آغا نور محمد پٺاڻ
سنڌ جو قابل فخر سپوت
هن ٿر جي صحرا جي جهوپڙن ۽ چونئرن ۾ جنم ورتو ۽
زندگيءَ جي سفر ۾ ڪڏهن به ٿڪاوٽ جو اظهار نه ڪيو.
هن مسلسل محنت ڪندي، حياتي جي آخري دم تائين چوهٺ
سال مسلسل جدوجهد ۽ تخليق جو عمل جاري رکيو ۽ ادب
۽ صحافت جا تاج محل تعمير ڪري جديد سنڌي صحافت جي
رجحانن کي عملي جامو پارائڻ ۾ هن بانيڪار جو ڪردار
ادا ڪيو جنهن جو مثال ”عبرت“ جو اُهو قداور وڻ آهي
جنهن اديبن جا ڪيترائي نسل تيار ڪيا.
سنڌ، جيڪا پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ سردارن جي تسلط هيٺ
رهي جتي خيالي افسانا ۽ قصا انهن بابت عام آهن،
وهم پرستي
جي فضا هتي ڦهليل رهي آهي، انهي وهم پرستي
کي دور ڪرڻ ۾ سندن لکيل ڪهاڻين، افسانن ۽ ناولن
وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻئي طرف هن آزاديءَ جي
ويڙهاند ڪرڻ وارن پيرن، بزرگن ۽ وڏيرن کي هن
پنهنجي ناول ”سانگهڙ“ ۽ ٻين لکڻين ۾ آشنا ڪيو. هن
سنڌي عورتن جي مزاحمتي ڪردار کي پهريون دفعو
”سانگهڙ“ ۽ ٻين لکڻين ۾ نروار ڪيو، هن تعليم کي
عورتن ۾ عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ مهم
جي شروعات هن پنهنجي گهر کان ڪئي ۽ پنهنجي اولاد
کي اعليٰ تعليم ڏياري.
ڏيپلائي صاحب قرآن پاڪ جو ترجمو سهڻي سنڌيءَ ۾
ڪيو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي پاڪيٽ
سائيز ۾ آڻي هڪ نئين طرز جو بنياد وڌو. سندس قرآن
پاڪ جي ترجمي کي الدوة اڪيڊمي ڪراچيءَ پڻ شايع
ڪيو.
ڏيپلائي صاحب سنڌي ادب ۾ تاريخ خاص طور تي اسلامي
تاريخ، قومي آزاديءَ ۽ سماجي صورتحال تي ناول،
افسانا ۽ ڪهاڻيون جوڙيون ۽ 140 کان مٿي ڪتاب لکيا.
سندن ڪتابن جا نوان ايڊيشن مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، لطيف پبلشرز حيدرآباد، سنڌي
ڪتاب حيدرآباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان
ڇپايا ويا آهن. سندن ڪجهه ڪتابن خاص طور تي
”سانگهڙ“ جا اردوءَ ۾ ترجما پڻ ٿيا.
اڪيڊمي ادبيات سندن ادبي ۽ صحافتي ڪاوشن جي اعتراف
۾، پنهنجي ڪراچي آفيس سندن ڪارنر قائم ڪيو، جنهن
جو افتتاح سنڌ جي مايه ناز اديب، سياستدان ۽ نقاد
رسول بخش پليجي ڪيو، هن ڪارنر ۾ سندن ڪتاب، يادگار
ذاتي استعمال جون شيون، ناياب تصويرون ۽ هٿ اکرن
جون ڪاپيون وغيره رکيل آهن جيڪي دنيا مان ايندڙ
اهل قلم اچي ڏسن ٿا ۽ مهراڻ جي هن سپوت بابت ڄاڻ
حاصل ڪن ٿا.
اڪيڊمي آف ليٽرز پاڪستان ڏيپلائي صاحب جي شخصيت ۽
خدمتن بابت پروفيسر آفاق صديقيءَ جو لکيل هڪ ڪتاب
پڻ شايع ڪيو آهي.
