سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:13 

حسين مسرت

 

 

 

ايـــــاز   مــيــلــو

 

حسن جي ڳالهه لفظن ۾ بيان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!. چٽي چانڊاڻ جي تشبيح ۽ استعارو ڪٿان آڻجي. سج جيان روشن اجري سچ کي ويتر اجرو ڪيئن ڪجي! عشق جي گهرائيءَ جي ماپ ڪيئن ڪجي.  فڪر جي وسعت کي ڪيئن سميٽجي!

اياز جيڪو فلاسفر آهي. ان پنهنجي فڪر کي مختلف شڪلين ۾ عام ماڻهو تائين پهچايو آهي.

سنڌ خوشقسمت آهي جنهن ۾ اياز جنم ورتو، سنڌي قوم خوشنصيب آهي، جنهن کي اياز جهڙو دانشور مليو، ڳالهه هئي اياز شناسيءَ جي ۽ ان اياز جي فڪر کي نوجوان نسل تائين پهچائڻ جي ۽ ان عظيم مفڪر کي ڀيٽا ڏيڻ جي. سو خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران جشن اياز يا ”اياز ميلو“ منعقد ڪيو ويو. خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي هڪ ادارو آهي جيڪو علمي ادبي پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي.

17- مئي 2015ع پنهنجي قائم ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان هن اداري حيدرآباد ۾ ڪيترائي ادبي پروگرام منعقد ڪرايا آهن.

”اياز ميلو“ هڪ تاريخي پروگرام هو جيڪو اٺ ڏينهن جاري رهيو ۽ نه صرف حيدرآباد، پر سڄي سنڌ مان ماڻهن هن ميلي ۾ شرڪت ڪري پنهنجي مفڪر اياز کي ڀيٽا ڏني. ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد اٺ سؤ کان مٿي هو.

خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي لان ۾ اٺ ئي ڏينهن ڪتابن جا اسٽال به لڳل هئا. جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، روٽري ڪلب، آڪسفورڊ پريس ڪراچي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ، سنڌ دوست نيشنل فرنٽ جا اسٽال لڳل هئا، جن تي نوجوانن جي هر وقت رش لڳل هئي.

ميلي جو پهريون ڏينهن 18- ڊسمبر هو. ميلي جي ابتدا تصويري نمائش سان ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر شهزاد ۽ فتاح هاليپوٽو ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرن شيخ، ADC سهيل ابڙو تصويري نمائش ۾ شرڪت ڪئي. حيدرآباد جي ادبي، علمي، تعليمي، صحافتي، ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو رکندڙ سڀني ماڻهن شرڪت ڪئي.

ميلي جي ٻئي ڏينهن 19- ڊسمبر تي 3:00 وڳي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي هال ۾ ريڊنگ آف اياز رکيو ويو.

اظهار سومري پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪئي. مشهور اديبن، شاعرن، دانشورن اياز جي شاعري پڙهي. اياز جي شاعري ٻڌڻ لاءِ نئين ٽهيءَ تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. امر سنڌو، تاج جويو، جامي چانڊيو، عزيز گوپانگ، نصير مرزا، ڊاڪٽر رخسانه پريت، حسين مسرت، نرينجن، مهراڻ ميمڻ، علي آڪاش، مومن خان مومن، نور احمد جهنجهي اياز جي شاعري پڙهي. فلاسفر جاويد ڀٽو اياز جي شاعريءَ تي فڪر انگيز ليڪچر ڏنو.

20- ڊسمبر تي اياز جي خاندان سان ملاقات رٿيل هئي. هيءُ پروگرام عام پروگرامن کان ٿورو مختلف هو. اياز شاعر ۽ اديب کي سندس اولاد ۽ دوستن ڪيئن محسوس ڪيو. هن سيشن دوران گهڻا جذباتي منظر نظر آيا. پروگرام کي ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ اظهار سومري ڪنڊڪٽ ڪيو.

