ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي
سرائڪي شاعريءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر
علامھ محمد هدايت علي نجفي تارڪ
]مئن
نُون پَتادي يار دا[
سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت،
اهميت ۽ وسعت تي علامه محمد هدايت تارڪ جي علمي،
ادبي حاصلات تي جيترو فخر ڪجي يا انهن جو جيترو
اعتراف ڪجي، سو بنهه ٿورو آهي. علامه تارڪ سنڌ جي
مثالي عالم، شاعر ۽ اديب، مصنف ۽ مترجم جي حيثيت
رکي ٿو. سندس همعصر دور ۾ سنڌ جو عظيم ڏاهو، مفڪر،
عالم، اديب، شاعر ۽ محقق اگر هئو ته مرزا قليچ بيگ
هو. مرزا صاحب سان خاص انس هئس. مرزا قليچ علم و
ادب جي خدمت ڪندي چار سؤ ستونجاهه ڪتابن جو عظيم
تحفو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي آڇي هڪ وڏو ڪارنامو
سرانجام ڏنو، پر علامه تارڪ ايترا ڪتاب ته تصنيف ۽
تاليف ڪونه ڪيا، مگر هيءُ درويش صفت انسان ۽
برگزيده بزرگ شعر و شاعريءَ سان گڏ ٻن سَون ڪتابن
جي بي بها خزاني سان مالامال ڪري ويو آهي. هن بزرگ
ڪيترا ڪتاب طبعزاد لکيا ۽ وري ڪيترائي ڪتاب تاليف
۽ ترجمو ڪيا. ڪن ڪتابن کي عربي ۽ فارسي ٻولين جو
لباس ڍڪايائين. ايترن ڪتابن مان اٽڪل روءِ پنجاهه
کن ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن طرح موجود ۽ محفوظ آهن. انهن
قلمي مسودن ۾ سندس شاعريءَ جو انگ زياده آهي، پاڻ
سنڌي، عربي، فارسي، اردو، هندي ۽ سرائڪي وغيره
ٻولين ۾ عظيم ۽ هفت زبان شاعر طور مشهور و معروف
آهي.
شاعريءَ جي دنيا ۾ سچل سرمست هفت زبان شاعر طور
مقبول عام آهي، پر سچل سائينءَ جي ڪلام بابت محقق
۽ مؤرخن جو پڪو پختو دليل ۽ ثبوت آهي ته هُو صرف
چئن ٻولين جو شاعر آهي ۽ نه ڪي ستن ٻولين جو. ليڪن
علامه نجفي تارڪ جو ڪلام ستن ٻولين ۾ نه، پر نَوَن
ٻولين ۾ ملي ٿو. جنهنڪري علامه صاحب کي نَوَن
ٻولين جو شاعر تسليم ڪنداسون. علامه نجفيءَ جو هن
وقت جيڪو ڪلام مليو آهي يا موجود آهي، سو ستن
ٻولين ۾ آهي. جنهنڪري سچل سرمست کي هفت زبان شاعر
نه چونداسون، پر علامه تارڪ کي پهريون هفت زبان
شاعر چئجي ۽ تسليم ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيڪڏهن
علامه کي سنڌ جو پهريون هفت زبان شاعر نه سڏيوسين
ته ساڻس وڏي ناانصافي چئبي.
سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ سان هڪ پاسي سنڌ ۾ مغربي
تهذيب ۽ تمدن جو وسيع سيلاب آيو، ته وري ٻئي طرف
سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۾ گهٽتائي ايندي ويئي،. جنهنڪري
سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو ڪيتروئي نقصان ٿيو، ڪيترن ئي
خاندانن جون خانقاهون تباهه و برباد ٿي ويون. سندن
علمي ۽ ادبي ذخيرو به اهڙي وٺ وٺان، هڻ هڻان ۽
ڪشمڪش واري دور جي تدر ٿي ويو. اهڙيءَ طرح علامه
تارڪ جو به گهڻوئي ادبي ۽ علمي سرمايو تلف ۽ تاراج
ٿي ويو ۽ سندس ٺاهوڪي لئبريريءَ ۾ پيل بيش بها ۽
ناياب ڪتاب گم ٿي ويا. يعني ڪو ڪتاب ڪاڏي ويو ته
وري ڪو ڪنهن جي هٿ ۾ ويو. ائين ئي سندس ميڙيل
چونڊيل ۽ ادبي خزانو هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويو.
