پير علي محمد راشدي
وڇڙيلن جون
ساروڻيون
اے آنکہ
نور می طلبی از
مزاریا
از مرقد منور پروانہ غافلی!
مزارن کان نور طلبيندڙ دوست!
پرواني جي روشن قبر کان غافل ڇو آهين!
پاڪستان جي تاريخ جي سهيڙپ ۽ نظريه پاڪستان جي شرع
جي عمل کي ڍر ڏيڻ جي ڪري هڪ طرف ته اهلِ نظر شخصن
کي ڪي خطرا محسوس ٿيڻ لڳا آهن ته ٻئي طرف ڪن کي
وري شايد ڪجهه فائدا به نظر اچي رهيا آهن.
خطرا اهي آهن ته دير ٿيڻ ڪري سمورا دستاويز گم ٿي
ويندا ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گواهه، جيڪي اڃا تائين جيئرا
آهن، اهي به موڪلائي ويندا، ۽ پوءِ ڄاڻ جو جيڪو
زبردست خال پيدا ٿي ويندو. انهيءَ خال کي ڀرڻ جو
ڪم يا ته دشمنن جي دسترس ۾ اچي ويندو يا انهن
نادان دوستن جي حوالي ٿي ويندو جيڪي خدا نه خواسته
تاريخ ۽ نظريه ٻنهي جا لاهه ڪڍي ڇڏيندا.
هندو ۽ انگريز تاريخ نويسن جڏهن مسلمانن جي تاريخ
لکي ته انهن پنهنجي قلم جي سموري ڪاريگري مسلمان
حاڪمن جي خيالي ظلمن جي اپٽار ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏي،
کين انهن ۾ ڪابه قابلِ ذڪر چڱائي نظر نه ڪونه ٿي
آئي. نتيجو اهو نڪتو جو مجموعي طور تي جديد ذهن
اهو تاثر ورتو آهي. مسلمان حاڪمن جا ڪيترائي دور
انسانن واسطي مصيبتون هيون ۽ جن طاقتن انهن کي ختم
ڪيو تن ڄڻ ته انسانذات تي احسان ڪيا. انگريزن جڏهن
پلاسيءَ جي جنگ کٽي يا اوڌ مان مسلمانن جي حڪومت
ختم ڪئي ته سندن تاريخ نويسن مفتوح حڪمرانن جي
عياشين ۽ اخلاقي ڪمزورين کي، جيڪي گهڻي تڻي هٿرادو
آکاڻين تي مشتمل هيون، ايتريقدر وڌائي سڌائي
قلمبند ڪيون جو غاصب ۽ اڳرائي ڪندڙ انگريز انساني
قدرن جا حقيقي محافظ ۽ عوام جا محسن نظر اچڻ لڳا.
سينٽرل ايشيا جي مسلمان حاڪمن جي تاريخ جوبه اهوئي
حال ٿيو. اڄ روسين جون گهڙيل تاريخون پڙهجن ٿيون،
اهي مظلوم اسان کي بدترين آدمخور نظر ايندا.
تاريخ نويسيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو
رهندو. خدا ڪنهن قوم تي اهڙو خراب وقت نه آڻي جو
ڪنهن ذهني خال جي دور ۾ قلم دشمنن جي ور چڙهي وڃي.
نظرئي جي حفاظت جو مسئلو ته اڃا به گهڻو نازڪ
هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن نظريه يا قومي عقيده يا سياسي مؤقف
جي شرح بروقت صاف ۽ شفاف لفظن ۽ پخته طريقن سان نه
ٿي، ته پوءِ جيڪڏهن اهو موقعو دشمنن کي ملي ويو ۽
ضرورت ٿي پوي ته انهيءَ کي غير حقيقي، مٿاڇرو ۽
جذباتي ٻوٽو يا انگريزن جو ڪرتب يا هڪ وقتي سياسي
اسٽنٽ (Stunt) ثابت
ڪن ته ان وقت انهيءَ طوفان کي نه ته تشدد سان ۽ نه
ئي جامِ شهادت نوش ڪرڻ سان، ۽ نه بي معنيٰ ٻٽاڪن
سان ۽ نه ئي وري مذهبي آڙ سان روڪي سگهبو. ان وقت
تائين دنيا گهڻو اڳتي نڪري چڪي هوندي.
