سردار احمد سنڌي
شيث
عليھ السلام،
سند بن آدمعليھ
السلام،
ورڻ ديوتا
۽ ويدن جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون
1956ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”آئينه قديم سنڌ“ ۾ شمس الدين
قريشي صاحب، پنهنجي راءِ موجب پهريون پهريون ئي
حضرت شيث عليہ السلام کي ’سنڌ‘ ۽ ’ورڻ‘ لکيو آهي.
2006ع ۾”حضرت سنڌرحه“ ڪتاب ۾ ڄاموٽ
حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب به ”آئينه قديم سنڌ“ جي
تائيد ڪندي، حضرت شيث عليہ السلام کي سنڌ ۽ ورڻ
لکيو آهي. هي صاحب وڌيڪ حضرت شيث عليہ السلام کي
”يجرو ڀڳوان“ به ڪوٺي ٿو ۽ ”يجرويد“ به ان سان
منسوب ڄاڻائي ٿو.
ڪتاب ”آئينه قديم سنڌ“ جي شروع ۾ عرض گذارش ۾ ئي
شمس الدين قريشي صاحب لکيو آهي ته:
”سنڌ جو نالو، حضرت آدم عليہ السلام جي هم شڪل پٽ
حضرت شيث عليہ السلام جو ٻيو نالو آهي،
جنهن کي توريت ”سيت“
جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگويد ”ورڻ“
ڪوٺيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي پاڻي. جنهن ۾ سمنڊ ۽
درياء اچي وڃن ٿا. الله تعاليٰ، حضرت آدم عليہ
السلام جي ان پٽ کي اها عزت بخشي جو زمين خواهه
پاڻي، جتي هو رهيو، سڀ هن جي نالي سان سنڌ ڪوٺجڻ ۾
آيا ۽ الله تعاليٰ آدم عليہ السلام جي ٻين سڀني
پٽن جي نسلن کي فنا ڪري هن جي نسل کي دنيا جي تختي
تي قائم رکيو جو روز قيامت تائين قائم رهندو(1).“
مٿئين بيان ۾ قريشي صاحب موجب حضرت شيث عليہ
السلام جا نالا سنڌ، ورڻ ۽ سيت لکيل آهن جنهن ۾ نه
ڪنهن ثبوت جي لکيل آهي ته سنڌ جو نالو، حضرت آدم
عليہ السلام جي هم شڪل پٽ حضرت شيث عليہ السلام جو
ٻيو نالو آهي. ان کي توريت موجب ”سيت“ ۽ رگويد جو
به فقط نالو لکي، ان کي ”ورڻ“ به ڪوٺيو ويو آهي.
پر حقيقت هن ريت آهي ته، حضرت شيث عليہ السلام جي
قريشيءَ موجب ڄاڻايل نالن مان ان جو ”سيت“ نالو
صحيح ڄاڻايل آهي. جيڪو ”توريت“ يا ”پراڻو عهدنامو“
۾ سيت لکيل آهي. اتي انهن ۾ ”سيت“ کي آدم جو هم
شڪل يعني صورت شبيهه تي ان جهڙو پٽ ڄاڻايو ويو آهي
۽ سيت کي مسلمانن موجب حضرت شيث عليہ السلام ڪوٺيو
وڃي ٿو. باقي ٻيا جيڪي نالا ”سنڌ“ ۽ ”ورڻ“ لکيا
ويا آهن. انهن بابت ڪوبه ٺوس ثبوت نه ٿو ملي، ته
اهي حضرت شيث عليہ السلام جا نالا آهن.
قريشيءَ موجب مٿين بيان ۾ جيڪا انهن شيث عليہ
السلام (سيت)، سنڌ ۽ ورڻ جي معنيٰ پاڻي لکي آهي،
اها به غلط ڄاڻائي ويئي آهي. اصل ۾ شيث عليہ
السلام (سيت)، سنڌ ۽ ورڻ مان ڪنهن به نالي جي
معنيٰ پاڻي نه آهي. اهي ٽئي نالا پنهنجي الڳ الڳ
سڃاڻپ رکن ٿا.
معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت شيث عليہ السلام ۽ سنڌ ٻئي
پاڻ ۾ ڀائر آهن، جيڪي ٻئي حضرت آدم عليہ السلام جا
پٽ آهن ۽ الله تعاليٰ فقط حضرت شيث عليہ السلام جي
نسل کي دنيا جي تختي تي قائم رکيو جو روز قيامت
تائين قائم رهندو. سند (سنڌ) پٽ آدم عليہ السلام
جو ته فقط نالو ئي معلوم ٿئي ٿو پر پوءِ ڪنهن نه
ثابتيءَ جو اهو لکيو ته سند پٽ آدم عليہ السلام
تان سنڌ تي نالو به پيو ۽ ”ورڻ“ بابت معلوم ٿئي
ٿو، ته اهو ڪنهن به انسان ذات جو نالو نه آهي.
رگويد ۾ ذڪر ڪيل ”ورڻ“ اصل ۾ آسمان آهي جيڪو
پاڻيءَ جو ديوتا ڄاڻايو وڃي ٿو. مٿي ڏنل معلومات
جو هيٺ سَنَدَ سان ذڪر ڪيو ويندو.
ڪتاب ”توريت“ جي ”پيدائش“ ۾ لکيل آهي ته:
”جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو ته کيس پنهنجي
صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت
رکيائين. انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو
رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ڌيئرون ڄايون. آدم نو سؤ ٽيهن
سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سيت جڏهن هڪ سؤ پنجن سالن
جو ٿيو ته کيس انوش نالي هڪ پٽ ڄائو. انوش جي ڄمڻ
کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا
ٻار به ڄاوا. سيت نو سؤ ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هي
جهان ڇڏي ويو(2).“
شيث (سيت) جي معنيٰ بابت معلوم ٿئي ٿو ته شيث
(سيت) نالي جي معنيٰ آهي- ”ڏنو آهي“ يا (الله جو
عطا ڪيل). ڪتاب ”توريت“ جي حاشيي ۾ لکيل آهي ته:
”سيت: هن نالي جو اُچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ
سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڏنو
آهي“(3) ۽ ڪتاب ”حضرت سنڌرحه“ ۾ ڄاموٽ
حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب لکيو آهي ته، حضرت آدم جي
ٽئين پٽ جو نانءُ شيث هو. ابن ڪثير جي مطابق شيث
لفظ جي معنيٰ آهي ”الله ڏنو“. ڪن تاريخن موجب ان
جي پيدائش هابيل جي موت بعد ٿي، انڪري کيس (الله
جو عطا ڪيل) سنڌيءَ ۾ الله ڏنو(4).“
حضرت آدم عليہ السلام ابوالبشر آهي. ان کان پوءِ
حضرت نوح عليہ السلام کي ابوالبشر ثاني مڃيو وڃي
ٿو. حضرت نوح عليہ السلام جو سلسلو نسب وڃي حضرت
شيث عليہ السلام سان ملي ٿو. علامه ابن خلدونرحه
(متوفي 808هه) جي تاريخ ڪتاب ثاني جلد اول جي اردو
ترجمي ”سيرت الانبياء“ ۾ مفتي انتظام الله شهابي
لکيو آهي ته:
”هيءَ ڳالهه ته علماءِ نسابين کان متفقه ثابت ٿي
چڪي آهي ته ابوالبشر آدم عليہ السلام آهي ۽ انهيءَ
جي نسل مان نوح عليہ السلام تائين تعمير عالم ۽
عمران ارض ٿيندي رهي ۽ حسب ضرورت انبياءِ مثل شيث
عليہ السلام ۽ ادريس عليہ السلام ۽ حڪمران ٿيندا
رهيا. جڏهن انهن ماڻهن ۾ بُت پرستي، شرڪ، ڪفر ۽
الحاد حد کان وڌي ويو ته حضرت نوح عليہ السلام جن
هيءَ پڙهي:
رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَي الْاَرْضِ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ
دَيَّارًا
(سوره نوح، آيت 26)
حضرت نوح عليہ السلام جي انهيءَ دعا پڙهڻ کانپوءِ
عالمگير طوفان آيو ۽ سواءِ اهل ٻيڙي جي ڪوئي متنفس
ان عذاب کان نه بچيو. جيئن ته اهلِ ڪشتي وارن مان
نه ته پنهنجي بعد ڪائي اولاد رهي ۽ نه انهن مان
توالد ۽ تناسل جو سلسلو هليو. انهيءَ ڪري سڀ اهل
عالم حضرت نوح عليہ السلام جي ئي نسل کان آهن ۽
جناب موصوف ئي ابوالبشر ثاني عالم جو ٿيو. ان جو
حسبِ نسب توريت مقدس و اتفاق نسابين مطابق: نوح
عليہ السلام ابن لامڪ (يالَمڪِ) ابن متوشلخ ابن
اخنوخ (يا اخنوخ يا اسخ يا اخنخ) ابن برد (يا
بيرد) ابن مهلائيل (يا ماهلائيل) ابن قائن (يا
قئين) ابن انوش ابن شيث نبي ابن آدم عليہ وعليٰ
نبينا الصلواة والسلام آهي. نوح عليہ السلام جي ٽن
پٽن: سام، حام ۽ يافث کان تمام امم عالم پيدا ٿي.
