سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:12 

صغر لاکو

 

 

 

جيئڻ جا جتن

سائيڪل رڌڻي ڀرسان، ڀِت جي پاڇي ۾ اسٽينڊ ڏئي بيهاريم، پر پويون ويل پوءِ به بي چئي ٻار جيان ڪا گهڙي ڦرندو رهيو. سائيڪل جي اسٽينڊ مان ڪتاب ڪڍي، ڪمري ۾ آيس، ٽئي ٻار سدوري، مينهل ۽ پُنهل ننڊ ۾ الوٽ هئا ۽ خانزادي رلي ويٺي سبي. ڪپڙي جا اڇا ۽ ڪارا ٽڪر پاڻ ۾ ائين ويٺي ملايائين، جيئن سائوٿ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا ڪارا گورا گڏائي، انساني رت جي ريلي کي ٻنجو ڏئي، هميشه هميشه لاءِ هڪ ڪري ڇڏيو! نلڪي تان هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺس ۽ خانزاديءَ کي ماني آڻڻ لاءِ چيم. هوءَ اٿي، رلي اڌ ۾ ڇڏي، راتوڪي ڀت واري ڪُني کڻي چلهي تي رکي ۽ پوءِ ڄمي ٽِڪ ٿي ويل ڀت کي ڪپ ڪير سان لڳي کوٽڻ، ڄڻ بيلچي سان زمين کوٽي رهي هجي! منجهند جي مانيءَ ۾ راتوڪو اڇو ڀت ڏسي، کار وٺي ويم. منهن ڦيري ڪنو ڪندي، چپن ۾ ٿورو ڀڻڪيس ۽ ڪرڪيس. هوءَ خاموش رهي ۽ ڪجهه نه ڪُڇئين. ’شايد پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو اٿس، انڪري پشيمان ۽ ماٺ آهي.‘ دل ۾ سوچيم ”سيجي ڪو ٻٽالون، بصر ڪونه هُيئي جو…“ ڪاوڙ ڪندي، کُهرائيءَ مان چيم، ”بس وارو ڪري راتوڪي رٻ کڻي چلهي تي رکيئي…!“

بس منهنجو ائين چوڻ، ڄڻ ته ککر ۾ کڙو! پوءِ ته ڀُون ڀُون ڪري وٺي وئي. ڪُڙڪو ڀانڀو ۽ هُل هنگامي سان گهر کڻي مٿي کنيائين ۽ چَڙي جيان پئي وڳي! ڳالهائي ڳالهائي، واڇن ۾ اڇي جهڳ ٺهي ويس ۽ منهن ڳاڙهو ٽانڊو بڻجي ويس. دکندڙ دونهيءَ جيان ڀڙڪو کائي، ازخود ڳالهائيندي، ”ڪُرڙيون ڪباب تري ٿي کارايانءِ، سلاد ٺاهي ٿي ڏيانءِ، تون هٿ ڌوئي کٽ تي ويهه رڳو!“ خانزاديءَ کار مان چيو.

ائين چئي ڪپ ڪير کي تيز ابتا سبتا ڦيرا ڏيڻ لڳي، ڄڻ ڪاوڙ کي ڪُني ۾ ڀڃي رهي هجي! اندر ۾ رَجهي رَجهي، اُٻڙڪو کائيندي، وري چوڻ لڳي:

”سُريئي ڪا جونءِ مٿي ۾، آيئي خيال، سيڌو سامان به وٺڻو آ ڪو! ماکي جيڪي لٽا ڪپڙا نه وٺي ڏنئي، پونڊر ڪريم آڻي نه ڏنئي، اهو ته لک ٿيو، پر کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪونه!...... ٻيو ته ٺهيو (حيرت مان هيٺيون چَپ هيٺ لڙڪندي)

”لوڻ لَپَ ناهي گهر ۾!!“

ڪارڙي تِتِرَ جيان ڀڙڪو ڏئي، ڀَت جي پليٽ منهنجي آڏو رکي وئي. هڪ اک ڏٺو ته ٻيءَ ڏٺو به ڪونه! اهڙو ناسازگار ۽ هنگاماخيز ماحول ڏسي، خاموشيءَ واري واٽ ورتم. ايڪڙ ٻيڪڙ لفظ جئن ڳالهايان ها ته وڙهندڙ ڪُڪُڙ تي پاڻيءَ جي ڦوهاري جيان ثابت ٿئي ها ۽ وري تازي تواني بڻجي، وڌيڪ گوڙ ۽ هُل هنگامو مچائي ها، تنهنڪري ’مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ!‘

ڀَت مان اڃا ٻه گرهه مس کنيم ته ڪڙو کڙڪيو. هٿ اتي گرهه ۾ ئي سڪي ويم ۽ وات تائين آڻڻ جي سگهه نه ساري سگهيس. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڏي ويچار ۾ اچي ويس، ’ڪير هوندو- دوست يار فقير فقرو يا ڪو قرضي…! سرڪاري اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي، چوويهه سال گذري چڪا اٿم. ان عرصي ۾ اهو ڏينهن نٿو سنبران، جو ڪنهن مهيني جي پگهار پنجين کان اڳ ۾ ملي هجي. ڪڏهن جئن جلدي ملڻ جي مهرباني ٿي ته به پندرهين تائين. لوڪ سارو کائي پي سمهڻ جي ڪري اسان جي ان وقت ڪُني چڙهي! اهڙي صورتحال سبب روزانو گهر جي در تي قرضين جا ڳالهاوا، گندا ۽ غليظ لفظ سَهڻا پوندا اٿم. شروع شروع ۾ قرضين جي تيز ڳالهائڻ ۽ گارگند ڏيڻ تي گهٽيءَ وارا جلد ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ قرضين کي پٺيءَ تي ٺَپر ڏيندي چوندا هئا:

”ماستر اهڙو ويل ناهي، پئسا ڏيندو، کائيندو ڪونه! اهو ڪم آ، ڏينهن ٻه اڳي پوءِ ٿي ويندو آ!“

مون سان قرضين جو روز روز جو جهيڙو ڏسي، هاڻي اهي سمجهي ويا هئا ته ماستر ڪو عادي قرضي آهي ۽ هن جو قرض کٽڻو ئي ناهي! تنهنڪري هاڻي ڪو به ٻاهر نه نڪرندو هو. جيڪڏهن ڪو اتفاق سان جهيڙي دوران گهٽيءَ مان گذرندو به هو ته اکيون ڦاڙي مون ڏانهن قهري نهار ڪندي، اڳتي گذري ويندو هو ۽ جهيڙي وچ ۾ نه پوندو هو. ٽيون ڏينهن نلڪن وارو مستري ’مچندو ماڇي‘
نلڪي ٺاهڻ جا پئسا وٺڻ آيو کيس ٻڌايم ته اڃا پگهار نه ملي آهي. هڪ ٻن ڏينهن ۾ ملي ويندي اهو ٻڌي، جذباتي ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين:

”ڏين ٿو پئسا يا ڪيانءِ اتي پورو اڄ!.......“،

وڏو پيچڪش ۽ پانو اولاريندي، هن چيو، ”مٿان اچي ٻاويهين ٿي آهي، اڃا توکي پگهار ناهي ملي!؟........“

”مچندا! ڪنهن جي ڳالهه تي اعتبار به ڪندو ڪر!“

”اهي ناٽڪ ڪنهن ٻئي سان وڃي ڪر…،“
ڏند ڪرٽيندي، هن چيو: ”هٽ واڻئي نوڪر کي به ڪڏهوڪو پگهار ملي وئي، باقي توکي نه ملي اڃا!“ جو خدا وڏو ڪرم جو ان وقت گهٽيءَ مان ٽريڪٽر ٽرالي وارو گذريو.

هارن ڏيڻ سان، هُو ٽريڪٽر ٽرالي جي پرئين پاسي هليو ويو ۽ آءُ اورئين پاسي رهجي ويس. پوءِ اتان بيهي چيائين:

”ماستر اڄ مُڙي ٿو وڃان، سڀاڻي باقي پئسا وٺي پوءِ اٿندس!“ ائين مچندو ٽري ويو اڄ، نه ته هڪ ئي پاني سان مٿي جو ميڄالو ٻاهر ڪڍي ڇڏي ها. ان جهيڙي دوران سامهون واري گهر جو همراهه،
’مکڻو‘ گهٽيءَ مان گذريو. اکيون ڦاڙي، قهري نهار ڪندي اڳتي گذري ويو ۽ چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو. ڀانيان ٿو چيائين:

”ماڻهو مَري مانَ لاءِ، هيءُ ماستر مَري نان لاءِ!“

اهڙو ٻيو واقعو ڪالهه به پيش آيو. هفتو اڳ سوڍي ڊکڻ کان کٽ ٺهرائي هئم، جنهن جا ڪالهه هُو پئسا وٺڻ آيو. کيس ٻڌايم ته اڃا پگهار نه ملي آهي، ڏينهن ٻن ۾ ملي ويندي. ”ماستر! تون ته لکيو پڙهيو آن…“، ڪاوڙ مان هن چيو، ”ٻين کي لکڻ پاڙهڻ وارو! مزور کي مزوري پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ڏئي ڇڏجي، تو ته ته پئسن لاءِ پنڌ ڪرائي تيل ڪڍي ڇڏيو آهي!“ سوڍي ڊکڻ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هئس ته مٿان ليمون لاکو به اچي پهتو. ان کان کٽ واڻائي هئم کيس اڌ پئسا ڏنا هئا ۽ اڌ رهيل هئا. ان کي به ساڳيو عرض ڪيم. الائي ڪهڙو ترس اچي ويو ٻنهي کي، جو وڌيڪ ڪجهه چوڻ آکڻ جي، واپس هليا ويا.