ڊاڪٽر روحي، شيخ اياز جي ڌيءُ پنهنجي پيءُ جون يادگيريون ونڊيندي چيو ته: ”بابا هر وقت لکندو هو.“ هن وٽ محبت جا درياهه هئا، پر وقت گهٽ هو.“

ڊاڪٽر روحيءَ پنهنجون يادگيريون ونڊيندي آخر ۾ اهو به چيو ته: ”جيڪڏهن بابا اسان کي وقت گهڻو ڏئي ها ته شايد ايترو گهڻو لکي نه سگهي ها، پوءِ اهو شيخ اياز نه ٿي سگهي ها. بابا سوير اٿندو هو .امان سوير اٿي خدا کي سجدا ڪندي هئي ۽ بابا ڄڻ ته سنڌ کي سجدا ڪندو هو.“

مونس اياز، شيخ اياز جو پٽ خاص طور تي پنهنجي جيون ساٿي سان گڏ هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو. ياسمين مظفر شيخ اياز جي ڌيءَ پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سميت پروگرام ۾ شريڪ ٿي. ويجهن دوستن ڊاڪٽر ادل سومري، نصير مرزا پنهنجي دوستن جي حوالي سان اياز جي شخصيت تي ڳالهايو.

دستگير ڀٽي اياز جي صحافتي خدمتن روزاني برسات جي ادارت واري وقت تي روشني وڌي. هن پروگرام ۾ سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. اياز لطيف پليجو ۽ ڊاڪٽر دودي مهريءَ، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو ۽ ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

رات جو محفل اياز ۾ مشهور گلوڪار انور وسطڙي ۽ ٻين فنڪارن سنڌي سُر وکيريا.

21- ڊسمبر شاعريءَ جي محفل هئي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ شاعرن شاعري پيش ڪئي. جنهن جي صدارت امداد حسينيءَ ڪئي، جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعرن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد، افضال احمد سيد، ادل سومرو، تنوير انجم، عطيه دائود، سرفراز راڄڙ، رخسانه پريت، روبينا ابڙو، مشتاق ڦل، تاج جويو، علي آڪاش، اقبال رند، اياز جاني، فراق هاليپوٽو، بخشڻ مهراڻوي، وسيم سومرو، عزيز گوپانگ، سنڌو پيرزاده، حسينه ساند، اشرف پلي ۽ جميل سومرو هئا.

22- ڊسمبر تي مشهور ليکڪا ۽ اياز جي ترجمه نگار فهميده رياض اياز جي شاعري تي ليڪچر ڏنو ۽ سندس ڪتاب ”حلقه ميري زنجير ڪا“ مان چونڊ شاعري پڙهي ٻڌائي، ان کانپوءِ اياز جون ڪجهه وڊيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي.

شام جو محفل اياز متل رهي. مشهور راڳي مظهر حسين ۽ ذوالفقار علي ۽ اسلم فقير اياز جي شاعريءَ کي ڳايو.

23- ڊسمبر تي مشهور آرٽسٽ سهائي ابڙو شيخ اياز تي شاعريءَ تي پنهنجي نرت پيش ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح پروگرام جي ميزباني ڪئي. سهائي ابڙو مشهور شاعره عطيه دائود ۽ مشهور آرٽسٽ خدا بخش ابڙو جي ڌيءُ آهي هن نرت ڪلا مختلف ملڪن مان سکي آهي. هن پروگرام ۾ ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرن شيخ، ADC سهيل ابڙو به شرڪت ڪئي. لينگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين سرفراز راڄڙ ۽ سنڌ ميوزيم جي ڊائريڪٽر ايوب جمالي به شرڪت ڪئي.

سيف سميجو جي ڳايل ڪلام ”اڃا خدا کان نه سٺي ڳالهه امڪان ۾، انور وسطڙي ”ٽڙي پوندا ٽارئين“. سر مومل راڻي تي سهائي ابڙو شاندار نرت پيش ڪئي.

24 ڊسمبر اياز نامه ۾ اياز تي پيپر پڙهايا ويا. تعمير عباس چانڊيو، نور احمد جهنجهي، تاج جويو، شبنم گل، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ادل سومرو، شوڪت حسين شورو، مونس اياز، ارباب نيڪ محمد، بلوچان لٽرري اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر پناهه بلوچ، ڊاڪٽر ريحانه نظير، ذوالفقار هاليپوٽو، فهميده رياض تقريرون ڪيون ۽ ريسرچ پيپر پڙهيا ويا.