نظريه جو تحفظ اهڙن لفظن ۽ دليلن سان ئي ٿي سگهي
ٿو جيڪي انساني ذهن کي قائل ڪري سگهن ۽ نه ئي
جسماني ڏاڍ سان؛ انساني ذهن اڳتي ئي وڌندو رهي ٿو،
پوئتي نه.
اسان جو ٻه قومي ۽ پاڪستان جو نظريو اگرچه صداقت ۽
ٺوس تاريخي حقيقتن تي بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله
ترديد ٿيڻ يا تسنيخ ٿيڻ جهڙو نه آهي، تنهن هوندي
به انهيءَ جي تحفظ ۽ بقا جو راز انهيءَ صحيح تشريح
۾ مضمر آهي نه ڪي منجهيل ۽ ڊيڄاريندڙ لفظن جي
استعمال ۾ يا ڪنهن اهڙي ذهني خلفشار ۾، جو جيترا
وات اوتريون تعبيرون ٿينديون رهن، ۽ هر هوسناڪ ۽
خود غرض شخص انهن جو ڦندو ٺاهي، مخالفن جي ڳچين ۾
وجهندو وڃي.
ويجهڙائيءَ ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته انهيءَ نظريي جي
تخليق تي ڪيترن پاسن کان حملا شروع ٿي ويا آهن، هن
وقت ته اهي ننڍڙيون علامتون پيون لڳن، پر اڄ کان
پنجاهه سال پوءِ انهن غلط فهمين ۽ غلط بيانين جي
ڪري جيڪو ڀنڀٽ ٻرندو، ان جو رد عمل نه ڪنهن اعتراض
ڪندڙ کي فوراً جيل ۾ موڪلڻ سان ٿيندو ۽نه ئي بي
سود گارگند سان. انهن ٻاراڻين حرڪتن سان اعتراض
ڪندڙن ۾ اضافو ٿيندو ۽ دنيا جو ڌيان به انهيءَ طرف
ڇڪجي ويندو ۽ کين ايئن چوڻ جو موقعو ملي ويندو ته
هيءُ نظريو اڃا تائين ناپختو آهي ۽ بحث هيٺ آهي ۽
اڃا تائين اسان جي سوچ ۾ هڪ مستقل ذهني نظام جي
صورت اختيار ڪري نه سگهيو آهي. هاڻ اوهان ئي ٻڌايو
ته هن نظريي جا نادان دوست انهيءَ کان وڌيڪ دشمني
ڪهڙي ڪري سگهن ٿا!
اوهان ترسو ۽ زمان جي بدلجندڙ حالتن کي ڏسندا رهو.
اسان جو نظريو مرندو ڪونه، نه ئي شڪل ڦيرائيندو
بلڪ انسان ذات جي هڪ وڏي حصي جي ذهن ۾ داخل ٿيندو
ويندو. انهيءَ وچ ۾ صبر کان ڪم وٺو، عقل کان ڪم
وٺو. هينئر کان ئي بدحواس ٿي ملڪ کي تماشي جي جاءِ
يا ذهني مريضن جي اسپتال نه ٺاهيو.
جيئن مون مٿي عرض ڪيو، اسان جي باضابطه تاريخ نه
لکجڻ ڪري ڪن ماڻهن کي پنهنجا فائدا ڏسڻ ۾ ايندا
هجن، مثال طور:
(1) اهڙا شخص جن کي ڪڏهن قائداعظم کي ڏسڻ جي سعادت
به نصيب نه ٿي جي يا ماڳهين سندن جنم به پوءِ ٿيو
هجي کين قائداعظم جو ”ساڄو هٿ“ چوائڻ ۽ انهيءَ
طريقي سان پنهنجي سياسي ڪاروبار چمڪائڻ ۾ سولائي
ٿيندي خبر ناهي اهڙن ڪيترن ”ساڄن هٿن“ سان اوهان
جي ڏيٺ ويٺ ٿي هوندي! في الحقيقت ايترا هٿ ڪنهن
انسان جا ته ٿيندا ئي ڪونهن.
(2) جن گروپن قائداعظم خواهه پاڪستان جي شديد
مخالفت ڪئي هئي (ويندي مٿس ڇريءَ سان وار به ڪرائي
چڪا هئا) نئين حالتن تحت انهن کي به مناسب لڳندو
ته قائداعظم جو نالو وٺي اقتدار حاصل ڪن، انهن
گروپن کي تاريخي رڪارڊن نه هجڻ يا انهيءَ جي
گمشدگي ڪري پنهنجي ماضيءَ کي لڪائڻ جي وڏي مدد ملي
سگهندي.