واضح رهي ته اڪادمي ادبيات جو سنڌ جي آفيس ۾ ڪنهن
اديب جي نانءُ تي منسوب هيءُ پهريون ڪارنر قائم
ٿيو، ان کان پوءِ پروفيسر
اياز قادري، آفاق صديقيءَ ۽ ٻين اردو سنڌي لکندڙن
جا 99 ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن. (اردو تان ترجمو)
قمر شهباز
ڏيپلائي- سنڌ جي سونهن
منهنجي ٽهيءَ جو ڪو ليکڪ شايد ورلي ملي، جيڪو محمد
عثمان ڏيپلائيءَ کان متاثر نه ٿيو هجي. پنجاهه سال
لاڳيتو لکڻ وارو هيءُ شخص، سنڌي ادب جي انهن چند
ليکڪن مان هڪ هو، جن پنهنجي همت، محنت ۽ پختي
ايمان سبب هميشه هميشه لاءِ علم ۽ ادب جي دنيا ۾
پنهنجو منفرد مقام پيدا ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اجازت
هجي ته ائين پڻ چوان ته هن اڻٿڪ انسان سنڌي ادب کي
نوان لاڙا ۽ سنڌي قوم کي اڻ ڏٺا ماڳ ڏنا.
ورهاڱي کان اڳ، جڏهن تعليم يافته هندو ٻئي هر هنر
سان گڏ علم ۽ ادب تي مڪمل طور ڇانيل هئا، تڏهن هڪ
ڳوٺاڻي، گهٽ پڙهيل ۽ ڏيپلي جهڙي پٺتي پيل علائقي
سان واسطو رکندڙ مسلمان، پنهنجي بهادري، بيباڪي ۽
قابليت سان نه رڳو سجاڳيءَ جي جوت جلائي، پر صدين
تائين ان جي حفاظت به ڪئي. اهڙي جوت، جنهن جي ڏڍ
تي کانئس پوءِ ايندڙ نسل پنهنجي منزل ڏانهن بيخوف
ٿي وڌندا رهندا. اڄوڪي ادب جي مال توڙي رومال جي
لحاظ کان، جيڪا صورت نکري نروار ٿي آهي، ان ۾ بيشڪ
ڏيپلائي صاحب جو تمام گهڻو پورهيو ۽ پريم شامل
آهي.
سنڌي قوم جا سياسي، سماجي توڙي معاشي مسئلا برابر
سدائين هڪ جهڙا نه رهيا آهن، پر اها به حقيقت آهي
ته نوعيت بدلجڻ جي باوجود، تاريخي توڙي سنڌ واسي
ڪن بنيادي هڪ جهڙاين جو شڪار رهيا آهن. ڏيپلائي
صاحب هڪ ماهر طبيب طور انهن بيمارين کي ڄاتو،
سڃاتو ۽ محسوس ڪيو. انهن اگهاين جي علاج لاءِ قلم
کي نشتر طور ڪتب آندو ۽ مرض کي پاڙ کان ڪوري ڪپڻ
لاءِ ڏينهن رات ايڏي ته جاکوڙ ڪئي، جو لاڏاڻي ويل
سوا سؤ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل صورت ۾ ان کان ٻيڻو
مواد ٽڙيل پکڙيل اخبارن، رسالن ۽ پمفليٽن جي شڪل ۾
اسان وٽ امانتي ڇڏي ويو. اهڙو پورهيت ۽ هڏ ڏوکي
اديب ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ هجي ها ته شايد سندس ڪم ۽
ڪارناما دنيا جي اهم زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا هجن ها،
نوبل انعام جو مستحق بنجي ها ۽ مٿس سوين هزارين
تحقيقي ڪتاب ڇپجي چڪا هجن ها. اها اسان جي بدقسمتي
چئجي ته اڄ خود سندس لکيل ڪتاب به اڻلڀ آهن. ڪنهن
به اداري کي ايتري توفيق نه ٿي آهي ته ڏيپلائي
صاحب جي ڇڙوڇڙ لکڻين کي گڏ ڪري، سهيڙي ۽ سنڀالي
ٻيهر پڌرو ڪري، يا وري گهٽ ۾ گهٽ پاڻ وٽ محفوظ ئي
ڪري رکي ته جيئن آئيندي ڪو فرد يا سنگت اُن کي
ڇپائي سگهي. گڏوگڏ اهو پڻ ضروري هو ته هن انوکي
ڏات ڌڻيءَ جي فن تي ڪي ادبي سيمينار، ورڪشاپ يا
تنقيدي مذاڪرا ڪرايا وڃن ها ۽ نون توڙي پراڻن
ليکڪن جي رونمائيءَ لاءِ اهم نُڪتا اخذ ڪري،
پنهنجي ادبي خزاني ۾ اضافو ڪجي ها، ائين ڪونه ٿيو.
ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڏيپلائي جا شيدائي ان
ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري نروار ٿين ۽
هن وقت تائين جاري قومي بي حسيءَ جو پورائو ڪري
سگهن.
ڏيپلائيءَ جو عملي سفر سندس معاشي سفر سان لاڳاپيل
آهي. چڻنگ دُکي ته اڳ ئي پئي هئي. ڀنڀٽ ٿيڻ ۾ دير
ئي ڪانه لڳس. ڳڀي جي ڳولا ۾ نڪتل هيءُ ٿاريلو
نوجوان ڄڻ سڪندر هو، جو آبِ حيات جي تلاش ۾ جهر
جبل جهاڳيندو، ڌوڪيندو، هوڪاريندو، للڪاريندو،
واچوڙن جيان تيرن سان لس ليٽ ڪندو، ڪک ڪانا ۽ ڌوڙ
اڏائيندو، اڳتي وڌندو ٿئي ويو. پنهنجون راهون،
واهون ۽ واٽون پاڻ جوڙيائين. کانئس اڳ ڪو نقش، ڪو
نشان، ڪو مثل ڪو مثال هوئي ڪونه، جنهن جي تقليد
ڪري. هُوئي راهَه، راهرو ۽ رهنما هو. عجب انسان
هو، اوندهه انڌوڪار مان آيو ۽ روشنيءَ جو مينار
بنجي ويو. وڏيرن، زميندارن، نوابن ۽ سردارن جا ظلم
اکين سان ڏٺائين ۽ سندن ئي آڏو بغاوت جي علامت
بنجي سينو ساهي بيهي رهيو. پيرن، ميرن، سيدن ۽
ساداتن جون چالاڪيون، چالبازيون ۽ چلولايون
پَسيائين ۽ مظلوم، اٻوجهه ۽ جاهل مريدن جو ڀرجهلو
ٿي، اڪيلي سر ميدان جهلي بيهي رهيو. بي رحم، ڪٺور،
ڪٽر ۽ ڪانئر وياج خور واڻئي خلاف اعلان جهاد
ڪيائين. سنڌڙيءَ ڏانهن ميري اک کڻي نهاريندڙ ڌارئي
جي بيغيرت وجود تي ڪانُ ٿي ڪڙڪيو.
ورهاڱي کان اڳ جهالت ۽ تعصب خلاف جنگ لڙيو ۽
پاڪستان ٺهئي کان پوءِ سياسي بازيگرن، ملن،
مولوين، ڪوڙن فتوا بازن، شاهن شاهزادن، ڏاڍن
ڏوهارين، سنڌ دشمنن ۽ انسانيت جي ويرين سان جهاد
ڪيائين. نه ڊنو، نه ڀڳو، نه رڪيو، نه جهڪيو، جو سچ
سمجهائين، مُنهن تي ڦهڪائي ڏنائين. پنهنجون ريتون،
رسمون ۽ روايتون پاڻ جوڙيائين ڪنهن جو نه گس
ورتائين، نه پنڌ پڇيائين.
سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ، ڊرامي توڙي ناول نويسيءَ جي
نه رڳو کوٽ هئي، بلڪه بنياد ئي چڱيءَ طرح ڪونه پيو
هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لکندڙ هنياءَ جي سڄائيءَ تي رنڊا
روڙيندا هئا. ڏيپلائيءَپهريون دفعو هڪئي وقت
ڪيترين ئي روايتن جي شروعات ڪئي. تاريخ تي قلم کڻڻ
ڪٺن ڪم آهي، تاريخي ڪهاڻيون ۽ ناول لکڻ ته وڏي دل
گردي جو ڪم آهي. گذريل وقت جي واقعن کي تاريخي پس
منظر ۾ سوچڻ ۽پوءِ سلسلي وار لکڻ لاءِ اُٺ ڪتابن
جا، وافر وقت ۽ وڏي همت گهرجي. چڱا ڀلا ناميارا
مصنف سالها سال قلم گسائڻ کان پوءِ وڃي ڪا ڪم جي
شيءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. ڏيپلائيءَ جيان، بي
سرو سامانيءَ ۽ بي يارو مددگاريءَ واري عالم ۾ لکڻ
عام انسان جو ڪم ناهي، لکڻ ڇاپڻ ۽ وڪروڪرڻ جو عمل
هڪ ئي شخص گڏوگڏ ڪري اهو ته تقريباً ناممڪن آهي.
پر نه، اسان جو هيءُ اڪيلو البيلو ليکڪ، نه صرف
اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو، بلڪه ان سموري خساري سان گڏ
اشاعت گهر، اخبار ۽ رسالو پڻ هلائيندو هو.
ماڻهوحيران ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن پيو ٿئي، جو
هڪ ناول هٿن ۾ آهي ۽ ٻين جو اعلان اڳواٽ موجود.
پڙهڻ وارا ٿڪجيو پون، ليکڪ ورچجي ئي ڪونه. اهو
لقاءُ اسان پاڻ پنهنجن اکين سان ڏٺو. تعجب کان ماٺ
وٺيو ويندي هئي. ههڙي همت ۽ جانفشانيءَ تي بي
ساخته دل آفرين چئي اٿندي هئي. بيماري سيماري،
اوکيائي،اهنجائي، ريل جيل، ڏيپلائيءَ جو ڪجهه به
بگاڙي نه سگهيا. هڪ جنون هو، جو جادوءَ جيان
ناممڪن کي ممڪن بنائيندو ٿي ويو. هڪ سحر هو، جو
علم ادب جي اُفق تي ڇانئبو ٿي ويو. هڪ وير هئي، جا
وڌندي ٿي وئي. هڪ لَهر هئي، جا لُوهيندي ٿي وئي.
ماڻهو ڇا هو؟ پهاڙ هو، جو نه لُڏڻ جو، نه ٻڏڻ جو،
اٽل ۽ اڏول بيٺو رهيو. ڪير هو جو سندس راهه روڪي؟
بي انت بارش هئي، جنهن ملڪ مڙيو ئي جل ٿل ڪري ڇڏيو
هو.
انهن ڏينهن نه انعام نه اڪرام، نه لوڀ نه لالچ، نه
تمغا نه خطاب، نه مهان سڏائڻ جو جنون، نه پهرئين
نمبر جي ڊوڙ، نه سياسي مفاد آڏو ۽ نه وري پلاٽ،
پرمٽ يا پاور جي تمنا، دل جي گهراين ۽ اعتماد جي
اونهاين سان لکيو هو. ڏاڍن جو ڏمر سر تي سهائي
لکبو هو. ويرين جي وچ ۾ صرف سچ جي سهاري لکبو هو.
