويزا تي آهين نه، هُو به کڻي گوسڙو ڀنگي سڏبو،. دل نه لاهه… زليخان ائين مڙس کي سمجهائي، مانيءَ جا ٿانوَ کڻي وئي ۽ ڏِنو پنهنجي وجود کي ڊانواڊول ٿيندي محسوس ڪري رهيو هو.

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

چَهڪَ

 

اڄ مهر ڪاليج نه وئي، هُن کي ڪنهن سماجي اداري پاران ٻارڙن جي هڪ اسڪول ۾ فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. پروگرام صبح جو ڏهه وڳي شروع ٿيڻو هو.

مهر تڪڙ ۾ تيار ٿي ڊرائيور سان گڏ اسڪول پهتي. هوءَ جيئن ئي اسڪول جي گيٽ کان اندر پهتي ته ميدان ۾ وڏو ۽ خوبصورت پنڊال لڳل هو، جتي استاد ۽ شاگرد سَون جي تعداد ۾ موجود هئا. جن ٻارڙن پروگرام ۾ حصو ورتو هو، اُهي رنگبرنگي ڪپڙن ۾ سُهڻا سُهڻا ويس پائي پنڊال جي ٻاهران گهُمي رهيا هئا. آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اسڪول جون ٻارڙيون پنڊال وٽ بيٺيون هيون، مهر کي ڏسندي انهن ٻارڙين آجيان ڪئي ۽ پنڊال اندر اچي ويهاريو.

اسڪول جو ماحول ڏسي هوءَ دل ۾ خوش ٿي. پروگرام اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اسٽيج تي اچي ڪمپيئر مائيڪ کي ٽيسٽ ڪري اچي پروگرام جي شروعات ڪندي پروگرام جا مول متا ٻڌائڻ شروع ڪيا ۽ پروگرام جو تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ هن اسڪول جي پرنسپل کي اسٽيج تي سڏيو، جنهن پڻ هن سماجي اداري جي باري ۾ ٻڌايو. هن پروگرام ڪرائڻ جي مقصد تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته هيءُ پروگرام ان سماجي اداري جي ٻارڙن لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪو يتيم ٻارڙن لاءِ کوليو ويو آهي، هن اداري جون ڪافي برانچون آهن، جيڪي تمام سهڻي نموني يتيم ٻارڙن جي پالنا ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن اداري طرفان يتيم ٻارڙن جي تربيت پڻ سهڻي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن کي سٺن اسڪولن ۾ پڻ تعليم ڏني ڏني پئي وڃي. اڄ اهي ئي ٻارڙا اسان جي پروگرام ۾ حصو وٺي رهيا آهن، اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ته نه ٿا رهن، پر هن اداري ۾ هنن کي گهر جهڙو ماحول ميسر آهي کين ڀرپور پيار ملي ٿو، جنهنڪري هُنن ۾ اعتماد آهي. اوهان سڀن کي گذارش ڪجي ٿي ته انهن ٻارڙن کي داد ڏيڻ لاءِ ڀرپور آجيان ڪندا. سڄي پنڊال ۾ تاڙيون وڄڻ شروع ٿي ويون.

مهرکي خوشي به ٿي رهي هئي، پر ڏک به اوتروئي محسوس پئي ٿيو ته هڪڙا ٻارڙا جن کي پنهنجي گهر جي، پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ پيار جي ضرورت آهي، اُهي ئي ٻارڙا ڪن مجبورين سبب اهڙن ادارن ۾ پناهه وٺن ٿا. هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، نڙيءَ ۾ ڄڻ هڪ سڏڪو اٽڪي پيس، پر هُن جي دل کي اطمينان آيو ته اهڙا ادارا به آهن جيڪي معصوم ٻارڙن جي بهتريءَ لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.

شروعات ۾ ٻارڙن هڪ ٽيبلو پيش ڪيو. ٽيبلي پيش ڪرڻ مهل انهن ٻارڙن سان گڏ ان اداري ۾ رهندڙ ٻه (مدرس) مائرون جيڪي اتي انهن گهرن ۾ ٻارڙن سان گڏ رهن ٿيون اُهي ٻارڙن سان گڏ اسٽيج تي آيون ۽ ٻارڙن کي اسٽيج تي ڇڏي پاڻ پنهنجي جڳهن تي وڃي ويٺيون.