اهڙيءَ ريت سندس لکيل علم و ادب جي ٻن سَون ڪتابن
مان ڪي ٿورا ڪتاب يعني پنجيتاليهه کن موجود ۽
طباعت جي لاءِ آتا آهن. اهي ڪتاب سيد اظهر
گيلانيءَ فقير قادر بخش عرف عام قادن فقير جي مدد
سان هِن هُن کان هٿ ڪيا، جيڪي سندس قائم ڪيل علامه
تارڪ لئبريري گهوٽڪيءَ ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي
ذاتي لائبريريءَ ۾ موجود ۽ محفوظ آهن. انهن ڪتابن
مان اڄ تائين صرف چار ڪتاب، ديوان نجفي (1922ع)،
چمڪندڙ گوهر (1964ع)، ڄاڻ سڃاڻ (1969ع) ۽ ديوان
تارڪ (1989ع) مس منظرعام تي اچي سگهيا آهن.
لالوءَ جي لال، باڪمال ۽ لاجواب، بينظير ۽ بيمثال
۽ برگزيده صوفي علامه نجفي تارڪ جي شخصيت ۽
شاعريءَ تي منهنجا ڳچ مضمون ماهوار رسالي نئين
زندگي ۽ مختلف اخبارن ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿي چڪا
آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا، ليڪن ڪافي عرصي کان اهو عزم
مصمم هو ته جيڪر تارڪ الدنيا علامه تارڪ جي سرائڪي
شاعريءَ تي قلم آرائي ڪري قارئين آڏو آڻيان. هن
کان اڳ علامه جي اردو شاعريءَ تي مختصر مضمون لکي
چڪو آهيان. اڄوڪي صحبت ۾ سندس سرائڪي شاعريءَ جو
موضوع مناسب ۽ موزون سمجهي اوهان جي اڳيان اظهار
ڪري رهيو آهيان.
جيئن مشهور آهي ته خليفو گل محمد گل هالائي سنڌي
ٻوليءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر آهي ۽ پهريون
ديوان لکي سنڌي علم و ادب ۾ نشانبر ۽ نروار ٿيو.
يعني سنڌيءَ ۾ پهريون صاحب ديوان شاعر تسليم ڪيو
ويو، جنهن غزل کي ديوان جي صورت عطا ڪئي ۽ غزل کي
نوان موڙ ڏنا. تيئن وڏي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته
جيڪڏهن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر
آهي ته تارڪ الدنيا علامه تارڪ آهي. ڇو ته اڄ
تائين اهڙو ٻيو ڪوبه شاعر معلوم نه ٿيو آهي، جنهن
کي سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر سڏيو
ويو هجي. اهڙو تاج علامه تارڪ جي سر تي سونهين ٿو.
اسان جي سنڌي شاعرن سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکرن
تي مڪمل ديوان تيار ڪيا آهن، ڪي ته وري لکندا رهن
ٿا، اهڙن شاعرن جي قطار ۾ هيءُ بندو به شامل آهي.
