شيخ اياز
محمد
عثمان ڏيپلائي، منهنجو مُحسن
نه ڄاڻان ته ڏيپلائيءَ جو نالو ٻڌي، مون کي چو.
اين. لائي جو نالو ڇو ياد ايندو آهي! شايد انهيءَ
ڪري جو ٻنهي نالن جو پويون اڌ ساڳيو آهي، يا
انهيءَ ڪري جو ڏيپلائيءَ جي طنز و مزاح ۾ چيني طنز
و مزاح جي خوشبوءِ آهي، جا ٽينءَ کان ڇهين صدي قبل
از مسيح تائين جهوني آهي، ۽ جنهن جو اظهار ڪهاڻين
۽ تمثيلن ذريعي ٿيل آهي.
ڪنفيوشس، يونان ۾ سقراط جي جنم کان ڏهاڪو سال اڳ
سن 551 قبل از مسيح ۾ ڄائو هو ۽ اُن ۾ به ساڳيو
مزاح ٿو ملي، جو يوناني- رومي روايت (Greeco-
roman tradition) ۾
پوءِ پيدا ٿيو. ڪنفيوشس اُن جو حصو آهي، جنهن ۾
ڏيپلائي صاحب جي دور وانگر ڪافي مونجهارو، اڻ بڻت
۽ تانگهه هئي. مون کي ڏيپلائي صاحب جي چهري تي
لڙيل مڇون ڏسي، ڪنفيوشس جي ياد ايندي آهي... ۽
ڏيپلائي صاحب جو طنز و مزاح وري ڪنفيوشس کان اڳ ۽
هن کان پوءِ واري چيني طنز ۽ مزاح جي ياد
ڏِياريندو آهي، جنهن ۾ اديب، لطيفا ٻڌائي، انهن
سان پنهنجي وروڌيءَ ڌُر کي ڦَهه ڪري ڪيرائيندا هئا
۽ انهن ۾ پنهنجا متا چڱيءَ طرح سمجهائي سگهندا هئا
يا جن سان هو پنهنجي بيان کان ٻاهر، ۽ باطني سچ به
ڇُهي سگهندا هئا.
سٺ واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌي روزاني اخبار ’مهراڻ‘
جي ايڊيٽر سردار علي شاهه، منهنجي ۽ مون سان گڏ
سنڌ جي ترقي پسند ادب جي خلاف، اسلام ۽ ديني حميت
۽ غيرت جي نالي ۾ ڪات ڪهاڙا کنيا هئا، ۽ روزاداريو
لکندو هو ۽ ڪالم لکارائيندو ۽ پنهنجي اخبار ۾ شايع
ڪندو هو؛ تڏهن حيدرآباد ۾ منهنجي ملاقات ڏيپلائي
صاحب سان، جويي صاحب جي معرفت ٿي هئي. ان پهرينءَ
ملاقات ۾ ئي مون کي، هن مان رفاقت جو احساس ٿيو هو
۽ هن سان عقيدت ۽ محبت ٿي وئي هئي. پوءِ حيدرآباد
۾ هن سان اڪثر هر انهيءَ ادبي نشست ۾ ملاقات ٿيندي
هئي، جنهن جي صدارت لاءِ مون کي گهرايو ويندو هو.
ان دور ۾ ڪنهن دعوت تي يا رٽز يا فاران هوٽل ۾
منهنجي رهائش وقت ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ هن جي
صحبت جو فيض حاصل ٿيندو هو.
جويي صاحب، ڏيپلائي صاحب تي هڪ مضمون ’محمد عثمان
ڏيپلائي- اسان جو بزرگ ساٿي‘ ۾ لکيو آهي:
”ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو کانئن سکي. ٻئي جي
ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، کين اهڙي ڪا نئين، تز ۽ تکي
ڳالهه ياد اچي وئي ته بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ
جي صفائي ۽ ڪجهه ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي اصل
سون جهڙي صاف ۽ املهه ڪا ڳالهه، ڪو ٽوٽڪو ۽ ڪو
نئون نقل نظير شروع ٿي ويندو..... رڳو تنهن ڏينهن
آءٌ ۽ ڏيپلائي اڪيلا ويٺا هئاسين ته ڪنهن ريت ڪو
گدڙ جو نقل ڇڙي پيو. پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدڙ جا
ايترا نقل ۽ ٽوٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن
تازه دم نئين ٽهيءَ جي ليکڪ کي چوان ته هڪڙي ڪنهن
وڏي ڪتاب جي ترتيب هٿ ۾ کڻي، جيڪا سنڌي سماج جي
لوڪ ڏاهپ، جيڪا ائين گدڙ کي لوڪ ڪردار بڻائي بيان
ڪئي وئي آهي، اها ان ۾ جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ
ڪئي وڃي.“
ڏيپلائي صاحب جي مزاح ۾ جيڪو سنجيدگيءَ جو پهلو
هو، سو نهايت اهم ۽ قابلِ غور آهي. هڪ چيني لطيفو
آهي: ’لو‘ (برهاڻي چين جي شندانگ ضلعي) جي سرزمين
تي هڪ ماڻهو شهر جي دروازي مان لنگهي رهيو هو. ان
وقت هن کي هڪ سنهي ڪاٺي هٿ ۾ هئي، جي اها هٿ ۾ اڀي
ٿي کنيائين ته ايتري لنبي هئي، جو دروازي مان نه
ٿي لنگهي سگهي، جي اها سنئين ٿي کنيائين ته دروازي
جي سوڙهائيءَ سبب اها اتان وڃي نه ٿي سگهي. هن کي
ڪو طريقو نظر نه ٿي آيو. ڪنهن بزرگ کيس چيو ته:
”مان ڪو ايڏو وڏو ڏاهو ته نه آهيان، پر مون پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪيئي ڳالهيون ڏٺيون آهن. ڇا تون پنهنجي
لٺ کي ٻه اڌڙ ڪري انهيءَ دروازي مان لنگهي نه ٿو
سگهين؟“ اهو ماڻهو انهيءَ صلاح تي لڳو ۽ پنهنجي
ڪاٺيءَ کي وچ مان ٻه ٽڪر ڪيائين.
ان ريت ڏيپلائي صاحب به جڏهن ڪنهن وڏيري، پير،
مير، مُلي، مشائخ کي ڪاٺي ڪندو هو ته هن جي لٺ جا
ٻه ٽڪر هوندا هئا. طنز مزاح مان هو هڪ ٽڪر جو ڪم
وٺندو هو ته سنجيدگيءَ مان ٻئي ٽڪر جو. ’اکين جو
عيوض‘ هن جي اهڙي خوبصورت ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ
طرف ڏنيئر (سوئر) مرشد تي طنز آهي ۽ ٻئي طرف مريدن
سانوري ۽ ڪمال جا ڪردار- اهڙي ڪمال، اهڙي همدرديءَ
سان چٽيا اٿائين، جو نه رڳو دِل ڀرجي اچي ٿي ۽ هن
سماج جي سفاڪيءَ لاءِ نفرت ازخود ڀڙڪي اُٿي ٿي ۽
ان جي مظلوم عوام لاءِ همدرديءَ جو جذبو جاڳي پوي
ٿو، پر ڏيپلائيءَ جي فن ۽ شخصيت لاءِ دل ۾ احترام
جو جذبو به اڀريو اچي.
فاصلي جي ڪري هن سان منهنجيون ايتريون ملاقاتون ته
ڪونه ٿيون هيون، پر هڪ واقعو نهايت وضاحت سان ياد
اچي ٿو. اونهاري جي مند هئي ۽ شام جو وڳڙو. وڃڻ
وارو هئس ته ڏيپلائي صاحب مون وٽ سکر اچي نڪتو.
حال احوال کان پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته هن هڪ ڪتاب
’بقول اياز‘ شايع ڪرايو هو، جنهن جون ڪجهه ڪاپيون
هو مون لاءِ کڻي آيو هو. اهو چئي هن ڪتاب جي هڪ
ڪاپي مون کي ڏني. مون پڙهي ڏٺو ته مهاڳ کان اڳ
منهنجو سارو غزل ’هي سين نه ڏيندي، چئن‘ ڏنل هو ۽
ان کان پوءِ مهاڳ جو عنوان هو: ’سبب هن جهيڙي
جو.......؟‘ مون مهاڳ ڏيپلائي صاحب جي موجودگيءَ ۾
پڙهيو، جنهن ۾ منهنجي حمايت ۾ ٻئي مواد سان گڏ
هيٺيون لطيفو به هو:
”ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ ڪٿي ڪو هڪڙو شخص هو،
جو اهڙا ته عجيب غريب شعبدا ڏيکاريندو هو، جو ترت
ئي جاهل عوام کي پڪ ٿي وئي ته هن جي هٿ ۾ جن آهن ۽
انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي هئا: فلاڻو خان جنائي.
هن لاءِ مشهور هو ته جنن جي وسيلي هرڪو ڪم ڪري
سگهي ٿو ۽ هوا، باهه ۽ پاڻي هن جي وس ۾ آهن وغيره
وغيره.“
”هڪ ڀيري اتي ڪٿي ڪو ميلو ٿي رهيو هو ۽ سڀ خلق
اوڏانهن وڃي رهي هئي. ميلو هڪڙي شاهي ميدان تي
ٿيڻو هو ۽ ٻين رستن کان سواءِ هڪ پيراڱو پڻ هو، جو
ان ميدان ڏانهن وڃي رهيو هو. ان پيراڱي جي پاسي
کان هڪ درويش فقيراڻن ڪپڙن ۾ ويٺو هو ۽ سندس بڊڙي
اڳيان پيئي هئي، جا پيراڱي مٿان اچي وئي هئي. جيڪو
به ماڻهو اتان ٿي لنگهيو، تنهن کي وک ٻه پاسو ڪري
لنگهڻو ٿي پيو، ڇو ته ميدان کليل هو، ڪا رڪاوٽ
ڪانه هئي ۽ ائين ٿيندي بڊڙي جي ڀرسان پيراڱي جو
وڪڙ به ظاهر ٿيندو پئي ويو.
ڪنهن مهل فلاڻو خان جنائي به وڏي طمطراق سان پري
کان ايندو ڏسڻ ۾ آيو. مڇون وڏيون، پيٽ نڪتل، بت
ٿلهو، وڏي آڪڙ سان ٻانهون لوڏيندو پيراڱي تان
هلندو پئي آيو. درويش کي هڪل ڪندي چيائين ’اڙي
هٽاءِ بڊڙي!‘ درويش ڏاڍي نرم آواز سان چيو! ’بابا!
ميدان گهڻو پيو آهي، جيئن ٻيا پيا لنگهن، تيئن تون
به لنگهي وڃ! ’پر درويش کي ڪهڙي خبر ته جنائي خان،
جنائي خان هو؟ ٻين وانگر هرگز هرگز نه ٿي لنگهي
سگهيو! سو جنائي خان هڪدم دهمان ڪيو، ’اڙي هٽاءِ
بڊڙي، هٽاءِ نه ته...‘
’نه ته ڇا.....؟‘ درويش اکيون مٿي کڻي سنجيدگيءَ
سان پڇيو. ’نه ته ......؟ نه ته هڻانس ٿو ٿڏو،
ڊيڪندي ويندي.‘ جنائي خان تيس مار خان بڻجي شهپرن
کي هٿ هڻي، وڏي غرور سان چيو.
’تو کان جي هٽي سگهي ته هٽائينسِ!‘ درويش سندس ٽنگ
۾ نظر کپائيندي چيو.
جنائي خان تيئن آڪڙ ۾ اچي ويو، پر جنائي خان جي
ٽنگ زمين ۾ ائين وٺجي وئي، ڄڻ ڪنهن ميخون هڻي
ڇڏيون هجنسِ. هاڻي ٿُڏو هڻي سو ڪيئن هڻي. بس
جنائيءَ کي بنهه چڙ اچي وئي، سو کيسي مان ڪجهه
مڻين جا داڻا ڪڍي مٿس اڇلايائين. پوءِ ته ماڻهن
ڏٺو ته هڪ زبردست واچوڙو اُٿيو آهي، جو وڌندو
درويش ۽ سندس بڊڙي ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي. پر جڏهن
واچوڙو وڌي بڊڙيءَ تائين پهتو ته ڳالهه ئي ٻي.
