سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:8

ڊاڪٽر فهميده حسين

 

 

محمد عثمان ڏيپلائي- هڪ ڪميٽيڊ انسان

شخصيتن جو تجزيو ڪرڻ ۽ انهن جي ڪيل خدمتن ۽ ڇڏيل ورثي کي ياد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. ماضيءَ ۾ جهاتي پائي، ان جو ڇيد ڪرڻ ۽ ماڻهن ۽ واقعن، تاريخن (Dates) ۽ تواريخ (History) جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به اهم آهي ۽ اهي ٻئي عمل ضرور ڪجن. انهن ذريعي نه صرف انهن شخصيتن جي باري ۾، ۽ سندن دور جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي بلڪ فردن توڙي قومن کي ”خود شناسي“ جو به موقعو ملي ٿو...

پر اسان وٽ شخصيتن ۽ سندن ڪم تي اهڙي نموني ڇيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو ڪو ايترو رواج ڪونهي، ان جي بدران اسين هيرو ورشپ يا اڃا به ماضيءَ جي پرستش ڪرڻ جو جرم ڪري ٿا ويهون ۽ بنا ڪنهن سائنسي طريقي واري تنقيدي پرک جي، بنا ڪنهن دليل ۽ منطق جي، پنهنجن هيرن کي ڪنهن اوچي آسڻ تي ويهاري سندن بت گهڙي ويٺا بس جذباتي انداز ۾ لفظن جي ڀيٽا ۽ عقيدتمنديءَ واري ساراهه ڪندا آهيون. اهو ئي عمل اسان ڀٽائي سان ڪيو ۽ اهڙو ئي ساڳيو رويو اسان جديد دور جي تاريخ ساز ٻين شخصيتن سان ڪيو آهي. پر هاڻي شڪر آهي جو نئون واءُ وريو آهي ۽ اسان ڀٽائيءَ کي ولي، بزرگ ۽ ڪرامتن جي صاحب ۽ درويش بدران سنڌ جو عظيم شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ جديد تنقيد جي معيارن تي پرکڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٻين اديبن دانشورن ۽ اهڙين شخصيتن کي به اهڙي نموني پرکي مڃتا ڏيڻ شروع ڪئي آهي.

اهڙي پرک جي نتيجي ۾ گذريل ڪجهه سالن کان مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪيل پورهئي کي مڃتا ملڻ لڳي آهي ۽ اهو تاثر عام ٿيو آهي ته هو هڪ محڪم مزاحمتي انسان هو سنڌي ادب ۾ ڪمٽمينٽ رکندڙ سمورا ليکڪ مون بهادر ۽ ارڏا ڏٺا جو پنهنجي ضمير سان سچو رهڻ ئي دراصل هر ڪمٽمينٽ جو بنياد آهي. تخليقي سگهه اديب يا فنڪار کي بي ڊپو ۽ بهادر بنائيندي آهي ۽ جي هو ڪنهن مقصد ڪنهن نصب العين سان واڳيل هجي ته پوءِ هو ان لاءِ ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندو آهي، سندس رهنمائي سندس اندر جي روشني ڪندي آهي، اهڙڻ ئي اندر جي روشن ماڻهن مان ڏيپلائي صاحب به هڪ هو ۽ مون کي خوشي آهي ته مون نه صرف کيس ڏٺو پر سندس ڌيءَ زينت مرحومه سان دوستيءَ جي ناتي آءٌ ڪنهن وقت جهڙوڪر سندن گهر جي ڀاتي هئس.

مون کي ڏيپلائي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو، هن جو قلمي پورهيو ڪو هڪ ٻه نه پر ڏيڍ سو ڪتابن تي مشتمل آهي، جن ۾ هن وٽ موضوعن جي ڪيتري به گهڻائي هجي، صنفون به مختلف هجن پر بنيادي ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪيئ آهي سا آهي عام ماڻهوءَ کي وهمن ۽ وسوسن ۽ اجاين ريتين، رسمن جي ڪوڙڪي مان آزاد ڪرڻ لاءِ ذهني سجاڳيءَ جو مقصد! ويساهه وسوڙل ۽ ضعيف الاعتقاد ماڻهن کي ڪڏهن مذهبي ڪتابن ذريعي ئي سمجهايائين ته ڪڏهن وري پير پرستي ۽ قبر پرستيءَ جي خلاف آواز اٿاري، سندن ذهن کولڻ جي ڪوشش ڪيائين: ڪڏهن انسانن کي صحيح واٽ ڏيکارڻ لاءِ اسلام جو سهارو ورتائين ته ڪڏهن ڪميونسٽ فڪر جو. مقصد سندس هو انسان ۽ انسانيت جي ڀلائي. ڪڏهن صحافت ڪڏهن ادب ته ڪڏهن سياست جي وسيلي هن اهي مقصد ماڻڻ جي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي راهه ۾ ڏک ڏاکڙا، جيل سختيون سٺائين پر مزاحمت نه ڇڏيائين.

ادب جي ميدان ۾ هن ڪابه صنف نه ڇڏي. ڪهاڻيون ناول، ڊراما لکيا ۽ شاعري به ڪئي ته تنقيد، تحقيق به. پاڻ نه صرف ”سانگهڙ“ جهڙو هڪ منفرد تاريخي ناول لکيائين پر ڪيترائي تاريخي ناول ترجمو يا اخذ پڻ ڪيائين. پنهنجن ماڻهن کي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو شعور به ڏنائين ته برصغير ۽ دنيا جي خاص ڪري اسلامي دنيا جي تاريخ کان به واقف ڪيائين. جنهن به موضوع تي لکيائين تمام بيباڪ ٿي لکيائين ۽ هر مدي خارج، فرسوده خيال ۽ فڪر کي رد ڪيائين.