مون رديف وار ٻه چار ديوان مڪمل جوڙيا آهن. جن مان
هڪ ”ديوان اسير“ جي نالي سان ڇپجي نروار ٿي چڪو
آهي. ليڪن علامه سائين جيڪو سرائڪي ديوان جوڙيو
آهي، سو فارسي ٻوليءَ جي ٽيهن اکرن تي مشتمل آهي ۽
هر حرف تي هڪ غزل آهي، هيءُ ديوان ”گوهر آبدار“ جي
نالي علامه نجفيءَ سال 1932ع تي لکيو آهي ۽ سورنهن
صفحن تي منحصر آهي. تارڪ الدنيا علامه تارڪ کي
ويهين صديءَ جو بهترين شاعر چئجي ۽ مڃجي ته بيجا
نه ٿيندو يا ان ۾ تر جو به وڌاءُ نه ٿيندو. علامه
ڪيترين ئي ٻولين (سنڌي، فارسي، عربي، اردو، هندي
وغيره) ۾ شعر چيو آهي، جن مان سرائڪي ٻولي به هڪ
آهي. علامه محمد هدايت علي نجفيءَ کان پوءِ ڪيترن
ئي صاحب ديوان شاعرن جا نالا وٺي سگهجن ٿا ۽
اهڙيءَ قطار ۾ سندن نالا ڳڻائي به سگهجن ٿا. انهن
کان علاوه هڪ ٻيو اهڙو نالو آهي، جنهن شاعريءَ ۾
مختلف موضوعن تي مڪمل ويهه ديوان جوڙيا آهن، اهو
نالو آهي سيد اظهرگيلاني! جنهن کي علامه نجفي ڏسڻ
سان چيو هو ته ”انور اظهر ٿي ويو“. اظهر صاحب جي
ايترن ديوانن مان صرف ٻه ٽي ديوان ڇپيل آهن، باقي
اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهن.
علامه هدايت علي نجفي تارڪ (1894-1939ع) جي سرائڪي
ڪلام پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام تي فارسي
ٻوليءَ جو اثر غالب آهي. ليڪن فقير تارڪ سرائڪي
ڪلام اهڙي ته انداز ۾ چيو آهي، جو سرائڪي خطي جو
رهاڪو معلوم ٿيندو، پر ائين نه آهي. سندس ڪلام ۾
رواني ۽ سلاست جا چٽا پٽا عڪس نمايان آهن. سرائڪي
ڪلام ۾ غزل کان سواءِ ڪافيون، جهولڻا، هفتي جا بيت
۽ ٻارنهن ماهه جا بيت چيا اٿائين.
نجفي سائين بنيادي طور هڪ صوفي شاعر آهي، ڇو ته
سنڌي، فارسي، اردو، هندي ۽ عربي شاعري وغيره ۾ هڪ
صوفي شاعر جو درجو رکي ٿو. اهڙيءَ ريت سندس سرائڪي
شاعريءَ ۾ به صوفيانه ۽ عارفانه رنگ جي جهلڪ ۽ چمڪ
موجود ۽ واضح آهي.
سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن ڪافيون، بيت، ڏوهيڙا،
سي حرفيون ۽ ٻيو ڪافي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيو
آهي، اڄ تائين ڪنهن به شاعر سرائڪي ٻوليءَ ۾ رديف
وار ديوان نه لکيو آهي، ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن
شاعرن جو به ڪلام موزون ۽ دلپسند آهي. اهڙيءَ ريت
تارڪ فقير جو سرائڪي ڪلام پڻ ڪنهن به دلچسپيءَ کان
خالي نه آهي. عشق ۽ عاشقي ته سندس خاص موضوع رهيو
آهي. هرهڪ ٻوليءَ ۾ چيل ڪلام مان اسان کي اهڙا ته
ڪيترائي اعليٰ مثال ملندا. جيئن سنڌي ۽ فارسي ۾
سندس چيل ڪلام ۾ سوز و گداز ۽ عشق و تصوف جا خوب
جوهر ملندا، تيئن وري سندس سرائڪي ڪلام ۾ پڻ
اهڙيون اعليٰ خوبيون ۽ خاصيتون نمايان نظر
اينديون. سرائڪي ديوان جي شروعات هن شعر سان ڪئي
اٿس:
اي صبا مئن نون پَته
دیے
يار دا،
شوق رہندا جنہندي
ھیے
ديدار دا،
تو هي سراپا صورتِ رُوئي صنم،
مئن ڏٺا جلوه هَي هر گلزار دا.
کيس پنهنجي شعر و شاعريءَ تي ايڏو ته ناز هو، جو
شاعري ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهيو. هر وقت شعر
چوڻ جي لاءِ سندس طبع تيار هوندي هئي. اهڙيءَ طرح
سندس اڳيان اکرن جي فوج به هڪيو حاضر هوندي هئي.
