سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:5 

سليم چنا

 

 

 

علامه آءِ.آءِ قاضي

علامه صاحب جو جنم، حيدرآباد شهر ۾  ته ڪن مضمون نگارن پاٽ شريف 9- اپريل 1886ع ته ڪِن لکيو آهي ته 1889ع ۾ ٿيو. ضلعي دادو جي پاٽ شريف ڳوٺ جي انصاري خاندان سان سندس تعلق هو. هن جي پيءَ امام علي قاضي هن جو نالو امداد علي رکيو. آءِ.آءِ قاضي جو نانو سيٺ محمد حافظ حيدرآباد ۾ رهندو هو، ۽ علامه صاحب جي والد روينيو ۾ نوڪري جي ڪري پاٽ شريف ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ شادي به حيدرآباد مان ڪئي. علامه صاحب ابتدائي تعليم آخوند عبدالعزيز کان حاصل ڪئي جنهن قرآن مجيد سنڌي فارسي ۽ رياضي پڙهائي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي مذهبي، اخلاقي ۽ علمي تربيت هيٺ پرورش ورتائون. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به اسڪول توڙي اوطاق يا گهر اندر به مذهبي ۽ علمي تربيت جو هر وقت سلسلو جاري رهندو آيو. جنهن جي ڪري روزي، نماز ۽ تلاوت قرآن پاڪ پابنديءَ سان ادائگي ننڍي هوندي کان ٿيندي رهي.

يارهن سالن جي عمر ۾ کين وڌيڪ روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ نقشبندي سلسلي ڏانهن راغب ڪيو ويو، جنهن ۾ کين ذڪر خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو پر پاڻ وڏا ٿي دنيا جا علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته ”ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه ڪيا وڃن. هيءَ اها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا ۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي تعمير تڪميل تي نه پهتي هجي، تيستائين مراقبا ڪرڻ مفيد نه آهن. خود تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي ضرورت آهي.“

پاڻ چوندا هئا ته ”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي، فطرت ايئن ڪرڻ نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن اهي پاڻيهي ظاهر دنيا کان مُنهن موڙينديون ۽ بند ٿينديون.“

پاڻ 1904ع ۾ سنڌي فائينل ۽ 1905ع بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي طرح مئٽرڪ پاس ڪئي. ويراڳي اچي اندر ۾ واسو ڪري ويٺن. نتيجي ۾ لڪي ڇپي وڃي جوڳين سان جڙاءُ ڪيائون ۽ ڇهه مهينا انهن سان گڏ گذاري، اندر اجاري، دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موٽي آيا ۽ شوق سان پڙهائي ڪرڻ لڳا ۽ بي.اي ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه لاءِ روانا ٿيا، پر اُتي جا درسي ڪتاب ڏسي، سوچيائون اِهي ڪتاب ته منهنجا اڳي ئي پڙهيل آهن. سو هتي ڇو ويهي وقت وڃايان. جيئن ته پاڻ وقت جا پابند ۽ وڏا قدردان هئا. تنهنڪري مختلف علم سکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ولايت هليا ويا، 1907ع ۾ اُتي پهچي به سندن مقصد رڳو ڊگريون وٺڻ ڪونه هو، پر حق کي ڳولڻ سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ سندن مقصد حيات هو، ولايت ۾ پنهنجي روحاني بيچيني ۽ بيقراري کي ختم ڪرڻ لاءِ ’ديوانِ حافظ‘ مان فال ڪڍيائون ته هي جواب آيو.

”مان مريدان خدائيم، خدا رهبر ما است.“

ان کان پوءِ روحاني رهبري وٺڻ لاءِ ڪڏهن به رب پاڪ جو در نه ڇڏيائون.

علامه صاحب پنهنجي علم جي حاصلات لاءِ، ”رب زدني علما“ هميشه دعا ۾ پڙهندا هئا.

قاضي صاحب لنڊن ۾ ڊاڪٽر هابهائوس (DR- Hobhouse) ۽ ڊاڪٽر ٿامس آرنلڊ (DR Thomsarnold) وٽ به پڙهيا ۽ لنڊن ۾ ئي هڪ مصري استاد شيخ گوما کان عربيءَ جي وڌيڪ تعليم وٺي، اسلام جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ به ڪيائون. علامه قاضي هڪ سال لنڊن ۾ اقتصاديات جي تعليم وٺي 1909ع ۾ اسڪول آف اڪنامڪس لنڊن ۾ داخل ٿيا ۽ نفسيات جي تعليم ڊاڪٽر برائون وٽ پڙهيا. پاڻ جرمن خاتون محترمه ايلسا سان شادي ولايت ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئائون. سال 1910ع ۾ لنڪنس ان ۾ بارايٽ لاءِ داخلا ورتائون. اُها پاس ڪري 1911ع ۾ سنڌ موٽي آيا. 1921ع ۾ مئجسٽريٽ ۽ اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست جا سيشن جج مقرر ٿيا. ائين ٿورو وقت ٽنڊو محمد خان ۽ ٿورو وقت خيرپور رياست ۾ جج ٿي رهيا. پر پوءِ سڌي يا اڻ سڌي سفارش کي قبول نه ڪرڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائون ۽ ٿوري وقت کان پوءِ واپس ولايت هليا ويا ۽ علمي درسي، ادبي، ادبي، تبليغي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويا. 1924ع ۾ ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ مضمون لکڻ تي، انگلينڊ ۾ سندن علمي. ادبي هاڪ وڌي وئي ۽ 1924ع ۾ ئي کين 'England Poetry Society' جو نائب صدر چونڊيو ويو، 1929ع ۾ وري فلاسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ پاڻ جلد ئي سنڌ موٽي آيا ۽ وڪالت شروع ڪيائون، پر کين اها وڪالت نه وڻي ۽ وري ڪڏهن وڪالت نه ڪيائون ۽ ولايت واپس وڃي اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيائون. 1932ع لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽيڊيز ۾ عربي جي وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ٿيا. لنڊن ۾ مسجد قائم ڪيائون ۽ مسلمانن لاءِ 1933ع ۾ ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد وڌائون. جتي مختلف ملڪن جي نوجوان مسلمانن کي بيداري جي تبليغ ڏنائون. پاڻ انهي ’جمعيت المسلمين‘  جا امام مقرر ڪيا ويا هُئا. علامه صاحب لنڊن ۾ بئنڪ جي نوڪري به ڪري چڪا هئا. ڇو ته پاڻ بئنڪ ۾ نوڪري کان اڳ اڪائونٽنسي ۽ مئنيجري جو ڏکيو امتحان به اعزازي نمبرن ۾ پاس ڪيل هئا، پر اسلام جي تبليغ جو جذبو ۽ فرض سندن من پسند ڪم هئا. سندن جڳ مشهور ڪتاب "Adventures of the brown girl in her Seach of God" ان تسلسل جو ئي هڪ سلسلو آهي جيڪو پاڻ جڳ مشهور انگريز ليکڪ برنارڊشا جي ڪتاب    'The Adventures of the Black Girl in Search of God'.  جي جواب ۾ لکيو هئائون.

قاضي صاحب 1937ع ۾ وري موٽي سنڌ آيا. ۽ ڪراچيءَ کي پنهنجو تبليغي مرڪز بنايائون. سندن جمعي جا خطبا ايل.ڊبليو مسلم هاسٽل (موجوده جناح ڪورٽس) جي مسجد ۾ ٿيندا هئا، جنهن ۾ علامه صاحب کي ٻڌڻ لاءِ تمام گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا.

اُن هاسٽل ۾ جيڪي شاگرد ان وقت رهندا هئا يا جيڪي ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا، انهن مان ڪجهه نالا هيءُ آهن:

فضل الاهي انصاري، الهداد شجرا، قاضي فيض محمد، سيد قطب علي شاهه، حافظ گل محمد، حمزو خان قريشي، علي نواز جتوئي، شفيع محمد ميمڻ، اي.ڪي بروهي، شمس الدين شاهه، گل محمد شيخ، قاضي احمد محمد، شير محمد بلوچ، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالرحيم ميمڻ، مڱڻ خان ٽالپر، محمد اشرف ميمڻ، مخدوم عبدالوالي، علي محمد سمون ۽ ٻيا. شهر جي معزز شخصيتن سان گڏ مٿين شاگردن کي به علامه آءِ.آءِ قاضي جي خطبن ٻڌڻ ۽ مراقبا ڏسڻ جو ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو. ڪراچي ۾ دين اسلام جي تبليغ ۽ عبادت اِلاهي ۾ ڪجهه سال گذارڻ کان پوءِ جڏهن يورپ تان ٻي عالمي جنگ جو غلبو ختم ٿيو. تڏهن پاڻ وري ولايت هليا ويا.

