مير محمد پيرزادو
نظم
ڏاند چاڪيءَ جو مُٺيءَ ڪنهن ماٺ ۾
ٿو رڳو ڳهندو رهي، وهندو رهي،
ڪابه منزل، ماڳ جي جنهن کي خبر ئي ڪانه آ.
پر انهيءَ جي وسر ۾، ٻيو ته ڇا ’نهڪر‘ به نه آ،
بلڪل ائين ئي چپ چپات،
اکين تي آهن جنهن جي اکياڙيون!
۽ مٿس چهبڪ جو سٽڪو،
گار جي آهي ڳَئي،
هو مگر ڪنهن عُذِرَ کان ڀي سوا
ماٺ ۾ وهندو رهي ٿو.
ان سموريءَ جُٺ هوندي،
هن جي من ۾ آس آ
پنڌ جو سَٽِڪو ڪري جيڪو وَيُسِ
سو سندم ”هئڻ“ جو آهي دليل!
(هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ ٿورڙي آهي وِٿي)
ڏاند جو ڪو حق نه آ
جو گهڙيءَ پل لئه
اکياڙيون سيرڙي ۽ ڏسي ڪجهه ڀي سگهي
ته پنڌ هن ڪيڏو ڪيو آ!
پنڌ، جيڪو ’هئڻ‘ هن جي جو دليل
سج لهندي وقت جڏهين ٿيون لهن
ان جون اکياڙيون ڇوڙجي گهاڻي منجهان
ڇرڪ کائي ٿو چوي:
”پنڌ سڌو ٿيو ڪينڪي، ماري وڌو ڦيري
وَليِ
جان پٽي اکيون ڏسان، بيٺو آهيان ساڳي
ڪِليِ“
پوءِ اهو جو وقت ڪَٽِيو
وانجهيل آ جو مفاصلي جي ماپ کان
ڏاند جي هوندي به ڄڻ ان جي اڻ هوند جو آهي ثبوت!
ڏاند جيِ جيِ ڪو ڏسي دل ان مهل،
ڪانه اهڙي دل رهي ڪا
جنهن کي نه اچي ان تي ڪهل!
پر ڏسي ٿو ڏاند جڏهين
ماڻهون اڄوڪي دؤر جو
جنهن جي اکين تي اکياڙيون به بظاهر ڪونه آهن
سو به ائين هڪ دائري ۾،
روز ڦرندو گرندو ٿو رهي،
عمر ساري ايئن ڪٽي،
ڪونه پُرجهي ڪنهن مهل
دؤر هن جي آدميءَ تي
ڏاند کي آئي ڪهل!
غلام حسين رنگريز
وائي
ٿي سڏي ڪونجن قطار،
اچ اسان سان تون به هَل.
شاعري تنهنجيءَ اندر به،
پيئي تڙپي ڪا اُڏار-
اچ اسان سان تون به هَل.
گونجَ گونجي چؤڏسائون،
آهي آندي ڪا پُڪار-
اچ اسان سان تون به هَل.
ڪو وڇوڙي وَڍُ تو ۾،
گهايلن سان گڏ گذار-
اچ اسان سان تون به هَل.
راس ايندا ڪين توکي،
اي ڪَوي! مينديءَ جا ڏار-
اچ اسان سان تون به هَل.
شام ٿيندي ٿي وڃي ۽،
رات تارا بيشمار-
اچ اسان سان تون به هَل.
ڏيڍ سٽا
هي عرش اُتاهون آ،
پر ماڻهو تنهن کان ڀي ڪيڏو نه مٿانهون آ!
هو دُور بتيلو آ،
درياءُ جي دل ۾ ڪو خواب نويلو آ.
سنسار سجيلو آ،
دُک درد هوندي سائين! آواز سريلو آ.
هر روز ته ميلو آ،
بازار ڀريءَ ۾ پر هي روح اڪيلو آ.
پنڇي به اُڏامي ويا،
هر لامَ بني بيواه، سڀ گل اُجهامي ويا.
