ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
وهي کاتي جا پنا
سنڌيءَ جي آتم ڪٿائي ادب ۾ اهم اضافو
دنيا ۾ سڀ کان گهڻو پڙهي ويندڙ ادبي صنف آتم ڪهاڻي
آهي. انهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر خاص
طور هن ۾ ليکڪ جنهن صداقت، ايمانداري ۽ سچائيءَ
سان زندگيءَ جي تجربن ۽ آسپاس جي حالتن جو بيباڪ
ٿي بيان ڪري ٿو، اهو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وٺي
ڇڏي ٿو.
آتم ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جي نه صرف ذاتي زندگي جا
تجربا، پڙهندڙ جي دلچسپيءَ جو سبب هوندا آهن، پر
پنهنجي دور جي سياسي، سماجي حالتن جو جنهن سچائيءَ
سان بيان ڪري ٿو، اهو بيمثال آهي. دنيا جي سياسي،
سماجي، علمي ۽ ادبي حالتن جو تاريخي رڪارڊ آتم
ڪهاڻين ۾ موجود هوندو آهي. ڪيتريون ئي حقيقتون،
سچايون، تاريخي واقعا ۽ انهن جي اصل پس منظر جو
پتو اڪثر آتم ڪهاڻين مان ئي پوي ٿو. اهڙا تاريخي
انڪشاف جن جو ڪٿي به تاريخ ۾ احوال نه ٿو ملي، اهي
آتم ڪهاڻين ۾ اسان کي ملن ٿا. جنهنڪري آتم ڪٿائي
ادب کي تاريخ جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. زندگيءَ جي
مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا تجربا جدا
جدا ٿين ٿا، اهڙا نوان نرالا احوال اسان کي آتم
ڪهاڻين ۾ ئي ملن ٿا. سياست، ادب، تاريخ ۽ صحافت
سان واسطو رکندڙ ڪيترين شخصيتن شاهڪار آتم ڪهاڻيون
تخليق ڪيون آهن جيڪي هڪ وڏو علمي ماخذ به ثابت
ٿيون آهن. گورڪي، ٽالسٽاءِ کان ويندي نيلسن منڊيلا
۽ ٻين ڪيترن ئي بين الاقوامي شخصيتن پنهنجي آتم
ڪهاڻين ۾ پنهنجي دؤر جي تاريخ رقم ڪئي آهي. سنڌي
ادب ۾ 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي ترتيب
کان پوءِ جديد نثري صنفن جي لکڻ جو رواج پيو.
پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم سنڌيءَ ۾ هن صنف جي
شروعات جي حوالي سان لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ جيون ڪهاڻيءَ جي شروعات 19 صديءَ
جي پوئين اڌ ۾ ٿي، جنهن جو پهريون مثال سيٺ
نائونمل جي آتم ڪهاڻي ”يادگيريون“ آهي، جيڪا هن
سنڌيءَ ۾ لکي ۽ سندس پٽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي.“
(1)
اهڙي طرح هن صنف جي شروع ٿيڻ سان ڪيترن عالمن ۽
اديبن هن طرف ڌيان ڏنو. هن سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ
جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“، علامه عمر بن
محمد دائودپوٽي جي آتم ڪهاڻي ”منهنجي مختصر آتم
ڪهاڻي“، پير عالي شاهه جيلاني جي ”منهنجي ماضيءَ
جا چند ورق“، سائين جي.ايم.سيد ”پنهنجي ڪهاڻي
پنهنجي زباني“، محمد صديق مسافر جي ”منازل مسافر“،
محمد صديق ميمڻ جي ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“، محمد
اسماعيل عرساڻيءَ جي ”سکر سي ئي ڏينهن“، ”رئيس
ڪريم بخش خان نظاماڻي جي ”ڪيئي ڪتاب“، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي جي ”ديپڪ ۽ ملهار“ اهم رهيون
آهن. سنڌ ۾ انهن کان علاوه جمال ابڙي جي پنجن جلدن
۾ مشتمل آتم ڪهاڻي ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”ايندو نه
وري هي وڻجارو“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”اونهي ڳالهه
اسرار جي“، شيخ اياز جي چئن جلدن تي مشتمل آتم ڪٿا
”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، جديد ادب جي سرواڻ ليکڪن
جون اهم آتم ڪٿائون آهن. ڊاڪٽر قاضي خادم جي ”دل
جي دفتر مان“، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي آتم
ڪٿا مختلف جلدن ۾ ”رهاڻ هيرن کاڻ“ ۽ ”روشني جي پنڌ
۾“، سوڀي گيانچنداڻي جي نالي شايع ٿي چڪيون آهن.
هند جي ڪيترن ئي ناليوارن ليکڪن جون آتم ڪٿائون
وقت بوقت شايع ٿينديون رهيون آهن. انهن ۾ پوپٽي
هيراننداڻيءَ جي آتم ڪٿا ”منهنجي حياتيءَ جا سونا
روپا ورق“، هري موٽواڻيءَ جي، ”آخري پنا“، گوبند
مالهيءَ جي ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“، هري دلگير جي
”چولو منهنجو چِڪ ۾“، نارائڻداس ملڪانيءَ جي
”نرالي زندگي“، موهن ڪلپنا جي ”بک عشق ۽ ادب“ اهم
رهيون آهن. هن وقت ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي روزاني
”عوامي آواز، اخبار ۾ هفتيوار (هر آچر تي) پنهنجي
آتم ڪهاڻي لکي رهيو آهي.