هتي هن ڳالهه کي چٽو ڪجي، ته علامه صاحب جي هر عمل ۾ سندن عظيم گهر واري جنهن کي سنڌ واسي اڄ سوڌو مَڌر ايلسا قاضي جي نالي سان ياد ڪن ٿا. جي رضامندي ۽ سهڪار شامل هوندو هو ڇو ته امڙايلسا، فلسفي، مصوري ۽ شاعري جي ڄاڻو ۽ پارکو هئي. پاڻ شاهه لطيفرحه جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ۾ منظوم ترجمو به ڪيو. انهيءَ سان گڏو گڏ ٻئي زال مڙس سڄي عمر علم، ادب، فلسفي، مذهب، تاريخ، ۽ فنون لطيفه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهندا هئا. تنهنڪري سندن وفات کان پوءِ علامه صاحب اڪثر ڀٽائي گهوٽ جي هيءَ سِٽ پڙهندا رهندا هُئا:

نڪي نمازن ۾، نڪي منجهه رباب،

ڪَهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ!

قاضي صاحب کي 1951ع ڌاري موجوده سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. جنهن لاءِ جڳهه جي (يعني ڄام شوري جابلو پٽي) چونڊ به پاڻ ڪئي هئائون. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا 9 سال وي.سي ٿي رهيا ۽ يونيورسٽي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪيائون. ان جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڻ مختلف شعبا به کولرايائون. پاڻ جڏهن يونيورسٽي مان ڪجهه وقت لاءِ موڪل وٺي ولايت وڃڻ وارا هُئا ته حڪومت پاڪستان پاران سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ سائنسي ليبارٽري وٺڻ جا پئسا مليا. جنهن تي سنڊيڪيٽ ريزوليشن پاس ڪري علامه صاحب کي ئي انهيءَ خريداريءَ جا اختيار ڏنا. علامه صاحب جڏهن ولايت مان موٽيا ته اُتان گهٽ پئسن ۾ وڌيڪ سائنسي سامان وٺي آيا.

سينڊيڪيٽ جي پاس ڪيل ريزوليشن موجب علامه صاحب کي ٽي.اي.بل جا پيسا ست هزار کن ڏنا ويا جيڪي علامه صاحب نه قبول ڪندي اهو چيو ته:

”مون ازخود ولايت وڃڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ سنڊيڪيٽ پوءِ مون کي سامان خريد ڪرڻ لاءِ چيو، تنهنڪري آءٌ انهيءَ ٽي. اي. بل جو حقدار نه آهيان. خدا تعاليٰ منهنجي نيت کان واقف آهي. آءٌ الله تعاليٰ کي ڌوڪو نٿو ڏئي سگهان.

علامه قاضي جي ڪتاب 'Casual Peeps at Sophia' کي به سنڌ، هنڌ توڙي ولايت ۾ پسند ڪيو ويو. موجوده سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ علامه صاحب لاڪاليجن تي مشتمل نئين ڪيمپس ۽ ٽائون شپ جي مفصل تجويز تعميرات سميت 26- اپريل 1951ع تائين حڪومت کي پهچائي ڏني ۽ ڇهن ڏينهن اندر، ڪجهه فرنيچر ۽ چار هزار ڪتابن کي ٽرڪن ۾ رکرائي، ڪراچي يونيورسٽي مان کڻرائي اچي حيدرآباد جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ لهرايو.

قاضي صاحب سڀ کان پهرئين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن لاءِ ڪم ڪيو ۽ منتظمين ۽ پروفيسرن لاءِ ماسٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري وٺڻ ضروري قرار ڏنو. هيٺين ليول تي استادن جي تربيت لاءِ ”بيچلر آف ٽيچنگ“ ۽ ٽيچرز ڊپلوما جاڪورس شروع ڪرايا. اڳتي هلي فني ۽ تعليمي تحقيق لاءِ ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري شروع ڪئي. اهڙي ريت علامه قاضي (1951ع- 1954ع تائين 15 شعبا مڪمل ڪيا، جن مان ڪي هي آهن: سنڌي اردو، انگريزي، فارسي، عربي، معاشيات، جنرل هسٽري، رياضي، پوليٽيڪل سائنس، نفسيات ۽ فلسفو.

پاڻ پنهنجي وائس چانسيلري واري دور ۾ لائبرري جي چئن هزارن واري انگ کي وڌائي ستاويهه هزار ڪتابن تائين پهچايو ۽ هڪ سؤ نادر ۽ ناياب مخطوطا به هٿ ڪري محفوظ ڪيا. ڪئمپس ۽ ٽائون شپ لاءِ نقشا جرمن انجنيئرن جي مشورن سان ٺهرايائون استادن لاءِ هڪ ڪيفيٽيريا، يونين هال، ڊسپينسري، پرڏيهي شاگردن ۾ عالمن لاءِ هاسٽل به سندن ڪوششن سان ٺهي.

انهيءَ مان ثابت ٿيو ته علامه صاحب هڪ عالم، فاضل ۽ ماهر تعليم هجڻ سان گڏ ڪامياب منتظم به هئا ۽ پنهنجي وائس چانسيلري واري دور ۾ يونيورسٽيءَ جي بهتري ۽ ڪاميابي لاءِ هر وقت مصروف عمل هوندا هئا.

قاضي صاحب پنهنجين تقريرن ۽ تحريرن وسيلي جن موضوعن تي پنهنجي عالمانه ڏني، انهن مان ڪجهه موضوع هي آهن: فيلسوف ڪير آهي، ڪردار، غزل اردو ڇا آهي، زرتشت هڪ عظيم پيغمبر، صحت ۽ پاڪائي قومن جو بقا، ادب ۽ زندگي، علم ادب، شري ڪرشن جو تاريخي پهلو، جيت جي ڪهاڻي، سنڌي ٻولي ان جي بقا ۽ بچاءُ، اڄ جي فلسفي ۾ ڪهڙيون خاميون آهن، حقيقت جي ڳولا، تعليم اقبال، شاهه لطيف جي شاعري ۽ فن، ڀٽائي جو عالمي شاعرن ۾ مقام، ربيع الاول مهيني جي اهميت، فيلسوفن کي خطاب ڀائرو جاڳو، قبرستان ۽ ڪتبخانا، عمده تعليم ۽ ترقي پسند زندگي، صداقت، شاهه جي شاعري ۾ موضوع، اسلامي تعليم ڇاکي چئجي، علم جي طلب، شاعري، قوميت ۽ متحده قوميت جا اصول ۽ اسباب، سنڌ يونيورسٽي (ٻه تقريرون)، محبت جي ضرورت، سنڌي اخبارن جي ٻولي، جت اوندهه نه سوجهرو، نئين نسل جي نالي آخري پيغام، اهو عالي مرتبت ڪير هو، قومن جو بقا سندن ڪارنامن ۽ علمن تي، سجاڳيءَ جو قرآني آواز، ڪاميابي جي راهه، 18 – آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، 14 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس دادو (1954ع) ۾، ۽ ٻيا انيڪ موضوع سندن علمي گفتگو، تقرير ۽ تحرير هيٺ آيا. پاڻ سائين جي.ايم.سيد کي جيڪي خط لکيا، اهي ڪتاب ساڻيهه جا سينگار ۾ محفوظ آهن. انهيءَ کان سواءِ سندن خط و ڪتابت قاضي فيض محمد، اي.ڪي بروهي، علي نواز جتوئي ۽ سنڌ جي ٻين علمي ادبي شخصيتن سان رهي جن مان ڪيترائي يادگار خط ڇپجي به چڪا آهن.

انهيءَ کان سواءِ سال 1937ع کان 1945ع تائين مسلم ڪاليج هاسٽل ڪراچي جي مسجد جي پيش امام ۽ خطيب طور پاڻ جيڪي ديني خطبا ۽ تبليغي تقريرون ڪيائون، انهن جو تفصيل ڏيڻ تمام تحقيق طلب ڪم آهي جيڪو يقيناً هڪ نه هڪ ڏينهن ڪنهن مرد مجاهد کان پايه تڪميل تي پهچندو. انشاءَ الله.