يافث وڏو، حام ننڍو، سام وچون هو(5).“
علامه جلال الدين سيوطيرحه (متوفي:
911هه) جي ڪتاب ”الاتقان في علوم القرآن“ جي روايت
هيٺ نقل ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ حضرت آدم عليہ السلام
جي پٽن ۽ ڌيئرن جا نالا
معلوم ٿين ٿا. جن ۾ سند (سنڌ) ۽ شيث
عليہ السلام (سيت) به پاڻ ۾ ڀائر معلوم ٿين ٿا.
مون اڳ به اها روايت پنهنجن مضمونن ”سنڌوماٿري جي
سڃاڻپ جو بحث“ (17- مارچ 1999ع روزانه عوامي آواز
ڪراچي) ۽ ””سنڌ“
۽ ”سنڌو“ جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون“ (15- مئي
2004ع پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ حيدرآباد) ۾ نقل
ڪئي آهي. علامه جلال الدين سيوطيرحه
لکيو آهي ته:
”ابن اسحاق چيو آهي، آدم عليہ السلام جي صلبي
اولاد چاليهه هئي ۽ اهي ويهه بطون ۾ پيدا ٿيا هئا،
هرهڪ بطن (حمل) ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت پيدا ٿيا ۽ آدم
عليہ السلام جي پٽن مان قابيل، هابيل، اَباد،
شبواة، هند، صرابيس، فخور، سَند، بارق، شيث عليہ
السلام، عبدالمغيث، عبدالحارث، ود، سواع، يغوث،
يعوق ۽ نسرجا ۽ سندس ڌيئرن مان اقلما، اشوف،
جزورة، عزورا ۽ اُم المغيث جا نالا معلوم ٿيا
آهن(6).“
ابن اسحاق (متوفي: 150هه) جي روايت آيل تفسير
”الاتقان في علوم القرآن“ جي مٿينءَ قديم روايت جي
موجودگيءَ ۾ ڪوبه حقيقت کي مڃڻ وارو منهنجي خيال ۾
ته ”آئينه قديم سنڌ“ جي بيان کي ان تي ترجيح ڏئي
بيان نه ڪندو ته حضرت شيث عليہ السلام جو ٻيو نالو
’سنڌ‘ آهي پر پوءِ به افسوس آهي ته ڪي ڄاڻي واڻي
”آئينه قديم سنڌ“ جي تائيد ڪندي حضرت شيث عليہ
السلام کي ’سنڌ‘ ڪوٺن ٿا. انهن ۾ اول نالو ڄاموٽ
حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب جو آهي. انهيءَ دوست جو
اهو حال آهي ته هن منهنجي مضمون ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي
سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون“ ۾ سيوطيءَ جي روايت موجب
حضرت شيث عليہ السلام ۽ ”سند“ کي هڪ ٻئي جو ڀاءُ
پڙهندي پوءِ به هو منجهيل ئي رهيو آهي. هن پوءِ ئي
لکيل پنهنجي ڪتاب ”حضرت سنڌرحه“ ۾
ڪيترن هنڌن تي حضرت شيث عليہ السلام کي ’سنڌ‘ لکيو
آهي. پوءِ به صاحب موصوف انهيءَ ڪتاب ۾ ”آئينه
قديم سنڌ“ جي بيان ۽ مون پاران نقل ڪيل سيوطيءَ جي
روايت واري منهنجي بيان تي هن ريت اظهار ڪيو آهي
ته:
”مٿين ٻن روايتن تي پنهنجي راءِ ۽ حتمي فيصلو ڏيڻ
في الحال ممڪن ڪين آهي جو ان سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق ۽
حوالن جي ضرورت آهي، اهو ڪم ۽ بحث ايندڙ وقت جي
محققن تي ڇڏجي ٿو. تنهن هوندي به ان ڳالهه جي
وضاحت ڪبي ته جناب شمس الدين قريشي ”آئينه قديم
سنڌ“ جي مصنف جا ان ڏس ۾ ڪهڙا ماخذات آهن، سو سندس
لکت مان واضح ڪين آهن پر جناب سردار احمد چنا سنڌي
پنهنجي بيان کي علامه جلال الدين سيوطيرحه
جي ڪتاب ”الاتقان في علوم القرآن“ جي حوالي سان
روايت کي پڌرو ڪيو آهي ته حضرت آدم عليہ السلام جا
حضرت شيث عليہ السلام ۽ حضرت سنڌ ٻه علحده پٽ
آهن(7).“
چاچڙ صاحب جي انهيءَ مٿئين راءِ ۾ معلوم ٿيو ته
”آئينه قديم سنڌ“ ۾ جو بيان قياسي آهي. ڇو جو سندس
لکت جو ڪوبه ماخذات واضح ڪين آهي. يعني اهو حضرت
شيث
عليہ السلام کي سنڌ ڄاڻڻ وارو رايو خود شمس الدين
قريشيءَ جوئي جُڙيل آهي پر چاچڙ صاحب انهيءَ
پنهنجي راءِ هوندي پوءِ به افسوس ته نه ڪنهن ثبوت
جي ڄاڻي واڻي حضرت شيث عليہ السلام کي ”سنڌ“ لکيو
آهي. هن وڌيڪ حضرت شيث عليہ السلام کي ”يجرو
ڀڳوان“ به لکيو آهي ۽ ”يجرويد“ به ان سان منسوب
ڄاڻائي ٿو. ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب لکيو
آهي ته:
”هندي ٻوليءَ ۾ حضرت شيث عليہ السلام کي ”يجرو
ڀڳوان“ سڏيو ويو آهي. ان ڏس ۾ وضاحت ڪندي آريه
ڊاڪٽر لعل بخش نائچ سنڌي صاحب لکي ٿو: ”ويدن تي
جيڪي نانءَ رکيا ويا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ ۾
انبيائن جي نالن سان منسوب آهن جنهن ۾ انبياء جي
دؤر ۾ جيڪي ڪجهه لٿو، وهيو واپريو، انهيءَ جو
احوال درج آهي. جنهن مان ”رگ ويد“ حضرت آدم عليہ
السلام سان، ”يجرويد“ حضرت شيث عليہ السلام سان،
”سام ويد“ حضرت سام عليہ السلام سان، ”اٿرويد“
حضرت اسماعيل عليہ السلام سان منسوب نالا آهن(8).“
۽ چاچڙ صاحب لکيو آهي ته: ”جيئن ته حضرت شيث عربي
۾، شيت عبراني ۾، يجرو ڀڳوان يا (گندم گون) هندي
۾، حضرت سنڌ جو ٻيو نالو آهي(9).“
ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب جي ڄاڻايل مٿين
بيانن موجب لکيل آهي ته هنديءَ ۾ حضرت شيث عليہ
السلام جو نالو يجرو ڀڳوان يا (گندم گون) آهي، پر
چاچڙ صاحب انهيءَ بابت ڪوبه ثبوت يا سَنَدَ نه ٿو
ڄاڻائي ته ڪنهن حضرت شيث عليہ السلام کي يجرو
ڀڳوان يا گندم گون سڏيو آهي ۽ هن فقط اهو ڄاڻايو
آهي ته آريه ڊاڪٽر لعل بخش نائچ سنڌي صاحب لکيو
آهي ته: ”يجرويد“
حضرت شيث عليہ السلام سان منسوب آهي ۽ هن ٻين ويدن
جي بابت به لکيو آهي ته ”رگ ويد“ حضرت آدم عليہ
السلام سان، ”سام ويد“ حضرت سام عليہ السلام سان ۽
”اٿرويد“ حضرت اسماعيل عليہ السلام سان منسوب آهن
پر ويدن جي ڄاڻن ۽ مڃڻ وارن موجب ٻي روايت معلوم
ٿئي ٿي.