(3) پنهنجي ذاتي مقصدن واسطي نظريه جي تعبير ڪرڻ ۾
ڪن صاحبن کي سولائي ٿيندي، جڏهن تاريخ ۽ ناپيد
هوندي اوهان ڪهڙي اهڙي شخص جي خلاف قانوني
ڪارروائي ڪري سگهندا!
(4) حقيقتن کان بي نياز ٿي صرف لکڻو ئي آهي ته اهو
معاملو ڪافي ڊيگهه وٺي سگهي ٿو.
انهن ابتدائي گذارشن کان پوءِ مون کي عرض ڪرڻو آهي
ته انهن حالتن ۾ جيڪو به شخص تاريخ لکي ۽ کيس جڏهن
به اهڙو موقعو ملي، ته هو سنڌ جهڙي ڏورانهين
علائقي جي جهونن قومي خدمتگارن عبدالله هارون،
عبدالمجيد شيخ، مولانا عبيدالله سنڌي، غلام محمد
ڀرڳڙي، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، آغا غلام
نبي، درس، حقاني يا اهي معتوب شخصيتون جن جون
جوانيون قوم جي خدمت ۽ نظريه پاڪستان جي آبياري ۾
گذري ويون، پر هاڻ انهن جا نالا به بعض شخصن جي
ڪنن کي ڳرا لڳندا هوندا ۽ انهن کي ويساريندڙن کان
ڪو پڇڻ وارو به نه هوندو.
هڪ گمنام سپاهي
هتان جي ]سنڌ[ .....
هڪ گمنام سپاهيءَ کي خدا ڪارڻ نه وسارڻ گهرجي،
جنهن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر قوم کان
معاوضو نه ورتو. ساري عمر محنت ڪئي ۽ محنت ڪندي
ڪندي مري به ويو، مگر نه مزدوري طلب ڪيائين، نه
احسان ڌريائين. بکون ڪڍيائين ته فاقه مست رهيو،
جيل ۾ ويو ته مشقت کي مسرت سمجهايائين، غيرن کيس
ستايو، ته به ڪجهه نه ڪُڇيائين، پنهنجن لاپرواهي
ڪئي ته اُف نه ڪيائين. صحافت ڪيائين ته صحافت کي
امانت سمجهائين. ايترو لکيائين، جو سندس جسماني
قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه هاريائين. اڌ رنگ
ٿيس ته بيهوش رهيو، مگر انهيءَ حالت ۾ به وات مان
ڪڏهن ڪڏهن آواز نڪتو ته ”واسڪوٽ آڻيو، رڪشا
گهرايو، دفتر وڃڻو آهي، ڪم ڪرڻو آهي.“
ڪم سان محبت جو هيءُ حال هو، جو هڪ سئو چاليهه
ڪتاب (بعض ضخيم ۽ ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل) ۽
هزارين مضمون لکڻ کان سواءِ ڪيئي رسالا ۽ اخبارون
به هلائيندو رهيو. انسان هويا جن، هيءَ سندس صحافت
ٿي يا ڪٽر هندؤ ۽ انگريز کان بغاوت جي علامت، اهو
فيصلو ڪرڻ مشڪل هو.
سورهين ورهين جي عمر ۾ باهه دُکي ۽ ساٺيڪو سالن
تائين نه اجهاڻي. دل جي باهه هئي، لڳي ته نه
اُجهاڻي. انهيءَ باهه جي ڪرشمن جو اهلِ بصيرت کي
خوب اندازو رهيو آهي. جتي اها باهه ڀڙڪي، لوهه کي
سون بنائي ڇڏيائين. ان جي جلايل عاشقن جي پيرن جا
نشان اڄ به نجد جي صحرا کان وٺي جامع مسجد دهليءَ
جي ڏاڪڻين جي سامهون تائين، جتي سرمد ستل آهي،
اهلِ دل جا سجده گاهه بنيل آهن.
