سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ -4/ 2015ع

باب:

صفحو:7 

نويد سنديلو

 

 

 

فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

اڄ جي دور جي مڙني بنيادي سوالن مان هڪ سوال هيءُ به وري وري پڇيو وڃي ٿو، ته هن سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي دور ۾ فلسفي جي اهميت ڪهڙي آهي ۽ ان جو ڪارج ڇا آهي؟ ڇا اسان فلسفي کي به ايتري اهميت ڏئي سگهون ٿا جيتري ساهه کڻڻ کي؟ ڇا فلسفو به ٻوليءَ وانگر ايترو ئي اهم ۽ ضروري آهي جيترو ڪنهن به قوم جي ٻار لاءِ سکيا جي مرحلي ۾ پنهنجي مادري ٻولي (Mother Tongue) ضروري هوندي آهي؟ ڇا فلسفو سڀني مسئلن ۽ مونجهارن جو حل آهي؟ اهڙن سوالن جي جوابن لاءِ پاڻ فلسفو ڪي وضاحتون ڪندو؛ جيڪو هن فڪر ۽ علمن جي ماءُ جو اصل مقصد به رهيو آهي.

هزارين سالن کان انسان پنهنجي زندگيءَ ۽ هن ڪائنات بابت ڪي نه ڪي سوال پُڇندو رهيو آهي، ته آخر هيءُ ايترو سارو مواد، منظر، مانڊاڻ ڪٿان آيو؟ آءٌ ڪير آهيان ۽ ڪيڏانهن پيو وڃان؟ ڇا هن ڪائنات جو ڪو ڇيڙو يا انت آهي؟ هي بي انت ۽ پيار، ڏيک ۽ اَکٽ تار، چنڊ، ڪهڪشائون ڪٿي ٿيون ڇيهه ڪن؟

جتي نه عرش نه اُڀ ڪي، زمين ناهه ذرو،

نه ڪي چارو چنڊ جو، نڪي سج سرو،

پري پين پَرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾.

(شاهه)

ڪي وري هنن سوالن کي مٿئين بت جي پس منظر ۾ ڪائنات جي ڳولا ڪن ٿا ۽ نيٺ وڃي ان جو انت لهن ٿا. زمان ۽ مڪان (Time & Space) کي اورانگهي ڪنهن سچ تائين رسڻ ئي انهن آديسين جو اصل مقصد آهي. هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به مٿيان بنيادي سوال، اڄ به اهميت جوڳا آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ فلسقي جي اهميت به اوتري ئي آهي جيتري ڪي صديون اڳ، ڇاڪاڻ ته سماج، فطرت جو مُبهم لقاءُ آهي، ان ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو، عقيدا، نظريا، سوچون، فڪر ۽ تصور رکندڙ انسان رهن ٿا. جيئن جيئن سماج ترقي ڪندو رهي ٿو، ماڻهن جا مسئلا ۽ سوال به وڌندا رهن ٿا.

پوين ٻن صدين ۾ سائنسي ترقي، سياسي ڀونچال ۽ نفسياتي دٻاءُ ماڻهوءَ جي من ۾ ڪي ئي سوال ۽ سوچون اڀاريون آهن جيڪي فلسفي جي ئي وسيلي حل ٿين ٿا. فلسفو علمن جي ماءُ ۽ هڪ وڻ جي مثال آهي جتان ٻيا علم وڌي ويجهي پنهنجون حسين لامون لاڙائي، گل ٽِڙائي جڳ ۾ سڳنڌون ڦهلائي رهيا آهن. جڏهن به، ۽ جتي جتي به ٻيا علم انسان جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان کُٽي پيا آهن، اتي فلسفو ئي اهڙو علم آهي جيڪو انهن جي جوابن ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. هر ماڻهو پوءِ اهو علمي سرگرمي، سياسي جدوجهد ۽ سماجي تبديليءَ جي ذميواريءَ کان ڪيترو به پري ڇو نه هجي کيس اها شيءِ وري وري سندس ذهن کي ڌونڌاڙي ٿي ۽ سوچڻ تي لاچار ڪري ٿي، ته ڇا سماجي اڻ برابري، ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ جو غير انساني رويو، رياستي ڏاڍ، سرمائيڪاري ڦرلٽ، اُرهه زورائي ۽ ملڪن وچ ۾ جنگيون ۽ تصادم هن ڌرتيءَ جي گولي تان ٽرجي ويندا يا اهي ائين ئي رهندا جئين صدين کان هلندا پيا اچن؟ ڇا ماڻهن، جانورن، پکي پکڻن، پوپٽن، جيتن جڻين، وڻن ٽڻن، گاهن گلن جي لاءِ ڪا جاءِ رهندي يا سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي انهن کي به چٽ ڪري انهن جو نانءُ نشان ئي ختم ڪري ڇڏيندي. وڌيڪ اهو ته هيءَ پرٿوي ڪيئن هوندي؟ ڇا ايندڙ وقت ۾ جنگين جي باهه ڀڙڪيل هوندي يا هڪ بهشت جي تصور وانگر امن ۽ آشتيءَ وارو سداحيات (Ever living) ماحول ميسر هوندو؟ اهڙن ۽ ان جهڙن ٻين سوالن جي جوابن لاءِ اڄ به فلسفي  ۽ ڏاهپ جو علم موجود آهي. حسن ۽ ڪوجهائپ، نيڪي ۽ بدي، موت ۽ حيات، پيار ۽ نفرت، خدا ۽ انسان وچ ۾ فرق ۽ ميلاپ جهڙا خيال پڻ فلسفي جي پلئه آهن، ته اهو اهڙن تصورن کي ڪيئن ٿو ڏسي ۽ انهن جا حل ٿو ڳولي. ستارن جي جهرمٽ کان گاهه جي تيلي تائين، سمورا موضوع فلسفي جو اٽوٽ حصو آهن.

اهي يوناني هئا جن سڀ کان پهريان لفظ فلسفو (Philosophy) ايجاد ڪيو هو. هي يونان جي ٻن لفظن فلين (Phlein) معنيٰ 'to love' ۽ ”صوفيا“ (Sophia) معيٰ ڏاهپ يا عقل ادانائي آهي؛ معنيٰ ٿي ڏاهپ ۽ عقل سان پيار ڪرڻ. (To love with wisdom) هندوستان (سنڌ ۾ پڻ) فلسفي لاءِ هيءُ لفظ (Darshan) درشن درسن 'Seeing the truth' سچ يا ستيه کي پسڻ ورتو ويندو آهي. هونئن به فلسفي جو ڪم شين جي قطعي يا اصل حقيقت (ultimate reality) پسڻ آهي. ارسطوءَ جي لفظن ۾  “The Function of an eye is to see it has not fully actualized untitl it is seeing .

ويلڊو ايمرسن جي نظر ۾ “let a man then know his worth what is under his feet” ”ماڻهوءَ کي ايترو ته ڄاڻڻ گهرجي، ته هو ڪهڙي راهه تي رسي رهيو آهي.“

اسپينسر جي خيال ۾ فلسفي جو اصل ڪم آهي ڪائنات ۾ موجود ٽن حقيقتن يعني مادو، حرڪت ۽ قوت جي ڄاڻ مهيا ڪرڻ. اهي ڪائنات  جي ترڪيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ فلسفي جو اصل مقصد به انهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ آهي.