پاڻ هسٽري آف مسلم هسٽاريڪل پروجيڪٽ جا چيئرمين ٿي به رهيا. پاڻ پنهنجي لائق فائق عالمه، اديبه ۽ ماهر فنون لطيفه گهر واري محترمه ايلسا قاضيءَ جي سهڪار سان هيٺيان اهم ڪتاب لکيائون.

1- “Adventures of the brown girl in her search of God”

2- Casual peeps at Sophia.

3- شاهه عبدالطيف هڪ عالمي شاعر

4- شاهه ڀٽائي جي رسالي جي نئين ترتيب.

سنڌ جي هن عظيم سپوت ۽ جڳ مشهور فلسفي، عالم، تعليم دان، قانوندان، تاريخدان، مقرر، مذهبي پيشوا دنيا جي علمن مذهبن ۽ ٻولين جي ڄاڻو ۽ پارکو. 13- اپريل 1968ع تي وفات ڪئي. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

علامه صاحب ولايت ۾ رهي، پنهنجي اندر کي جن علمن سان روشن ڪيو، اهي علم هئا- فلاسافي، فزڪس، ڪيمسٽري، شاعري، علم نجوم، جيالاجي، علم، ادب، باٽني، فارميسي، فارماڪالاجي، آرٽ، موسيقي، فن تعمير، قومن جي تاريخ، قديم تهذيب ۽ تمدن، دين اسلام ۽ دنيا جي مذهبن، قديم توڙي جديد، ريتن رسمن، سماجي سرشتن، معاشي ۽ اقتصادي مامرن، سائنسي سماجي ۽ اخلاقي قدرن جا پنهنجي دور جا مڃيل صاحب علم استاد هئا، کين تدريسي علم ۽ روحاني علم جي به وڏي ڄاڻ هئي. ايتريقدر جو يورپ جا وڏا وڏا عالم فاضل، ولايت جا فلسفي ۽ ننڍي کنڊ جا مدبر ۽ ڏاها به سندن علمي قابليت، عملي زندگي، روحاني حيثيت جا زبردست مداح هئا. سندن سڄي عمر جي فرض شناسي ۽ سچائي کين هر ماڻهو آڏو قابل احترام بنايو.

علامه صاحب پنهنجي سڄي ڄمار خودار ٿي گذاري. هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪو تحفو قبول نه ڪيو. ايتري قدر جو پنهنجي انتهائي ويجهي ۽ پياري ۾ پياري شاگرد ۽ مداح اي.ڪي بروهي جو ڏنل تحفو به قبول نه ڪيو. هڪ ڀيري علامه صاحب سنڌيونيورسٽي ۾ ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪري رهيو هو ۽ قرآن پاڪ جون آيتون پڙهي رهيو هو ته سامهون واري لائين مان ٻانگ جو آواز ٻڌي ڪو بزرگ شخص نماز لاءِ اٿيو ته علامه صاحب يڪدم ان ڏانهن نهاري چيو ته:

"Look at these Fools, They are going for Prayer, as if this is not a prayer."

جڏهن ته علامه صاحب پاڻ به نماز جو پابند هو ۽ اڌرات کان اُسر تائين تهجد به پڙهندو هو. سنڌ جي هن عظيم مفڪر، مدبر، دنيا جي دين ۽ دنيا جا ڪامياب گوهر پنهنجي علم ۽ اعليٰ عمل وسيلي ٻڌايا. پاڻ ورهاڱي کان اڳ جن سالن ۾ مسلم هاسٽل ڪراچيءَ جي مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهائڻ لاءِ ايندا هئا، تڏهن سنڌ ۽ هنڌ جا ناميارا عالم به سندن پويان بيهي نماز پڙهڻ کي سعادت سمجهندا هئا. هڪ ڀيري سنڌ جو ناميارو عالم مولوي محمد صادق کڏي وارو ۽ هنڌ جو مشهور عالم دين مولانا ابوالڪلام آزاد خاص طور تي علامه قاضي صاحب جو جمعي جو خطبو ٻڌڻ آيا. خطبي کان پوءِ مولوي صادق صاحب چيو ته مولانا آزاد نماز پڙهائي، پر مولانا آزاد چيو ته هو قاضي صاحب جي پويان نماز پڙهندا. جڏهن ته قاضي صاحب سڄي ڄمار ڪلين شيوَ رهيا. هڪ ڀيري سنڌ مدرسي ۾ مسلم ليگين جناح صاحب جي تقرير رکي، پر ان جي صدارت علامه صاحب کان ڪرايائون. علامه صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جناح صاحب کي چيو ته: ”جيڪي ڪجهه ڪيو ٿا، اُن مان اسلام کي يا مسلمانن کي ڪو فائدو ڪونه پوندو.“

قاضي صاحب جي شخصيت تي سائين جي.ايم.سيد، محترم اي.ڪي بروهي. محترم قاضي فيض محمد، پروفيسر علي نواز جتوئي تمام تفصيل سان لکيو آهي. ڇو ته اهي چار ئي قاضي صاحب جي تمام ويجهو رهيا ۽ کين پيارا هئا. انهي کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير علي محمد راشدي، محمد ابراهيم جويو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ خان، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاٽائي، غلام محمد گرامي، غلام رباني آگرو، پيرحسام الدين راشدي، محمد يوسف شيخ، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جن علامه صاحب کي ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو، تن سڀني علامه صاحب جي علمي بصيرت ۽ شخصي فضليت جي واکاڻ ڪئي آهي.

آخري سالن ۾ علامه صاحب وٽ انڊس ٽائيمس حيدرآباد جو ايڊيٽر ابوالاخيار صاحب به علمي فيض وٺڻ ايندو هو. جڳ مشهور قانون دان اي.ڪي بروهي هڪ ڀيري چيو هو ته:

”هِن دور جو عظيم الشان انسان، ايشيا ۾ رهي ٿو. ايشيا ۾ يعني پاڪستان ۾ رهي ٿو. پاڪستان جي علائقي سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ ان علائقي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ رهي ٿو خوش نصيب آهن حيدرآباد جا رهواسي، جن وٽ دنيا جو عظيم ترين انسان علامه قاضي صاحب رهي ٿو.!“

مولانا غلام محمد گرامي سندن رحلت کان پوءِ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ لکيو:

”انساني علوم و فنون کان وٺي، مذاهب عالم جي تقابلي مطالعي، فلسفي ۽ سائنس، حڪمت ۽ ادب، شاعري، آرٽ، تاريخ، تمدن، لغت، منطق، نفسيات ۽ تصوف جي عميق ۽ دقيق جزئيات تائين سندن نگاهه هئي.“

علامه صاحب ولايت واري زندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ گهاريل گهڙين ۾ ان علم کي ڦهلائڻ ۾ مصروف عمل رهيا. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران پاڻ امڙ ايلسا قاضيءَ سان گڏ اڪثر وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چڙهي سنڌو درياهه جي سير تي ويندا هئا. سول لائين حيدرآباد ۾ سندن بنگلي ۾ جڏهن عالم، اديب، تعليمي ماهر، استاد يا شاگرد ملاقات لاءِ ويندا هئا ته پاڻ کين چانهن پاڻيءَ سان گڏ ڪيڪ پيسٽري يا برفي به پيش ڪندا هئا.

علمي، ادبي، ۽ فلسفيانه گفتگو مهل انتهائي شائستگي، آهستگي ۽ دليلن سان سامهون واري کي قائل ڪندا هُئا. علامه صاحب جن مراقبي جا پابند هوندا هئا. روزانو عبادت سان گڏ مراقبو به ڪندا هئا. پاڻ دعوتن تي گهڻو ڪري ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته:

”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ اٽلو وقت جو نقصان، الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“

علامه صاحب خدا تعاليٰ جي مدد کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي مدد يا تحفو قبول نه ڪندا هُئا. سندن رٽائرمينٽ واري دور ۾ سندن ئي پياري شاگرد قاضي فيض محمد کين ڪجهه سَوَ روپين جو چيڪ اُماڻي موڪليو، پاڻ کين اهو چيڪ واپس ڏياري موڪليائون. حاتم علوي چونڊيو هو ته: ”لطيف کان پوءِ قاضي صاحب جن سنڌ تي ٻي رحمت آهن.“ مٿي جناب اي.ڪي بروهي جي تحفي جو ذڪر ڪري آيو آهيان. اهو تحفو علامه قاضي هيئن موٽايو جو اي.ڪي بروهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ حمزي خان قريشي کي چيائون: ”بابا! هي سونو سيٽ بروهيءَ کي وڃي واپس ڏي ۽ کيس چئجانءِ ته اسين اهو ڪيئن سهنداسين ته اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي گهر مان سون نڪري.!“

علامه صاحب حيدرآباد جي سول لائين ۾ - 37- دي-مال ڪئنٽومينٽ، حيدرآباد ۾ رهندا هئا. انهيءَ بنگلي ۾ پوءِ قاضي احمد محمد اچي رهيو. اڄ به اهو بنگلو نئين اڏاوت ۽ سفيد رنگ سان قاضي احمد محمد جي اولاد وٽ آهي.