2015ع ۾ مڪمل ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل هند جي نالي
واري ليکڪ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪهاڻي ”وهي کاتي جا
پنا“، سنڌي ٻوليءَ جي آتم ڪٿائي ادب ۾ اهم اضافو
ثابت ٿي آهي. هيءَ آتم ڪٿا مختلف ادبي رسالن ۾
قسطوار شايع ٿيندي رهي. جن ۾ سڀ کان پهرين ماهوار
سوجهرو، پندره روزه عبرت مئگزين ۽ آخر ۾ ٽِه ماهي
’سارنگا‘ ۾ شايع ٿي، ڪتابي صورت ۾ ٽن جلدن ۾ شايع
ٿي. ان بعد 2015ع ۾ ٽنهي جلدن واري مواد سميت رهيل
ٽن قسطن کي چوٿين جلد ۾ گڏي روشني پبليڪيشن طرفان
ڇپجي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪل قسطون يا وهي
کاتي جا ڪل پنجهٺ پنا آهن. مهاڳ پروفيسر سليم ميمڻ
لکيو آهي. هن آتم ڪهاڻيءَ جي بنيادي خوبي بيان
ڪندي سليم ميمڻ لکي ٿو: ”وهي کاتي جا پنا“ جي جيڪا
بنيادي خوبي آهي سا ان جو افسانوي انداز سان بيان
آهي، جيتوڻيڪ لڇمڻ بنيادي طور شاعر آهي، پر هن
پنهنجي آتم ڪٿا جي واقعن کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪري
ان ۾ فنڪاراڻو حسن پيدا ڪيو آهي ۽ ڪن مرحلن تي
پنهنجي ذات کي ڌار ڪري افسانوي ڪردارن ذريعي
پنهنجي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو اٿس. (2) لڇمڻ وٽ
افسانوي انداز سان گڏ سچائي ۽ ٻوليءَ جي وڻندڙ
جملن جو جابجاءِ استعمال آهي. سڄي آتم ڪٿا ۾
باقاعدي تربيت ۽ تسلسل نه هئڻ باوجود احساسن، جذبن
جو تسلسل آهي. درد به آهي ته خوشي به، وڇوڙا به
آهن ته وصل به آهي. سنڌ سان محبت جا گهرا جذبا
آهن. عام معلومات به آهي، تاريخ، سياست، ادب، فلمي
دنيا کان ويندي حيات سان واسطو رکندڙ هر موضوع جو
هڪ خوبصورت دل کي ڇُهندڙ بيان آهي. پهرين پني جي
شروعات ئي هن طرح ڪري ٿو:
”چون ٿا استاد علاؤالدين خان جڏهن اڃا پنهنجي ماءُ
جي ٿڃ ڌائيندو هو ته هن جي ڇاتيءَ تي پنهنجين
پتڪڙين آڱرين سان طبلو وڄائيندو هو، منهنجي ماءُ
منهنجي ڄمڻ کان پوءِ مهيني اندر ئي جلندر جي
بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويئي، انڪري مون ٿڃ، پنهنجي
ڄڻائيندڙ صفوران دائيءَ جي ڌاتي ۽ هن عمر تائين
مان ڪنڊياري جي صفوران کي پنهنجي اصلي امان ڪري
مڃيندو آهيان ۽ پنهنجي همعصر هن جي پٽ نوري کي
پنهنجو سڳو ڀاءُ ڪري سمجهندو آهيان. صفوران الائي
جيئري آهي، الائي نه ۽ نورمحمد وئڪسينيٽر به هاڻي
مون جيان رٽائرڊ ٿي ڪنڊياري ۾ هوندو الائي نه(3).“
(لڇمڻ، ص 19) شروعات ئي منفرد انداز سان ڪري ٿو،
جنهن ۾ ڄاڻ، محبت ۽ درد کي روانيءَ سان پيش ڪري
ٿو. هيءَ سڄي آتم ڪهاڻي بلڪل منفرد ۽ غير معمولي
آهي. لڇمڻ هندستان ۾ جنهن ماحول ۾ رهيو، اتي جا
روايتي قدر ۽ ٻولي، بلڪل جدا آهي پر پنهنجي طرز
تحرير ۾ لڇمڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌ جي محبت،
اعليٰ انساني قدرن ۽ سچ کي وڏي جرئت سان نِج انداز
۾ پيش ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا ماهر سراج الحق
ميمڻ لڇمڻ جي طرز تحرير ۽ ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي
لکي ٿو ته:
”مون کي اهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو، هندستان جي
اڪثر سنڌي لکندڙن جي ٻولي سنڌي هندي ۽ سنسڪرت جو
هڪ عجيب مربو ٿي پئي آهي ۽ هتي سنڌ جي پڙهندڙن کي
ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي ۽ ان مان هو اهو حظ حاصل ڪري
نه سگهندا آهن، جيڪو لکندڙ پنهنجي لکڻين ذريعي ڏيڻ
چاهيندا آهن. پر لڇمڻ جي ٻولي گهڻو تڻو ان عيب کان
آجي آهي، انڪري هن جي ٻولي ۽ طرز ڏاڍي روان ۽ حظ
حاصل ڪرڻ جهڙي آهي. ٿورن لفظن ۾ هي ڪتاب سنڌي ادب
۾ هڪ ملهائتو اضافو آهي، جنهن جا نهايت سٺا اثر،
سنڌ جي لکندڙن ۽ عام پڙهندڙن تي پوندا.“(4)
پنهنجي ڀاٽيا خاندان جي پس منظر کان ويندي زندگيءَ
جي هر واقعي کي اهڙي ته دلفريب انداز ۾ پيش ڪري ٿو
جو تحرير پڙهندڙ جي روح ۾ لهي وڃي ٿي. آتم ڪٿا جي