بڊڙيءَ جي چوڌاري ٻه چارچڪر ڪاٽي ائين هليو ويو،
ڄڻ هوئي ڪونه ۽ هيڏانهن بڊڙي ساڳي هنڌ رهي!
خلق جو ٻُڌو ته جنائي خان جو هڪ درويش سان مقابلو
ٿي رهيو آهي، سو ميلو ٻيلو اتي ئي رهيو، هشام
ماڻهن جا اچي سندن چوڌاري گڏ ٿيا. هاڻي جنائي خان
جي وات ۾ گجي اچي وئي. هن وري به کيسي مان ڪا شيءِ
ڪڍي پڙهي اڇلائي ته باهه جا زبردست شعلا پيدا ٿيا.
ماڻهو ڊپ کان هٽي ويا. باهه وڌندي وئي، پر بڊڙيءَ
جي ويجهو اچي وسامي وئي! وات مان ڦڻنگون ڪڍندي
جنائي خان زور سان ڪو اسم پڙهيو ۽ وري به ڪاشيءِ
اڇلايائين..... ماڻهن ڏٺو ته پاڻيءَ جي اٿل آهي،
جيڪا گجگوڙون ڪندي اچي رهي آهي ۽ فقير ۽ بڊڙيءَ
وٽان موجون هڻندي، ٻن شاخن ۾ ٿي اڳتي وڌي وئي ۽
غائب ٿي وئي. ڪافي دير تائين برابر جنائي خان ائين
گوڙ ڪندو، گجي وهائيندو، ڪرشما ڪندو رهيو، پر
بڊڙيءَ تي ذرو به اثر ڪونه ٿيو. هاڻ فقير جلال ۾
اچي اکيون مٿي کنيون ۽ جنائي خان جي اکين ۾ اکيون
ملائي چيائين:
’حيرت آهي اهڙو ماڻهو، اڃا تائين چريو نه ٿو ٿئي!‘
هن جو ايترو چوڻ ۽ جنائي خان جون اکيون ٿڙڻ: شهپر
هيٺ ٿي ويا، بُت لرزي ويو، هٿ بي اختيار گريبان
تائين پهتا..... ڏسو ته ڪپڙا پيو ڦاڙي، وار پيو
پٽي! مطلب ته جنائي خان سچ پچ چريو ٿي پيو.“
مون مٿيون لطيفو ساري جو سارو ان ڪري ڏنو آهي، ڇو
ته لطيفي ۽ ان سان گڏ مهاڳ واري حصي مان واضح آهي
ته ڏيپلائي صاحب جي ظرافت، نه امير حمزه جي داستان
واري طفلانه ظرافت آهي ۽ نه ئي اردوءَ جي مزاحيه
غزل وانگر واهيات آهي، پر اُن ۾ شيخ سعديءَ واري
بذله سنجي ۽ لطافت آهي. باقي سارو مهاڳ پڙهندڙ پاڻ
پڙهي ڏسندو ته هن کي محسوس ٿيندو ته ڏيپلائيءَ ۾
نه رڳو لطافت آهي، پر پاڪيزگي، همه داني، همه بيني
۽ همه رنگي پڻ آهي. سردار علي شاهه سنڌ جو
سوونيرولا هو، ۽ هن کي ۽ هن جي حلقي کي اهڙو جواب
جهڙو ڏيپلائي صاحب ’بقول اياز‘ جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي،
اهڙو موثر جواب ان دور ۾ فقط رسول بخش پليجي ’انڌا
اونڌا ويڄ‘ ۽ مولانا گراميءَ ’مشرقي شاعري جا فني
قدار‘ ۾ ڏنو هو، جيتوڻيڪ طنز ۽ مزاح ۾ ڏيپلائي
صاحب پنهنجو مثال پاڻ هو. سوونيرولا هڪ Dominicaon راهب
هو، جو 1452ع ۾ ڄائو ۽ 1498ع ۾ مري ويو. هو
فلارينس ۾ فني آزاديءَ جي خلاف وعظ ڪندو هو ۽ نه
رڳو مغربي نشاط ثانيه واري ساري فڪر جي اُڀار جو
وڏو مخالف هو، پر مخالفن خلاف ديني عدالتون(Inquisitions) قائم
ڪرائي، انهن کي جيئرو جلائيندو هو. هو مشهور مصور
ليونارڊو ڊاونسيءَ جو به دشمن هو. نيٺ هن پوپ
اليگزينڊر (ڇهين) کي ڏاڍو ڪاوڙايو ۽ جيئرو جلايو
ويو.
جنرل ضياءَ جي دور ۾ مون کي ڏيپلائي صاحب جي پيش
گوئي پوري ٿيندي نظر آئي هئي. حيدرآباد ۾ سردار
علي شاهه، جنرل ضياءَ کي منهنجي خلاف وڏي دانهن
ڏني ۽ ٽي.ويءَ تي هوبهو جنائي خان وانگر ڳالهائي
رهيو هو. مون ان وقت ربانيءَ کي چيو هو ته: ”هن جو
بلڊپريشر ايترو ته وڌي ويو آهي، جو مون کي هن جو
انت ويجهو نظر اچي رهيو آهي.“ ان تي ربانيءَ چيو:
”ڪيئن چئجي، اڃا ته هو دندنائي رهيو آهي!“ ڪجهه
وقت کان پوءِ سردار علي شاهه گذاري ويو هو.
ون يونٽ واري دور ۾ مان سکر ۾ رهندو هئس ۽ ڏيپلائي
صاحب سان ملاقات گهڻو ڪري تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن
وئڪيشن ۾، مان حيدرآباد ويندو هئس يا سن ۾ ڪٿي
جلسي جي صدارت ڪندو هئس. هڪ ڀيري مان حيدرآباد
فاران هوٽل ۾ ترسيل هئس ته رئيس ڪريم بخش خان
نظاماڻي، ٻيڙين تي ماتلي هلڻ لاءِ دعوت ڏني، جو
سندس ڳوٺ هو. رئيس سان اڪثر محترم جي. ايم. سيد جي
جاءِ تي منهنجي ملاقات ٿيندي هئي. رئيس پنهنجي دور
جو يادگار هو ۽ هن جي تصنيف ’ڪيئي ڪتاب‘ ڪافي
دلچسپيءَ سان پڙهي وئي. (ان وقت منهنجن ڪن دوستن
رئيس کي منهنجي خلاف بدظن ڪيو هو، ڇو ته هو مون کي
وائيس چانسلر جي عهدي تي برداشت نه ڪري سگهندا
هئا.)
رئيس پاڻ به چڱو ڳائيندو هو ۽ هو ڳائڻ وقت دف
نهايت پياري انداز ۾ هلائيندو هو. هڪ ٻيڙيءَ ۾ ته
رئيس جا همنوا، طبلچي، نوڪر، چاڪر هئا ۽ ٻيءَ ۾
رئيس، مان، ڏيپلائي، جويو، رباني، رشيد ڀٽي ۽ ڪجهه
دوست هئاسين. ڏيپلائي صاحب منهنجي قريب ويٺو هو ۽
مون سان گفتگو ڪري رهيو هو. ٿوري وقت کان پوءِ سج
ڦليليءَ ۾ ٻڏڻ لڳو ۽ پاڻيءَ تي شفق جا رنگ لهرائڻ
لڳا. رئيس مون کي جام ڀري ڏنو ۽ ڏيپلائيءَ مون کي
منهنجو غزل ”هي سئن نه ڏيندي چئن“ تحت اللفظ پڙهي
ٻڌايو ۽ چيو ته ”اياز جڏهن کان تو اهو غزل پهريون
ڀيرو ’جشن روح رهاڻ‘ ۾، بسنت هال ۾ پڙهيو هو،
تڏهن کان ان جون سٽون منهنجي اندر ۾ گونجنديون
رهنديون آهن. تنهنجو انهيءَ غزل جي باري ۾ رايو ڇا
آهي؟“ مون گلاس مان ڍڪ ڀري چيو: ”مان ماپ کي ترجيح
ٿو ڏيان.“
اتي ڏيپلائي صاحب چيو: ”ڪهڙي ماپ؟ ايتري ۾ ئي وٺجي
ويو آهين ڇا؟“
مون جواب ڏٺو: ڏيپلائي صاحب! مان وٺجي نه ويو
آهيان. تنهنجي سوال جو جواب ڏئي رهيو آهيان. هڪ
لطيفو آهي. ’هڪ ماڻهو کي جُتي خريد ڪرڻي هئي، سو
پنهنجي پيرن کي ڌاڳي سان ماپي ڏٺائين. جڏهن بازار
۾ جُتين جي دڪان تي ويو، تڏهن هن کي اوچتو خيال
آيو ته اهو ماپ وارو ڌاڳو ته هو گهر وساري آيو هو.
هن کي اُن وقت دڪاندار جا ڏيکاريل جُتين جا پادر
هٿ ۾ ئي هئا ته چيائين ته ’مان پنهنجي ماپ گهر
وساري آيو آهيان.‘ پوءِ پادر ڦٽي ڪري، انهيءَ ماپ
جي ڌاڳي کڻي اچڻ لاءِ تڙتڪڙ ۾ گهر موٽي ويو. جڏهن
گهران ٿي بازار موٽيو ته دڪان بند ٿي چڪا هئا.
دڪاندار، جيڪو دڪان کي قلف ڏيئي وڃي ريهو هو، تنهن
هن کي ڏسي چيو: ”تو پيرن ۾ جتي پائي ڇو نه ڏٺي ته
پوري آهي يا نه؟ ماپ جي ڌاڳي لاءِ گهر موٽي ڇو
وئين؟“ ماڻهوءَ وراڻيو ته ’موٽي ان لاءِ ويس، جو
مون کي پاڻ کان وڌيڪ ماپ تي اعتبار هو!‘
ڏيپلائي مرڪيو، ۽ مون کي ڳچيءَ ۾ ٻانهن کڻي
وڌائين. ”ڏاهري رنگ محل“ جي مصنف جو ’راجا ڏاهر‘
تي نظم لکڻ واري شاعر جي ڳچيءَ ۾ اهو هار مون کي
سدائين ياد رهندو!
ٿوريءَ دير ۾ مون کي چيائين ته: ”لطيفا ته مون کي
ايترا ايندا آهن، جو مان توکي ٻڌايان ته ساري رات
گذري وڃي، ته به نه کٽن. تون ائين ٿو سمجهين ڇا ته
مون کي شاعريءَ جي پرک نه آهي؟ مون کي ڪوئي شعر
ٻڌاءِ!“ مون هن کي صراحي ڏيئي چيو:
”بريز اي پير ميخانه مئي تلخم به پيمانه
که من در وضع مستانه بي شيرينِ سخن دارم
اي ميخاني جا بزرگ پيماني ۾ تلخ شراب وجهه، ڇو ته
مون وٽ مستاني وضع ۾ ڪيئي شيرين سخن آهن.“
ان وقت سج ڦليليءَ ۾ صفا ٻُڏي ويو هو ۽ اسان سڀئي
’رباعيات خيام‘ تي ڪنهن نڪتل تصوير وانگر لڳي رهيا
هئاسون.
ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيڙي ماتليءَ پهتي. رئيس جو راڳ
شروع ٿيو. ڪتين ڪر موڙيا، پر اڃا رئيس نظاماڻي دف
تي ڳائيندو رهيو ۽ هن جا ساٿي کيس سُر وٺائيندا
رهيا. پنهنجي عادت موجب رئيس جڏهن ڏيپلائي صاحب جي
ڀرسان دف زور سان وڄائي، گهنگهرن جي گهڻ گهڻ ڪئي
ته ڏيپلائي صاحب ڇرڪ ڀريو ۽ مون کي منڇر مٿان
بندوق جي ٺڪاءَ تي آڙيون اُڏامندي نظر آيون.
جنهن وقت ڏيپلائي صاحب جو فرزند محمدعلي مون وٽ
آيو ۽ مون کي چيائين ته مان هن کي ڏيپلائيءَ تي
ڪجهه لکي ڏيان ته منهنجي لائبريريءَ ۾ ڏيپلائي
صاحب جا فقط ٻه ڪتاب هئا. هڪ ’بقول اياز‘ ۽ ٻيو هن
جو طويل ناول
’سانگهڙ‘. سندس لکيل ڏيڍ سئو کن ڪتابن مان سندس
خاندان وٽ به چاليهارو کن ڪتاب مس هئا، وٽن ’بقول
اياز‘ جي ڪاپي به ڪانه هئي، جا مون محمد عليءَ کي
خوشيءَ سان ڏني ۽ هن کي همٿايو ته هو سارو ذخيرو
ڪٺو ڪري ڇپائين.