اياز گهڻ پاسائين شخصيت آهي، ان جي فڪر جي اڏام جا آسمان تمام وسيع آهن. سڀني اسڪالرن، ساڃاهه وندن مختلف انداز ۾ اياز کي سمجهيو ۽ پرکيو ۽ پيش ڪيو.

هن جشن کي ڊاڪٽر عرفانه ملاح ماڊيريٽ ڪيو. علي آڪاش اياز نامه سيشن جي حوالي سان ۽ ان کان اڳ پروگرام تي روشني وڌي. اظهار سومري شيخ اياز جي پنهنجي شاعري پڙهي.

محفل اياز ۾ مشهور راڳين محفل مچائي ۽ ماڻهن کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

اياز ميلي ۾ نه صرف سنڌ مان، پر دبئيءَ مان صفدر سرڪي شرڪت ڪرڻ آيو ۽ سائوٿ آفريڪا مان به هڪ خاندان شريڪ ٿيو.

حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي حلقن ان قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته حيدرآباد جو ماضيءَ وارو ادبي ماحول واپس ايندو محسوس ٿي رهيو آهي. اياز ميلي جي اٺن ئي ڏينهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. خاص طور تي نوجوانن زبردست موٽ ڏني. اياز ميلو سنڌي نوجوانن لاءِ شيخ اياز جو تعارف ثابت ٿيو. الميو اهو آهي ته اسان جي مفڪرن ۽ ليکڪن کي باندي بڻايو ويو آهي. اسان جي تعليمي نصاب ۾ نه محمد ابراهيم جويو صاحب جون لکڻيون آهن نه جي.ايم.سيد جون لکڻيون آهن ۽ نه ئي وري شيخ اياز کي پڙهايو ٿو وڃي، پر ان جي باوجود به سنڌي نوجوان هاڻ پنهنجن مفڪرن ڏانهن موٽ کائي رهيو آهي، شعور روشنيءَ جيان آهي جنهن کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي.

محفل اياز جي آخري شام سوَن جي تعداد ۾ نوجوانن خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي پڌر ۾ اياز جي شاعريءَ تي جهومي رهيا هئا. بيدل مسرور جي پُر اثر آواز ۾ ’مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان‘، ’ڏوُر ڪيلاش مان‘، نظمن تي ماڻهو جُهومي رهيا هئا.

آخري شام شفيع فقير، بيدل مسرور، سيف سميجو شرڪت ڪئي. رجب فقير ۽ آغا ثناءُ الله سُر وکيريا.

ميلو مچائڻ هڪ ماڻهو جو ڪم نه آهي. ميلا محبت سان مچندا آهن. آئون سمجهان ٿي ته هن ميلي جي ڪاميابيءَ ڏانهن سڀني اياز جي عاشقن جو هٿ آهي جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيا هئا ۽ انهن سڀني جو سهڪار شامل هو جن مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي.

پير عبيد راشدي

 

 

 

مون کي رڳو ڀليڪار چوڻ ايندي آهي...

(ميڊم ثميره زرين جي ياد ۾)

 

پهرين مئي جو ڏينهن املداس جا پيلا گُل ڇڻيا پئي ۽ ڪٿان ڪوئل ڪوڪيو. مون سينٽرل لائبرري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ جي تخليقي ادب جي خاتون اول ميڊم ثميره زرين جا ڪتاب اٿلايا پئي. سوچي نه سگهيس املداس جي پيلن گلن جي خوشبوءِ ڪٿي ثميره زرين جي ڪهاڻين مان ته ڪانه پئي اٿئي. جڏهن پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ سنڌالاجي آرٽس فيڪلٽيءَ جي اوڀرنديءَ وِنگ ۾ هوندي هئي، تڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب چيئرمئن ۽ ميڊم ثميره ايسوسيئيٽ هوندي هئي. آفيس جو پٽيوالو سيد بقادار شاهه گلاب ٻُڪن ۾ ڪري ٽيبل تي رکي ويندو هو ۽ اسان جي لاڏلي اديب عبدالقادر جوڻيجي کان رهيو نه ٿيندو هو ۽ گلابن کي گلقند سمجهي چٻاڙي چوندو هو، ”گلاب رڳو ثميره لاءِ؟“

پٽيوالو ٺهه پهه وراڻيندو هو ”گلابن جو قدر ميڊم ثميره وٽ آهي“.