بنيادي اصول سچ کي اهڙي ته رومانوي انداز ۾ پيش
ڪري ٿو جو باوجود زندگيءَ جي اوڻاين ۽ ڪمزورين کي
پيش ڪرڻ پڙهندڙ جي ساڻس همدردي ۽ محبت وڌندي وڃي
ٿي. اهائي آتم ڪٿا جي بنيادي خوبي هوندي آهي ليکڪ
سچ کي تحرير ۾ ڪيتري جاءِ ڏئي ٿو. دنيا جي بهترين
آتم ڪهاڻين جي ليکڪن زندگيءَ جي ڪارنامن بجاءِ سچ
کي ئي اوليت ڏني آهي. اهو به هڪ وڏو ڪارنامو آهي
جو تلخ حقيقتن کي سڀ جي سامهون آڻي ڇڏجي. هر فرد
جون پنهنجي ذات، خاندان توڙي سماج جي حوالي سان
ڪيتريون حقيقتون اهڙيون ڳجهيون ٿين ٿيون، جو
جيڪڏهن هو پاڻ انهن تان پردو نه کڻي ته هوند ڪنهن
کي ڪابه خبر نه پوي. لڇمڻ پنهنجي ذات خاندان ۽
سماج جي اهڙن ڪيترين ئي حقيقتن جي سمنڊ کي ڪتاب ۾
سموهيو آهي. پنهنجي ڏاڏي لاءِ لکي ٿو ته:
”ڏاڏو بيحد دهشتناڪ وڏو پاٿاريدار ۽ ظالم زميندار
هو، وڏا وڏا ڪاٽڪو، رهزن ۽ رساگير پاليل هئس، رات
جي مانيءَ تي اڌ بوتل خيرپوري ۽ سڄو ڇيلو کائي
ويندو هو، جڏهن هو منجهند جي ماني کائي آرام ڪندو
هو ۽ هاريءَ جو معصوم ٻار بيگار ۾ هن جي ويڪري
نواڙ جي کٽ مٿان لڳل جهلي ڇڪيندو هو ته حڪم سان
گهٽيءَ مان ڪوبه ماڻهو جتي پائي نه هلندو هو، متان
جتيءَ جي چين چين جي آواز تي زميندار صاحب جي ننڊ
نه ڦٽي پوي(5). (لڇمڻ ڪومل، ص 22)
ساڳئي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته:
”مان ستن اٺن سالن جو هئس، هڪ ڏينهن ڀر واري ڳوٺ
جو زميندار محمد علي شاهه جيڪو بابا جو گهرو دوست
هو ۽ ٻئي گڏجي مظلوم هارياڻين جون لڄون لٽيندا
هئا، ۽ دارونءَ جا دنگ ڏوگهيندا هئا…“(6) (لڇمڻ
ڪومل، ص 22)
نارائڻ شيام جي والد جو نالو ته ادبي تاريخن ۾
آهي، پر هُو سٽي مئجسٽريٽ هو، ان جو ذڪر گڏوگڏ
شيام جي شخصيت جي ڪيترن ئي نرالن پهلوئن کي به
جابجا آتم ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ورهاڱي کان
اڳ نوابشاهه ۾ علمي ادبي سرگرمين، سياسي ۽ فڪري
تحريڪن جي اوسر انهن ۾ حصو وٺندڙ ليکڪ سياستدان
انهن جا نرالا انداز پنهنجي شاهي گهراڻي جي جو ذڪر
ته نهايت وڻندڙ انداز ۾ ڪري ويو آهي جنهن ۾ ڪٿي
مزاحيه ٽوٽڪا به شامل آهن، پر اڳتي هلي هانءُ
ڏاريندڙ ورهاڱي واري سوڳوار ماحول ۾ پڙهندڙن کي به
سوڳوار ڪري ڇڏي ٿو.
لڇمڻ وٽ زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ آهن، اُتساهه،
محبت، مذهب، انسانيت، درگاهون، تاريخ هر موضوع کي
پُرلطف ۽ معلوماتي انداز ۾ پيش ڪندو ٿو وڃي. لفظ
لفظ ۾ جادو ڀري ڇڏيو اٿس. پڙهندڙ کي زندگيءَ جي
اهڙي وسيع باغ جو سير ڪرائي ٿو، جنهن ۾ هر قسم جا
گل ميوا پکي، مڌ موسيقي راڳ، ناچ، سونهن به آهي ته
ان جو اُجڙيل پاسو به آهي. ورهاڱي کان اڳ واري
شاهاڻي زندگي ۽ ورهاڱي بعد در در جون ٺوڪرون،
بُکون، ڇڙواڳون، صحبتون، ذلتون ۽ محبتون سڀني کي
ميڙي وٺي ٿو. هند جي وڏن اداڪارن، شاعرن،
سياستدانن جي زندگيءَ جا ڪيترائي نوان پهلو روشن
ڪري، جيئن هند جي ليجنڊ اداڪار لاءِ هڪ جاءِ تي
ٻڌائي ٿو ته ان جا ناناڻا اصل سنڌ جي ڊگهڙي جي
پاسي جا آهن. سندس زبان ۽ انداز کي ڏسي سراج جي
هيءَ راءِ بلڪل سؤ سيڪڙو سچ ثابت ٿئي ٿي ته: ”سنڌي
هڪ جذباتي زبان آهي“
پڙهندڙ توڙي لکندڙ جذبات تي قابو نٿا پائي سگهن.
لڇمڻ بنيادي طرح هڪ تخليقڪار سو به شاعر هجڻ جي
ڪري زبان جو وٽس تازو وهڪرو آهي. لفظ پڙهندڙ جي
ڌيان کي سوگهو رکن ٿا. ڪيترائي ڪردار واقعا، منظر
لفظن جي اهڙي ترتيب سان پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ
انهن کي پنهنجي اکين اڳيان محسوس ڪري ٿو. سندس
خاندان جي معاشي توڙي سماجي حالت جيڪا ٻڙي درجي
کان به هيٺ ڪري پئي، ان کي پاڻ ڪيئن وري ان
بلنديءَ تائين کڻي ويا، جو زندگي جو هر سک به
ماڻيائون ۽ ناڻو ۽ نالو ٻئي ڪمايائون. لڇمڻ صحافي
۽ ليکڪ هئڻ ڪري دنيا کي خاص مشاهدي واري نظر سان
ڏٺو آهي. سنڌ ۽ هند جي جديد ۽ ترقي پسند شاعرن ۽
ليکڪن سان سندس ويجهڙائي رهي، سندن زندگين جا
ڪيترائي اهم واقعا، دلچسپ حقيقتون بيان ڪيون اٿس.