اهي سور سوچيندي، ذهن ۾ خيال ۾ آيم- ’خانزاديءَ کي در تي وڃڻ لاءِ چوان ۽ در کڙڪائيندڙ کي وڃي چوي ته آءُ گهر ۾ موجود نه آهيان‘ ذهن ۾ اهڙو خيال ايندي، خانزاديءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ منهن ۾ سونڊ وجهيو ۽ اکيون ڦاڙيو ويٺي هئي. هن کي اهڙي ڀوائتي روپ ۾ ڏسندي، دَر تي وڃڻ لاءِ، چوڻ جي سگهه نه ساري سگهيس ۽ پاڻ در تي وڃڻ لڳس. در ڏانهن ويندي، سوين خيال ذهن جي چرخي تي ڦرندا رهيا ۽ ذهن کي جهنجهوڙيندا رهيا. ائين ڪندي وري ڪڙو کڙڪيو، اڳ کان به زوردار ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾! هاڻي پڪ ٿي ويم ته دروازي تي ڪو قرضي ئي آهي، جو ايترو زور سان ڪڙو کڙڪائي، ڄڻ ته جلد ٻاهر نڪرڻ لاءِ چئي رهيو هجي! ڏڪندڙ ذهن ۽ هلندڙ هٿن سان، آهستي آهستي در جو تاڪ اندر ڇڪيو ۽ ٻاهر نظر ڪيم، ڏسان ته پاڙي واري ڪراڙي، رحيمان بيٺي آهي. کيس سڄي هٿ جي تريءَ تي ڪاشيءِ رکيل آهي؛ جيڪا رئي جي پاند سان ڍڪيل آهي. ڪراڙي رحيمان کي دَر تي بيٺل ڏسي، دل خوشي مان گدگد ڪرڻ لڳي ۽ اندر جو ڀوءَ ۽ خوف، ڪافور جيان جهٽ ختم ٿي ويم. مَن جا مٺڙا ۽ سريلا سُر ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. تنهن وقت دل چاهيو ته جيڪو در تي جُهمر بيهي هڻان!

”ابا! ٻيو ڪم ڪونهيم…“، ڪراڙيءَ، سڄي هٿ تي رکيل ٿانوَ تان رئي جو پاند هٽائي، ٿانوَ مون ڏانهن وڌائيندي چيو، ”مهري دال جي ڀاڄي مٽائڻي اٿم، باهه لڳيءَ کي چکيان به ڪونه! پيٽ ۾ پئي، ڄڻ ٽانڊو پيٽ ۾ پئجي ويو!“

اوچتو ڪراڙيءَ جي ڳالهائڻ سان، منهنجي ”تن تنبوري“ واري تار ٽٽي هيٺ ڪري پئي ۽ اندر ۾ سُرآلاپ وارو رچيل سلسلو اڌ ۾ ئي رهجي ويو!

کيس ٻڌايم ته هنن راتوڪي رٻ تي گذارو ڪري، ويلو ٽاريو آهي. جواب ٻڌي، خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ چپن ۾ ڪجهه چوندي ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي، واپس گهر هلي وئي.

پگهار وٺڻ لاءِ، شهر وڃڻ جي تياري اڄ ئي ڪري ڇڏيم. قرضين جي لسٽ (جن کي مون کي پگهار مان پئسا ڏيڻا هئا) ۽ سيڌو سامان وٺڻ واري لسٽ ٺاهيم. سائيڪل کي ڇنڊيم ڦوڪيم ۽ ڍرا ٿيل نٽ بولٽ پاني سان ٽائيٽ ڪري، تيل جو به مَکُ ڏنم، خالي ڪَٽو سيڌو سامان وجهڻ لاءِ ويڙهي سائيڪل جي اسٽينڊ ۾ وڌم.

ٻئي ڏينهن اسڪول کان اڌ ڏينهن جي موڪل ڪري پنجين درجي جي ڇوڪر، صبدارعلي کي اسڪول انچارج بڻائي، يارهين بجي شهر روانو ٿيس. اڌ ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ ساڍي يارهين بجي آفيس پهتس. آفيس ۾ وڏي پيهه ۽ رش لڳل هئي. هر طرف، سنڌي ٽوپي پاتل، مٿي سان انگوڇو يا جهالر وارو سنهو ٽوال ٻڌل ۽ هٿ ۾ يا بغل ۾ خالي ٻاچڪو ويڙهيل، ماستر ئي ماستر نظر اچي رهيا هئا. آفيس ۾ اهڙو منظر ڏسي، ائين محسوس ٿيم، ڄڻ اڄ ٽيويهين مئي نه پر ٽين مئي هجي ۽ آفيس ۾ چيڪ بدران وکر ورهائجي رهيو هجي! چيڪ ملڻ جي انتظار ۾ بيٺل ماستر هڪٻئي سان پگهار، پروموشن ۽ ٻين معاملن بابت ائين احوال اوري رهيا هئا، جيئن عورتون ڪاڄ ۾ ملي، هڪٻئي کان ڌيئن، پٽن ۽ گهر گهاٽ بابت حال احوال پڇن! آفيس ۾ هر ٽيبل تي اڄ چيڪ ئي چيڪ نظر اچي رهيا هئا. ڪنهن ٽيبل تي اهي ڀريا پئي ويا، ڪنهن تي اهي صحي ڪيا پئي ويا ته ڪنهن هنڌ اهي چيڪ بوڪ مان الڳ ڪيا پئي ويا. آڌيءَ وارو چيڪ وصول ڪرڻ کان اڳ ۾ هيڊ ڪلارڪ جو هٿ گرم ڪرڻ ضروري هو. مون کي کيسي ۾ ڪل پنجاهه روپيا هئا، جيڪي ’پتاشو‘ هٽ واري کان، گهڙي ضمانت طور ڏئي، اڌارا ورتا هئا. پنجاهه جو پتو هيڊ ڪلارڪ جي وڏي ٽيبل، جنهن مٿان سائي رنگ جو ٿُلهو اونو ڪپڙو، ان مٿان ٽيبل جي سائيز جيترو شيشو رکيل هو، تي ڀڪوڙيل مُٺ رکندي، آهستي آهستي کوليم ۽ کانئس چيڪ جي گهر ڪيم. منهن مٿي کڻي نهارئين به نه ۽ نه ئي جواب ڏيڻ مناسب سمجهيائين. هُو ماسترن کان ڳاڙهو ڪاغذ وٺندو ۽ چيڪ وارو سائو ڪاغذ ڏئي رهيو هو. ڏهاڪو منٽ ترسي، وري چيڪ لاءِ چيم، پر وري به ساڳئي لاپرواهي، جي رکائي ۽ ڪن لاٽار! ان وقت سخت چڙ ۽ جهجهڪيون اڀرڻ لڳيون ۽ چپ ڏندن وچ ۾ ڏيندي چيم، ”اسان کي به چيڪ ملندو يا…!!“ هڪدم پين روڪيندي، ”يا ڇا…؟!،“ اکيون ڦوٽاريندي، هن پڇيو. ڪاوڙ مان هن جو جسم ڏڪي ڪنبي رهيو هو، هٿ ۾ جهليل پنجاهه جي پتي ڏانهن اشارو ڪندي، اشاري ۾ ئي چيڪ جي گهر ڪيم. پنجاهه ڏانهن ڏسي، هن جا ٻئي ڀروون پاڻ ۾ ملي ويا ۽ اکيون ڳاڙهو ٽانڊو بڻجي ويون! تيز نظرن جا تير منهنجي اکين ۾ کپائيندي، ”سَوَ مان پائي گهٽ تي به چيڪ نه ملندئي!“، ’سَوَ‘ لفظ تي زور ڏيندي هن چيو ۽ پوءِ چيڪ بوڪ مان چيڪ چيري ڪڍڻ ۾ شروع ٿي ويو. سندس کيسو افغانيءَ جي ٻوريءَ جيانُ ڦنڊجي ٻاهر نڪري پيو هو ۽ مٿان پاسي کان اڊڙڻ تي هو. هو پوءِ به ماسترن کان ورتل پيسا ان ۾ وجهي، آڱر سان اندر گوهي رهيو هو. تنهن وقت ائين لڳم ڄڻ ته اهو کيسو نه پر انساني نفس جي ڪا گُندي هجي، جيڪا ڪڏهن به ناهي ڀرڻي!

اڳتي وڌي ويجهو ٿيندي، ”وري ٻئي دفعي ڪَسَر ملي ويندئي اها…!“

مون رازدار انداز ۾ ڪَن ۾ چيو، ”هونءَ ڪهڙي سرڪاري فيس آهي جو…!“ پوءِ ته ڄڻ ڇٻي لڳي ويس! آلي ٻرندڙ ڪانيءَ جيان چڻنگون ڇڏيندي، ”اڙي! تون ٽڪي جو ماستر ٿي ايڏو وات ٿو هڻين! اهڙو مڙس ماڻهو آن تون…!؟“. جهٽڪو ڏئي ڪرسيءَ تان اٿندي، مون تي اُلَر ڪندي هن چيو، ”ٽري وڃ هتان ته…“. ”منهنجي ڳالهه جو غلط مطلب ورتو تو…!“،

”ڇو ڙي…! اکيون نه ٿئي، ڪونه ٿو ڏسين!؟،“ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي هن چيو: ”پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ستين ستين تائين آفيس ۾ ويهون، آچر تي به آفيس اچون، توهان جي پگهارن جا بل ڀريون، سروس بوڪ مينٽين ڪريون، پروموشن جون لسٽون تيار ڪريون، توهان جي مرضيءَ جا بدلين وارا آرڊر ڪڍون، پوءِ به توهان تڪليف ۾، پوءِ به خوش ڪونه…! (لٻ هڻي روينيو ٽڪلي رجسٽر تي چنبڙائيندي) هڪ کڻو مفت جي پگهار مٿان اجايو ڪروڌ!“

’مفت جي پگهار ٻڌي ڄڻ ته ڪنهن چيلهه وارو سوٽو وهائي ڪڍيو! اهي لفظ ڪو وقت ڪنن ۾ گونجندا رهيا: ’مفت … جي… پگهار…‘ اڳتي وڌي کانئس پڇيم، ”مفت جي پگهار ڀلا ڪيئن!؟ ڊيوٽي نه ٿا ڪريون، ڇا گهر ويٺي پگهارون ٿا کڻون!؟“

”ٻيو نه ته…!!،“ اکيون ڦوٽاري نهاريندي هن چيو، ”ڊيوٽي ڪيو ڇهه مهينا ۽ پگهار کڻو ٻارسن مهينن جي!“ ”ڪيئن ڀلا…؟!،“ حيران ٿيندي پڇيم.