علامه صاحب وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان جيڪڏهن ڪنهن کي خط لکيا، ته اهو قاضي فيض محمد هو جنهن سندن جدائي کان پوءِ ”ڪرمن سڙي دلڙي!!“ ڪتاب لکي پنهنجي عقيدت ۽ محبت قاضي صاحب سان ظاهر ڪئي هئي.

قاضي صاحب جو هڪ پراڻو نوڪر نالي پيارو هو. 85 سالن جي عمر ۾ علامه صاحب کي اچي دانهيو ته مون غريب بئريج مان زمين کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي لاءِ قاضي صاحب- حيدرآباد مان قاضي فيض محمد ڏي خط لکيو ته:

”منهنجا پيارا فيض، پياري تنهنجي محبت ڀري چٺي پهچائي، انهيءَ لاءِ شڪريه. هيءُ غريب هميشه دربدر آهي. هن لاءِ ڇا ممڪن آهي جو ڪيو وڃي، تعلق رکندڙ آفيسر کي اپيل ڪجي ڇا؟ آهي ڪا اُميد جو هن غريب کي چند ايڪڙ زمين جا واپس ملن؟ مان کيس چيو آهي ته توسان هفتو کن رکي پوءِ ملي. جيڪڏهن ڪا اُميد هجي ته هِي 85 سالن جو پوڙهو ماڻهو ڪشالو ڪري ٻيءَ طرح هيءَ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو کيس رُلايون. مهرباني ڪري هن کي سهڻي صلاح ڏيندا. جيڪڏهن وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ سندس ڪم لاءِ يا ڪنهن چڱي آفيسر کي چوءُ چواءِ ڪرڻ مان به ڪجهه نه وري، ته پوءِ کيس صاف ٻڌاءِ ته غريب موٽي وڃي گهر آرامي ٿئي، ۽ رضا تي راضي رهي.

تنهنجو شڪريه- دعا آهي ته تون خوش هجين.

پيارن سان هميشه تنهنجو

                                   آءِ. آءِ.ق

جناب غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب
”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”اڪثر ماڻهو مرحوم اي.ڪي بروهيءَ کي علامه صاحب جو روحاني وارث قرار ڏيندا آهن. مرحوم اي.ڪي. بروهي، علامه صاحب کي روحاني پيءُ ڪوٺيندو هو. علامه صاحب به کيس اوترو ئي ڀائيندو هو. هڪ دفعي مون کي پاڻ چيو هئائين ته: ’بابا، جيڪڏهن بروهي اسان جو پيٽ ڄائو پٽ هجي ها، تڏهن به اسين کيس اوترو ئي پيار ڪريون ها، جيترو هاڻي ڪريون ٿا.‘“

آخر ۾ مان انهن اهم شخصيتن جا نالا به پيش ڪيان ٿو، جن تي علامه صاحب کي به ناز هو ۽ هو به  کيس پيار ڪندا هُئا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٻيا سنڌ جا سوين ۽ هزارين ماڻهو اڄ به علامه صاحب کي سنڌ جو الله تعاليٰ پاران ڏنل هڪ انمول ۽ ناياب تحفو سمجهن ٿا. اسان سڀ دعاگو آهيون، شل امڙ ايلسا قاضي ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي جنت جي سير ۾ به سنڌ لاءِ دعاگو هوندا. انشاء الله.

علامه صاحب جي پيش ڪيل هيءَ رٿا پاڪستان ۾ نئين هئي ته يونيورسٽي شهر (ڪيمپس) ۾ ٺاهجي، سنڌيونيو رسٽيءَ ۾ ڪيمپس قائم ٿيڻ سان اُها سڄي پاڪستان ۾ پهرئين ڪيمپس هئي ۽ ان جو باني علام قاضي صاحب هو.

28 مئي 1967ع تي امڙ ايلسا قاضي وفات  ڪئي 'Adventure of Brown girl in search of God' لنڊن ۾ 1933ع ۾ ڇپيو. علامه صاحب وائيس چانسيلر جي حيثيت تي هو پنهنجي اڌ پگهار يونيورسٽيءَ کي موٽائي ڏيندا هئا. پاڻ گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر اچڻ لاءِ ڪڏهن به يونيورسٽي جي ڪار استعمال نه ڪيائون. وفات کان اڳ پاڻ پنهنجي سڄي ملڪيت، ذاتي شيون قيمتي ڪتاب ناياب ۽ اڻ لڀ قلمي نسخا ۽ تصويرون Paintings هڪ ٽرسٽ حوالي ڪيون هئائون، جيئن اهي تبليغ اسلام علم و ادب لاءِ ڪم اچي سگهن.

علامه صاحب جي بنگلي جو سمورو فرنيچر ۽ ٻيو سڀ سامان مسواڙي هو. علامه صاحب تحفي ۾ مليل ڪڪڙ به قبول نه ڪندو هو، هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين هڪ خط ۾ علامه صاحب کي هيئن لکيو هو ته:

”زندگيءَ جون جيڪي گهڙيون اوهان جي محبت ۾ گذريون سي منهنجو عزيز ترين سرمايه حيات آهن.“

مخدوم طالب الموليٰ علامه صاحب ۽ سندس گهر واريءَ کي ”هنس جي جوڙي“ سان تشبيهه ڏيندو هو. علامه صاحب ۽ سندس شريڪ حيات جي مزارن جا ”ڪتبا“ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان لکيا هئا جيڪو شعبه اردو جو صدر هو. علامه صاحب ولايت ۾ گهڻو وقت رهڻ جي ڪري هر ڳالهه جو پابند ۽ وقت جو قدر ڪندڙ هو. پاڻ 80 سالن جي دور ۾ چڱو ڀلو تندرست توانو لڳندو هو جڏهن ته امڙ ايلسا ستر ورهين ۾ اچي ڪافي ڪمزور ٿي ويئي هئي.

هنن ٻنهي پيار جي شادي ڪئي هئي ۽ اِهو هڪٻئي سان وچن ڪيو هئائون ته اسان اولاد پيدا نه ڪنداسون متان اسان جي سڪ ۽ محبت ۾ گهٽتائي اچي. علامه صاحب هميشه انگريزي لباس ٿري پيس ۾، ۽ مڌرايلسا ڊگها ڪپڙا پائيندي هئي. جنهن ۾ چولي طور فراڪ گهڻو پائيندي هئي. علامه صاحب ٿري پيس تي بٽر فلاءِ ڪالر لڳائي فلئٽ هئٽ ۾ ٻاهر نڪرندو هو.

علامه صاحب سنڌ جي ثقافت کي جيارڻ لاءِ وائيس چانسيلري دوران پٽيوالن لاءِ ٺٽي جي لونگي جو رنگارنگي چٽڪمرو پٽو مقرر ڪيو هو جيڪو انهن کي چيلهه تي ڏاڍو سونهندو هو.