پاڻ پڏائڻ جو رواج پوءِ پيو. هڪ اڌ ڪهاڻي، شعر يا
ڊرامو لکي، ساري ڄمار جڳ تي احسان ڪرڻ ۽ معاوضو
ميڙڻ جي لوڀ، بعد ۾ منهن ڪڍيو. پنهنجي منهن ميان
مٺو ٿيڻ جي روايت تازي آهي. ڏيپلائي مرحوم انهن
مڙني مهڻن کان بي نياز هو. هن ڪڏهن خواب ۾ به
پنهنجين خدمتن جو سلو نه گهريو هوندو. سندس جاکوڙ
بي غرض ۽ معصوم هئي. لگن هئس. ڏاڍي ڏڪائڻ جي، قاتل
کي ڪيرائڻ جي ۽ هوڏيءَ کي هارائڻ جي. تانگهه هئس
سچ جي سر تي سونهري تاج ڏسڻ جي، هيڻي کي زبري مٿان
سوڀ پائيندي پسڻ جي ۽ حقدار کي مڪار ۽ ظلم تي حاوي
ٿيندومحسوس ڪرڻ جي. هن اهو ئي ڪيو، جو سندس ضمير
چيو. ٻئي جو سڏ پاڻ تائين پهچڻ ئي ڪونه ڏنائين.
سادو سودو، محنت ڪش ۽ سچار ماڻهو هو. نه مخالفت جي
پرواهه ڪيائين ۽ نه وري واکاڻ جي ڪاڻ ڪڍيائين،
تڏهن ته سندس لفظ لفظ ۾ تاثير سمايل آهي، اکر اکر
روح جي گهراين ۾ اتري وڃڻ لاءِ آتو آهي.
ڏيپلائي صاحب جو ننڍپڻ کان وٺي شيدائي هوس. حيرت
تعجب ۽ عقيدت سان سندس لکڻيون پڙهندو هوس ۽ ايندڙ
تصنيف جو اوسيئڙو ڪندو هوس. دل ئي دل ۾ کيس ديوتا
جو درجو ڏئي ڇڏيو هوم. پهريون اسڪول ۾، ۽ پوءِ
ڪاليج ۾ سندس ڊراما اسٽيج ڪيم. بلڪه هڪ دفعي ته
ياد اٿم ته جامع مسجد جي مکيه دروازي ٻاهران، وچ
رستي تي بيهي، سندس هڪڙو ننڍڙو ناٽڪ کيڏيوسين،
جيڪو سَونِ واٽهڙن سڀ ڪم ڪار ڇڏي، وڏي شوق سان
بيهي ڏٺو. ملاقات ساڻس ڏاڍي دير سان ٿي. حيدرآباد
۾ گهٽ اچڻ ٿيندو اٿم، ان زماني ۾ ته تمام ورلي.
ڏيپلائي صاحب کي ڏٺم ته تصور ۾ سانڍيل سندس تصوير
کي جيئرو جاڳندو اکين آڏو ڏٺم. چيائين:
سٺو ٿا لکو، پر گهڻو لکو، واندا نه ويهو.
چيم: توهان جهڙي رفتار ڪٿان آڻيون؟
چيائين: سچ لکندي قلم ٿڪبو ناهي، آزمائي ڏسو.
گهٽ ۾ گهٽ مون آزمائي ڏٺو. سندس پاڇي کي به پهچي
نه سگهندس، پر سچائيءَ جي سگهه ايترو اتساهه ضرور
ڏنم، جو اڄ به بنا ٿڪئي ڪاڳر ڪارا ڪندو ٿو رهان.
ڏيپلائي صاحب سان پوءِ به ملاقاتون رهيون. ڪڏهن
تنوير عباسيءَ وٽ، ڪڏهن مقبول ڀٽيءَ جي معرفت،
ڪڏهن طارق اشرف جي مهربانيءَ سان، هر وقت کيس
مشغول ڏٺم. اهائي معصوميت، اهائي سادگي، اهائي
لگن، اهائي تڙپ، اهائي جدوجهد، هڪ مشن هئس، جنهن ۾
جُنبيو رهيو.بيماريءَ ۾ پيرسنيءَ به سندس جوش ۽
جذبي کي ڪين گهٽايو. ويو ته پويان عزم،ولولي ۽ همت
جو عظيم ورثو ڇڏي ويو. ڏک اهو آهي ته اسان سندس
قدر ڪونه ڪيو. سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ نه سندس
’اشاعت گهر‘ کي ٻيهرجيئاري سگهياسين، نه سندس
تصنيفن کي ٻيهر ڇاپائي سگهياسين ۽ نه وري سندس
نالي تي ڪو ادارو قائم ڪري سگهياسين. ههڙي محسن کي
اهڙي اڻ وڻندڙ موٽ ته ڌاريا به ڪونه ڏيندا آهن،
پوءِ اسان اهڙي ڪُريت ڇو قائم ڪئي، سا ڳالهه سمجهه
۾ نه آئي.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل، هي جهوليءَ جهوليءَ ۾
گل ڦل،
ويا سانول ڇاڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙي کي جرڪائي ويا!