”ٻه مهينا اونهاري جي ۽ اڌ مهينو سياري جي وئڪيشن…“ هن موڪلن جو تفصيل ٻڌائيندي چيو، ”ٽيهارو کن قومي، صوبائي ۽ ضلعي موڪلون، ٽيهارو کن اتفاقي موڪلون، اهڙا ٻن مهينن جي برابر آچر به، ڪوگوڙ ٻوڙ ٿي پوي يا گرمي سردي زياده ٿئي يا هوا مينهن هلي پوي ته به اسپيشل موڪل جو اعلان، اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بجاءِ صرف چار ڪلاڪ ڊيوٽي، ان ۾ به اڌ ڪلاڪ رسيس ۽ جمع ڏينهن ٻه ڪلاڪ ڊيوٽي، دير وڃڻ ۽ سوير واپس موٽڻ ان کان علاوه…“ ان دوران آءُ ڏانهس ٽِڪ ٻڌي، ڏسندو رهيس. هُو موڪلن جو تفصيل ائين ٻڌائي رهيو هو،  ڄڻ ته خبرون پڙهي رهيو هجي ۽ موڪلن جي تفصيل جا لکيل پنا، سندس آڏو ٽيبل تي رکيل هجن! ”ٻي ڪرپشن ان کان علاوه آهي…“، سڪل نڙيءَ کي ڳيت ڏئي آلو ڪندي، هن چيو، ”پاڻ پڙهائڻ بدران ٻارن کان پڙهائڻ، ٻارن کي ونگار وهائڻ، غير قانوني چندو اوڳاڙڻ، سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد ڪرڻ وغيره“ هيڊ ڪلارڪ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، ڏاڍي حيرت لڳي ۽ سوچيم: ’مينهن پاڻ سڄي ڪاري، ڳئون کي چوي، هل ڙي پُڇ ڪاري!‘ ائين ڪندي هڪ ماستر آيو ۽ هن سان وڏي گرمجوشيءَ سان مليو. ”ها جائي! اهم ڳالهه وسري وئي…،“ وڏو ٽهڪ ڏئي ماستر سان هٿ ملائيندي هن چيو، ”ويزا سسٽم!!“

”معاف ڪجو، ويزا کان پهريان پاس اوهان وٽان ئي اشو ٿيندي آهي! نه ته ماستر جي ڪهڙي مجال آهي، ائين من مستيون ڪري! ڇا ٻلي ڇا جلاب!“

”ڇا مطلب آ تنهنجو!؟“

”مطلب بلڪل ٺيڪ آ منهنجو!“

ڪاوڙ ۾ سندس سانورو رنگ ڪارو مائل ڳاڙهو بڻجي ويو ۽ اکين مان جنسي رت ٽمي رهيو هئس.

رٽائرمينٽ کي ويجهو پهتل هڪ ماستر، جيڪو شڪل صورت ۾ نيڪ مرد نظر پئي آيو، پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي ڪجهه چوڻ چاهيو. هيڊ ڪلارڪ کيس اشارو ڪندي ڏسي ورتو. هيڊ ڪلارڪ ڪاوڙ ۾ ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي ويو ۽ ڪنڌ جون رڳون نفرت جي هوا سان سيٽجي ويس. جهوني ماستر  ڏانهن ڪو وقت ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو، ڄڻ نظرن نظرن ۾ کيس سبق سيکارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو هجي! ”اهو نه، هُو صاحب ڏانهن دانهين وڃي…!،“ هن ازخود ڳالهائيندي، جهوني ماستر کي چيو، هي رستو (هٿ سان اشارو ڪندي) اٿس، جنهن کي وڻيس شڪايت وڃي ڪري، تون به ڀلي ساڻ وڃيس!“

جهوني ماستر جو منهن لهي ويو. هو ٻُسو ٻُسو ۽ ڦڪو ڦڪو لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪو وڏو گناهه کانئس سر زرد ٿي ويو هجي!

جهوني ماستر جو مشورو مڃي صاحب ڏانهن دانهين ويس ۽ رستي ويندي دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيم: ”هيڊ ڪلارڪ جي ته اڄ چڱي طرح هاج لهرايان ٿو…!“ ڏند ڪرٽيندي پاڻ سان ڳالهايم، ”ڪارو ٿلهو ڀيڻسان، سمجهو ڇا هي پاڻ کي، ڪلارڪ آهي يا ڪمدار!“

ڪاوڙ ۾ مُٺيون ڀڪوڙجي ويم ۽ پورو جسم پاڻي ٿي ويم.

صاحب جي ڪمري ڏانهن ويندي، پيٽوالي پنهنجي ڪاري ٿلهي ٻانهن، ريل جي ڦاٽڪ جيان، منهنجي آڏو ڏئي ڇڏي ۽ چيو: ”پهريان چِٽ پوءِ پرمٽ!“

پٽيوالي کي چِٽ ڏئي، صاحب جي آفيس ٻاهران بينچ تي ويهي رهيس ۽ پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪندو رهيس.

”پر انتظار ڇا جو، مون کانسواءِ هتي ٻيو ماڻهو ئي نه آهي!“ دل ۾ ويچار ڪيم.

ائين ڪندي هڪ، اڇن ڪپڙن مٿان ڪاري واسڪوٽي پاتل ۽ مٿي جي وارن ۽ شهپرن کي خضاب لڳل، همراهه آيو. پٽيوالو ڊوڙي کيس نِوڙي مليو ۽ آفيس جو دروازو کولي بيٺو.

”شايد ڪو پير مير هو، جو پٽيوالو ساڻس جهڪي مليو ۽ آفيس جو دروازو کولي بيٺو!“
سوچيم. جهٽ رکي، ٻيو همراهه آيو ۽ پٽيوالي سان ڪجهه ڳالهائي، اندر هليو ويو.

”چِٽ شايد اڳ ۾ ڏئي ويو هوندو، جو پٽيوالي سان ڳالهائي اندر هليو ويو!“ دل ۾ خيال ڪيم. اڃا منٽ مَس گذريو ته ٽيون همراهه، پٽيوالي سان هٿ ڪٻو ڪري ملائيندي، اندر هليو ويو. اتي منهنجون اکيون ڏاند جي اکين جيان ڦاٽي ويون ۽ ڪَن سيڙهه جي ڪنڊن جيان اُڀا ٿي ويون. جهٽڪو ڏئي بينچ تان اٿيس ۽ پٽيوالو، جيڪو هٿ جي پٺيءَ سان پنهنجا گهاٽا ۽ سنهين چوٽين وارا شهپر ٺاهي سيٽ ڪري رهيو هو، جي آڏو سينو تاڻي وڃي بيٺس.

”ڇو ڀلا…؟!“ پٽيوالي کان پُراسرار انداز ۾ پڇيم.

”ڇا ڇو…؟!“، ڀورڙو ٿيندي ، هن چيو.

”هيترا ماڻهو منهنجي سامهون پُلصراط ٽپي پار وڃي پهتا، گنهگار مان ئي ٿيس باقي!؟“ ”چيو مانءِ نه، پهريان چِٽ پوءِ پرمٽ!،“ شهپرن جون چوٽيون، وَٽي وڇونءَ جي مُنهن جَهڙيون ٺاهيندي، هن رکائي مان چيو.

”ڏني مانءِ جو اڳهر…!“، حيران ٿيندي چيم.

”ايتري به ويسر ڪونهيم، جيتري تون سمجهين ٿو!“

”معنيٰ، صاحب کي چِٽ اڃا نه ڏني آهي تو!“

”صاحب ڄاڻي مان ڄاڻان، ان لاءِ فڪر نه ڪر تون، اسان جو پنهنجو حساب آهي اهو!“ ”پنهنجو حساب…؟!،“ دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويم ۽ پٽيوالي جا لفظ ڪنن ۾ ڪو وقت گونجندا رهيا، ”پنهن… جو.... حسا…بُ… حسا…بُ…“ ”گهوڙا! هي ٻيو ظلم…!“ بي ساخته رڙ نڪري ويم، ”جيل آهي يا آفيس!؟ هر ڪم جا پئسا، بل ڀرڻ جا پئسا، ٺپي هڻڻ جا پئسا، صحي ڪرڻ جا پئسا، چيڪ جا پئسا، هاڻي (وڏي آواز ۾ رڙڪندي) ملاقات ڪرڻ جا به پئسا!“

پٽيوالي ۽ مون وچ ۾ جملن جي جنگ ڇڙي وئي ۽ ٻنهي طرفن کان لفظن جا ڌڙا ڌڙ فائر شروع ٿي ويا: ”تون ڇا ٿيندو آن…! تون ڪير ٿيندو آن ڙي…! پنهنجي حيثيت“ ڏٺي ٿئي…! مان ٿو چوانءِ رستو وٺ مهل سان (ڌڪو ڏيندي) ڏيانءِ نه ڦينهن ٺاهي! شور ۽ هُل تي، ڏسندي ئي ڏسندي اسان ٻاهران ٻاري ٻڌجي وئي ماڻهن جي! ڄڻ ته ماڻهو ڪڪڙن جي ميل ڏسي رهيا هجن! گهڻي هُل هنگامي ۽ گوڙ گهمسان تي صاحب به ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو.