نواز ڀٽو هٻڪاريل گلاب ڏسي چوندو هو ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.... جوڻيجا سڀ گل نه چرجانءِ، هڪ گلاب ڀلي ٽيبل تي پيل هجي.“

ڪامريڊ زاهد مخدوم کي ته ميڊم ثميره زرين جي شاهڪار ڪهاڻي ’پتنگ چائين پاڻ کي‘ جو مڪالمو ورجائڻو پوندو هو: ”فوزي، جيڪڏهن تو وٽ اها مُرڪ نه هجي ها، ته تون ڇا هجين ها. گل گلاب جي ڪڏهن نه مُرڪن، ته ڪير کين گل چوندو.“

شهاب ثاقب گهڙي کن لاءِ مرڪي چپ ٿي ويندو هو. اهڙو چپ جنهن کي ڪير ڪڏهن سمجهي نه سگهيو.

يونيورسٽيون عشق ناتمام جون درگاهون هونديون آهن. يونيورسٽيءَ جي ميدانن، رستن، پارڪن ۽ ڪاريڊورس ۾ سڏ وراڪا ۽ سرگوشيون سدائين پڙاڏبيون آهن. سنڌ جي برک تخليقي ادب جي اثرائتي جينيئس ليکڪا ميڊم خيرالنساءِ جعفري جڏهن اسان شاگردن جي وچ ۾ هوندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سرنهن جي گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هجي ۽ سڀ شاگرد سرنهن جا گل هجون. سچ ته ادي گُڏي خيرالنساءِ سرنهن جي گهاٽي وڻ جهڙي هئي. هوءَ اسان سان ادبي، سياسي ڳالهيون ۽ ڀوڳ ڪندي هئي ۽ پنهنجن جيڏين ميڊم نسيم ٿيٻو، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ميڊم تنوير جوڻيجو، ميڊم ليليٰ بانو جا قصا ڪندي هئي، پر جڏهن ميڊم ثميره جون ڳالهيون ڪندي هئي ته لڙڪ لارون ڪري وهندا هئس. ميڊم ثميره زرين سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي معزز اعواڻ خاندان جي مهتاب آفتاب هئي ۽ اسان سنڌ وارن لاءِ پنهنجي سگهاري خوبصورت ڪهاڻي ’آءٌ اهائي مارئي‘ واري روشنيءَ جو اڏول ڪردار. هوءَ اصل ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جي سفر جي ڊگهي پنڌ جي چانڊاڻ هئي. ثميره زرين تعليم يافته خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو. گهر ۾ هر شيءِ موجود، پر فطرت ۾ سادگي ۽ حساس پڻي جي ڪري ڪتابن ۾ پناهه ورتائين. ائين به نه هو ته هوءَ پنهنجي خاندان ۾ پهرين فرد هئي، جنهن ڪتاب ۽ قلم کنيا. مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو، ميڊم ثميره زرين جي وڏڙن مان ميان محمد عارف اعواڻ صاحب حقيقي بزرگ ۽ عارف هو، جو صاحب ديوان هو ۽ هن جو ڪلام شڪارپور مان پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو هو.“ مطلب، ميڊم کي قلم ۽ ڪتاب ورثي ۾ مليا. ميڊم ثميره حساس پڻيءَ جي ڪري نه رڳو وڏگهراڻن، پر پورهيت، پيڙهيل دُکي عورتن جي مسئلن تي خوب لکيو. اديب پنهنجي تخليق ۾ نه رڳو معاشري جا ناسور، ڏک سک بيان ڪندو آهي، پر پنهنجي داخلي دنيا جا اڻپورا خواب، احساس ۽ محروميون به بيان ڪندو آهي. ميڊم ثميره زرين جون اڪثر ڪهاڻيون فرد جي داخلي دکن جون اپٽار آهن. هوءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيتري دکي سُکي هئي، سا ته سندس جيڏين کي خبر، پر جڏهن پڙهندڙ سندس افسانا پڙهي ٿو، ته هو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي وڃايل ڪاڪ محل ياد ڪري، سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته هڪ معزز خوشحال گهراڻي جي خودار عورت ايتري دکي ڇو هئي؟