نه صرف وٽس ڄاڻ جو خزانو آهي بلڪه بيان ڪرڻ جو به
جادوئي انداز رکي ٿو. آتم ڪٿا تاريخ جي شاخ آهي،
تاريخ پنهنجي طور خشڪ ٿئي ٿي، پر هتي لڇمڻ جو قلم
روح جي گهراين سان هلي، پڙهندڙ کي بوريت يا خشڪيءَ
جو احساس نٿو ڏياري، بلڪه مذهبي فساد، انهن جا
ڪارڻ، اصل حقيقتون غيرجانبدارانه انداز ۾ پيش ڪري
ٿو. مختلف واقعن ۽ حالتن کي اهڙي انداز ۾ شروع ڪري
ٿو جو پڙهندڙ جي اڳتي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ تجسس ۽ اُڃ
وڌندي وڃي ٿي. حقيقت ۾ سنڌ مان لڏي ويل سنڌي جن جي
پيرن هيٺان اوچتو زمين نڪري ويئي، ٻيون به کين
ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ ذلتون برداشت ڪرڻيون پيون،
هيءَ آتم ڪٿا ۽ انهن جون ٻيون تحريرون جن ۾ رام
سچانند جوهراڻي جو ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ تخليق ۽
تحقيق جا ٻيا ڪيترائي ڪتاب ان ڳالهه جا واضح ثبوت
آهن ته هو سنڌ جا اصل ٺاهيندڙ هئا، سينگاريندڙ
هئا، پرڏيهه ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪندڙ، سخت محنت
ڪندڙ انسان هئا. اهڙي ناروا سلوڪ ۽ ڏکوئيندڙ حالتن
باوجود هنن ڪڏهن به سنڌ وطن کي نه وساريو، نه ڪڏهن
سنڌ سان محبت ۾ ڪا ڪمي آئي. هنن هند ۾ پنهنجي
ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو، پنهنجي
محنت سان معاش کي زبردست مضبوط ڪري دنيا جي تجارت،
هنر ۽ علم ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي، جيڪو هتي
جا مقامي رهواسي به ناهن ڪري سگهيا، هيءَ آتم ڪٿا
تاريخ جو هڪ روشن باب ۽ سنڌ جي آتم ڪٿائي ادب ۾
اهم اضافو آهي.
مددي ڪتاب ۽ حوالا
1.
قاضي خادم، 1996ع، ادب ۽ روايتون، حيدرآباد، سنڌي
ساهت گهر.
2.
ميمڻ سليم (مهاڳ) 2015ع، وهي کاتي جا پنا، ص 14،
ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،.
3.
ڪومل لڇمڻ، 2015ع، وهي کاتي جا پنا، ص 19،
ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن،.
4.
ميمڻ سراج، 2015ع، ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ، ص 94، (مرتب
تاج جويو)، سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز.
5.
ڪومل لڇمڻ، ڪنڊيارو، 2015ع، وهي کاتي جا پنا، ص
22، روشني پبليڪيشن.
6.
ايضاً، ص 22.
سيد
عادل عباس رضوي
مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾
مَرثيو ڪائنات ۾ شاعريءَ جي انتهائي قديم ترين
بلڪه ابتدائي صنف آهي، جنهن جو تعلق انسان جي
فطري، جذباتي ۽ روح جي پيڙاءُ واري ڪيفيت سان آهي،
جڏهن انسان پنهنجي روحاني ۽ پُردرد جذبن جو شاعري
جي خالص ۽ فطري روپ ۾ اظهار ڪندو آهي، ته اها
انسان جي انتهائي پُردرد ۽ حساس جذبن سان پڙهندڙ
توڙي ٻُڌندڙ زنده دل انسانن جي دلين تي نشتر جو ڪم
ڪندي ان کي به اَفسرده ۽ روئڻهارڪو بنائي ڇڏيندي
آهي. اهڙي شاعريءَ کي ئي مرثيو سڏيو وڃي ٿو، جيڪو
ڪنهن جي مظلوميت سان مارجي وڃڻ تي لُڙڪ لاڙڻ، آهه
و بُڪا ڪرڻ، پارَ ڪڍڻ، اَوسارا ڏيڻ، سياپو ڪرڻ،
پِٽڪو ڪرڻ، روڄ راڙو ڪرڻ، مقتول جون خوبيون،
خصوصيتون يا مظلوميت کي نروار ڪرڻ لاءِ نظم جي
پيرائي ۾ چيو يا لکيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ مرثيو
غمَ جو مهاساگر ۽ عروضي شاعريءَ جي انتهائي قديم
ترين صنف آهي.
تاريخ جو مطالعو اها ڄاڻ فراهم ڪري ٿو ته ڪائنات ۾
سڀ کان پهريون مرثيو ابوالبشر حضرت آدم عليہ
السلام پنهنجي فرزند حضرت هابيل عليہ السلام جي
مظلومانه شهادت تي چيو جيڪو سرياني زبان ۾ آهي ۽
جديد تحقيقن ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سَرياني
ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي انتهائي قديم صورت (شڪل)
آهي، مرثيي جي صنف ان کان پوءِ عرب، فارس ۽ هند ۾
ملي ٿي، ماضيءَ ۾ شاعريءَ جي ان صنف کي تمام وڏي
مقبوليت حاصل رهي، پر هاڻي شاعريءَ جي اها صنف
زوال پذير ٿي رهي آهي، نوحو، ويڻَ، زاريون،
اَولاڻا، اَوسارا، لوليُون ۽ سلام به شاعريءَ جي
اُن ئي صنف مان ڦُٽي نڪتل آهي.