”ڇا مسئلو آ، ڇا تي گوڙ آ…!؟،“ اکيون ڦوٽاري ۽ نرڙ ۾ گهنج وجهندي، رعب مان هن چيو، ”هي آفيس آهي يا مڇي مارڪيٽ!؟“

”هو ڪا ته مڇي مارڪيٽ وارا هلن پيا!“

منهنجو جملو مٿس وڄ جيان وڃي ڪريو ۽ مٿي کان پيرن تائين سڙي خاڪ ٿي ويو صفا! ”ڇا مطلب آ  تنهنجو!؟،“ چَهڙ ڏيندي، هن پڇيو.

”مطلب پنهنجي پٽيوالي کان وڃي پڇو، منهنجو هڪ ننڍڙو عرض آهي!“ ”ها ٻڌاءِ، ڪهڙي مالي لٽجي وئي اٿئي!؟“

”جئن مالي صرف لٽجي، ان جو ايترو ڏک…،“ پاڻ سان ٿيل وارتا ٻڌائيندي چيم، ”ڪونه ٿئي، هتي ته عزت نفس به محفوظ نه آهي ماڻهو جو…!،“

”اڙي! تون ٽڪي جو ماستر ٿي…“، اڌ ۾ ڳالهه ڪٽي، ڌمڪي ڏيندي صاحب چيو، ”ايترو وڌي ٿو ڳالهائين! خبر اٿئي ڪنهن سان ٿو ڳالهائين! بيهه… تنهنجو بندوبست هاڻي ئي ٿو ڪيان مان!“

صاحب ڏند ڪرٽيندو، تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ هليو ويو. اتي بيٺل هڙئي ماستر مون کي ڀُون ڀُون ڪري وٺي ويا ۽ سمجهائڻ لڳا:

”ميان! هروڀرو ڇو ٿو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهين…!

درويش خدا جا! چڱو اٿئي ته مهل سان ڏئي وٺي جان ڇڏاءِ…!

اڙي مست! سڀ ڪجهه اهو صاحب ٿئي، اهوئي ٿو ڳالهائي، نه ته هي ڪلارڪ ڪڙا ۽ چوڪيدار پٽيوالا ائين ٽَر ٽَرڪن…!“

مون کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي، ”هاڻ هي سؤ روپيا ٿئي، مهل سان چيڪ وٺي نڪري وڃ هتان!، جهوني ماستر سمجهائيندي چيو. چيڪ وٺڻ لاءِ هيڊ ڪلارڪ وٽ آيس. هن مٿان هاڻي رش بلڪل ڪونه هئي ۽ کيسي مان پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکي، ڳڻي رهيو هو. مون کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، هن بيهودي انداز ۾ وڏو هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ هٿرادو هلڪي کنهڪر ڪندي، ”ڪيئي شوق پورو…!،“ هن طنز هڻندي چيو،“ تڏهن ته چوندا آهن، ماستر پنهنجي دم سان گڏ ٻيو سڀ ڪجهه (ماستر سان ازلي نفرت جو اظهار ڪندي، چوڻي ۾ هن هٿ ٺوڪيا لفظ استعمال ڪيا) وڃائڻ پسند ڪندو، پر دَمڙي اصل نه وڃائيندو!“ ”هاڻي تنهنجو گهڻو ڳالهائڻ نٿو ٺهي، هڪ هٿ سان پئسا وٺ ٻئي هٿ تي چيڪ رک!“ ”حاضر منهنجا صاحب…!“، طنز هڻندي هن چيو، ”ٻيو حڪم، ٻي ڪا خدمت چاڪري!“ چيڪ وٺي بئنڪ روانو ٿيس. بئنڪ بند ٿيڻ ۾ باقي مُنو ڪلاڪ بچيو هو. سائيڪل تي، مينهن واچ هڪ ڪيو ويس. هڪ پوڙهي مڙس روڊ ڪراس ڪرڻ ٿي چاهيو. مون گهڻئي گهنٽي ڏني، پر پوءِ به هُو اڳتي وڌي رهيو هو. سائيڪل هن جي پويان ڦيرائڻ چاهيم ته الائي ڪهڙو خيال ذهن ۾ ايندي، اوچتو پوئتي موٽڻ لڳو ۽ ذري گهٽ سائيڪل ۾ اچي لڳو هو، پر مون سائيڪل کي موڙو ڏيندي ۽ مسلسل گهنٽي وڄائيندي، وٽانئس گوليءَ جيان گذري ويس، ”گهڻئي سڻائي ٿئي…!“ پوڙهي کان ڇرڪ سان گڏ رڙ نڪري وئي ۽ پوءِ اکين مٿان هٿ ڏئي مون ڏانهن ڏسندي، ”وڃ…!! ڇوٽ ته وڃي ٿو، الائي پائيندڙ پئي ٿس ڪا!؟،“ پوڙهي حيرت مان چيو،

بئنڪ تي پهتس. ماڻهن جي اتي پيهه پيهان لڳي پئي هئي. انهن ۾ اڪثريت ماسترن جي هئي، جيڪي چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاءِ، اُڀ پير بيٺل هئا. بئنڪ تي ماڻهن جي هيڪاندي رش ڏسي ۽ وقت جي ڪميءَ کي خيال ۾ رکندي، ڪيئي سوال ۽ خدشا، کنڀين جيان، ذهن ۾ اڀري پيا ۽ ڪنن ۾ قرضين جا تکا مٺا آواز گونجڻ لڳا. ان وقت پاڻ کي آٿت ۽ دلجاءِ ڏيندي سوچيم: ”مُنو ڪلاڪ وڏو وقت آهي، ايترو وقت سنڌوءَ جي سڪل پيٽ ۾ پنڌ جئن ڪجي ته هُن ڪناري وڃي پڄجي!“

بسم الله پڙهي، ٽوڪن وٺڻ واري قطار ۾ وڃي بيٺس. قطار جونءَ پير اڳتي وڌي رهي هئي. پنج همراهه جئن ٽوڪن وٺي، قطار مان نڪتا پئي ته پندرهن نوان شامل پئي ٿيا. ٽوڪن حاصل ڪرڻ کانپوءِ پئسن وٺڻ لاءِ، وري ٻي قطار ۾ بيهڻو پيو پئي. ڪلاڪن کان قطارن ۾ بيٺل ماڻهن جا، اڃ، بک ۽ انتظار ۾، تارا ساوا ٿي ويا هئا ۽ سندن حالت رحم جوڳي بڻيل هئي. ڪوئي هٿ جون آڱريون ٻيڻاٽي، ٽڙڪاٽ ڪڍي رهيو هو ته ڪو چيلهه تي ٻئي هٿ رکي، ابتا سبتا موڙا ڏئي رهيو هو، ڪوئي باربار وات ڦاڙي، وڏيون وڏيون اوٻاسيون ڏئي رهيو هو ته ڪو مٿي کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي، زور زور سان دٻائي رهيو هو ۽ هلڪيون هلڪيون ٿڦڪيون هڻي رهيو هو. بئنڪ جو پورو عملو ٽوڪن ڪلارڪ، ليجر ڪلارڪ، ڪيشئر ۽ مئنيجر سستي، ڪاهلي، مزي ۽ مرضي سان ڪم ڪري رهيو هو. ٽوڪن ڪلارڪ ٻه ٽي ٽوڪن ڏئي، باٿ روم وڃي، آئيني تي ڪنگو ڦڻي پئي ڪئي ۽ بار بار پنهنجي سيٽ ڇڏي، ٻئي اسٽاف سان ڪچهري ڪري رهيو هو. ليجر ڪلارڪ جي ٽيبل تي چيڪن جا ڍير لڳي ويا هئا، پر هُو چانهه پيئڻ ۽ اردو ڊائجسٽ پڙهڻ ۾ مَحُو هو. هن صرف اهي ئي چيڪ ليجر کولي، چيڪ ڪري صحي پئي ڪيا، جيڪي پٽيوالي کيس چونڊي چونڊي ڪڍي پئي ڏنا. مئنيجر ڪجهه چيڪ صحي ڪرڻ کانپوءِ گول ڦرندڙ ڪرسي جي ٽيڪ کي پٺتي ليٽائي آرام ڪري رهيو هو. هن جي ڪن تان فون جو رسيور ۽ آڱرين جي ٻَچ مان سگريٽ، هڪ گهڙي به، ڪونه لٿو. سندس آڏو ٽيبل تي چانهه جو ڪوپ ۽ اخبار به رکيل هئي. ڪيشئر هر پنجن منٽن کانپوءِ هيٺ نِوڙي، ٽيبل هيٺان رکيل ڪچري جي ٽوڪري ٻاهر ڪڍي، پان جي پچڪاري ڦٽي پئي ڪئي ۽ وري ڪاغذ ۾ ويڙهيل ٻيو پان ڪڍي، وات ۾ وجهي رهيو هو. ائين بئنڪ جو پورو عملو، قطارن ۾ بيٺل ماڻهن جي تڪليفن، پريشاني، مجبورين ۽ لاچارين کان ائين بي خبر ۽ بي پرواهه بڻيل هو، جيئن سنڌ جي ڏکن ڏوجهرن، دردن تڪليفن، صدمن ۽ سورن کان اسلام آباد بي خبر، بي پرواهه ۽ بي نياز آهي!