في الحال هن مون کي ٻه ڪتاب ڏيپلائي صاحب جا ۽ ٻه
ڪتاب هن تي لکيل ڏنا، جن جون هن وٽ هڪ کان وڌيڪ
ڪاپيون هيون. انهن ۾ ڏيپلائي صاحب جا ناٽڪ به هئا
۽ اهڙا مضمون به هئا، جن مان مون ڪجهه ٽڪرا مٿي
ڏنا آهن.ناٽڪ پڙهي مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته
ڏيپلائي صاحب تي پنهنجي دور جي اردو ادب جو ڪافي
اثر هو، ۽ هن جا ڪجهه ڊراما، آغا حشر جي ڊرامن
وانگر ٿا لڳن. جيتوڻيڪ انهن ۾ به هن جي پنهنجي
انفراديت آهي ۽ هن جا موضوع الڳ آهن. هن جا سڀ
ڪتاب هجن ته اندازو لڳائي سگهجي ته هن تي
ابوالڪلام آزاد ۽ ’الهلال‘، محمدعلي جوهر ۽
’همدرد‘، مولانا ظفر علي خان ۽ ’زميندار‘، اڪبر
الهه آبادي، شبلي نعماني، عبدالمجيد سالڪ، چراغ
حسن حسرت وغيره جو ڪيترو اثر آهي. بهر صورت سنڌ جو
ماحول ۽ ان جا مسئلا هن جي تحرير ۾ اوليت رکن ٿا.
ڏيپلائي، پاڪستان کان اڳ ۽ پاڪستان کان پوءِ مسلم
سنڌي ادب جو بئروميٽر آهي. جويو ۽ مان ته ٻي مٽيءَ
مان ٺهيا هئاسين.
هن وقت منهنجي ميز تي هڪ ڪتاب
’ڏيپلائي: سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي‘ پيو آهي. ڪچي
جلد تي ڏيپلائي صاحب جي تصوير آهي ۽ ان جي هيٺان
منهنجو شعر آهي:
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهرا مڙس
وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀُلائي ويا.
اهو ڪتاب نورمحمد عباسيءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان جي
پيشڪش به هن ئي ڪئي آهي. مان هن سان متفق آهيان ته
منهنجو مٿيون شعر ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي عڪاسي
ڪري ٿو.
ڏيپلائي، جو منهنجو محسن هو ۽ مون کي ان وقت ڪم
آيو، جنهن وقت ڪيئي ’جنائي خان‘، سنڌ ۾ مون سان
وڙهي رهيا هئا، ۽ پنهنجي هر ٽوڻي ڦيڻي سان مون کي
هيسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا:
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، سي مڙس نه ويندا مور منان،
جي واڪي واڪي وس ڪيا،
جي سارو سچ ٻڌائي ويا.
يوسف شاهين
سنڌ
جو محسن- مرد مجاهد
محمد عثمان ڏيپلائي
ساريو سانبيئڙن کي، هينئڙي پونُ هولَ
ٻيلي تن جا ٻولَ، مور نه وسرن مون.
(يوسف)
گذريل پنج هزار سالن دوران، سموري انسان ذات، دنيا
جا سمورا ملڪ ۽ انهن ۾ رهندڙ قومون مختلف ”فاتحن“
جون غلام رهيون آهن. ايڏي ڊگهي عرصي تائين دنيا جو
ڪوبه ملڪ، سخت جدوجهد جي باوجود آزادي ماڻي نه
سگهيو. ان حد تائين جو آزاد ملڪن جو تصور به ناپيد
ٿي پيو. دنيا جا سڀئي ملڪ هڪ ٻي پٺيان مختلف
”بادشاهتن“ ۾ قيد رهيا. اهي بادشاهتون ڪن فردن،
ذاتي طور، فوجي ٽولا گڏ ڪري، وڏي خونريزيءَ کان
پوءِ
”فتوحات“ جي عمل ذريعي قائم ڪيون. ان ريت نه فقط
دنيا جي سڀني قومن کي غلام ڪيو ويو بلڪ انهن قومن
جي عزت، دولت ۽ پيداواري وسيلن تي ڌاڙا هنيا ويا.
شڪست کاڌل قومن کي ان ڳالهه تي به مجبور ڪيو ويو
ته هو هر سال ذري گهٽ سموري قومي آمدني ”ڏن“ طور
فاتحن/غاصبن تائين پڄائين.
پنج هزار سالن کان پوءِ، هڪ هنڌ بيٺل اُن نظام ۾
تڏهن تبديليءَ جي ابتدا ٿي جڏهن 1776ع ۾ دنيا جو
پهريون حقيقي آزاد ملڪ ”آمريڪا“ (United
States of America) وجود
۾ آيو، جتي پهريون ڀيرو دنيا مان بادشاهت ختم ڪرڻ
جي ابتدا ڪئي ويئي. هنن ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ
بادشاهه بدران عام ماڻهن جي ووٽ سان چونڊجي آيل
شخص کي، محدود عرصي لاءِ اقتدار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
اهو ملڪ آمريڪا، يورپ جي مهاجرن ٺاهيو جيڪي پنهنجا
اباڻا ملڪ ڇڏي آمريڪا جي 13 رياستن ۾ اچي آباد ٿيا
هئا. هنن مهاجرن آمريڪا جي اصلوڪي آباديءَ کي گهڻي
ڀاڱي قتل ڪري ڇڏيو. اهي 13 رياستون ان وقت برطانيه
جي قبضي هيٺ هيون ۽ جارج (ٽيون) انهن آمريڪي
رياستن جو بادشاهه بلڪ شهنشاهه هو. ان واقعي کان
پوءِ تمام تڪڙو يورپ جي مهاجرن آمريڪي کنڊ تي وڌيڪ
34 نوان ۽ آزاد ملڪ قائم ڪيا جيڪي گهڻي ڀاڱي اسپين
۽ فرانس جي بادشاهن جي ذاتي ملڪيت هئا.
ايشيا ۾ چين پهريون ملڪ هو جيڪو ٽي هزار سالن
تائين مختلف بادشاهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ کان پوءِ
1912ع ۾ آزاد ملڪ طور اڀريو. جيڪڏهن اُوڻهين ۽
ويهين صديءَ جو حساب لڳايو وڃي ته باقي سموري دنيا
تي مختلف بادشاهتن جا قبضا هئا. انهن ۾ برطانيه،
يورپ جو هئبس برگ خاندان، چين ۾ منچو خاندان، زار
روس، سلطنت عثمانيه ۽ مغل سلطنت خاص طور قابلِ ذڪر
آهن. انهن بادشاهن جو مجموعي طور باقي سڄي دنيا تي
قبضو هو. انهن انسان ذات جا مذهب، ٻوليون ۽
ثقافتون بدلائڻ جو اختيار استعمال ڪيو. برطانيه ۽
اسپين جي بادشاهن جون سرحدون ايتريون ته وسيع هيون
جوانهن تان ڪڏهن به سچ نه لهندو هو. برطانيه جو
ڌرتيءَ جي چوٿين حصي، لڳ ڀڳ 13 ملين چؤرس ڪلوميٽر
تي قبضو هو. هنن 70 کان وڌيڪ موجوده ملڪن تي قبضا
ڪيا. اهڙيءَ ريت سلطنت عثمانيه جا بادشاهه ايشيا،
يورپ ۽ آفريقا جي موجوده 43 ملڪن تي قابض ٿيا.
ساڳيءَ ريت مغلن به هڪ وسيع ترين سلطنت قائم ڪئي،
فقط هندستان ۾ هنن جون سرحدون ڪابل کان بنگال
تائين پکڙيل هيون.
اهڙي ماحول ۾، جڏهن دنيا جا سمورا ملڪ غلام هجن،
جن ۾ سنڌ به شامل هئي، ان انتهائي خطرناڪ ۽ گُهٽ
ٻُوسٽ واري دؤر ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن
ڪيئن پنهنجو فرض نڀايو، اهو حيرت ۾ وجهندڙ داستان
آهي. مون کي اجازت ڏني وڃي ته محمد عثمان
ڏيپلائيءَ تي لکڻ کان اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جي زندگيءَ ۾ ٿيل سياسي واقعن تي روشني وجهان. ان
سان تاريخ جا ڪئين نوان باب کُلي سگهن ٿا. اهو
سياسي سفر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ تائين
جاري رهيو.
جڏهن شاهه لطيف ڄائو تڏهن اورنگزيب عالمگير
هندستان جو شهنشاهه هو. سنڌ به مغلن جي تابع هئي ۽
سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمران هئا. مغلن فارسيءَ کي هندستان
جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ان ڪري لازمي هو ته
هند ۽ سنڌ جو عوام فارسي ٻولي سکي ۽ ڳالهائي.
سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ به فارسي ٻولي سکڻ
ضروري هو. سنڌ ۾ شاهه لطيف ان عمل کي ننديندي هن
ريت تبصرو ڪيو: ”جي فارسي سکيو، گولو، توءِ غلام.“
جڏهن ته مغلن اهو هُلايو ته ”فارسي پڙهسين، گهوڙي
چڙهسين“
شاهه لطيف جي زندگيءَ ۾ سنڌ تي مغلن کان علاوه
نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جو قبضو رهيو. اهو
غلاميءَ جو بدترين دؤر هو. اهڙي ماحول ۾ آزاديءَ
جي ڳالهه ڪرڻ يا سچ چوڻ قتل کان به وڏو ڏوهه هو.
ان جي باوجود شاهه لطيف سنڌ جي ماڻهن کي غلاميءَ
مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي هٿيار طور استعمال
ڪيو. هن جون هيٺ ڏنل سٽون، ان وقت ”بغاوت“ جي
دائري ۾ آيون ٿي:
· سسي
ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻون
· ڀڳو
آئون نه چُئان، ”ماريو“ ته وسهان
· سوري
سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي
· مڙڻ،
موٽڻ، ميهڻو
· سوري
چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اي ڪم عاشقن
· هيءُ
تنين جو ڏيهه، ڪاتي جنين هٿ ۾
· سڄڻ
۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
· حقيقت
هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀري ڪينڪي
· مُٺ
مٺ سورن سڀ ڪنهين، مون وٽ وٿاڻا
شاهه جي زندگيءَ ۾، مغل بادشاهن سنڌ جا ٽي حاڪم
مارائي ڇڏيا: ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، ميان شاهل
محمد ڪلهوڙو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙو جيڪي سنڌ
ڌرتيءَ کي مغل تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد
ڪندا رهيا. اورنگزيب سنڌ جي حاڪم ميان نصير محمد
ڪلهوڙي کي گرفتار ڪري گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو.
ميان نصير محمد جي گرفتار ٿيڻ شرط سنڌ ۾ آزاديءَ
جي تحريڪ زور وٺي ويئي. سنڌ جو عوام مغلن خلاف
اُڀو ٿي ويو. سنڌ ۾ سرفروشن ۽ فقيرن جا جٿا تيار
ڪيا. ان تحريڪ جو مرڪز بکر جو چانڊڪا پرڳڻو هو.
سرفروشن کي مغل فوجن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ
”گوريلا جنگ“ جي تربيت ڏني ويئي. انهن کيرٿر جبلن
۾ محفوظ پناهه گاهون جوڙيون. ان وقت ميان نصير
محمد جا فقير ”ميان وال فقير“ سڏجڻ لڳا جيڪي سنڌ
جي آزاديءَ جو پيغام کڻي سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽
وسندين ۾ پکڙجي ويا. سڀ فقير پاڻ سان ”سرندو“
کڻندا هئا جيڪو وڄائي ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪندا هئا.
هر فقير آزاديءَ جو پيغام ڏيڻ کان اڳ ماڻهن کي هن
ريت مخاطب ٿيندو هو: ”اسان خدا جي مدد جا طالب
آهيون جنهن تي اسان جو ايمان آهي.“
سنڌ جي ماڻهن انهن فقيرن جي بي حساب مالي مدد ڪئي.