جنهن سبب ڪيترو ئي ڪلام چيائين.
نجفي سائين جتي به پرينءَ جو پرتوو پَسي ٿو، تِتي
هندو ۽ مسلم، ڪافر ۽ مؤمن گبر ۽ ترسا جو فرق ئي
سندس دل ۾ نه ٿو ٽِڪي. هو محبوب کي هرهنڌ حاضر
ناظر ڏسي ٿو. ڇو ته صوفيءَ جي اندر جون اکيون
هميشه پَٽيل رهن ٿيون. صوفيءَ جون اکيون ڪڏهن به
ٻوٽيل نه رهيون آهن. پوءِ اهو صوفي ڪهڙي به ملڪ
سان واسطو ڇو نه رکندو هجي. ليڪن علامه تارڪ جو ته
رستو مڙني کان مختلف آهي. هو هر ڪنهن جي اندر هڪ
ئي ذات ڏسي ٿو. جنهن لاءِ هنن لفظن ۾ فرمائي ٿو:
سب دي اندر ويکِ ذات ذوالجلال،
فرق ڇوڙيم ڪافر و ديندار دا.
جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته: جيڏانهن ڪريان پرک،
تيڏانهن سڄڻ سامهون، يعني سڄڻ ڪنهن به صورت ۾ سندس
اڳيان آهي، سندس دل هن جي لاءِ آرسي آهي. سندس دل
سندس محبوب جو گهر آهي. هُو ڪهڙو به ڪتاب کڻي،
جنهن وقت مطالعو ڪري ٿو ته منجهس محبوب جي واکاڻ ۽
تعريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به کيس نظر نه ٿو اچي.
محبوب کي مخاطب ٿي عرض ٿو ڪري ته سڀڪنهن ڪتاب جي
وچ ۾ تنهنجي تعريف جو داستان لکيل آهي. ان ئي لحاظ
سان مون کي قرآن ۽ ويد به لذيذ لڳن ٿا ۽ بيحد وڻن
ٿا. ڇو ته انهن ۾ تنهنجي ساراهه ۽ صفت کان سواءِ
ٻيو ڪوبه حرف لکيل نه آهي، جيئن پاڻ چوي ٿو ته:
سڀ دي وچ تعريف تيڏي دا لکيا هَي داستان،
اِنهن سبب لڳدا هَي دل ڪون بيد تي قرآن لذيذ.
جڏهن محبوب جو ديدار هرجا ۽ موجود ڏسي ٿو ته ڪفر ۽
دين کي بلڪل برابر ٿو سمجهي. يا کڻي ائين چئجي ته
ڪفر ۽ دين سندس لاءِ هڪ صورت آهن، جو صاف لفظن ۾
هن ريت اپٽار ڪري ٿو:
سڀ دي وچ موجود
ھیے
تيڏا لقا،
ڪفر دين نون ڦِر نه ڪيون يڪسان ڪهون.
هن لالؤ جي لال علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو
ڪلام ٻن قسمن جو آهي. هڪ اهو جيڪو شاهه لطيف، سچل
سرمست ۽ ٻيا شاعر چئي ويا آهن. يعني بيت، ڏوهيڙا،
ڪافيون، جهولڻا وغيره. ٻيو وري سندس ڪلام جو قسم
عروضي نوعيت جو آهي، جنهن ۾ غزل، رباعيون، مثنويون
وغيره اچي وڃن ٿيون. فقير تارڪ جي سموري ڪلام ۾
توحيد جي تنوار، معرفت جا موتي ۽ حقيقت جو هار ۽
سينگار سمايل آهن. ان کان علاوه سندس ڪلام ۾ مضمون
جي بلندي، خيالن جي فراواني، تشبيهن ۽ محاورن جي
گهڻائي، طبع جي رواني، برجستگي ۽ شائستگي، لفظن جي
ادائگي ۽ استعارن جو استعمال نهايت بلند درجي تي
پهتل آهي. سندس ڪلام انيڪ خوبين ۽ خاصيتن ۽ صفتن
جو سرمايو آهي. معنيٰ جو مخزن ۽ اڻکٽ کاڻ آهي.