قطار ۾ بيٺي، بئنڪ اندر چئني پاسي نظر ڦيرايم. سڀ کان پهرين بئنڪ جي مکيه دروازي جي بلڪل سامهون، مئنيجر آفيس، جي ڀت تي لڳل وڏي بورڊ تي نظرپيم: ’ بئنک کے اندر سگریٹ پینا، پان یا ایسی دوسری اشیاء تھوکنا اور سیاسی، مذہبی اور لسانی باتیں کرنا سخت منع ہے۔

وڏي بورڊ جي کاٻي پاسي تي لڳل ننڍڙي پلاسٽڪ جي پليٽ:

مئنیجر آفیس میں بغیر اجازت اندر آنا منع ہے۔

بورڊ جي ساڄي پاسي واري ننڍڙي پلاسٽڪ جي پليٽ:

اپنے سامان کی خود حفاظت کریں۔

اتر پاسي واري ڀت تي لڳل ٻن بورڊن تي وري نظر جنهن هيٺان ڪيشئر ۽ ليجر ڪلارڪ ويٺل هئا:

1۔ حصول رزق حلال عبادت ہے۔‘ 2۔اپنی فرائض ایمانداری سے انجام دیں۔

ان کانپوءِ ڏکڻ پاسي واري ڀت تي لڳل ٻن بورڊن تي نظر، جنهن هيٺان ٽوڪن ڪلارڪ ۽ هڪ ٻيو ڪلارڪ ويٺل هئا:

1- رشوت لینے والا اور دینے والا دونوں جہنمی ہیں۔

2- کسی بھی انسان کو حقیر مت سمجھیں۔

۽ پوءِ اوڀر پاسي واري ڀت تي لڳل هڪ وڏي بورڊ تي نظر، جنهن هيٺان ماڻهن جي ويهڻ لاءِ پنج کن ڀڳل ۽ ڇڳل ڪرسيون پيل هيون: بورڊ جي مٿين سٽ- ’فضول باتوں میں اپنا وقت ضایع مت کریں ‘ بورڊ جي وچين سِٽ: اداروں کا خیال رکھیں، یہ قوم کی اجتماعی ملکیت ہیں‘ بورڊ جي هيٺين سِٽ: ’صفائي ستهرائي کا خاص خيال رکهين‘

۽ پوءِ سڀ کان آخر ۾ نظر مکيه دروازي مٿان لڳل بئنڪ جي مونوگرام مٿان! لوهه جو ٺهيل، سونهري رنگ وارو بئنڪ مونوگرام، ٽيوب لائيٽن جي روشني تي تجلا ڏئي رهيو هو ۽ ان ۾ بئنڪ اندر بيٺل ماڻهن جا عڪس نظر اچي رهيا هئا. جيڪي اکيون ڦاڙي، اوڏانهن بار بار سواليه نظرن سان نهاري، ڄڻ ته بئنڪ جي ٺهيل ان سهڻي ۽ سونهري مونوگرام کان جواب طلبي رهيا هجن!

مئي مهيني جي لُڪَ ساڙي، لوساٽي ڇڏيو هو لک پتي صفا ٽانڊو بڻيل، چَپَ سڪي ڇوڏو بڻيل ۽ اکيون ڪوڙيون جهڙا ٽوهه صفا! اندر ۾ کوري جيان اڱر ٻَري رهيا هئا. اندر جي آگ اجهائڻ لاءِ اوڀارئين پاسي ڪنڊ ۾ رکيل ڪولر مان، ٿڌي پاڻي جو گلاس ڀري پيئڻ ويٺس. خشڪ چَپَ، سُڪي ڇوڏو بڻيل زبان ۽ اڻڀين رڳن ۾ جڏهن ٿڌڙي پاڻي جي هلڪي هلڪي لارَ لٿي ته جسم کيرو کيرو ۽ ڳرو محسوس ٿيڻ لڳم، اندر ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿيم ۽ پاڻ مٿان سُرور، سرود ۽ رومانس جو غلبو حاوي ٿيندو محسوس ٿيم، مَن جي ساحل تي ٿڌڙي هير جو هڪ جهوٽو گُهليو، ذهن تي گهري غنودگيءَ جي غبار غلبو ڪيو، خيال جي ٻيڙي، تنگ نظري جا تنگ ڇنائي، هوا جي دوش تي هلڻ شروع ڪيو ۽ واءُ جي رخ ۾ هلندي، اڃا اڳتي روان دوان ئي هئي ته بئنڪ گارڊ ماڻهن مٿان بندوق تاڻيندو، ڌوڪيندو آيو. چيائين: ”ٽائيم ختم ٿي ويو! هلو، ٻاهر نڪرو هاڻي…!“ گلاس ۾ اڃا ٻه ٽي ڍُڪَ پاڻي بچيل هو ۽ گلاس چپن تي آڻي، پيئڻ وارو هئس ته گلاس واري بانهن کي هڪ زوردار جهٽڪو آيو ۽ بئنڪ گارڊ ڌڪو ڏيندي، ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو. گلاس هٿ مان ڇڏائجي، فرش تي وڃي ڪريو ۽ زوردار ٺڪاءُ سان ڀڄي، ڀورا ڀورا ٿي ويو ۽ بئنڪ جي لسي فرش تي، منهن تي موهيڙن جيان، پٿرائجي ويو. پوءِ ته بس… گلاس ڇا ٽٽي ٽڪرا ٿيو ۽ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿيو، ڄڻ ته ماڻهوءَ جو مَن جو محراب ڀڄي ڀورا ڀورا  ٿي پيو ۽ دل جو ٽڪرو ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو!! مئنيجر، شيشي جو شفاف دروازو کوليندي، پنهنجي ڪاري ڪوجهي اندر سان آفيس کان تکو تکو ٻاهر آيو ۽ منهن ۾ سونڊ وجهندي، ”اڙي خميسا! واهيات کي وهاءِ ته ٻه ٽي بَٽ…!“ ڏند کوٽيندي هن چيو، ”ذليل کي ڪُٽي ڪريس ته بڇڙو!“

مئنيجر جي اندر ۾ دکندڙ نفرت جي دونهي ڀڙڪو کائي، هاڻي باهه ۾ بدلجي وئي ۽ پوري ماستر برادري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

”اڙي خميسا! ڪو به ماستر سڀاڻي کان اندر نه ڇڏجان…!“، بئنڪ گارڊ کي هدايت ڪندي مئنيجر چيو، ”انهن کي هاڻي دريءَ جي ٻاهران بيهاري، ٽوڪن ڏبو ۽ ٽوڪن واري ماستر کي صرف اندر ڇڏجان. ٻارن کي هيءُ ڇا پڙهائيندا هوندا، (آفيس ڏانهن واپس ويندي پاڻ سان ڳالهائيندي) ڪهڙي سکيا تربيت ڏيندا هوندا، جن کي خود اٿڻ ويهڻ جو طريقو ناهي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ڪو سليقو ناهي، هيءُ ته مانيءَ ۾ به مهانگا آهن!“

پريشانيءَ ۾ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، سوچ ويچار جي گهري ڪُن ۾ غلطان ٿي ويس ۽ وکون کڄڻ کان ڳريون ٿي ويم. بئنڪ ٻاهران بيٺل نم جي وڻ ۾ هٿ وجهي بيهي رهيس. اتي اڃا بيٺو ئي هئس ته اوچتو ڪنهن ٿڌو وڏو ساهه کڻندي، ”ڇا ته اهو دور هو…!“ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. ڏک ۽ سوز وارا لفظ ٻڌندي، مُڙي پوئتي نهاريم. ڏسان ته ساڳيو جهونو ماستر، ٻئي هٿ سائيڪل جي ڏنڊي ۾ وجهيو ۽ جُهنڊ هنيو، هيٺ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل ويٺو آهي. هن کي اهڙي حالت ۾ ويٺل ڏسي، اڳتي وڌي اٻهرو ٿيندي، پڇيم:

”توهان کي به پگهار نه ملي ڇا!؟“

منهن مٿي کڻي، پراسرار اکين سان نهاريندي، ”هونئن ڀلا ڏڌل کير ٿڻين پوندو ڇا…!“، چئي خاموش ٿي ويو. ”مون کي پاڻ ڳڻتي ورائي وئي اٿم…،“ پنهنجي ڳڻتي فڪر بابت ٻڌائيندي چيو، ”هٿين خالي گهر ڪيئن وڃان هاڻي! گهر وارن توڙي قرضين کي ڪيئن مطمئن ڪريان، ڇا انهن کي چوان…!“

”توکي ته اڄ نه ته سڀاڻ پگهار ملي ويندي، جتي هيترا ڏينهن گذري ويا آهن، اتي هڪ ڏينهن ۾ آئي وئي ڪونه! پر…،“ ائين چئي خاموش ٿي ويو. ”پر ڇا!؟“، اٻهرو ٿيندي، پڇيم.

”مون لاءِ ته مهينو سَٺ ڏينهن جو ٿي ويو…!!“، ڳل تان گرم ڳوڙهو اگهندي، هن چيو. ”ڇو؟؟؟“ منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي قميص جو آڳو مٿي ڪندي صدريءَ جو ڪٽيل حصو ڏيکاريو. ڏسندي، پئسا نڪري ويا تنهنجا!!؟،“ بي ساخته وڏي رڙ نڪري ويم اکيون وات پٽجي ويا ۽ چَپَ ڏندن وچ ۾ اچي ويم. هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ گهري ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. ماضيءَ جي يادن جي گهري سمنڊ ۾ غواص بڻجي غوطا کائيندي، ناپيد ۽ ناياب يادن جا موتي ميڙڻ لڳو ۽ جهٽ کانپوءِ لفظن جي ساٿ سان ٻاهر ساحل تي اچي نڪتو…، ان دور ۾ ماستر کي وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. هرجاءِ هرهنڌ هُو معزز ماڻهو وارو مان مرتبو رکندو هو ۽ هرڪو نِوڙي هٿ ملائيندو هو. هُو هر محفل مجلس جو مور هوندو هو ۽ کيس سيرانديءَ کان ويهاريو ويندو هو. بس لاريءَ ۾ بيٺل ڏسي، ٻيا مسافر کين ويهڻ لاءِ پنهنجون سيٽون آڇيندا هئا. سندس ڳالهه کي ’قرآن ساک‘ برابر ڀانيو ويندو هو. هن جي شخصيت هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هوندي هئي، راڄن جا پاڻ ۾ فيصلا بڙا ۽ خاندانن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ۽ رشتا ناتا به ماستر جي مٿي تي هوندا هئا. مطلب ته معاشري ۾ اهڙو اعليٰ سماجي ۽ اخلاقي اعزاز ٻيو ڪنهن کي به حاصل نه هو، سواءِ ماستر جي! ۽ هاڻي…!!!“ ائين چئي، هيٺ جهنڊ هڻي ڇڏيائين ۽ گهري ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو، ڄڻ ته اڄوڪي ماستر جو معاشري ۾ مان مقام ڏسي، شرمساريءَ وچان، ڪنڌ هيٺ جُهڪي ويو هجيس!