فلسفو سچائي ڏانهن وڃڻ جو سڌو رستو آهي جنهن لاءِ سقراط زهر جو پيالو پيتو هو. جوڊو برونو کي باهه ۾ ساڙيو ويو هو ۽ گليلو کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو هو. والٽيئر ۽ روسو تي تهمتون ۽ بُهتان لڳا هئا، مارڪس جلاوطنيون سَٺيون هيون. ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ پسڻ (وحدت ۾ ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ) ئي فلسفي جو اصل مقصد آهي. فلسفو حيرت، شڪ ۽ تجسس مان ڦٽي نڪري ٿو. اهو شين کي ڪلي طور به ڏسي ٿو ته اڪيلي به ڏسڻ ۽ جاچڻ جو نانءُ آهي.

فلسفو لفظن جي چڱائي، خيالن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪنهن نئين دڳ لائڻ جو گس آهي. ان گس ۾ تنقيدي طريقو، منطقي سوچ گهربل هوندي آهي. اهو شين کي جيئن جو تئين نٿو قبولي پر انهن جي ماهيت ۽ حقيقت جي تهه تائين رسڻ کان پوءِ ئي ڪو رايو ڏئي ٿو ۽ انهن مسئلن جا حل ڳولي ٿو. هڪ پاسي اهو سائنسي سوچ ۽ منطقي نظريو آهي، ته ٻئي پاسي انساني احساسن، جذبن، تجربن کي به وڏي اهميت ڏئي ٿو.

جماليات، فلسفي جو اهڙو فڪري بحث آهي جنهن ۾ تخليق ۽ فن سان لاڳاپيل انساني جوهر جاڳي پون ٿا ۽ ان ۾ حسن ازل جو پرتوو پسجي ٿو ۽ هر جاءِ سچ جون جهلڪون نظر اچن ٿيون.

پرتوو پرينءَ جو جهڙ جيئن جهالا ڏئي.

                                 (شاهه)

سائنس ٽڪرن ۾ ڏسي ٿي ۽ تجربي تي آڌار رکي ٿي، فلسفو شين جي وحدت ۽ انهن کي ڪلي طور بيان ڪري ٿو. مذهب ۽ منطقي سوچ ۾ فرق به فلسفياتي ڪٿ ۽ ڪسوٽيءَ تي ٻڌل آهي جيڪو عقيدي پرستي جي اُبتڙ رڳو صحيح سوچ ۽ عقل تي آڌاري ٿو. بن مانس کان انسان تائين، تاريخ انهيءَ سوچ ۽ فڪر سان سلهاڙيل رهي آهي. هوا ۾ اُڏامندڙ جهاز، راڪيٽ، ڪمپيوٽر، موبائيل ۽ ٻيون اڪيچار ايجادون به انهيءَ فڪر ۽ سوچ جو ثمر آهن، جنهن انسان کي گهٽائن مان ڪڍي اڄ جي سڌريل ۽ ترقي ماڻيل سماج تائين رسايو آهي. فڪر جي گوناگون تاريخ ۾ انساني محنت ۽ پورهئي جو وڏو ڪردار رهيو آهي. جنهن ڪري ارسطوءَ جهڙي ڏاهي کي آخر چوڻو پيو ته “Man is tool maker aminal” (انسان اوزار ٺاهيندڙ جانور آهي، هن جملي مارڪس کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. جانور جا چنبا انهن جا اوزار آهن. پکي ۽ جانور وجداني علم تحت پنهنجا گهر، آکيرا ۽ ٻيا ڪم ڪار سرانجام ڏين ٿا. پر اهو انسان ئي آهي جيڪو عقل ۽ شعور جي آڌار تي پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي ٿو. اهو فڪري پنڌ ڪن ڪن جي پلئه پوي ٿو تڏهن ته فلڪيات جا نظريا، رياضيءَ جا اصول، فلسفي ۽ منطق جا قانون ۽ جاميٽريءَ جون واٽون جُڙن ٿيون. بحث مباحثي جي جهان ۾ ڪي ماهر ۽ من کوجي حيرانگيءَ ۽ اچرج ۾ اچيو سوچ ۽ فڪر ڏين ٿا ۽ جڳ کي علم ۽ ڏات جي جوت ارپين ٿا.

”باقي آهي خلق خدائي روز معاشي گهوٽالي جي ور چڙهيل آ، وائڙي آهي.

اتراڌي يا لاڙي آهي.

لوڙ تنين کي لَهسائي ٿي.“

(ليکڪ)

ڳالهه آهي فڪر جي، سوچ سمجهه جي، جنهن ۾ انسان جو ذهن شعور منطقي واٽون ووڙي هڪ فرد کان وٺي قوم ۽ سماج کي سنئين دڳ لائي ٿو. باقي ٻيا ماڻهو ماهر ٿيڻ پسند نٿا ڪن. ننڊ ۽ لاشعوري حياتي گهاري هميشه لاءِ هليا ٿا وڃن؛ ڄڻ سندن وجود جو ڪو مقصد ئي نه هو.

”ٺلها ڍانڍا، سکڻا ائين جاڙ جيئن.“

محروم ٿي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،

چڙيءَ جيئن چُهنب هڻي، لُڏيائون لُئا،

حباب ئي هئا، انهيءَ واريءَ وچ ۾.

(شاهه)

انهن جي حباب جهڙي هستي هئي، ماهر نه ٿيا پر محروم ٿيا. فڪر کان وانجهيل، ڍانڍا ۽ سنڍ ٿي هليا ويا! پر ٻيا وري، ارسطوءَ جي نظر ۾، اهڙا هئا جن تي پوري انسان ذات کي فخر آهي. ارسطوءَ سميت، انهن جي فڪرن ۽ ڏاهپ مان سيراب ٿيا.

ارسطوءَ انهن لاءِ چيو هو ته:

“Proud of their achievements” (اسان کي انهن جي ڪاميابين تي فخر آهي).

اچو ته هاڻي انهن ڏاهن، علم جي دنيا جي ديدهورن، جي سوچ ۽ فڪر کي سمجهون ۽ انهن جي ڏسيل راهه ۽ رندن پنڌن جو پرتوو پَسون. دنيا جي تاريخ ۾ جن فڪرن کي وڄ جو پاڻي ڏنو. پاڻ سور ۽ سختيون سٺيائون پر پير پٺتي نه ڪيائون.

يوناني اهي ڏاها هئا جن اهڙي سوچ کي هٿي وٺرائي ۽ ان کي جڳ ۾ پکيڙيو. اهڙن جڳ ملوڪ ڏاهن جي فڪر کي صديون گذرڻ جي باوجود ساڳي معنيٰ ۽ اهميت آهي جئين سندن دور ۽ ڏيهه ۾ هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهن پوءِ ايندڙ نظرين لاءِ راهون هموار ڪيون ۽ نوان رستا کوليا هئا.