سچ ته ثميره زرين جون ٻه لازوال ڪهاڻيون: ’نم جي ڇانوَ، سرنهن جي خوشبو‘ ۽
’گيت اڃايل مورن جا‘ جڏهن پڙهيون هئم ته زندگيءَ جي رڻ ۾ ڪنهن کي ارپيل گلاب ياد اچي ويا هئا. مهينو کن اڳ جڏهن ڊاڪٽر ايوب شيخ، ميڊم ثميره تي لکڻ جو انگل ڪيو هو ته مون ميڊم جا ڪتاب نئين سنئين ڇنڊي پڙهڻ شروع ڪيا ته اندر ۾ وياڪلتا، اٻاڻڪائي لهي آيم. سچ ته ڪهاڻي پڙهندي علامه آءِ.آءِ قاضي، امڙ ايلسا قاضي، ماٺيڻي اوٺي ۽ عرفان مهديءَ جا قصا ياد پيا هئم ۽ پوءِ پنهنجي پئي پراڻي عادت ته جنهن جون لکڻيون روح ۾ جايون جوڙين، تنهن سان ملجي، پر ميڊم ته ڪڏهوڪي سرهي مٽيءَ کي وڃي وڌيڪ سرهو ڪيو.

مون خاموشيءَ سان ميڊم جا ٽيئي ڪتاب ’گيت اڃايل مورن جا‘، ’آءٌ اها ئي مارئي‘ ۽
’روشن ڇانورو‘ کڻي هٿن ۾ ڪيا ته اندر ۾ گلاب املداس ۽ موتئي جي خوشبوءِ وکرجي ويئي ۽ اندر ۾ نه ملڻ جي واسنا اڻپوري محسوس ڪيم.

ليکڪ ته پنهنجي فڪر ۾ پڙهندڙن لاءِ سدا حيات هوندو آهي. مون ڪتابن کان پڇيو: ”هوند اوهان جي ليکڪا سامهون هجي ها، ته پڇانس ها ته ميڊم توهان کي ڪهڙن ڏکن ۽ رسامن توهان کان شاهڪار افسانا لکرايا. ميڊم توهان جي ڪهاڻيءَ ۾ املداس جي گلن جهڙي خوشبوءِ ۽ اداس شام جا احساس ڇو آهن؟“

ڪتابن وراڻيو: ”اسان جي ليکڪا جي دل مندائتي مينهن جي کنوڻ چمڪي وانگر هئي. هوءَ سانوڻ برسات جهڙي هئي. هن وٽ هڪ راز ڀريو روڳ هو.“

الائجي ڇو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي، سنڌالاجي ۽ سينٽرل لائبرريءَ ۾ وڃي ويهندو آهيان. يونيورسٽيءَ جو ماحول ۽ اسٽوڊنٽس ميڊم ثميره جي ڪهاڻين جا جيئرا جاڳندڙ ڪردار محسوس ٿيندا آهن. جڏهن سنڌالاجي ۽ سينٽرل لائبرريءَ ۾ ويهندو آهيان ته هٿ ۾ کنيل ثميره زرين جي ڪتابن سان سرگوشي ڪندو آهيان. ميڊم ثميره جي ڪهاڻي ’پلئه پايو ڪچ‘ پوري ڪيم ته چپن تي پاڻمرادو سوال وارجي ويو. ”ميڊم حسن ۽ خوبصورتيءَ جو تصور توهان وٽ ڇا آهي؟“