”چوندا آهن، ’ڳالهه ڪجي الله لڳ، لٺ کڻجي ڀاءَ لڳ…!‘“، ٿڌو ڇوڪارو ڀريندي چيم،
”اسان پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو وهايو آهي، پاڻ ئي پنهنجو پٽڪو مٽيءَ ۾ مَلي ڌوڙ ڪيو آهي، اڄ اسان پنهنجو ئي اُپايل فصل، لڻي رهيا آهيون…!!“
صحي ڳالهه آهي، بلڪل صحي!،“ لانگ ورائي سائيڪل تي چڙهندي، جهوني ماستر چيو ۽ پوءِ پل کن ۾ اکين کان اوجهل ٿي ويو.

خالي پيٽ ۽ خالي کيسين، سائيڪل تي چڙهي، ڳوٺ روانو ٿيس. اوچتو ذهن ۾ هڪ خيال، وڻ ويڙهي جيان، وڪوڙي ويم. بدن جون بُڇڪون سيٽجي، سيڙهه جو ڪنڊو بڻجي ويون ۽ جسم پاڻي ۾ ڇل ٿي ويو صفا! اوچتو ڪنن ۾ هڪ آواز اڀريو:

”بابا! منهنجو يونيفارم…؟ بابا! منهنجو ٿيلهو…، بابا! منهنجي چپل…؟ بابا! وو… با…با…“

دماغ تي خيال جو گهرو کوپو چڙهي ويم ۽ ان سوچ ويچار بنا، ذهن تي ٻيو خيال ئي نه رهيو. اکين آڏو ڪارو اونداهه اچي ويو ۽ پنهنجو هٿ ڇڏي، غلط هٿ تي سائيڪل هلائي رهيو هئس، اڳيان ايندڙ گاڏي جو تيز هارن وڳو ۽ مسلسل وڄندو رهيو، جيستائين منهنجي سائيڪل گاڏيءَ سان ٽڪرائجي، روڊ تي وڃي ڪري! تتل روڊ سان منهنجا لِڱ لڳندي، خيال جو خمار ٽٽو ۽ اکين جو انڌوڪار ختم ٿيم. گاڏي مان هڪ ڪارو ٿلهو همراهه لٿو ۽ دوڏا ڦاڙيو ۽ منهن ۾ سُونڊ وجهيو، تکو تکو مون ڏانهن آيو. ٻانهن کان جهلي، زور سان پاڻ ڏانهن سَٽ ڏيندي، ”ڇو!؟ گرمي گهڻي چڙهي وئي ٿي ڇا…!؟“ ٻانهن کي وري ٻيو زوردار جهٽڪو ڏيندي هن پڇيو، ”يا تتو آن سِرَ مان!؟ ته پوءِ ٻئي ڪنهن آڏو وڃي مَرُ، اسان جي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿو پوين هروڀرو!؟“ زوردار جهٽڪن سان، ٻانهن ڄڻ ڪلهي کان نڪري پيم ۽ هاڻي کَلَ تي لڙڪي رهي هجي! هٿ ٻانهون ٻڌي ۽ آزيون نيازيون ڪري، مَس هن کان جان آجي ڪرايم. گاڏيءَ جي ڦيٿن مان چيڪاٽ ڪرائيندي، هُو تيز رفتار ۾ گاڏي ڪاهي هليو ويو. پوءِ پاڻ ڇنڊي، لانگ ورائي سائيڪل تي چڙهيس ۽ تقريباً ٽين بجي گهر پهتس. ڪڙو کڙڪايم. کن رکي، پائل جو ڇمڪو ٿيو ۽ آهستي آهستي ان ۾ اضافو ٿي رهيو هو. گڏوگڏ منهنجي دل جي ڌڙڪن به تيز ٿي رهي هئي! مٿي مان نڪتل پگهر، پيرن جي کڙين کان وڃي نڪتو هو ۽ بيهڻ واري سڄي جاءِ آلي بڻجي وئي هئي. ائين محسوس ٿيم، جاءِ آلي ڄڻ منهنجي پگهر مان نه پر خانزاديءَ ۽ ٻارڙن کان ڳڙيل ڳوڙهن مان ٿي هجي!

خانزادي در کولي، هڪ پُڙ پويان بيهي رهي ۽ اتان سائيڪل ڏانهن ڏسڻ لڳي. در مان سائيڪل ٽپائي، دکاڻي تي پهتس ته در جا ٻئي تاڪ زور سان پاڻ ۾ ملي، ٺڙاڪ ٿي ويا ۽ ڳپل وقت تائين انهن مان ڌوڙ نڪري رهي هئي!

رڌڻي جي پاڇي ۾، سائيڪل کي اسٽينڊ ڏئي بيهاريم ڪمري ڏانهن ايندي، اڃا ٻه قدم مَس کنيم ته ٽئي ٻار ڊوڙندا، ڄنگهن ۾ وچڙي ويا ۽ منهنجي منهن ڏانهن نهاريندي، ”بابا بابا…“ ڪري روئڻ لڳا ۽ ڄنگهن کي پڪڙيندي، اڳتي وڌڻ کان روڪي بيهي رهيا. اکين ۾، موتي جهڙا، ٻه ننڍڙا ڳوڙها اٽڪي بيهي رهيا ۽ ٿڌو شوڪارو ڀريندي،
”منهنجا مالڪ! اسان جي هن هيڻي حال تي رحم ڪر، پنهنجو ڪو ڪرم ڪر، تون ئي والي وارث آهين اسان جو!“ پاڻ سان ڳالهايم.

خانزادي تڪڙي تڪڙي آئي ٻارن کي کنڀڙين کان جهليندي، ”هيڏي اچو، هيڏي مَرو ڦٿڪو…!“ ٻارن کي مون کان پري ڪندي، هن خار مان چيو، ”ڪجهه ڪونه ورندوَ ان مان! هيءُ سدائين سڃو ڀينگو ڪَرڪُ صفا…!“

ٻار ضد ۽ بينڇ ڪندي، اڳتي هلڻ کان نابري واري بيهي رهيا ته هن ٻارن کي زور سان پٺيءَ تي چنبا وهائي ڪڍيا. ٻار ته پوءِ ٻرڙاٽن ۾ پئجي ويا، روئندي روئندي اڀ ساهيءَ ۾ اچي ويا ۽ تتل ڌرتيءَ تي ليٽي ڪري پيا، آسمان ڏانهن ٻئي هٿ کڻندي، ”بس! چوان پنهنجي قسمت کي جو…،“ خدا سان شڪايت ڪندي، خانزاديءَ خار مان چيو، ”هتي اچي اڙيس! ڪهڙي سڃي ڀينگي سان پلئَه پيم…!“

”هوش حواس کان به ڪم وٺ ڪجهه…،“
خانزاديءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيم، ”صبر ڪر، ڌيرج به ڌار ڪجهه!“

”ويلا ويلا بکون ڪاٽي…“ خار ۽ ڪاوڙ مان هن چيو، ”پٿر پيٽ سان ٻڌي ٻڌي، تند سُڪي تيلي بڻجي آ، اڃا به ڌيرج! ڌيرج…!!“

ائين چئي، زور زور سان منهن مٿي تي چنبا هڻندي، روئڻ ۾ شروع ٿي وئي ۽ نير نار ڪري وهي رهيا هئس.

”يقين ڪر، توکي چاهيندو، ڀائيندو ۽ گهڻو گهرندو آهيان، تون ئي دل جي ڌڙڪن آهين…،“
خانزاديءَ کي سمجهائيندي ڌيرج ۽ ڌيمي آواز ۾ چيم، ”پگهار نه ملڻ ڪري وقتي پريشان آهيان ۽ گهر جو سيڌو سامان توڙي ٻارن جا لٽا ڪپڙا اڃا تائين نه وٺي سگهيو آهيان. هونئن به هن معمولي پگهار مان ڀلا ٿئي ڇا ٿو!؟“

اعتماد جي ڪاغذ واري ٻيڙي، جيڪا بي برڪتائي، نااهلي ۽ رشوت جي وهڪري ۾ ڳري کوکلو بڻجي چڪي هئي، کي لفظن جو ونجهه بي سود ۽ بي اثر ثابت ٿيو ۽ ٻڏندڙ ٻيڙي بچائي نه سگهيو.

”پنهون پيءُ! ڪَن کولي ٻڌي ڇڏ اڄ…،“ هٿُ هٿ تي هڻندي ۽ شينهن جيان ڀڀڪندي هن چيو، ”کوٽ غربت تنگي مهانگائي، سڀ اهي مڪر فريب ۽ ٺڳي جا ٺاهه آهن، دغا دوکو ۽ ٻيائي آهن! تو وٽ تنگي آ ته منهنجي سڪ قرب جي! کوٽ اَوٽ آ ته منهنجي لاءِ خلوص پيار جي! تو وٽ ڪمي آ ته منهنجي احساس قدر ۽ قياس جي.......!!“

ائين چئي، پاڻ کڻي ڇڏيئين ۽ کٽ تي منهن ڀَر ليٽندي، ”ڪاٿي ڦاسايوَ مون کي منهنجي مٺڙي امڙ!.... ووپيارا بابا!........“ وڏي آواز ۾ پار ڪڍي روئي رهي هئي. وار وکري سندس منهن ۾ پئجي رهيا هئا ۽ اکيون، سانوڻ مينهن جيان، ٽِمي رهيون هيون. هوڏانهن ٽئي ٻار تتل ڌرتيءَ تي ليٽي، ڏاڪڙ ڪري روئي رهيا هئا.............