جنهن جي ڪري سندس هر شعر حدِ ڪمال کي اورانگهي چڪو
آهي. کانئس ٻيئي جڳ وسري وڃن ٿا، جاڏي ڪاڏي ان
محبوب بُت عيّار جي صورت کي ڏسي ٿو:
وسر دونون جهان ڳَئي’تارڪ‘بيخود ڪنون يڪدم،
نظر آيس جڏاهِين اُنهن بُت عيّار دي صورت.
نجفي فقير کي ڪنهن جي به ڪا پرواهه نه آهي، دل ۾
دلبر کان سواءِ ٻي ڪابه تمنا ۽ اُميد نه ٿو رکي.
هو هميشه دلدار جو ڳولائو آهي. ڪٿي به جانب جهڙو
جوڙجيس کيس نه ٿو ملي. توڙي اوهان ڪيترائي ملڪ
گهمو ڦِرو ۽ ڳوليو، سندس محبوب پنهنجو مٽ پاڻ آهي:
اگر ڍونڍين روم، عرب، شام وچ،
نه پاوين ڪوئي اِهندا همسر صبيح.
جڏهن بهار جي موسم اچي ٿي ته تارڪ فقير بهار جو
نقشو هوبهو چِٽي ٿو. پروردگار جي تعريف ۽ حمد ۾
پکي پکڻ علي الصباح اُٿي مِٺي ۽ سُريلي آواز سان
گيت ڳائن ٿا. علامه تارڪ هيئن اظهار ڪري ٿو:
مرغ خوش الحان عجب گاندي هَين گيت،
وچ ثنائے
ذاتِ حق پروردگار.
عشق کي ته نهايت گهڻو ڀانئي ٿو. آخر عشق کي مرشد
جو درجو ڏئي ٿو. عشق کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته اي
عشق! تنهنجي ڪهڙي تعريف ڪريان، مون ته توکي مرشد ۽
هادي ڪري ڏٺو آهي:
صفت آ کان ڪيا تيڏي اي عشق مئن،
تئن نون هادي هر شد
تے
داتا ڏٺم.
۽ جڏهن جوش ۽ جذبي منجهان دنيا ۽ عقبيٰ جا ٽڳا
ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ موليٰ پاڪ جو اسرار ڏسي هيئن چئي ٿو
ڏئي ته:
وچون جذبے
دنيا
تے
عقبيٰ سٽيم،
صفا تارڪ اسرار موليٰ ڏٺم.
تون ٻين ورد وظيفن جي پچر ڇڏ، جيڪي تارڪ دعا جا خط
لکيا آهن، سي تعويذ ڪري ڄاڻ. انهن کان وڌيڪ ٻي ڪا
به شيءِ نه ڄاڻ. يعني ٻي هر شيءِ جو خيال دل تان
لاهي ڇڏ ۽ وهم ۽ وسوسا دل مان ٻاهر ڪڍي ڦِٽي ڪر.
تارڪ جي شاعريءَ کي پرت ۽ پاٻوهه سان پڙهه ۽ ياد
ڪر ۽ ان مان دعا جو اثر وٺ ته تنهنجو مطلب ۽ مقصد
حل ٿي ويندو:
ڪر ڪي تعويذ رک تون اپني ڪول،
لکيا تارڪ ني جو دعا دا خط.
فقير تارڪ جي ڪلام کي عارف ئي پروڙي سگهندو، جيڪو
اهل عرفان هوندو، سندس ڪلام مان به اهوئي حظ حاصل
ڪندو، جنهن کي علامه جي ڪلام سان سروڪار هوندو ۽
ٻئي کي ڪهڙي ڄاڻ ته تارڪ جو ڪلام ڇا آهي ۽ ڪهڙي
معنيٰ ٿو رکي.
جو هو وي اهل عرفان شخص تارڪ،
او پاوي ميڏي خوش اشعار دا حِظ.