تازو مصنف ۽ محقق زوار عبدالستار درس شاعريءَ جي
هن صنف تي ”مرثيو تاريخ جي آئيني ۾“ جي عنوان سان
هڪ جامع تحقيقي ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنهن کي ”سيد
ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه
يادگار اڪيڊمي حيدرآباد پاران پروفيسر سيد اعجاز
علي شاهه رضوي شايع ڪرائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾
محقق انتهائي عرق ريزيءَ سان مرثيي جي تاريخ جي
ابتدا کان وٺي هن وقت تائين لکجندڙ مرثيي تي
انتهائي مفصل تحقيق ڪندي اهو لکيو آهي ته اها اَڻ
مٽ حقيقت آهي ته سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه
1886هجري بمطابق 1772ع ۾ نه صرف باقاعده سنڌي
مرثيه نويسي ۽ مرثيه گوئيءَ جو بنياد رکيو، پر ان
کي بامِ عروج تي پهچايو، ان ۾ نيون جِدتون، نوان
اسلوب، نوان استعارا ۽ رزميه شاعريءَ کي شامل ڪيو.
اهوئي سبب آهي جو سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه
کي باقاعده سنڌي مرثيه نويسيءَ جو باني تسليم ڪيو
وڃي ٿو، پر تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته سنڌي مرثيو
ڪائنات جي ابتدا کان موجود رهيو آهي ۽ سنڌ مان ئي
ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيو آهي.
زوار عبدالستار درس پنهنجي ان تحقيق کي مُستند
ثابت ڪرڻ لاءِ صرف ٺلهي دعويٰ يا صرف پنهنجو نظريو
پيش نه ڪيو آهي، بلڪه مضبوط دليل ڏيندي 38 کان مٿي
تاريخي ڪتابن ۽ رسالن جا حوالا ڏيندي تمام مفصل ۽
معلوماتي بحث ڪري مرثيي جي تاريخ، عرب ۾ مرثيو،
فارس ۾ مرثيو، هِند ۾ مرثيو، ڪربلا جي تاريخ ۽ سنڌ
سان تعلق رکندڙ شيعه توڙي سُني مَسلڪ سان تعلق
رکندڙ شاعرن جو مرثيو وارن عنوانن تي مفصل روشني
وڌي آهي. جنهن کي پڙهڻ سان شاعريءَ جي هن قديم
ترين بين الاقوامي صنف جي باري ۾ تمام وڏي ۽ قيمتي
ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
ڪتاب ”مرثيو تاريخ جي آئيني ۾“ ڪتب آندل عبارت به
ڏاڍي بامحاوره، سولي، سلوڻي ۽ سهڻي آهي جنهن مان
اهلِ علم حضرات تمام گهڻو استفادو حاصل ڪري سگهن
ٿا.
پروفيسر محمد معشوق بلوچ
ناول
مَکي کان موڪلاڻي جو اڀياس
سنڌي ادب ۾ ناول لکجڻ جو رواج، ڪافي گهٽجي ويو
آهي، پر ويجهڙ ۾ وري هن صنف ۾ ساهه پئجي رهيو آهي.
ناول، انساني زندگيءَ جو تفسير آهي. جيڪڏهن ناول
کي وقت ۽ حالتن سان هم آهنگ نه ڪيو ويندو ته اهو
ناول، ناول لکبو، پر ان جي ڄمار نه هوندي، ڇو ته
ناول زندگيءَ جي تجربن ۽ پيش ايندڙ واقعن ۽
وارتائن جي عمدي ۽ پرڪشش تصوير ڪشيءَ جو نالو آهي.
”مَکي کان موڪلاڻي“ ناول به انهي صف ۾ بيهي ٿو.
هيءُ ناول، مشهور ليکڪا شبنم گل لکيو آهي. هن ناول
۾ هڪڙي خاص انفراديت اها آهي ته هي ناول، نه رڳو
ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي اهميت تي روشني وجهي
ٿو، پر ان جي تحفظ ۽ سار سنڀال لاءِ واسطيدار
عملدارن جو پڻ ڌيان ڇڪائي ٿو. اسان جو اديب ته
پنهنجي قلم ذريعي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن
کي بيان ڪري ٿو، پر ان جو ڪينواس گهڻو ڪري پنهنجي
ذات پات، رسم رواج، اٿڻي ويهڻي، پيار، محبت،
وڇوڙي، نفرت ۽ ٻين ڪئين وڻندڙ ۽ اڻوندڙ موضوعن
تائين ڦهلجي ٿو.
اڄ جو اديب، ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي لاءِ شايد
لکندو هجي، مهذب قوم جا تڙپ رکندڙ فرد اهي ئي آهن،
جيڪي پنهنجي خيال رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي قدرتي
وسيلن، آبي ذخيرن، جهنگلي جيوت، قديمي آثارن وغيره
جي باري ۾ به فڪر مند هجن. اشتياق انصاريءَ هن
ناول جي مهاڳ ۾ بلڪل ٺيڪ لکيو آهي ته ”اهو موضوع
نئون ۽ وقتائتو آهي ڇو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي
قدرتي وسيلي ۽ ماڳن، زمين جي سونهن ۽ تاريخ جي
باري ۾ ٻين ملڪن جي ماڻهن وانگر ايترا باخبر ناهن.