اڄ ڏات اُڀامي ٿي،
هر شام شفق جي ۾ ڪا
لهر اُڏامي
ٿي.
هي سمنڊ لُڇي پيو ٿو،
اڄ رات ڪنارن کان هي ڪجهه پڇي پيو ٿو.
خليل عارف سومرو
غزل
زندگي انتظار ٿيندي وئي،
هر گهڙي سوڳوار ٿيندي وئي.
مون ڏکن ۾ وڃائي نه همت،
دل دُکي بردبار ٿيندي وئي.
محبتون عمر ڀر ونڊيندڙ دل،
نفرتن جو شڪار ٿيندي وئي.
يادگيرين وسائي بارش پئي،
چؤطرف ڄڻ بهار ٿيندي وئي.
پيار ۾ زندگي اياڻي بس،
حادثن جو شڪار ٿيندي وئي.
بي وفائي جي مون تي تُهمت ڏئي،
پاڻ ئي شرم سار ٿيندي وئي.
نانءُ هن جي چپن وتو منهنجو،
عرش تائين اُڏار ٿيندي وئي.
هو لڳي ساز باز جو ٿيئڻ،
هر گهڙي سازگار ٿيندي وئي.
درد ايڏو ه/و
وڇوڙي جو،
عاشقي اشڪبار ٿيندي وئي.
سنڌ هئي لفظ لفظ منهنجي ۾،
شاعري شاندار ٿيندي وئي.
فڪر گهرو نواڻ سوچن جي،
شاعري جاندار ٿيندي وئي.
سونهن تنهنجي ۾ لفظ ٻُڏندا ويا،
شاعري شاهڪار ٿيندي وئي.
جڳ هو دشمن”خليل عارف“ جو،
هوءَ به تن ۾ شمار ٿيندي وئي.
غزل
اکيون گيت هُن جون بدن شاعري،
گهڻائي ٿا هن تي لکن شاعري.
چُمي پير هُن جا هوا خوش ٿئي،
سندس مُک تي گُل ٿا رچن شاعري.
ڪڪر زلف ڪارا، مکڻ چاڻا ڳل،
چپن کي ٿا هن جي چون شاعري.
ڪيئي چنڊ هُن جي ڪهاڻيون لکيون،
لکي هُن تي آ پوپٽن شاعري.
غزل ويس هن جو پايل هن جي نغما،
سڳين جون چڳون ڀي لڳن شاعري.
ڄمون ٿا، جيئون ٿا، مَرون ٿا اِتي،
اسان جو ته آهي وطن شاعري.
زماني ۾ ”عارف“ امر ٿي اُها،
ڇُهي جيڪا هُن جي چپن شاعري.
محبوب ڀٽي
غزل
اجنبي شهر اجنبي ماڻهو،
ڇو رکن ڪنهن سان مائٽي ماڻهو.
ها، ڪتابن مان ڪجهه نه ٿيو حاصل،
علم حاصل ڪيم پڙهي ماڻهو.
باهه جن کي نه هئي جلائي سگهي،
سي ئي ڪيني ۾ ويا سڙي ماڻهو.
ڪوبه ڪنهنجي نه ٿو ٻُڌي نصيحت،
پاڻ کي سمجهڻ لڳا ولي ماڻهو.
ڪي ته لهرن مان به ويا ها تري،
ڪي ڪناري تي ويا ٻُڏي ماڻهو.
مون ته هر جاءِ تي پاڇا ئي ڏٺا،
ماڻهو ڳوليم مگر ويا لِڪي ماڻهو.
عشق جي دنيا ۾ جيڪو به آيو،
دنيا آڏو نيٺ جُهڪي ماڻهو.
مون ڏٺو محفل ۾ جنهن کي هيو،
دل ۾ پيو آ اهو ٽِڪي ماڻهو.
بند ٽُٽا ”محبوب“ سڀ ضبط جا،
هوريان هوريان نيٺ ويو رُلي ماڻهو.
غزل
زندگي جي زهر کي پيئندو ويس،
موت کي نزديڪ تر ٿيندو ويس.