علامه قاضي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پڙهيو. کيس اسڪول ڇڏڻ ۽ وري واپس وٺي اچڻ لاءِ نوڪر مقرر ٿيل هو. سندس جڳ مشهور ڪتاب (Casual peeps at Sophia) کي پڙهي سندس اسڪولي هندو دوست هندوستان مان اڌ صديءَ کان پوءِ هن کي ياد ڪري خط لکيو جيڪو علامه جي وفات کان هڪ پوءِ پهتو هو، جنهن خط ۾ پنهنجائپ مان هيءُ جملو به شامل هو:

”تون ۽ مان جڏهن اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسون، ته تون سڀني ڇوڪرن کان عمدو لباس پائي ايندو هئين.“

علامه صاحب وٽ نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ به عام گفتگو ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا هُئا. سنڌ جي هاڪاري سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار کي هڪ ڀيرو چيائين: ”ٻيڙا فقير! قليچ بيگ ڏاڍي پاهوڙي هنئين آهي. ائين علامه صاحب سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون به پيو ورجائيندو هو. ”وڻن ۾ ٻور لڱن ۾ سور.“

”اڙي انهيءَ جيئڻ کان ٻڏي نه مرين.“

”ڦڳڻ ڦلاريو. ڏينهان اونهارو، راتيان سيارو.“

علام قاضي پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻه عالمي جنگيون ڏٺيون، انسانن کي رت ۾ لت پت ڏٺو. انسانيت  خوني رنگ ۾ رڱجندي ڏٺي، پر پنهنجي اَمن علم ۽ انسانيت واري پرچم کي بلند ئي رکيو. جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو هو. هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي رت جا پياسا ٿي پيا هئا، انسانن جو ڪوس وڌي ويو هو. هندو ۽ سک به هڪٻئي جون سسيون لاهڻ ۾ لڳا پيا هئا. تڏهن پاڻ وري ولايت هليا ويا هُئا ۽ دنيا جي علمن جي وسيع مطالعي ۾ مصروف ٿي ويا هئا، ۽ جتي جتي به رهيا، پنهنجا علمي ليڪچر ڏيندا رهيا. ٿياسافيڪل سوسائٽي سنڌ ۾ سندن خطاب هوندا هئا. سندن وائيس چانسيلري دوران هڪ دفعي اولڊ ڪيمپس ۾ نوودياليه اسڪول جي هندو بانيءَ جي سماڌيءَ کي ڪنهن نقصان رسايو. تنهن تي کين ڏاڍو ڏک رسيو ۽ ڪاوڙ به آئي، نيٺ پاڻ ان سماڌيءَ جي مڪمل مرمت ڪرائي، سک جو ساهه کنيائون.

امڙايلسا سان سندن ساٿ 57 سال رهيو. سندن وصال کان پوءِ اڪثر چوندو هو ته ”ڪو موٽر وارو دوست هجي، جو درياهه تي هلي اسان کي ڇڏي اچي. درياهه جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو. جيڪر منجهس گهڙي سمهي پئجي.“ يونيورسٽي جي جڳهه جي چونڊ بابت پيرعلي محمد راشديءَ لکيو آهي ته: ”قاضي صاحب منهنجي هدايت اها ئي ٿيندي، جيڪا اوهان جي هدايت هوندي. اوهان جي راءِ اڳيان منهنجي راءِ يا ڪنهن ٻئي جي راءِ جي ڪا به وقعت ڪانهي.“ کين اکين ۾ پاڻي تري آيو. جهيڻي آواز ۾ چيائون. ”علي محمد، بابا، ڄام شورو!“ علامه صاحب جي ڪوششن کان پوءِ لنڊن جي ايسٽ اينڊ علائقي ۾ هڪ مسجد ٺهي، ان کان پهرئين انگلنڊ ۾ فقط هڪ مسجد (Voking) شهر ۾ قاديانين جي هئي.

علامه صاحب جي زندگيءَ ۾ اِهو به هڪ اهم مقصد هو ته رابندرناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتين يا مهاتما گانڌيءَ جي آشرم جيان سنڌ ۾ به اهڙو ئي، تعليمي ۽ تربيتي مرڪز کولجي جتي علم ۽ عقل سان گڏ ڀائيچاري، انساني اعليٰ قدرن جو سلسلو جاري هجي ۽ دنيا جي ملڪن ۽ علائقن سان سماجي رواداري ڳانڍاپو رکي. اعليٰ آدرشن، علمن، فڪرن ۽ نظرين جي پاسداري ڪجي.

جيئن ته هڪ طويل عرصو پاڻ سائين جي.ايم.سيد جي ويجهو رهيا. ساڻس ولايت مان توڙي سنڌ مان خط و ڪتابت به ڪندا رهيا. سَن کي هڪ محور ۽ مرڪز به سمجهندا رهيا. سندن وقت شناسي، بيباڪي ۽ فرض شناسي جو مثال هي به آهي ته هڪ ڀيري سينيٽ جي ميٽنگ وزير تعليم دير سان پهتو، تنهن تي پاڻ چيائون ته: ”وزير صاحب کي خبر آهي ته ”وزارت“ خدائي بار آهي ۽ نه ماڻهن تي رعب رکڻ جو عهدو.“

گومائي صاحب جي گورنري واري دور ۾ جڏهن هو پهريون ڀيرو هتي آيو ته سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا ڇو ته پاڻ گورنر هجڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو چانسيلر به هو. پر علامه صاحب سندس آجيان لاءِ اسٽيشن ڪونه ويا، پر گومائي صاحب کي سندن علميت، فضليت ۽ اهليت جي خبر هئي تنهنڪري ناراض نه ٿيا.

ٻئي دفعي چانسيلر جي حيثيت ۾ گومائي گورنر صاحب سينيٽ جي ميٽنگ جي صدارت پئي ڪئي. جنهن ۾ علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ پيش ڪئي. جيڪا پاس ڪئي وئي، پوءِ جڏهن علامه صاحب تي ڳالهائڻ جو وارو ٻين ميٽنگ ۾ ويٺلن کي مليو ته علامه صاحب اِهو چئي سينيٽ هال مان نڪري ويا ته ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“

گومائي صاحب انهيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. ويٺلن کي چيائين ”انهيءَ کان اڳ جو نئين وائس چانسلر جي مقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه ’منهنجي نظر ۾ هن جهڙي وائيس چانسيلر يونيورسٽي کي ٻيو ڪونه ملي سگهندو ۽ پوءِ بنا ڪنهن دير جي کڻي سينيٽ جي ميمبرن کان ووٽ ورتائين. اهڙي ريت گومائي صاحب وڏي اڪثريت سان علامه صاحب جي وائيس چانسيلري واري مدي کي وڌرائي ڇڏيو.

علامه صاحب جي ولايت واري علمي، ۽ عملي زندگي ۽ سنڌ ۾ رهڻي، ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي سڄي ئي مٿس اخلاق- اصول پرستي، علم جي ڳولا عمل لاءِ نيڪ نيتي سان ڀري پئي آهي.

علامه صاحب جيئن ته منهنجو ڳوٺائي (پاٽ شريف) جو هو ۽ منهنجو تعلق به پاٽ شريف جي پڙهيل لکيل چنا خاندان سان آهي. تنهنڪري ننڍي هوندي کان ئي مان سندس شخصيت ۽ علميت کان ڏاڍو متاثر هئس.

مون جڏهن پنهنجي پاڙي (الهندي ڪچي اسٽيشن روڊ اشرف شاهه جي اوتاري صالح بلاول چاڙهي نزد زناني اسپتال حيدرآباد سنڌ) جي هوٽل ڪيفي بسم الله تي جنگ اخبار ۾ آيل علامه صاحب جي وفات جي خبر پڙهي هئي، ته مان زارو قطار روئڻ ۾ لڳي ويو هئس، ڇو ته مون کي خبر هئي ته علامه قاضي صاحب دنيا جا مڃيل مفڪر، عالم، اديب تعليمدان ۽ اعليٰ انسان هئا. سندن وفات تي منهنجي اکڙين روئي روئي کيس خراج تحسين ان وقت به پيش ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ۽ منهنجي مرڻ گهڙي تائين، هو منهنجو آئيڊيل، مثالي ۽ غير معمولي انسان ئي رهندو. انشاءَ الله.

پير حسام الدين راشدي

سنڌيڪار: ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

نسيم امروهوي(1) صاحب کي جيئن مون ڏٺو

 

نسيم صاحب ۽ منهنجي پهرين ملاقات 1951ع ۾ خيرپور ۾ ٿي، جڏهن هُن اردو ڪانفرنس گهُرائي(2) ۽ مان مولوي عبدالحق مرحوم(3) جي قافلي ۾ اتي پهتس. ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي ۽ مهمانوازي واري لحاظ کان هر شيءِ شاهاڻي طور طريقي سان ٿي.

نسيم صاحب سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪيئن آيو، اها ته مون کي خبر ڪانهي، پر هو هُتي پهتو ته خيرپور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين(4) ۽ پنهنجي نسلي شرافت ۽ ذاتي فضيلت ڪري ”پناهگير“ (اهو لفظ 1947ع  هندستان کان آيلن لاءِ رائج ٿيو، جيڪو اڳتي هلي ختم ٿي ويو) ڪونه ٿيو. گهرگهاٽ کان سواءِ خيرپور وارن کيس پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني(5).