انهن فقيرن ۾ هيبت فقير جمالي گهڻو مشهور ٿيو،
جنهن جي مزار بدين ضلعي جي نندو شهر لڳ آهي. ان
مزار جي سامهون لاتعداد اهڙن سورمن جون قبرون آهن
جيڪي سنڌ مٿان سُر ڏيئي سرها ٿيا. اهڙي ئي هڪ مزار
بدين جي ڪڍڻ شهر لڳ آهي جتي لاتعداد اهڙن جوڌن جون
قبرون آهن جيڪي سنڌ مٿان گهور ٿي ويا. افسوس آهي
ته اسان اهڙن سورمن کي وساري ڇڏيو آهي، سنڌ سان
اها به ويڌن ٿي جو هتي قابض حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن
کي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۽ پڙهڻ کان به روڪي ڇڏيو. اهو
عمل اڄ تائين جاري آهي. بهرحال، مغلن نيٺ تنگ ٿي
ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي آزاد ڪيو ۽ هو واپس سنڌ
موٽي آيو. ميان نصير محمد کان پوءِ مغلن سندس پٽ
دين محمد ڪلهوڙي کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪرڻ لاءِ
شاهي فرمان جاري ڪيو. مگر دين محمد ڪلهوڙي کي مغلن
جي غلامي قبول نه هئي، هن سنڌ کي آزاد ڪرڻ لاءِ
جدوجهد جاري رکي ۽ ميان وال فقيرن ۽ سرفروشن جي
تحريڪ کي زور وٺايو. نتيجي طور مغل شهزادو
معزالدين، جيڪو ملتان جو گورنر هو، اهو 1699ع ۾
لاهور کان فوجن جا وڏا اٽالا وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو.
ميان دين محمد آڻ مڃڻ بدران مغلن جو مقابلو ڪرڻ
لاءِ ميدان ۾ لٿو. دادو ضلعي ۾ نئن گاج وٽ مغلن ۽
ڪلهوڙن وچ ۾ وڏي جنگ لڳي. جنهن دوران اٽڪل سان
ميان دين محمد کي گرفتار ڪري کيس ملتان کڻي ويا
جتي هن کي اذيتون ڏيئي ماريو ويو. بعد ۾ سندس لاش
سنڌ موڪلي ڏنائون.
جڏهن شاهه لطيف جي عمر 47 سال هئي، تڏهن ميان
نورمحمد ڪلهوڙي کي 1736ع ۾ مغلن طرفان سڄيءَ سنڌ
جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ميان نور محمد مغل
تسلط جي سخت برخلاف هو. سنڌ جي آزاديءَ جا خواب
ڏسڻ وارو ميان نورمحمد هنڌين ماڳين سرعام چوندو هو
ته: ”سنڌ ڌرتيءَ تي اصل حاڪميت خدا جي آهي، پوءِ
اسان جي رسول پاڪ جي، تهان پوءِ اسان جي- مغلن جو
سنڌ سان ڪو واسطو ناهي.“
جڏهن شاهه لطيف 50 ورهين جو هو ته نادر شاهه افشار
سنه 1739ع ۾ ايران کان هندستان تي ڪاهي آيو. هن
مغلن جا 30 هزار فوجي قتل ڪري دهليءَ تي قبضو ڪري
ورتو جتي عام ماڻهن جو قتلام ڪرايو ويو. واپسيءَ
تي نادر شاهه مغل سلطنت جو سمورو شاهي خزانو پاڻ
سان کڻي ويو. اهو خزانو هزارين هاٿين، اٺن ۽ گهوڙن
تي کڻايو ويو جنهن ۾ تخت طائوس، دنيا جو سڀ کان
قيمتي هيرو ڪوهه نور، درياءَ نور ڊائمنڊ، بي حساب
سون، چاندي، هيرا جواهر شامل هئا. ايڏي وڏي پيماني
تي ڦرلٽ ٿيڻ سبب مغل سلطنت ان حد تائين ڪنگال ٿي
ويئي جو هنن وٽ فوجن کي پگهار ڏيڻ جا به پيسا نه
بچيا. نادر شاهه سنڌ تي به ڪاهي آيو. هتي وڏي ڦرلٽ
۽ تباهي مچائڻ کان پوءِ هو سنڌ جي حاڪم نورمحمد
ڪلهوڙي جا ٽي پٽ: غلام شاهه، عطر خان ۽ محمد
مرادياب خان ايران ڏانهن اغوا ڪري کڻي ويو. ويندي
مهل نادر شاهه ميان نورمحمد کي چيو ته جيستائين
سنڌ ڏن ڀريندي رهندي تيستائين تنهنجا پٽ ايران ۾
جيئرا رهندا. هيءُ انهن ڏينهن جو واقعو آهي جڏهن
شاهه لطيف جي ڄمار پنجاهه سال کن هئي. نادر شاهه
جي حملي سبب سنڌ مغلن جي پنجوڙ مان نڪري ايران جي
تابع ٿي ويئي. فقط اٺن سالن بعد نادر شاهه 1747ع ۾
قتل ٿيو، هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.
نادر شاهه جي قتل بعد هن جي سلطنت جي وڏي حصي تي
احمد شاهه ابدالي قبضو ڪري ورتو، جيڪو نادر شاهه
جي هڪ فوجي دستي جو سالار هو. انتهائي خوبصورت هئڻ
سبب هن کي نادر شاهه بيحد ڀائيندو هو. احمد شاهه
ابداليءَ کي جديد افغانستان جو باني چيو وڃي ٿو،
جنهن هندستان تي اٺ ڀيرا ڪاهون ڪيون ۽ اتي وڏي
تباهي مچائي ۽ ڦرلٽ ڪئي. احمد شاهه سنڌ تي به قابض
ٿيو، اهڙي ريت سنڌ ايران جي قبضي مان نڪري ڪابل جي
ماتحت ٿي ويئي. 1748ع ۾ احمد شاهه (دراني) ميان
نورمحمد ڪلهوڙي کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ۽ کيس
”شاهه نواز خان“ جو لقب ڏنو. انهن ئي ڏينهن ميان
نورمحمد جا ٽيئي پٽ، جيڪي نادر شاهه اغوا ڪري ويو
هو، ايران کان ٿيندا سنڌ پهتا. بهرحال اهي سمورا
واقعا شاهه لطيف جي زندگيءَ ۾ ٿي گذريا.
1783ع ۾ اقتدار ڪلهوڙن کان ٽالپرن ڏانهن منتقل
ٿيو، جيڪي لڳ ڀڳ 60 سال سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا.
هنن کي مغلن بدران ڪابل جي حاڪمن کي ڏن ڏيڻو پيو.
1843ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريز ملازمن سنڌ
تي قبضو ڪيو، هنن سنڌ جي حاڪم مير محمد نصير خان
کي عيال سميت ملڪ بدر ڪري ڪلڪتي ڏانهن روانو ڪيو.
مير محمد نصير خان سان مير فتح علي خان، مير
صوبدار خان ۽ ٻيا ڪيترائي ٽالپر ڪلڪتي ڏانهن دربدر
ڪيا ويا. جن ٽالپرن انگريز سرڪار سان ٺاهه ڪيو،
انهن کي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي زمينون ڏنيون ويون،
هيءُ مغلن جو آخري دؤر هو جڏهن انگريز هندستان جي
وڏي حصي تي قابض ٿي چڪا هئا.
انگريز سنڌ تي هڪ سؤ سالن تائين لڳاتار حڪومت ڪندا
رهيا. نيٺ 1940ع ۾ هيءُ چؤٻول ٿيو ته انگريز
هندستان کي آزاد ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. ان
صورتحال غلام قومن ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ هر هنڌ
آزاديءَ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. آل انڊيا مسلم ليگ
1940ع ۾ هڪ قرارداد پاس ڪري انگريزن کان مطالبو
ڪيو ته هندستان جي جن به رياستن ۾ مسلمانن جي
اڪثريت آهي، انهن کي آزاد ۽ خودمختيار رياست جو
درجو ڏنو وڃي. اهڙيءَ ريت اها اميد پيدا ٿي ته سنڌ
به هڪ آزاد ملڪ طور دنيا جي نقشي تي اڀري ايندي.
واضح رهي ته سنڌ دنيا جو قديم ترين ملڪ آهي جيڪو
گذريل پنج هزار سالن کان هڪ ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو،
جتي دنيا جي عظيم ترين سنڌو تهذيب جنم ورتو.
افسوس اهو آهي ته اڳتي هلي 1940ع واري قرارداد جي
معنيٰ ۽ مفهوم کي ڦيرائي ”رياستن“
بدران ”هڪ رياست“ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ويئي.
اهڙيءَ ريت 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ ۾
اسان جا ابا ڏاڏا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا ته
پاڪستان کپي. پاڪستان وٺي رهنداسين. اهي سڀ ان
ڳالهه کان ناواقف رهيا ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
سنڌ مان لکين هندو سنڌين کي نيڪالي ڏني ويندي. جن
سان اسان صديون گڏ گذاريون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ،
فقط ستن سالن اندر ”ون يونٽ“ ٺاهي سنڌ جو نالو،
سنڌ جو وجود ختم ڪيو ويو. سنڌ جو نانءُ کڻڻ ڏوهه
قرار ڏنو ويو. اول هندستان مان آيل نوڪر شاهي ۽
پوءِ پاڪستان جي فوج هن ملڪ جي مالڪ بڻجي ويئي، جن
مارشل لا هڻي ٻارڻ ٻاري ڏنو. اهڙي طرح اسان
انگريزن جي غلاميءَ مان نڪري پنهنجي ئي فوجن جي ور
چڙهي وياسين.
هيءُ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو دؤر هو. ان وقت سنڌ
جي وسيلن، زمينن ۽ ملڪيتن تي قبصو ڪرڻ لاءِ سنڌ
ڏانهن وڏي پيماني تي ڪيتريون ئي هجرتون شروع ٿيون.
هندستان کان علاوه پنجاب، سرحد، آزاد ڪشمير ۽
بنگال کان لکن جي تعداد ۾ پناهه گير سنڌ پهچي ويا.
هو ايندي شرط سنڌ جي اقتصادي وسيلن تي قابص ٿي
ويا. هو سنڌ جي ڪارخانن ۽ ڪاروبار تي ڇانئجي ويا.
لکن جي تعداد ۾ هنن سنڌ ۾ نوڪريون حاصل ڪيون.
جڏهن انگريزن، ٽالپرن کان اقتدار کسي سنڌ ۾ پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي، تڏهن هنن پاليسيءَ تحت سنڌي
مسلمانن لاءِ تعليم ۽ فوج جا دروازا بند ڪري ڇڏيا.
فوج ۾ گهڻي ڀاڱي فقط پنجاب جي ماڻهن کي کنيو ويو،
جن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کي ناڪام ڪرڻ ۾
انگريزن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جيئن ته هند ۽ سنڌ ۾
مسلمانن جون حڪومتون هيون، ان ڪري انگريزن مسلمانن
جي ذهن مان حڪمرانيءَ جو خيال ڪڍڻ لاءِ کين مختلف
طريقن سان جهالت ۽ غربت جي آڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو. سنڌ
۾ سنڌي مسلمانن کي هڪ سؤ سالن دوران ان حد تائين
تعليم کان محروم ڪيو ويو جو هو ”ڄٽ“ سڏجڻ لڳا.
جهالت هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن سنڌين کي توهم
پرستي، پير پرستي ۽ نام نهاد مرشدن ڏانهن ڌڪي
ڇڏيو. جڏهن ته سچو پير مرشد هئڻ وڏي ڳالهه آهي،
اهي قابلِ احترام آهن، مگر سنڌ ۾ جنهن پيري مرشدي
پير کوڙيا، اها وبائي بيمارين کان به خطرناڪ ثابت
ٿي. سنڌي قوم ذهني طور مفلوج ٿي غلاميءَ جون حدون
ڇهڻ لڳي. ڪنڌ جهڪائڻ، پيرين پوڻ ۽ هر حڪم تي ها
ڪرڻ جي سنڌ ۾ عادت وڌي ويئي. سنڌ جا پير مرشد
برهمڻن کان به ٻه قدم اڳتي نڪري ويا. هنن حويليون
قائم ڪيون، جتي سنڌي عام ماڻهوءَ کي غلام وانگر کٽ
تي به وهڻ کان روڪيو ويو.