(اياز)
سنڌ ڀل ته جوڌا ۽ دودا ڄڻي، اياز ۽ نياز پيدا ڪري،
شهمير ۽ شمشير آڇي، پر ٻيو ڏيپلائي ڏئي سگهندي؟
ڏيپلائي، جو سنڌ جي سونهن هو،
اوکين واٽن جو اڪيلو مسافرهو،
جنهن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سنڌ جي سڪ سمايل هئي،
جنهن جي من ۾ اٻوجهه، بي پهچ ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ
اڻ ميو پيار هو،
جنهن کي وقت جا وير، پير ۽ مير، ماڳ کان موڙي نه
سگهيا،
جو سچ هو، ساڃاهه هو، سرواڻ هو.
(روزاني ”جاڳو“، ڪراچي، 8- فيبروري 1996ع
ظفر حسن
ڏيپلائي صاحب- هڪ ڪامل ماڻهو
ڏيپلائي صاحب جو نالو ايندي ئي ذهن ۾ هڪ ڪامل
ماڻهوءَ جو خاڪو اُڀري اچي ٿو، پر اُهو ڪامل ماڻهو
نه، جيڪو رڳو عبادتون ڪري، پرهيزگار هجي، ڪنهن کي
به مَٺو نه چئي، بس رڳو هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو هجي. اهڙي
ماڻهوءَ کي ڪامل يا اڌ ڪامل ته چئي سگهجي ٿو، پر
ڪامل نه. ڪامل ته اهو آهي، جيڪو ٻين جو ساٿ ڏيندو
هجي، پنهنجن اُصولن تي اڏول هجي ۽ ڪڏهن به بدلجندڙ
حالتن سان ٺاهه نه ڪندو هجي. ڏيپلائي اهڙو ئي
ماڻهو هو، هن دور جي هڪ ناياب ۽ اڻ لڀ وٿ.
ڏيپلائي صاحب تي ٽيون ڀيرو اڌ رنگ حملو ڪيو هو ۽
جڏهن سڌ پيم ته ڏيپلائي صاحب اسپتال داخل آهي ته
هن ڀيري آءٌ ڏڪي ويو هوس ۽ منهنجي ڪنن ۾ سندس آواز
پڙاڏجڻ لڳ: ’انقلاب ايران‘ منهنجو آخري ڪتاب آهي.‘
مون جڏهن پڇيو هومانس: ’سائين اوهان اهو ڪيئن
محسوس ڪيو ته اهو اوهان جو آخري ڪتاب آهي؟ اوهان
ته پڇاڙڪي ساهه تائين لکڻ جو حوصلو رکو ٿا.‘ پاڻ
مرڪي وراڻيو هئائين:
”اِها منهنجي مايوسي ٿو سمجهين ڇا، اهو ته منهنجو
اوهان ۾ ويساهه آهي. آءٌ هاڻي ڏاڍي اطمينان سان
مرڻ ٿو گهران. هونئن حالتون پڌري پٽ ڪهڙيون به
هجن، پر ماڳ پري ڪونهي. توکي اڄ ٻڌايان ٿو ته جڏهن
لکندو هئس ته ائين سمجهندو هئس ته اڪيلو پيو لکان.
ٻيا سڀ چپ چاپ آهن ۽ هاڻي اڃا رڳو سوچ ذهن ۾ اچي
ٿي ته اهائي سوچ ڪنهن ٻئي جي قلم مان نڪريو ڪاڳر
تي اچيو وڃي. مون کي لڳي ٿو ته مون کي قدرت جيڪي
ڏنو، ان کي ڀرپور نموني استعمال ڪيم. اهو اطمينان
آهي، جيڪو مون کي ٻڌائي پيو ته مون پنهنجو ڪردار
تاريخ ۾ ادا ڪري ڇڏيو آهي.“
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي ته ڏيپلائي صاحب
تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار اهڙو ته ادا ڪري ويو آهي،
جنهن تي هر ڪنهن کي رشڪ هئڻ گهرجي. مون کي فخر آهي
ته آءٌ ڏيپلائي صاحب جي ڪافي ويجهو رهيس ۽ مون سان
پنهنجي اولاد وانگر پيش ايندو هو، گهٽ ۾ گهٽ مون
کي ائين محسوس ٿيندو هو. پر پوءِ خبر پئي ته هر
ڪنهن نوجوان سان ائين پيش ايندو هو. اوهان کي ڪنهن
ماڻهوءَ جي مهانتا جي ڪٿ ڪرڻي هجي ته ان جي ورتاءَ
کي پرکيو، جيڪو هو پنهنجن سهيوڳين ۽ ننڍن لاءِ ٿو
رکي. اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه وڻندي نه
به هوندي، ته به هو نهايت پاٻوهه ۽ پريت سان
چوندا، پر ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ ڪنهن جو به پٽڪو نه
لاهيندا. البت نظرياتي ڳالهه هوندي ته اها سڌي
سنئين لکڻيءَ ۾ پڌري ڪندا، پر اُن ۾ ذاتيات جو واس
به نه هوندو.
ڏيپلائي صاحب ڏيڍ سؤ کن ڪتاب لکيا. جيڪڏهن سندس
ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ٽڙيل پکڙيل لکڻيون به جمع ڪيون
وڃن ته اِهي به الاهي ڪتاب ٿي ويندا. مون کي گهڻا
دوست چوندا آهن ته: ”يار، اوهان کي پڙهي ڪير ٿو.
پاڻ لکو، پاڻ ڇپيو ۽ پاڻ پڙهو“- ۽ حقيقت به اها
آهي ته يار ڪجهه ڪجهه سچي ڳالهه ته ڪن ٿا، پر کين
آءٌ اها وراڻي ڏيندو آهيان. ’سنڌ ۾ شايد ئي ڪو
اهڙو پڙهيل رهيل هجي، جنهن ڏيپلائيءَ جو ڪو ڪتاب
نه پڙهيو هجي ۽ شايد ئي ڪو اهڙو پڙهيل هجي، جنهن
جيڪڏهن ڪو ڪتاب نه پڙهيو هجي ته ڏيپلائيءَ جو نالو
نه ٻڌو هجي!‘
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو آهيان ته انهيءَ جو
ڪارڻ ڇا آهي؟ ڇو اسان مان ايڪڙ ٻيڪڙ ليکڪن کي ڇڏي،
ٻين کي اها هر واسيت ڀاڳ ۾ نه آهي. آءٌ سمجهان ٿو
ته ڏيپلائي صاحب جي هرواسيت جا هي ڪارڻ ٿي سگهن
ٿا:
(1) مسلسل لاڳيتو لکڻ؛
(2) انهن مسئلن يا حالتن تي لکڻ، جي غريب ۽ ڏتڙيل
عوام جا مسئلا يا حالتون آهن؛
(3) انهن تڪراري مسئلن تي لکڻ، جن جي انهيءَ خاص
دور ۾ لکڻ تي، ڪتابن تي بندش پوي ۽ ليکڪ کي جيل
وڃڻو پوي؛
(4) هر دور ۾ جيڪا به سرڪار هجي، اُن آڏو سچ چوڻ،
پوءِ ڀلي انهيءَ سرڪار جي طاقت ۾ اچڻ کان پهرين،
اُن جي پٺڀرائي ڇو نه ڪيل هجي؛ ۽
(5) انهن لکڻين، جيلن ۾ پوڻ ۽ ٻين قربانين جو
سرڪار يا عوام کان ڪوبه معاوضو طلب نه ڪرڻ.