سوامي ديانند سرسوتيءَ جي ڪتاب: ”رگ ويد ايڪ
مطالعه“ ۾ لکيل آهي ته:
”ويد چار الهامي ڪتاب آهن. جن جو علم دنيا جي شروع
۾ چئن رشين جي دل ۾ ظاهر ٿيو هو. انهن جا نالا هي
آهن: (1) رگويد، (2) يجرويد، (3) سام ويد، (4)
اٿرويد(10)“. رشين جا نالا هن ريت ڄاڻايل آهن-
اگني، وايو، آدتيه ۽ انگرس(11)، وڌيڪ لکيل آهي ته،
هي (اگني وغيره) دنيا جي شروع ۾ جسم وارا انسان
ٿيا آهن(12)- ”شتپٿ براهمڻ“ جي حوالي سان لکيل آهي
ته ”اگني مان رگ ويد، وايو مان يجر ويد ۽ سوريه
(روي يا آدتيه) مان سام ويد ظاهر ٿيا(13).“
معلوم ٿئي ٿو ته ويدن جي تعليم ويدن جي رشين کان
برهما کي ملي پر ڪي برهما وياس وغيره کي ويدن جو
مصنف چون ٿا. ويدن جي عالم سوامي ديانند سرسوتيءَ
لکيو آهي ته:
معلوم ٿئي ٿو ته ويدن جي تعليم ويدن جي رشين کان
برهما کي ملي پر ڪي برهما وياس وغيره کي ويدن جو
مصنف چون ٿا. ويدن جي عالم سوامي ديانند سرسوتيءَ
لکيو آهي ته:
ڏيپچندر بيلاڻي جي ڪتاب ”ويد پرڪاش“
جي مهاڳ ۾ پرنسيپال ڪنعيا لعل ايم تلريجا به لکيو
آهي ته:
”ويدن جو ايشوري گيان چئن رشين اگني، وايو، آدتيه
۽ انگرا کي پراپت ٿيو، جن وري اها ديو واڻي برهما
کي ڏني(16).“
مٿين ويدن جي ڄاڻن، مڃڻ وارن موجب معلوم ٿيو، ته
اصل ۾ ”ويد“ ڪنهن ڪنهن ڏانهن منسوب آهن جنهنڪري
حضرت شيث عليہ السلام سان يجرويد کي منسوب ڪرڻ
وارو اهو رايو يا ٻين ويدن کي به ڊاڪٽر لعل بخش
نائچ سنڌي صاحب موجب منسوب ڪرڻ وارو رايو، هڪ نئون
خيال بلڪه غلط رايوئي سمجهڻ گهرجي.
مٿي علامه جلال الدين سيوطيرحه جي ڪتاب
”الاتقان في علوم القرآن“ موجب ابن اسحاق جي روايت
۾ سند ۽ هند جا نالا آدم عليہ السلام جي پٽن ۾
ڄاڻايل آهن، پر اتي ته سند ۽ هند نالن تان سنڌ ۽
هند علائقن تي نالن پوڻ جو ذڪر نه ٿو معلوم ٿئي.
فقط انهن جا نالا معلوم ٿين ٿا. پر پوءِ ابوالسراج
محمد طفيل احمد ٺٽوي جي ڪتاب ”تحفة الزائرين“ ۾
سنڌ ۽ هند جي نالن تان سنڌ ۽ هند جي علائقن تي
نالن پئجي وڃڻ جو ذڪر به معلوم ٿئي ٿو. هن لکيو
آهي ته:
”محدث جليل حضرت علامه جلال الدين سيوطيءَ تفسير
’اتقان‘ ۾ تحقيق ڪئي آهي، جنهن هن طرح تحرير ڪيو
آهي ته حضرت آدم عليہ السلام جي اولاد ۾ منجمله
ٻين صاحبزادن جي سنڌ ۽ هند به هئا جو انهن علائقن
۾ آباد ٿيا هئا، اهڙي ريت انهن علائقن جا نالا سنڌ
۽ هند پئجي ويا(17).“
ابوالسراج محمد طفيل احمد ٺٽوي پنهنجي مٿين بيان ۾
نه ڪنهن ثابتيءَ جي رڳو سيوطيءَ جو نالو استعمال
ڪري تفسير ”اتقان“ جو ذڪر ڪندي سيوطيءَ جي تحقيق
ڪيل ڄاڻائي ٿو ته آدم عليہ السلام جي صاحبزادن سنڌ
۽ هند تان سنڌ ۽ هند علائقن تي نالا پئجي ويا، پر
منهنجي خيال ۾ ته اهو سند ۽ هند علائقن تي آدم
عليہ السلام جي پٽن سند ۽ هند تان نالن پوڻ جو ذڪر
خود ابوالسراج جوئي ڪيل لڳي ٿو ۽ انهيءَ کي
ابوالسراج (سيت) ۽ ”سند“ جي الڳ الڳ سڃاڻپ تي
روشني وڌي ويئي آهي.