هڪڙي جهالت، ٻي انتها درجي جي غربت، ۽ ٽي پيري
مريدي. انهن ٽنهي هچائن گڏجي سنڌي قوم کي وائڙو ۽
ويڳاڻو ڪري ڇڏيو. سنڌين لاءِ هُلايو ويو ته هو
ڏاڍا مهمان نواز آهن، صوفي آهن، هنن کي مونن ۾
منهن وجهي، پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي وڃڻ گهرجي. ان
انتهائي خطرناڪ صورتحال کي ڏاڍي ڏک ۽ شدت سان جن
عالمن محسوس ڪيو، انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
نالو سرِفهرست اچي ٿو.
هن شخص سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ ۽ نام نهاد پيري
مرشديءَ جو زور ٽوڙڻ لاءِ هڪ وڏي قلمي جنگ جوٽي.
هن هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيا جن
سڄيءَ سنڌ ۾ ڌم مچائي ڏني. سنڌي ماڻهو علم حاصل
ڪن، پنهنجا پٽ ۽ نياڻيون پڙهائين. ان ڳالهه کي
ڏيپلائي صاحب هڪ وڏي مشن طور کنيو. هن لڳ ڀڳ ٻه سؤ
ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا ۽ کيس
ڪئين ڀيرا جيل موڪليو ويو.
سنڌ جو هيءُ مرد مجاهد 1908ع ۾ پيدا ٿيو. تڏهن سنڌ
تي انگريزن جي حڪومت هئي. هن ننڍي ڄمار ۾ لکڻ شروع
ڪيو. سنڌي قوم کي اٿارڻ ۽ ذهني غلاميءَ کان آجو
ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب لکڻ جون سموريون صنفون
هٿيار طور استعمال ڪيون. هن قرآن شريف جي آيتن جو
سهارو ورتو، سيرت رسول ۽ حديثن جا حوالا ڏنا،
خليفن جا قول لکيا، اسلامي جنگين جا احوال ڏنا،
شاهه لطيف جا بيت استعمال ڪيا. ان کان پوءِ پنهنجا
ڪتاب زوري سنڌين کي پڙهائڻ لاءِ هن درويش صفت
انسان، عشق محبت جا داستان، افسانه، ناول ۽ تاريخي
دلچسپ قصا لکيا. انهن سڀني لکڻين ۾ گهمائي ڦيرائي
هيءَ ڳالهه وري وري ورجائيندو هو ته سنڌين کي ذهني
غلاميءَ مان نڪرڻ گهرجي، جنهن جو واحد ذريعو تعليم
آهي. هن جي لکڻين مان ظاهري طور ايئن لڳندو هو ڄڻ
ته هيءُ شخص ڪو مُلا، مولوي يا اسلام جو ڪو وڏو
داعي آهي. جڏهن ته هيءُ مرد مجاهد اسلام جو داعي
هئڻ سان گڏ سنڌي عوام جي حقن جو وڏو علمبردار ۽
سنڌ جو محسن هو.
ڏيپلائي صاحب، ٻين ڪيترن ئي ڪتابن کان علاوه ڪمال
اتاترڪ تي به ڪتاب لکيو، جنهن ترڪيءَ کي آزادي
ڏياري. پهرين عالمي جنگ کان پوءِ 1922ع ۾ سلطنت
عثمانيه جو خاتمو ٿي ويو جن اٺ سؤ سال ايشيا، يورپ
۽ آفريقا جي وسيع علائقن تي حاڪميت ڪئي. سلطنت
عثمانيه ختم ٿيڻ شرط ترڪيءَ تي يورپي ملڪن جو قبضو
ٿي ويو. ڪمال اتاترڪ باقاعده جنگ ڪري ترڪيءَ کي
آزاد ڪرايو ۽ هتان ملائيت جو خاتمو آندو. ڏيپلائي
صاحب اهو ڪتاب ڏاڍو جذباتي انداز ۾ لکيو جنهن کي
پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا. ايئن محسوس ٿيندو هو
ڄڻ ته ڏيپلائي صاحب بارگاهه خداونديءَ ۾ اها دعا
گهرندو هجي ته شال، سنڌ ۾ به ڪو ڪمال اتاترڪ پيدا
ٿئي جيڪو سنڌين کي ملائيت ۽ ذهني غلاميءَ کان نجات
ڏياري.
ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ“ ناول لکيو جيڪو سنڌ جي
آزاديءَ لاءِ جدوجهد جوهڪ لازوال داستان آهي. ان
جدوجهد جو مرڪزي ڪردار پيرپاڳارو صبغت الله شاهه
راشدي هو. ڏيپلائي صاحب اهو ناول لکي سنڌ جي هڪ
”وڏي پير مرشد“ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو جنهن سنڌ
کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ”حر تحريڪ“ جو
بنياد وڌو. ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1940ع ڌاري
انگريز سنڌ تي ڪڙڪي پيا. نيٺ انگريزن ۽ سنڌين وچ ۾
خونريز جنگ لڳي. انگريزن کي مارشل لا هڻڻ کان
علاوه آزاديءَ جي متوالن کي منهن ڏيڻ لاءِ هندستان
کان وڏيون فوجون ۽ جنگي هوائي جهاز گهرائڻا پيا.
انگريزن ”حر ايڪٽ“ پاس ڪري سڀني حرن کي قابلِ قتل
قرار ڏيئي ڇڏيو. فوج ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته
جتي به حر مجاهد ملي، اتي جو اتي هن کي قتل ڪيو
وڃي. ”آزادي يا موت“ حر مجاهد هنڌين ماڳين اهو
نعرو هڻندا رهيا. سانگهڙ کان خيرپورميرس تائين سنڌ
جو وسيع علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. انگريزن
سان ويڙهه کائيندڙ آزاديءَ جي متوالن سانگهڙ جي
مُکي ٻيلي کي پناهه گاهه طور استعمال ڪيو. انگريزن
خيرپورميرس ۾ پير صاحب جي درگاهه ۽ گڙنگ بنگلي کي
بم هڻي تباهه ڪري ڇڏيو. جواب ۾ حر مجاهدن 1942ع ۾
”لاهور ميل“ ريل گاڏي ڪيرائڻ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي
ٿاڻن ۽ سرڪاري عمارتن کي ڊاهي وڌو. هنن انگريزن جي
ٽيليگراف ۽ آبپاشي نظام کي به ناڪاره ڪيو. انگريز
پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪري هندستان ڏانهن کڻي
ويا جتي هن کي سيوني جيل (مڌيا پرديش رياست) ۾ قيد
رکيو ويو.
سنڌ ۾ انگريزن هزارين حرن کي عيال سميت گرفتار ڪيو
۽ کين سخت اذيتون ڏنيون ۽ بک ماريو. ان صورتحال جي
باوجود سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ڏينهون ڏينهن زور
وٺندي ويئي. ان جنگ دوران ڪيترائي اهڙا موقعا آيا
جڏهن سنڌ جون عورتون، جن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم نه
رکيو هو، اهي انگريزن خلاف هٿيار تاڻي بيٺيون. هنن
بهادريءَ جا اهي ڪارناما سرانجام ڏنا جن جا تاريخ
۾ ڪي ورلي مثال ملن ٿا. ان وقت سنڌ جا ٻيا پير،
مير ۽ وڏيرا، انگريزن کان خوف کائڻ بدران جيڪڏهن
ان جنگ ۾ حصو وٺن ها ته نه فقط سنڌ بلڪ سموري
برصغير جي تاريخ بنهه مختلف هجي ها.
بهرحال، جنوري 1943ع ۾ انگريز پير صاحب پاڳاري کي
هندستان کان واپس سنڌ کڻي آيا جتي کيس ٽن مهينن
بعد (20- مارچ 1943ع) سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاهي
ڏئي، لاش گم ڪري ڇڏيائون. ڦاهي ڏيڻ کان اڳ پير
صاحب کي ڪيترائي ڀيرا انگريزن سمجهايو ته سندس جان
بخشي ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن هو آزاديءَ جي جنگ روڪڻ لا
حُر مجاهدن کي حڪم جاري ڪري. انگريزن کي يقين هو
ته حر مجاهد ڪڏهن به پير صاحب جي حڪم جي نافرماني
نه ڪندا. مگر پير صاحب پاڻ به اهو ئي نعرو هنيو:
”آزادي يا موت“. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ ڦاسيءَ چڙهي
ويو. نيٺ اهو نعرو ورجائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب
”سانگهڙ“ ناول لکيو.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جا سور کڻي 1981ع ۾ لاڏاڻو ڪري
ويو. مون کي فخر آهي ته ڏيپلائي صاحب منهنجو دوست
هو، جيتوڻيڪ اسان ۾ عمر جو وڏو تفاوت هو، ان جي
باوجود اسان ”هم خيال“ هئاسين. مون کي سنڌ جي هن
محسن جو مسڪرائيندڙ ۽ شفقت ڀريو چهرو اڄ به ياد
آهي. مون هيءُ مضمون سندس سلڇڻي ۽ سدوري پٽ محمد
علي ڏيپلائيءَ جي حڪم تي لکيو آهي. مون کي افسوس
آهي ته سنڌ جي نئين نسل هن مرد مجاهد کي وساري
ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ اڄ تعليم جي حاصلات لاءِ جيڪو
شعور پيدا ٿيو آهي، ان لاءِ ڏيپلائي صاحب ”مشعل
راهه“ جو ڪردار ادا ڪيو. هن جهالت، ملائيت، ۽ غربت
خلاف سڄي عمر جنگ جوٽي. سنڌين کي پاڻ سڃاڻڻ، پاڻ
ملهائڻ ۽ وڃايل عظمت، شان ۽ مان کي موٽائڻ لاءِ
ڏيپلائي صاحب پنهنجي قلم کي تلوار کان به تيز
وهايو. هو شاهه جي اها سٽ به لڳاتار ورجائيندو
رهيو ته:
”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري.“
ڏيپلائي صاحب ان ڳالهه تي سڄي عمر حيران ۽ پريشان
رهيو ته سنڌ ۾ ڇو وڍيل وايون نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪٺل
ڪوڪاري ٿي، سنڌين کي ڇو ماٺ لڳي ويئي آهي! هتي
سڀئي هادي، حاذق، ويڄ طبيب، ان مامري تي منجهيل
آهن. سنڌ مٿان اڀرندڙ سج، چنڊ تارا، هتي هلندڙ
هوائون، برپٽ بيابان، جبل، صحرا، سمنڊ، سنڌوءَ جون
ڇم ڇم ڪندڙ ڇوليون ڇرڪ ڀري پڇن ٿيون، ڇو سنڌ ۾
وڍيل وايون نٿي ڪري، ڇو هتي ڪٺل نٿي ڪوڪاري.
ڏاها، ڏات- ڌڻي، ڪهڙي واٽَ ويا
اڄ وري انهن جا، پُورَ مون پيا
ڪهڙي واٽ ويا!؟
مُور نه گهرجن مون، ٻيلي ڏسَ ٻيا
ڪهڙي واٽ ويا!؟
سبق ڏيئي سَچَ جو، سي ٿانيڪا ٿيا
ڪهڙي واٽ ويا!؟
اچن شال اڱڻ تي، ”يوسف“ آس اِيا
ڪهڙي واٽ ويا!؟
(يوسف)
ڄام ساقي
هڪ
مهان جهونجهار
چون ٿا ٻالجتيءَ جي ننڍڙي موسيٰ فرعون جي ڏاڙهيءَ
۾ هٿ وجهي، ان کي ڇڪيو يا غالباً پٽيو، جنهن تي
فرعون جيڪو اڳي ئي ننڍڙن ٻارن کان ڊنل هو، جو
نجومين ڊيڄاريو هئس ته ڪو ننڍڙو آيو آهي يا اچڻ
وارو آهي، جيڪو توکي برباد ڪري ڇڏيندو، سو ڪاوڙجي
پيو ۽ چوڻ لڳو: هن گستاخ کي مارائبو. جنهن سندس
زال آسيه، جيڪا ننڍڙي حضرت موسيٰؑ
کي پالي رهي هئي، چيو ته هيءُ معصوم ۽ ناسمجهيءَ ۾
ائين ڪيو اٿس. پوءِ فرعون آزمائش لاءِ هڪ هيرو ۽
هڪ ٽانڊو کڻي اڳيان رکيو، ننڍڙي موسيٰؑ ٽانڊو کڻي
وات ۾ وڌو، جنهن تي سندس زبان سڙي پيئي ۽ ائين پاڻ
ڪيتريقدر ٻاتا ٿي ويا. جڏهن حضرت موسيٰؑ پيغمبر
ٿيو، تڏهن ڌڻيءَ در دعا گهريائين ته مالڪ مهر ڪري
منهنجي ڀاءُ هارونؑ کي به پيغمبر ڪر، جو سندس زبان
چِٽي آهي، آءٌ ته ٻاتو آهيان، ڌڻيءَ سندس دعا قبول
ڪئي ۽ ائين حضرت هارونؑ به پيغمبر ٿيو، ائين گهڻو
۽ صاف ڳالهائي يا لکي سگهڻ پيغمبري صلاحيتون آهن.