اسلام جو هيءُ سپاهي، سنڌ جي هڪ اهڙي علائقي جي
پيدائش هو، جتي هر طرف محرومي، مايوسي ۽ اونداهي
ڇانيل هوندي آهي. ٿرپارڪر جو ريگستان، جنهن جون
وسعتون ته ناقابلِ پيمائش آهن، مگر اتي رهڻ جو
انسان جي پنهنجي سخت جانيءَ کان علاوه ڪوبه سامان
ناهي. نه رستا، نه پاڻي، نه روشني، نه تعليم، نه
خوراڪ جي پيداوار، نه جانورن لاءِ گاهه، نه علاج
جو انتظام. هر چيز جو مدار وقتي برسات تي. برسات
نه هجي ته ڏڪار، خانه بدوشي، ڀَڄ ڀڄان، رفاقت جي
لاءِ هرڻ ۽ هرڻيون ۽ ماڻهو هاڻي انهن کي به ماري
ماري ختم ڪري چڪا آهن. باقي نانگ هر طرف، اٿندي
ويهندي، سُمهندي نانگ ئي نانگ، طرح طرح جا ٽپو
ڏئي، گهوڙيسوارن کي ڏنگ هڻڻ وارا. ڏنگ هڻن ته علاج
جو انتظام ناهي، سواءِ جهاڙ ڦوڪ جي.
- ته اهڙيءَ ويرانيءَ مان جيڪو به شخص توهان جي
خدمت لاءِ اٿندو، اهو دل جَليو ئي هوندو.
ڳالهائيندو ته وات مان باهه جا شعلا نڪرندا، لکندو
ته قلم جي چُهنب مان رت ٽمندو! هن جي سوچ سنڌ جي
دل جلي ڳوٺاڻي جي سوچ هئي. هن جو آواز محرومين جي
ماريل ڳوٺاڻي جو آواز هو. سندس تحرير جي تلخي هر
هلائيندڙ هاريءَ جي قنوطيت جو عڪس هئي. هيءُ اهو
انساني ڌڻ هو، جيڪو انهيءَ وقت تائين ڳالهائڻ جي
قوت کان محروم رهيو هو ۽ اُهو معلوم نه ٿي سگهيو
هو ته پيدا ڇو ٿيو، ۽ هيءَ محنت ۽ مشقت صرف ان جي
ئي ڇو مقدر بڻي؟
لازم هو ته جڏهن هيءُ دل جليو سپاهي ميدان ۾ آيو
ته ان کي سڀ کان اول انهن خباثتن سان نبرڻو هو، جن
سندس ڄاڻ مطابق سندس قوم جي زندگي زهر ڪري ڇڏي
هئي. سندس سامهون پنج خباثتون هيون:
(1) انگريز، (2) (وياج خور) هندو،
(3) وڏيرو، (4) پير، ۽ (5) خاڪم بدهن جنابِ مُلا.
هڪ سندس ملڪ کي غلام بنائي رکيو هو ۽ نوڪرشاهيءَ
کي آزاد ڇڏيو هو، ته اُها قوم جو رت چوسيندي رهي.
ٻيو سندس معيشت ۽ سياست کي تباهه ڪرڻ بعد هاڻي
ايتريقدر بيباڪ ٿي ويو هو، جو انهيءَ تابڪار
پنهنجي لٽريچر ذريعي خود خدا ۽ هاديءَ برحق خلاف
به محاذ قائم ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جو جيڪو حال
انهن جي هٿان ٿي رهيو هو، اها خاموشيءَ سان سهڻ جي
چيز هئي، ٻڌائڻ جي ڳالهه نه هئي ۽ جيڪڏهن ڪو گستاخ
ٿي ڳالهائيندو هو ته ان کي جيل ۾ وجهرايو ويندو
هو.
ٽيون غريبن جي پيٽ ۾ پنهنجا چنبا وجهيو ويٺو هو ۽
سندن تعليم، سياسي بيداري ۽ معاشي خوشحاليءَ جا
رستا روڪي چڪو هو.
نمبر چوٿون ۽ نمبر پنجون قوم جي بي علميءَ جو
فائدو وٺندي، ان جي ذهن ۽ ايمان کي ڊانوان ڊول ڪرڻ
لاءِ اهڙين ڪارگذارين ۾ مصروف هئا، جو جن جي بيان
ڪرڻ جي هاڻي به همت نه ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته گناهن
جي باهه ۾ سڙيل انهن ٻوٽن کي ٻيهر سرسبز ڪرڻ لاءِ
نئين سر بهار جي موسم جي آمد جو غلغلو ٻڌڻ ۾ اچي
رهيو آهي.