ميڊم ڄڻ انهيءَ ڪهاڻيءَ جي ڪردار زمرد ٿي پئي. هن بدصورت ڇوڪريءَ جو مائٽن نالو زمرد رکيو. زمرد نالي لاءِ صورت سهڻي گهرجي، پر اصل ۾ هوءَ ويچاري تئي وانگر ڪاري هئي. انهيءَ ڪري سندس رشتا ٿيندي ٿيندي ٽُٽي ويا. ماڻهو اياڻا آهن، ظاهري سونهن کي ڏسن ٿا. اصل ۾ سونهن، سهپ، ڌيرج ۽ مٺي ڳالهائڻ ۾ ٿيندي آهي. مون جڏهن سينٽرل لائبرريءَ ۾ ميڊم ثميره جا ڪتاب اُٿلائي ٿڪجي پيس ۽ پوءِ شيشي جي ڊگهي وڏي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ته IT ڊپارٽمينٽ مٿان ڪڪر ڪارونڀار هئا. الائجي ڇو ڪنهن وقت جي پياري مهربان دوست هاليپوٽي جي اندر جي اُساٽ محسوس ڪيم.

هوائن تي ثميره زرين جي ڪتاب مان ڪهاڻي ’رمندا بادل‘ کُلي پئي ۽ مون ڪتابن کي ڏسندي ليکڪا سان ڳالهايو ”ميڊم توهان هڪ ڀيري ادي گُڏي خيرالنساءِ کان ڇو ڀٽڪندڙ اکين سان پڇيو هو: ’بادل بس وسي هليا ويندا آهن، ڇو ڪنهن جي من جو قياس نه ڪندا آهن؟‘“ انهي ڪهاڻيءَ جو هڪ پيراگراف ڏسو: ”اونهاري جي ڊگهي منجهند جا ڪيترا خوبصورت ڪتاب پڙهڻ جي باوجود ويران لڳندي آهي. من کي نه بينگالي ڊانس جي ڪٽڪ وندرائي سگهندي آهي، نه پنجابي گويي جو پڪو راڳ، پر جڏهن مصري خان بينن تي راڻو ٻڌائيندو آهي ته ڄڻ مومل جو اوسيئڙو وياڪيل اُداس روح ۾ سمائجي ويندو آهي، ۽ ان موج ۾ من سنسار ۾ بادل وسندا آهن. ها پر، منهنجو بادل خالي ڏسندو رهيو، وسڪار نه ڪيائين.“

ميڊم ثميره جي ڳالهه گهڙيءَ کن لاءِ مون من جي رحل تي رکي، سندس ڪتاب مان ساڳي ڪهاڻي ’رمندا بادل‘ تي اکين جا مور کنڀ وڌا: ”آرڪيسٽرا جي تيز سُرن تي رقص ڪندڙ جوڙا جهومي نچي رهيا هئا، پروفيسر ثريا عزيز پاڻ کان اڌ عمر جيتري ننڍي عمر واري هڪ نوجوان سان ٽوئسٽ ٿي ڪئي.“

دريءَ مان لڳندڙ هوائن ڪتاب کي ٺَپي ڇڏيو. لائبرريءَ جي سانت ۾ مون پنهنجي خيال ۾ ڳالهايو: ”ڇا ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي، شاعريءَ ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو اولڙو ۽ ڪيفيت جو رنگ نه ڀريندو آهي؟“ ٽيبل ڪرسين تي ويٺل اسٽوڊنٽس ۽ لائبررين منهنجي حرڪت جو نوٽ ورتو يا نه، پر مون پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو. حساس ماڻهو اڪثر پنهنجي منهن ڳالهائيندا آهن. سگريٽ جي ٻاڙ محسوس ڪندي سينٽرل لائبرريءَ کان ٻاهر نڪري زيرو پوائنٽ تي دونهان دُکايم ته الائجي ڪٿان ادي گُڏي ميڊم خيرالنساءِ جعفريءَ جو هميشه جهڙو حجت گاڏڙ جملو پڙاڏيو: ”ٻاڙ رڳو تو کي ئي لڳي آهي، ڪا ٻي ٻاڙ ته ڪانه لڳي اٿئي؟“