انڪري هر قلمڪار کي ڌرتيءَ جي سونهن ورهائيندڙ
موضوعن تي وڌ ۾ وڌ لکڻ گهرجي.“
هن ناول ۾ چوٽياري ڊيم جي ٺهڻ جي سخت لفظن ۾ نندا
ڪئي ويئي آهي، ڇو ته هن ڊيم سبب، اتان جي رهندڙ
مقامي ماڻهن سميت مقامي ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت تي
نهايت هاڃيڪار اثر پيا آهن. چوٽياري ڊيم ضلعي
سانگهڙ ۾ ٺاهيو ويو آهي. ”سانگهڙ“ جي ذڪر نڪرڻ سان
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ناول ”سانگهڙ“ ياد
اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ پير صبغت الله راشدي ۽ ان جي
حرن جي جدوجهد کي ڪمال انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
”سانگهڙ“
شهر جي تاريخي اهميت کي پذيرائي ڏيڻ ۾ ”سانگهڙ“
ناول جو به هڪ منفرد ڪردار رهيو آهي. اهڙي ريت ڀيڻ
شبنم گل جو لکيل ناول ”مَکي کان موڪلاڻي“ به هڪ
پنهنجي نوعيت جو منفرد ناول آهي، جيڪو ”سانگهڙ“
ناول کانپوءِ هڪ نئين ۽ اڻ ڇهيل موضوع تي، نهايت
خوبصورت ۽ دلڪش پيرائي ۾ لکيو ويو آهي، جيڪو
يقيناً پنهنجي مڃتا ماڻيندو. جيئن مون مٿي ڄاڻايو
آهي ته قومن جا سلجهيل فرد پنهنجو پاڻ تي اها
ذميداري رکندا آهن ته جهڙي ريت پنهنجو خيال رکندا
آهن، تهڙي ريت پنهنجي ماحوليات، جهنگلي جيوت، آثار
قديمه، قدرتي وسيلن ۽ پنهنجي ڌرتي جي چپي چپي سان
به پيار ڪندا آهن. شبنم گل هيءُ ناول لکي پنهنجو
پاڻ کي عملي طرح سلجهيل ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان
تڙپ رکندڙ فرد طور مڃرايو آهي. اسان اها ڳالهه
وقتاً بوقتاً هر پليٽفارم تي ورجائيندا رهيا آهيون
ته اسان جي مڙني قومي ناسورن جي علاج لاءِ نه رڳو
سوچڻو آهي، پر ان لاءِ عملي جدوجهد به ڪرڻي آهي.
ڇو ته فقط ارادو ڪرڻ يا سوچڻ ئي اسان جي مڙني
سماجي بيمارين لاءِ ڪافي نه آهي. پر ارادي ۽ سوچڻ
سان گڏوگڏ عمل به ضروري آهي، ۽ عمل ئي انهن سڀني
مرضن جو علاج آهي.
شبنم گل جو ناول به ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي
تحفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ عملي جدوجهد جي هڪ شروعاتي وک
آهي، جيڪا اڳتي هلي ماڳ تائين رسائڻ ۾ ضرور معاون
ثابت ٿيندي. شبنم گل، هڪ حساس ۽ منفرد اديبا آهي،
جيڪا پنهنجين لکڻين ۾ پنهنجي قوم، ٻولي ڌرتيءَ جو
درد ۽ پيڙا ڀوڳيندي نظر اچي ٿي. هوءَ سٺي
ڪهاڻيڪار، شاعرا، ڊرامه نگار ۽ ناول نگار آهي.
انگريزي ادب سان به سندس گهرو تعلق آهي. هن سٺا
مضمون ۽ خاڪا به لکيا آهن، پر هن جو قلم، ناول
نگاري ۽ ڪهاڻي نويسيءَ جي صنف ۾ هڪ خاص سڃاڻپ ۽
ملڪو رکي ٿي. سائين اشتياق انصاري، شبنم گل جي
ناول نگاريءَ جي فني مهارتن تي لکي ٿو ته ”آرٽ ۽
فن جي خيال کان هڪ شاهڪار ناول ۾ پلاٽ، موضوع،
ڪردار نگاري، اسلوب، منظر نگاري ۽ ٻولي خاص جزا
سمجهيا وڃن ٿا. ”مَکي کان موڪلاڻي“ ۾ مٿين جزن سان
گڏ تجسس جو عنصر نمايان آهي. شبنم سدائين منفرد ۽
مختلف موضوعن تي قلم کنيو آهي. لکڻ هن لاءِ ڄڻ
عبادت مثل آهي. هوءَ پنهنجي لکڻين سان حد کان وڌيڪ
ڪميٽڊ آهي. هن جو رويو زندگيءَ ۽ ادب ڏانهن
سچائيءَ تي ٻڌل آهي.“
سائين اشتياق انصاريءَ اهو بلڪل صحيح لکيو آهي ته
شبنم گل، ناول نگاريءَ جي فني مهارتن کان پڻ واقف
آهي. هن کي پنهنجا خيال ۽ احساس، سهڻي اسُلوب ۾
شيئر ڪرڻ جو فن آهي. سندس لکيل ناول ۾ نواڻ آهي،
سونهن آهي، هڪ احتجاج آهي.
هن ناول ۾ نر ۽ مادي فش ايگل ٻه ڪردار آهن. فش
ايگل باز جو هڪ قسم آهي، جنهن جو گذر مڇيءَ تي
هوندو آهي. هيءَ فش ايگل سياري جي مند ۾ مَکي ڍنڍ
جا مهمان ٿيندا آهن. سندن آکيرو مَکي ڍنڍ جي ڀر ۾
هڪ ڊٺل ماڙيءَ جي مٿاهين منزل تي هوندو آهي، سياري
جي پڄاڻيءَ تي پنهنجا ٻچا ساڻ ڪري واپس پنهنجي وطن
ورندا آهن، وري ٻي سال موٽي اچي ساڳئي آکيري ۾
واهيرو ڪندا آهن. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انهن
ٻنهي پکين مان هڪ کي توبچي اچي فائر ڪري ماري هليا
وڃن ٿا. هيءُ سمورو ناول، انهن ناياب پکين جو هن
ڊيم جي ٺهڻ سان نه رڳو مَکي جي ماحوليات ۽ جهنگلي
جيوت تي نهايت هاڃيڪار اثر پيا آهن، پر هتي ورهين
کان ڪم ڪندڙ ملاحن جي روزي روٽيءَ سميت انهن جي
اجهن کي به نقصان رسيو آهي.