هاڻي حضرت شيث عليہ السلام کي ورڻ ڄاڻڻ جي غلطي ۽
”ورڻ“ جي اصل حقيقت کي بيان ڪيو ويندو. چاچڙ صاحب
ڪتاب ”حضرت سنڌرحه“ جي باب-8 جي عنوان
”حضرت سنڌرحه جي شخصيت کي نظرانداز
ڪندڙ مؤرخن، عالمن جو احتساب“ ۾ ڀيرومل مهرچند
آڏواڻيءَ جي نشاندهي ڪندي ان جو ذڪر به ڪيو آهي ۽
اتي ئي چاچڙ صاحب ڪتاب ”آئينه قديم سنڌ“ جي قياسي
رايي موجب حضرت شيث عليہ السلام کي سنڌ ۽ ورڻ به
سمجهي ٿو. ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب لکيو آهي
ته:
”قديم سنڌ“ جي ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سنڌ لفظ
کي حضرت انسان مان ڪڍي سنڌونديءَ ۽ ”سيند“ سان
سلهاڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. هن صاحب اهڙو رايو
پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين انگريز ليکڪن جي تقليد طور
ڏنو آهي ۽ پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”شيم
(سام) هئم (حام) نالن سان سنڌ ۽ هند نالن جو ڪوبه
لاڳاپو آهي ئي ڪونه، ته به اهو هُل پيو ته اهي
حضرت نوح عليہ السلام جي پٽن جا نالا آهن، اهي هُل
عربستان تائين پهچي ويا.“ (قديم سنڌ، ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي، ص 42-43)(18) چاچڙ صاحب لکيو آهي
ته، جيتريقدر ڀيرومل جي سنڌ جي معنيٰ حوالي سان
تعلق آهي. ”سيند“ معنيٰ وهڻ سو سراسر غلط ۽ بي
بنياد آهي. ڇاڪاڻ ته لفظ ”سيد“ خالص عربي لفظ آهي
جنهن جي معنيٰ آهي هم شڪل، الله ڏنو، ڌڻي بخش جنهن
کي توريت ”سيت“ جي نالي سان سڏيو آهي. ”رگويد“ هن
کي ورڻ ڪوٺيو آهي، ان موجب معنيٰ آهي- پاڻي. اسان
ڀيرومل جي مذڪوره حوالي کي ”آئينه قديم سنڌ“ جي
ليکڪ شمس الدين قريشي سنڌي جي حوالي سان هيٺئين
ريت رد ڪنداسين. هو صاحب لکي ٿو: ”سنڌ جو نالو
حضرت آدم عليہ السلام جي هم شڪل پٽ حضرت شيث عليہ
السلام جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي توريت/بائيبل
”سيت“ جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگويد ”ورڻ“ ڪوٺيو
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، پاڻي. جنهن ۾ سمنڊ ۽
درياءَ اچي وڃن ٿا. الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ
السلام جي انهيءَ پٽ کي اها عزت بخشي جو زمين
خواهه پاڻي جتي هو رهيو، سڀ هن جي نالي سان ”سنڌ“
ڪوٺجڻ ۾ آيا. (آئينه قديم سنڌ: 19-1956ع، شمس
الدين قريشي سنڌي. آر.ايڇ احمد پبلشر حيدرآباد ص
1).
مون ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتن ۾
سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو ’سنڌ‘ نالي بابت
اهو غلط رايو ڄاڻايو اٿم، جنهن ۾ هن ’سنڌ‘ ۽ ’هند‘
نالن جي وجود کي ئي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
۽ مون اتي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي رايي کي ظاهر ڪري رد
ڪيو آهي، لکيو آهي ته:
”هند ۽ سنڌ نالي شخصن جو ذڪر اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي
۽ اسلام جي مشهور قديم نامور مؤرخن به سنڌ ۽ هند
نالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر انگريزي دؤر کان وٺي
ڪيترائي مؤرخ روايتن جي صحيح ڄاڻ نه هوندي، اڄ
تائين بحث ۾ آهن ۽ سندن جو چوڻ آهي ته سنڌ تي نالو
سنڌونديءَ تان پيو. انهن مؤرخن مان سرڳواسي ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي به لکيو آهي ته عيسوي سترهين ۽
ارڙهين صديءَ ۾ ڪن يورپي لوڪن ٻولين ۽ تاريخ جي
کوجنائون بنهه اونڌي نموني پئي ڪيون ۽ بيهودا هُلَ
پئي اُٿاريائون ته ڪن پارسي تاريخ نويسن به اُهي
هل سچا سمجهي پنهنجن ڪتابن ۾ ڄاڻايا ته سنڌ ۽ هند
حضرت نوح عليہ السلام جي اولاد جا نالا آهن. پوءِ
وڌيڪ کوجنائن سان ثابت ٿيو ته اهي من گهڙت ڳالهيون
هيون. (ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“، ص 38).
ٻئي هنڌ لکي ٿو ته اهي هُلَ عربستان تائين پهچي
ويا، مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته سيد علي شير
قانع ٺٽي وارو ڪنهن وقت حج ڪرڻ ويو يا ٻيو ڪو حج
ڪري موٽيو ۽ اهو هُل اُتان ٻڌي آيو، تنهن کان پوءِ
اها ڳالهه سيد علي شير پنهنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“
۾ لکي، جو سن 1187هجري بمطابق 1772ع ۾ لکيو
(ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“، ص 34).
سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“ نالي
ڪتاب ۾ سنڌ بابت ڪافي معلومات ڏني آهي، پر ”سنڌ“
نالي بابت سندس کوجنا ۽ تنقيد جو اهو حال آهي ته
اسلام جي قديم نامور مؤرخن ابن جرير الطبريرحه،
علامه خلدونرحه ۽ علامه جلال الدين
سيوطيرحه جهڙن نامور مؤرخن جي روايتن
جي ڄاڻ نه هوندي. هند ۽ سنڌ نالن جو ذڪر هروڀرو
سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ جي يورپين ڏي منسوب
ڪري، هند ۽ سنڌ نالن بابت قديم روايتن هوندي به هٿ
ٺوڪيا ۽ غلط لفظ استعمال ڪندي سنڌ ۽ هند نالن جي
وجود کي ئي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر مٿي
سنڌ نالي بابت سَنَدَ سان روايتون نقل ڪيون ويون
آهن جنهنڪري هاڻي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي غلط راءِ کي
ڪوبه وزن نه ڏيڻ گهرجي(20).“
مٿي علامه جلال الدين سيوطيرحه (متوفي:
911هه) جي روايت موجب ”سند“ نالي پهريون شخص حضرت
آدم
عليہ السلام جو پٽ
ڄاڻايو ويو ۽ سنڌ نالي ٻئي شخص بابت ابن جرير
الطبريرحه (متوفي: 310هه) ۽ علامه ابن
خلدونرحه (متوفي: 808هه) وغيره جون
مختلف روايتون ملن ٿيون. انهن ۾ ان جو سلسلو نسب
حام بن نوح
عليہ السلام ۽ سام بن نوح
عليہ السلام منجهان
ڏيکاريو ويو آهي. مون انهن روايتن مان سام وارين
روايتن کي وڌيڪ صحيح چيو اٿم. اتي ان سنڌ نالي ٻئي
شخص کي ”سنڌي سماٽ“ جو مورث اعليٰ به سڏيو آهي.
اهڙو ذڪر پنهنجي مضمون ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي سڃاڻپ
بابت ڪجهه حقيقتن ۾ ڪيو اٿم.
ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي صاحب، مٿي ڄاڻايل منهنجي
ڀيرومل آڏواڻيءَ تي لکيل تنقيد تي ڪتاب ”حضرت سنڌرحه“
۾ پنهنجي خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
”حقيقت ۾ ڪاڪي ڀيرومل تاريخي تدبر بجاءِ حضرت سنڌرحه
۽ هندرحه کي مذهبي ڪٽرپڻي واريءَ عينڪ
۽ انداز سان ڏٺو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن مؤرخ کي
ائين جڳائي نه ٿي. ڀيرومل پنهنجي مفروضن کي حرف
آخر سمجهي جنهن راءِ جو اظهار ڪيو آهي ڄڻ ته اهو
پٿر تي ليڪ آهي. جڏهن ته تاريخ ۾ ڪابه تحقيق حرف
آخر نه هوندي آهي. دؤر حاضر جي ليکڪن جي تنقيد ان
مٿان جائز ٺهي ٿي. ان ڏس ۾ راقم جناب سردار احمد
سنڌيءَ جي ان ڀرپور تنقيد جي تائيد ڪندي کيس
صحتمند قرار ڏيئي ٿو. حضرت سنڌرحه جي
جليل القدر شخصيت کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪندڙ
مؤرخن، محققن ۽ عالمن جو احتساب، جنهن ريت سرڳواسي
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو ٿيو آهي، اهڙو مثال ڪنهن
ٻئي لاءِ نٿو ملي. تاريخ جي احتساب کان ڪنهن وقت
ڪوبه بچي نٿو سگهي(21).“
”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ بابت محقق دين محمد ڪلهوڙي صاحب جو
رايو به سامهون اچي ٿو. هن صاحب ڪاڪي ڀيرومل
مهرچند ۽ پروفيسر مئڪس ملر جي راين کي رد ڪيو آهي.
هن صاحب ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ لفظن جو ڌاتو
(Root)
’ند‘
ڪڍيو آهي، جنهن جي معنيٰ ”طرف“ ٻڌائي ٿو. هو ”دادو
ضلعو: هڪ اڀياس“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب: ’سنڌو‘/
’سنڌ‘ لفظن جو بنياد، سنسڪرت جو لفظ ”ند“ آهي،
جنهن جي معنيٰ اهي ”طرف“، ۽ ’س‘ اُن جي اڳياڙي
(Prefix) آهي، ”ند“
جي اڳيان ’س‘ ۽ پٺيان ’و‘ اضافي صورتن ملائڻ سان
لفظ ٺهيو- ”سنڌو“ جنهن جي معنيٰ نڪري ٿي، ’سامهون
(طرف) وارو درياء‘. جڏهن قديم آريا درياء ڏيئي سنڌ
۾ گهڙيا هئا، تڏهن هنن درياء جي ٻنهي ڪنارن تي
آباد دراوڙي لوڪن کي ”سندي“ ۽ سندن ملڪ کي ”سند“
سڏيو، ڇاڪاڻ ته دراوڙن جو هيءُ ملڪ، هنن (آرين) کي
سامهون واري طرف کان ٿي نظر آيو. اهڙي ريت هيءُ
درياء منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ
”سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان کان اڳ هيءُ
مهان درياء ڪهڙي نالي سان مشهور هو، سا ثابتي اڃا
تائين نه پئجي سگهي آهي. (مقدمو، ص- ٽ)“
ڪلهوڙو صاحب پنهنجي راءِ ۾ خود منجهيل نظر اچي ٿو،
ڇو ته هو هڪ ٻئي مضمون ۾ ”ند“ جي معنيٰ ’پاڻي‘
ٻڌائي ٿو هو لکي ٿو ته ”سنڌي زبان ۾ ”نون“ هڪ اهڙو
آواز/اکر آهي، جيڪو ڪن مخصوص لفظن اڳيان ايندو ته
اُن جي معنيٰ ”پاڻي“ نڪرندي. مثال طور: ناءُ، نئه،
ندي، نادي، نائکو، نائڪو، نائڪ، نئڪاري، نڪ، نل،
نلڪو، نيسر، ندي، نير، نيڪر وغيره. هي اهڙا لفظ
آهن، جن مان پاڻي يا وهڪري جو مطلب نڪري ٿو (دادو
ضلعو: هڪ اڀياس)، ڪلهوڙو صاحب مٿي پنهنجي راءِ ۾
’ند‘ کي طرف سڏيو آهي ۽ هن مضمون ۾ ”ند“ مان
پاڻيءَ جو مفهوم ٿو ڪڍي، گويا هو ڪاڪي ڀيرومل جي
راءِ کي صحيح قرار ڏيئي ٿو.
اصل ۾ ”چنڊ“ نالي کي عربيءَ ۾ ”سند“
ڪوٺيو ويو آهي. اهو ذڪر مون ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي
سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون ۾ ڄاڻايو اٿم. اهو چنڊ
(سند) نالي شخص ويدن واري زماني کان به اڳ ٿي
گذريو آهي. جنهن کي ’چندر‘ ۽ ’سوم‘ به چيو ويندو
آهي. ”سند“ کي آڳاٽي زماني کان وٺي ملي ٿو. هاڻي
موجوده زماني ۾ ئي سرڪاري طور ”سند“ کي
”سنڌ“ ڪيو ويو آهي. يعني جڏهن آصف علي زرداري ملڪ
جو صدر هو ۽ وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه، ته
انهيءَ دوران سنڌ اسيمبلي ۾ اهو منظور ڪيو ويو ته
اڳتي سند (SIND)
کي پويان
H لڳائي سرڪاري طور
سنڌ (SINDH)
لکيو ويندو. اڳ جي عربي مؤرخن موجب ”سند“ يا
”السند“ ڪوٺيو ويو آهي. علامه جلال الدين سيوطيرحه
”سند“ نالو حضرت آدم
عليہ السلام جي پٽن ۾ ڄاڻايو آهي. جيڪو مٿي ڄاڻايو
ويو آهي. ٻين عربي مؤرخن کان ”السند“ جو نالو به
معلوم ٿئي ٿو. اهو ”السند“
اصل ۾ خاص سنڌ آهي. جنهن جو نسب ”حام“ يا
”سام“ منجهان ڄاڻايو اٿن. جيڪو ”چنڊ ديوتا“ آهي.
اهو سنڌو (سنڌي ماڻهن) يعني آرين جو مورث اعليٰ
آهي. انهيءَ چنڊ يا چنڊ ديوتا کي عراق جي اڪادين ۽
بابلين جي دؤر ۾ ”سن“ چيو ويندو هو. ”سن“ نالي جو
نعم البدل ”چن“ نالو آهي. ”چن“ جي معنيٰ آهي ”چنا“
۽ ”چنا“ جي معنيٰ ”چن“ آهي. چن ئي شن به آهي. انهن
سن، چن ۽ شن مان ٻيا به ڪيترائي لفظ جُڙيا آهن.
جيڪي مختلف صورتن جو ذڪر ڪيو ويو. انهن جو سَنَدَ
سان ذڪر ٻئي مضمون ۾ الڳ ڪيو ويندو. ڇو جو سنڌ
نالي ٻئي شخص جي ذڪر جو تعلق هن مضمون سان نه آهي.