تارڪ جي سموري شاعري اخلاق، نصيحت جي نڪتن،
دانائيءَ جي گفتن سان مزين آهي. تهڙيءَ طرح سندس
سرائڪي شاعريءَ ۾ به معنيٰ جا موتي ۽ نصيحت آموز
نڪتا سمايل آهن. هو دوئي ۽ دغا، ڪوڙ ۽ ڪُلفت کان
ڪوهين ڏور رهڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ پيار ۽ محبت جا
رستا کولي ٻڌائي ٿو. ڇو ته پاڻ به اهڙائي ڪم ڪري
ٿو. جنهنڪري ٻين کي به سڌي سنئين دڳ تي هلڻ جي
هدايت ڪندي چوي ٿو ته:
محبت دي سمندر وچ غرق ٿي،
هوا ڪلفت ڪنون
ھئے
پاڪ تارڪ.
اهڙا سهڻا ۽ اعليٰ مثال سندس شاعريءَ جو خاص محور
۽ جز آهن. انهن صورتن کان سواءِ ڪنهن به شاعر جو
ڪلام سلوڻو نه ٿو ٿي سگهي. علامه تارڪ جو ڪلام ته
هر صورت ۾ هر پهلوءَ کان ٽمٽار ۽ وڻندڙ آهي. جنهن
۾ ڪنهن به وقت غواص پنهنجي مقصد جا موتي ۽ هيرا
لعل، جواهر حاصل ڪري سگهي ٿو.
مطلب ته علامه تارڪ جو سرائڪي ڪلام هر نڪتهء نگاهه
کان حدِڪمال کي پهتل آهي. ۽ هر صورت ۾ علمي ۽
اخلاقي نڪتن جو نازڪ ۽ نفيس، مضمون جي مناسبت کان
موزون ۽ ارفع آهي. جتان ادب جا شائقين ۽ گهڻگهرا
گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا. علامه تارڪ جو هيءُ
ديوان ”گوهر آبدار“ سندس ٻين 45 مسودن سان گڏ سيد
اظهر گيلانيءَ جي لائق ۽ باصلاحيت فرزند سيد واجد
علي گيلانيءَ جي حق ملڪيت ۾ شامل آهي. مون کي هن
ديوان جي اشاعت جو اونو ڪافي عرصي کان هو، جنهنڪري
سائين واجد عليءَ کان مذڪور ديوان جي فوٽو ڪاپي
ورتم ۽ سائينءَ چيو ته اهو بهتر ۽ نيڪيءَ جو ڪم
آهي ۽ علامه سائينءَ جو ڪلام عام ٿئي، اها اسان جي
لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. مون فيبروري 2010ع کان
وٺي هن سرائڪي ديوان جو مسودو ترتيب ڏيئي هڪ دوست
محمود احمد ويٺل بهاولپور (پنجاب) کي اشاعت جي
لاءِ سپرد ڪيو. ليڪن اڄ تائين مذڪوره ديوان ڇپجي
نه سگهيو. ان جي ڇپائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ طرف
ششدر ۽ حيرانگي رهي ته وري ٻئي پاسي آس ۽ اميد پڻ
رهندي آئي، هيءُ ديوان پڌرو نه ٿيڻ ۾ ڪو خدائي راز
ٿي سگهي ٿو. اڃا به پڪو پختو ۽ پورو يقين آهي ته
هڪ ڏينهن نيٺ هيءُ ديوان (گوهر آبدار) اشاعت جي
زيور سان آراسته ٿي ادب جي ميدان تي اظهار ڪندو.
تيسين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽِماهي مهراڻ جو سهارو
وٺڻ ۾ فخر محسوس ڪندي کين علامه تارڪ جي هن مسودي
جي فوٽو ڪاپي سندن حوالي ڪيان ٿو ته جيئن مهراڻ ۾
شايع ٿي هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي وڃي ۽ گم ٿيڻ کان
بچي پوي. آءٌ وري به سيد واجد علي گيلانيءَ جو
شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو هن ادبي ڪم ۾ مون سان سندس
ساٿ ۽ سهڪار رهندو ٿو اچي.
اسان جو ڪم گهڻو ۽ عمر ٿوري،
اجل ڪاهي اچي پيو زوري زوري.
(مرزا قليچ بيگ)
|