ايوب عمراڻي

 

 

 

 

بابِ حاجي ڪيوڙو خان

شهر کان ٿوروئي ٻاهر مين شاهراهه وٽ جتان کان لنڪ روڊ شهر کان باقي دنيا سان جوڙيو ٿي، اتي هڪ خوبصورت ۽ شاندار دروازو تعمير ٿي چڪو هو، ان دروازي کي شهر جي پراڻي سياستدان مرحوم ڪيوڙي خان جي نالي سان منسوب ڪري سندس عوام لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا ڪئي ويئي هئي. اڄ بابِ ڪيوڙو خان جو افتتاح هو.

سڄي شهر جا معزز، واپاري، زميندار، ڪامورا، ٺيڪيدار ۽ حڪمران سياسي پارٽيءَ جا عهديدار اچي گڏ ٿيا هئا، بابِ ڪيوڙو خان جي ڀرسان شاميانا هڻي هڪ خوبصورت جلسي جو اهتمام ڪيو ويو هو. علائقي جو ايم.اين.اي جناب ڌڱاڻو خان ان تقريب جو مک مهمان هو ۽ بابِ ڪيوڙو خان جو افتتاح به سندس ئي مبارڪ هٿن سان ٿيڻو هو. جلسي گاهه ۾ سموريون ڪرسيون ڀريل هيون، ڇو ته جلسي گاهه ۾ ايندڙن لاءِ مانيءَ جو بندوبست به هو، ڪيترائي هاري ناري غريب غربا ۽ پينو فقير ڀت جو ٻڌي جلسي ۾ اچي پهتا هئا، پر انهن جي پهچڻ کان اڳ ڪرسيون معززين سان ڀرجي چڪيون هيون. لاچار ڪُت خلق پيرن ڀر بيهي جلسي جي ڪاروائي ٻڌڻ لڳي. هو جلسي جي تقريرن ٻڌڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا، ڇو ته سندن نظرون ٿورو پري بٺيءَ ڏانهن بار بار  کڄي ٿي ويون، جتي مشهور بورچي لائق ڏنو پنهنجي پٽن سان گڏ ڀت جون ديڳيون رڌي رهيو هو. انهن ديڳين ۾ برياني به هئي ته چاشني به ڪجهه ڪڪڙ جي ٻوڙ جون به هيون جن جي داڳ جي خوشبو هوا جي جهوٽي لڳڻ سان جلسي گاهه ۾ پهتي ٿي ته بکين، بي روزگارن ۽ غريبن جي خالي پيٽ مان ڪرڙاٽ ٿي نڪتا، ڪن جو ته وات پاڻي پئي ٿيو، پر جلسي جو اهتمام ڪرڻ وارا چالاڪ هئا. هنن ماڻهن کي ڀت جو آسرو ڏئي، جلسي ۾ ويهڻ تي مجبور ڪري کين پنهنجون لٻاڙ بازيون ٻڌڻ تي مجبور ڪيو هو، جن کي هن تقريرن جو نالو ڏنو هو.

جيئن ئي جلسو شروع ٿيو ته تر جي ايم.اين.اي عزت مآب جناب ڌڱاڻي خان کي ”بابِ ڪيوڙو خان“ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي. ڌڱاڻو خان مرحوم ڪيوڙي خان سابق ايم.اين.اي جو پڳدار پٽ هو. پڻس جي مرڻ کان پوءِ هن سندس سياسي گادي سنڀالي هئي. حڪمران سياسي پارٽيءَ ۾ هئڻ ڪري کيس اليڪشن کٽڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿي. جيتوڻيڪ هن عوام سان وعدا ته ڪي ٻيا ڪيا هئا، پر انهن کي نڀائڻ بدران شهر کان ٻاهر پڻس جي نالي سان ” بابِ ڪيوڙو خان“ تعمير ڪرائي ائين سمجهيو هئائين ته عوام جا ڄڻ ته سڀ مسئلا حل ٿي ويا! ” بابِ ڪيوڙو خان“ جي هڪ پيل پاڻي تي اسٽين ليس اسٽيل جي پليٽ تي ڪا عبارت لکيل هئي جنهن کي ڳاڙهي ڪپڙي سان ڍڪيو ويو هو. اهو ڪپڙو هٽائي موصوف ايم.اين.اي کي افتتاح ڪرڻو هو، ڌڱاڻو خان جيئن ئي افتتاح واري تختي وٽ پهتو ته سندس چمچن ۽ چاپلوسن هن تي گلاب جي پتين جي ورکا ڪئي ۽ وڏا وڏا نعرا هڻڻ لڳا، ٺيڪيدار شوڪو جيڪو هاڻي شوڪت علي صاحب بڻجي پيو هو، اهو پڻ گدگد پئي ٿيو دل ۾ اهوئي سوچي رهيو هو ته هاڻي کيس ڪنهن وڏي اسڪول جو ٺيڪو ضرور ملندو ۽ پوءِ…

جڏهن ڌڱاڻي خان تختيءَ تان ڳاڙهو ڪپڙو هٽايو ته چاپلوسن جي نعري بازي آسمان ڇهڻ لڳي، ماڻهو هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي افتتاح جو تاريخي منظر ڏسڻ لڳا، ڪيترن ئي ماڻهن تاريخ جو اهم عظيم لمحو پنهنجي وڊيو ڪيمرائن ۽ موبائل فونن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. تختيءَ تان رئيس ڪپڙو هٽايو ته ان تختي تي لکيل عبارت ظاهر ٿي پئي، لکيل هو:

”بسم الله الرحمٰن الرحيم“

افتتاح بابِ حاجي ڪيوڙو خان

بدست مبارڪ عزت مآب جناب ڌڱاڻو خان ايم.اين.اي

تاريخ 27- آگسٽ 2012ع

خرچ ٿيل ڪل لاڳت: ٽيهه لک رپيا -/3000000

ٺيڪيدار: شوڪت علي خان“

افتتاح جي دعا گهرڻ وقت ڌڱاڻي خان ظاهر ۾ هٿ ٻڌي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو پر، سندس کليل اکيون لاڳت واري رقم ”ٽيهه لک رپيا“ تي اٽڪي بيهي رهيون… هي دل ئي دل ۾ ٺيڪيدار شوڪوءَ کي ٻه- ٽي گاريون پٽي ڪڍيون لعنتي وڏو ڪو… آهي، لعنتي دروازي تي ٽي لک رپيا به خرچ نه ڪيا هوندا ۽ ٺيڪو ٽيهن لکن جو کنيو اٿس، سڀ پئسا ڳڙڪائي ويو، هاڻي سندس خير ناهي، ڪرپشن جي الزام ۾ جيل ڏسندو!“

سڀ حاضرين انتظار ڪري رهيا هئا ته رئيس جي دعا پوري ٿئي، پر رئيس دعا وقت دل ئي دل ۾ ٺيڪيدار تي گارين جي برسات لايو بيٺو هو، جڏهن ڪافي وقت گذريو ته سندس سيڪريٽري جاڙي خان کنگهڪار ڪري کيس ڄڻ ته سجاڳ ڪيو، رئيس ڄڻ ته ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿيو. دعا لاءِ مٿي کنيل هٿ منهن تي گهمائي وڏو ساهه کنيائين، تڏهن ٻين ماڻهن به سندس تقليد ڪئي، هڪ همراهه وڏي آواز ۾ چيو ته آمين.

ساڳيو جٿو جڏهن اسٽيج تي پهتو ته تقريرن جو سلسلو شروع ٿي ويو. سڀ کان پهرين حڪمران جماعت جي ضلعي جنرل سيڪريٽري کي تقرير لاءِ سڏيو ويو، اهو جنرل سيڪريٽري ٽڪڻ کٿل، بندرو ۽ بدشڪل همراهه هو. سندس نڪتل پيٽ کيس ماڻهو گهٽ ڪارٽون وڌيڪ ثابت ڪري رهيو هو. پنهنجي خراب پرسنلٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ هن وڏا شهپر رکي ڪمي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر خضاب انهن کي اهڙو ڪارو نڀور ڪري رکيو هو، جو سندس شڪل اڃا به وڌيڪ ڀوائتي ٿي وئي هئي. هن ڊائيس تي اچي جذبات مان هڪ اردو شعر پڙهيو ۽ پوءِ تقرير شروع ڪري ڏنائين. هن چيو:

”مخالفن کي هروڀرو اجايو وهم ٿي پيو آهي ته اسان جي پارٽي ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿي وٺي، اهڙن سماج دشمن عناصرن لاءِ ”بابِ ڪيوڙو خان“ هڪ عظيم مثال آهي، ڇا هي ترقياتي ڪم نه آهي؟ ڇا هن سان عوام کي فائدو نه ٿيندو؟“

هن پنهنجي پروفيشنل ڄاڙي بازيءَ جو پورو پورو استعمال ڪندي ماڻهن جو خوب مٿو چٽيو. خدا خدا ڪري هن پنهنجي تقرير بس ڪئي، ماڻهن سک جو ساهه کنيوئي مس هو جو شهر جي هڪ ٺڙڪو ۽ نام نهاد دانشور کي سڏايو ويو. دانشور شهرن جي دروازن جي اهميت تي تمام عالمانه انداز ۾ ڳالهايو ۽ پوءِ ثابت ڪيو ته هن شهر جي ٻاهران ”بابِ ڪيوڙو خان“ تعمير ڪرائي عوام تي تمام وڏو احسان ڪيو ويو آهي. ”بابِ ڪيوڙو خان“ دراصل ترقيءَ جو دروازو آهي. هاڻي هن شهر ۾ ترقي ۽ خوشحالي ان ئي دروازي کان داخل ٿيندي، جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه سگهندي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا حوالا ڏئي اهو به ثابت ڪيو ته رئيس ڌڱاڻي خان جي شخصيت شهر لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. جيڪڏهن رئيس جهڙيون شخصيتون نه هجن ته عوام يتيم ٿي وڃي، هيءَ سموري پٽاڙ دراصل ان لاءِ پئي ڪيائين جيئن سڀاڻي رئيس وٽ سرخرو ٿي، ان کان پنهنجي پٽ لاءِ ميونسپل ۾ ڀنگيءَ جي نوڪري حاصل ڪري سگهي، هن پٽس کي ميونسپل ۾ ڀنگيءَ جي نوڪري ان لاءِ نٿي وٺي ڏني جو سندن اباڻي ڪِرت ڀنگين واري هئي، پر هن اها نوڪري ان ڪري ٿي ورتي جيئن پٽس ڪاٽن جا اڇا ڪپڙا پائي مفت جو پگهار کڻي! ڪنهن به ننڍڙي ڪم لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪرڻا پوندا آهن. دانشور صاحب به وڏو ڪشالو ڪيو ۽ هڪ بي مقصد، ڪوڙ، خوشامندي ۽ چمچاگيريءَ سان ڀريل تقرير عوام جي مٿي ۾ ٺوڪي رکيائين، بس تڏهن ڪيائين جڏهن ٿڪجي پيو!