ائين لڳي ٿو اسان سنڌين جهڙي گونگي، مجبور، مظلوم
۽ ٻاتي قوم جي به ڪا دعا اگهاڻي هئي، جو محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جهڙو تيز ۽ صاف لکي سگهندڙ ماڻهو
اسان ۾ پيدا ٿيو.
هيءُ جو سنڌ مان پير پرستيءَ جي جهالت گهٽ ٿي آهي
۽ موچارو تعداد موحد ماڻهن جو موجود آهي، ان ۾ وڏو
هٿ ڏيپلائي صاحب جي تحريرن جو آهي. پاڻ بيشمار
ڪتاب ۽ مضمون لکي ان اوندهه کي ڪافي حد تائين تڙي
ڪڍيو اٿن. سنڌ ۾ سائنسي سوچ جي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ
ڏيپلائي صاحب جا ڏاکڙا شامل آهن. مون واري ٽهيءَ
کي سياست جو سبق به ڏيپلائي صاحب پڙهايو. ڏيپلائي
صاحب جا ڪتاب نه هجن ها ته اسان مان گهڻا قومي
ڪارڪن نه بنجي سگهن ها.
اهوئي سبب آهي جو ڏيپلي مان گهڻيئي سيٺ به ٿيا،
ڪامورا به ٿيا، جيڪي سيڪريٽري ليول تائين پهتا، پر
اڄ به اُهي ڏيپلائي صاحب چوندا ته هر ڪو ائين
ڀائيندو ته توهان ٻئي ته پر محمد عثمان حبيب الله
ڏيپلائيءَ جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيو. هن توحيد
جي تنوار، انقلابي ادب ۽ سائنسي سوچ جي سنڌ ۾
ڦهلجڻ ۾ وڏي ۾ وڏو ڪردار ڏيپلائي صاحب جو آهي.
چوندا آهن ته ماکي جيئن پوءِ تيئن مٺي، سو جيئن
جيئن وقت گذرندو ڏيپلائي صاحب ۽ سندن ڪارنامن جي
اهميت وڌيڪ اجاگر ٿيندي ۽ سنڌ هميشه ڏيپلائي صاحب
کي وڌيڪ ياد ڪندي رهندي.
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اخبار ”عبرت“
ڏيپلائي صاحب ڪڍي هئي، جيڪا ماهوار، هفتيوار ۽
روزاني نڪتي، جنهن کي 1958ع ۾ قاضي صاحبان خريد
ڪيو ۽ اُها اخبار اڄ تائين هلندي پئي اچي. ڪيئي
ڪتابي سلسلا ڪڍيا، جڏهن پابنديون هيون ۽ ڊڪليئريشن
نه ٿي مليا، تڏهن ڏيپلائي صاحب ڪٿان هفتيوار
”مسلمان“ رسالي جي ڊڪليئريشن هٿ ڪري ان کي ”سنڌي
مسلمان“ ڪري ڪڍيو ۽ ون يونٽ جي خلاف موچارو مورچو
مهيا ڪيو. هن رسالي ۾ ون يونٽ بابت اصل ”خفيه
دستاويز“ به شايع ڪيو، سندس قلم جرئت جو مثال هو،
اهو رسالو به بند ٿيو ته ”سنڌ ٽائيمز“ ڪڍيائين،
جنهن کي پوءِ سندس لائق فرزند عبدالرحمان
ڏيپلائيءَ ڪافي عرصو هلايو ۽ هفتيوار ڪري مسلسل
ڪڍندو رهيو. سو سنڌ جي سمورن صحافين جو وڏو به
ڏيپلائي صاحب هو ۽ آهي، اسان وٽ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾
جيڪو ڪلهن تان ڪنڌ ڪپجڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، ان
کي ”جهونجهار“ چئبو آهي. اهو
لفظ شايد شهيد جو متبادل آهي. ڏيپلائي
صاحب به جهونجهار آهي ۽ وصال کان پوءِ اڃا تحريرن
۽ اولاد ذريعي وڙهي رهيو آهي.
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
محمد عثمان ڊيپلائي جو سنڌ جي مسلمانن
جي
جاڳرتا ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ ڪردار
سنڌ جي سرزمين اولياء الله، صوفياء ڪرام، عالمن،
اديبن ۽ شاعرن جي لحاظ کان زرخيز رهي آهي. سنڌ
”باب الاسلام“ رهي آهي ۽ مشاهيرِ سنڌ جو ذڪر ان
وقت کان ٿيندو رهيو آهي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي
کان پوءِ(1843ع) سنڌ جا مسلمانن هڪ آزمائشي دور
مان گذري رهيا هئا. علمي لحاظ کان هندستان جي ٻين
علائقن جي مقابلي ۾ سنڌ جا مسلمان تمام پوئتي پيل
هئا. ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هر دور ۾
سنڌ ۾ ڪيترا نالي وارا محقق، دانشور، ليکڪ، اديب،
ناول نويس، تاريخدان ۽ سماج سڌارڪ پيدا ٿيا، محمد
عثمان ڏيپلائي به انهن مان هڪ آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي پاڪستان مان سڀ کان پوئتي پيل
علائقي ٿر ۾ هڪ غريب خاندان ۾ پيدا ٿيو ۽ ناسازگار
حالات سبب ڇهن درجن کان مٿي پڙهي نه سگهيو ۽ نه
وري مالي طور مستحڪم ٿي سگهيو. انهيءَ جي باوجود
همت نه هاريائين. پنهنجي اوائلي زندگي جا ڇويهه
سال وڏيرن وٽ منشي رهندي، ايمانداريءَ سان نوڪري
ڪيائين. پر فالتو وقت ۾ مطالعو ڪندو رهيو ۽ ملازمت
دوران مختلف موضوعات تي سؤ کان مٿي ڪتاب، لاتعداد
مقالا، مضمون، ناول ۽ ناٽڪ لکي اهو ثابت ڪري
ڏيکاريائين ته انسان همت ۽ حوصلي، عزم ۽ قوت ارادي
سان وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏيئي سگهي ٿو.
ڇا سنڌ يا پاڪستان جو هڪ عام ماڻهو، جيڪو مالي طور
به غير مستحڪم هجي ۽ ڪنهن زميندار جو خانگي ملازم
هجي، اهو مختلف موضوعن تي سؤ کان مٿي ڪتاب ۽
لاتعداد مقالا ۽ مضمون لکي سگهي ٿو؟ اهي سڀ ڪم
محمد عثمان ڏيپلائي اڪيلي سِر ڪري ڏيکاريا.
محمد عثمان ڏيپلائي گهڻ پهلو شخصيت جو مالڪ هو.
هُو رائيٽر به هو ته افسانه نگار به هو. هو اسلامي
تاريخي ناول لکندڙ به هو ته وري صحافي، ايڊيٽر ۽
پبلشر به هو. هن معاشري جي اصلاح لاءِ جيڪا جدوجهد
ڪئي، اها به مثالي هئي. ڏيپلائي صاحب مزاح نگار به
وڏو هو، سندس لکڻين ۾ هڪ سماج سڌارڪ نظر اچي ٿو.
هن مُلن، پيرن، زميندارن، ڪامورن ۽ وياج خور سيٺين
۽ ڪٽر مهاسڀاين جي ڏاڍاين، براين ۽ بداعمالين خلاف
قلمي جهاد ڪيو.
ڏيپلائي صاحب وڏو ناول نويس ۽ ناٽڪ نويس هو. هن
تقريبا 75 تاريخي ناول ۽ 14 ناٽڪ لکيا. ائين کڻي
چئجي ته هو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار هو، جنهن
قيام پاڪستان کان اڳ ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ،
سنڌي ٻولي جي ايڏي وڏي ته خدمت ڪئي جنهن جو احسان
سنڌي قوم ڪڏهن به نٿي لاهي سگهي.
محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جي مسلمانن کي پيرن، وڏيرن
۽ هندن جي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ جيڪا جستجو ڪئي ۽
منجهن اسلامي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي اسلامي
تاريخي ناول لکيا، انهن جي جيتري تعريف ڪجي، اها
ٿوري آهي. ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ
هڪ اهڙو تحفو هئا جو کين پنهنجي مسلمان هئڻ تي فخر
ٿيندو هو ۽ منجهن اسلامي تاريخي پڙهڻ جو رجحان
پيدا ٿيو. آءٌ پڻ انهن نوجوانن مان هڪ هئس جيڪي
ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. اڄ
جيڪڏهن آءٌ اسلامي تاريخ جو پروفيسر آهيان ته اهو
به ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي ڪري. جيڪڏهن اڄ
هزارين وچولي طبقي جا نوجوان سنڌي ٻولي ۾ مختلف
موضوعن تي شعرو شاعري، افسانه نويسي يا ڊراما لکي
اديب ۽ شاعر بڻيا آهن ته انهيءَ جو ڪريڊٽ به
ڏيپلائي صاحب کي وڃي ٿو.
محمد عثمان جيتوڻيڪ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري
سگهيو، انهيءَ جي باوجود اسان جڏهن سندس زندگيءَ
جو جائزو وٺون ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو
ڄمندي ڄام هو. دراصل محمد عثمان ڏيپلائي هڪ جينيئس
ماڻهو هو، جنهن قوتِ ارادي، همت ۽ حوصلي سان مالي
مشڪلاتن ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ڏينهن رات محنت
ڪري ناممڪن کي ممڪن بڻايو، نه ته لکين پورهيت
خانگي نوڪري ڪندي طبعي زندگي پوري ڪري لاڏاڻو ڪري
ويا ۽ اڄ سندن نالي کان به ڪير واقف ڪونهي، پر
محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي زندگي جو آغاز هڪ وڏيري
جي منشي جي حيثيت ۾ ڪيو. ليڪن نوڪري دوران هن
مشاهدو ڪيو ته غريب هاري وڏيرن وٽ ڄڻ گروي ٿيل آهن
۽ هو سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت وڃائي چڪا آهن ۽
سڪونِ قلب حاصل ڪرڻ لاءِ پيرن فقيرن جي ڄار ۾ ڦاٿل
آهن. وڏيرن نٿي چاهيو ته سندن هاري ناري يا انهن
جا پٽ يا نياڻيون تعليم حاصل ڪن. انهيءَ ڪري وڏيرن
۽ جاگيردارن کين قرض ۾ جڪڙي پاڻ وٽ غلام بنائي
ڇڏيو هو.
هتي اِهو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي ته ميرن جي دور
حڪومت ۾ سنڌ هڪ خوشحال ملڪ هو. مسلمانن جي آبادي
73 سيڪڙو هئي، باقي 27 سيڪڙو آبادي غير مسلم جي
هئي، جنهن ۾ اڪثريت ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ شودرن
جي هئي. باقي چند سيڪڙو وڏي ذات وارا هندو خاص ڪري
ديوان، برهمڻ ۽ وڏا هندو سيٺيا هئا جيڪي ميرن جي
دور ۾ ڏاڍا خوشحال هئا. ان وقت هندن ۽ مسلمانن ۾
ڪوبه مذهبي تعصب ڪونه هو. ليڪن 1843ع ۾ جڏهن سر
چارلس نيپيئر افغانستان ۾ انگريزي فوج جي افغان
فوج هٿان شڪست بعد پنهنجي جان بچائي واپس موٽيو ته
واعدي خلافي ڪري اوچتو سنڌ تي حملو ڪري، ميرن کي
شڪست ڏيئي سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو پر ان وقت اڃا
سندس ضمير مرده ڪونه بڻيو هو سو جڏهن سنڌ فتح ڪرڻ
جي تار وائسراءِ کي موڪليائين ته انهيءَ ۾ اِهي
لفظ به لکيائين ته ”مون سنڌ فتح ڪري گناهه ڪيو
آهي.“ پوءِ ميرن کي قيد ڪيو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو
ته جيڪي جاگيردار ۽ زميندار سندس سلامي اچي ڀريندا
ته کين نوازيو ويندو. اهڙي طرح سر چارلس نيپيئر
ميرن جي غدارن کي وڏيون وڏيون جاگيرون ڏيئي سنڌي
مسلمانن کي انهن جاگيردارن وٽ جن انگريزن جي
وفاداري جو اعلان ڪيو ڄڻ ته گروي رکي ڇڏيو.
ميرن جي حڪومت ۾ جاگيردار هئا ليڪن اهي موروثي نه
هئا. جاگيردارن جي مري وڃڻ کان پوءِ اها جاگير
حڪومت جي ملڪيت بڻجي ويندي هئي. انهيءَ ڪري ميرن
جي دور حڪومت ۾ جاگيردارن جو رويو هارين نارين سان
ڏاڍو سٺو هوندو هو ۽ ماڻهو خوشحال هئا. ليڪن
انگريزن جي نظامِ حڪومت ۾ سنڌ ۾ جاگيردار موروثي
بڻجڻ بعد اندروني طور خود مختيار بڻجي چڪا هئا ۽
پنهنجي علائقي ۾ بي تاج بادشاهه بڻجي ويا.
1847ع ۾ سر چارلس نيپيئر گورنري جي عهدي تان رٽائر
ٿيڻ وقت هڪ ٻيو ظلم ڪري ويو ته جيئن سنڌ جا اٻوجهه
مسلمان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم سان گڏو گڏ هندن
جا به غلام بڻجي وڃن. سنڌ جو بمبئي ريزيڊنسي سان
الحاق ڪيو ويو. ان بعد نه صرف مسلمانن جي سنڌ ۾
اڪثريت ختم ٿي وئي ۽ هو 73 سيڪڙو مان وڃي 27 سيڪڙو
ٿيا پر ان سان گڏوگڏ هو معاشي طور به ڪمزور ٿي
ويا. هاڻي سنڌ تي انگريز ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ
جي صوبائي حيثيت به ختم ٿي ويئي. ويتر مسلمان
تعليم ۾ پوئتي پئجي ويا ۽ هنن لاءِ سرڪاري نوڪرين
جا رستا به بند ٿي ويا. نه صرف ايترو بلڪ هو معاشي
طور به تباهه ٿي ويا. بمبئي سان سنڌ جي الحاق بعد
هندن جي اڪثريت ٿي ويئي ۽ هنن جو ايڏو ته من وڌي
ويو جو هو مسلمانن کي حقير سمجهڻ لڳا ۽ کين ”ڄٽ“
سڏڻ لڳا.
اهڙي ماحول ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جي پرورش ٿي.
پرائمري اسڪول ۾ اڪثر پهريون نمبر کڻندو هو.
پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ”فرحت آثار“ نالي هڪ
دستي اخبار هم ڪلاسين لاءِ ڪڍيائين. ان وقت سندس
عمر مشڪل سان ڏهه يارهن سال هوندي (19- 1918ع).
سندس پهريون مضمون ”محمد بن قاسم“ دهلي مان نڪرندڙ
اردو رسالي ’منادي‘ ۾ 1924ع ۾ ڇپيو. ان وقت سندس
عمر 16 سال هئي. سندس پهريون افسانو ”چنڊ سهڻو يا
انسان“ 1927ع ۾ ”ترقي“ رسالي ۾ ڇپيو. پاڻ پهريون
ڊرامو ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ 1941ع ۾ لکيائين.
سندس پهريون ڪتاب ”قرآني دعائون“ 1935ع ۾ مسلم
ادبي سوسائٽي ڇاپيو ۽ کيس هن ڪتاب تي انعام ڏنو
ويو. محمد عثمان ڏيپلائي جو دماغ ڪمپيوٽر مثل هو ۽
هو خيالن کي يڪجا ڪري لکندو ويندو هو جو سندس
ڪتاب، مقالو يا مضمون تيار ٿي ويندو هو.
محمد عثمان ڏيپلائي خداداد لياقتن جو مالڪ هو. ڌڻي
پاڪ کيس بي پناهه ذهانت عطا ڪئي هئي، کيس سنڌ ڌرتي
سان ۽ سنڌ جي ڏتڙيل عوام سان بي انتها محبت هئي ۽
هُن پنهنجي سڄي زندگي سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ وقف
ڪري ڇڏي هئي. سندس زندگيءَ جو مقصد هو سنڌي
مسلمانن جي سربلندي ۽ اسلامي نظام جو قائم ٿيڻ ته
جيئن هر هڪ کي انصاف ملي ۽ ظلم ۽ جبر جو خاتمو
ٿئي.
ڏيپلائي صاحب جي سڄي زندگي عام ماڻهن جي وچ ۾ گذري
۽ معاشري ۾ موجود براين جو کيس عملي تجربو هو.
انهيءَ ڪري هن قلم جي ذريعي عام ماڻهن جي اصلاح ۽
معاشرتي براين خلاف جهاد ڪيو. هندوئن جي مسلمانن
خلاف سازشن کي بي نقاب ڪيو. تحريڪِ پاڪستان کي
عوام ۾ مقبول بنائڻ لاءِ ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي حقن
لاءِ جدوجهد ڪئي. پاڻ هڪ بيباڪ صحافي پڻ هو ۽ هن
بي ضمير سياستدانن جا پول پڌرا ڪيا. پيري مريدي ۽
مذهب جي آڙ ۾ اٻوجهه مسلمانن کي گمراهه ڪندڙ مذهبي
ٺيڪيدارن جي سخت مخالفت ڪئي. مسلمانن ۾ اسلامي
شعور پيدا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي ماضي تي فخر ڪرڻ لاءِ
ڏيپلائي صاحب اسلامي تاريخي ناول لکيا. قرآن شريف
جو آسان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. انهيءَ ترجمي ۾
آسان سنڌي جا لفظ استعمال ڪيل آهن ۽ قرآني پيغام
کي عام فهم لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهڻ سان
قرآن مجيد جو مفهوم سولائي سان سمجهه ۾ اچي وڃي
ٿو. محمد عثمان ڏيپلائي چاهيو ٿي ته سنڌ جا مسلمان
خاص طرح اسان جون نياڻيون ۽ ڀينرون جيڪي رڳو لکي
پڙهي سگهنديون هيون انهن تائين پنهنجولکڻيون
پهچائي ته جيئن هو پنهنجي مادري ٻولي ۾ لکيل
اسلامي تاريخي ناول، قرآني دعائون، معاشرتي براين
خلاف لکيل مقالا ۽ مضمون پڙهي پنهنجي معلومات ۾
اضافو ڪري سگهن.
ڊاڪٽر حميده کهڙو هڪ تاريخدان آهي ۽ تاريخ جي
پروفيسر رهي چڪي آهي، لکي ٿي ته:
”پر اهو ضرور چونديس ته اسان انهن لکڻين جو هڪ هڪ
لفظ تمام شوق سان پڙهندا هئاسون. اتاترڪ،
انورپاشا، نور توحيد، ڏاهري رنگ محل، هر قسم جا هر
موضوع تي ناول، اسان انهن جو ڏاڍي شوق سان انتظار
ڪندا هئاسون. تنهن ڪري مان چئي سگهان ٿي ته مان ۽
منهنجي عمر جا گهڻائي سنڌي انهيءَ عمل مان
گذرياسون..... اهي ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب هئا جن
اسان کي نه صرف سنڌي سيکاري، بلڪ تاريخ پڙهائي ۽
اسلامي دنيا جو نظارو ڏيکاريو. اڄ جو آءٌ تاريخدان
بڻي آهيان سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن کي پڙهڻ جي
ڪري.......“
حيدرآباد ان وقت هندوئن جي سياست جو مرڪز هو. سندن
ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا ڇپبا هئا ۽ انهن ۾ انڊين
نيشنل ڪانگريس جو پروپئگنڊا ڪيو ويندو هو. هنن
منظم طريقي سان اسلام ۽ مسلمانن جي تهذيب ۽ ثقافت
جي توهين جو پروگرام ٺاهيو.
سنڌ جي مسلمانن وڏي جدوجهد ڪري 1936ع ۾ سنڌ کي
بمبئي پريزيڊنسي مان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرايو.
ليڪن ان جي باوجود هندن جو زور نه ٽٽو. هو چالاڪي
سان مسلمان سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجي
طاقت جو مظاهرو ڪندا رهيا.
هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته هندن وٽ طاقتور پريس به
هئي ۽ سندن مدد ڪرڻ وارا هندو سرمائيدار ۽ سيٺيا
دل کولي مسلمانن خلاف، مسلمانن جي تهذيب خلاف مهم
هلائڻ لاءِ چندو ڏيندا هئا. هڪ روزانه اخبار
”الوحيد“ ترڪي جي خليفي وحيدالدين جي نالي جي
مناسبت سان 15 مارچ 1920ع ۾ شايع ڪئي وئي. انهيءَ
اخبار تحريڪ خلافت دوران يا وري سنڌي مسلمانن جي
بمبئي پريزيڊنسي مان عليحدگي جي جدوجهد ۾ وڏي خدمت
ڪئي. الوحيد اخبار جو هڪ يادگار نمبر ”سنڌ آزاد
نمبر“ آهي، جيڪو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد 16
جون 1936ع تي شايع ڪيو ويو هو، اهو هڪ تاريخي
دستاويز آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽
سماجي مسئلن تي تمام اهم مواد ملي ٿو. هن اخبار
کان علاوه سنڌ جي مسلمانن جي حقن ۽ هندن جي سازشن
کان مسلمانن کي آگاهه ڪرڻ وارو مجاهد صرف محمد
عثمان ڏيپلائي هو.
محمد عثمان ڏيپلائي 1942ع ۾ ميرپورخاص مان
حيدرآباد منتقل ٿي آيو ته جيئن اتان پنهنجي اشاعت
جو سلسلو شروع ڪري سگهي.
هندن هندستان جي مغل بادشاهنن کي بدنام ڪرڻ لاءِ
”مغل رنگ محل“ لکيو جنهن ۾ مغل بادشاهن کي عياش
ڏيکاريو ويو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان 11 ناول
ڇپرائي اٻوجهه مسلمانن کي گمراهه ڪري رهيا هئا.
ايستائين جو ڪمزور مسلمان آفيسرن ”مغل رنگ محل“ کي
انعامي لائبريري ڪتاب طور به منظور ڪرايو. جوش ۾
اچي ڏيپلائي صاحب ”ڏاهري رنگ محل“ لکيو. ڇپائڻ
لاءِ پئسا نه هئڻ سبب پنهنجو ذاتي گهر 2300 روپين
۾ وڪرو ڪري پاڻ ”ڏاهري رنگ محل“ ڇپرايائون، جنهن
تي ان وقت 1700 روپيا خرچ آيو. اهو قومي جذبو ۽
مسلمانن ۽ اسلام سان بي پناهه محنت هئي، جنهن
ڏيپلائي صاحب کي اهڙي شاهڪار لکڻ تي آماده ڪيو.
”ڏاهري رنگ محل“ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ هندوئن ۾
ڪهرام مچي ويو. پورا اٺ مهينا شڪارپور کان وٺي
بمبئي تائين هلچل هلي ۽ آخر ڪتاب ضبط ٿيو پر مقدمو
نه هليو.
هن ڪتاب ڇپجڻ جي ڪري ڏيپلائي صاحب کي سڄي هندستان
۾ شهرت ملي. هندن جي ڪوشش هئي ته ههڙي ڪتاب لکڻ تي
ڏيپلائي صاحب تي مقدمو هلائي سزا ڏياري وڃي، ليڪن
ڏيپلائي صاحب تحقيق ڪري حوالا ڏيئي ڪتاب لکيو هو،
انهيءَ ڪري مقدمو ته داخل ٿي نه سگهيو، باقي اٺن
مهينن بعد ڪتاب ضبط ٿيو.