پاڻ هر قسم جي سماجي ۽ اخلاقي برائيءَ خلاف جهاد ڪيائين ۽ وقت سان ايندڙ هر نئين فڪر کي قبول ڪيائين ۽ ان ۾ يقين رکي لکيائين. منافقت نه ڪيائين ۽ ڪڏهن اهو ڪونه سوچيائين ته ان کان اڳ وارو فڪري نظريو شايد ان جي ابتڙ هو، ڇو ته هن جي ذهني ارتقاء ۾ هڪ تسلسل نظر اچي ٿو. هن بس پنهنجي آدرش کي اهميت ڏني جيڪو هو ”انسانيت“ جي ڀلائي، سنڌي سماج جي سنوار ۽ سڌارو.

”ڏاهري رنگ محل“ جهڙو ڪتاب لکندڙ اديب ورهاڱي کان پوءِ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ سياست ڏسي بنهه بدلجي ويو ۽ سندس تحريرن ۾ مذهبن لاءِ احترام ۽ صوفيءَ واري اهنساء ۽ عدم تشدد جو عنوان اچي ويو. ان ڏس ۾ رشيد ڀٽيءَ ڏاڍو سٺو تجزيو ڪيو آهي. لکي ٿو ته:

 ”مرحوم ڏيپلائيءَ جي سوچ ۽ فڪر، ارتقا ۽ تبديلي جو نمايان مظهر آهي... اسان جي ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ واري نسل جو اديب به ذهني ارتقا جي انهن ئي منزل تان ٿيندو اڄ جي ماڳ تي رسيو آهي.“

۽ سچ ته اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب جو اهو دور سنڌ جي ماڻهن جي ذهني اوسر ۾ ڏاڍو اهم دور هو، جنهن ۾ ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ جديد لاڙن اختيار ڪرڻ لاءِ راهه گهڙيائين، ماڻهن کي جديد علم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايائين، ادبي  سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺي پنهنجن حقن لاءِ جاکوڙڻ ۽ ناانصافين خلاف مزاحمت جو درس ڏنائين... ۽ اڄوڪي سنڌ ۾ جيڪو نئون ذهن آهي ان جي لاءِ راهه گهڙيائين. اهڙا ماڻهو پاڻ تاريخ ٿيندا آهن ۽ تاريخ ٺاهي، رقم ڪري به ويندا آهن. هو سماج جي پيڙائن جي سدباب لاءِ صدائون ڏيندي ڏيندي پاڻ به ڄَڻ ته ڪا صدا بنجي ويندا آهن. جيڪا ايندڙ نسلن تائين پئي گونجندي آهي.

سياسي حوالي سان ڏيپلائي صاحب سنڌ جي ون يونٽ ۾ قيد ٿيڻ ۽ ان جي عوام جي ڏتڙجڻ جو اکين ڏٺو شاهد هو. سندن سمورين مصيبتن ۽ ڏکن ڏولائن جي لاءِ ذميوار طبقن ۾ هن کي وڏيرا سرمائيدار مذهبي ٺيڪيدار ۽ ڪامورا اڳڀرا ڏسڻ ۾ آيا. هن قلم سان جهاد ڪري ان قهري ڪوٽ ۾ وڏا ڏار وڌا ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي آواز کي اقتداري ايوانن تائين پهچايو ۽ پوءِ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو قهري ڪوٽ ڪِرندو ڏٺو.

ترقي پسند اديبن جي سٿ ۾ محمد ابراهيم جويي، مولانا غلام محمد گراميءَ يا خود حيدر بخش جتوئيءَ جو ساٿ مليس ته ڄاتائين ته دنيا ۾ صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ، نيڪي ۽ بديءَ جي جنگ رڳو مذهبي حوالي سان نه پر ادب جي محاذ تان به وڙهي سگهجي ٿي ۽ مذهب وانگي ادب کان به اهڙو ڪم وٺي سگهجي ٿو. پوءِ هن اهو محاذ به سنڀالي ورتو ۽ ان دور جَي مناسبت سان ترقي پسند نظريي جون جيڪي گهُرجون هيون، اهي پوريون ڪيائين ۽ الله رب العزت کي انساني مفادن، هاڪاري قدرن ۽ مظلوم جو حامي ۽ محافظ ڪري سمجهيائين ۽ پاڻ به لکيائين ۽ شيخ اياز جهڙن اديبن جي دفاع ۾ به لکيائين.

انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي هڪ کان وڌيڪ محاذن تي اڳواڻي ڪندي راهنمائي ڪئي... پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شخصيت پرستيءَ کي ڇڏي سندس ڪيل ڪم جي تنقيد جي سائنسي ۽ علمي ادبي معيارن تي پرک ڪئي وڃي ۽ اُن مان استفادو پڻ ورتو وڃي.

عنايت بلوچ

 

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائي- هڪ انقلابي انسان

 

1972ع جو سال هو. آءٌ اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر (ARD) جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان بدلي ٿي، ريڊيو حيدرآباد تي پهچي ويس. ايم-بي انصاري (مرحوم) حيدرآباد اسٽيشن جو ڊائريڪٽر هو. مسعود چشتي (مرحوم) ۽ شفيق پراچا منهنجا ساٿي (Colleague)هوندا هئا.

پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ 1971ع واري جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پاڪستان ٽُٽي ۽ بنگلاديش ٺهي چڪو هو، پر هندستان ۽ پاڪستان جي ميڊيا تي هلندڙ سرد جنگ (Cold war)جو خاتمو اڃا نه ٿيو هو. اُها جنگ 1972ع جي وچ ڌاران وڌيڪ تيز ٿي وئي هئي، توڙي جو ذوالفقار علي ڀٽو، (شهيد) جيڪو تڏهن پاڪستان جو صدر ۽ بعد ۾ وزير اعظم هو، جي هندستان سان هزار سال جنگ ڪرڻ جي ڌمڪيءَ ۾ ڪافي نرمي اچي چڪي هئي ۽ هاڻي ڀُٽي صاحب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ٿي ورتيون. تڏهن به پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف سرد جنگ ۾ لڳاتار الزام تراشيون مڙهي رهيا هئا. نيو دهلي ريڊيو تان آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان پڻ پاڪستان خلاف زهريلي پروپئگنڊا نشر ٿي رهي هئي.