مهر جڏهن انهن ٻنهي مائرن کي ڏٺو ته اُنهن مان هڪ کي سڃاتل لڳي، ۽ مهر هُن کي سڃاڻڻ  جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ٻارڙا اسٽيج تي پرفارم ڪري رهيا هئا، پر هُن جي نظر انهيءَ (مدر) ماءُ ۾ اٽڪي پئي هئي ۽ هن کي لڳو ته مون هن کي ڪٿي ڏٺو آهي.  هُن جي دماغ جي سوئي ڄڻ هڪ هنڌ ئي اٽڪي پئي. پروگرام شام تائين هليو. آخر ۾ انهيءَ اداري جي ڊائريڪٽر کي پڻ اسٽيج تي سڏايو ويو. اهڙي شاندار پروگرام ڪرائڻ تي هن اسڪول جا ٿورا مڃيا. پروگرام جي آخر ۾ انهيءَ اسڪول جي ٻارڙن ۽ اداري جي ٻارڙن گڏجي ”هو جمالو“ تي ڊانس ڪئي.

 جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته مهر سوچيو هُن (مدر) سان وڃي ملي، پر جيئن پٺيان نظر ڊوڙايائين ته هوءَ ڪٿي به نظر نه آئي، ۽ آخر تائين هن سان ملاقات نه ٿي سگهيس. پر مهرکي اها خبر ضرور هئي ته هُن سان انهيءَ اداري ۾ وڃي ملاقات ڪري سگهجي ٿي.

ٻئي ڏينهن موڪل جو ڏينهن هو، مهر اداري جي مئڊم سان فون تي ملڻ جو وقت ورتو. هوءَ پهرئين به ٻه سال اڳ هن اداري جو وزٽ ڪري چڪي هئي، پر هيءَ ماءُ (مدر) شايد نئين آئي هئي. مئڊم آفيس ۾ نه هئي موڪل جو ڏينهن هو، پر مئڊم اُتي جي چوڪيدار کي مهر جي اچڻ جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو، انڪري چوڪيدار هُن کي انهن ٻارڙن جي گهرن ڏانهن وٺي هليو.

مهر کي اها خبر به نه هئي ته هن عورت جو نالو ڇا آهي، بس هن مئڊم کي اهو ٻڌايو هو ته ”مون کي ٻارڙن جي مدرس (مائرن) کان انٽرويو ڪرڻو آهي“.

هن اداري ۾ ٻارڙن جي رهائش لاءِ هڪ هڪ ماءُ (مدر) تي مشتمل پندرنهن گهر ٺهيل هئا. اداري جي عمارت تمام خوبصورت هئي. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ننڍڙا ننڍڙا گهر هڪٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي اڏيل هئا. اتي ٻه ٽي آفيسون ۽ وزٽنگ روم، ڪامن رومس، ميٽنگ هال، لئبرري ۽ هڪ مسجد پڻ ٺهيل هئي.

مهر اڃا ٻارڙن لاءِ ٺهيل  گهرن ۾وڃڻ لڳي ته اُهائي ساڳي عورت پنهنجي گهر ۾ رهندڙ هڪ ٻارڙيءَ کي در جي ٻاهران سڏي رهي هئي. هن جو ڪم آسان ٿي ويو، ۽ هوءَ انهيءَ ئي گهر وٽ آئي. هوءَ ماءُ (مدر) ان مهل ٻارڙيءَ کي اندر وٺي وڃي رهي هئي.

مهر کي ڏسندي هوءَ ٿورڙي دير لاءِ پريشان به ٿي ۽ حيران به.  هوءَ به مهر کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لـڳي، ۽ جڏهن مهر هن کي ٻڌايو ته ”مان توهان سان ملڻ آئي آهيان“. هن مهر جي آواز کي سڃاڻي ورتو ۽ پڇڻ لڳي: ”توهان ادي مهر ته نه آهيو، ادي زبيده جي دوست“. هن جي سڃاڻڻ تي مهر جو دماغ پڻ چڪرائجي ويو. مهر به هن جي آواز کي ۽ زبيده جي نالي کڻڻ تي سڃاڻي وئي، ۽ پڇي ويٺي ته ”اوهان حُور ته نه آهيو؟“

”ها ها“ مان ئي حُور آهيان. حور ڪمزور آواز ۾ مهر ڏي هٿ وڌائيندي چوڻ لڳي.

 ڏهه سال اڳ واري حُور جيڪا نالي جيان حُور هئي. مهر آڏو ڪمزور جسم واري پر هڪ مڪمل عورت جنهن جو آواز ته ساڳيو هو پر چهرو ڪاراٽيل ۽ گُهنجهيل. هوءَ عمر کان به وڏي لڳي رهي هئي. مهر ته ڄڻ سڪتي ۾ اچي وئي، مهر وڌي هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ حور جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ هن جي سڏڪن تي مهر پاڻ اندر ئي اندر ۾ڏک ۾ وٺجي وئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا.

پنجن منٽن لاءِ ته هُو هڪٻئي کي ڏسنديون رهيون. هنن جي اکين مان پاڻي لارون ڪري وهي رهيو هو. حُور ته اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي ۽ مهر کي ائين لڳو ڄڻ سالن کان هن جي دل ۾ بند ٿيل درد  پيڙا کي پنهنجي وارتا لاءِ سهارو ملي ويو هجي. حُور ڪا دير پنهنجو مٿو مهر جي ڪنڌ تي رکي بيٺي رهي. مهر هن جي لڙڪن جو اثر اندر ۾ محسوس ڪري ٿي سگهي. مهر جو اندر پڻ اڌ ٿي پيو، ۽ هوءَ ويهن سالن واري خوبرو ۽ سُگهڙ حُور جي خيالن ۾ گُم ٿي وئي.

مهر سوچي ٿي، جڏهن زبيده سندس دوست  هن سان گڏ پڙهندي هئي جنهن جي گهر ويندي هئس ته، حُور جو گهر به هن جي ڀرسان هوندو هو. حُور تڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندي هئي. سندس پيءُ کي دڪان هو، هن کي ٻه ڀائر هئا، جيڪي هِن کان ننڍا هئا، هوءَ سڀني ۾ وڏي هئي. سندس پيءُ جو ننڍو دڪان هو جنهن مان مڙئي گذارو ٿيندو هئن. حُور جي ماءُ اوڙي پاڙي جون رِليون ٺاهيندي هئي، حُور به ماءُ جيان ڀرت ڀرڻ جي سُگهڙ هئي. هوءَ الاهي سُٺا سٺا ڀرت ڀريندي هئي. زبيده جڏهن مهر سان حُور جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن کي به شوق ٿيو هو ڀرت ڀرائڻ جو ۽ هوءَ به حُور جي گهر ڀرت ڀرائڻ لاءِ کوڙ ڀيرا وڃي چڪي هئي. حُور وڌيڪ پڙهي نه سگهي ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ سندس پيءُ هن جي شادي به ڪري ڇڏي. حُور جو وَرُ هڪ اسڪول ۾ استاد  هو. هاڻي منهنجو به حُور جي گهر وڃڻ نه ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن زبيده کان حُور بابت حال احوال ملي ويندو هو. حُور کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ به ڄائي هئي.

حُور جو مڙس ساجد ڪجهه وقت ته حُور تي اول گهول ويندو هو، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هُو ڪنهن ٻيءَ عورت جي چڪر ۾ اچي ويو. گهر کي وقت گهٽ ڏيڻ لڳو. هاڻي ته هُو خرچ به گهٽ ڏيڻ لڳو. حُور پريشان ٿي وئي جڏهن هن هڪ دفعو ساجد کي چيو ته هُو بخيل ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”مون وٽ وڌيڪ خرچ نه آهي جيڪو آهي اهوئي آهي“. حُور وڌيڪ پريشان ٿي ويئي، ڇو ته ساجد جيڪو ڪمائيندو هو اُهو هُن عورت تي خرچ ڪندو هو. گهر تي گهٽ توجهه ڏيڻ، ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي حُور مڙس جي ان ورتاءَ تي پريشان ٿيڻ لڳي.

حُور ڪنهن کي ٻڌائي ته هن جو مڙس ايڏي وڏي زيادتي ٿو ڪري. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ساجد انهيءَ عورت کي گهر به وٺي ايندو هو. تنهن تي حُور ٻه ٽي دفعا ڪاوڙجي مائٽن ۾ هلي آئي. پر گهڻا ڏينهن هوءَ پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ رهي ٿي سگهي. حُور جا ماءُ پيءُ به گذاري ويا هئا، انڪري هن کي پنهنجي ٻارڙن جي ڪري واپس اچڻو پيو. هوءَ پاڻ هٿي سڄي هئي، هن وري نئين سنئينءَ ٽوپو ٽنگو ڏيڻ ۽ ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو. انهيءَ سان گهر ۽ ٻارن جو خرچ ڪرڻ لڳي. هاڻ ته هو حُور کي مارڻ به لڳو هو. اها ڳالهه هن زبيده کي به ٻڌائي هئي، پر زبيده ڪجهه به نٿي ڪري سگهي.

 هڪ دفعي جڏهن ساجد انهيءَ عورت کي رات جو گهر وٺي آيو ۽ حُور انهيءَ عورت سان وڙهڻ لڳي ته ساجد جذبات ۾ اچي حُور کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ چماٽ وهائي ڪڍي ۽  جڏهن حُور به رڙيون ڪري روئڻ لڳي ته وڌيڪ ماريندو رهيو. ٻارڙن جڏهن ماءُ جون رڙيون ٻڌيون ته ننڊ مان اُٿي هنن پيءُ کي ماءُ کان پري ڪيو، تنهن تي وري هُو ٻارڙن کي به مارڻ لڳو ۽ هن حُور کي وارن کان پڪڙي آڌي رات جو در کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

هوءَ سڄي رات در جي ٻاهران روئندي رهي، درکڙڪائيندي رهي، پر ساجد در نه کوليو، ۽ حُور پنهنجي ٻارڙن جون اندران رڙيون ٻڌندي ٻڌندي دروازي تي ئي بيهوش ٿي ويئي.

فجر مهل مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ زبيده جو پيءُ اُتان لنگهيو ته حُور کي هن حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ گهر وڃي پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي ٻڌايو. ان مهل ئي زبيده ۽ هُن جي ماءُ حُور کي پنهنجي گهر وٺي آيون ۽ صبح جو سويل هنن ساجد جو در کڙڪايو. ساجد ٻاهر نڪتو ته سڄو نشي ۾ ڌُت هو، ٻارڙا روئندا ٻاهر نڪري آيا ۽ ماءُ کي ڳولڻ لڳا. زبيده ٻارڙن کي ڀاڪر ۾ ڀريو. هنن کي ساجد سان ڳالهائڻ فضول لڳو۽ هُو ٻارڙا وٺي پنهنجي گهر آيا. حُور ٻارڙن کي ڏسي انهن سان چنبڙي پئي ۽ ٻارڙا پڻ ماءُ جو اهو حال ڏسي روئندا رهيا.

زبيده، جڏهن سندس کي حُور جو قصو ٻڌايو هو ته هوءَ پڻ روئي پئي هئي ۽ هنن گڏجي سوچيو هو ته  ڪو حل ڳولجي، پر ڇا ڪجي، اڄ ته ٻار به پريشان هئا. هُو به پنهنجي پيءُ کان نفرت ڪري رهيا هئا، هنن به نه ٿي چاهيو ته هنن جي ماءُ کي ڪنهن به مهل هنن جو پيءُ ماري ڇڏي.

ڪجهه ڏينهنِ کان پوءِ وري ائين ٿيو ۽ ساجد، حُور کي ڏاڍو ماريو ۽ گهر مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني. ٻارڙن جڏهن اهو ٻڌو ته ان ئي وقت زبيده وٽ آيا هئا، انهن ان مهل ئي فيصلو ڪيو ۽ زبيده کي چيو ته: ”آنٽي اسان جي ماءُ کي اسان جي ظالم پيءُ مان جان ڇڏايو“. اهو جملو حُور جي وڏي پٽ ڳالهايو هو، جيڪو ان مهل چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو. زبيده هن جملي تي حيران ۽ پريشان به ٿي ويئي ته آخر ڇا ڪجي؟ ۽ پوءِ زبيده اها ڳالهه مهر سان ڪئي هئي. هنن ٻنهي کي اها واٽ سُجهي بنان ڪنهن کي ٻڌائڻ جي حُور کي پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ جيڪا اڃا ڇهن مهينن جي هئي، سان گڏ دارالامان موڪلي ڇڏيو. اها خبر هنن جي ٻنهي ٻارڙن کي هئي. ٻئي ٻارڙا تمام گهڻو هراسيل ۽ ڊنل هئا، پر مطمئن هئا ته گهٽ ۾ گهٽ هنن جي ماءُ کي جيئدان ته ملندو.

جڏهن ساجد حُور جي پڇا ڪئي ته ٻنهي ٻارڙن ڪجهه به نه ٻڌايس ۽ جڏهن ساجد، زبيده جي پيءُ کان پڇا ڪئي ته هن به ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ساجد کي به هاڻي ڪا پرواهه نه هئي، ڇو ته هُو پاڻ به خوش هو ته حُور مان سندس جان ڇُٽي ۽ پوءِ هُو انهيءَ عورت کي مرضيءَ مطابق گهر ۾ وٺي ايندو هو، پر ننڍڙا ٻارڙا چُپُ هوندا هئا خوف ۾ ڪجهه ڪُڇي نه سگهندا هئا.

ڪجهه وقت ته هُو به نشي ۾ ڌُتُ هو، ۽ هوش ۾ تڏهن آيو ته جڏهن اُها عورت ساجد کي ڇڏي ٻئي ڪنهن سان هلي وئي. هن جون ان مهل اکيون کليون، پر دير ٿي چڪي هئي. هُو هاڻ پشيمان به هو، پر ڪري ڪجهه نه ٿي سگهيو، پنهنجي منهن ڳولا به ڪندو رهيو، پر هن کي خبر ئي نه پئجي سگهي. هُو ٻنهي پٽن لاءِ پريشان هو ته انهن جي سارسنڀال ڪير لهي؟ آخر هن فيصلو ڪيو ته ٻنهي ٻارڙن کي بورڊنگ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ۽ پوءِ اهي ٻئي ٻارڙا بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، ۽ ساجد پنهنجي ٻارڙن لاءِ مختلف ٻارڙن کي شام جو ٽيوشن پڻ ڏيندو هو، ائين وقت گذرندو رهيو هو. هُو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ته زبيده سان به ملڻ لاءِ ايندا هئا، ۽ پنهنجي ماءُ جو پڻ پڇندا هئا. زبيده ٻه ٽي دفعا لِڪَ ۾ ٻارڙن کي سندن ماءُ سان ملائڻ لاءِ وٺي وئي هئي.

ٻارڙا ننڍڙي عمر ۾ ئي ذهني طور مضبوط ٿي چڪا هئا ۽ انهن کي من ۾ ايندو هو ته ٿورو پڙهي پئون ته پنهنجي ماءُ کي هتان دارالامان مان وٺي وينداسين ۽ ائين وقت گذرندو رهيو هو. زبيده، سان مهر جڏهن به ملندي هئي ته کائنس حُور جي ٻارڙن جو ضرور پڇندي هئي.

”امان امان اوهان اچو نه اسان کي ڪهاڻي ٻڌايو“. مهر ۽ حُور ننڍڙن ٻارڙن جي آواز تي ڄڻ ڇرڪجي پيون ۽ مهر پنهنجي خيالن مان موٽي آئي. حُور هن کي ڏسي ڄڻ جِي پئي هئي. حُور هن کي اندر ڪمري ۾ ويهاري مهر لاءِ چانهه ٺاهي کڻي آئي. ٿوري دير حال احوال وٺڻ کان پوءِ مهر کي خبر پئي ته حُور دارالامان مان هتي ڪيئن پهتي.

جڏهن مهر، حُورکان پڇيو ته ”ڇا تون هاڻي چاهيندينءَ ته وري واپس پنهنجي گهر موٽي وڃين، ڇو ته زبيده ٻڌايو هو ته تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه سالن ۾ جڏهن عورت ساجد کي ڇڏي وئي هئي ته هن پڇتايو هو ۽ توکي ڳولڻ جي ڪوشش به ڪئي هئائين“.

مهر جي ائين چوڻ تي هوءَ ڄڻ اندر ۾ ڇِڄي پئي. مهر سوچيو ته هن کي حُور کان اهو سوال نه ڪرڻ کپندو هو، پر حُور پنهنجين اکين جا ڳوڙها اگهندي پوري اعتماد سان چيو ته ”مان اهڙي مرد کان هاڻ نفرت ٿي ڪيان جنهن مون کي ٻيِءَ عورت جي ڪري گهر مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو، مون کي پنهنجي ٻچن کان پري ڪري ڇڏيو. مون هڪ هڪ رات پنهنجن ٻچن کان پري رهي ڪيئن گذاريو آهي. حُور ڏک ۽ پيڙا ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چوڻ لڳي ته جڏهن منهنجي ٻچن کي منهنجي ضرورت هئي ان وقت هن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، اهو پل پل جو عذاب مون ڪيئن ڀوڳيو هوندو، ان جو حساب آهي ڪنهن وٽ. منهنجي اندر جي چهڪن تي ڪير پها رکندو. حُور جي آواز ۾ هاڻي اعتماد  هو ۽ چوڻ لڳي مون هر پل جِي ۽ مري ڏٺو آهي مان وري هُن مرد کي ٻيهر آزمائڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي داءُ تي نه ٿي لڳائي سگهان. ٻار اڄ به منهنجا آهن، هُو مون سان گڏ آهن، مون وقت جو انتظار ڪيو آهي“. حُور جو اندر ڄڻ ڀڙڪا ڏئي ٻاهر نڪتو ۽ حُور لاءِ مهر جي ان ڏک ڀري زندگيءَ لاءِ ڏک سان گڏ عزت وڌي وئي.

ان مهل هڪ ننڍڙي ڇوڪري جيڪا لڳ ڀڳ يارهن سالن جي هوبهو حُور جي شڪل جهڙي اچي حُور جي پاسي ۾ بيٺي مون کي ياد اچي ويو ته هيءَ ته حُور جي ڌيءَ آهي، بلڪل حُور جهڙي.

مهر حُور ڏانهن ڏٺو ته هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا، پر سندس چپن تي خوبصورت مرڪ هئي. ان ننڍڙيءَ جهڙي ۽ اهي لڙڪ هن جي خوشيءَ جا هئا.

مهر حُور کان موڪلايو. سندس ٻنهي ڳلن کي هٿن ۾ جهلي پيشانيءَ کي چُميو. دل سندس همت کي دادُ ڏنو. دل ئي دل ۾ حُور جي سک ۽ سلامتيءَ جي لاءِ ان وقت رب کي ٻاڏائي حُور جي حق ۾ دعا گهري. ۽ سوچڻ لڳي هڪ ماءُ جيڪا پنهنجي اولاد کان ته پري آهي، پر هت هوءَ ڪيترن ٻارن جي ماءُ آهي.

مهر پنهنجي ڳوڙهن کي اکين ۾ آڻڻ کان روڪيو ۽ حُور کان موڪلائي وڍيل اندر کي پاڻ سان کڻي سوچڻ لڳي ته اهڙين معصوم عورتن لاءِ جتي اهڙا پاپي مرد آهن اتي هيءُ ادارا وري اهڙين ڏکي عورتن لاءِ پناهه گاهه، جتي گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پنهنجي حياتي مرضيءَ سان گذارڻ جو حق نه سهي، پر مرضيءَ سان ساهه کڻڻ جو حق ته آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org