ٽين ۽ آخري تقرير محفل جي مور عالي جناب ڌڱاڻي خان ايم.اين.اي ڪئي، جڏهن هو تقرير لاءِ ڊائس تي آيو ته ماڻهن پنهنجي خشڪ نڙين سان اُڀ ڦاڙ نعرا هڻندي سندس آڌرڀاءُ ڪيو، دراصل اهو آڌرڀاءُ گهٽ ۽ شڪرانو گهڻو هو ته شڪر ٿيو ته رئيس جي تقرير کان پوءِ ڀت ته پڪ سان ملي ويندو. رئيس ڌڱاڻو خان جنهن اسيمبليءَ ۾ چونڊجي وڃڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪا ٻڙڪ به نه ڪڇي هئي، جنهنڪري سڀ چوندا هئا ته رئيس پڻس مرحوم تي ويو آهي. ست دفعا اسيمبليءَ ۾ چونڊجي وڃڻ دوران ڪڏهن به نه ڪڇيو. اهڙي ماٺيڻي سياسي شخصيت جو اولاد اڄ ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ ته رسو ڇنائي آيو هو.

سڀ کان پهرين هن پنهنجي وڏن جو ذڪر ڪيو ته انهن انگريزن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪيڏيون نه وڏيون قربانيون ڏنيون هيون، پوءِ پڻس جو ذڪر ڪيائين جنهن عوام جي خدمت ڪندي ڪيتريون ئي کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهايون هيون، جنهن کان پوءِ پنهنجي ارادن جو ذڪر ڪيائين، ته هو مخالفن کي ڪڏهن به  سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندو. هن ان مخالف پارٽيءَ واري شخص کي خوب لويو ۽ گاريون ڏنيون، جنهن سندس خلاف اليڪشن ۾ بيهڻ جي جرئت ڪئي هئي، تقرير وچ ۾ سندس چمچا ۽ چاپلوس نعرا هڻندا رهيا، پر عين ان وقت ماحول ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي، جڏهن ڌڱاڻي صاحب اهو چيو ته:
”بابِ ڪيوڙو خان“ جي تعمير ۾ اگر بي قاعدگي ثابت ٿي ته هو ملوث عناصرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندو!

اهو سڌوسنئون شوڪو ٺيڪيدار ڏانهن ميسيج هو ته تو ” بابِ ڪيوڙو خان“ جي تعمير ۾ بي قاعدگي ڪئي آهي، يعني حصي جي رقم حد جي ايم.اين.اي کي نه پهچائي اٿئي. شوڪو ٺيڪيدار جيڪو اتي آسپاس ۾ موجود هو، ڌڱاڻي خان جو چتاءُ ٻڌي خوف ۾ وٺجي ويو، سندس پيرن مان ڄڻ ته ساهه نڪري ويو هو، پر هن پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيو: ايم.اين.اي صاحب جو حصو ڪڍي رکيو اٿم، اڄ ئي کيس پهچائيندس ته سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي. هن ڏٺو ته ايم.اين.اي صاحب تقرير ختم ڪري کيس ڪاوڙ مان گهوري رهيو آهي. تڏهن ٺيڪيدار شوڪوءَ دل ئي دل ۾ چيو ته ”ڌڱاڻا خان! توهان جو اشارو سمجهان ٿو دل جاءِ ڪر توکي رقم ملي ويندي سا به پورا ٽيهه لک!“

ايم.اين.اي صاحب جي تقرير ختم ٿي ته انائونسر اهو اعلان ڪيو: ”بابا، ننگر تيار آهي، کائي پوءِ وڃجو.“ انائونسر جو اهو اعلان بکي خلق لاءِ ائين هو ڄڻ ڪنهن روزيدار کي روزي کولڻ لاءِ آذان اچڻ جو انتظار هو ۽ خلق ڊوڙي ڀت ڏانهن وئي. ماڻهو ڀت جي ديڳن تي ائين ٽُٽي پيا ڄڻ زندگي ڀر بکيا رهيا هجن ۽ ڪڏهن به هنن ڀت نه ڏٺو هجي، هو پهريون ڀيرو ماني کائي رهيا هجن، جيتوڻيڪ ماني کارائڻ لاءِ ڊيڪوريشن جو پورو بندوبست هو، ڪجهه ڀت جا ٿالهه ٽيبلن تي به لڳايا ويا هئا، پر خلق هڪ مڇريل هجوم جيان ديڳين تي ٽُٽي پئي. هنن ماني لڳڻ جو به انتظار نه ڪيو. هر شخص پاڻ پليٽ کڻي گرم ديڳين مان وڃي ڀت کنيو، ڪيترا ماڻهو هڪٻئي کان ڀت کسڻ جي ڪوشش ۾ ڪِري پيا، هڪ همراهه ته مورڳو ديڳ ۾ ڪِري پيو، گرم ديڳ هن کي ساڙي ڇڏيو هو، ”بچايو بچايو“ جون دانهون ڪندو رهيو، پر ماڻهو پنهنجي پنهنجي بک جي باهه اُجهائڻ ۾ اهڙا ته جنوني بڻجي چڪا هئا جو هنن کي سڙندڙ جون دانهون ٻڌڻ ۾ ئي نه آيون، اها ڇتڪتائي ۽ وٺ وٺان پورو اڌ ڪلاڪ هلي… اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سموريون ديڳيون خالي هيون، انهن ۾ تيار ٿيل کاڌو هاڻي ڪيترن ئي پيٽن ۾ پهچي چڪو هو، پر ڪيترائي پيٽ کاڌي کان سواءِ رهجي ويا، ڇو ته اُن وٺ وٺان ۾ کاڌي جون اڌ کان وڌيڪ پليٽون هاري ضايع ڪيون ويون هيون، ان وقت ڪيترن ئي بکين جو پاڻ ۾ جهيڙو به ٿي پيو. جهيڙي ۾ هنن هڪٻئي کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏنا، هڪٻئي کي پليٽون اُڇلائي هنيائون، اهو تماشو پري کان ايم.اين.اي ڌڱاڻو خان ڏسي خوب محظوظ ٿي رهيو هو. اهو تماشو هلندي سمورا وي.آءِ.پي ٺيڪيدار شوڪوءَ جي نئين ٺهيل بنگلي تي پهتا، جتي انهن لاءِ خاص مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو.

ٺيڪيدار شوڪو ٻن ٽن ٺيڪن کان پوءِ اهڙو شاندار بنگلو ٺهرايو هو جو ڏسندي سڀني جا وات ڪٽلي ٿِي ٿي ويا. بنگلو ڏسي ڌڱاڻو خان اڃا به وڌيڪ باهه ٿي ويو. هن دل ئي دل ۾ سوچيو: ”اسان جي ٻلي ۽ اسان سان ميائو! شوڪو پٽ ڏسجانءِ ته هاڻي ڪيئن ٿو تنهنجي بي قاعدگين جا فائيل کولرايان!“ ٻئي پاسي ٺيڪيدار بچاءَ لاءِ ڌڱاڻي خان کي هڪ اڪيلي ڪمري ۾ وٺي وڃي پنج پنج هزار جي نوٽن واريون ڇهه دستيون خاص قسم جي بريف ڪيس ۾ ڀري ڏنائين، رئيس بريف ڪيس کوليو ته نوٽ ڏسي سندس روح کي وڏي تسڪين آئي، هُو مرڪيو ۽ پوءِ مانيءَ تي ٽُٽي پيو.

ٻئي ڏينهن جيئن ئي رئيس ننڊ مان اُٿيو ته کيس نوڪر ٻڌايو: ”بابا پاڻ وارو بابِ حاجي ڪيوڙو خان چنگچي جي ٽڪر سبب ڪِري پيو، پورا پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڊرائيور اسپتال ۾ مري ويو!“

اهو ٻڌي ڌڱاڻو خان ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ هن شوڪو ٺيڪيدار کي فون ڪئي، کيس تسلي ڏيندي چيائين: ”شوڪو پٽ! مان ويٺو آهيان نه، تنهنجو نالو ڪير به نه وٺندو، بابِ حاجي ڪيوڙو خان لاءِ نئين سر رقم رکرائي، ٺيڪو توکي ئي ڏياريندس، ۽ ها اڄ کان شهر ۾ چنگچي جي هلڻ تي بندش هوندي!“
 

نئون ڪتاب

ڪتاب: سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو

موضوع: تحقيق ۽ تنقيد

ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

قيمت: -/500 رپيا

ڇپائيندڙ: ايڊوانسڊ پبلشرز لاهور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org