هتي هڪ ڳالهه واضح ڪريان ٿو ته ڪنهن به مؤرخ کان
ڪابه غلطي ٿي سگهي ٿي پر اهو مؤرخ مڪمل غلط نه
هوندو آهي. انهيءَ ڪري مون کي جيڪي جنهن جون
ڳالهيون صحيح معلوم ٿيون آهن، اهي انهن موجب
ڄاڻايون ويون آهن ۽ جيڪي غلط محسوس ٿيون آهن ته
انهن کي سَنَدَ سان غلط ثابت ڪيو اٿم. انهيءَ ڪري
مون ليکڪن جي ڪن ڳالهين جي تائيد ته ڪن ۾ انهن تي
تنقيد به ڪئي اٿم. تنهنڪري چاچڙ صاحب جي قريشيءَ
موجب شيث
عليہ السلام کي ورڻ
ڄاڻڻ جي غلطي جو ذڪر به ڪيو ويو آهي ۽ ”ورڻ“ جي
حقيقت کي سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي موجب هيٺ
ڄاڻايو ويندو. سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ
”ورڻ“ بابت جيڪا معلومات ڏني آهي، اها ثابتين سان
بيان ڪيل آهي پر ورڻ جي انهيءَ حقيقت کي محترم
چاچڙ صاحب نه سمجهندي هروڀرو شمس الدين قريشي صاحب
جي قياسي رايي جي تائيد ڪئي آهي جيڪا چاچڙ صاحب جي
غلطي آهي. چاچڙ صاحب نه ڪنهن ثابتي جي ڀيرومل تي
اجائي تنقيد ڪندي هن کي پنهنجي نظريي تي پاڻي
ڦيريندڙ به ڪوٺي ٿو پر حقيقت ۾ ائين نه آهي، چاچڙ
صاحب لکيو آهي ته:
”ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”ورڻ“
جي معنيٰ ڍڪيندڙ ڪڍي آهي. جڏهن ته ميان شمس الدين
ورڻ جي معنيٰ پاڻي ڪڍي آهي، پر اڳتي هلي پنهنجي
نظريي تي پاڻي ڦيريندي ”ورڻ“ جي معنيٰ ۾ لکي ٿو:
”هن وقت هندو ماڻهو ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا
ڪري ليکين ٿا. (قديم سنڌ، ص 65)(22).“
سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ رگ ويد، يوناني
شاعر هومر (اٺين8، صدي ق.م) ۽ موجب ”ورڻ“ کي آڪاس
يا آسمان يعني ڌرتيءَ جو مڙس ۽ پاڻيءَ جو ديوتا
ڪوٺي، ان کي سمنڊ توڙي ندين جو ديوتا ۽ آڪاس جو
مکيه ديوتا ”ڍڪيندڙ“ڄاڻائي ٿو ۽ آڪاس يا آسمان کي
پيءُ ۽ ڌرتيءَ کي ماءُ ڄاڻائي ٿو، لکيو آهي ته:
”ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڏندڪٿائن جي اڀياس مان يورپي
عالمن کي سگهوئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته اهي
ڏندڪٿائون ڪن حقيقتن تان ٺهيل آهن ۽ بي بنياد
ڪينهن. انهن حقيقتن سمجهڻ لاءِ ضرور ڄاتائون ته
اول اهي ڏندڪٿائون سڀني ڌرمي پستڪن مان ڪڍي ڪٺيون
ڪجن، ته پوءِ پوريءَ ريت ڀيٽ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو
پچو مطلب سمجهڻ سولو ٿئي. بس پوءِ ته گهٽايائون ئي
ڪين. هن وقت تائين هندن جي ويدن، اتهاسن، ۽ پراڻن
مان، ايران، بئبلونيا، اسيريا، مصر ۽ يورپ جي
يوناني، رومن، ڪيلٽڪ ۽ ٻين قومن جي ڌرمي پستڪن مان
ڏندڪٿائون ڪڍي ڇاپائي پڌريون ڪيون اٿن. انهن مان
ڪيترا تاريخي احوال ڪڍي، جدا جدا ملڪن جون تاريخون
جوڙيون اٿن. بلڪ دنيا جي تاريخ به لکي اٿن. اهي سڀ
تاريخون ويجهڙائيءَ ۾ هنن کوجنائن کان پوءِ ٺاهيون
اٿن، نه ته اڳي ڪين هيون. انهن کوجنائن مان هڪ
مکيه ڳالهه هيءَ ظاهر ٿي ته ڪيتريون ڏندڪٿائون بلڪ
ديوتائن جا نالا جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا
پارسين جي ”زند اوستا“ ۽ رومن ۽ يوناني لوڪن جي
ڏندڪٿائن ۾ مثلاً رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته
آڳاٽا آريه لوڪ آڪاس يا آسمان کي ”پتا“ (پيءُ) ۽
پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي ”ماتا“ (ماءُ) ڪوٺيندا هئا.
آڪاس کي سڏيندا هئا ”ديوس پتر“ (=Dyus-
Pitra ابو آڪاس) جنهن
جو اُچار لئٽن ٻوليءَ ۾ آهي ”جوپيٽر“ (Ju-Piter)
۽ هينئر معنيٰ اٿس مشتري يا ورهسپت ديوتا.
”جوپيٽر“ جو منڍ وارو ”جو“ جو اُچار يورپي لوڪن
ڦيرائي ”ٽيو“
(Tu) به ڪيو، جنهن
مان انگريزي لفظ ”ٽيوز ڊي“ (Tuse Day
منگل) ٺهيو. سنسڪرت ”ديوس“ جو اُچار يونانين ڦيري
”زيئوس“ (Zeus)
ڪيو ۽ اهو هڪ وڏو ديوتا ڪري ليکيندا هئا. رگ ويد ۾
آڪاس جي مکيه ديوتا جو نالو ”ورڻ“
ڄاڻايل آهي. جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڍڪيندڙ“
(”ور“ vri
معنيٰ ڍڪڻ). سموريءَ ڌرتيءَ ۽ جبلن، ندين، ساگرن
(سمنڊن) ۽ مها ساگرن (وڏن سمنڊن Oceans)
کي آڪاس مٿان ڍڪي بيٺو آهي. تنهنڪري آڪاس جي ديوتا
تي اهو ”ورڻ“
(ڍڪيندڙ)
نالو رکيائون. هن وقت هندو ماڻهو ورڻ ديوتا کي
پاڻيءَ جو ديوتا ڪري ليکين ٿا، پر رگ ويد واري
زماني ۾ ورڻ ديوتا جو وڏو واسطو تارن ڀريل رات سان
هو(23).“ ۽ لکيو آهي ته:
”ورڻ“ جو اُچار پارسين جي زند اوستا ۾
(Varena) ۽ يوناني
ٻوليءَ ۾ ”اُرينس“ يا
”يورينس“ (Uranos or Ouranous)
آهي(24). آڏواڻيءَ لکيو آهي ته:
”آڳاٽن آرين آڪاس يا آسمان کي ”ديوس پتر“ (ابو
آڪاس) ۽ آڪاس جي مکيه ديوتا (ورڻ ديوتا) کي ساري
جهان جو ”پيءُ“ ۽ پرٿويءَ يا ڌرتي کي ”ماءُ“ ٿي
سڏيو. سو اڳي شاعراڻي خيال وچان اها ڳالهه پاڻ
کولي ٻڌائي اٿن. اُفق وٽ آسمان ۽ ڌرتي هڪ ٻئي کي
ڀاڪر پائي گڏيا بيٺا آهن، گويا سندن ئي ميلاپ سان
هيءُ سارو جهان پيدا ٿيو آهي ۽ ديوتائون، انسان ۽
ٻيا ساهوارا ڄڻ ته سندن ئي ڄڻيل آهن. آسمان مان
برسات جون بوندون وسن ٿيون ۽ اُهي ڌرتي جهٽي ٿي، ۽
سج جي اُس به واهر ڪريس ٿي ۽ انهيءَ ريت ئي اُتيتي
ٿئي ٿي. هي ڳالهيون اٿرويد جي منڊل ٻارهين سوڪت
پهرين ۽ 42 ۾ ڄاڻايل آهن. رگ ويد جي پٺيان ڏنل
ائترييه براهمڻ گرنٿ ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ جي وهانءَ
جو ذڪر آهي. ويدڪ آرين جي هيءَ نسوري شاعراڻي پلٽ
اکر به اکر يوناني لوڪن جي ڏندڪٿائن ۾ آهي.