سگريٽ ڇڏائجي ويو يا ادي گُڏي حجت ڪري وئي. پري کان علامه قاضي، امڙ ايلسا قاضيءَ جي مزار تي بيدمشڪ هوائن ۾ پينگهه بڻيل هئا. کاهيءَ کان هيٺ کجين جو نسرندڙ باغ هو. ’کجور جو وڻ‘ ميڊم ثميره جي ڪهاڻي هِنئين ۾ اوتجي آئي. ياد جي سنسار مان ميڊم ثميره، ادي گُڏي، ميڊم تنوير ۽ ميڊم ليليٰ بانا ڄڻ ڪونجن جو ولر، ڪونجن جو ڪرڪو.

”کجيءَ جو وڻ نه“

”کجيءَ جو جِن!“

ميڊم خيرالنساءِ جو ڪرڪو سڀني ميڊمن تي هميشه وانگر ڳرو هو.

ادي گڏي آءٌ کجيءَ جو جِن ڪٿان ٿيس؟

وراڻيم: ”ڪنهن لاءِ ته هوندين؟ توهان مرد آهيو کجيءَ جا جِن، بي پِيرا“.

ميڊم خيرالنساءِ جي ڀر ۾ سائڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي ذهين ادراڪ واري اسٽوڊنٽ بيٺل هئي، جا ڪلاسن ۾ ميڊم خيرالنساءِ ۽ شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ سان انساني فطرت جي ٻه- چاپڙائپ تي بحث ڪري پڇندي هئي ته انسان جي اندر جي خبر ڪيئن پوي؟ تڏهن ان وقت ميڊم بحث ختم ڪندي چوندي هئس، وقت سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندئي.

”ميڊم ثميره توهان جي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ جو ڪارڻ ڇا آهي؟“

ميڊم ثميره ڌيرج ۽ شان سان مُرڪيو پئي. ميڊم ثميره ڄڻ هوائن جي لهر تي پنهنجي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ جو پيراگراف ٻڌايو: ”مان هاسٽل ۾ سڀني کان اڳ سمهي رهندي هئم، پر هڪ رات لکڻ جو اهڙو شوق ورايو، دير دير تائين لکي رهي هئس. بيڊ لئمپ جي روشني روم ميٽ کي تنگ ٿي ڪيو. اسين ڪئمپس ۾ نيون نيون in ٿيون هيون سين. ڄام شوري جي فضائن جي پراسراريت اندر ۾ لٿل هئي. روز ڪنهن نه ڪنهن ميڊم ۽ پروفيسر کان قسمت سمجهڻ لاءِ هٿ تِري اڳيان رکنديون هيون سين. فيس ريڊنگ ۽ پامسٽريءَ ۾ انڌو ويساهه هوندو هو.