جيترو تهذيب سان جيئڻ لڳس،
اوترو مان هيٺ ڄڻ ڪِرندو ويس.
ها جڏهن کان تنهنجي در ڇڏڻو پيو،
دربدر ٿي من اندر ٽُٽندو ويس.
ايترو سامان دردن جو هئو،
تار لڙڪن سان دامن ڀريندو ويس.
نفرتون ايڏيون هيون دنيا ڏنيون،
ڪمري ۾ آئيني کان لڪندو ويس.
وقت ڏس ڇا ڇا پڙهائي ڇڏيو،
روز دنيا کان سبق سکندو ويس.
دل جي ڪاغذ تي اوهان جي ياد ۾،
سُڏڪندي ”محبوب“ ڪجهه لکندو ويس.
غزل
پياسا رهن ٿا ڪيترا دريا جي آسپاس،
افسوس مينهن پيو وسي صحرا جي آسپاس.
هر طلب دل، اوج جي منزل تي رسي ٿو،
رهندو نه ڪوبه طالب دنيا جي آسپاس.
هڪ پل ۾ آهي صبح ته ٻئي پل ۾ آهي رات،
ائين زلف پيا لُڏن رُخ زيبا جي آسپاس.
ڪهڙي خبر ته ياد ڪري ٿو هو بيوفا،
گهر جنهن عرش تي آ، ثريا جي آسپاس.
دلدار جي مزاج جو پيمان ڇا لکان،
انڪار جي قريب نه ڪو ها جي آسپاس.
تون نفس کان نڪر ته ملاقات ٿي پئي،
آهي خدا هتي ڪٿي دنيا جي آسپاس.
اياز عمراڻي
غزل
زندگي بُلبِلو، وقت آ وَهڪرو،
وڃ ملي ڪا گهڙي، گڏ مٺا گهارجي.
ٿو سُجهي پنڌ پري، پهچڻو آ مگر،
پر اڃا ڪا گهڙي، ڏينهڙو ٺارجي.
رات راڱا ڪيا، ڏينهڙو ڏور آ،
جيئڙو ٿو جلي، ڏيئڙو ٻارجي.
تيز طوفان ۽، ٿا ترون تار ۾،
ناکُئا آءُ وري ترهي کي تارجي.
ٿورڙو آ پري، پر چٽو ڏينهن آ،
وک وڌايو مٺا، وقت کي وارجي.
غزل
جيءَ سان جيئڙو جوڙي،
ويئڙا مُنهڙو موڙي.
برهه ڪائي ڀَري هو ڄڻ،
ڳنڍ ڳنڍي، ڇڏيئون ڇوڙي.
درد ائين ٿو، جيءُ جنجهوڙي،
جهيرڻو جيئن جهڻ ولوڙي.
شهر پٿرائجي ويئڙا،
آهه ڪو، زندگي موڙي.
هاريو هينئڙو ناهي،
نيٺ وڃبو ڪُفر ٽوڙي.
مير ”منظور“ علي جويو
غزل
زندگيءَ سان پيار ناهي،
موت کان انڪار ناهي.
ڪوڙ سان بس پيار ناهي،
سچ کان انڪار ناهي.
مان نڀايان توسان پيو ٿو،
منهنجي مٺڙا هار ناهي.
حاسدن حيلا ڪيا پر!
ٿيڻو توکان ڌار ناهي.
باوفا منظور لئه تون،
بي وفا چوڻ ڪار ناهي.
غزل
ساڙولا ڪي پيار جا ويري،
درشن ۽ ديدار جا ويري.
ساڙ ٿا ڪن محبت وارن سان،
ساري هن سنسار جا ويري.
دليون ڀڃي ڏاڍا خوش ٿين ٿا،
اُلفت ۽ اقرار جا ويري.
خوشيون ورهائڻ ڪين ڏين ٿا،
قرب سندي وهنوار جا ويري.
منظور حياتي ڳڻتين ڳاري،
مالهي ٿيا گلزار جا ويري. |