انهن حالتن ۾، ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽرس اسلام آباد تان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي حڪم ڏنو ويو ته آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان نشر ٿيندڙ پروپئگنڊا جو مؤثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو وڃي ۽ روزانو اعليٰ اختيارين کي باخبر پڻ رکيو وڃي ته پاڪستان جي سنڌي پروگرامن ۾ ڀارت جي نشريات خلاف اسان کي ڪيتري ڪاميابي حاصل ٿي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پڙهيل لکيل آفيسرن ۾ ڦرڦوٽ مچي وئي. ڪير ۽ ڪهڙو ليکڪ اهڙو ٿي سگهيو ٿي جيڪو روزانو فقط 5 منٽن جو مسودو لکي ۽ ان کي اسان ريڊيو جي بهترين آوازن ۾ پيش ڪريون. تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٽي ڪُهنه- مشق شاعر ۽ اديب يعني چاچو محمد خان غني، سيد منظور نقوي ۽ مظفر حسين جوش اسٽاف آرٽسٽ طور ڪم ڪندا هيا. سوچيوسين پهريون اُنهن کي آزمائجي. محمد خان غني ته شروع ۾ ئي ٺپ جواب ڏنو ته هو پروپئگنڊا جي اسڪرپٽ لکڻ لاءِ هرگز موزون ڪونه هو. باقي سائين منظور نقوي توڙي مظفر حسين جوش دنيا جي هر ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ هروقت تيار رهندا هئا، ان  حد تائين جو جيڪڏهن کين مَلهه يا ڪُشتي ۾ حصي وٺڻ لاءِ چيو وڃي ها ته به بنا دير لُنگ ڪڍي ميدان تي بيٺل نظر اچن ها........

ها تڏهن اسان وٽ هڪ ٻيو قابل شخص ۽ وڏو شاعر سائين زيب عاقلي به ريڊيو اسٽاف ۾ موجود هو پر انصاري صاحب ان کي ٽن ماڻهن جي ٽيم جو حصو ٺاهي ڇڏيو جيڪي اهڙي مسودي کي غور سان ڏسندا، ان جي ايڊٽنگ ڪندا ۽ ڊائريڪٽر صاحب کي ٻڌائيندا ته مسودو موزون ۽ نشر ڪرڻ جي قابل هو يا نه. آءٌ ان ٽيم جو سربراهه هوس. جڏهن سيد منظور نقوي ۽ مظفر حسين جوش جا مسودا مليا ته مون کي توڙي ٽيم جي هر ميمبر کي ٻنهي صاحبن جي تحريرن کان بيحد مايوسي ٿي. نقوي صاحب جيئن ته انصاري صاحب جي ويجهو هوندو هو انڪري مناسب سمجهيو ويو ته اسڪرپٽ ان کي به ڏيکارجي. جيئن انصاري صاحب جي سامهون مسودو رکيو ويو ته هن پنهنجي مخصوص تڪيئه- ڪلام، ”الله معاف ڪري“، جو ورد ڪندي چيو: ”نقوي صاحب ته پنهنجو توڙي اسان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.“ (انصاري صاحب مرحوم وڌيڪ سخت ۽ نامناسب لفظن جو استعمال ڪيو، جن کي ورجائڻ هاڻي مناسب نٿو لڳي.)

بهرحال گهڻي صلاح مشوري کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته هندستان جي پروپئگنڊا جي ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ سڄي حيدرآباد ۾ سائين محمد عثمان ڏيپلائي کان وڌيڪ مناسب ۽ موزون ماڻهو ٻيو ڪوبه ڪونه هو. سائين ڏيپلائي صاحب جن مون تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. هڪ ڀيري منهنجي شعر پڙهڻ تي مون کي اُٿي ڀاڪر پاتائون ۽ ڪافي همت افزائي ڪئي هئائون. هوڏانهن مراد علي مرزا (مرحوم) جو ته ساڻن گهاٽو تعلق هو، سو اسان ٻئي وڏيون اُميدون کڻي سائين ڏيپلائي صاحب جن جي خدمت ۾ پهتاسين. کين سڄي ڳالهه سمجهائيسون پر ڏيپلائي صاحب جن آمادگي نه ڏيکاري. وري منٿ ميڙ سان گڏ ڪافي بحث مباحثو شروع ٿيو ۽ کين جڏهن اها حقيقت ٻڌائيسون ته سائين سڄي حيدرآباد تي نظر ڊوڙائيندي نظر وڃي اوهان تي کُپي آهي ۽ پوءِ به اوهان انڪار پيا ڪريو، مرڪي ڏنائون ۽ لکڻ تي نيٺ راضي ٿي ويا پر شرط ان تي ته کين هڪ ننڍڙو جيبي ريڊيو سيٽ وٺي ڏبو جنهن تي هو آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس جو پروگرام سهوليت سان ٻڌي پوءِ ان جو جواب لکندا. بروقت سندن حڪم جي تعميل ڪئي وئي. ڏيپلائي صاحب جن سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد ان پروگرام جو نالو رکيو ويو ”پڙاڏو“ ۽ ڇا ته وري اسان جي ماهر موسيقارن غلام نبي- عبداللطيف (مرحوم) جن ان پروگرام جي سگنيچر ٽيون ٺاهي هئي. الاڙي! ڪهڙا ۽ ڪيڏا وڏا ماڻهو هن دنيا مان گذر ڪري ويا. لاکيڻي لطيف به اهڙن موقعن تي آڏو زاري ڪئي هئي ته:

گهوڙا ڙي گهوڙا، آنءُ نه جيئندي ان ري!