ٿيلس: (Thales):

مغربي فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان اهم فلسفي ۽ داناءُ جنهن هن فڪر جا بنياد رکيا اهو ’ٿيلس‘ هو. ٿيلس جو ڳاڻيٽو يونان جي هڪ ساحلي علائقي مالٽيس جي ستن ڏاهن ۾ ٿئي ٿو. ’ٿيلس‘ جي زماني ۾ عام ماڻهن جي ذهنن تي ڪن مذهبي ۽ جادو ئي خيال رکندڙ ماڻهن جي خاص طبقي جو تسلط قائم هو.  جيڪي اصل ۾ سائنس ۽ علم آڪاس (Astronomy) جاماهر هئا پر هو ماڻهن کان پيسا ڏوڪڙ وٺي، پادريءَ ۽ جادوگرن جو ڍونگ ڪندا هئا. جڏهن به چنڊ گرهڻ يا سج گرهڻ ٿيندي هئي، ته هو انهن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ديوتائن کي ريجهائيندا هئا. اصل ۾ اهي جادوگر جبلن جي چوٽين يا مندرن جي مُنارن تي ويهي گرهڻ جي گردش ڏسندا هئا ۽ ماڻهن کي چوندا هئا، ته ديوتا کين انهن تارن جي تبديليءَ ۽ فطرت جي لقائن بابت آگاهه ڪندا آهن ۽ سج ۽ چنڊ کي پڪڙيندا آهن ۽ هنن جي چوڻ تي انهن کي روشني ڏيندا آهن. هي هل هلاچو ۽ غلبو صدين تائين رهيو. نيٺ ٿيلس انهن جو تالو ڀڳو ۽ ماڻهن سک جو ساهه کنيو. ٿيلس کين ٻڌايو، ته اهي ديوتائن جي حڪم تي نٿا ٿين پر جڏهن سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ ڌرتي ايندي آهي، ته چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. ٿيلس چيو، ته هيءَ ڪائنات پاڻيءَ مان ٺهيل آهي، نڪي ڪنهن ديوتا ان کي ٺاهيو آهي ۽ ڌرتي پاڻيءَ مٿان بال وانگي تري رهي آهي. ٿيلس جو پاڻيءَ وارو نظريو کيس فطري فلسفي سڏرائي ٿو ڇاڪاڻ ته هن ٺوس مادي سبب ڏئي سائنس جا اصل بنياد رکيا هئا. ٿيلس جي زماني ۾  (۽ ان کان اڳ به) فلسفين تي چرچا ٺاهيا ويندا هئا ۽ انهن بابت لطيفا عام هوندا هئا، ته هو واندا هوندا آهن. رڳو خيالي پلاءَ پچائيندا ۽ پوزن ۾ هوندا آهن. هڪڙي شام ڌاري ٿيلس ۽ سندس شاگرد  ٻنين ڏانهن نڪري ويا. کيتن مان هلندي ٿيلس جي نظر آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارن ۾ محو ٿي ويئي. نيٺ هلندي بي خياليءَ ۾ کيس ٿاٻو اچي ويو ۽ هو ٻڙجي وڃي کڏي ۾ ڪري پيو، تنهن تي شاگرد ٽوڪيندي کيس چيو ته: ”فلسفي آسمان ۾ نهاريندي اهو نه وسار ته تنهنجي پيرن هيٺان زمين به آهي.“

انئگسيمينڊر (Anaximander) (610 ق.م – 546 ق.م)

ٿيلس کان پوءِ ٻيو اهم فلسفي ۽ داناءَ، جيڪو ٿيلس جو همعصر ۽ سندس شاگرد هو، ان جو نانءُ هن جو اثر انئگسيمينڊر هو. هن جو اثر انئگسيمينس ۽ پيٿاگورس تي پڻ هو. هن جو خيال هو ته هيءَ ڪائنات ٿيلس جي مادي حقيقت رکندڙ پاڻي مان نه بلڪ اها لامحدود هستيءَ مان ٺهي آهي، جنهن کي هن اَپار لاحد، (لامڪان ۽ لازمان (Ageless and Boundless) ٿي ڪوٺيو. ٻيو خيال هو ته هيءُ ڪائنات ٺهندي ۽ ڊهندي رهي آهي.

انئگسيمينڊر پهريون فلسفي هو جنهن پنهنجا نظريا، نظم (Poetry) جي بدران نثر (Prose) ۾ لکيا هئا. هن کان اڳ جي سمورن فلسفين نظم ۾ لکيو هو ڇاڪاڻ ته اڳ لکڻ جو رواج شاعريءَ ۾ هو. ان ڪري انئگسيمينڊر کي اهو ٻٽو اعزاز آهي ته هن فلسفي کي اصل صورت ڏني يعني لازمان، لامڪان ۽ اَپار، حقيقت مان ڪائنات جو ٺهڻ ۽ ٻيو هن ان کي نثر ۾ لکيو. ٽين ڳالهه جا کيس وڌيڪ سائنسي سوچ ڏانهن کڻي ٿي اچي، اها آهي، ارتقا جو نڪور نظريو ڏيڻ، جنهن ۾ هن چيو، ته ڌرتيءَ جي مخلوقات پهريان سمنڊ ۾ رهندي هئي ۽ هوائن جي لڳڻ سبب ان جا ڪي حصا جڏهن خشڪ ٿيا، ته ڪي آبي جانور خشڪ ماڳن ڏانهن هليا ويا. انسان جي ارتقا به ائين ٿي. سڀ کان اول انسان جي صورت، مڇيءَ وانگر هئي ۽ سندس ڪرنگهو به ان وانگي ئي هو. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انسان جو ٻار اڄ جي دور وانگر هجي ها ۽ کير پيئڻ جو مدو ايترو ڊگهو هجي ها ته هوند ان جو اڄ وجود نه هجي ها. ڇاڪاڻ ته جانور يا مڇيءَ جو ٻچو ڄمندي ئي پاڻيءَ ۾ تري ٿو وڃي. ماڻهوءَ جو ٻار به ان وانگر شروع ۾ ڄمندي ئي پاڻيءَ ۾ پَساهه کڻندو هو ۽ چُرندو پُرندو هو. هي ڊارون جي ماحول مطابق، رهڻ   (Survival of the Fittest) جي نظريو جو اصل باني هو.  

انئگسيمينس (Anaximenes) (585 ق.م- 528 ق.م):

ٽيون اهم ۽ آخري ماليشيائي فلسفي انئگسيمينس (Anaximenes) آهي، جنهن پڻ مادي فڪر ۽ سائنسي سوچ جا بنياد رکيا هئا.

انئگسيمينس پڻ ٿيلس ۽ انئگسيمينڊر جي نظرين کان متاثر هو. هن جو چوڻ هو ته ڪائنات هوا مان پيدا ٿي آهي. اسان ساهه کڻون ٿا، انڪري هوا جي آڌار تي جيئرا آهيون. اهڙيءَ ريت سموريون ساهه واريون شيون به ان جي ڪري وجود رکن ٿيو. هيءَ ڌرتي، هوا ۾ پن وانگر تري رهي آهي. يعني حرڪت جو تصور يونانين وٽ ان صورت ۾ ملي ٿو ڇاڪاڻ ته هر لقاءَ ۽ تبديليءَ کي هنن ڏاهن ڪنهن مادي ۽ ٺوس حقيقت ڏانهن منسوب ڪري ان جو ڪارڻ ڳوليو ٿي. جيئن هنن شروعاتي فطري فلسفي وجود جي جوهر جو ڪارڻ ڏنو. اهو سڀ ڪجهه عقيدي ۽ ڏند ڪٿا کان ڌار سائنسي سوچ ڏانهن منتقل ٿيڻ جو نئون گس هو جنهن نه رڳو يونان ۽ ان جي آس پاس جي علائقن تي پنهنجا اثر ڇڏيا پر انهن جي فڪر پوءِ ايندڙ روءِ زمين جي ٻين فڪرن کي جنمڻ ۾ ڪافي لاڀائتا ۽ ڪامياب ٿيا هئا. ارتقا ۽ جدليات جا ڪلاسيڪي قانون به انهن جي علمن ۽ نظرين مان ڦٽي نڪتا هئا. يونانين کي رڳو چئن عنصرن جي خبر هئي. يعني پاڻي، باهه، مٽي ۽ هوا، جن کي هڪ ٻئي ڏاهي ايمپڊاڪليس ڪجهه وضاحت سان پيش ڪيو هو، جنهن کي اڳتي بحث ۾ وڌيڪ چٽي طرح بيان ڪيو ويندو. يوناني ڏاهپ جي سفر ۾ پارمينڊس ۽ هيرا ڪليٽس جا نالا پڻ وڏي اهميت رکن ٿا. ماليشيائي ڏاهن جو ويساهه هو ته واحد بنيادي جوهر (Substance) مادو هو جيڪو سمورين شين جي وجود جو وسيلو هو. پر واحد جو هر ڪنهن ٻئي شيءِ ۾ تبديل ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اسان ان کي تبديليءَ جو مسئلو چئي سگهون ٿا. اٽڪل 500 ق.م کان ڏاکڻي اٽليءَ ۾ يوناني ڪالونيءَ ايليا (Elea) ۾ فلسفين جو گروهه هوندو هو جيڪي هن سوال ۾ وڏي دلچسپي رکندا هئا، انهن مان سڀ کان اهم فلسفي پارمينڊس (540 ق.م کان 480 ق.م تائين) هو. پارمينڊس جو خيال هو، ته هر شيءِ جيڪا وجود رکي ٿي، اها هميشه کان موجود هئي. هيءُ فڪر، يونانين لاءِ اوپرو نه هو. انهن جو خيال هو ته هر شيءِ جنهن دنيا ۾ وجود رکيو ٿي، اها امر هئي. پارمينڊس جو خيال هو، ته ڪا به شيءِ عدم نيستي (Nonexistence) مان نٿي اچي ۽ جيڪا به شيءِ وجود ۾ آهي، اها عدم وجود نٿي ٿي سگهي. پارمينڊس محسوس ڪيو ته فطرت مسلسل وهڪري جي حالت ۾ آهي. هن پنهنجي حواسن سان ڏٺو ته شيون تبديل ٿي رهيون هيون. پر هيءُ ان کي پنهنجي عقل (Reason) جي ڏسيل ڳالهه سان برابر نه ڪري سگهيو. جڏهن مٿس عقل ۽ حواسن ٻنهي مان هڪ تي اعتبار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو، ته هن عقل جي چونڊ ڪئي. جيئن مشهور آهي، ته ”جڏهن آءٌ ڏسندس، ان تي ويساهه رکندس.“ پر پارمينڊس انهن کي ڏسندي به شين تي اعتبار نه ڪندو هو. هيءُ سمجهندو هو، ته اسان جا حواس اسان کي دنيا جي غلط تصوير پيش ڪن ٿا، تصوير جيڪا اسان جي عقل سان نٿي ٺهڪي.

هڪ فلسفيءَ جي حيثيت ۾ هن ان کي پنهنجو فرض سمجهي دوکي ڀريل دنيا جي سمورين صورتن جي پت وائکي ڪئي. انساني عقل ۾ هن اڏول عقيدي کي عقليت پسندي (Rationalism) جي نانءَ سان ڄاتو وڃي ٿو ۽ وري عقل پسند (Rationalist) اهڙي ماڻهوءَ کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جو ان ڳالهه ۾ پختو ويساهه هُجي، ته دنيا بابت ڄاڻ لاءِ انساني عقل بنيادي وسيلو آهي.

پارمينڊس جي پايي جو ٻيو اهم آڳاٽو ڏاهو هيراڪليٽس (540 ق.م کان 480 ق.م) ٿي گذريو آهي. هي پارمينڊس جو همعصر ايشيا مائنر (Asia minor) جي شهر افيسس (Ephesus) جو رهاڪو هو. هن جو خيال هو، ته مسلسل تبديلي، يا وهڪرو، حقيقت ۾ فطرت جو تمام بنيادي گُڻ (characteristic) هو. اسان اهو چئي سگهون ٿا، ته پارمينڊس جي ڀيٽ ۾ هيراڪليٽس جو جسي علم ۾ وڌيڪ ويساهه هو. هيراڪليٽس چيو، ته هر شيءِ وهي ٿي. هر شيءِ لڳاتار وهڪري ۽ حرڪت ۾ آهي، ڪا به شيءِ بيٺل ڪانهي. تنهنڪري اسان ساڳي نديءَ ۾ ٻيهر پير ٻوڙي نٿا سگهون. جڏهن آءٌ نديءَ ۾ ٻيو ڀيرو پير ٻوڙيان ٿو، ته نڪي آءٌ نه ئي وري ندي، ساڳيا آهيون، ”هر پل هڪ نئون وهڪرو آهي.“

هيراڪليٽس ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو، ته دنيا جي سڃاڻپ تضادن جي ڪري آهي. جيڪڏهن اسان ڪڏهن بيمار نه ٿيون ها، ته اسان کي چاقائي جي خبر نه پئجي سگهي ها. جيڪڏهن اسان کي بک جو احساس نه ٿئي ها، ته اسان ڪڏهن به خوشي ماڻي نه سگهون ها. جيڪڏهن ڪائي جنگ نه ٿئي ها، ته اسان امن جي ساراهه نه ڪريون ها. جيڪڏهن سيارو نه ٿئي ها، ته اسان ڪڏهن به بهار (واهوندا) ڏسي نه سگهون ها. هيراڪليٽس جو خيال هو ته نيڪي ۽ بدي ٻنهي جو شين کي ترتيبڻ ۾ هٿ آهي. تضادن جي لڳاتار نه هئڻ سان هيءَ دنيا فنا ٿي ويندي. هن چيو، ته خدا ڏينهن ۽ رات، سيارو اونهارو، جنگ ۽ امن، بک ۽ ڍئو آهي. هن خدا جو لفظ استعمال ڪيو، پر هي کليءَ طور ڏند ڪٿائي خدائن جو حوالو نه ڏيندو هو. هيراڪليٽس جي نظر ۾، خدا يا ديوتا اهڙي شيءِ هئي جيڪا سموري دنيا تي ڇانيل هو. خدا، جي لفظ بدران هيراڪليٽس اڪثر ڪري يوناني ٻوليءَ جو لفظ لوگاس (Logos) ڪتب آڻيندو هو، جيتوڻيڪ اسان انسان هميشه هڪجهڙو نٿا سوچون يا هڪجهڙي عقلي پهچ نٿا رکون. هيراڪليٽس جو خيال هو، ته ’آفاقي عقل‘ (Universal reason) آهي جيڪو فطرت جي هرهڪ شيءِ جو رهنما اصول آهي. هي آفاقي عقل يا ”آفاقي قانون“ (Universal law) اهو اسان سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي ۽ هر شيءِ جي رهنمائي ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به اڪثر ماڻهو پنهنجي پنهنجي انفرادي عقل مطابق زندگي گذارين ٿا. عام طور تي، هي پنهنجي ڳوٺائين کان نفرت ڪندو هو. گاهه ۽ پن کائي پنهنجو پيٽ گذران ڪندو هو ۽ جبل جي پاڇي ۾ ويهي دنيا تي غور ويچار ڪندو هو. هن جو چوڻ هو ته اڪثر ماڻهن جون سوچون (Opinions) ٻارن جي رانديڪن
(Play things) جهڙيون آهن. تنهنڪري سموري فطرت جي لڳاتار وهڪري ۽ تضادن وچ ۾ هيراڪليٽس ڪنهن هستي (Entity) يا هيڪڙائي (one- ness) جو پرتوو پَسيو هو.

هيءُ وجود جيڪو هر شيءِ جي هئڻ جو وسيلو هو، ان کي هن خدا يا لوگاس (Logos) سڏيو ٿي، سندس خيال موجب، باهه ئي سمورين شين جي خالق آهي.

هڪڙي خيال کان پارمينڊس ۽ هيراڪليٽس هڪٻئي جا سڌا سنوان مخالف هئا. پارمينڊس جي عقل اهو واضح ڪيو، ته ڪا به شيءِ تبديل نٿي ٿئي. هيراڪليٽس جي حسي ڄاڻ (sense perception) ساڳيءَ طرح واضح ڪيو، ته فطرت مسلسل تبديليءَ جي حالت ۾ هئي. انهن مان ڪير صحيح هو؟ ڇا اسان عقل کي رهنما اصول بڻايون يا اسان پنهنجي حواسن تي اعتبار ڪريون؟ پارمينڊس ۽ هيراڪليٽس ٻئي ڄڻا ٻه شيون چون ٿا.

پارمينڊس چوي ٿو ته: (الف) ڪا به شيءِ تبديل نٿي ٿئي، ۽  (ب) اسان جي جسي ڄاڻ بلڪل ڀروسي جوڳي نه آهي. ٻئي پاسي هيراڪليٽس چوي ٿو، ته (الف) هر شيءِ تبديليءَ جي عمل ۾ آهي (سموريون شيون وهڪري ۾ آهن.) (ب) اسان جي حسي ڄاڻ ڀروسي جوڳي آهي. هي فلسفي ان کان وڌيڪ پاڻ ۾ اڻ سهمت نه ٿي سگهيا! پر ڪير صحيح هو؟ اهو سسليءَ جو ايمپڊاڪليس هو جنهن ٻنهي کان الڳ دڳ ورتو هو.

ايمپڊاڪليس (Empedocles) (490 ق.م کان 430 ق.م) جو خيال هو، ته اهي ٻئي ڄڻا (پارمينڊس ۽ هيراڪليٽس) هڪ خيال ۾ درست ۽ ٻئي خيال ۾ غلط هئا. ايمپڊاڪليس انهن جي بنيادي اختلاف جو ڪارڻ ڳولي ورتو ته ٻنهي فلسفين رڳو هڪ عنصر جي هئڻ کي سچو پچو سمجهيو پئي. جيڪڏهن هيءُ سچ هو، ته جيڪو عقل ٻڌائي ٿو ۽ جيڪو اسان پنهنجي اکين سان ڏسي سگهون ٿا، جي وچ ۾ وڇوٽي ختم به ڪري سگهبي. پاڻيءَ کي مڇي يا پوپٽ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي. حقيقت ۾ پاڻي تبديل نٿو ٿئي سگهي. خالص پاڻي مسلسل خالص پاڻي ئي رهندو. تنهنڪري پارمينڊس ان ۾ صحيح هو، ته ڪا به شيءِ تبديل نٿي ٿئي پر ساڳئي وقت ايمپڊاڪليس، هيراڪليٽس سان پڻ سهمت هو، ته اسان کي پنهنجن حواسن جي شاهديءَ تي ويساهه رکڻ گهرجي. جيڪو ڪجهه اسان ڏسون، ان تي اعتبار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪو اسان ڏسون ٿا، مختصراً اهو ته فطرت تبديل ٿئي ٿي. ايمپڊاڪليس ان نيتجي تي پهتو ته بنيادي واحد جوهر واري تصور کي روڪيو ويو هو. نڪي پاڻي نه ئي ڇڙو هوا گلاب جي ٻوٽي (Rose bush) يا پوپٽ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. ڪو واحد عنصر فطرت جو وسيلو ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن جو خيال هو، ته سموري فطرت چئن عنصرن يا عنصرن تي آڌاريل آهي. اهي چار عنصر، هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه آهن. فطرت جا سمورا عمل هنن چئن عنصرن جي ميلاپ ۽ وڇوڙي سبب ٿين ٿا. سموريون شيون هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه جو مُرڪب آهن. پر هيءُ عمل مختلف طريقن سان ٿئي ٿو. جڏهن ڪو به گل يا ڪو جانور مري ٿو، ته هي چار عنصر وري وڇڙن ٿا. هي تبديليون اسان ظاهري اکين سان ڏسي سگهون ٿا پر مٽي ۽ هوا، باهه ۽ پاڻي جن سمورن مرڪبن جو حصو آهن، انهن کان اڻ ڇُهيل ۽ دائمي رهن ٿا. تنهنڪري اهو چوڻ ٺيڪ نه آهي ته هر شيءِ، تبديل ٿئي ٿي. بنيادي طور، ڪجهه به تبديل نٿو ٿئي. ڇا ٿو ٿئي، ته هي چار عنصر ٻيهر ملڻ جي لاءِ ڌار ٿين ۽ ملن ٿا. اسان انهن کي مصوريءَ جي مثال سان سمجهائي سگهون ٿا. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن مصور وٽ ڇڙو هڪڙو ڳاڙهو رنگ هجي، ته هي ساوا وڻ ٺاهي نه سگهندو. پر جيڪڏهن هن وٽ نيرو، ڳاڙهو، پِيلو ۽ ڪارو رنگ هجي ته، هي ڪيترن ئي رنگن ۾ تصويرون جوڙي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو انهن کي ڪيترن ئي طريقن سان ملائي سگهي ٿو. اهو بنهه اتفاقي نه هو، ته ايمپڊاڪليس هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه کي فطرت جون جڙون چوندو هو. هن کان اڳ ۾ ٻين فلسفين هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه کي بنيادي جوهر (Primordial substance) سڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٿيلس ۽ انئگسيمينس ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو، ته پاڻي ۽ هوا ٻئي مادي دنيا (Physical world) جي ارتقا لاءِ لازمي عنصر هئا. يونانين جو خيال هو، ته باهه پڻ لازمي عنصر هو. انهن سمورين ساهوارين شين لاءِ سج جي اهميت کي ڏٺو ۽ کين معلوم هو، ته جانورن ۽ انسانن کي جسماني گرمائش آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ايمپڊاڪليس ڪاٺين کي ٻرندي ڏٺو هجي، اسان انهن جا ٽڙڪاٽ ۽ ڀڄڻ جا آواز ٻڌاندا آهيون. اهو ’پاڻي‘ آهي ڪا شيءِ دونهون ٿي مٿي ويندي آهي، اها هوا آهي. اسان باهه ڏسي سگهون ٿا. جڏهن باهه وسامي ويندي آهي، ته ڪا شيءِ رهجي ويندي آهي، اها خاڪ يا مٽي آهي ايمپڊاڪليس جي فطرت جي ڪايا پلٽ جي وضاحت کان پوءِ اسان هن جي ٻِي فڪري ڌارا ڏانهن اچون ٿا.

هن جو چوڻ هو، ته فطرت ۾ ٻه جدا قوتون ڪار فرما آهن، هڪڙو آهي پيار ۽ ٻي آهي جنگ. پيار شين جو سنگم ڪرائي ٿو ۽ جنگ انهن کي جدا ڪري ٿي. هي طاقت ۽ جوهر ۾ فرق ڪري ٿو. اڄ به سائنسدان عنصرن ۽ فطري طاقتن ۾ فرق ڪن ٿا. جديد سائنس چوي ٿي، ته سموري فطري ارتقا مختلف عنصرن ۽ ڪيترين ئي فطري قوتن وچ ۾ باهمي عمل (Interaction) طور سمجهائي سگهجي ٿي. هن اهو سوال پڻ اٿاريو، ته اسان جي ڏسڻ دوران ڇا ٿيندو آهي. مثال طور آءٌ گل کي ڪيئن ٿو پَسان؟ اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا واقع ٿئي ٿي؟ ڇا توهان ائين ڪڏهن سوچيو آهي؟ ايمپڊاڪليس جو ويساهه هو، ته اکين ۾ هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه موجود آهي. جهڙيءَ طرح فطرت ۾ ٻيون شيون موجود هونديون آهن. تنهنڪري منهنجي اکين ۾ موجود مٽيءَ وارو حصو منهنجي آس پاسي موجود مٽيءَ کي پَسي ٿو. هوا وارو حصو هوا وارا لقاءَ ڏسي ٿي، ’باهه‘ باهه جي شين کي ڏسي ٿي، ۽ ’پاڻي‘ وري پاڻي وارين شين کي ڏسي ٿو.

انئگزاگورس (Anaxagoras) (500 ق.م- 428 ق.م):

ايمپڊاڪليس وانگر انئگزاگورس ٻيو اهم ڏاهو ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي، جيڪو ان ڳالهه سان قطعي سهمت نه هو، ته ڪو پاڻيءَ جهڙو بنيادي واحد جوهر فطري دنيا جي سمورين شين ۾ منتقل ٿيندو رهي ٿو. نه ئي هن ان ڳالهه کي قبول ڪيو، ته مٽي، پاڻي، باهه ۽ هوا جهڙا عنصر رت ۽ هڏن جو روپ ڌاري سگهن ٿا.

هن جي نظر ۾ فطرت اکين کان اوجهل (Invisible to the Eyes) لاتعداد ننڍڙن ذرڙن جي ٺهيل آهي.  وڌيڪ اهو، ته هر شيءِ کي اڃا به وڌيڪ ننڍڙن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پر اڃا به ننڍڙن ذرڙن ۾ ٻين شين جا ٽڪرا موجود آهن. جيڪڏهن گل ۽ هڏا ڪنهن ٻئي شيءِ جي ڪاياپلٽ ناهن، ته اهي ضرور واپرايو ويندڙ کير ۽ کاڌي ۾ موجود هوندا.

ايمپڊاڪليس سوچيو، ته اها محبت هئي جنهن سمورن جسمن ۾ موجود عنصرن کي پاڻ ۾ ملايو ٿي. انئگزاگورس پڻ ويچاريو، ته ’ترتيبي‘
 (Order) ڪنهن قوت وانگر ماڻهن، جانورن، گلن ۽ وڻن کي ڄڻيندي رهي ٿي. هن ان قوت کي نوس (Nous) يعني ذهن (Mind) يا ذهانت (Intelligence) سڏيو. انئگزاگورس دلچسپ آهي ڇاڪاڻ، ته هيءُ اٿينز ۾ پهريون فلسفي هو، جنهن جو تعلق ايشيا مائنر سان هو پر هو 40 سالن جي ڄمار ۾ اٿينز ڏانهن هليو آيو هو. بعد ۾ مٿس ملحديت (Atheism) جو الزام مڙهي نيٺ شهر ڇڏڻ تي لاچار ڪيو ويو هو. ٻين شين سان گڏ، هن چيو ته سج ديوتا نه پر اهو ٻرندڙ ڳاڙهو پٿر آهي جيڪو سڄي پيلو پولينيشيائي رڻ پٽ کان وڏو هو. انئگزاگورس جي عام طور تي علم آڪاس ۾ دلچسپي هئي. هن جو خيال هو، ته سمورا آسماني جسم، ڌرتيءَ وانگر ساڳئي جوهر (Substance) مان ٺهيل هئا. هي شهاب ثاقب (meteorite) جي اڀياس کان پوءِ ئي ان نتيجي تي پهتو هو. ان مان کيس ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيس، ته ٿي سگهي ٿو ٻين گرهن تي زندگيءَ جا آثار موجود هُجن. هن پڻ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو، ته چنڊ کي پنهنجي روشني نه آهي بلڪ ان جي روشني ڌرتيءَ کان اچي ٿي. هن سج گرهڻ جون وضاحتون پڻ ڏنيون هيون. هنن قديم يوناني فلسفين وٽ ڪي سائنسي اوزار نه هئا، جيئن اڄ ڪلهه جي سائنسدانن وٽ هوندا آهن. جنهن وسيلي هو ڪيميائي ڇنڊڇاڻ ڪندا آهن، تڏهن به هنن فطرت جو مطالعو ڪيو ۽ ان مان ئي ڪي نتيجا ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان لاءِ انهن کيرون لهڻيون، ڏند ڪٿائي يا روايتي سوچ جي اُبتڙ هنن پوري ارادي ۽ شعوري ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪيو.

ڊيموڪريٽس (Democritus) (460 ق.م- 370 ق.م):

ايمپڊاڪليس ۽ انئگزاگورس وانگر ڊيموڪريٽس پڻ يوناني فلسفي ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، جنهن ايٽم ۾ ڪائنات ڏسندي بيڌڙڪ چيو، ته سڄي ڪائنات ايٽمن جي ٺهيل آهي.

ڊيموڪريٽس يوناني فطري فلسفين مان آخري فلسفي هو جنهن ساڳين فڪرن کي اُجاريو ۽ انهن ۾ نواڻ آندي. ڊيموڪريٽس ايجين (Aegean) سمنڊ ڪنڌيءَ واقع ننڍڙي ڳوٺ ’ايبڊيرا‘ (Abdera) ۾ ڄائو هو. ڊيموڪريٽس اڳوڻن فلسفين سان سهمت هو، ته فطرت ۾ ڪاياپلٽ ڪنهن شيءِ جي تبديليءَ جي ڪري نه هئي. هن چيو، ته سموريون شيون ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ننڍڙين سرن جون ٺهيل آهن. ڊيموڪريٽس انهن ننڍڙن ايڪن (units) کي مادي جا ننڍڙا ذرا (Atoms) ٿي سڏيو. لفظ ’ايٽم‘ جي معنيٰ آهي، نه وڍڻ جوڳو
(Uncut table). ڊيموڪريٽس لاءِ ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏيڻ لازمي ٿي پيو، ته جن جوڙيندڙ حصن مان سموريون شيون ٺهيل هيون، اهي وڌيڪ ننڍڙن حصن ۾ ورهائجي نٿا سگهجن. جيڪڏهن هيءُ (عمل) ممڪن هجي ها، ته اهي سرن طور ڪم نه ڪن ها. جيڪڏهن اُڻا (ايٽم) ازل کان ئي وڌيڪ ننڍڙن حصن ۾ ٽٽي سگهن ها، ته هوند فطرت آهستي آهستي مسلسل طور تي اَلوپَ ٿيڻ لڳي ها. وڌيڪ اهو، ته فطرت جون سِرون ازل کان ئي آهن. ڇاڪاڻ ته ڪا به شيءِ نيستي مان نٿي اچي. انهيءَ ڪري هي اليطائي ڏاهن ۽ پارمينڊس سان سهمت هو. کيس ان ڳالهه ۾ پڻ ويساهه هو، ته ايٽم ٺوس ۽ اَٽل (Firm and solid) هئا. پر اهي سڀئي ساڳيا نٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن سڀئي ايٽم هڪ مهانڊي (Identical) هجن ها، ته ڪائي متعين سمجهاڻي ڪيئن ڏئي سگهجي ها، ته اهي ماڻهوءَ جي وارن ۽ رڍن ٻڪرين جي کل کان وٺي ڏوڏي ۽ زيتونن جي وڻن تائين گڏجي سموريون شيون ڪيئن ٺاهن ها.

ڊيمو ڪريٽس جو خيال هو، ته فطرت ۾ اڻ کٽ ۽ گوناگون قسم موجود آهن. جديد سائنسي سوچ ۽ طبعيات جي ڄاڻ جي آڌار تي اسان ڊيموڪريٽس جي ايٽم واري نظريي کي وڌ يا گهٽ، درست سمجهون ٿا. جڏهن جان ڊالٽن جهڙا مفڪر ۽ طبعي سائنسدان اڃا هن دنيا ۾ نه آيا هئا ۽ ايٽم جي نظريي کي ايترو آسان ۽ سولو نه سمجهيو ويو هو تڏهن به ڊيموڪريٽس ۽ سندس عصر فلسفي ليوسيپس ايٽم بابت پنهنجا نظريا عام ماڻهن جي ذهنن تائين رسائڻ ۾ ڪجهه ڪي قدر ڪامياب ضرور ويا هئا. اها پڻ ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي، ته سچ پچ به فطرت مختلف مادي ذرڙن (ايٽمن) جي ٺهيل آهي جيڪي وڇڙندا ۽ ملندا رهن ٿا. جديد سائنسي سوچ جي آڌار تي اسان ڊيموڪريٽس جي هن مادي ذرڙن جي نظريي کي وڌيڪ سولائيءَ سان ائين سمجهي سگهون ٿا، ته اسان جي نڪ جي چوٽيءَ جي حيات گهرڙي (cell) ۾ موجود هائڊروجن ايٽم ڪنهن زماني ۾ هاٿيءَ جي سُونڍ جو حصو هو. اسان جي دل جي شريان جو ڪارباني ايٽم ڪنهن زماني ۾ ڊائنوسار جي پڇ جو حصو هو. هلندڙ دور جي سائنسدانن اهو ڳولهي ورتو آهي، ته ايٽمن کي ننڍڙن عنصري ذرڙن (Elemental particles) ۾ ٽوڙي سگهجي ٿو، جن کي هاڻي اليڪٽران (برقي ذرڙو)، پروٽان، نيوٽران ۽ پازيٽران چيو وڃي ٿو. اهو امڪان آهي، ته اهي ڪنهن ڏهاڙي اڃا به وڌيڪ ننڍڙن ذرڙن ۾ ٽوڙيا ويندا. پر طبعيات جا ماهر ان ڳالهه تي سهمت ٿين ٿا، ته ائين ڪندي ڪندي هڪ حد تي بيهڻو پوندو. ننڍي ۾ ننڍو ذرڙو اهڙو هوندو جن جي فطرت ٺهيل آهي.

ڊيموڪريٽس وٽ ڪو جديد برقياتي اوزار (Modern Electronic Apparatus) ته نه هو جنهن سان هو انهن ذرڙن جي حقيقت تائين رسائي ڪري سگهي ها؛ پر هن وٽ فقط مخصوص اوزار سندس ذهن هو. جڏهن ان کي مڃيو وڃي ٿو، ته ڪا به شيءِ تبديل نٿي ٿئي. ڪا به هستي نيستيءَ مان نٿي پيدا ٿئي ۽ ڪابه هميشه غائب نٿي ٿئي، ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو، ته فطرت ضرور انهن اڻ کٽ سِرن جي آڌاريل آهي، جيڪي وڇڙندا ۽ وري ملندا رهن ٿا. ڊيموڪريٽس جو ان ڳالهه ۾ قطعي ايمان نه هو، ته ڪا ئي ’شڪتي‘
يا ’آتما‘ فطرت جي ارتقا ۾ عمل دخل ڏيندي رهي ٿي. هن جي نظر ۾ اهي ئي شيون زندهه هيون جن کي هن مادي ذرڙا (ايٽم) ۽ خال
(void) جي نانءُ سان سڏيو ٿي. جيئن ته هن جو ويساهه مادي شين ۾ هو. تنهنڪري اسين کيس جڙواد (Materialist) سڏيون ٿا. هن جي نظر ۾ ايٽمن جي حرڪت ۾ ڪو به شعوري ارادو (Conscious design) نه آهي. فطرت ۾ سموريون شيون بنهه پاڻمرادو (ميڪانيڪي طور) هلن ٿيون. هر شيءِ جي هئڻ جو فطري ڪارڻ آهي، اهو شيءِ جو موروثي ڪارڻ آهي. ڊيموڪريٽس ڪنهن ڀيري چيو هو، ته هو فارس جي بادشاهه ٿيڻ بدران فطرت جو نئون ڪارڻ دريافت ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ پسند ڪري ٿو.

ڊيموڪريٽس جي خيال ۾ ايٽم جو نظريو (Atomic theory) پڻ اسان جي حِسي ڄاڻ (Sense perception) جي وضاحت ڪري ٿو. جڏهن اسان ڪنهن شيءِ جو ادراڪ ڪريون ٿا، ته اهو ايٽمن جو خِلا ۾ حرڪت جي ڪري حاصل ٿئي ٿو. جڏهن آءٌ چنڊ کي ڏسان ٿو، اهو ’چنڊ جي ايٽمن‘ (moon atoms) جو اکين ۾ پيهي وڃڻ (penetrate) ڪري ٿئي ٿو. هاڻي سوال اُڀري ٿو، ته ڀلا اسان آتما (Soul) جي ايٽمن بابت ڇا ٿا چئي سگهون؟ پڪ سان اهي مادي شين جي ايٽمن تي آڌاريل نٿا ٿي سگهن؟ بلڪل ائين ئي آهي. ڊيموڪريٽس جي نظر ۾ ’آتما‘ خاص قسم جي گول ۽ سڌن ’آتمائي ايٽمن‘ جي جُڙيل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو مري ويو ٿي، ته آتما جا ايٽم هر پاسي اُڏامي ويا ٿي ۽ پوءِ هڪ نئين آتما جو حصو بڻيا ٿي. هن مان اهو سمجهيو ويندو هو، ته انسانن جون آتمائون فاني آهن. ٻيو عقيدو جيڪو اڄ ڪلهه جي ماڻهن وٽ موجود آهي. ڊيموڪريٽس وانگر اهي سمجهن ٿا، ته ’آتما‘ جو تعلق ذهن سان آهي ۽ جڏهن ذهن هڪ ڀيرو وِکري (Disintegrate) وڃي ٿو، ته اسان وٽ شعور جي ڪائي شڪل نٿي رهي.

ڊيموڪريٽس جو ايٽمي نظريو ڪجهه عرصي لاءِ يوناني فطري فلسفي جي پُڄاڻيءَ جو اُهڃاڻ بڻجي ويو. هي هيراڪليٽس جي ان ڳالهه سان سئو سيڪڙو سهمت هو ته فطرت جي هر شيءِ روان دوان هئي، جڏهن ته شڪليون مٽبيون سٽبيون رهن ٿيون. پر هر روان هوندڙ شيءِ جي پٺيان ڪي لافاني ۽ اَڇل شيون هيون جيڪي روان نه هيون. ڊيموڪريٽس انهن کي ايٽم سڏيو.

نتيجتاً ڊيموڪريٽس جو فڪر ان ڳالهه تي آڌاريل هو، ته فطرت تبديل نه ٿيندڙ ننڍڙن ذرڙن جي ٺهيل هئي. ساڳي وقت هي ان ڳالهه ۾ بلڪل صحيح هو، ته فطرت جون سموريون صورتون ’روان دوان‘ هيون. ڇاڪاڻ ته سموريون شيون فنا ٿين ٿيون، جانور مرن ٿا، ايتري تائين جو جابلو سلسلو هوريان هوريان ٽٽندو رهي ٿو. ڳالهه اها هئي ته جابلو سلسلو اٽوٽ نظر نه ايندڙ ذرڙن جو ٺهيل آهي.

ڊيموڪريٽس ساڳئي وقت نوان سوال اُٿاريا هئا، مثال طور، هن چيو، ته هر شيءِ پاڻمرادو (ميڪانيڪي طور) هلي رهي آهي. هن ان ڳالهه کي نه مڃيو، ته زندگيءَ ۾ ڪا روحاني شڪتي (Spiritual force) هئي، جيئن ايمپڊاڪليس ۽ انئگزاگورس سمجهيو هو. ڊيموڪريٽس پڻ سمجهندو هو، ته ماڻهوءَ جي آتما فاني هئي. جيتوڻيڪ ڊيموڪريٽس، سقراط کان ڪجهه سال پوءِ گذاري ويو، تڏهن به هن جا سمورا نظريا ’سقراط کان اڳ‘ واري فطري فلسفي سان منسوب ڪيا وڃن ٿا. خود سقراط به ڊيموڪريٽس جي لکڻين کي پڙهيو هو. اها سقراط جي اڻ پڙهيل هئڻ واري ڏند ڪٿا کيس اڳين علمن سان لڳاءُ هئڻ کان قطعي انڪار آهي. ان ڪري ڪي اتهاسڪار لکن ٿا، ته هن وٽ پارمينڊس، هيراڪليٽس ۽ ڊيموڪريٽس وغيره جا لکيل ڪتاب موجود هوندا هئا ۽ انهن تي هو تنقيدي  رايا ڏيندا هو، ان ڪري اسان ايندڙ فلسفيانه بحثن ۾ سقراط، سندن موڀي شاگرد افلاطون ۽ ٻين تي ڪجهه وضاحت سان لکنداسين.

سوفطائي فڪر (Sophist`s philosophy):

سقراط جي زماني ۾ ڪي رولاڪ استاد هوندا هئا جيڪي گهر گهر  ۽ در در وڃي فلسفو پڙهائيندا هئا ۽ ماڻهن کي زندگي گهارڻ جو گس ڏسيندا هئا. هو اهڙي عمل جي عيوض پيسا ڏوڪڙ وٺندا هئا. هيءُ دور فطرت کان انسان تائين منتقل ٿيڻ جو فڪري عهد هو، جنهن جو مرڪز فقط انسان ۽ سماج هو. هنن رولاڪ استادن ۾ سڀ کان اهم استاد ۽ داناءُ پروٽا گورس ٿي گذريو آهي، جنهن بيڌڙڪ ٿي چيو، ته “Man is measure of all things” ”انسان ئي شين جي ڪٿ ڪندڙ آهي.“ سقراط هنن رولاڪ استادن تي ڪڙي تنقيد ڪئي ۽ سندن علم سيکارڻ جي عيوض ڏوڪڙ وٺڻ واري عمل کي پڻ ننديو. توڻي جو سقراط به انهن جي بحثن واري طريقي کي پنهنجايو هو. هو ڪجهه بحثي ۽ پنهنجي خيالن کي مڃرائڻ ۾ ماهر هئا. ٻه ۽ ٻه چار جي عيوض پنج چوڻ کي هو انسان جي پنهنجي داخلي ڄاڻ کي اوليت ڏيندا هئا. يعني دنيا ۽ ان ۾ موجود شيون جنهن کي جيئن نظر اچن ٿيون، اهي ئي حقيقت آهن. ڪانٽ جي فلسفي وانگر جنهن کي سائي عينڪ پاتل هوندي ته ان کي دنيا به سائي نظر ايندي، جنهن کي ڳاڙهي عينڪ پاتل هوندي ته ان کي دنيا، ڳاڙهي نظر ايندي. هنن جي فڪر ۾ هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجو پنهنجو سچ آهي.

(بيت)

وِڄون وسڻ آئيون

گوريءَ گُجري پير ۾،

 

چوريءَ ڪيئن اچي!

گهر گهر گهنگهرو گونجندا،

 

ميڙو ڀل ته مچي؛

نانگي اڄ نچي،

 

داتا تنهنجي دوارَ تي!

جوڳڻ سڀڪا جيءَ ۾،

 

ميران مٽ نه ڪا؛

ٿيندي گيڙوءَ گيت سان،

 

ڪهڙي منڌ مٽا!

ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون،

 

ڪنهن ڪنهن منجهه ڪلا؛

جنهن ۾ جيءَ جِلا،

 

ڪانکي تنهن جو ڪينرو.

ڳوڙها ڳاڙي رت جا،

 

پيلا ڳل لڪاءِ،

اُف انهن تي جي اَچي،

 

چَپ ڪپي اڇلاءِ،

تن وٽ ووءِ نه واءِ،

 

جن وٽ نعرا نينهن جا!

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ،

 

پوءِ به نعرا نينهن جا؛

سنڌڙيءَ جو سؤڳنڌ،

 

مرنداسين پر مرڪندي!

ايءُ به ڪوئي آسرو،

 

مٽيءَ ملندو مانُ!

ڳهلا! ڳوڙها خاڪ تي،

 

ايءُ به ڪو احسان!

وڃ وڃ، تون نادانُ،

 

گهوريان توکي گهڻگهرا!

آري واري جندڙي،

 

پهتس پهتس ڄاڻُ؛

گهوريان تنهنجي گهور تان،

 

پنهون پنهنجو پاڻ؛

تون ته سدا مون ساڻ،

 

سمجهي لوڪ اڪيلڙي.

گوندر گُرڙي رَت جي،

 

تو وٽ امرت- ڍُڪ؛

تنهنجي ٻولي ڇانورو،

 

لوءِ نسوري لڪ؛

چارڻ ايڏي چڪ،

 

ڳاءِ ته اڀري سنڌڙي.

- شيخ اياز

هر هڪ انسان جي وجود ۾ پيار رهي ٿو، پيار جي طفيل انسان جي اندر ۾ مختلف ڪيفيتون جنم وٺنديون آهن، جيڪي کيس تخليقڪاريءَ ۾ مختلف روپن ۾ نمودار ڪنديون آهن. اهڙي طرح ڪنهن کي مصوّر جو روپ ملندو آهي ته ڪو ادب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي، ڪهاڻيڪار، افسانه نگار يا وري شاعر/ڪويءَ جو روپ ماڻيندو آهي.

شاعريءَ يا ڪويتا جو سٻنڌ شاعر/ڪويءَ جي انهن ڪيفيتن سان ئي جُڙيل رهي ٿو. چاهي اُهي ڪيفيتون درد، احساس، پيار، انقلاب، مزاحمت ۽ سماج جي انيڪ اوڻاين ۽ مسئلن سان منسلڪ هجن. اُهي ڪيفيتون ان شاعر/ڪويءَ کي انيڪ خواب ڏيکارينديون آهن. اهڙن مسئلن ۽ اوڻاين جي حل جا، خوابن جي تعبير تائين پهچڻ لاءِ کيس سوچ جو گهرو ساگر ترڻو پوندو آهي. اها سوچ ساعتن جي نه هوندي آهي بلڪ پوري ڄمار ان شاعر يا ڪويءَ جي دماغي دائري ۾ دخل انداز رهڻ سان ئي ان کي تخليقڪار جو روپ ارپيندي آهي ۽ اهو روپ ئي ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪنهن به تخليق جا رنگ چٽا ڪرڻ جو ۽ هن جي خوابن جي تعبير جي منزل ماڻڻ جو.

 

محمد دائودميمڻ ”تاج“ ٽکڙائي

ڪتاب ”چنڊ بنا آڪاش اَڌورو“ص 17-18 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org