ناول ۾ موضوع سان واهه جو نڀايو ويو آهي. ناول
ذريعي جيڪو پيغام ناول نگار ڏيڻ پئي چاهيو آهي، ان
۾ هُو ڪامياب ٿيو آهي. ناول ۾ هڪ طرف چوٽياري ڊيم
جي اڏاوت جو نقشو چِٽيو ويو آهي. ۽ ٻئي طرف ناياب
پکين سميت ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ فطرت
سان اڻ ميو پيار ڏيکاريو ويو آهي. ناول ۾ ٻولي به
پُرڪشش ۽ رسيل، استعمال ڪئي ويئي آهي. موضوع جي
مناسبت سان ٻوليءَ جا اصطلاح، محاورا ۽ تشبيهون ڪم
آنديون ويون آهن، جنهن سان ناول جي سونهن ۽ حسن ۾
نکار اچي ويو آهي.
هيءُ ناول شعور جي وهڪري
(The Stream of Consciousness)
تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ناول نگار انسان جي اندروني يا
بيروني خلفشارن کي ٽارگيٽ نه بڻايو آهي. بلڪ ان جي
ابتڙ هڪ نئين موضوع کي ڇيڙي، سماج ۾ رهندڙ ٻين
ماڻهن جو ڌيان، هن
موضوع، طرف ڇڪايو آهي. حالانڪ شعور جي وهڪري تي
ٻڌل ناول جا موضوع انساني سماج مان به کنيا ويندا
آهن، پر هن ناول خصوصاً موضوع جي نفسيات کي تحويل
۾ آندو ويو آهي. هن قسم جا ناول، ويهين صدي
عيسويءَ جي پيداوار آهن هيءُ ناول، سڀ کان اڳ وليم
جيمز (1941- 1822) لکيو ۽ هينري جيمز (1961-
1843)، وليم فاڪنر (1962-1867)، ورجينا وولف
(1941- 1882) ۽ ٻين هن قسم جي ناول جا بنياد پختا
ڪيا. هن قسم جي ناول جا، تمام گهٽ لکيا ويا آهن ۽
هيءُ به گهڻو ڪري اتي ئي لکيا ويا آهن، جتي مهذب
انساني سماج رهيا آهن. جتي فطرت ۽ ان جي آغوش ۾
پلجندڙ ماحوليات، جهنگلي جيوت وغيره کي به پنهنجي
سماج جو حصو سمجهيو ويندو آهي، پر اسان وٽ صورتحال
ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اسان ته اڃا ترقي پذير قوم
جي حيثيت ۾ به ظاهر نه ٿي سگهيا آهيون. پنهنجن
ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ئي ڦاٿل هجڻ ڪري، اسان جي
اديبن جو قلم به پنهنجي ذات جي محور تائين ڦري
رهيو آهي. لک لک شابس هجي ڀيڻ شبنم گل کي جو ان
اهڙي پسمانده سماج ۾ رهندي به فطرت، ماحول ۽
جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ ناول جي صورت ۾ هڪ
بهترين پيش قدمي ڪئي آهي، جنهن جي جيتري تعريف
ڪجي، گهٽ ٿيندي.
نور گهلو
پهرين جنوري- هڪ راءِ
انور ابڙي سان ڪابه ملاقات ناهي، ان هوندي به اسان
جي وچ ۾ هڪ رشتو قائم آهي، ساٿي ليکڪ جو، جنهن کي
نڀائڻ ۾ هڪ قسم جي تسڪين ملندي آهي.
انور ابڙي جو نالو سنڌي ادب ۾ نئون ڪونهي، هن جون
لکڻيون ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن شاعري، ڪڏهن تاثر يا ڪڏهن
ڪنهن آرٽيڪل جي صورت ۾ نظر مان گذرنديون رهيون
آهن، جنهن مان هن جي گهڻ پاسائي شخصيت جو اندازو
ٿئي ٿو، جڏهن به ڪنهن مئگزين يا ڪتاب ۾ گهڻن ليکڪن
جي ميڙ ۾ انور ابڙي جو نالو ايندو آهي ته پهرين
ترجيح هن کي پڙهڻ هوندي آهي، سبب؟ خبر ناهي. شايد
اهو ٿي سگهي ٿو ته ٿوري فرق ۽ معمولي ٽريٽمينٽ جي
فرق سان هن جي لکڻين کي پنهنجي سوچ جي ويجهو
سمجهيو اٿم.
”پهرين جنوري“ ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي خبر ڪاوش ۾
پڙهي ته خوشي ٿي، جو هن جون ڪهاڻيون جامع انداز ۾
پڙهڻ جو موقعو مليو، ان تي انور ڏي مبارڪ جو ميسيج
ڪيم، لک لائق انور جا، جنهن مبارڪ جي موٽ ۾
سوکڙيءَ طور اعزازي ڪاپي ڏياري موڪلي.
ٿيندو ائين آهي ته اڪثر دوست اعزازي ڪاپيءَ کي
پنهنجو حق سمجهي، ان لاءِ واجهائيندا رهندا آهن ۽
ڪاپي ملڻ کان پوءِ جواب ۾ صرف ”ٿئنڪس“ چئي ڪتاب کي
بڪ شيلف ۾ سجائي ڇڏيندا آهن، منهنجي خيال ۾ اهو
رويو درست نه آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ته من پسند
ليکڪ جو ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ليکڪ پنهنجي
خوشيءَ سان اعزازي ڪاپي ڏئي ٿو ته ان جو مطلب اهو
هجي ٿو ته ان کي پڙهيو وڃي ۽ اهو اعزاز ماڻيندڙ جو
فرض بڻجي ٿو ته نه رڳو ان کي پڙهي، پر ان تي
پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر بي لاگ راءِ جو اظهار به
ڪري، جنهن سان ليکڪ کي تسڪين سان گڏ پنهنجي خوبين
۽ خامين جي به ڄاڻ ملي ٿي.