منهنجو سندس سان سڌي طرح پالو ڪونه پيو هو، ان سرسري ۽ پهرين ملاقات جي ڪري ڪيترن سالن تائين اها نوبت رڳو پري جي عليڪ سليڪ تائين رهي، هر وقت منهن لڳڻ يا لاڳيتو لاڳاپو، جيڪو پوءِ ذاتي تعلق واري شڪل اختيار ڪري ويو. اهو ان وقت شروع ٿيو جڏهن پاڻ ڪراچيءَ اچي اردو بورڊ ۾ لغت نويسيءَ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ مان سندس علمي مقام ۽ مرتبي کان واقف ٿيس(6).

لغت نويسيءَ ۾ نسيم صاحب کي اڳ ئي عبور حاصل هو، نسيم الغات پاڪستان ۾ مشهور ۽ معروف ٿي چڪي هئي. اردو ٻولي، سندس پنهنجي ٻولي هئي فارسي ۽ عربي زبان ۽ ادب تي کيس مڪمل دسترس حاصل هئي، انڪري جڏهن پاڻ بورڊ ۾ ڪم جي شروعات ڪيائين ته آهستي آهستي سندس جوهر نکرندا ويا ۽ علمي فضيلت آشڪار ٿيندي ويئي، ٿوري ئي عرصي ۾ معيار ۽ رفتار واري لحاظ کان نه رڳو پنهنجي دفتري ساٿين کي ڪوهين ڇڏي ويو، پر بورڊ جي ميمبرن جي دلين تي به سندس علميت ۽ فضيلت جو ڌاڪو ويهي ويو ۽ سمورا ميمبر هڪ ڏاهي، ذهين، مايدار عالم ۽ بزرگ واري حيثيت ۾ سندس احترام ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. سندس پختگي، وقار، سنجيدگي، علمي رسائي ۽ ان سان گڏ مزاح واري شگفتگيءَ سڀني کي پنهنجو معتقد، مداح ۽ شيدائي ڪري ڇڏيو.

نسيم صاحب (اردو ڊڪشنري) بورڊ ۾ رهندي مون کي قريب تر ٿي ويو، مان سندس علمي برتريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ سندس بهترين ڪارڪردگيءَ مون کي مجبور ڪيو ته مان پنهنجي علمي ڪمن ۾ سندس مدد ۽ تعاون حاصل ڪريان. اهڙي ريت مون هن کان استفادو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن به ڪائي ضرورت پئي ته، نه مون مدد وٺڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪئي ۽ نه ڪڏهن پاڻ مدد ڪرڻ ۾ دير ڪيائين. منهنجا ۽ نسيم صاحب جا رابطا، تعلقات يا گڏيل سوچ جو سفر ان نڪتي کان شروع ٿيو.

علمي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ اڻڳڻين ماڻهن سان منهنجو پالو پيو آهي، سندن خوبيون ۽ خاميون سامهون آيون آهن، ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون ظاهر ٿيون آهن، ڪارڪردگي ۽ علمي حيثيت جا راز کُليا آهن، مطلب ته چند ڏينهن ۾ هر ڪنهن جي حيثيت منهنجي اڳيان عيان ٿي ويندي آهي ۽ هي بندو سخت مايوسيءَ واري عالم ۾ دعائون ڏيندي پلئه ڇڏائي ويندو آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ مون کي نسيم صاحب جي ئي اهڙي شخصيت ملي جيڪا منهنجي خواهش، ضرورت ۽ خيال مطابق اعليٰ صفت هئي. اڄ تقريباً ڏهه سال گذري چڪا آهن(7)، نسيم صاحب منهنجو دوست، منهنجو هم ڪار ۽ منهنجو معاون ۽ مددگار آهي، هر مشڪل ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪندو آهي ۽ هر گهڙي، هر وقت منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌيو وتندو آهي.

ڏهن سالن جي ان چڱي ڊگهي عرصي ۾ مون کيس هڪ جهڙو ڏٺو آهي، قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن لاها چاڙها ڪونه آيا، اهائي يڪسوئي، سنجيدگي ۽ مزاج ۾ اها ئي شگفتگي ۽ منهن تي باوقار مسڪراهٽ، جيڪا پهرين ڏينهن ڏٺي هئي، اهائي اڃا تائين موجود آهي، ڪم کان ٽال مٽول، گهڻو ڪم وڌي وڃڻ ڪري گهٻرائڻ يا وقت اچڻ تي لنوائي وڃڻ، مون ڪڏهن نه ڏٺو! وقت جي پابندي ۽ لکڻ جي اهائي رفتار جيڪا شروع کان هئي اها اڃا تائين آهي، جيتوڻيڪ هاڻ ٿڪل ٿڪل لڳندو آهي ۽ صحت واري حوالي سان به ڪمزور ٿي چڪو آهي.

پنهنجي ذاتي زندگيءَ کان نسيم صاحب ڪن سببن ڪري ڪڏهن به مطمئن نه رهيو، ڪيترا اهڙا به موقعا آيا جو جيڪڏهن ڪو ٻيو ننڍڙي ظرف ۽ عام مزاج وارو ماڻهو هجي ها ته صبر ۽ ضبط جو پئمانو پرزا پرزا ڪري ڇڏي ها، پر هن خدا جي بندي ڪڏهن اندر واري پيڙا ۽ تڪليف کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، مطمئن، خنده پيشاني ۽ شادابي، سدائين پنهنجي ڪم ۾ دلي طرح مشغول ۽ مصروف رهيو، ڪڏهن ڪائي ڳالهه نڪتي به ته کلي اشارتاً چئي ڇڏيندو. ڪڏهن ’هان هُون‘ ڪري ڇڏي، ورنه سدائين صبر ۽ شڪر ۾ رهيو! اها بنهه هڪ سچي مسلمان جي نشاني آهي، جنهن جو پنهنجي خدا ۽ رسول تي ڪامل يقين هجي ۽ جيڪو هر ڪيفيت کي خداءِ ذوالجلال طرفان تصور ڪندي، امتحانن مان لنگهندي، زندگي جو سفر سرِ ڪندي، اڳتي قدم وڌائيندو وڌندو ويندو هجي! سچي ڳالهه ته اها آهي ته نسيم صاحب جي اها ايماني قوت ڏسندي، اسان جهڙن ڪمزور ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي ويندي آهي، زندگيءَ ۾ ڪيترائي سخت موقعا آيا، جڏهن منهنجي ايماني قوت ۾ توانائي اچي ويئي ۽ مان زندگيءَ جي انهن اڙانگن مرحلن مان نسيم صاحب جي ڪردار کي اڳيان رکندي خير خوبيءَ سان نڪري ويس.

انسان ۾ سڀ ڪجهه هوندو آهي. سٺايون جيڪڏهن وڌيڪ آهن ته ڪجهه ڪسايون به گڏوگڏ هونديون آهن، خوبيون ڪثرت سان آهن ته ٿوريون خاميون به پلئه ۾ پيل هونديون آهن. آخري ڏهن سالن واري ساٿ سنگت ۾ زندگيءَ جا سمورا پاسا، هڪ ٻئي اڳيان عيان ٿي ئي ويندا آهن، پر بغير مبالغه آرائيءَ جي اڄ تائين نسيم صاحب ۾ اعليٰ انساني قدرن کان سواءِ مون کي ڪجهه ٻيو نظر نه آيو آهي.