بهرحال انهيءَ باغي سپاهيءَ، اهڙين مصلحتن جو ڪوبه
خيال نه ڪيو. هو قلم جو خنجر هٿ ۾ کڻي هڪ ئي وقت
سڀني ڏانهن ڊوڙيو.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سليٽ
کي، جنهن تي هڪ ئي مقصد سان هڪ ئي مضمون، جيڪو
لکڻين جي مختلف قسمن ۾ لکيل هو، صاف نه ڪيو وڃي ها
ته سنڌ جي مسلمانن جو جاڳي پوڻ، قائداعظم جي لشڪر
۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان جو سپاهي بنجڻ، منزل گاهه جو
معرڪو ڪرڻ ۽ وياج خور هندو ۽ سامراجي انگريز کي
گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي علائقي مان خارج ڪرڻ، منهنجيءَ
ڄاڻ ۾ قرين قياس نه هو. ايتريقدر همه گير انقلاب
لاءِ انساني ذهن کي تيار ڪرڻو هو ۽ اهو ڪم انهيءَ
سپاهي سرانجام ڏنو.
هن پنهنجو مرڪز حيدرآباد ۾ بنايو، جيڪو شهر انهيءَ
زماني ۾ ڪافر قلعو سمجهيو ويندو هو. مخالف جي گهر
۾ ويهي هن ڪم ڪيو. ’دربلا باش گرد بلا مباش‘. اتي
انهيءَ زماني ۾ (متعصب) هندو سياستدانن ۽ قلمڪارن
جو ڳڙهه هو. مسلمانن خلاف جيتريون سياسي سازشون
ٿيون هيون، اهي حيدرآباد مان شروع ٿيون هيون.
اسلام ۽ مسلمانن خلاف جيترو زهريلو لٽريچر تيار
ڪيو ويندو هو، اهو اتان تيار ٿيندو هو. انهن جا
ڪيترا رسالا ۽ روزانه اخبارون اتان ئي نڪرنديون
هيون. سنڌي لٽريچر جي تاريخ ۾ جيتريون ممتاز هندو
شخصيتون نظر اچن ٿيون، انهن سڀني جي پيدائش اتان
جي هئي. انهن سڀني جو هڪ ئي وقت قلمي محاذ تي
مقابلو ڪرڻ دل ۽ گردي جو ڪم هو، جڏهن ته انگريز
سرڪار جي پٺڀرائي به انهن کي حاصل هئي.
انهيءَ سپاهيءَ جو نالو به عرض ڪريان؟ محمد عثمان
ڏيپلائي مرحوم، جنهن جي وفات 7 فيبروري 1981ع تي
ٿي هئي. اِنا للهِ وانا اليہ راجعون.
ڪنهن عربيءَ جي شاعر ڪهڙو نه خوب چيو آهي:
تمتع من شيم عوار نجد
وما بعد العشة من عوار.
(نجد جي صحرا جي خوشبودار گاهه مان جيءُ ڀري لُطف
اندوز ٿيو، اهو هڪ ئي شامِ بهار آور هوندو آهي.)
اسان وٽ به سنڌ جي صحرا مان هڪ شام بهار شميم آئي
هئي ۽ گذري وئي. هاڻي نه اها شامِ بهار، نه اها
خوشبوءِ، ۽ نه اُن مان لُطف وٺڻ وارا. هر شيءِ
عارضي، هر شيءِ فاني. رھےنام
الله کا.