جنهنڪري انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ ”يورينس“
(ورڻ ديوتا) جي ذڪر ڪندي هي لفظ لکيا اٿس:
"Uranas- "Heaven the husband of Earth and Father
of Saturn and other deities. As Such he
represents the Generative power of the Sky,
which furctifies the Earth with the warmth of
the Sun and moisture of rain."
نامياري يوناني شاعر هومر انهن ساڳين خيالن جو
ترجمو ڪري، پنهنجي هڪ شعر ۾ پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي
”جڳت جنني“ يعني جهان جي ماءُ
(Unwired Mother)
ڪوٺيو آهي. انهيءَ ساڳي شعر جي سورهينءَ مصرع ۾
ڌرتيءَ کي ”پوڄا جوڳ ديو“ (Venerable
Goddess) سڏيو اٿس.
سترهينءَ مصرع ۾ ڌرتي کي ”ديوماتا“ (Mother
of the Gods) ۽
”تارن ڀريل ورڻ ديوتا جي استري“ (Spouse of
the Starry Uranos)
ڪوٺيو اٿس. هي خيال ساڳيائي ساڳيا اهي آهن، جي رگ
ويد ۽ ائترييه براهمڻ ۾ آهن(25). ڀيرومل آڏواڻي
لکي ٿو ته:
”آسمان ۾ جيڪي آدتيه آهن، تن جي مٿان ورڻ ديوتا
آهي. ”ورڻ“ لفظ جو ڌاتو بنياد آهي ”ور“
(Vri) معنيٰ مٿان
وري وڃڻ يا ڍڪڻ. ڌرتيءَ کي مٿان آسمان ڍڪي بيٺو
آهي، تنهنڪري آسمان ”ورڻ“ آهي. آسمان ۽ سمنڊ اُفق
وٽ هڪ ٻئي سان گڏيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سڀ نديون
سمنڊن ۾ وڃي پون ٿيون، تنهنڪري ”ورڻ“ سمنڊ توڙي
ندين جو به ديوتا آهي، ۽ اهو پاڻيءَ کي مٿان ڍڪيو
بيٺو آهي. انهيءَ ريت زمين توڙي آسمان سڀ ورڻ
ديوتا جي حڪومت جي حد اندر اچي وڃن ٿا. رگ ويد ۾
ورڻ ديوتا بابت هيئن لکيل آهي:
”هو آڪاس توڙي ڌرتيءَ جو جهلو آهي، ۽ سڀني لوڪن
(دنيائن) ۾ حاڪم ٿي رهي ٿو (منڊل اٺون، 42-1). سون
جهڙي سج کي آسمان ۾ هو هلائي ۽ چمڪائي ٿو (منڊل
ڇهون، 70-1) ۽ ستون، 86-1، 87-6). هوا جا گهوگهٽ
پيئي ڪري، ساهن جي سواس (ساهه) آهي (منڊل ستون،
87-72). ندين جا پيٽ هن ٺاهيا آهن، ۽ سڀ نديون
سندس حڪم پٽاندر وهن ٿيون (منڊل پهريون، 24-8،
منڊل ٻيو، 28-4 ۽ منڊل ستون، 87-1). اهڙي عجيب
اٽڪل رکي اٿس، جو سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي پون ٿيون،
پر هن کي ڪڏهن به ڀري نٿيون سگهن (منڊل پنجون
85-6). هن جا ڪم مقرر ٿيل آهن، ۽ اهي آهرڪو
اورانگهي نٿو سگهي (منڊل ٽيون، 54-18). سندس حڪم
پٽاندر چنڊ پنهنجي چانڊاڻ ڪري ٿو، ڏينهن جو تارا
غيبي طرح گم ٿي وڃن ٿا (منڊل پهريون، 24-10). آڪاس
۾ پکي جيڪي واٽون وٺي اُڏامن ٿا، سمنڊ تي جهاز جن
واٽن کان وڃن ٿا، ۽ هوا پرانهن پنڌن تي ڪهڙي واٽ
وٺي لڳي ٿي، سي سڀ سُڌيون کيس آهن. جيڪي ڳجها ڪم
ٿين پيا، يا ٿيڻا آهن، سي سڀ هو ڏسي ٿو (منڊل
پهريون، 25-7). ڪوبه پراڻي يا ساهه وارو هن کان
سواءِ اک به نٿو ڇنڀي سگهي، ۽ ماڻهن جي سچ توڙي
ڪوڙ جو هو ساکي آهي (منڊل ستون، 28-6)(26).“
سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ”ورڻ“ بابت مٿي
ڏنل معلومات جي شروع ۾ ئي يورپي عالمن موجب ڌرمي
پستڪن مان ڪڍيل ڏندڪٿائن جي ڪڍڻ جو ذڪر ڪندي
”ويدن“ جو نالو به ڄاڻايو ويو آهي. اتي ويدن کي
هندن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. پر ”ويد“ حقيقت ۾
اصل ۾ هندن نه پر سنڌو (سنڌي) آرين جا آهن. جن جون
رچائون سنڌ ۾ اُچاريون ويون. ڀيرومل آڏواڻيءَ جي
ڪتاب ”قديم سنڌ“ کان اڳ لکيل ڪتاب ”سنڌ جو پراچين
اتهاس“ ۾ دوارڪا پرساد روچيرام شرما به ويدن کي
”سنڌ پرڳڻي“ سان منسوب ڪيو آهي، هن لکيو آهي ته:
”سنڌ جي پرڳڻي ۾ دنيا جي جهوني ۾ جهونن گرنٿن يعني
ويدن جون پوتر رچائون اُچاريون ويون(27).“ ۽ لکيو
آهي ته:
دنيا جي ساهتيه ۾ سڀ کان اڳ ”سنڌ“ جو نالو رگويد ۾
ٿو اچي، ان کان پوءِ پارسين جي زند اوستا ۾ پڻ
”سنڌ“ جو ذڪر اچي ٿو، مگر اتي سنڌ کي پنهنجي الڳ
هستي نه آهي. ويد اڄوڪي زماني جا سڀ کان جهونا
گرنٿ آهن. سرڊبليو- ڊبليو هنٽر لکي ٿو ته ”رگويد
ڪڏهن ٺهيو، تنهنجي مون کي ته خبر ئي ڪانه ٿي پوي.“
جرمنيءَ جو سنسڪرت ودوان پروفيسر مئڪس مولر چوي ٿو
ته: انسان ذات جي لئبرريءَ ۾ ويد سڀني کان جهونا
گرنٿ آهن.“ پروفيسر هيرن لکي ٿو ته: ”بيشڪ ويد
سنسڪرت ڀاشا ۾ سڀ کان جهونا گرنٿ آهن(28).“
ويدن بابت هڪ هنڌ سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ
لکيو آهي ته:
”هندن جي رگ ويد مان پتو پين ته اهي آريه لوڪ هئا،
جي پنهنجي نشاني، اهي ويد ڇڏي ويا آهن(29).“
مٿئين بيان ۾ آڏواڻي ڄاڻائي ٿو ته اهي آريه لوڪ
هئا، جي پنهنجي نشاني اهي ويد ڇڏي ويا ۽ اتي به هو
”رگ ويد“ کي هندن جو ڄاڻائي ٿو پر اڳتي عنوان
”آرين جو اصلوڪو ماڳ“ ۾ ڏيهي عالمن موجب آرين کي
اصل سپت سنڌو جا رهاڪو ڄاڻائي ٿو، لکيو آهي ته:
”اسان جا ڪي ڏيهي عالم پنهنجي راءِ تي کپ کوڙي
بيٺا ته آريه لوڪ اصل سپت سنڌو جا رهاڪو هئا ۽
ڪٿان ٻاهران ڪونه آيا، پر پوءِ وڻج واپار ۽ ٻين
سببن ڪري ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ ڏي ويا(30).“
ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي
”سپت سنڌو“ کي سنڌ ڄاڻائي ٿو، لکيو آهي ته:
”رگ ويد، جو هندن جو پراڻو گرنٿ آهي، تنهن ۾ سنڌ
جو نالو ”سپت سنڌو“ يعني ستن ندين وارو ملڪ لکيل
آهي. آرين لوڪن سنڌ تي ”سنڌو“ درياءَ ڪري اهو نالو
وڌو، جنهن جي معنيٰ آهي ”سمنڊ(31).“
مٿئين بيان ۾ مولائي شيدائي به ”رگ ويد“ کي هندن
جو پراڻو گرنٿ لکيو آهي پر دوارڪا پرساد روچيرام
شرما جي ڪتاب ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ موجب اهو
ڄاڻايو ويو ته ”سنڌ جي پرڳڻي ۾ ويدن جون پوتر
رچائون اُچاريون ويون“ ۽ ڪتاب ”ويد پرڪاش“ جي مهاڳ
۾ ڪنيا لعل ايم.تلريجا به لکيو آهي ته:
”اهو شرف اسان جي سونهاري سنڌو ڀوميءَ کي آهي، جتي
پراچين ڪال ۾ سنڌو درياهه جي ڪنٺي تي اسان جي رشين
کي ويدن جو پرڪاش ٿيو. اسان سنڌين لاءِ اها گؤروَ
جي ڳالهه آهي ته ويدن جي پرڪاش، پرچار ۽ پرسار جو
آرنڀ اسان جي سنڌو ڀوميءَ ۾ ئي ٿيو(32).“
”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتن ۾
ڄاڻايو اٿم ته انگريزي دؤر کان وٺي ڄاڻايو وڃي ٿو
ته سنڌ تي نالو سنڌونديءَ تان پيو آهي. پر انهيءَ
کان اڳ جي مسلمان مؤرخن موجب معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ
تي نالو ”سنڌ“ نالي شخص تان پيو آهي. قديم آڳاٽن
مسلمان مؤرخن کان به سنڌ جي سلسلي نسب بابت
روايتون ملن ٿيون. انهن جو به اتي نقل ڪيو ويو آهي
۽ اڪثر يورپين مؤرخ سنڌو لفظ جي معنيٰ ئي فقط
”ندي“ ڪڍن ٿا. پر ويدن ۾ ”سنڌو“ لفظ جي سمنڊ لاءِ
ڪتب آندل آهي ته ندين لاءِ به ڪم آندو ويو آهي ۽
لفظ ”سنڌو“ سنسڪرت لفظ ”سنڌاوا“ مان نڪتل آهي جنهن
جي معنيٰ چنڊ آهي. سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا
وڏو درياء آهي. پر سنڌو لفظ جي اصل معنيٰ هئي
”سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“. خود سنسڪرت ساهت ۾
”سنڌو“ لفظ جي ڪيترن هنڌن تي معنيٰ آهي ”سنڌوندي
وارو ملڪ“ ۽ ”سنڌو“ يا ”سئنڌو“ جي معنيٰ آهي
”سنڌوماٿر جا رهاڪو“. مسلمان نامور عالم البيروني
به سنڌ جي ماڻهن کي سنڌو چيو آهي. انهيءَ موجب
”سنڌوندي“ جي معنيٰ به ٿيندي ”سنڌو ماڻهن جي ندي“
۽ ”سنڌوندي وارو ملڪ“ جي معنيٰ به ٿيندي ”سنڌو
ماڻهن جي ندي وارو ملڪ“ ۽ انهن سنڌو ماڻهن يعني
سنڌ ديس جي اصلوڪن رهاڪن جو مورث اعليٰ مسلمان
مؤرخن موجب ”سنڌ“ نالي شخص هو. جنهن کي ”السند“ به
چيو اٿن. سنڌ جو ملڪ ”سند“ جي نالي پٺيان سڏيو ۽
ان ڏانهن منسوب ٿيو ته هن جو اولاد هڪ ٻئي پويان
انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت ڪندو رهيو ۽ انهن سان ڳاڻيٽي
کان ٻاهر قومون پيدا ٿيون. ’”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي
سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون“ ۾ مٿيون حقيقتون سَنَدَ
سان ڄاڻايل آهن.
حوالا
-
قريشي، شمس الدين، ”آئينه قديم سنڌ“، 1956ع، ص 1
-
”توريت شريف“، پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪي
لاهور، 2004ع، ص 16. (توريت يعني پراڻي عهدنامي
جا پهريان پنج ڪتاب عبراني ٻوليءَ واري اصلي مواد
کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل).
-
ساڳيو.
-
ڄاموٽ، حاجي خان چاچڙ، سنڌي، ”حضرت سنڌرحه“،
فاران ايجوڪيشنل سوسائٽي هڱورجا، 2006ع، ص 14
-
علامه ابن خلدونرحه، مؤلفه مؤرخ ”سيرت
الانبياء“، ترتيب و ترجمه اردو، مفتي انتظام الله
شهابي، ناشر قرآن محل، مقابل مولوي مسافرخانه
ڪراچي)، ص 29-30
-
سيوطيرحه، جلال الدين علامه، ”الاتقان
في علوم القرآن“، حصه دوم، اردو ترجمو: محمد حليم
صاحب انصاري، 1982ع، ص 368
-
ڄاموٽ، حاجي خان چاچڙ، سنڌي، ”حضرت سنڌرحه“،
ص 16
-
ساڳيو، ص 14
-
ساڳيو، ص 20
-
مصنف: سوامي ديانند سرسوتي، رگ ويد ايڪ مطالعه،
مترجم: نهال سنگهه، نگارشات ميان چيمبرز-3 ٽمپل
روڊ لاهور، 2002ع، ص 245
-
ساڳيو، ص 12
-
ساڳيو، ص 13
-
ساڳيو
-
ساڳيو، ص 14
-
ساڳيو، ص 15
-
بيلاڻي ديپچندر، ”ويد پرڪاش“، 1979ع، ص 5
-
ابوالسراج محمد طفيل احمد نقشبندي قادري، ”تحفة
الزائرين“ اردو، چوٿون دفعو 1987ع، ص 9
-
ڄاموٽ، حاجي خان چاچڙ، سنڌي، ”حضرت سنڌرحه“،
ص 120
-
ساڳيو، ص 120-121
-
”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون، سردار
احمد سنڌي، پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ حيدرآباد،
15- مئي 2004ع، ص 13
-
ڄاموٽ، حاجي خان چاچڙ، سنڌي، ”حضرت سنڌرحه“،
ص 122
-
ساڳيو، ص 121
-
آڏواڻي ڀيرومل مهرچند، (قديم سنڌ) سنڌي ادبي بورڊ،
ڇاپو ٽيون 1992ع، ص 4-5
-
ساڳيو، ص 5
-
ساڳيو، ص 5-6
-
ساڳيو، ص 384-385
-
شرما دوارڪا پرساد روچيرام، ”سنڌ جو پراچين
اتهاس“، ڀاڱو پهريون، 1943ع، ص 3
-
ساڳيو، ص 18
-
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، (قديم سنڌ)، ص 2
-
ساڳيو، ص 10
-
مولائي شيدائي، رحيمداد خان، ”جنت السنڌ“، سنڌي
ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1985ع، ص 4
-
بيلاڻي ديپچندر”ويد پرڪاش“، ص
10
|