تلسی ایسی پریت نہ کر، جیسے لمبی کجور،

دھوپ لگی تو چاؤں نہ دی، بھوک لگی تو پھل دور۔

”هون! تلسي داس کي شايد خبر نه هئي ته کجور مٺي به ٿيندي آهي. ثميره تنهنجي جيوَن ڪهاڻي تلسي داس جي انهيءَ دوهي جي تشريح آهي.“ ميڊم خيرالنساءِ پنهنجو روايتي ڀوڳ ٺهڪائي ڏنو. ”ميڊم ثميره توهان جي لکڻ جو ڪارڻ سبب؟“ ميڊم کان پڇيم: ”هڪ ڀُل هڪ حماقت، ڀل قدرت جي مون کي ڪهاڻيڪار بنائڻ، ڪنهن واقعي جو مشاهدو، پرک، لاشعور جي اڇل ڪهاڻي ٿي پوندي آهي.“ ميڊم جا لفظ الائجي ڪٿان پڙاڏيا. يا سينٽرل لائبرريءَ جي ڊگهين وڏين درين مان ڌوڪي ايندڙ ڄام شوري جي تيز هوائن ٽيبل تي پيل ’گيت اُڃايل مورن جا‘ جو مهاڳ پڙهي ورتو. ثميره زرين نه رڳو شهر جي پڙهيل لکيل عورتن پر ٻهراڙين جي بيوس عورتن ۽ مردن جي ڪيفيتين ۽ محرومين تي ڳائي وڄائي لکيو. هن نه رڳو عام عورتن لاءِ لکيو، پر ڪراچي شهر مان گم ٿي ويل ڪلبن جي روميو جوليٽ جي محرومين ۽ رُسامن تي پڻ خوب لکيو. اڄ به جڏهن ماروي هاسٽل وٽان مٽندو آهيان ته هن جي ڪهاڻين جا اُداس وياڪل ڪردار نظر ۾ ايندا آهن، انهيِءَ شام عجيب ۽ حَسين اتفاق ٿيو. کجور جي کجيءَ جهڙي ماروي هاسٽل جي روڊ تي ملي هئس ۽ املداس جي گلن جهڙي محسوس ٿي. هوءَ هئي ته کجور جو وڻ، پر مند املداس جي گلن جي هئي ۽ مون کي املداس جي گل جهڙي محسوس ٿيندي هئي. کيس پري کان ڏسندي سوچيم: ”نه ادي گڏي خيرالنساءِ رهي آ، نه شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ. هاڻ هٿ ريکائون ڪنهن کي ڏيکارينديين ۽ نفسياتي مونجهارن جو بحث ڪنهن سان ونڊينديين؟ هوءَ هوبهو ثميره جي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ واري رابعا هئي.“ ويجهو پوندي پڇيومانس: ”شاگرديءَ واري دور ۾ ماروي هاسٽل جي بيڊ نمبر 22 جي دريءَ مان اوڀر ۽ ڏکڻ طرف ڏسندي هئين ته رڳو پٿر، پٻ ۽ ويرانيون هونديون هيون. اڄ ته چوڏِسا ۾ سنڌ ۽ مهراڻ جون هائوسنگ سوسائٽيون عاليشان بنگلن جون روشنيون آهن ؟“

وياڪل مُرڪ سان جواب ڏنائين: ”تڏهن ويرانيءَ جو احساس ٿيندو هو، ۽ پوءِ ڪنهن سوجهري، ڪنهن سهائيءَ ۽ ڪنهن بهار جي آسري ۾ ننڊ اچي ويندي هئي ۽ اکين ۾ خواب لهي ايندا هئا، پر ....... “

هن جي پر ۽ اڻپوري جملي ۾ ميڊم ثميره جو اڻپورو خواب هو.

”پر ؟“ پڇيومان:

مختصر مرڪ چپن جي لالي ٿي ويس ۽ چيائين: ”اڄڪلهه رشتن جو ڀرم روڊ رستن تي نه، پر پڙهيل لکيل ماڻهن جي سوسائٽيز ۾ ٽُٽي ٿو.“

”مهراڻ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي ڪنهن بنگلي جي روشنيءَ ۾ تنهنجو قدر بيڊ لئمپ جي ميرانجهڙي روشنيءَ جهڙو به نه هو؟“ مون کي پنهنجي پُڇا ۾ ميڊم ثميره جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جي درد جهڙو محسوس ٿيو.

”ممي، مما“

روڊ جي هُن طرف پوسٽ گرئجوئيٽ هاسٽل واري روڊ تان 8-9 سالن جي ننڍي عمر واري ڇوڪريءَ کيس سِڪ مان سڏيو. هُن جو ڌيان ٻارڙيءَ ڏانهن هو.

”تنهنجي آهي؟“

”هُن جي مما چوڻ تي جيئڻ جا جتن پئي ڪريان.“

”اڄ جو ٻار چالاڪ ۽ ذهين آهي. هر ڳالهه صحيح وقت تي چئي ڇڏي ٿو، جڏهن ته پاڻ واري ٽهي جيستائين اظهار ڪري، تيستائين ڄام شوري جي چئن مندن جهڙا چار سال پورا ٿيو وڃن.“

هوائن ثميره زرين جي ڪهاڻي ’روشن ڇانورو‘
جو ڊائلاگ پڙهي ورتو:

”خدا حافظ ڪرڻ وارو منظر برداشت ٿي نه سگهندو آهي، مون کي فقط ڀليڪار چوڻ ايندي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org