(روزانه جنگ، ڪراچي، 7- فيبروري 1982ع جي ٿورن
سان)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
محترم ڏيپلائي محمد عثمان، حيدرآباد
خط مورخه سنڌ يونيورسٽي 1965-06-18
(ساڳئي ڏينهن جواب لکيو ويو)
برادرم ڏيپلائي
اوهان جو خط مؤرخه 1965-6-18 پهتو. ”منہنجا، گذريل
پنڌرنهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي پڙهيل جي بدگمانين
واري سلسلي مان ڪافي مايوس ٿي چڪو آهيان. بورڊ جي
گذريل ميٽنگ ۾ شيخ علي محمد صاحب جي واتان مون
اهڙا الفاظ ٻڌا ته ڪو نئون بورڊ قائم ٿيو آهي ۽
عهديدار چونڊجي چڪا آهن. اوهان جي خط مان چيئرمن ۽
سيڪريٽري جا نالا معلوم ٿيا آهن، منهنجي ملائڪن کي
به خبر ڪانهي. البت هڪ ڳالهه جو اوهان کي آءٌ يقين
ڏيارڻ چاهيان ٿو ته:
آءٌ سازش جو قائل ناهيان ۽ نڪي منافقن وانگر زبان
تي هڪ، ته دل ۾ ٻي، رکندڙ آهيان. آءٌ اوهان کي هڪ
ڳالهه صاف ٻڌايان (جا مسٽر جويي کي آءٌ اڳ چئي چڪو
آهيان). ته پاڻ کي معصوم ۽ ٻين کي گنهگار سمجهڻ
پاڻهي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻو آهي.
اسلامي قدرن خلاف هلايل مهم هڪ حقيقت آهي، حالانڪ
اسان جو معاشرو ان لاءِ تيار ناهي. جي هڪ گروهه
انهيءَ مهم هلائڻ تي محڪم آهي ته ان جي خلاف جيڪو
آواز اُٿي ٿو اُن کي به صبر سان ٻڌجڻ گهرجي.
منهنجي سمجهه موجب هيءُ ادبي نفاق ناهي، بلڪ
نظرياتي اختلاف آهي جنهن کي مون جهڙو ننڍو ماڻهو
ڪيئن ٿو حل ڪري سگهي. البت افسوس ٿئي ٿو ته هن
نڌڻڪي خطي کان ٻيو ته ڪين ٿيو پر اسان جي ڪن فردن
موقعي جي نزاڪت کي به محسوس نه ڪيو ۽ هن اختلاف جو
جهنڊو بلندو ڪيو. اوهان وڌيڪ عاقل آهيو. جنهن
اداري ۾ انهيءَ قسم جون ڳالهيون هلن ٿيون، تن کي
غير جانبداريءَ سان صحيح صورتحال کان ۽ ان جي
نتيجن کان واقف ڪريو. اوهان ئي بهتري جي ڪا صورت
پيدا ڪري سگهو ٿا.
مخلص
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
قائم ٿيو آهي ۽ عهديدار چونڊجي چڪا آهن. اوهان جي
خط مان چيئرمن ۽ سيڪريٽري جا نالا معلوم ٿيا آهن،
منهنجي ملائڪن کي به خبر ڪانهي. البت هڪ ڳالهه جو
اوهان کي آءٌ يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته:
آءٌ سازش جو قائل ناهيان ۽ نڪي منافقن وانگر زبان
تي هڪ، ته دل ۾ ٻي، رکندڙ آهيان. آءٌ اوهان کي هڪ
ڳالهه صاف ٻڌايان (جا مسٽر جويي کي آءٌ اڳ چئي چڪو
آهيان). ته پاڻ کي معصوم ۽ ٻين کي گنهگار سمجهڻ
پاڻهي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻو آهي.
اسلامي قدرن خلاف هلايل مهم هڪ حقيقت آهي، حالانڪ
اسان جو معاشرو ان لاءِ تيار ناهي. جي هڪ گروهه
انهيءَ مهم هلائڻ تي محڪم آهي ته ان جي خلاف جيڪو
آواز اُٿي ٿو اُن کي به صبر سان ٻڌجڻ گهرجي.
منهنجي سمجهه موجب هيءُ ادبي نفاق ناهي، بلڪ
نظرياتي اختلاف آهي جنهن کي مون جهڙو ننڍو ماڻهو
ڪيئن ٿو حل ڪري سگهي. البت افسوس ٿئي ٿو ته هن
نڌڻڪي خطي کان ٻيو ته ڪين ٿيو پر اسان جي ڪن فردن
موقعي جي نزاڪت کي به محسوس نه ڪيو ۽ هن اختلاف جو
جهنڊو بلندو ڪيو. اوهان وڌيڪ عاقل آهيو. جنهن
اداري ۾ انهيءَ قسم جون ڳالهيون هلن ٿيون، تن کي
غير جانبداريءَ سان صحيح صورتحال کان ۽ ان جي
نتيجن کان واقف ڪريو. اوهان ئي بهتري جي ڪا صورت
پيدا ڪري سگهو ٿا.
مخلص
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ |