سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:13

مدد علي سنڌي

 

 

 

 

               ڪيئي سِج اُڀاريندڙ سنڌ جو جهونجهار شخص!

اسان جي گهر ۾ سنڌي ڪتاب ته گهڻا هوندا هئا، پر ننڍڙا ننڍڙا ڪتابچا، وري منهنجو وڏو ڀاءُ ممتاز علي قريشي آڻيندو هو، ان وقت هو گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندو هو، ۽ هن سان گڏ عبدالرحمان ڏيپلائي پڙهندو هو. اهي ڪتاب کيس عبدالرحمان ڏيپلائي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ادا وڏو پاڻ وڃي اسان جي گهر کان سڏ پنڌ تي موجود قرآن پريس مان وٺي ايندو هو. اهو ڏاڍو سڪون وارو دور هوندو هو. اسين اُلهندي ڪچي ۾ رهندا هئاسين. اسان جي گهرن کان پرڀرو، اُتر ۾ طارق اشرف جو گهر هوندو هو، اتان پرڀرو ليڊي ڊفرن اسپتال جي سامهون ڏيارام گدومل لائبريري ۽ ان جي ڀر ۾ ڊاڪٽر لکي مل جي اسپتال هوندي هئي. ڀرسان شاهي بلڊنگ تولارام اڃا به آهي، پر ان جي هيٺان ڏندن واري ڊاڪٽر ڪرپال جي اسپتال ۽ ڀر ۾ قرآن پريس هوندي هئي، (اڄ اتي نه اها اسپتال رهي آهي ۽ نه وري ڏيپلائي صاحب جي پريس).

امان مرحيات، ڊاڪٽر ڪرپال جي اسپتال ويندي هئي، آءٌ ننڍو هوندو هئس، اتي بيهي محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي پريس کي ڏسندو هئس، اُتي ڪم ڪندڙ ڪمپازيٽر پيا خانن مان اکر کڻندا اسٽيڪ ۾ وجهندا هئا، ڏيپلائي صاحب ڪڏهن پروف پيو پڙهندو هو، ڪڏهن وري ڪنهن سان ڪچهري پيو ڪندو هو، مون کي اهو ڏيک ڏاڍو وڻندو هو. ڏيپلائي صاحب جي قرآن پريس جو اهو سانتيڪو ماحول مون کي اڃا به وسريو نه آهي، قرآن پريس جيڪا سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ هئي. خبر ناهي ڪيترا سو ڪتاب اُتان ڇپجي نڪتا، جن سنڌ ۾ پير پرستي، رجعت پسندي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي، هزارين ذهن سجاڳ ڪيا ۽ روشني آندي ۽ وهم پرستيءَ جو خاتمو آندو.

ڏيپلائي صاحب صحافت به ڪئي، ڪهاڻيون به لکيون، ناول به لکيا، انسان جي انفرادي آزاديءَ لاءِ جنگ به ڪئي، جيل به ڪاٽيا، اداره انسانيت قائم ڪري ”انسان“ مخزن جاري ڪئي.
”عبرت“ ڪڍي، سنڌ ٽائمس جاري ڪئي ۽ آخري دم تائين قلم ذريعي جنگ ڪندو رهيو. اسان جي گهر ۾ ڏڪار ناٽڪ، نورِ توحيد، سيرت محمديؐ، جنگ آزادي رسالو شاهه عبداللطيف (ننڍي سائيز ۾) سانگهڙ ناول، گلستان حسن، (جنهن ۾ پهريون ڀيرو ننڍڙي هوندي، اسان حسن بن صباح جي بهشتي باغ جو ذڪر پڙهيو. (بعد ۾ اهو ڪتاب سرڪار ضبط ڪري ڇڏيو). ڏاهري رنگ محل، ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري، ماڻهو ۽ ڌرتي، 1857ع جي آزادي جي جنگ، غازي انور پاشا، وڏيري جي رات، مرشد جو ٻڪر، مينا بازار، انقلاب ايران وغيره وغيره هوندا هئا.

ڏيپلائي صاحب سچ پچ هڪ عجيب ڪرشماتي انسان هو، پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”آخر ۾ مون هي تماشو به ڏٺو ته جيڪي به شخص مذهبي فريب ڏين ٿا، سڀ درحقيقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سرمائيدارن، زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا آهن ۽ اهي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڄاڻي واڻي يا بيخبريءَ ۾ سندن انساني حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا!“

کيس انهيءَ روشن خيال، عقيدي جي ڪري سال 1958ع، 1961ع ۽ آخري ڀيرو 1975ع ۾ گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو، پر مون ڪڏهن به کيس نااُميد نه ڏٺو. زندگيءَ جي مشڪلاتن کي وڏي همت ۽ جفاڪشيءَ سان مڙس ٿي منهن ڏنائين، هن جي زندگيءَ جو بنيادي مقصد سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ هو، پاڻ آڪٽوبر 1957ع ۾ ڪنهن هنڌ لکي ٿو:

منهنجا پيارا سنڌي ڳالهائيندڙ ڀاءُ

آءٌ تو مان آهيان، تون منهنجو آهين

آءٌ جڏهن دنيا جي انسانن کي تو ۽ مون کان

گهڻو اڳتي وڌيل ڏسان ٿو

تڏهن مون کي ريس ٿي ٿئي ته ڇو نه تون ۽ آءٌ

ننڊ مان اُٿي

ڪر موڙي

انهن انسانن ڏي قدم وڌايون

جيڪي انهن پُرفضا باغ ڏي وڌي رهيا آهن.

جنهن هيٺان دلپسند، مٺي ۽ صاف پاڻي، کير، ماکي

دل کي راحت ڏيندڙ ۽ پاڪ شراين جون

نهرون وهي رهيون آهن

منهنجا سنڌي ڀاءُ

مون کي يقين آهي

تون ڪنهن به صورت

دنيا جي ٻين انسانن کان گهٽ ناهين

مون کي اها پڪ آهي سنڌ جي ٻني

نهايت ڀلي آهي

فقط صاف دماغ جوانن جي همٿ جي دير آهي

هو آباد ۽ شاداب ٿيندي، ويرم ئي ڪانه ڪندا.

هاڻ اوهين پاڻ سوچيو اڄ کان 57 ورهيه اڳ جڏهن سنڌ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ۾ قيد هئي، ان وقت اونداهي ماحول ۾ هن قسم جي ڳالهه ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، يا ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ڏُڪار جهڙو زبردست ناٽڪ لکي حڪمرانن تي تنقيد ڪرڻ، ڏيپلائي صاحب جهڙن انقلابي ۽ جهونجهار جو ئي ڪم هو.

هڪ ڀيري مون کي ٻڌايائين:

”يار مون جڏهن ڪتاب شايع ڪرڻ شروع ڪيا، ته اهو ڪم فقط 50 روپين ۾ ڪيو هئم، ۽ اهو به پنهنجو گهرو سامان وڪڻي اشاعت گهر قائم ڪيو هو.“

اها ڳالهه 1971ع جي آهي، مون آڪٽوبر 1970ع اڳتي قدم جو پهريون پرچو ڪڍيو هو. مون کي ياد آهي، مئي 1992ع جڏهن رسالي جو بيو پرچو ڪڍيو ته پاڻ مون سان مليو هو، ان مهل هو آفيس مان گهر ڏي ويندي اُلهندي ڪچي ۾ پير جهنڊي وارن جي ماڙي ويجهو مون کي ايندو ڏسي بيهي رهيو، چوڻ لڳو:

”يار ڏاڍو سٺو رسالو ڪڍيو اٿئي، اصل دل خوش ڪري ڇڏيئي.

ائين چئي پنهنجي کيسي مان 12 روپيا ڪڍي مون کي ڏنائين. چوڻ لڳو:

”اها تنهنجي خرچي به آهي ۽ ساليانو چندو به آهي. همت ٻڌي رسالو ڪڍندو رهجاءُ. اصل دل ننڍي نه ڪجانءِ!“

مان ان وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس، هو اسان ديوانن کي نه رڳو چڱيءَ ريت سڃاڻندو هو بلڪ اسان سان محبت به ڪندو هو ۽ اسان جي رهنمائي پڻ دل سان ڪندو هو.

سنڌ جو مشهور شاعر شيخ اياز، ڏيپلائي صاحب بابت لکيو آهي ته: ”ڏيپلائيءَ صاحب جو نالو ٻڌي مون کي چواين لاءِ جو نالو ياد ايندو آهي.“

واقعي ڏيپلائي صاحب، تاريخ ۽ قومن جي تقدير کي تبديل ڪندڙ ماڻهن مان هڪ شخص هو، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڏيپلائي صاحب جهڙا ماڻهو هاڻ ڇو نٿا نظر اچن؟ هي ماڻهو هئا، يا ڪنهن اهڙي جُڳ جا جندڙيءَ کي جيئاريندڙ ماڻهو هئا، جن وٽ هڪ آدرش هو، نظريو هو، زندگي کي گذارڻ جو ڍنگ ۽ دنيا کي بدلائڻ جو ارادو ۽ عمل هو؟ هي ماڻهو هئا، يا عجب هئا؟ ڏيپلائي صاحب مولانا غلام محمد گرامي، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ ابن حيات پنهور ۽ ڪيترا ٻيا انسان هنن وٽ جذبو هو، ارادو هو، سچائي هئي، (هاڻ ڏيئو کڻي هن اونداهه ۾ اهڙن ماڻهن کي جيڪر ڳولهجي، پر اهڙا ماڻهو هرگز هٿ نه ايندا!)

ڏيپلائي صاحب ۾ مون ارادي جي پختگي ۽ وڙهڻ جو جذبو آخري دم تائين ڏٺو، سندس وفات کان ڪجهه وقت اڳ مان سندس گهر ويندو هئس، ان وقت پاڻ بيماري سبب سمورا ڇپائيءَ جا ڪم ڇڏي، گهر ويهي رهيو هو، هڪ ڀيري مون کي ياد اهي، پاڻ چيائين:

”ادا انقلاب ايران کان پوءِ مان ڪيترا ڪتاب لکي سگهان ٿو، اڃان دل چوندي آهي ته پريس ۾ ويهي ڪتاب لکان ۽ ڪتاب ڇپرايان پر هاڻ اولاد اهو ڪم ڪرڻ نٿو ڏي، ۽ پئسا به نه اٿم، جو ويهي ڪتاب ڇپرايان!“

مان هن کي تعجب مان ڏسندو رهيس، هن ڄمار ۾ به ڏيپلائي صاحب جو جذبو جوان آهي، وقت هن جي ارادي ۽ دل جي سچائيءَ کي مات نه ڏيئي سگهيو آهي. ڏيپلائي صاحب جي قرآن پريس کي جڏهن 1972ع واري ٻولي کي فسادن ۾ ساڙيو ويو هو، ته اسين ڪجهه دوست وٽس هلي ويا هئاسين، ان مهل به هو کِلي ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ هن کي پنهنجي ٿيل نقصان تي تِر جيترو ڏک نه هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس ڪتاب، ڪاغذ، مشين، فرنيچر ۽ الهه تلهه پريس جو سڙي رک ٿي ويو هو، هڪ عجيب حيرت انگيز هن صاحب قلم جي املاڪ جو اينٽي ڪلائمڪس هو پر پوءِ هن وري پريس کي هلائڻ شروع ڪيو، ۽ ڪنهن به سرڪاري امداد ڏانهن نه نهاريو، اهوئي جوش، اهو جذبو، پوئتي مڙي نهارڻ جو هو سکيوئي ڪونه هو، اڳتي وڌڻ، هن جي زندگيءَ جو نصب العين هو،.

حقيقت ڪري ڏسجي ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جهڙن مڙس مٿيرن جي زندگيءَ تي جيترو به لکجي اهو گهٽ آهي، سندس ياد ۾ يادگار کڙي ڪجي ته به اها گهٽ آهي. ٻي ڪنهن قوم ۾ هجي ها ته سندس ياد ۾ رستن جا نالا رکيا وڃن ها. جنهن بلڊنگ ۾ سندس قرآن پريس هئي، اتي ڪائي تختي لکي هڻجي ها. پر ڇا ڪجي، اسين سنڌي آهيون، ۽ اسان کي پنهنجا محسن وسارڻ جي عجيب خوفناڪ عادت آهي، هڪ ڀيرو (سال 1998ع) ۾ مان صحافي دوستن سان گڏ جي دوري تي ويو هوس، اتي شهر ۾ داخل ٿيندي، مون کي محمد عثمان ڏيپلائي ياد آيو هو، پوءِ مون پنهنجي سفرنامي ”پاڻي ناهه پنڌ گهڻو“ ۾ ڏيپلائي صاحب کي ياد ڪيو هو، مون لکيو هو ته:

”سنڌ جو مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي به ڏيپلي جو رهاڪو هو، ٿر جي پس منظر ۾ سندس لکيل ڏڪار ناٽڪ شايع ٿيو، 1958ع جي ان دور ۾ سچ لکڻ وڏي جرئت جو ڪم هو ۽ ڏيپلي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي سچ لکڻ ايندو هو. اڄ ڏيپلي جي ڪنهن گهٽي يا چؤنڪ تي محمد عثمان ڏيپلائي جو نالو لکيل نظر نه ايندو، نه ڏيپلي وارن کان اهو ڪم پڳو آهي، ته هو پنهنجي شهر جي مکيه چؤنڪ کي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ياد سان منسوب ڪري ڇڏين، ٻي ڪنهن قوم ۾ اهڙو جرئتمند جهونجهار پيدا ٿئي ها، ته سندس ياد ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون قائم ٿي وڃن ها، سنڌ ۾ پير پرستيءَ خلاف جيڪڏهن ڪنهن عملي جهاد ڪيو اهو هو ڇڙو محمد عثمان ڏيپلائي هو جنهن سنڌ ۾ پنهنجي لکڻين وسيلي وڏي جاڳرتا پيدا ڪري ڇڏي، خدا شل جنت ۾ جايون ڏئيس، مون اهڙا بهادر انسان تمام گهٽ ڏٺا!“

ڏيپلائي صاحب سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون، مون کيس روح رهاڻ رسالي جي جشن ۾ به ٻڌو هو. بلڪ ڪنهن وقت جڏهن شيخ اياز فاران هوٽل ۾ اچي ترسندو هو، ته ڏيپلائي صاحب به اچي اتي نڪرندو هو، جڏهن اسان جي محفل شروع ٿيندي هئي ته پاڻ ڪجهه دير ۾ اُتان هليو ويندو هو. سندس دوستن ۾ سائين جي.ايم.سيد، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، شيخ علي محمد، قاضي فيض محمد، ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، غلام رباني آگرو، حميد سنڌي، مولانا غلام محمد گرامي، يوسف ٽالپر، پروانو ڀٽي، قاضي خادم، طارق اشرف، ڪامريڊ ابن حيات پنهور، ظفر حسن، ڊاڪٽر سليمان شيخ، مولا بخش چانڊيو، خان محمد پنهور، اقبال ترين، شوڪت حسين شورو، شمشيرالحيدري، نثار حسيني، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا وڏا سندس دوست هوندا هئا. ڄمار جو فرق وٽس به هوندو هو، هر وڏي ۾ وڏو يا ننڍي کان ننڍو ماڻهو وٽان عزت ماڻي موٽندو هو، مون کي ياد آهي ته آءٌ عبرت بلڊنگ ۾ سنڌ نيوز اخبار جو ايڊيٽر هوندو هئس. سندس حياتيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا، آءٌ ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويندو هئس، پر وڃڻ ۾ ناغو ايندو هو، ته ڪڏهن نثار حسيني ۽ وري ڪڏهن ظفر حسن يا عبدالغني درس نياپو ڏيندا هئا، ته ڏيپلائي صاحب پيو توهان کي ياد ڪري، ۽ پوءِ يڪدم شام جو آءٌ وٽس حاضري ڏيڻ ويندو هئس.

ڏيپلائي صاحب جو اهو گهر جنهن ۾ هن زندگيءَ جا گهڻا سال گذاريا ۽ اتي ئي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين، ڏاڍو سهڻو گهر هوندو هو، اچو ته هن گهر کي ڪجهه وقت ياد ڪريون....

حيدرآباد شهر ۾ موجوده ماڊل اسڪول ۽ اڳوڻي نوودياليه هاءِ اسڪول کان اوڀر واري پاسي ڏاڍا سهڻا قطار ۾ ٺهيل گهر آهن، اتي ٻه گهر مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار ايشور چندر جا هوندا هئا، اڃا به اوڀر ۾ اڳتي هلبو ته هڪ وڏي شاهي بلڊنگ آهي، ان ۾ 8، 9 گهر قطار ۾ ٺهيل آهن، ٽن پاسن کان ان ويڙهي جهڙي گهرن جي ڏاڪڻين سان در آهن، اتي ڪنهن وقت حيدرآباد جي مشهور شخص دادا ليکراج جي اوم منڊلي هوندي هئي، بابو مرحوم ڳالهه ڪندو هو ته دادا ليکراج جي اوم منڊلي پهريون، شاهي بازار، ريشم گهٽيءَ جي پڄاڻيءَ تي هڪ وڏي گهر ۾ هوندي هئي، بعد ۾ کيس اتان لڏايائون، اچي هن موجود گهر ۾ رهيو. چون ٿا ته دادا ليکراج هڪ سماج سڌارڪ پر سندس اثر ۾ گهڻو ڪري وڌوا بي سهارا عورتون اچي رهنديون هيون، ڪن ماڻهن جو وري چوڻ آهي ته دادا ليکراج جي اکين ۾ به راسپوتين وانگر ڪوئي جادو هوندو، بهرحال اصل خبر خدا کي انهن خوبصورت گهرن جا منهڙا ڏکڻ ڏي هوندا هئا، (بلڪ اڃا به آهن)، ڏيپلائي صاحب جي گهر ۾ هڪڙو وڏو آگن هوندو هو، شاهي ورانڊو هو، اندر ڪمرن ۾ قسمين قسمين جا ڪٻٽ آرسين وارا، دريون، در جعفري وارا، انيڪ هوندا هئا ورانڊن جي درن مٿان، سج جي ڪمانين جهڙا پاسا ۽ انهن ۾ رنگين شيشا هڪ عجب پيا ڏيندا هئا. ڏکڻ کان اولهه وڏا وڏا ڏا هوندا هئا. جن تان چڙهي ماڻهو اندر ويندو هو ۽ ڏکڻ کان گهر جو در هڪ ڪاريڊور ۾ کلندو هو.

هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو، ”ڏيپلائي صاحب اوهان جو گهر ڏاڍو طلسماتي گهر آهي.“

پاڻ کِلي چيو: ”خبر اٿئي ته هن گهر ۾ ورهاڱي کان اڳ دادا ليکراج رهندو هو!“

”واهه سائين واهه! هي ته گهر ڏاڍو تاريخي آهي!“ مون چيو هو:

”توکي خبر آهي ته دادا ليکراج جي؟“ هن چيو هو.“

”ها سائين اسين به اصل حيدرآباد جا آهيون بابا سائين اڪثر دادا ليکراج جو ذڪر ڪندو آهي، جو هن دادا ليکراج سان ڪيترا ڀيرا ملاقات ڪئي!“

”سو ادا هن گهر ۾ دادا ليکراج جي طلسم جو اثر اٿئي!“ پوءِ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

۽ مان هن جي گهر کي ڏسندو رهيس، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جو هڪ عظيم انسان، محترم محمد عثمان ڏيپلائي، زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيو هو، پر سندس دل جوان هئي، اکين ۾ مُرڪ هئي. زندگيءَ کي بدلائڻ جي تمنا هئي، سنڌ کي سکيو ۽ ستابو ڏسڻ جي خواهش هئي، نه صلي جي خواهش ۽ نه وري ڪنهن انعام جي ستائش ڄڻ جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي) پر مرڻ کان اڳ ۾ اهو چوڻ هو (سندس ڌي ثريا سوز چواڻي):

”اڄ نه سڀاڻي پر سنڌ هميشه سائي رهندي!، (تاريخي لفظ اهن).

گهڻو ڪري لطيف آباد کان حيدرآباد ايندي، ڪنٽومينٽ قبرستان وٽان لنگهندو آهيان ته قبرستان ڏانهن ڏسندي سندس ياد ۾ فاتح لاءِ هٿ کڄي ويندا آهن هن مقام ۾ ڏيپلائي صاحب، قاضي اڪبر، شيخ حفيظ، آپا ممتاز عباسي، ۽ انيڪ سڄڻ آرامي آهن.

سڄڻ ساوڻ مينهن جيئن، جهڻڪن پاسي جهوڪ،

ڏيندا پاهه پَٽن کي، منجهان مينهن موڪَ،

لس پيارين لوڪ، آگم ڪيو اکين سين.

انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ

 

 

 

 

 

 

قرآن مجيد جي جديد طرز تي اشاعت ۽ تبليغ

لاءِ  ڏيپلائي صاحب جون ڪيل خدمتون

ڪو به حق، سچ ۽ انصاف جو دعويدار، علمبردار ۽ حمايتي سڏائيندڙ انسان غير جانبدار ٿي نٿو سگهي ڇو ته جڏهن حق ۽ باطل جي جنگ  جاري هجي، ظالم هٿان مظلوم شڪار ٿيندا هجن، ڏاڍي جي لَٺِ کي ٻه مٿا هجن، اُتي ماٺ ڪري تماشو ڏسڻ کي منافقت چئبو آهي. اهڙي ماحول ۾ پاڻ کي غير جانبدار چئي ڪُنڊائتو ٿي ويهندڙ ڪيئن ٿو حق ۽ انصاف جو ساٿاري سڏائي سگهي. محمد عثمان ڏيپلائيؒ به جيئن ته سڄي ڄمار حق، سچ ۽ انصاف جو حُر رهيو، تنهنڪري هميشه ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف قلم جي نوڪ سان ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف جنگ جوٽيندو رهيو. جڏهن به ۽ جتان به کيس ظلم ۽ نا انصافيءَ کي جَهلُ ڏيڻ جي اميد نظر آئي ته انهيءَ ميدان ۾ سِرَ جو سانگو لاهي ڪاهي پيو ۽ مڪمل سچائيءَ سان انهيءَ واٽ جو پانڌيئڙو ٿي انسانن کي مذهب يا ٻين ڪوڙين ريتن رسمن جي نالي تي ڌَڪجڻ ۽ ڦُرجڻ کان بچائڻ لاءِ جاکوڙي ۽ اڳرو ڏسجڻ ۾ آيو.

محمد عثمان ڏيپلائيءَ ٿر جهڙي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل علائقي ۾ نهايت غربت واري ماحول ۾ جنم ورتو ۽ هوش سنڀالڻ تائين، آسپاس جي سموري آباديءَ کي جهالت، ظلم ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندي ڏٺو، ته سندس اندر ۾ انهيءَ ظلم جي خلاف آنڌ مانڌ پيدا ٿِي، جيڪا ڳالهه هن جي فطرت جي عين مطابق هئي. ڦوهه جوانيءَ کان اڳ ئي مذهبي ماڻهن جي صحبت ملڻ سبب اسلامي ڪتابن پڙهڻ جو موقعو مليس. اسلام ته آهي ئي ”دين فطرت“ تنهنڪري ڏيپلائي صاحب جهڙي سچي ماڻهوءَ کي اسلام جي سچائيءَ موهي وڌو. هن وڏو عرصو اسلامي تاريخي ناول، افسانا ۽ ڪهاڻيون لکي، انسانن کي مذهب جي نالي تي جهالت وارين ريتن رسمن کان پاند بچائڻ ۽ ظلم کان پاسو ڪرڻ جي ساڃاهه ڏني پر سندس دل ۾ جيئن ته قرآن پاڪ جي محبت راسخ هئي ۽ انسانيت لاءِ ظلم کان بچڻ جو اصل ذريعو هن قرآن پاڪ کي ئي پئي ڄاتو، تنهنڪري هن قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ڪرائي، سهڻي سٽاءَ سان ڇاپي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو ته جيئن هرهڪ ماڻهو پنهنجو پاڻ سنئون سڌو قرآن کي پڙهي ۽ سمجهي سگهي.

محمد عثمان ڏيپلائيؒ پاڻ به قرآن پاڪ جي چڱي موچاري ڄاڻ رکندو هو (جنهن جو ثبوت سندس ترتيب  ڏنل ڪتاب ”قرآني خزانو“ آهي)، پر تنهن هوندي به نهايت سمجهه ڀريو فيصلو ڪيائين جو وقت جي نهايت برک عالم حضرت مولانا مولوي قاضي عبدالرزاق معلم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۽ ٻين عالمن جو تعاون حاصل ڪيائين ته جيئن هند ۽ سنڌ جي مستند ۽ مشهور فارسي، اردو ۽ سنڌي ترجمن جي مدد سان سليس سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو تيار ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ خاص طور تي جن ڇهن عالمن جي ترجمن کي اوليت ڏني وئي اُهي آهن: 1- حضرت شاهه ولي اللهؒ 2- حضرت شاهه عبدالقادر ؒ 3- حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسنؒ  4- حضرت مولانا تاج محمود امروٽيؒ 5- حضرت مولانا ابوالڪلامؒ آزاد ۽ 6- حضرت مولانا ابوالا عليٰ مودوديؒ .

اها حقيقت آهي ته الله سائينءَ انسان کي جيڪي به نعمتون عطا ڪيون آهن، انهن سڀني ۾ وڏي ۾ وڏي نعمت ۽ احسان قرآن مجيد آهي. دنيا ۽ آخرت جون سموريون برڪتون ۽ ڀلايون الله ٻاجهاري قرآن ڪريم جي شڪل ۾ اسان جي جهوليءَ ۾ وڌيون آهن. قرآن پاڪ جي عظمت لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هي الله پاڪ جو ڪلام آهي ۽ انسانيت لاءِ نهايت اعليٰ رحمت ۽ عظيم تحفو آهي. سنڌ جي سر زمين تي اهو الله پاڪ جو احسان آهي ته حضرت محمد ﷺ پنهنجي پنجن اصحابينؓ کي هڪ خط ڏئي سنڌ جي رهاڪن ڏانهن موڪليو هو، انهن مان ٻه اصحابيؓ ڪجهه نوان مسلمان پاڻ سان نبي پاڪ ﷺ جن وٽ وٺي ويا. باقي ٽي اصحابيؓ سنڌ ۾ ئي رهي پيا ۽ اسلام جي تبليغ ڪندا رهيا. ان کان پوءِ محمد بن قاسمؒ سن 92 هجري بمطابق 712ع ۾، سنڌ کي فتح ڪيو ته پاڻ سان گڏ ڪيترائي قاري، حافظ، محدث، مبلغ، مفسر ۽ عالم به آندائين، جن جي فيض سان سنڌ ۾ ڪيئي عالم، محدث ۽ مفسر پيدا ٿيا جن سڄي عرب ۽ عجم ۾ دين اسلام جي روشني پکيڙي.

قرآن مجيد جو پهريون عجمي ٻوليءَ ۾ ترجمو به سنڌيءَ ۾ ٿيو، جيڪو هڪ عراقي عالم، جنهن کي سنڌ ۾ رهندي ڪافي سال ٿيا هئا ۽ کيس سنڌي ٻوليءَ جي تمام سٺي ڄاڻ حاصل هئي، راجا مهروق بن رائق جي چوڻ تي ڪيو جيڪو راجا روزانو بنا ناغي ٻڌندو هو.

اهڙيءَ طرح  قرآن ڪريم جو پهريون فارسي مڪمل ترجمو مخدوم لطف الله بن مخدوم نعمت الله المعروف مخدوم نوح رحمة الله (911- 998هه) ساڪن هالا ضلعو حيدرآباد (هاڻوڪو ضلع مٽياري) ڪيو جيڪو اڄ به صحيح سلامت موجود آهي*. اهو فارسي ترجمو شاهه ولي الله محدث دهلويؒ (1703-1762ع) کان ٻه سؤ سال اڳ ڪيو ويو. (5) نئين ۽ سڌاريل سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير مولوي عزيز الله متعلويءَؒ (مٽياريءَ واري) سن 1870ع ۾ ڪيو جيڪو اڄ به ڪتب خانه بيت الحڪمت سڪرنڊ ۾ جناب عبدالرحمان منگيو حفظہ الله وٽ محفوظ آهي (6) تنهن کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن پاران قرآن پاڪ جا مختلف نالن سان سنڌي ترجما ۽ تفسير (مڪمل ۽ ڪجهه حصا) ٿيندا رهيا، جن ۾ مولانا محمد صديقؒ جو ترجمو 1317هه ۾ ڇپيو، تفسير ڪوثر، تفسير تنوير الايمان ۽ مولانا تاج محمود امروٽيؒ جو (بنا عربي متن جي ۽ عربي متن وارو) ترجمو ياد رکڻ جوڳا آهن.

ڏيپلائي صاحب ؒ جو سولي سنڌي ترجمي سان ڇپايل قرآن مجيد جيڪو پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ سال 1949- 1950 ڌاري مارڪيٽ ۾ آيو(6). هن لحاظ کان اهميت رکي ٿو ته هن کان اڳ جيڪي به قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير ڇپبا هئا. اهي سڀئي ليٿو پريس تي ڇپيل هئا. محمد عثمان ڏيپلائيؒ مالي وسيلن جي کوٽ هوندي به وڏا ڪشالا ڪڍي سموري قرآن پاڪ جي عربي متن جا بلاڪ ٺهرايا ۽ هي پهريون مڪمل سنڌي ترجمي وارو قرآن پاڪ آهي جيڪو ليٿو بدران  بلاڪن ذريعي ليٽر پريس تي ڇپيو. هن کان اڳ مولوي عبدالخالق ڪنڊيارويؒ جو ”تفسير معارف القرآن“ نالي پهرين ٻن سيپارن جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير ”وقف ۽ مسجد سوسائٽي (رجسٽرڊ) حيدرآباد،“ پاران سن 1944ع ۽ 1948ع ۾ ڇپرايو ويو. (جيڪي راقم وٽ موجود آهن)، پر انهن ۾ سنڌي مواد ليٽر پريس تي ڇپيل هئڻ باوجود عربي متن ڪتابت ٿيل آهي.

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته پهريون ڀيرو هيءُ سنڌي مترجم قرآن شريف سن 50- 1949ع ۾ ڇپايو ويو. راقم وٽ موجود نسخي تي لکيل هديو ست رپيا اٺ آنا ۽ نهايت ٿورڙي ٽائٽل جي اکرن ۾ ڦيرڦار سان ٻئي نسخي جي ٽائٽل تي لکيل هديو ڏهه رپيا (هي نسخو راقم انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄام شورو جي ريسرچ لائبرريءَ ۾ ڏٺو) لکيل هجڻ مان نتيجو نڪري ٿو ته قرآن شريف ڇپجڻ شرط عام ۾ نهايت مقبول ٿيڻ تي ڏيپلائي صاحبؒ کي ٻئي ڇاپي آڻڻ جي تڪڙي گهرج پئجي وئي هوندي. ٻنهي پهرين ڇاپن تي ڪٿي به ڇپجڻ جي تاريخ يا مترجم جو نالو سن لکيل نه آهي. البت هن سنڌي مترجم قرآن شريف جي مُنڍ واري صفحي تي مٿي ڄاڻايل مدد ورتل قرآن مجيد جي مختلف ڇهن ترجمن ۾ مولانا مودوديؒ جو نالو به آهي جيڪو هن ”تفهيم القرآن“ جي نالي سان ترجمو ۽ تفسير 1942ع ۾ شروع ڪري 11 سيپمٽر 1949ع ۾ پورو ڪيو هو، جيڪا ڳالهه پڻ ڏيپلائي ؒ جي هن سنڌي مترجم قرآن شريف جي 50- 1949ع ۾ ڇپجڻ تي دليل آهي. ڏيپلائيؒ جي فرزند محترم محمد علي ڏيپلائيءَ جي بقول قرآن شريف جي هن سنڌي ترجمي ڇپائڻ کي بنياد بڻائي، ڏيپلائي صاحب جي خلاف سي- آءِ- ڊيءَ رپورٽ ڏني ته هو ڪميونسٽ آهي! انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به سنئين سڌي سادي مسلمان تي ڪميونسٽ جهڙو لقب ڪنهن وڏي گار کان گهٽ نه هو، تنهنڪري محمد عثمان ڏيپلائيءَؒ  کي به اهڙي رپورٽ تي  نه فقط صدمو رسيو پر کيس سخت مَٺيان پڻ لڳي جنهن جو هن ”سمرقند جو صوف“ نالي ناول لکي، اظهار ڪيو. جنهن ۾ ”اقرار نامي“ جي عنوان هيٺ پنهنجي اصلوڪن ارادن ۽ نيت کي قلم زد ڪيائين انهيءَ مان پڌرو ٿئي ٿو ته ڏيپلائيءَؒ جو مشن ۽ مقصد مسلمانن مان قبرپرستي، شرڪ ۽ اهڙيون ٻيون قبيح بدعتون ختم ڪري کين قرآن شريف جي صحيح تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ اسلام ۽ مسلمانيءَ جي نالي تي اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسڻ ۽ ساڻن ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ کي ٻنجو ڏيڻ هو ۽ هي به ته سليس ۽ سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جو ترجمو ڇپرائي عامةالناس کي قرآن جي صحيح تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي، جيڪو ڏيپلائي صاحب جي قرآن ۽ انسانن سان دلي محبت جو اڻ مٽ ثبوت آهي، جنهن لاءِ الله پاڪ کيس ضرور بَهرا ڏيندو ۽ هن دنيا ۾ به سندس نانءُ محترم ۽ معتبر رهندو.

ڏيپلائيءَؒ صاحب جي هن سنڌي مترجم قرآن شريف کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2001ع 2004ع ۽ 2013ع ۾ نئين سر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري ڇپرايو ويو آهي، جنهن ڪري اهو وري عام ماڻهن جي پهچ ۾ اچي ويو آهي. هن کان سواءِ دعوة اڪيڊمي اسلام آباد جي سنڌ ريجنل سينٽر ڪراچيءَ پاران 2006ع ۾ هن قرآن شريف جي ترجمي کي ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو جي نظر ثانيءَ کان پوءِ ڇپرايو ويو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جون تمام گهڻيون تبديليون ڪيون ويون آهن، تعارف ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نظرثانيءَ ۾ گهڻي ڦيرڦار کان پوءِ قرآن پريس حيدرآباد وارو ڇپرايل اصل ترجمو ڪافي مَٽجي ويو آهي.

قرآن شريف جو مروج سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو تيار ڪرائي، ان وقت جي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ يعني بلاڪن ذريعي اصلي عربي متن سميت سخت مالي وسيلن جي کوٽ هوندي سهڻي ۽ دلپذير انداز ۾ ڇپرائڻ محمد عثمان ڏيپلائيءَؒ جو بيشڪ هڪ عظيم ۽ تاريخي ڪارنامو آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي، ٿوري ليکبي.

ڏيپلائي صاحب اسلام ۽ قرآن پاڪ جي مطالعي کان پوءِ، اها ڳالهه ڀليءَ ريت سمجهي ورتي هئي ته انسانن کي امن، انصاف، آزادي ۽ سک جيڪڏهن ملي سگهي ٿو ته فقط الله ۽ سندس رسول پاڪ ﷺ جي تعليمات ۽ ٻڌايل دين وسيلي ئي ملي سگهي ٿو. جنهنڪري کيس اسلام جي محبت اندر ۾ گهر ڪري ويئي هئي. جنهن جو اظهار سندس تحريرن ۽ عمل مان پڌرو آهي، مثال طور پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس ذاتي پريس حيدرآباد ۾ اسٽيشن روڊ تي اُلهندي ڪچي ۾ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا (هاڻي حبيب بئنڪ) جي سامهون ”اسلاميه پرنٽنگ پريس“ جي نالي سان قائم ٿي.“ پريس جو نالو ”اسلاميه“ رکڻ مان ڏيپلائي صاحب جي اسلام سان محبت جو ثبوت آهي ۽ هن ڏس ۾ ڏيپلائي صاحب جڏهن پريس ۾ وڏي سائيز جي مشين لڳرائي ته انهيءَ لاءِ ٿري فيز بجليءَ جو ڪنيڪشن گهربل هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، پر جڏهن کين (حيدرآباد پاور هائوس) ٻڌايو ويو ته اهو هڪ ’اسلامي ادارو‘ آهي ۽ ٻين اسلامي ڪتابن کان سواءِ انهيءَ ۾ جديد قرآن شريف ڇپجڻ جو به پروگرام آهي، تڏهن گهربل سهولتن جو بندوبست ڪري ڏنائون. ڏيپلائي صاحب جو پنهنجي اداري کي ”اسلامي ادارو“ پريس تي قرآن پريس نالو ڏيڻ به دين اسلام سان سندس محبت جو ثبوت آهي.

مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي دين جي محبت سان سرشار هو، تنهنڪري هن پنهنجي قلم سان اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ جلدئي وڏي سائيز جي بامحاوره سنڌي ترجمي واري قرآن شريف جي ڇپائيءَ جا سانباها ٿيا. انهيءَ مقصد واسطي وڏي سيلنڊر واري مشين آندي وئي، جنهن جو نالو قرآن پريس رکيو ويو.

محمد عثمان ڏيپلائي پاران قرآن پاڪ جي ڇپائيءَ جو هڪ ٻيو اهم واقعو هتي بيان ڪرڻ به مهلائتو ٿيندو جيڪو سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي زباني هن ريت آهي ته:

”جڏهن ڏيپلائي مرحوم پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان پريس جو مالڪ ٿيو ۽ ڪتاب لکڻ، ڇاپڻ ۽ اخبار هلائڻ وارو ٿيو، تڏهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ٻين جي مدد ڪيائين. ان وقت مولوي حاجي احمد ملاح صاحب، ڪلام پاڪ جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، پر ڇپائيءَ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ڪري ڪنهن به سندس مدد ڪانه ڪئي. انهيءَ مشڪل ڪم ۾ ڏيپلائيءَ سندس مڪمل مدد دل کولي ڪئي. هن ڪلام پاڪ جي آيتن سان ڪتاب ۾ بيتن کي سهڻي سٽاءَ سان بيهاري، نموني طور هڪ سيپارو سهڻو ڪري ڇپايو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مولوي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون کي ملڻ آيو ته خاص انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيائين. ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي مسئلي حل ٿيڻ کان پوءِ مرحوم ارباب الهه جڙئي ٿر واري، مولوي صاحب جي بيتن واري معنيٰ سان سڄو ڪلام الله ڇپائي پڌرو ڪيو.“ (11)

ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائي (مرتب تاج جويو) ۾ محمد علي ڏيپلائيءَ جو مضمون ”ڏيپلائيءَ جا ڪتاب ڇو ضبط ٿيا؟“ کي پڙهڻ مان به اهو پڌرو ٿئي ٿو. انهن مان اڪثر ڪتاب ڏيپلائي صاحب دين جي خلاف هندن جي توهين آميز تحريرن يا دينِ اسلام ۾ غلط عقيدن ۽ نظرين جي ملاوٽ جي دفاع ۾، لکيا جيڪي وقت جي بااثر ماڻهن کي جڏهن نه وڻيا، ته انهن ڏنڊي جي زور تي، اهڙا سمورا ڪتاب ضبط ڪرائي ڇڏيا. جيڪا هلت پڻ ڏيپلائيءَ جي دين سان محبت کي ظاهر ڪري ٿي.

ڏيپلائيءَ جي ديني خدمتن ۾ سندس تحرير ڪيل ناول ’نورِ توحيد‘ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت پاڪ کي نهايت سهڻي، نئين اُسلوب ۽ دلنشين انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي انداز ۾ سيرت پاڪ بابت انهن ڏينهن ۾ ڪوبه ڪتاب نه لکيو ويو هو، بلڪ اڄ سوڌو نه لکجي سگهيو آهي. اهڙو هڪڙو ڪتاب ”رحمة اللعالمين ﷺ“ عربي مؤلف توفيق الحڪيم، جنهن جو اردو ترجمو ابوالڪلام آزاد ڪيو هو، انهيءَ جو سنڌي ترجمو مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽو ڪري تنظيم فڪر و نظر سکر طرسان سن 1982ع ۾ ڇپرايو ۽ وري ٻيو ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان سن 2001ع ۾ ڇپرايو ويو آهي.


* ہن جو سنڌي ترجمو مولانا سعيد احمد ڀٽو ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ  ڇپايو آهي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

 

 

 

 

ڏيپلائيءَ جون لوڪ ادب لاءِ ورتل ڪوششون

 

سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ ادب جي گهڻين ئي صنفن سان نينهن جو ناتو نڀائيندا آهن پر انهن مان تمام گهٽ اهڙا اديب ۽ ليکڪ آهن، جن هر صنف ۾ پاڻ مڃايو هُجي، انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن مان محمد عثمان ڏيپلائي به هڪ هو. ڏيپلائي صاحب هڪ تمام گهڻو متحرڪ اديب ۽ سماج سڌارڪ شخصيت جو مالڪ هو. هُن پنهنجو قلم ادب براءِ ادب لاءِ گهٽ، ادب براءِ زندگيءَ لاءِ وڌيڪ ڪم آندو. هُن جيڪڏهن ناول لکيا ته انهن جو مقصد به سنڌ ۾ سجاڳي ۽ خوشحالي آڻڻ هو، جيڪڏهن ڪهاڻيون لکيائين، ته انهن جو مرڪزي خيال به ساڳيو ۽ جيڪڏهن صحافت ڪيائين ته ان جو بنياد به سنڌي سماج ۾ تبديلي آڻڻ هو.

سندس زندگيءَ جو جائزو وٺبو ۽ لکڻين جو مطالعو ڪبو ته هُن سنڌي ماڻهن کي جاڳائڻ لاءِ تمام گهڻا جتن ڪيا، ڏک ڏٺا ۽ ڀوڳيو. هن شاعري، ڪالم، ايڊيٽوريل، ناول، ڪهاڻيون، تحقيقي مضمون، مقالا، ترجما وغيره سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هٿيار طور ڪتب آندا. سندس مذهبي رنگ ۾ رڱيل لکڻين جو محور به سماج ۾ سڌارو آڻڻ هو. هتي ڏيپلائي صاحب جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون بيان ڪجن ٿيون. پر سڀ کان اڳ ۾ سنڌي لوڪ ادب بابت ٿيل ڪم جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

سنڌي لوڪ ادب جي شروعات سنڌي ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ٿي هوندي پر اسان وٽ جيڪو لوڪ ادب سهيڙجي سگهيو آهي، ان جي ابتدا سومرن جي دؤر (1650ع کان 1350ع) کان ملي ٿي. لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي لاءِ جن اديبن، عالمن ۽ محققن ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سڀني کان وڌيڪ ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو آهي، جنهن اهو سمورو ڪم هڪ وڏي ٽيم ٺاهي ڪيو. پر لوڪ ادب تي جنهن عالم پي ايڇ.ڊي ڪئي، اهو سڳورو عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هو.

مولود شريف مذهبي صنف هجڻ سان گڏ لوڪ ادب ۾ به شامل ڪيو وڃي ٿو. مقيم جو ”مجموعه مولود“، جنهن جو ٽيون ڇاپو بمبئيءَ لاءِ 1882ع ۾ ڇپيو. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي حمزه علي ابڙي جو 1886ع ۾ لکيل هڪ قلمي نسخو، سيد حيدر علي شاهه ويٺل وڳڻ، (قنبر- شهدادڪوٽ) معرفت مليو. ان نسخي بابت سنديلو صاحب لکي ٿو ته:

”ان نسخي ۾ تر جي شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام سان گڏ سنڌ جي ٻين مشهور شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام، لوڪ ادب  جي هر صنف تي مواد شامل آهي. نسخو 1886ع ۾ لکيو ويو.“ (ڪتاب: ڪچهريءَ جا مور)

ان کان پوءِ ڪوڙي مل چندن مل کلڻاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي پهاڪا“ 1889ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ لوڪ ادب تي جيڪي ڪتاب ڇپيا، انهن ۾ هيٺيان ڪتاب به شامل آهن؛

1.   ڏهه سُرو، نور محمد، منشي پوڪرداس، شڪارپور 1892ع

2.  نَوَ سُرو، امام بخش، منشي پوڪرداس، شاڪرپور 1892ع

3.  ڏهه قصا، محمد، ڇاپيندڙ منشي پوڪرداس، شڪارپور 1892ع

4.  پنج معجزا گڏ، ڇپائيندڙ: شولداس، ٿانور داس، تاجر ڪتب، شڪارپور 1892ع

5.  سَت سُر، غلام نبي، ڇپائيندڙ: محمد يوسف ميمڻ، تاجر ڪتب، ڪراچي 1894ع

6.  دل جي وندر، مختلف سهگڙ، هريسنگ ڪتب فروش، سکر 1900ع

7.  سنڌي ڳجهارتون، ڪوڙو مل چندن مل، قيصريه پريس، حيدرآباد 1901ع

8.  لولي نامه، رمضان واڍو، هريسنگ ڪتب فروش، سکر (ٻيو ڇاپو) 1910ع

9.  مداحون ٻه گڏ، ميان سرفراز ۽ جُمن چارڻ، هريسنگ تاجر ڪتب فروش، سکر (ٽيون ڇاپو) 1911ع

10.             ٽوپي ۽ پڳ، خير شاهه، منشي پوڪرداس، شڪارپور، (ٻيو ڇاپو) 1912ع

11.              عجائب ڳجهارتون (هڪ ۽ ٻه) الهڏنو، شولداس پوڪرداس، شڪارپور 1914ع

12.             سڳنڌ، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي، ڇپائيندڙ: شفقت حسين شاهه موسوي 1950ع

13.             ٻيلاين جا ٻول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1951ع

14.             وينجهار، عبدالڪريم سنديلو، ڇپائيندڙ: عبدالڪريم سنديلو، لاڙڪاڻو 1951ع

15.             سنڌ جو سينگار، عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع

1956ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ٿر جي لوڪ گيتن تي ڪم ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو. اڻويهين صديءَ جي وچ کان 1956ع تائين لوڪ ادب تي جيڪو ڪم ٿيو، سو انفرادي طور ڪيو ويو. ان دؤر کي اسان انفرادي سهيڙ، تحقيق ۽ طباعت وارو دؤر چئي سگهون ٿا. 1955ع ۾ لوڪ ادب تي هڪ منظم ۽ گڏيل تحقيق ڪرڻ لاءِ لوڪ ادب اسڪيم شروع ڪرڻ جي رٿ ڏني وئي:

”سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين... پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا...ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.“ (ڳجهارتون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مهاڳ ص: 01)

لوڪ ادب رٿا ۾ ٿر جو لوڪ ادب خاص ڪري لوڪ گيت به شامل آهن.

”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڏهن سڄيءَ سنڌ مان لوڪ گيت ميڙيا ته حيرت جي ڳالهه آهي ته لوڪ گيتن جي (57) قسمن يا روايتن مان کيس (42) قسم ٿر مان مليا.“ (سنڌوءَ جا گيت. ص: 266)

ٿر جي لوڪ گيتن تي تحقيق ۽ سهيڙڻ وارن ابتدائي محققن ۾ ڏيپلائي صاحب جو شمار ٿئي ٿو. سندس اها تحقيق 1956ع واري مهراڻ 1، 3 ۽ 4 ۾ شايع ٿي. سندس پهرئين مقالي جو عنوان ”ٿر جا لوڪ گيت“ م.ع ڏيپلائي ۽ ٻئي جو عنوان ”پڻهاري“ آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ منگهارام اوجها به شامل آهي. اهڙيءَ ريت هُن ”اُڪير“ لوڪ گيت تي به لکيو آهي. سندس ان ڪم جي مڃتا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مهراڻ 2-1956ع ۾ پنهنجي لکيل مضمون ”ٿر ۽ مُهراڻي جا لوڪ گيت“ ۾ هن ريت ڪئي آهي ته:

”رسالي مهراڻ“ نمبر اول 1956ع ۾ محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ ”ٿر جا لوڪ گيت“ ڏنا آهن، جي نهايت ئي دلچسپ ۽ دلپذير آهن: اسان جي عوام جا اِهي ڳائڻ، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ادب جو هڪ قيمتي حصو آهن ۽ انهن کي سهيڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ (ص 32)

بلوچ صاحب جڏهن لوڪ ادب رٿا هيٺ لوڪ گيتن کي سهيڙيو ته ڏيپلائي صاحب جي ڪيل ڪم کي به ان ۾ شامل ڪيو ويو.

 ڏيپلائي صاحب ٿر جا جيڪي لوڪ گيت گڏ ڪيا، انهن ۾ ورسارو، ڏورو، ڪاڳڙو، وندل، ڍاٽيڙو، منڌيئڙو، جهالريو، پڻهاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڏيپلائي صاحب نه رڳو اهي لوڪ گيت گڏ ڪيا پر انهن جو پس منظر به لکيو. هن انهن گيتن سان لاڳاپيل روايتن ۽ واقعن کي به سَنواري قلمبند ڪيو. مثال لاءِ هيٺ ”ڍاٽيئڙو“ ڏجي ٿو، جيڪو ريڊيي پاڪستان تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ اڄ به نشر ٿيندو رهي ٿو:

ڍاٽيئڙو

سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذاريو،

رليءَ جي رولاڪي ماريو، ڙي،

ڍاٽيڙا!

هيلوڪو وري!

ٻيون تان پاڻياريون پاڻيءَ ٿيون ڀرين،

هڪڙي تان پاڻياري ڳوڙها ٿي ڳاري، ڙي،.....

پٽَ جي پاڻياري، ڍَٽَ جو ڍاٽيڙو،

الستي انگڙو وريو، ڙي.....

سايون تان ڪانئچون آءٌ سنڌين جون کانيان،

مون کي کٿيلو گوڏير وڻيو، ڙي.....

ڳاڙهيون تان کٽون آءٌ سنڌين جون کانيان،

مون کي واريءَ جو وڇاڻو وڻيو، ڙي.....

بگو تان ڍڳو، سو وڏيرن سندو،

موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي،

ڍاٽيڙو!

هيلوڪو وري!

ٿر جي اڪثر لوڪ گيتن جي اصلوڪي ٻولي ٿري/ ڍاٽڪي آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ترجمي جي ضرورت پئي ٿي. ڏيپلائي صاحب سمجهائڻ لاءِ اهڙن گيتن جو سنڌي ترجمو به ڏنو آهي.

نموني طور ”ورسارو“ گيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”وسڪارو“ يا ”سانوڻ“.

ڍاٽڪي

سنڌي ترجمو

واٽڙيان تان ورساريو

واٽن تي برسات

صاحبا!

پيارا!

مانڊيو

ٿي آهي،

مانجا مٺا!

منهنجا مٺا

تانجو ڏيسلو وٺو

تنهنجو ديسڙو وٺو آهي

تون ڏسڙي ماڻيو

تون پرديسڙي مان ڪمائي ڪري

گهران نان نچ آويجو

نچ گهر ڏي اچ؛

تانجي تان نالي تان گهوريس

تنهنجي تن نالي تان صدقي ٿيان

تون آوو ته

تون اچ ته

ورسارو

سانوڻ

ڀيڙو گهارسان

گڏجي گذاريون!

(هيءُ هڪ ڊگهو لوڪ گيت آهي، هتي نموني خاطر ان جو ٽڪرو ڏنو ويو آهي. )

محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ان کان سواءِ به لوڪ ادب جي خدمت ڪئي. هن پنهنجين اخبارن ۽ رسالن وسيلي لوڪ ادب، سگهڙن، لوڪ راڳين ۽ محققن جي پذيرائي ڪئي. سندس اخبارن ۽ رسالن ۾ روزاني عبرت، سنڌ، ٽائيمز، هفتيوار انسان ۽ ماهوار ساڻيهه شامل آهن. انهن تي تحقيق ڪري نه رڳو ڏيپلائي صاحب جي پورهئي کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. بلڪه هن وقت ڪيترن ئي گمنام سگهڙن ۽ ليکڪن جون تخليقون سامهون آڻي سگهجن ٿيون ۽ خاص طور تي لوڪ ادب جي حوالي سان خبرن ۽ واقعن کي سامهون آڻي تاريخ کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

هتي ڏيپلائي صاحب جي ان خدمت جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جنهن ۾ هُن لوڪ ادب رٿا کي ختم ڪرائڻ جي سازش ناڪام ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب رٿا جو ڪتاب ”مناظرا“ 1961ع ۾ ڇپرايو ته ان خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. ان حوالي سان محمد علي ڏيپلائي لکي ٿو ته:

”انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنل ڪجهه لفظن کي بنياد بڻائي ڪراچيءَ جي هڪ نامعلوم انگريزي اخبار ”سنڊي پوسٽ“ ذريعي انهيءَ سازش جي شروعات ڪئي ويئي. اخبار جو ايڊيٽر امين ترين غير سنڌي هو. سنڌي ادب ۽ خاص ڪري لوڪ ادب سان سندس شناسائي هجڻ جو سوال ئي ڪونه ٿي اُٿيو. تمام اڍنگي، بيهودي ۽ غير شائسته نموني، اٺين جولاءِ 1962ع واري پرچي سان ڊاڪٽر صاحب تي حملي جي شروعات ٿي. انگريزي زبان ۾ لکيل انهيءَ ”تنقيدي“ مضمون جو عنوان هو:

The Gutter Scholar from Sindh takes a dive into the stink pools of vulgarity.

 انهيءَ عنوان جو صحيح ترجمو ڪرڻ کان آءٌ قاصر آهيان، شايد قريب ترين ترجمو هن ريت ٿي سگهي:

”گندي ناليءَ جو سنڌي عالم، فحاشيءَ جي بدبودار دُٻي ۾ ٽٻي ٿو هڻي!“

اهڙو ڪم ظرفيءَ وار عنوان ڪنهن ڪريل کان ڪريل شخص جي قلم مان به نه نڪري. پوءِ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار جي ايڊيٽر کي ان ڏس ۾ قلم کڻڻ جي جرئت ۽ ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ انهيءَ جو جواب ابراهيم منشيءَ جي هن شعر مان شايد ملي سگهي:

”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾

ٿي واٽ  ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾!

(ڪارونجهر، ص: 40)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان سازش کي مُنهن ڏيڻ لاءِ دوستن ۽ انتظاميه کان مدد گهُري پر تمام ٿورڙن دوستن ۽ سنڌي اخبارن سندس مدد ڪئي، جن ۾ روزاني عبرت جو اهم ڪردار آهي، جنهن نه رڳو خبرون بلڪه مضمون ۽ ايڊيٽوريل به بلوچ صاحب جي حق ۾ لکيا. نيٺ مجبور ٿي بلوچ صاحب 23- جولاءِ 1962ع تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد وٽ امين ترين خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 ۽ 405 هيٺ ڪيس داخل ڪيو.

ڪورٽن جا پنهنجا طريقا آهن، پنهنجو موقف درست ۽ سچو ثابت ڪرڻ لاءِ هر ڌُر کي شاهدن، وڪيلن، دليلن ۽ رڪارڊ جي سخت ضرورت پئي ٿي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو ڪورٽ جو نالو ٻُڌي سچي شاهدي ڏيڻ کان به ڪيٻائيندا آهن ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ کين آڏيءَ پُڇا کي به مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. سو هر ڪو پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان صورتحال ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي به تمام گهڻي ڏکيائي ٿي.

ان ڏکئي وقت ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ سندس ساٿ ڏنو، هُو ڪورٽ ۾ وڃي پيش پيو، جنهن ڪري نه رڳو بلوچ صاحب کي فائدو پيو پر لوڪ ادب رٿا به محفوظ ٿي ويئي. بلوچ صاحب ڏيپلائي صاحب جي 19 هين ورسيءَ (2000ع) جي موقعي تي، ان ڳالهه جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”هن موقعي تي آءٌ مناسب سمجهان ٿو ته ڏيپلائي صاحب جو مون تي ڪيل هڪ احسان بابت ذڪر ڪريان جيڪو ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي پڻ سندس احسان آهي. آءٌ 1960ع ۽ کان 1970ع وارن سالن ۾ سنڌي ”لوڪ ادب“ بابت تحقيق، ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ ۾ مشغول هئس. ڪم وڏي ڪاميابيءَ سان ٿي رهيو هو ته هڪ وڏي روڪ سامهون آئي. ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار ”سنڊي پوسٽ“ لوڪ ادب جي هڪ تازي ڇپيل ڪتاب ”مناظرا“ تي بيجا تنقيد ڪئي, ته اُن ۾ گارين واري زبان استعمال ڪئي آهي ۽ ”ڪتاب اخلاقي اعتبار کان ڪريل آهي“. ان بعد اها ڪوشش شروع ٿي ته ڪراچيءَ جي ڪمشنر طرفان ڪتاب تي بندش وجهائي وڃي. مون اهو مناسب سمجهيو ته اخبار جي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ڪورٽ جي حوالي ٿئي ۽ ڪابه اختياري ڪتاب خلاف قدم کڻي نه سگهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان ڪتاب ڇپايو ويو هو. پر جڏهن بورڊ توڙي ٻي ڪنهن طرفان مدد جو خاطر خواهه آسرو نه آيو, تڏهن مون پنهنجي سر ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيس هلندي جج جي آڏو اها حقيقت رڪارڊ ڪرائڻي هئي ته ڪتاب ۾ استعمال ڪيل زبان ۽ اصطلاح عام سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن ۽ معيار کان ڪريل نه آهن. اخبار جي ايڊيٽر طرفان پير محمد چنا وڪيل هو، جنهن ڪورٽ ۾ مون تي وڏيون جُلهون پئي ڪيون. ويتر اهو معلوم ٿيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪي اُستاد ۽ ڪي ٻيا صاحب منهنجي خلاف ۽ ڪتاب خلاف ڪورٽ ۾ بيان ڏيڻ لاءِ سنبري رهيا آهن. اهڙي دليل شڪن ماحول ۾ ڏيپلائي صاحب اڳتي وڌيو ۽ دل و جان سان منهنجو ساٿ ڏنائين. هو ڪورٽ ۾ منهنجي طرفان شاهدي ڏيڻ آيو ۽ ”مناظرا“ ڪتاب جي ٻوليءَ ۾ ان ۾ آيل لفظن ۽ اصطلاحن جي خاطر خواهه وضاحت ڪري، ڪتاب کي معياري ثابت ڪيائين. ڪيس اٺ سال هليو، ۽ مون گهڻو ڪجهه سٺو! پر حالات بدليا ۽ ڪتاب تي بندش ڪانه پيئي. مون ڏيپلائي صاحب صاحب جو احسان ڪونه وساريو.“ (ڪارونجهر، ص: 46)

افسوس آهي ته هِن وقت ڏيپلائي صاحب جهڙڻ عالمن ۽ اڪابرن جي سخت اڻاٺ آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته، محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن بزرگ عالمن جي ڪيل ڪم کي نه رڳو نئين نسل تائين پهچايون پر انهن جي ڇڏيل ڪم کي به اڳتي وڌائڻ سان گڏ ڪي نوان رخ به سامهون آڻيون.

مددي ڪتاب:

1.                  ڳجهارتون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع

2.                 ڪچهريءَ جا مور، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ثقافت کاتو، سنڌ حڪومت 2013ع

3.                 ٽماهي مهراڻ، 1، 2، 3 ۽ 4/1956ع

4.                 سنڌوءَ جا گيت، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ثقافت کاتو، سنڌ حڪومت، 2008ع

5.                 لطيف ذهني چِٽا ڀيٽي، ڪمال ڄامڙو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي

6.                 مضمون، ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتاب ”مناظرا“ ۽ ان جي خلاف واويلا، محمد علي ڏيپلائي، تحقيقي جرنل ڪارونجهر، ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، شمارو 6 جون 2012ع، سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي.

ميرزا فياض علي بيگ

 

 

 

    ڏيپلائي ڏهيسر

 

مرحوم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جا پڇاڙڪا مهينا هجن، منهنجو دوست مدد علي سنڌي حڪومت جي عتاب هيٺ معتوب هئڻ سبب پنهنجي ئي گهر ۾ انڊر گرائونڊ هجي، آءٌ روزانه سندس گهر ملڻ لاءِ ويندو هوس. هڪ دفعي مدد مون کي چيو ته مولانا عبدالواحد آريسر، ميمڻ اسپتال وٽ گلشن هوٽل وٽان جيڪا گهٽي خيرشاهه جي پڙ ۾ ٿي وڃي، اتي هڪڙي مسجد آهي، ان ۾ رهي ٿو، تون ان وٽ وڃ ۽ ان کان ”ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾“ ڪتاب وٺي اچ، تن ڏينهن آءٌ پاجامون ۽ چولو پائيندو هوس ۽ ڪلين شيو هوندو هوس. آءٌ شام جو آريسر وٽ مسجد ۾ ويس، مسجد جي حجري جو دروازو کڙڪايم ته دروازو کولي هڪ همراهه جيڪو بدن جو هلڪو، ننڍي ڏاڙهي سو ٻاهر نڪتو، مون کيس کيڪاري چيو ته مون کي مولانا عبدالواحد سان ملڻو آهي، جنهن تي هن چيو ته آءٌ آهيان چؤ. مون کيس چيو ته مدد صاحب ”ههڙا هاڃا ٿين“ ڪتاب گهريو آهي، سو اوهان کان وٺڻ آيو آهيان، هو مون کي حيرت سان ڏسڻ لڳو ۽ اندر اچڻ لاءِ چيائين. آءٌ اندر ويس ته وري به هن مون کي ٻيهر ڏٺو. اتي مون اندازو لڳايو ته هن مون کي ڪلين شيو ۽ پاجامي چولي ۾ ملبوس ڏسي، هندو ديوان سمجهيو آهي جو اهڙو تاثر مون هن جي چهري مان ڀانپي ورتو. آريسر نه مون کان نالو پڇيو، نه اتو پتو پڇيو، ماٺ ميٺ ۾ ڪتاب مون کي ڏنو ته اچانڪ منهنجي نظر ميز تي رکيل ڪتاب تي پئي، جنهن کي هن لڪائڻ پئي چاهيو، مون کيس چيو ته مولانا صاحب ڪتاب نه لڪايو، مون کي به ڏيکاريو ته چيائين هيءُ ڪتاب ڏيڻ جهڙو نه آهي، ان ڪري نه ڏيندس، جنهن تي کيس چيم ته فقط ڪتاب ڏيکاريو، آءٌ کڻندس ڪونه، جنهن تي هن ڪتاب مون کي ڏنو. ڪتاب جو نالو ”شيخ المشائخ“ هو جيڪو محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل هو.

آريسر سان ٻي ملاقات اردو بورڊ جي آفيس ۾ نياز همايوني وٽ ٿي، آءٌ وٽس ويٺو هوس جتي آريسر آيو ۽ اسان ٻنهي سان مليو ۽ آءٌ اخبار پڙهڻ واري ڪمري ۾ اچي اخبارون پڙهڻ لڳس، جتان وري موٽي نياز صاحب جي ڪمري ۾ آيس، جتي آريسر ويٺو هو، نياز مون کي کلندي چيو ته ميرزا صاحب، آريسر اوهان کي ديوان سمجهي ويٺو آهي، مون اوهان بابت کيس ٻڌايو آهي، اتي مون هن کان پڇيو ته اوهان اهو ڪيئن سمجهيو، جنهن تي چيائين ته پاجامون چولو ۽ مٿان وري ڪلين شيو سو مون ديوان سمجهيو. ان ملاقات کان پوءِ آريسر سان چند ملاقاتون ٿيون، ٻي نياز صاحب وٽ ۽ اسان واري گاڏي کاتي واري آفيس ۾، ٽيون دفعو اڄ 43 سالن کان به مٿي عرصو گذري چڪو آهي جو اسين پاڻ ۾ ڪونه مليا آهيون، باقي سندس جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا سي خريد ڪري پڙهندو آهيان.

هاڻي آءٌ پنهنجي اصل مقصد تي اچان ٿو، آءٌ آريسر کان موڪلائي سڌو ڏيپلائي صاحب واري پريس ۾ آيس. پاڻ ان وقت پريس ۾ موجود هو. ساڻس اڳيئي واقفيت هُئي سو کانئس ڪتاب گهريم ته چيائين ان ڪتاب تي حڪومت طرفان بندش وڌي وئي آهي تاهم اوهان جو شوق ڏسي اوهان کي ڪتاب ڏيان ٿو. ايئن چئي پاڻ ڪتاب جي هڪ ڪاپي مون کي ڏني. مون ڪتاب ج قيمت ڏسي کين پئسا ڏيڻ چاهيان ته يڪدم چيائين ته اوهان کان وري ڪهڙا پئسا وٺان. ڪتاب کڻي وڃو ۽ وڃي پڙهو، مون اتي ئي ڪتاب هڪ اخبار ۾ ويڙهي قابو ڪيو ۽ پوءِ گهر جو رخ ڪيم. عجب اتفاق هو جو انهيءَ ڏينهن اسان جي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊي آغا وارو، ۾ علم پاڪ چڙهڻو هو جو محرم جي چنڊ جي رات هجي ۽ امام بارگاهه ۾ مجلس به هجي، ان ۾ شريڪ ٿيڻو هجي سو گهر اچي ڪتاب الماري ۾ رکي سڌو امام بارگاهه ۾ آيس. علم پاڪ خير سان چڙهيو ۽ رات جو مجلس به ٿي، ان ۾ شريڪ ٿيس ۽ پوءِ جڏهن گهر موٽيس ته ڪتاب پڙهڻ کي لڳي ويس، اڌ ڪلاڪ کن ۾ سڄو ڪتاب پڙهي ويس. ان ڪتاب ايڏو لطف ڏنو جو وري ٻي ڏينهن اهو ڪتاب نانا ميرزا علي محمد جي آفيس گاڏي کاتي واري ۾ پڙهيم. نانا مرحوم مون کان اهو ڪتاب وٺي پڙهيو ۽ چيائين ته ڏيپلائي سان سال 1939ع کان منهنجي سڃاڻپ واقفيت عليڪ سليڪ آهي، هن جا ڪتاب مون پڙهيا آهن. هيءُ هميشه قلم کان نشتر جو ڪم وٺندو آهي. هن ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ چند ڳالهيون ٻڌايون جي اڳتي هلي ٻڌائيندس، في الحال مٿئين ڪتاب بابت مڪمل احوال لکندس.

جي. ايم. سيد هڪ ڪتاب ” جيئن ڏٺو آهه مون“ نالي لکيو جو مون ان وقت پڙهيو. ان سان گڏ ”من ويزدان“ نگار جو خدا نمبر وغيره به پڙهيل هيم، جنهن ڪري ”جيئن ڏٺو آهه مون“ پڙهڻ سان اسلام خطري ۾ نظر ڪونه آيم. انهيءَ ڪتاب جو جواب پير محمد ابراهيم جان سرهندي ”سنڌ سونهاري“ نالي لکي ڇپايو. انهيءَ ڪتاب جي پهرين پهرين ڪاپي مون کي منهنجي استاد معظم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ڏني، تڏهن اهو ڪتاب ان ڪتاب جي هڪ اڌ حصي ڏاڍو مزو ڏنو، اهو ئي دور هجي آءٌ حسب دستور گاڏي کاتي واري آفيس ۾ويٺو هوس ته هڪ هٿ گاڏيءَ وارو ڪتاب کڻي اچي لنگهيو، مون ڪتاب ڏسي يڪدم ريڙهي واري کي سڏ ڪري بيهڻ لاءِ چيم، هو بيهي رهيو، آءٌ يڪدم وٽس آيس ۽ ڪتاب ڏسڻ لڳس ته سڀ جا سڀ سنڌ سونهاري جا جلد هئا جي اٽڪل ٻه اڍائي سئو هئا. جيئن ته ريڙهي واري کي مون سڏي بيهاريو ته هاڻي مناسب هو ته هڪ اڌ ڪتاب خريد ڪريان سو ڪتاب جي هڪ ڪاپي کنيم ۽ کانئس قيمت پڇيم ته چيائين: ’ايڪ رپيا ديدو‘. مون کيس هڪ رپيو ڏنو ۽ ڪتاب وٺي موٽي آفيس ۾ آيس ۽ اتان نياز همايوني وٽ ويس ۽ کيس ڪتابن جي باري ۾ ٻڌايم ته پاڻ ٻڌايائين ته پير صاحب طرفان جلدي جلدي ڪتاب نيڪال ڪرڻ جا افواهه ٻڌا اٿم وڌيڪ خدا کي خبر.

مون ٻئي ڪتاب پڙهيا، پير صاحب اجائي ڊيگهه ڪئي ۽ ڏيپلائي مختصر پر جامع جواب ڏنو، جنهن انداز ۾ پير صاحب اهو ڪتاب لکيو، ان ساڳئي نهج تي ڏيپلائي جوابي ڪتاب لکي ڇپايو.

سال 62-1961ع  کان سال ٻه اڳي ۽ پوءِ چاچا مراد علي ميرزا ۽ چاچا ميرزا صادق علي کان اداره آواز ادب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل ڪتاب، اسان کي پڙهڻ لاءِ مليا جي مون ان دور ۾ پڙهيا. بابا مرحوم منهنجو ڪتابن پڙهڻ سان شوق ڏسي، محمد عثمان ڏيپلائي جا ڪي لکيل ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا جن مان جپاني گڏي، سنگدل شهزادي، شيوا جي شيش محل، ڏاهري رنگ محل وغيره ڏاڍا مزيدار لڳم، ائين ڏيپلائي صاحب جو نالو پڙهيم، نه اڳ ڏٺل هو، نه ساڻس ڪڏهن مليو هوس، نه روبرو ملاقات ٿيل هئي توڙي جو ان کي گاڏي کاتي ۾ ايندي ويندي اوير سوير ڏسندو هوس.

سال 1966ع ۾ ڏيپلائي صاحب نانا ميرزا علي محمد جي آفيس ۾ آيو ۽ هي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا جي آءٌ غور سان ٻڌان به پيو ۽ بار بار هن کي ڏسان به پيو. ان وچ ۾ نانا مرحوم مون کي چيو ته ابا ڏيپلائي صاحب لاءِ چانهه بسڪيٽ وٺي اچ. تڏهن مون کي پتو پيو ته ڏيپلائي صاحب اهو آهي. آءٌ چانهه بسڪيٽ وٺي آيس ۽ پنهنجن هٿن سان چانهه جو ڪوپ ڏيپلائي صاحب کي ڏيندي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيم ۽ پوءِ مون همت ڪري ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيم، ڳالهين ڳالهين ۾ وٽانئس معلوم ٿيو ته منهنجو والد ميرزا حامد علي به سندس دوست آهي. ڏيپلائي صاحب جي ان پهرين ملاقات مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو بلڪه ائين چوان ته جيترو سندس ڪتابن مون کي متاثر ڪيو ايترو سندس شخصيت، اخلاق انداز گفتگو متاثر ڪيو، ائين ڏيپلائي صاحب سان ملاقات ڪرڻ بعد بابا مرحوم کان پڇيم جنهن ٻڌايو ته سال 1941ع کان منهنجي هن سان دوستي آهي. هن جا ڪيترا ڇپيل ڪتاب مون ان وقت خريد ڪيا جي مون وٽ آهن، پوءِ مون بابا کان اهي سڀ ڪتاب ورتا ۽ شوق سان پڙهيا جي اڄ به مون وٽ موجود آهن جي اڳ ته مون پاڻ خود پنهنجي ساهه سان سانڍيا سي هاڻي منهنجو لخت جگر دبير ميرزا ساهه سان سانڍيندو اچي.

مون ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب 62-1961ع کان پڙهيا ۽ مسلسل پڙهندو رهيس، هن جي ڪتابن ۾ مزاح جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو، وٽس لکڻ جو انداز به آهي ۽ ٻوليءَ ۾ مٺاس سان گڏ نمڪينيات به شامل آهي. هن مختلف عنوانن سان افسانا، آکاڻيون، ڊراما، ناول وغيره لکيا آهن جن کي پڙهندي آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جيئن ڪو ماڻهو بهترين لذيذ کاڌن جو شوقين مختلف لذيذ طعامن جو مزو وٺي، بلڪل ائين ئي ڏيپلائي صاحب، مختلف عنوانن سان مزاحيه انداز ۾ ڪتاب لکي، پاڻ مزا ماڻي لطف اندوز ٿيندي پڙهندڙن کي به وندرائي، ان طريقي سنڌي ادب جي دامن ۾ بي بها لعل و جواهر ڀريندو رهيو.

ڏيپلائي جنهن وقت قلم کنيو ۽ صحافت جي صحن ۾ پير پاتو، ان وقت سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ هندو- مسلم فساد ٿيا. منزل گاهه واري واگذاري، نٿو رام جو قتل، غازي عبدالقيوم جي شهادت، حر تحريڪ ۽ سنڌ ۾ مارشل لا جي مار مارا، ان سان گڏ مسلمانن جي سر تي انتهاپسنديءَ جو ڀوت سوار هو ته هندن جي مٿن تي ڌرمي جن چڙهيل هو. اهڙي حالات ۾ وقت جي پيش نظر، ڏيپلائي اسلامي قلم کڻي هندن جي ڪڍ پئجي ويو، ڏاهري رنگ محل کان شروع ڪري وڃي سٿيارت پرڪاش تي ڇيهه ڪيائين، هندن جي ڌرمي وکن پڌرن ڪرڻ ۾ ذرو ڪسر نه ڇڏيائين. مسلم ليگ سڄي سنڌ ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪري چڪي هئي. اهي ابتدائي سال هن هندن جي هندن جي ڌرم جي هندن جي ريتن رسمن جي چڱي سڌ سماچار لڌي. ڏيپلائي هندن مان هٿ ڪڍيا ته هاڻي اچي مرشدن، مريدن، ملن ۽ مولوين تي مٽيو، جن جا مٽ ئي اونڌا ڪري ڇڏيائين، جڏهن مرشدن وارو ملاکڙو ختم ٿيو ته وري اچي پيرن تي پلٽيو، انهن کي اهڙا پلٽا هنيائين جو انهن جا پلاند ئي پسي ويا. وري اچي ڪامورن ڪڙن تي ڪڙڪيو ته انهن جا به ڪليجه ڪڙا ڪري ڇڏيائين وري اچي زميندارن تي زر ٿيو جن کي ته ذري گهٽ زاري ڪرائي ڇڏيائين، هاڻي اچي شيعن تي شيڪريو، اڳيان ميوه خان جهڙو ڪٽ مست ۽ غلام حيدر شاهه جهڙو مرد قلندر منهن پئجي ويس، هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته ڏيپلائي جي ڪتابن، ڪن جا ٽين کڙڪائي ڇڏيا. ڪن جا لابارا لاهي ڇڏيا ڪن جا لاهه پٽي ڇڏيا، ته ڪن جا ڪنا ئي اونڌا ڪري ڇڏيا. ڪن جا ته وري ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا.

ڏيپلائي صاحب سال 1934ع کان قرآني آيات جي سنڌي ترجمي سان پنهنجي لکڻ جي ابتدا ڪئي. بس ائين قرآن پاڪ جي برڪت سان هن اسلامي دارالاشاعت نالي هڪ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ۽ هاڻي قلم کڻي دمادم مست قلندر چئي، ميدان صحافت ايوان ادب ۾ ڪاهي پيو ۽ اسلام جو جهنڊو کڻي ڪلهي تي رکيائين. جماعت اسلامي جو بيج هڻي نروار ٿيو. تن ڏينهن ۾ حضرت مولانا ابو اعليٰ مودودي صاحب جو نالو ۽ سندس تحريرون هن جي سيني ۾ سمائجي ويون ۽ هي به الله توهار ڪري جماعت اسلامي ۾ شامل ٿي ويو ۽ قلم سان زبان سان ان جماعت جي پرچار ڪرڻ خاطر مودودي مرحوم جون تحريرون اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ شروع ڪيون.

سلطان هوٽل گاڏي کاتي واري جي ڀرسان ڏنل شاهه جي مسجد جوڙايل آهي جا هاڻ ماشاءَ الله اورنگزيب جي نالي پئي سڏجي، انهيءَ مسجد ۾ چار دڪان هئا. سلطان هوٽل جي لڳوڳ محمد شريف جو حجامڪو دڪان پوءِ مسجد جو دروازو ۽ دروازي لڳ جيڪو دڪان هو، ان ۾ پوهومل جاين جو دلال ويٺل هو، ان جي ڀرسان ميرزا علي محمد اسٽامپ وينڊري پٽيشن رائيٽري جي آفيس هئي، ان جي ڀرسان نولراءِ واسواڻي جي درخواستن لکڻ جي آفيس هوندي هئي. ڏيپلائي صاحب 1939ع کان وقت به وقت ميرزا علي محمد وٽ آفيس ۾ اچي ڪچهري ڪندو هو. هن کي اهڙي جاءِ جي ضرورت هئي جتي هي جماعت اسلامي جو دفتر کولي. اهڙو ذڪر هن ڪيترا دفعه ميرزا علي محمد سان به ڪيو، ان وچ ۾ پاڪستان ٿيو، پوهومل هندستان هليو ويو، اهو دڪان پوءِ ميرزا علي محمد، زوار عنايت علي مرراڻي کي چئي، ڏيپلائي صاحب کي ڏياريو. جيئن ته اها مسجد وقف پراپرٽي هئي ۽ تن ڏينهن ۾ وقف ڊسٽرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد جي سنڀال ۾ هو ۽ عنايت علي خان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو ۽ حاجي غلام حسين پاٽولي ڪورٽ طرفان مسواڙون وٺندو هو، ان ڏيپلائي صاحب کان مسواڙ وٺي دڪان ان جي نالي الاٽ ڪيو. ڏيپلائي صاحب ان دڪان ۾ جماعت اسلامي جو دفتر کوليو.

سيد وصي مظهر ندوي جي وابستگي به جماعت اسلامي سان هئي ۽ هي تن ڏينهن دوران ”چٽان“ اخبار ڪڍندو هو ۽ وقت به وقت ميرزا علي محمد سان مذهبي بحث ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ ندوي صاحب جي ڏيپلائي صاحب سان گهري سنگت هوندي هئي، جنهن ڪري گهڻو وقت اتي اچي ويهندو هو. چند سالن گذرڻ کان پوءِ هڪ مظاهر حسين مهاجر جو ڪڏهن پاڻ کي شيعو سڏائيندو هو ته ڪڏهن سني چوائيندو هو ۽ ڏيپلائي صاحب اڳيان پاڻ کي جماعت اسلامي جو ٻڌائي، ان کان ان دڪان ۾ ويهڻ جي اجازت ورتي، جنهن انساني همدردي جي ناتي کيس ان دڪان ۾ ويهڻ ڏنو ۽ هي اتي ٽائيپ رائيٽر رکي ويٺو، ان وري پاڻ سان گڏ عابد مهاجر کي آندو جيڪو جماعت اسلامي جو رڪن هو، ترت ئي هنن گڏجي ان دڪان مان ڏيپلائي جا ٽپڙ کڻائي پاڻ قابض ٿي ويهي رهيا، پوءِ جڏهن ايوب خان وارو مارشل لا لڳو تڏهن اهو دڪان سيل ٿيو، جنهن جي مون کي بالڪل چٽي يادگيري آهي، هڪ پوليس وارو دڪان جي اڳيان ڪرسي تي ويٺو هوندو هو، پوءِ جڏهن اهو معاملو ختم ٿيو ۽ سيل ٽٽي تڏهن عابد ان دڪان ۾ اسلامي ڪتاب رکي ڪتابن جو دڪان کوليو.

وقت گذرندي اها جماعت کيس نه آئڙي، ڪي چڱا آثار به نظر نه اچڻ لڳا، پوءِ تنگ نظري يا ٻي ڪنهن سبب هن جي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ پاڻ متل ميڙو يار پرتو ڇڏي، ان جماعت کي خيرآباد چئي الڳ ٿي ويو.

ڏيپلائي اسلاميه دارالاشاعت نالي سان اشاعتي سلسلو شروع ڪيو. هن 1934ع کان لکڻ ۽ ڇپائڻ جو سلسلو جاري ڪيو. هن ڪيترائي ڪتاب به پاڻ خود لکيا ۽ پاڻ ئي ڇپايا. وري عبرت نالي سان اشاعتي سلسلو شروع ڪيائين، اول ڪتابي پوءِ ماهوار پوءِ هفتيوار ۽ ڪجهه وقت روزانه عبرت جاري ڪيائين. قاضي برادران قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد اها عبرت اخبار ڏيپلائي کان خريد ڪري ورتي.

ڏيپلائي صاحب کي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ جو چوس پئجي چڪي هئي سو کيس ڪٿان ٿي ماٺ اچي سو وري ساڳئي ڪرت کي لڳي ويو ۽ انسان نالي سان ڇپائي ۽ لکائي جو سلسلو شروع ڪيائين جيڪو سالن جا ڪاميابي سان هلندو هليو. وري ساڻيهه ڊائجسٽ شايع ڪيائين، جنهن جا منهنجي خيال ۾ ٻه يا ٽي پرچا شايع ٿيا. ڪجهه وقت هن روزانه سنڌ ٽائمس اخبار به شايع ڪئي جنهن ۾ منهنجا ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ ميرزا فتح علي بيگ جا شعر شايع ڪيائين ۽ ضياءَ الله غلام علي مرحوم جون چند يادگيريون به مون کين ڏنيون جي هن شايع ڪيون.

اشاعت جي سلسلي ۾ هي تجربيڪار هئڻ سان گڏوگڏ وڏو زمانه شناس وقت ۽ حالات حاضره ۽ آئينده حالات جي بهتر پرک رکندڙ هوندو هو. ڏيپلائي صاحب پاڻ ته وڏن وڏن ناليوارن نام ڪٺين ليکڪن، اديبن، صحافين جا صفِ اول ۾ مڃيل رهيو آهي، پر هن وڏي محنت ڪري سنڌي اديبن جي وڏي کيپ تيار ڪئي. نون سيکڙاٽ اديبن صحافين لاءِ پاڻ معلم ۽ سندس پريس درسگاهه هئي، جنهن جا دروازا هن هر اديب لاءِ کولي ڇڏيا. سال 1947ع کان پوءِ ڪو به اهڙو اديب شاعر صحافي بلڪه سياستدان، قومي ڪارڪن مون کي ڪونه سجهي جنهن جو ڏيپلائي سان مُکا ميلو نه ٿيو هجي ۽ ان جي پريس مان پاڻي نه پيتو هجي، هيءُ هر لکڻ واري جي دل سان رهنمائي ڪندو هو. ان کي لکڻ لاءِ همٿائيندو هو، پوءِ ڪن کي ته چانهه ڪوپ تي راضي ڪري، انهن کان ڪجهه نه ڪجهه لکائي، انهن جي ئي نالي شايع ڪندو هو.

سنڌي ادب ۾ نوان موڙ اچي چُڪا هئا ڪميونسٽ تحريڪ سنڌي ادب سنڌي اديبن تي اثر انداز ٿي چڪي هئي، سنڌي ادبي سنگت به قائم ٿي چڪي هئي، نئون لٽريچر به سنڌ ۾ اچي، چڱي جاءِ والاري سنڌي اديبن جي سيني ۾ سمائجي چڪو هو، سنڌي ادبي سنگت به تڪڙا قدم وڌائي وڏي منزل تائين پهچي چڪي هئي. جوان نوجوان، اڌڙوٽ، عمر رسيده بزرگ اديب شاعر صحافي بلڪه مولانا، مولوي سنڌي به ادبي سنگت ۾ اچي چڪا هئا، ڏيپلائي ان جو اهم رڪن بلڪه مدارالمهام بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت ۾ افسانا، شعر وغيره پڙهيا ويندا هئا، هر لکندڙ جي تحرير تي نيڪ نيتيءَ سان اصلاحي تنقيد ٿيندي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڏيپلائي صاحب ٿورو گهڻو تنقيد کان ونئون ويندو هو جا سندس حلقهء احباب کي خبر هئي، پوءِ وقتي مزي خاطر ڪي سندس همعصر، همعمر اديب سندس تحرير تي اجائي سجائي تنقيد ڪندا هئا جنهن تي ڏيپلائي صاحب ڪاوڙجي ويندو هو مگر ترت اها ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي هيس جو اهي ئي دوست کيس ٿڏي تي پرچائي سرچائي وٺندا هئا. منهنجي محترم دوست نياز همايوني اهڙو دلچسپ واقعو ٻڌايو جيڪو پڙهندڙن جي مطالع لاءِ لکان ٿو.

”سنڌي ادبي سنگت ۾ ڏيپلائي صاحب هڪ افسانو پڙهيو جيڪو اردو رسالي ۾ ڇپيل افساني جو ترجمو هو. مگر هن ترجمي جو حوالو نه ٻڌايو. شمشير الحيدري اهو افسانو پڙهي چڪو هو جيڪو ماهوار رسالي پريت لڙي ۾ ڇپيل هو، اهو رسالو گور بخش سنگهه ڪڍندو هو، اهو سنڌي اديبن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. شمشير اها ڳالهه مراد علي مرزا سان ڪئي جو خود به اهو افسانو ڏيپلائي واتان ٻڌي چڪو هو، ان به چيو ته واقعي ڏيپلائي صاحب افسانو ترجمو ڪيو مگر آءٌ کيس ڪونه چوندس. شمشير موقعو وٺي ڏيپلائي کي ٿورو چيڙائڻ خاطر ان افساني بابت چيو. مگر هن نه مڃيو. شمشير ۽ نياز همايوني دوست هئا، شمشير اهو ذڪر نياز سان ڪيو، نياز ڇا ڪيو جو شمشير کان اهو رسالو وٺي اچي ڏيپلائي کي ڏيکاريو، جنهن تي ڏيپلائي صاحب چيو ته ميان اوهين ڇورا ته ڪي خواري جا ٺڪر آهيو، شل نه ڪا ڳالهه ٻڌو. جنهن تي نياز چيس ته هاڻي اسان توبهه تائب ٿياسين ڪونه ڪڇنداسين. ڀلا چانهه ۽ ٽوس ته کاراءِ. ائين نياز ۽ شمشير ڏيپلائي صاحب وٽان چانهه ٽوس پي کائي روانا ٿيا. ائين اها ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.“

هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سڀ اديب شاعر وغيره اچي ڪٺا ٿيا ته ڏيپلائي صاحب پنهنجي واري ويل کيسي مان ڪجهه ڪاغذ ڪڍي پڙهڻ لڳو. ٻڌندڙن کي اهو ئي تاثر هجي ته هيءُ لکيل افسانو پيو پڙهي. هن جي ان افساني کي سڀني ويٺل اديبن مڃيو ته افسانو بهتر لکيل آهي، ڏيپلائي جڏهن افسانو پڙهي اُٿيو تڏهن سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شمشير کانئس اهو افسانو گهريو ته هن اهي ڪاغذ جيڪي خالي ڪورا هئا سي شمشير کي ڏنا، اتي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ته ڏيپلائي في البديهه افسانو پڙهيو، اتي شمشير چيو ته واهه ڏيپلائي صاحب واهه، اسان في البديهه شعر ته مشاعرن ۾ ٻڌا پر اڄ اوهان جي واتان في البديهه افسانو ٻڌوسين سو به تمام سٺي ۾ سٺو افسانو، اتي ڏيپلائي چيس ته ميان هاڻي ته مَڃوَ.

ڏيپلائي صاحب جي طبعيت ٺيڪ نه هجي. محترم دوست عبدالقيوم صائب مون کي چيو ته ڏيپلائي جي طبعيت ٺيڪ نه آهي هل ته سندس خيروعافيت پڇي اچون. اسين ٻئي سندس گهر آياسين، پاڻ ان محل نما جاءِ جي کليل ورانڊي ۾ پيل کٽ تي ليٽيل هجي، اسين ساڻس ملياسين، ڳالهين مٿان ڳالهيون جڏهن ڪچهري ڏاڍي خوشگوار ماحول تي پهتي، اتي مون کيس چيو ته سائين جنهن جاءِ ۾ اوهان رهو ٿا، اها دادا ليکراج جي اوم منڊلي هئي، جنهن جي اوهان کي وڌيڪ ڄاڻ آهي جا اسان ته نه ڏٺي فقط ٻڌي آهي مگر شڪر آهي ته انهيءَ جاءِ ۾ هاڻي دادا ڏيپلائي جي علمي ۽ ادبي منڊلي ته متل ڏٺيسين. دادا ليکراج لاءِ چوندا هئا ته هن جي اکين ۾ ايڏي ڪشش آهي جو نوجوان ڪنيائون خود به خود ڏانهس ڇڪجيو وڃن. اوهان جي وري قلم جي اهڙي ڪرامت آهي جو ڪيئي اديب وغيره مابدولت وٽ قابو ٿين، جنهن تي کلي چيائين ته ميرزا صاحب اڄ ته ڏاڍي ٻڌائي اَٿَو، دوران ڪچهري ڏيپلائي صاحب غلام محمد پرويز جي لکيل ڪتابن جو سڄو سيٽ جو سندس آڏو رکيل هو سو محترم عبدالقيوم صائب کي ڏيندي چيائين ته هيءُ تون کڻي وڃ جو تنهنجي ڪم جو آهي. اتي مون کين چيو ته آءٌ هٿين خالي وڃان، مون کي به ته پنهنجي ادبي خزاني مان ڪجهه ڏيو. اوهان جي ادبي در تان هٿئين خالي سکڻو وڃڻ بدسنوڻ آهي سو ”آئي هين تيري در پر تو ڪجهه ليڪر جائينگي“. منهنجي ان چوڻ تي سندس نظر شاهه جي رسالي تي پئي جو پاڪيٽ سائيز سندس ئي ڇپايل هو سو مون کي چيائين هيءُ رسالو اوهان کڻو. ائين چئي پوءِ چيائين ته هاڻي نيڪ سوڻ آهي. ڏيپلائي صاحب جي اها يادگار ڪچهري آءٌ ۽ صائب صاحب اڄ به ڳالهيون ڪندي ياد ڪندا آهيون.

منهنجي نانا ميرزا علي محمد، بابا ميرزا حامد علي، چاچا ميرزا مراد علي، محترم قاضي محمد احمد وڪيل، قاضي محمد صديق، ڏيپلائي صاحب جي نياڻي محترمه ثريا سوز، عبدالقيوم صائب، نياز همايوني، احمد ڀائي، ڏيپلائي صاحب جي صحافت، ڪتابن، علمي، ادبي، مذهبي ڌرمي وغيره رسومات بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايون. محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان هڪ دفعي ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ پڇيم ته پاڻ چيائون ته تمام سٺو ليکڪ آهي، سندس تحريرون جاندار وزندار بامقصد ۽ اصلاحي آهن، جي اثرائتيون به آهن مگر هي متزلزل خيال جو ليکڪ آهي، ان پکي وانگر جو ڪڏهن درياء جي هڪ ڀر ته ڪڏهن ٻي ڀر، هي جنهن جي پاسي ٿيو، ان جو ڄڻ پارس سان پاسو لڳو، پنهنجي تي آيو ته درياء ٽپي ويندو، نه ته اڏ تي ئي بيهجي ويندو.

مون ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن مطالعي مان آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ هميشه هر دور ۾ جذباتي رهيو آهي. هر موڙ تي جذباتي وهڪري ۾ وهي ويندو هو، مگر جيئن ته هيءُ باهمت پرعزم خود اعتماد بيباڪ هو جنهن ڪري يڪدم پاڻ سنڀالي ويندو هو، هن جي تحريرن معاشري ۾ سماج ۾ ڪنهن ڪنهن کي بي نقاب ڪيو. ڪنهن ڪنهن جا وکا پڌرا ڪيا، سندس ترڪش جا تير ڪنهن ڪنهن جي سيني ۾ پيوست ٿيا، سندس قلم جا گهاءَ ڪنهن ڪنهن جي جسم تي لڳا، سي سڀ جا سڀ انسان ذات جا ازلي دشمن معاشري ۽ سماج لاءِ ناسور هئا. هن پنهنجي قلم سان انهن جا اصل چهرا ظاهر ڪري، انهن جا سدِ باب به ٻڌايا.

ڏيپلو ٿر جو اهم خطو آهي جيڪو مردم خيز خطو آهي جتي ڪيترا نامور ماڻهو پيدا ٿيا جي وڏين منزلن تائين پهتا، اڄ ڏيپلي جا ميمڻ وڏي منزل تي پهتل آهن مگر ڪنهن به پنهنجي نالي سان ڏيپلائي ڪونه لکيو، اهو خيال محمد عثمان کي الائجي ڪيئن آيو جو هن جڏهن قلم کنيو تڏهن کان محمد عثمان ڏيپلائي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. اڄ ادبي صحافتي دنيا ۾ ڪو فقط ڏيپلائي صاحب چوندو ته يڪدم محمد عثمان ئي سمجهيو ويندو. ائين محمد عثمان پاڻ سان گڏ هميشه هميشه جي لاءِ پنهنجي جنم ڀومي ڏيپلي کي به زندهه ڪري ڇڏيو.

محمد عثمان ولد حبيب الله ميمڻ 1908ع ۾ ڏيپلي ۾ ڄائو. هيءُ ستن ڀينرن جو هڪ ڀاءُ هو يعني ائين چوان ته ستن لعلن جي وچ ۾ هڪ هيرو چمڪندڙ نظر اچڻ لڳو. اهو هيرو جڏهن ايوان ادب، صحنِ صحافت ۾ چمڪڻ لڳو، تڏهن هن ايوان ادب ۽ صحنِ صحافت کي ايڏو روشن ڪري ڇڏيو جو ان ۾ ڪڏهن اونداهي اچڻ جو گمان به نٿو ڪري سگهجي.

محمد عثمان جيئن ته ننڍي لاڪر ذهين هوشيار ۽ وڏي سوچ رکندڙ هو. هن جي ذهانت تي هن کي تعليم حاصل ڪرڻ ڏي آماده ڪيو مگر ان وقت حالات نامناسب هن جي تعليم ۾ رڪاوٽ ٿيا، تاهم هن ڳوٺ ۾ ايتري تعليم حاصل ڪري ورتي ۽ لکي پڙهي ويندو هو جو ڪن زميندار وٽ لکپڙهه ڪندو هو.

هيءُ روزگار جي سلسلي ۾ ڪن زميندارن وٽ لکپڙهه تي منشي مقرر ٿيو جا منشگيري هن 10 رپيا ماهوار پگهار سان 1924ع کان شروع ڪئي جا اٽڪل 9 سال برابر ڪندو رهيو.

ڏيپلائي کي تعليم حاصل ڪرڻ جو هميشه شوق دامنگير هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيو ۽ مئٽرڪ جو امتحان به پاس ڪيو.

سال 1934ع ڌاري هيءُ ميرپورخاص ۾ آيو ۽ اتان ئي هن اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، پنهنجي پريس خريد ڪئي جتان ڪتاب ڇپڻ شروع ڪيا. هن هنڌ اهڙو هڪڙو تاريخي واقعو لکندو هلان. منشي نولڪشور جڳ مشهور پبلشر ٿي گذريو آهي، جنهن بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن جا ڪجهه مالي حالات ٺيڪ نه هئا سو هيءُ هڪ عالم وٽ ويو ۽ ان سان پنهنجي مدعا بيان ڪئي ۽ کيس دعا لاءِ چيو ان عالم کيس چيو ته تون وڃي پريس کول رب پاڪ توکي ڪامياب ڪندو مگر هڪڙو خيال ڪجانءِ، ڪتابن ڇپڻ ۾ ٻه اکيائي ۽ تنگ دلي نه ڪجانءِ هميشه فراخ دل ٿجانءِ، بلڪه مذهب ۽ ڌرم کان هٽي ڪتاب شايع ڪجانءِ. هن به رب پاڪ جو نالو وٺي پريس کولي ڪتابن ڇپڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هن بلاتفريق مذهبي، ڌرمي، علمي، ادبي ڪتاب شايع ڪيا. سالن جا سال هي ڪتاب شايع ڪندو رهيو. پويان صدين تائين پنهنجو نالو به ڇڏي ويو ۽ لکن جو مالڪ به بنجي ويو ۽ جيڪي ڪتاب هن ڇپيا سي خير جاريه ۾ شامل ٿي ويا.

نولڪشور جو بدل شڪارپور ۾ پوڪرداس ۽ سکر ۾ هريسنگ ۽ پوءِ اسان جو محترم بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي آهي. هن به سکن هٿن تي اشاعتي سلسلو شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سنڌي علم و ادب جا اهڙا درياء وهايا جي ڪڏهن به خشڪ ٿيڻ يا سڪڻ جا نه آهن. هن سنڌ جي دامن ۾ جيڪي جواهر پارا وڌا تن جي ڪَٿَ ڪرڻ به مشڪل آهي. اهو هو ڏيپلائي جي زندگي جو هڪ رخ. هاڻي ٻيو رخ هو سندس ازدواجي زندگي، جنهن ۾ به هيءُ ڪامياب ٿي ويو، پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياريائين، هر طرح سان انهن کي خوشحال زندگي گذارڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏنائين.

ڏيپلائي صاحب جڏهن حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن ڪي سال الهداد چنڊ جي ڳوٺ ۾ رهيو، چند مهينا گڊس ناڪه يثرب هوٽل وارو رستو وٺي جيڪو اسٽيشن طرف ٿو وڃي، اتي هڪ ننڍي جاءِ وٺي رهيو، پوءِ فوجداري روڊ جي الهندي طرف جتي جماعت اسلامي جو دفتر آهي، اها جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳو جتي ڪجهه عرصو رهيو، پوءِ اها جاءِ جماعت اسلامي وارن کي ڏيئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اوڀر واري گهٽي حڪيم شمس الدين جي دواخاني واري لين ۾ هڪ محل نما جاءِ وٺي ان ۾ پنهنجي اهل و عيال سميت رهڻ لڳو. اها جاءِ ويئي ته ڪليم جي ڪُن ۾ جا کيس ڏاڍي جاکوڙ ۽ ڪوشش بعد خريدي ۾ ملي. فوجداري روڊ کان جيڪو رستو گول بلڊنگ طرف ٿو وڃي، اتي هن هڪ جاءِ ۾ پريس کولي، جتان هن ناياب ڪتاب شايع ڪيا. ڏيپلائي صاحب جي وفات کان پوءِ سندس پٽ حبيب الرحمٰن ان جاءِ ۾ اسپتال کولي.

ڏيپلائي صاحب ننڍا وڏا ڪتاب اٽڪل ڏيڍ سئو کن لکيا، جيڪي هن پنهنجي زندگي ۾ ڇپايا ۽ هاڻي ممڪن آهي ته اڃا ڪو قلمي ڪتاب وغيره سندس پوين وٽ محفوظ هجي. هن جي ناولن ۾ سانگهڙ وڏي ۾ وڏو ضخيم ناول آهي جو حر تحريڪ جي ڪارنامن تي لکيل آهي، جنهن ۾ حرن تي ٿيل ظلمن جو مڪمل احوال ڏنل آهي. هيءُ هڪ تحريڪ جي مڪمل تاريخ آهي جا ڏيپلائي صاحب ناول جي رنگ ۾ ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ لکي آهي.

ڏيپلائي جي ڪن ڪتابن تي پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ بندش به پئي ۽ ٽي دفعا جيل ياترا به ڪري آيو. مولانا غلام محمد گرامي جڏهن ٽه ماهي ”مهراڻ“
رسالي جو ”شاعر نمبر“ ڪڍيو، ته ان ۾ هن ڏيپلائي کي به بحيثيت شاعر جي شامل ڪيو. ان ۾ ڏيپلائي خود ٿو لکي ته آءٌ ۽ شاعر، ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي. ان بابت هڪڙو واقعو پڙهو.

ايم.اسلم هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ناول نگار هو، ان کي اچي شاعريءَ جو شوق کنيو سو ڪو شعر لکي علامه اقبال وٽ اصلاح لاءِ کڻي ويو. 
علامه صاحب هن جا ناول پڙهيا هئا جن جو دلي طرح معترف به هو سو هن جو شعر پڙهي هن کي چيائين ته جي شاعري ڏي قلم کنئين ته پوءِ ”نه اِدهرڪي رهي نه اُڌر ڪي رهي“ شعر ته چئي نه سگهندين مورڳو ناول لکڻ به وسري ويندئي. بالڪل ائين ڏيپلائي کي به گرامي صاحب يا ٻئي ڪنهن بزرگ اها صلاح ڏني ته جڏهن ههڙا بااثر بهترين افسانه، ڊرامه، ناول وغيره لکو ٿا ته پوءِ ڇو ٿا شاعريءَ جي شور و شر ۾ ڦاسو. منهنجي خيال ۾ ڏيپلائي صاحب ان صلاح کي قبوليندي وري شاعريءَ ڏي نه وريو.

ڏيپلائي صاحب 1924ع کان لکڻ شروع ڪيو، 1934ع کان مسلسل لکندو رهيو، جنهن جو ڇيهه اچي جنوري 1981ع ۾ ٿيو سو به تڏهن ٿيو جڏهن 7- فيبروري 1981ع ۾ موت جي فرشتي کانئس قلم ڇڏائي سندس روح قبض ڪري ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org