”پهرين جنوري“ ڪتاب، ٽائيٽل، لي آئوٽ ۽ پرنٽنگ جي
لحاظ کان خوبصورت ته آهي، پر ان جي خوبصورتيءَ تي
انور جي لکڻين/ ڪهاڻين ڄڻ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
ڪتاب ۾ ڏنل اٺاويهه ڪهاڻين، پهرين ڪهاڻي ”جهنگ“
کان ويندي اٺاويهين ڪهاڻي ”سڀاڻو ڪنهن ڏٺو آهي“ ۾
انور جي حساسيت، قومپرستي، انسانذات لاءِ محبت ۽
همدرديءَ سان گڏ سماجي ڪردارن جي سوچ جي انداز،
سنڌي ماڻهن جي امن پسندي، پيار ۽ صوفيانه خيالن جو
اظهار ٿئي ٿو، انور سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ
ماڻهن جي ذهني ڪيفيت، حڪومتن جي بيڊ گورننس سبب
پئدا ٿيل لا اينڊ آرڊر جي بدترين صورتحال ڪري پئدا
ٿيل
uncertainty- غير
محفوظ رهڻ جي احساس کي ظاهر ڪري ٿو (جهنگ)، ته ٻئي
پاسي تعليمي ادارن ۾ ڪجهه شاگردن/ تنظيمن طرفان
ٿيندڙ غنڊاگرديءَ کي ظاهر ڪري، والدين جي
پريشانيءَ جو احوال ڏئي ٿو. (ابول)، جتي ڪردار
بلاول ذريعي ڀٽائيءَ جو پيغام پهچائي سنڌ ۽ لطيف
سائينءَ سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ٿو (ڀٽائي
جو ڪارڪن) ته، اتي سنڌي ماڻهن جي انسان دوستيءَ کي
سچل سائين جي پيغام سان نروار ڪري ٿو (سچل جي صحن
۾). اهڙي طرح ”گنڌارا جو ماڻهو“، ”ڪپيل زبانن جي
گفتگو“، ۽ ”قيديءَ“ ۾ ساڳيو سنڌي حساس ۽ قومي درد
رکندڙ فرد جي بي چيني ۽ فڪرمنديءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
اسان جي وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سوسائٽيءَ ۾ ميل
شاونزم کي ڏيکاري ٿو (ادا ۽ وڍيل سر جي دانهن).
اهڙي طرح انور جتي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ گلڙن
جهڙن معصوم شاگردن جي ٿيل قتلِ عام تي ڳوڙها ڳاڙي،
انسانيت کي جهنجهوڙي ٿو (سِر دار سودا) ته، اتي ئي
ڪهاڻين ”پهرين جنوري“، ”مٽيءَ جي سيج“، ”اڪير جو
پنڌ“، ”عشق تمام“، ”اکيون ٻوٽڻ کان اڳ“، ”روئڻو“ ۽
”دکي“ ۾ محبتن جي معراج، محبت ۾ ملندڙ مايوسين ۽
محبت مان ئي ملندڙ حوصلي ۽ جيئڻ لاءِ اُتساهه پئدا
ڪري ٿو (نئين جنم جو سڏ).
منافقن جي هن دور ۾ شريف، ايماندار ۽ باضمير
ماڻهوءَ جو وجود ائين ٿئي ٿو، ڄڻ هو ڪنهن اجنبي
دنيا جو واسي آهي. اتي هن جي ائڊجسٽمينٽ جا مسئلا،
هن سان ٿيندڙ جُٺيون ۽ ان سبب سندس ذهني ڪيفيت جا
لاها چاڙها هن کي يا ته مرڻ تي آماده ڪن ٿا يا وري
ضمير وڪڻي رهڻو پوي ٿو (ضمير وڪري لاءِ حاضر آهي).
ساڳئي نموني ڪهاڻي ”پيور ليڌر“ ۾ به ڪردار جي
شرافت ۽ حساسيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
وڏي عمر جي شادين ۾ پئدا ٿيندڙ اولاد لاءِ فڪرمند
ٿيڻ فطري ڳالهه آهي، هر ماڻهو پنهنجي اولاد لاءِ
ڪجهه بهتر ڪري وڃڻ جو سوچي ٿو، اهوئي احساس انور
جي ڪهاڻي ”پاس ورڊس“ ۽ ”سڀاڻو ڪنهن ڏٺو آهي“ ۾
اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
شهيد راڻي محترمه بينظير سان مختلف وقتن تي ٿيل
وارتائن جو ذڪر ”منهنجو چنڊ مارجي ويو“، ”آج
بھاگنا نہیں“
۽ ”روشن قبر“ ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو ويو آهي، ڄڻ اهي
منظر اکين ۾ سمائجي، اکين کي آلو ڪري ٿا ڇڏين.
زندگيءَ جي مختلف دلچسپ يا دکدائڪ پهلوئن کي معنيٰ
ڏئي بيان ڪرڻ، انساني مسئلن ۽ معاملن کي سمجهي
اثرائتي انداز ۾ بيان ڪرڻ ۽ ڪنهن حد تائين مسئلن
جي حل جي (جيڪو ليکڪ لاءِ ضروري ناهي) نشاندهي ڪرڻ
به ڪهاڻي جي خوبي هوندي آهي. هن ڪتاب ۾ انور ڪجهه
حقيقي ڄاتل سڃاتل ڪردارن کي سندن اصلي نالن ۽ ڪنهن
حد تائين انهن جي اصلي واقف کي آڻي، ڪهاڻيءَ کي
فڪشن جي ڊائري مان ڪڍي حقيقت ڏانهن آندو آهي، ڪنهن
حد تائين ان روايت کي قبول ڪري سگهجي ٿو.
(ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيل هِن ڪتاب
جو مُهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار بادل جماليءَ لکيو آهي،
160 صفحن واري هِن ڪتاب جي قيمت -/250 رپيا آهي).
|