ٻي ڏينهن تي سائين محمّد عثمان ڏيپلائي صاحب پنهنجو مسودو ”پڙاڏو“ ڏياري موڪليو جيڪو تمام شاندار هو ۽ اسان ساڳي ڏينهن تي سرور بلوچ (مرحوم) جي آواز ۾ ان کي رڪارڊ ڪري نشر ڪري ڇڏيو. فقط ٽن- چئن ڏينهن کان پوءِ آل انڊيا جي سنڌي سروس ڪجهه مسودن جا حوالا ڏئي اُنهن جي طنزيه ترديد ڪئي ۽ اسان ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽر اسلام آباد کي اها خبر پهچائي ڇڏي ته اسان جي نشريات کي آل انڊيا وارن حوالو بنائي ان جي ترديد ڪئي آهي. هيڊڪوارٽر وارا صاحب ڏاڍا خوش ٿيا ته تير نشان تي لڳو هو نه ته اڳ ۾ اسان جيڪو ڪجهه به انڊيا جي خلاف نشر ٿي ڪيوسين ته ان تي هو ذري جو به ڌيان نه ڌريندا هئا ۽ نه وري ريڊيو پاڪستان جي سنڌي پروگرامن جو ڪو حوالو ڏيندا هيا ۽ اهو تاثر پيا ڏيندا هئا ته ريڊيو پاڪستان جي ته ڄڻ ڪا اهميت ئي ڪانه هئي! بهرحال اهو سلسلو خوبصورتي ۽ ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو. جيتري قدر ياد ٿو پوي ته 20- 22 ڏينهن به مَس گذريا ته سائين ڏيپلائي صاحب جو هڪ اهڙو مسودو مليو جو آءٌ، مراد علي مرزا (مرحوم) توڙي زيب عاقلي (مرحوم) بار بار ان کي پڙهڻ جي باوجود ڪنهن نتيجي تي نه پيا پهچون ڇو ته سائين ڏيپلائي صاحب جن جيڪي لفظ (بظاهر ڪمال جا ۽ ذومعنيٰ لفظ) ان اسڪرپٽ ۾ ڪتب آندا هيا ته اُنهن جو مطلب هندستان جي خلاف ته هيو ئي پر اُنهن جو اندروني اشارو پاڪستان جي خلاف به معلوم پيو ٿئي. هڪدم ريڊيو جي گاڏي موڪلي ڏيپلائي صاحب جن کي ريڊيو تي اچڻ جي زحمت ڏني وئي. مُبهم ۽ ٻن معنائن وارن جملن تي سائينءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پهريون ته ڪو نه ٿي مڃيائون ته ٻه معنائون نڪرن ٿيون پريو ۽ جڏهن اسان کين پنهنجي مجبوري ٻڌائي ته پوءِ ان مسودي ۾ اسان جي ويٺي ئي معمولي تبديلي ڪيائون ته مسودو ٺيڪ ٿي ويو. وري ٿورڙن ئي ڏينهن کان پوءِ سائين محمّد عثمان ڏيپلائي (مرحوم) جوٻيو اسڪرپٽ اهڙو مليو جنهن جو رُخ پاڪستان جي حڪمرانن خلاف وڌيڪ ۽ انڊيا وارن خلاف گهٽ هو. وري به کين تڪليف ڏينسون، هو ريڊيو تي آيا پر هاڻي هو پنهنجو جملو ته ٺهيو پر هڪڙو لفظ به بدلائڻ لاءِ تيار نه هئا. هڪ وضاحت شروع ۾ ڪرڻ رهجي وئي ته ڏيپلائي صاحب پروپئگنڊا جو مسودو لکڻ لاءِ تيار ئي ان شرط تي ٿيو هو ته سندس اسڪرپٽ جو هڪ لفظ به جيڪڏهن بدلبو ته ان جو اختيار ريڊيو وارن کي نه پر فقط کيس ٿي هوندو. اهو ئي سبب هو جو ڪنهن به مونجهاري جي صورت ۾ اسان هرگهڙي کين ريڊيو تي اچڻ لاءِ زحمت ٿي ڏني. بهرحال کين ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي سون ته مسودي ۾ ضروري تبديليون ڪن پر نتيجو ندارد. نيٺ ان ڏينهن کان سائين ڏيپلائي صاحب جي تحرير کي نشر ڪرڻ بند ڪيوسين.

ڏيپلائي صاحب جي تحرير بند ڇا ڪئي سين، ٿورن ئي ڏينهن ۾ ائين لڳو ڄڻ انڊيا خلاف جوابي پروپئگنڊا جو پروگرام ئي بند ڪري ڇڏيوسين پروگرام ’پڙاڏو‘ مان اُهو روح ئي نڪري ويو جيڪو ڏيپلائي صاحب ان ۾ ڀريو هو. پروگرام جو نالو ته ساڳيو ’پڙاڏو‘ ٿي رهيو پر ان مان پڙاڏي جي گونج مرجهائجي ۽ مري وئي. هتي اها ڳالهه به پوري ايمانداري سان لکان ٿو ته سائين ڏيپلائي (مرحوم) جيڪي خود پرنٽ ميڊيا سان وابستگي رکڻ کان سواءِ ڪمال جا ذهين انسان ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون پابنديون ۽ مجبوريون خوب سمجهڻ وارا هئا، جيڪڏهن هو پنهنجي تحرير کي ’انا‘ جو مسئلو نه بڻائن ها تڏهن به سندن پروگرام اوترو ئي زوردار ۽ مقبول هجي ها جنهن آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس وارن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون. پر ساڳي وقت اها ڳالهه به مڃڻي پوندي ته ڏيپلائي صاحب عام رواجي ليکڪ ته هو ئي ڪونه. هو ته هڪ اعليٰ آدرش رکندڙ انسان هو تنهنڪري کين سندن موقف تان هٽائڻ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ بيحد مشڪل ڪم هو. شيخ علي محمّد صاحب جيڪو بعد ۾ آفتاب اخبار جو ايڊيٽر رهيو، ان کي جڏهن سڄي روئداد ٻڌائيسون ته هن ته بنهه اسان جي سڄي ٽيم کي ان ڳالهه تي مبارڪباد ڏني ته ڏيپلائي صاحب جهڙي ڏکئي انسان کان جيڪو 20- 22 ڏينهن اوهان پروگرام لکرايو آهي ته ان ڳالهه تي ريڊيو وارن کي جيترو به داد ڏجي ته اُهو گهٽ آهي. بهرحال ڏيپلائي صاحب پوءِ ريڊيو تي هرگز نه آيو توڙي جو کين ٻين پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ به ڪافي گذارشون ڪيون ويون.

سائين محمّد عثمان ڏيپلائيءَ (مرحوم) جو نالو مون پنهنجي والد بزرگوار قبله غلام نبي ’اداسي‘ جن کان ان وقت ٻڌو هو جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ننڍي شهر احمدپور جي اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪندو هوس. تڏهن بابا جن، ڏيپلائي صاحب جون ڇپرايل ننڍيون چؤپڙيون ’مرشد جو ٻڪر‘، ’قلندر جو هندورو‘، ’مرشد جون ٽنگون‘، ’ڪاوڙيل مريدياڻي‘، وغيره آڻيندا هئا ۽ ڏاڍي شوق سان پاڻ به پڙهندا هئا ۽ ٻين ماڻهن کي به پڙهائيندا هئا. بابا جن چوندا هئا ته اسان جي معاشري ۾ جيڪي سماجي برايون آهن ۽ خاص ڪري جيڪي ٻهراڙيءَ جا سڌا سادا ماڻهو، ڌوڪيباز پيرن ۽ فريبي مرشدن جي ويساهه گهاتيءَ جو شڪار ٿين ٿا، اُنهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب جون چؤپڙيون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

رهيو سوال اهو ته سائين محمّد عثمان ڏيپلائي (مرحوم) پڪو مسلمان هو يا ڪميونسٽ يا سوشلسٽ يا دهريو ته  منهنجي خيال ۾ اسان کي ان بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو، ڇو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون، ڪنهن کي ڪفر يا مسلماني جو سرٽيفڪيٽ يا سنَد عطا ڪرڻ وارا؟ بظاهر ڏيپلائي صاحب قرآن شريف جو سهڻو سنڌي ترجمو ڪري، ان کي ڇپرايو ۽ ان کان سواءِ ٻيا اسلامي ڪتاب به ڇپرايائين........ ها ساڳئي وقت سائين جي تحريرن ۾ مٿي ذڪر ڪيل نظرين جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. سال 2003ع هو ۽ آگسٽ جي 20 تاريخ هئي، جڏهن سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڏيپلائي صاحب جو ڪتاب: ”انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمّد عثمان ڏيپلائي“ جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ پڌرائي ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي ڪيترن ئي اديبن ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽ ڪارنامن تي تقريرون ڪيون هيون. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڊاڪٽر محمّد شريف ميمڻ (مرحوم) انگريزي ۾ تقرير ڪندي هڪ جملي تي وڌيڪ زور ڏنو هو ته:

"DIPLALAI SAHIB WAS A CONFIRMED AGNOSTIC."

(يعني ڏيپلائي صاحب الله پاڪ جي هئڻ جي باري ۾ ٻڏتر جو شڪار هئا.)

هن پروگرام ۾ سائين ڏيپلائي صاحب جن جو لائق فرزند ۽ اسان جو دوست محترم محمّد علي ڏيپلائي به موجود هو.  محمد علي ڏيپلائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڏيپلائي صاحب جي مذهبي رويي بابت لکي ٿو:

”بابا جي مذهبي عقيدي جو معاملو گهڻن سطحي نظر وارن وٽ منجهيل ۽ ڪڏهن ڪڏهن قابل اعتراض پئي رهيو آهي. هن مختصر مضمون ۾ سندس مذهبي ۽ ذهني ارتقا جو جائزو ۽ تجزيو ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر ابو بن اڌم جو قصو شايد بابا جي نظريه زندگي ۽ پڻ مذهبي عقيدي جي ترجماني ڪري سگهي. ابو بن اڌم بابت مشهور آهي ته خواب ۾ کيس هڪ فرشتي ٻڌايو ته هو اهڙن ماڻهن جي فهرست ٺاهي رهيو آهي، جيڪي خدا کي چاهيندا آهن. ابو بن اڌم کانئس پڇيو ته ڇا انهيءَ فهرست ۾ سندس نالو شامل آهي! فرشتي جي ناڪار تي ابو بن اڌم کيس عرض ڪيو ته سندس نالو اهڙن ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي خدا جي مخلوق کي چاهين ٿا. ٻيءَ رات خواب ۾ ساڳيو فرشتو ڏٺائين ۽ کانئس پڇيائين ته ڇا سندس نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي خدا جي مخلوق کي چاهين ٿا؟ فرشتي مرڪي جواب ڏنس ته تنهنجو نالو هاڻ اُنهن خوش نصيبن ۾ شامل آهي، جن کي الله تعاليٰ خود چاهي ٿو! اهڙو معاملو والد صاحب سان به هو. سندس زندگيءَ جو بنيادي نظريو انسان ذات جي ڀلائي ۽ آزادي هو، مختلف علمي ۽ ذهني ارتقائي دورن ۾ کيس جنهن به رستي اهو بنيادي مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن لڳو، هن اُهو رستو بلڪل صاف نيت سان اختيار ڪيو. ڪنهن زماني ۾ والد صاحب ٺيٺ ملو هوندو هو، شريعت جي هر حڪم جي پيروي ڪرڻ ۽ ٻين کي اهڙي پيرويءَ لاءِ تلقين ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هوندو هو. زندگيءَ جو عملي تجربو ڪندي ۽ مختلف طبقن جي عملي زندگيءَ جو مشاهدو ڪندي، هو عرفان جي اهڙي درجي تي پهتو، جنهن جي ماهيت کي سمجهڻ ’ڊگري زده‘ ۽ ڪتابي علم جي ڪيڙن جي وس جي ڳالهه نه آهي، مون کي اڪثر چوندو هو ته قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٻن قسمن جي بندن جو ذڪر ڪيو آهي: ’مومن‘ ۽ ’مقرب‘. ’مومن‘ اُهي آهن، جن جو علم ۽ عمل شرعي حڪمن جي پابنديءَ تائين محدود آهي، پر ’مقرب‘ اهي آهن، جيڪي خدا جي مخلوق جي محبت ۽ خدمت جي ڪري الله تعاليٰ جي قريب آهن، پاڪ اڪثر کلي چوندا هئا ته: ”بابا مقرب آهيون. مومنن جي درجي کان مٿي، ڇاڪاڻ ته اسان مذهب جي روح ۽ اصل مقصد کي سمجهون ٿا.“ يعني:

روزا، نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،

اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

(شاهه)

بهرحال ڊاڪٽر شريف ميمڻ پنهنجي تقرير ختم ان نُڪتي تي ڪئي هئي ته اسان کي ڏيپلائي (مرحوم) جي مذهبي عقيدن يا رويَن تي گهڻي ڇيڙ ڇاڙ ان ڪري به نه ڪرڻ گهُرجي ته دلين جي لِڪل رازن جو ڄاڻندڙ فقط رب پاڪ آهي تنهنڪري ڪنهن کي به ابتي سُبتي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو نه ته حق آهي ۽ نه وري ضرورت ئي آهي.

جيتريقدر آءٌ سائين محمّد عثمان ڏيپلائي (مرحوم) کي ڄاڻان سڃاڻان ٿو، هو هڪ باڪمال شخص زبردست ليکڪ، وڌو داناءُ ۽ ڏاهو انسان هو. جيڪا به ڳالهه، عقيدو يا نظريو سندن نظر ۾ درست هوندو هو ته ان جي تشهير بنا ڊپ ڊاءَ، خوف ۽ ڪنهن مصلحت جي ڪري ڇڏيندا هيا، پوءِ کڻي کين مخالفتن جي طوفان کي مُنهن ڏيڻو پئجي وڃي پر هو ان جي پرواهه نه ڪندا هئا هن ان دؤر ۾ سماجي براين، انڌن عقيدن ۽ معاشري جي اگلايُن ۽ اوڻاين تي جرئت سان قلم کنيو جڏهن چڱا خاصا ناميارا اديب به فريبي مرشدن ۽ ڌوڪيباز پيرن تي لکڻ کان ڪيٻائيندا هئا.

مون سندن ڪتاب جي پڌرائيءَ جي موقعي تي سندن ڪيل خدمتن ۽ کين آيل تڪليفن بابت شاعريءَ ۾ عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو هو. جيڪو مهربان پڙهندڙن لاءِ هتي ٻيهر پيش ڪري رهيو آهيان:

عقيدت جو نذرانو

ڏکن سان ڄڻ ته ڪي لائون لڌائين.

سُکن کان پاڻ هُرتو مُنهن مٽيائين.

وڏيرن، جابرن سان جنگ جوتي،

ڏمرَ ۽ ڏاڍَ ڀي ڏاڍا ڏٺائين.

مسلسل محنتن، پورهئي پگهر سان

قدم اڳتي، اڃا اڳتي رکيائين.

سچائيءَ تي رهيو ثابت- قدم ٿي.

وڃي توڙي پُڳو زندان تائين.

نه هي جوڌو جُهڪيو باطل جي آڏو

هزارين سختيون توڙي سٺائين.

سچو سورهيه عنايت، ڏيپلائي.

بديءَ جا بُت، بهادر ٿي ڀڳائين.

 

امداد حسيني

 

 

 

    

هڪ انقلابي شخصيت

جيستائين منهنجي سانڀر آهي، ته اسين جيڪي ان وقت جونيئر هئاسين، پنهنجي هنن سينئرز کي ’صاحب‘ ڪري سڏيندا هئاسين، جتوئي صاحب، قاسمي صاحب، ڏيپلائي صاحب، جويو صاحب، گرامي صاحب، چنا صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڪن کي وري ’سائين‘ سڏيندا هئاسين، جن ۾ سائين طالب الموليٰ، سائين ميران محمد شاهه ۽ اڄ به انهن بزرگن جا نالا ائين ئي کڻندا آهيون. انهن صاحبن ۾ ڏيپلائي صاحب اهڙو صاحب هو، جيڪو نه پنهنجي ذات سان ۽ نه ئي پنهنجي تخلص سان سڃاتو ويو، بلڪ هو پنهنجي ڳوٺ جي نالي سان سڃاتو ويو. ائين چئجي ته ڳوٺ سندس نالي پٺيان وڌيڪ مشهور ٿيو.

ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته پاڻ هڪ سادو سودو ماڻهو هو، جيئن ڳوٺاڻا هوندا آهن، پر هن جيڪو مشاهدو ماڻيو ۽ تجربو پرايو، هن جي اندر ۾ هڪ رولٽ جاڳيو، اُهو اتي ڏيپلائي صاحب جي اندر ۾ موجود هو، ائين کڻي چئون ته بارود ته هو، ان کي رڳو تيلي ڏيکارڻي هئي. ڏيپلائي صاحب جي ذات ۾ هڪ سنجيده ۽ بُردبار مذهبي ماڻهو موجود هو، يا هڪ ترقي پسند؟ اهو پتو لڳائڻ ڏکيو ته آهي، پر ان جي کوج ضرور لهڻ کپي، ممڪن آهي ائين ڏيپلائي صاحب جي ذات جا ڪجهه نوان پهلو اسان جي سامهون اچن ۽ شايد مذهب جا ترقي پسند پهلو به اسان جي آڏو کُلي پون، جن کي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ويڙهي طاق تي ڦٽو ڪيو ويو.

ڏيپلائي صاحب هڪ انقلابي ماڻهو آهي، انڪري دنيا جي انقلابن کان هو بيحد متاثر ٿيو- پوءِ اهو ترڪيءَ جو انقلاب هجي، روس جو انقلاب هجي، فرانس جو هجي يا حُر تحريڪ هجي. انهن سڀني انقلابن جي حوالي سان ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب موجود آهن، انور پاشا، مصطفيٰ ڪمال، وغيره سان اسين ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن وسيلي واقف ٿياسين، شهيد بادشاهه حضرت صبغت الله شاهه جي تحريڪ ۽ قربانيءَ جو ذڪر ”سانگهڙ“ ناول موجود آهي. مذهب جي ظاهرداري، پير پرستيءَ ۽ قبر پرستيءَ خلاف ڏيپلائي صاحب جي تحريرن اسان کي ننڍي ڄمار ۾ ئي متاثر ڪيو. منهنجو بابا سيد فضل محمد شاهه ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب گهرائيندو هو، توڙي جو سندس ڏيپلائيءَ صاحب سان ڪيترن هنڌن تي اختلاف پڻ هئا، سو، اسان جي اندر ڀريل باروت چڻنگ دکائڻ ۾ ڏيپلائي جي تحريرن جو به حصو آهي.

ڏيپلائي صاحب صحيح معنيٰ ۾ هڪ نظريه دان ڏاهو هو. مثال طور ڏيپلائي صاحب سنڌي يونيورسٽيءَ جو نظريو ڏنو، جيڪو اڄ به زندهه نظريو آهي. شال! اسان کي هٿ اچي. مان هن لمحي، هن پل، هن کن اهوئي سوچيان ٿو، ته اڄ جيڪڏهن ڏيپلائي صاحب موجود هجي ها، ته موجوده صورتحال کي هو ڪيئن ڏسي ها؟ يقيناً هو ”بينظير“ جي عنوان سان هڪ عدد ناول لکي ۽ ڇپائي چڪو هجي ها! پر افسوس جو ڏيپلائي صاحب اسان ۾ موجود نه آهي.

مظهرالحق صديقي

 

 

 

   

ڏيپلائي- درد وند دل وارو مجاهد

توهان محسوس ڪيو هوندو ته هتي ايندي ۽ هنن مقالن کي ٻڌندي، آءٌ ڊڄي ڊڄي اڳيان وڌيو آهيان. ڏيپلائي صاحب سان عقيدت ۽ محبت جو جذبو مون کي اڳتي وٺي ته آيو، پر اها گهرائي، اهو عميق مون ۾ نه آهي، جو مان ايڏي وڏي مجاهد، هڪ عظيم مجاهد، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي اهڙي نموني خراج عقيدت پيش ڪريان، جهڙي نموني آءٌ ڏيڻ چاهيان ٿو.

هتي تمام اعليٰ مقالا پڙهيا ويا آهن ۽ سٺن خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجو هڪ ٻيو تمام جذباتي تعلق پڻ آهي: آءٌ گاڏي کاتي مان آهيان ۽ ڏيپلائي صاحب پڻ گاڏي کاتي جو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ به گاڏي کاتي مان ئي حقيقي معنيٰ ۾ شروعات ڪئي. پوءِ انهي اڳتي هلي، ڄام شوري ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي چونڊيل هڪ اعليٰ مقام، هڪ مٿاهين مقام تي موجوده صورت ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ وانگر اسان جي ابتدا پڻ گاڏي کاتي مان ٿي.

اسان جو بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي وڏو عالم ۽ محقق هو، پر جيئن مون چيو ۽ انهيءَ لفظ تي آءٌ وري زور ڏيندس ته هو هڪ عظيم مجاهد هو. آءٌ سمجهان ٿو ته ايڏو جري ماڻهو سنڌ جي سرزمين تي نه آيو، جيڏو محمد عثمان ڏيپلائي هو. سندس قلم ڄڻ ته وڄ جهڙا چمڪاٽ ڪندو هو. ڏيپلائي صاحب سچ پچ ته هڪ وڏو مجاهد هو. قلم سندس تلوار هو. انهيءَ مان هن نه صرف وڄ جا چمڪاٽ ڪيا، پر ڄڻ ته خون جون نديون وهايون. انهن جي خون جون نديون، جيڪي اسلام ۽ سنڌ جا دشمن هئا! ڏيپلائي صاحب ’نور توحيد‘ ۾ اسلام جي مختلف مجاهدن جا نالا ورتا آهن ۽ شاعرانه انداز ۾ انهن جي بهادريءَ ۽ تلوار هلائڻ جا قصا بيان ڪيا آهن.

اوهان ’نور توحيد‘ کي ڏسندؤ ته بنيادي طرح ته اها رسول اڪرم ﷺ جن جي سوانح حيات آهي، پر انهيءَ ۾ ڏيپلائي صاحب جي دور جي حالتن جا حوالا ضمني طور تي بار بار نهايت دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيل آهن. انهيءَ طرز کي انگريزيءَ ۾ ’انارڪزم‘(anarchism) چئبو آهي. ڳالهه هلي پئي رسول اڪرم ﷺ جن جي ۽ بيان پيو ٿئي ڪانگريس جي مسلم دشمن رويي جو، بيان پيو ٿئي سنڌ ۾ وڏيرن جي ظلم جو، بيان پيو ٿئي ’هاري حقدار پريس‘ جو، جنهن تي ڪجهه تنقيدي جملا به لکيا اٿس!

جيئن غلام مصطفيٰ دادوي صاحب چيو:

”ڏيپلائي صاحب جي سوچ ۽ لکڻين جا ٽي دور ٿين ٿا: ’نورِ توحيد‘ پهرئين دور جو ڪتاب آهي. ’هاري حقدار‘ تي نڪته چيني ڪرڻ وارو دور ’انسانيت‘ واري دور کان اڳ جو هو، جيڪو اسلامي جذبي ۽ جوش وارو دور هو. اسلام جي انسانيت واري نميءَ ۽ ملائمت جو دور بعد جي ڳالهه آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جون به پنهنجي نموني وڏيون خدمتون آهن، بلاشڪ هو به غريبن لاءِ وڏو مجاهد هو.“

جيئن مون عرض ڪيو، ’نورِ توحيد‘ ۾ بنيادي طور تي ناول جي طرز تي ۾ به عصري گهُرجن جو ڏاڍو اثر انگيز طريقي سان بيان ٿيل آهي. مون کي اجازت ڏيو ته ڪجهه مثال پيش ڪريان:

اوهان صفحي 290 جو فوٽ نوٽ ڏسو. باب جو عنوان آهي: ’ظلم جو نتيجو‘. انهيءَ ۾ هڪڙي ظالم ڪافر جي هٿان مسلمانن کي ڌوڪي سان شهيد ڪرڻ ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ سندس ڳوٺ تي پليگ جو، خدائي ڏمر جي شڪل ۾ وارد ٿيڻ جو ذڪر آهي. ڏيپلائي صاحب انهيءَ واقعي جو سلسلو 1937ع ۾ هندستان ۾ ڪانگريسي حڪومت جي ظلمن ۽ پنجاب ۾ سڪندر حيات حڪومت طرفان خاڪسارن تي ڪيل ظلمن سان ملائيندي فوٽ نوٽ ۾ لکن ٿا:

”هندستان ۾ ڪانگريس پنهنجي چند روز حڪومت تي مغرور ٿي، غريب مسلمانن کي ستائڻ ۽ مٿن ظلم ڪرڻ ۾ نه گهٽايو ته قدرت سندس صاحبيءَ کي سڃ ڪري ڏيکاريو ۽ اهي شخص جي ببانگ بلند هوڪو ڏيندا هئا ته هندستان ۾ صرف ٻه طاقتون آهن: برطانيا ۽ ڪانگريس، سي اڄ تسليم ڪري رهيا آهن ته نه، ٽين طاقت مسلمان به آهن!

پنجاب ۾ سڪندري حڪومت بيگناهه خاڪسارن جو اَن پاڻي بند ڪري کين مسجدن ۾ محصور ڪيو، ۽ 19 بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪرايو ته، عين پُٽ جي شاديءَ جي موقعي تي سر سڪندر حيات جي سڪندري ختم ٿي ۽ انهيءَ ئي بادشاهي مسجد جي ڪنڊ ۾ سڪندر حيات، بيوس ۽ بيجان ستل هو ۽ علامه مشرقي بيشمار ماڻهن کي مخاطب ٿي بلند آواز سان تقرير ڪري رهيو هو!“

اوهان ڏسندؤ ته ڏيپلائي صاحب جي من ۾ پيغام ڏيڻ جو جيڪو جذبو آهي، سو نبي ڪريم ﷺ جن جي هن سوانح ۾ به ظاهر آهي. ڏيپلائي صاحب جي دل ۾ مسلمانن جو ايڏو ته درد آهي، ايڏو ته جذبو آهي، جو نبي ڪريم ﷺ جهڙي عظيم شخصيت، جنهن جهڙي وڏي شخصيت الله تعاليٰ نه خلقي آهي، ان جو ذڪر لکندي به هو مسلمانن جي ڪانگريس وارو دَور جي مسئلن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهي ۽ انهيءَ مقصد کي هن ڪاميابيءَ سان حاصل پڻ ڪري ٿو!

اهڙي نموني معاشري جي اصلاح جو پڻ ڏيپلائي صاحب جي دل ۾ درد آهي. سو ڏسي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو شرڪ ڏانهن مائل آهن ۽ پير پرستي وغيره ۾ ورتل آهن. جو ذڪر ڪندي کين هڪ واقعو ياد ٿو اچي. جيئن اوهان کي خبرهوندي، مسلمانن جڏهن اهو قافلو حديبيه جي مقام تي پهتو ته کين ڪافرن اڳتي وڌڻ کان روڪيو. حضرت عثمان غني ﷦ جن کي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪافرن ڏانهن اماڻيو ويو، جن جي واپس نه اچڻ ڪري سندن شهادت جا خدشا پيدا ٿي پيا هئا. حضور ﷺ جن هڪ ٻير جي وڻ هيٺ ويهي سڀني مسلمانن کان بيعت ورتي ته قريشين کان انهيءَ جي بدلي وٺڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ويندي. انهيءَ بيعت کي ’بيعت رضوان‘ چئبو آهي. انهيءَ واقعي جي اسان سڀنن کي خبر هوندي، پر جيڪا ڳالهه آءٌ اوهان کي ناول جي حوالي سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، اُها اِها آهي ته ٻير جو اهو وڻ، جنهن جي هيٺيان حضور ﷺ جن آرام فرمايو هو ۽ بيعت ورتي هئي، اهو وڻ اڳتي هلي ڪمزور عقيدي وارن مسلمانن وٽ تمام متبرڪ ٿي پيو. ماڻهو انهيءَ ٻير جا پن بيماريءَ وغيره واسطي کائڻ لڳا. حضرت عمر ﷦ تمام سخت قسم جو ماڻهو هو، تنهن انهيءَ ٻير جي وڻ کي پاڙؤن پٽائي ڇڏيو! ڏيپلائي صاحب اهو واقعو اڄ ڪلهه جي جُڙتو پيرن ۽ فقيرن ۽ انهن جي جاري ڪيل شرڪ وارين ڳالهين جي حوالي سان ڪيو آهي. اهو واقعو نهايت دلچسپ انداز ۾ ناول جي صفحي 373-372 تي بيان ڪيل آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته ڏيپلائي صاحب، حضور اڪرم مقصد به سهڻي نموني ڳنڍيا آهن.

توهان سوچيو ته جنهن دور ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجي قلم جي تلوار بي نيام ڪئي، اُن وقت مسلمانن جي ڇا حالت هئي؟ متعصب هندو اسان کي جاهل ۽ ڄٽ سمجهندا هئا ۽ پنهنجي ڪلچر کي ڪيڏو نه اعليٰ سمجهندا هئا. اهڙي وقت ۾ ڏيپلائيءَ جون اهي لکڻيون وڏي جهاد جي ڳالهه هيون. اُن وقت هن جيڪا جنگ جوٽي، مون کي ياد نه ٿو اچي ته اسان جي، سنڌ جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو مجاهد پيدا ٿيو هوندو، جنهن جي قلم جي تلوار ۾ ايڏو چمڪاٽ ۽ ايڏو اثر هجي. هو پنهنجي قوم جي دشمنن سان ويڙهاند ۾ ڄڻ ته ظالمن جي رت جون نديون وهائيندو ٿي ويو. مون وٽ سچ پچ ته مناسب لفظ نه آهن، جو ڏيپلائي صاحب جي خدمتن ۽ ڪردار جو صحيح ذڪر ڪري سگهان، پر مون کي غالب جو هڪ شعر ياد ٿو اچي، جيڪو منهنجي عقيدت ۽ جذبي جو اظهار ٿو ڪري:

زبان پر بعدِ خدا یہ کس کا نام آیا،

کہ میرے نطق نے بوسے لئے میری زباں کے۔

(19- مارچ 2001ع تي ڪراچيءَ ۾، ’نورِ توحيد‘ جي مهورت جي موقعي تي ڪيل تقريرجو اختصار) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org