آخر قائداعظم محمد علي جناحرحه ان
ڪتاب جي چوڏهين باب کي ضبط ڪرڻ لاءِ هند اسيمبلي
۾ ريزوليش آندو ۽ اهو باب ضبط ٿيو. حالانڪ ان ڪتاب
خلاف اڳ به ٻه دفعا 1899ع ۽ 1925ع ۾ هندستان جا
مسلمان ڪوششون ڪري چڪا هئا، ليڪن انهيءَ باب کي
ضبط ڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيا هئا. ڏيپلائي صاحب جي
شهرت ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. ايتريقدر جو سندس
ڪتاب ”هندستان جي سچي تاريخ: ويدن جو دور“ جيڪو
1946ع ۾ ڇپيو هو جنهن ۾ حوالن سان انتهائي فحش
تاريخي حقيقتون لکيل هيون، اهو هندو ضبط نه ڪرائي
سگهيا ۽ اهو ڪتاب انعامي لائبريري طور به منظور ٿي
ويو. سبب اهو هو جو سڄو ڪتاب ويدن تان هندن جي ڪيل
ترجمي تان ورتل هو.
قرارداد لاهور 23- مارچ 1940ع کان پوءِ ڏيپلائي
صاحب جي اڳيان منزل واضح ٿي چڪي هئي. هُن هندو
سازشي چالن ۽ مسلمان سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي
پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪرڻ جي باري ۾ پنهنجي لکڻين ۾
واضح ڪندو رهيو. سنڌ ۾ ڪانگريسي هندو مسلمانن کي
بدنام ڪرڻ، مسلمانن جي هيروز کي ڌاڙيل ثابت ڪرڻ
لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري اٻوجهه مسلمانن کي
گمراهه ڪندا رهيا. انهن حملن جو دفاع ڪرڻ لاءِ سنڌ
۾ ڪوبه ليڊر يا ليکڪ وغيره ڪونه هو جو مسلمانن جي
ذهن جي نشو و نما لاءِ هنن کي علمي غذا مهيا ڪري
ڏي. ان دور ۾ جڏهن نظر ڊوڙائي ڏسجي ٿو هڪ قلندر
منش شخص نظر اچي ٿو، جو مسيحا بڻجي اڳتي وڌي ٿو ۽
اغيار جي يلغار جو مقابلو ڪندو نظر اچي ٿو. اهو
عظيم شخص محمد عثمان ڏيپلائي هو، جنهن ڪانگريس راڄ
۾ مسلمانن سان ٿيل زيادتين ۽ ظلم خلاف آواز بلند
ڪيو. 1945ع ۾ ڪانگريس ناٽڪ لکي انڊين نيشنل
ڪانگريس جو اصلي روپ سنڌي مسلمانن آڏو پيش ڪيو.
1946ع ۾ ڏيپلائي جو ٻيو ناٽڪ ”ڪانگريسي ڄار“ ڏاڍو
مقبول ٿيو.
ڏيپلائي صاحب جي 43- 1942ع جي لکڻين مان معلوم ٿئي
ٿو ته هو مولانا ابوالاعليٰ مودودي جي لکڻين ۽
سندس ”حڪومت الاهيه“ کان بيحد متاثر هو. هو انهن
جو ذڪر هفتيوار ”عبرت“ ۾ ڪندو رهندو هو. انهيءَ
دوران مولانا مودودي جي ليڪچرن ۽ مضمونن کي سنڌي ۾
ترجمو ڪري شايع ڪندو رهندو هو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏيپلائي صاحب کي خراج
تحسين پيش ڪندي لکي ٿو ته:
”هندو ليکڪن جي جواب ۾ ڏيپلائي جيڪي ڪتاب لکيا، تن
ان وقت جي سنڌي مسلمان نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽
خودداري جي لهر آندي. انگريزن پنهنجي سامراجي
سازشن سان سنڌ جي مسلمانن کي اقتصادي توڙي تعليمي
ترقي کان پري رکيو ۽ هڪ فضا قائم ڪئي جو مسلمان
’ڄٽ‘ سڏجڻ لڳا.....پر جڏهن ڏيپلائي جا ڪتابن تي
ڪتاب اچڻ لڳا، تڏهن مسلمانن جي عام طبقي ۾ ڪجهه
ساهه پيو. ڏٺائون ته مسلمانن ۾ به ڪو ايترا ڪتاب
لکي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان مان ڪو صاحب ان دور جا
لکيل ننڍا وڏا ڪتاب گڏ ڪري ۽ ساهمي جي هڪ پُڙ ۾
ڏيپلائي جا ڪتاب رکي ۽ ٻئي پُڙ ۾ ان وقت جي هندو
ليکڪن جا ته ڏيپلائي وارا پاسو ڳرو ٿي ويندو.“
درحقيقت انهيءَ دور کي اسين بجا طور تي ”ڏيپلائي
جو دور“ چئي سگهون ٿا.
رشيد ڀٽي جو ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي باري ۾ ڪيل
تجزيو وڏي اهميت رکي ٿو. هو لکي ٿو ته:
ان وقت ڏيپلائي مرحوم سنڌي پڙهندڙن لاءِ هڪ جنون (Craze) هو.
سندس تاريخي ناول سنڌ جي مسجدن ۾ رات جو نماز بعد
باجماعت پڙهيا ويندا هئا.“
محمد عثمان ڏيپلائي کي مولانا مودودي رحه ۽ جماعت
اسلامي سان بيحد لڳاءُ هو، ليڪن هڪ وقت اهڙو آيو
جو ڏيپلائي صاحب کي هڪ ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو.
ڏيپلائي صاحب 1943ع ۾ جماعت اسلامي جي رڪنيت حاصل
ڪئي. هو جماعت اسلامي جو سنڌ ۾ ٻيو ميمبر هو.
پهريون نمبر غلام محمد چوڌري، هڪ پنجابي هو ۽
ريلوي ۾ ملازم هو. ليڪن تحريڪ پاڪستان دوران
ڏيپلائي صاحب پاڪستان
جي حمايت ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌي مسلمانن جو
مائينڊ سيٽ پاڪستان جي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽
ڪانگريس ۽ مها سڀائين جي سازشن ۽ مسلمانن سان
عداوت کي اسلامي تاريخي ناولن ذريعي ۽ پهريائين
1941ع ۾ ماهوار ”عبرت“ ۾ ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکي ۽
ان بعد 1943ع کان لڳاتار قيام پاڪستان تائين
ايڊيٽوريل، مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکي سنڌي مسلمانن
کي سياسي شعور عطا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي
مسلمان قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ سڀني مسلم صوبن
کان اڳتي وڌي ويا.
پير علي محمد راشدي جيڪو پاڪستان جو مايه ناز
سياستدان، دانشور، سنڌ جو عظيم سپوت، سفارتڪار،
بلند پايه صحافي هو ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ عملي حصو
ورتو هئائين ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ ۾ به
سندس اهم ڪردار آهي، محمد عثمان ڏيپلائي جي تحريڪ
پاڪستان ۾ والهانه خدمتن جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
”سنڌي مسلمانن جو جاڳي پوڻ، قائداعظمرحه جي
لشڪر ۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان جو سپاهي بڻجڻ، منزل
گاهه جو معرڪو ڪرڻ ۽ وياج خور هندو ۽ سامراجي
انگريز کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي علائقي مان خارج ڪرڻ،
منهنجي خيال ۾ قرين قياس نه هو. ايتري قدر همه گير
انقلاب لاءِ انساني ذهن تيار ڪرڻو هو. اهو ڪارنامو
هن سپاهي (محمد عثمان ڏيپلائي) سرانجام ڏنو.“
محمد عثمان ڏيپلائي مشنري اسپرٽ سان سنڌ جي ماڻهن
جو ذهن تبديل ڪندو رهيو. هو منزِل مقصود حاصل ڪرڻ
لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هو. اهو به
وقت آيو جو کيس جماعت اسلامي سان بنيادي اختلاف ٿي
پيا. اختلاف جو خاص سبب هيءُ هو
ته اها پاڪستان جي قيام جي مخالفت ۾ هئي
۽ ڏيپلائي صاحب پاڪستان جو حامي هو. آخرڪار
ڏيپلائي صاحب کي اڳتي
هلي مڪمل طور جماعت اسلامي کان عليحدگي اختيار
ڪرڻي پئي. ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته تحريڪ پاڪستان
۾ حصو وٺڻ سان ئي مسلمان آزاد وطن حاصل ڪري سگهندا
۽ اهڙي طرح کين هندن جي غلاميءَ مان
نجات ملي سگهندي.
سنڌ ۾ روزانه ”الوحيد“ ۽ بعد ۾ روزانه ”هلال
پاڪستان“ تحريڪ پاڪستان ۾ مثبت رول ادا ڪيو، ليڪن
جنهن عظيم قلندر پنهنجو ماهوار ”عبرت“
۽ بعد ۾ هفتيوار ”عبرت“ ۾ مقالا، مضمون، ايڊيٽوريل
لکيا ۽ ٻيون لکڻيون تحريڪ پاڪستان جي مقصد ۽ قيام
لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون، اهو هو محمد عثمان
ڏيپلائي. انهيءَ جي گواهي ماهوار ”عبرت“ ۽ هفتيوار
”عبرت“ جا پراڻا پرچا ته ڏيندا ئي ڏيندا. ليڪن آءٌ هڪ
اهڙو تجزيو سنڌ جي مايهء ناز
پروفيسر ۽ تاريخدان ڊاڪٽر حميده کهڙو جو پيش ٿو
ڪريان، جنهن بعد ڏيپلائي صاحب جي ڪيل خدمتن کان
ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو.
ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي
باري ۾ وضاحت ڪندي چوي ٿي ته:
”انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هڪ ليول تي سياستدان
وڙهي رهيا هئا، ڪانفرنسن ۽ ميٽنگن ذريعي، پر اهو
ڏيپلائي هو جنهن انهيءَ تحريڪ کي عوام ۾ ائين
مقبول ڪيو جو هرهڪ نوجوان، هر هڪ ٻار، هر هڪ گهر
انهيءَ کان متاثر ٿيو. ڏيپلائي صاحب جون لکڻيون هڪ
دري مثل هيون، جنهن مان انهن دنيا کي ڏٺو ٿي، جنهن
ڪري هنن ۾ جذبو پيدا ٿيو ۽ سنڌ ۾ پاڪستان لاءِ
هيڏي وڏي تائيد پيدا ٿي.“
محمد عثمان ڏيپلائي
هڪ باعمل مسلمان، قول ۽ فعل جو سچو انسان هو.
مصلحت پسندي ۽ رياڪاري کيس پسند ڪونه هئي. جيڪڏهن
کيس ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي ته بنا جهجهڪ
جي انهيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيندا. اهڙا مردِ مومن
ڳولهيا نه ملندا.
انهيءَ ڪري جڏهن اسين هفتيوار ”عبرت“ جو مطالعو
ڪريون ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن تحريڪ
پاڪستان دوران مصلحت پرست سياستدانن، خود غرض
مذهبي ٺيڪيدارن ۽ لالچي جاگيردارن ۽ وڏيرن جا پول
پڌرا ڪيا آهن. هن مقالي کي مون صرف قيام پاڪستان
تائين محدود ڪيو آهي. هن موضوع تي عزيزم محمد علي
ڏيپلائي منهنجي رهنماني ۾ پي.ايڇ.ڊي
ڪري رهيو آهي. وڌيڪ
تفصيل هو پنهنجي ٿيسز ۾ لکندو.
ڏيپلائي صاحب جو خيال هو ته ”مسلم امت“ جي بقا
لاءِ پاڪستان جو ٺهڻ بيحد ضروري هو ۽ پاڪستان
هندستان جي مسلمانن جي ”پناهه گاهه“ لاءِ وجود ۾
آيو هو ته جيئن هو آزاد وطن ۾ سُک جو ساهه کڻي
سگهن.
دراصل محمد عثمان ڏيپلائي قيام پاڪستان جو زبردست
حامي هو ۽ هن چاهيو ٿي ته جيئن مديني جي مسلمانن
نبي صلي الله عليه وسلم سان گڏ مڪي مان آيل
مسلمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو هو، ائين
سنڌي مسلمان، هندستان
مان هجرت ڪري ۽ لٽجي سنڌ ۾ آيل ڀائرن سان ڀائيچاري
وارو برتاءُ ڪن.
ڏيپلائي صاحب جنهن جذبي سان پاڪستان جي قائم ٿيڻ
لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ سنڌي مسلمانن ۾ سجاڳي آندي، انهيءَ
لاءِ پاڻ جس لهڻي. البته
بعد جي آيل سياسي ۽ سماجي ناانصافين ۽ زيادتين
سندن خيالن ۾ وڏو ڦيرو آندو، جنهن
جو ذڪر، ڪنهن
ٻئي محفل ۾ ٿيندو. انشاء الله |