گذريل ڏهن سالن کان سليم صاحب مون سان گڏ آهي، منهنجا اڪثر و بيشتر مسودا، سندن تيار ڪيل آهن، جڏهن به مون ڪوئي ڪتاب نقل ڪرڻ لاءِ ڏنو ته اهڙي نموني خوش اسلوبي ۽ تيزيءَ سان اهو مسودي ۾ منتقل ڪري ويو جو مون کي ڀيٽا ڪرڻ يا نظرثانيءَ جي ضرورت تمام گهٽ پيئي، نقل جهڙو اصل ڪيائين. فارسي ۽ عربيءَ جو پاڻ عالم آهي، خود شاعر، شعرگو ۽ اديب آهي، تاريخ گوئيءَ تي پورو عبور حاصل اٿس، مسودي ۾ جتي فارسيءَ جو غريب لفظ آيو ته صحت جو خيال رکيائين، حديث آئي ته ٻڌائي ڇڏيائين ته فلاڻي مسودي جي فلاڻو نمبر آيت آهي. عربيءَ جو مقولو آيو ته ٻڌائي ڇڏيو، شعر يا عبارت ۾ ڪمزوري ڏٺي ته نشاندهي ڪري ڇڏي، تاريخ ماده غلط ڪڍي ويئي آهي ته ان کي درست ڪري ڇڏيو، مطلب ته مشڪل معاملي کي حل ڪرڻ کان سواءِ اڳتي نه وڌيو. مون سان ڪافي ماڻهو ان علمي سفر ۾ گڏ هليا آهن، پر جيترو اطمينان مون کي نسيم صاحب جي تعاون مان ٿيو، اهو ڪو ٻيو ساٿي مون کي ڏيئي نه سگهيو(7). حقيقت اها آهي ته ٻئي جي وس جي اها ڳالهه به ڪانهي. شاعري ۽ تاريخ گوئي نسيم صاحب جا خاص ميدان آهن، تاريخ ۽ تذڪره جي ڪتابن ۾ اڪثر ولادت، وفات يا ڪنهن واقعي تي چيل تاريخون اينديون آهن ۽ نقل تان نقل ٿيندي، ڇا مان ڇا ٿي وينديون آهن، اهڙين جاين تي مون ڏٺو آهي ته نسيم صاحب جي ذهانت، فني مهارت ۽ تاريخ گوئيءَ تي گرفت بنهه بجليءَ واري تجلي ڏيکاري ڇڏيندي آهي. جيڏانهن وهم گمان به نه هوندو آهي اتي سندس فهم رسائي ٿي ويندي آهي. مون هڪڙي تاريخ جي تصحيح ڪرڻ يا سمجهڻ ۾ ڪئي پَهَرَ ضايع ڪري ڇڏيا، پر جڏهن نسيم اڳيان اها تاريخ پيش ڪئي ته هڪڙي ئي لمحي ۾ حل ڪري تاريخ کي پنهنجي اصل صورت ۾ پيش ڪري ويو. اها علم سان گڏوگڏ ذهانت ۽ فراست واري ڳالهه به آهي، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

تا نه بخشد خدائي بخشنده!

نسيم صاحب کي خداوند ذوالجلال جتي علم و فضل دانش ۽ بينش جا بي بها خزانا عطا ڪيا آهن، اتي زماني ۾ رفتار ۽ گفتار جي طور طريقن تي به پوري گرفت ۽ مهارت عطا ڪئي آهي. کيس معلوم آهي ته سخت کان سخت تڪليف ۽ بنهه ڏکين حالتن ۾ انسان کي ڪهڙي حيثيت ۾ زندگي گذارڻ گهرجي، محفل ۽ مجلس ۾ ڪهڙي انداز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ۽ مشڪل کان مشڪل مسئلي کي ڪهڙي طريقي ۽ نموني سان ڪنهن جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، جو مسئلي جا سڀئي پاسا به اڳيان اچي وڃن، ۽ ساڳي وقت حل به سولو نظر اچي. مون باربار ڏٺو آهي ته زندگيءَ جي معاملن يا ڪاروباري مسئلن ۾ جڏهن به ڪائي پيچيدگي نظر آئي ۽ اسين سڀ پريشان ٿي وياسين، ان وقت نسيم صاحب فقط پنهنجي تدبر ۽ سمجهداريءَ سان معاملي کي سمجهايو، بلڪ گڏوگڏ ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙو ته انداز اختيار ڪيو، جو ان جو حل يا طريقه ڪار خودبخود ذهنن ۾ اچي ويو.

لغت نويسي هجي يا بورڊ (اردو ڊڪشنري) جا ڪاروباري معاملات نسيم صاحب جو وجود هميشه مشعل راهه رهيو آهي.

مون جيستائين سندس شخصيت جو مطالعو ڪيو آهي، مان وثوق ۽ پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته سيد قائم رضا نسيم امروهوي صاحب کي جيڪو ماحول مليو آهي، اهو سندس فهم فراست، علم و دانش جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو تنگ ۽ محدود آهي، سندس لاءِ درحقيقت، حدِنظر کان ڏور، تمام ڏور بلڪ لامحدود وسعت گهربي هئي، پر ڇا ڪجي؟ زماني ته سدائين صاحبِ نظر ۽ اهلِ دل سان ناانصافي ڪئي آهي.

سنڌيڪار پاران حواشيه

(1) پورو نالو سيد قاسم رضا تقوي تخلص ’نسيم‘
پيءَ جو نالو ’برجيس‘ ۽ والده جو نالو سعيده خاتون، 27 رجب 1329هه مطابق 24- آگسٽ 1908ع تي امروهه ضلع مراد آباد ۾ پيدا ٿيو. مقامي طور تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1930ع کان 1947ع تائين نيشنل هاءِ اسڪول ۽ جويلي انٽر ڪاليج لکنؤ ۾ عربي، فارسي جو استاد مقرر ٿيو. 1947ع ۾ هزهائينس سر رضا علي خان آف رامپور، کيس پاڻ وٽ گهرائي اورينٽل ڪاليج ۾ رکيو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي درٻاري شاعرن ۽ علمي ادبي محفلن جو نگران مقرر ڪيو.  امروهه سان تعلق واري حوالي سان هن پاڻ کي مستقل طور نسيم امروهوي سڏائڻ شروع ڪيو. پهرين اوٿر ۾ لاهور لڏي آيو، اتان  پوءِ اچي خيرپور جا ٿاڪ وسايائين. خيرپور ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي آبائي ضلعي مراد آباد جي نسبت سان ٽه روزه ’مراد‘ نالي اخبار جاري ڪيائين جنهن جو 1958ع ۾ ”تاريخ خيرپور“ نالي ڊبل ڪرائون سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل شاندار نمبر جاري ڪيائين جيڪو خيرپور رياست جي مستند تاريخ سمجهيو وڃي ٿو. 1961ع ۾ هو ڪراچي لڏي ويو، جتي 28- فيبروري 1987ع تي وفات ڪيائين.

(2) اها ڪانفرنس 4- مارچ 1951ع تي ٿي هئي، جنهن جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر محمود حسين ڪئي، جيڪو ان وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير هو، ٻي نشست جي صدارت ڊاڪٽر مولوي عبدالحق ڪئي، ٽئين نشست مشاعري جي هئي، جنهن ۾ هند و پاڪ جي تقريباً سڀني شاعرن کي گهرايو ويو هو، (تاريخ خيرپور 1955ع، ص 124)

    ان ڪانفرنس جي حوالي سان 4 ڳالهيون قابل ذڪر آهن.

(الف) ان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مولوي عبدالحق چيو هو ”پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون رائج آهن، اهي سڀ اسان جون ٻوليون آهن، هر شخص کي پنهنجي مادري يا صوبائي ٻوليءَ سان محبت هوندي آهي ۽ هئڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن کي ان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو حق ناهي.“
 (خطبات عبدالحق 1952ع، ص 431)

(ب) ان ڪانفرنس جي پهرين اجلاس ۾ پير حسام الدين راشدي جي تحريڪ ۽ جلسي وارن جي تائيد سان هڪ اهم قرارداد پاس ڪئي ويئي، جنهن ۾ خيرپور سرڪار کي اپيل ڪئي ويئي ته سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ڪئي وڃي ۽ انگريزي ٻوليءَ کي آفيسن مان فارغ ڪري، پاڪستان جي قومي زبان اردو کي رائج ڪيو وڃي. (تاريخ خيرپور، 1955ع، ص 124)

(ج) ان ڪانفرنس ۾ ئي پير صاحب پنهنجو مشهور مقالو ”سنده اردو کا مؤلد“ پيش ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو ۽ ان جي ڏاڍي پذيرائي ڪئي ويئي. اڳتي هلي 1979ع ۾ جڏهن پير صاحب ڪتاب ”نواب الملڪ مير معصوم بکري“ شايع ڪيو، تڏهن ان ۾ نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾ لکيائين. ”1947ع جي ورهاڱي بعد ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته اردوءَ جي پيدائش سنڌ ۾ ڏيکاري وڃي، جيئن انهيءَ حق تي اردو لاءِ سنڌ اندر جواز پيدا ڪجي. انهيءَ جو دعويدار سڀ کان پهرين سيد سليمان ندوي هو، جنهن اردو جو مؤلد سنڌ کي مقرر ڪيو . انهيءَ کان پوءِ منهنجو هڪ مضمون ڇپيو. جنهن ۾ مون پڻ انهيءَ مفروضي جي تائيد ڪئي، سيد صاحب مرحوم ڪي سنڌيءَ جا ۽ ڪي سرائڪيءَ جا ٽڪرا دليل طور ڏنا هئا، جيڪي سنڌ ۽ گجرات جي تاريخ ۾ آيل هئا. (فيروز شاهي، مراة سڪندري- تاريخ احمدي) ليڪن مون اڳتي هلي جڏهن وڌيڪ تحقيق ۽ غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته گجرات وارا فقرا سرائڪي زبان جا آهن ۽ ٺٽي جو فقرو سنڌيءَ جو هو جيڪو تاريخ فيروز شاهي ۾ ڪتابت جي خرابيءَ سبب پنهنجي اصلي صورت بدلائي چڪو هو. شاهه عالم گجراتي اصل اُچ جو هو، سندس زبان سرائڪي هئي. ازانسواءِ سنڌ جي سمن بادشاهن مان بيبي مغليءَ ۽ بي بي راڻيءَ سان شادي ٿيل هئس. تنهنڪري سندس گهر ۾ زبان سرائڪي ۽ سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. گجرات جي فارسي تاريخ ۾ پڻ ٻوليءَ جي اصل صورت کي ادا نه ڪرڻ سبب اها غلط فهمي پيدا ٿي آهي. هن جديد تحقيقي دؤر ۾ پنهنجي مقاصدن پوري ڪرڻ لاءِ چند مفروضن کي آڏ بنائڻ کِلَ جهڙي ڳالهه آهي. (ڏسو نقوش سليماني 1967ع- ’سندهه مين اردو‘ حسام الدين وغيره وغيره). امين المُلڪ نواب مير محمد معصوم بکري 2005ع، ص 31)

(د)   ان ڪانفرنس جي توسط سان خيرپور ۾ انجمنِ ترقي اردو جي شاخ کولي ويئي، جنهن جو مولانا نسيم کي ناظم مقرر ڪيو ويو ۽ ان ميدان تان مولانا کي ”نسيم الغات“ تيار ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ اردو جي اها جامع ۽ بسيط لغت تيار ڪري ورتي.

(3) اردو جو نامور عالم، جيڪو باباءِ اردو طور مشهور آهي.

(4) نسيم صاحب 1950ع کان پوءِ هيڏانهن آيو، سندس پاڪستان ۽ سنڌ اچڻ جو پڻ عجيب داستان آهي، مولانا صاحب ورهاڱي کان اڳ 900 صفحن تي مشتمل مسدس ”برق باران“ عنوان سان لکيو هو. جنهن ۾ هن مسلمانن کي  هندن خلاف ڀڙڪائيندي ڌار ٿيڻ جي ترغيب ڏني هئي. ورهاڱو ٿي وڃڻ کان پوءِ 1950ع ڌاري اهو مسدس حڪومت هند ۾ بحث جو موضوع ٿيو ۽ مولانا خلاف بغاوت جي الزام ۾ ڪيس داخل ٿيڻ جون خبرون مشهور ٿي ويون. اهڙي ريت اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ هو پنهنجو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي، فوراً هندستان مان نڪري آيو ۽ 16- مئي تي اهل عيال سان لاهور پهتو ۽ شيخ نياز احمد مالڪ شيخ غلام علي اينڊ سنز جو مهمان ٿيو. مولانا پڙهيو لکيو قابل ماڻهو هو، انڪري شيخ صاحب جي اسرار تي هن ڊيل ڪارنگي جي مشهور ڪتاب ”دوست بنو، دوست بنائو“” کي صرف ستن ڏينهن ۾ مقامي محاورن ۽ مثالن سان سينگاري ٽي سؤ صفحن تي مشتمل ڪتاب تيار ڪري ورتو. اهڙي طرح کيس شروعات ۾ مالي مدد به ملي ويئي. هندستان مان نڪرڻ کان اڳ ئي هو، هڪ جيد عالم، باڪمال اديب، شاعر ۽ اردو زبان جو مستند ۽ جليل القدر عالم هو. شاعر تمام اعليٰ پايي جو هو، پر هن مرثيه گوئي ۽ آل رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شان ۾ شعر چوڻ کي ترجيهه ڏني، ٻيا اڪيچار شعر لکيائين، پر محفلن ۽ مشاعرن ۾ صرف مرثيه ۽ مذهبي شاعري پڙهندو هو، خاص طور تي مرثيه لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وڏو نالو حاصل ڪيائين. هتي اچڻ کان پوءِ نثر توڙي نظم ۾ ڪيترائي درسي ۽ ٻيا عالمانه ڪتاب لکيائين. تازو سندس مرثين کي ڊاڪٽر هلال نقوي ايڊٽ ڪري، ’مراثيه نسيم‘ نالي ڪتاب شايع ڪرايو آهي.

(5) خيرپور جو سينئر استاد مرحوم حاجي محمد حداد ٻڌائيندو هو ته 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان کان آيلن لاءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو سرٽيفڪيٽ ڪورس شروع ڪيو هو، جتي مختلف استاد ابتدائي سنڌي ڪورس جي سکيا ڏيندا هئا. ڪورس جي پڄاڻيءَ تي جڏهن سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ٿي، تڏهن نسيم صاحب اهو چئي سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ”ہمیں اس کی کوئی ضرورت نہیں ہے“.

(6) مولانا صاحب ڪراچيءَ ۾ 1961ع ڌاري آيو.

(7) ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي ۽ ان مختلف حوالن سان تحقيق جون اسڪيون شروع ڪيون ويون، ان جي هڪڙي اسڪيم پراڻن قديم قلمي نسخن جو اتارو ۽ ايڊيٽنگ ڪرائي انهن کي محفوظ ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ هندستان کان دربدر ٿي آيل ڪجهه عالمن ۽ ڪاتبن کان معاوضي تي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ڪم به وقت سر سولائيءَ سان ٿي وڃي ۽ انهن علمي ماڻهن جي مدد جو به وسيلو جُڙي پوي. دراصل اها رٿ، راءِ ۽ ان جو عملي حوالي سان ڪم به پير صاحب علمي عشق ۽ انساني جذبي تحت شروع ڪرايو هو. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي بزرگن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پڻ ڪم ڪيو. ان حوالي سان يا ان کان علاوه به نسيم صاحب جو پير صاحب سان جيڪو علمي تعاون رهيو، جنهن جو پير صاحب هن مضمون ۾ دل کولي تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. پير صاحب ٻين عالمن پاران ڪيل تعاون جا پڻ اهڙا ذڪر مختلف جاين تي ڪندو رهيو آهي. ان ڳالهه کي بنياد بڻائي اردوءَ جي ڪن عالمن پير صاحب خلاف موراڳو منفي پرچار جي حد تائين اهو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته پير حسام الدين راشدي پاڻ ڪو محقق يا عالم ڪونه هو. هن ته هندستان کان آيل غريب الوطن عالمن کان مسودا تيار ڪرائي، ڪتاب شايع ڪري نالو ڪمايو.

پير صاحب جو جيڪو تاريخ ۽ تذڪره نگاريءَ واري حوالي سان وسيع ڪم آهي، ان جي روشنيءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل راءِ بنهه ڇسي نظر اچي ٿي، علم جي معاملي ۾ بخل اجايو آهي. هر عالم ٻئي عالم کان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مدد وٺندو آهي. پر بنيادي محنت، رٿا ۽ پورهيو سندس پنهنجو ئي هوندو آهي. ان مڃيل حقيقت جي روشنيءَ ۾ واويلا ڪندڙ عالمن ۽ سندن حوارين کان جيڪڏهن سوال ڪجي ته اوهان پاڻ به ڪٿي ڪنهن جي سهڪار جو ايترو اعتراف ڪيو آهي، جيترو پير صاحب ڪري ٿو؟ اها پير صاحب جي ئي وڏائي ۽ عزمت آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي پوئتي رکي ٻين ۾ موجود صلاحيتن جو وڏي پيماني تي اعتراف ڪري ٿو. سندس اهڙين ڳالهين سبب جڏهن مٿي ذڪر ڪيل منفي پرچار تيز ٿي ويئي، تڏهن پير صاحب جي دوست ۽ نامور عالم مشفق خواجه تکبير رسالي ۾ ’شيدا ٽلي‘ عنوان سان مضمون لکي، اهڙيون حرڪتون ڪندڙن کي عاليشان علمي جواب ڏنو هو، جيڪو مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر محترم نفيس احمد ناشاد عڪسي شڪل ۾ ٽِماهي مهراڻ جي راشدي نمبر ٻئي ۾ شايع ڪيو هو ۽ پوءِ اهو ساڳيو مواد (اردو) عڪسي شڪل ۾ راقم پنهنجي ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي: سوانح، علمي معاملا ۽ حاصلات“ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.

(پير صاحب جو هيءُ مضمون روزنامه حريت ڪراچي 16- ڊسمبر 1974ع تي شايع ڪيو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org