اهي پنج نُڪتا آهن يا ٿي سگهي ٿو اڃا به وڌيڪ
نُڪتا هُجن، جن جي هڪڙي اهڙي معياري ڪسوٽي ٿي
سگهي، جنهن تي هر ليکڪ کي پرکي سگهجي. ڏيپلائي
صاحب کي جيڪڏهن ان ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ته هو اُن
تي بلڪل کرو ثابت ٿيندو.
ڏيپلائي صاحب جو هڪڙو گڻ اهو به هوندو هو، جيڪو
ورلي ڪنهن ٻئي مهان ليکڪ يا شخصيت ۾ هوندو: اهو هو
ٻين جي همت افزائي ڪرڻ. ڪا به لکڻي يا ڪوبه ڪتاب
يا رسالو وڻندو هئس ته اوڏيءَ مهل ئي ليکڪ کي خط
يا ڪارڊ کڻي لکي ڇڏيندو هو. پوءِ ڀلي اهو شخص
حيدرآباد ۾ ئي يا سندس پاڙي ۾ ئي ڇو نه رهندو هجي.
طارق اشرف جي سهڻي پريس ۽ ڏيپلائي صاحب جي پريس جي
وچ ۾ ٻه گهٽيون مفاصلو هو ۽ اصل ۾ ڏيپلائي صاحب کي
طارق جو گهر ۽ پريس رستي ۾ ئي پوندا هئا، پر تڏهن
به طارق کي خط سدائين ٽپال ۾ ملندو هو. مون کي به
جڏهن خط لکيائين ته ٽپال ذريعي ئي مليو.
هڪڙي ڀيري واٽ تي مليو، پڇيائين:
”توکي خط مليو. ’ڌرتي‘ ته واهه جي ڪڍي اٿئي!“ مون
کيس ٻڌايو ته خط مون کي ملي چڪو هو. پر وجهه وٺي
پڇي ويٺوسانس: ’سائين! اوهان خط سدائين ٽپال داخل
ٿا ڪريو، اهو ڀلا ڇو؟‘ وراڻيائين:
”بابا ٻڌ، پهرين ڳالهه ته واکاڻ جڏهن به ڪريو ته
لکت ۾ ضرور ڪريو. وات واري واکاڻ به ڪجي، پر اها
ساڳي ڳالهه لکت ۾ ضرور هجي. ٻي ڳالهه ته واکاڻ ترت
۽ هڪدم ٿيڻ کپي، نه ته اوهان کي ڪنهن جي لاءِ
ساراهه جو جذبو اڀريو ته اهو وري دل ۾ ئي رهجي
ويندو. ڇا ٻئي ماڻهوءَ جو ايترو به حق ڪونهي ته هو
پنهنجي باري ۾ ٻه مٺا ٻول ٻڌي سگهي!“
پوءِ وري کلندي، پر هوريان هوريان چوڻ لڳو: ”۽
ڪنهن تي ڪاوڙ اچي، ڪا ڳالهه نه وڻي ته اها به ٺهه
پهه لکت ۾ ڪجي، نه ته اها ڪاوڙ به ٿوري وقت ۾ ڍري
ٿي ويندي. بس انهيءَ ساراهه ۽ ڪاوڙ ۾ رڳو اهو فرق
هئڻ گهرجي ته ساراهه واتان ته ڀلي ڪجي، پر ڪاوڙ جو
هڪ ٻول به وات مان نه ڪڍجي.“ هتي سندس ڪاوڙ مان
اها مراد هئي ته جنهن به ماڻهوءَ يا جنهن به واقعي
خلاف جيڪا ڳالهه ماڻهو محسوس ڪري. باقي ڪاوڙ ته
ڏيپلائي صاحب ذاتي طور ڪنهن تي به ڪڏهن نه ڪئي
هئي. اهو ئي ڪارڻ هو ته سندس ڪاوڙ انهن لکڻين مان
پڌري آهي، جيڪي هن پرماريت جي خلاف لکيون. مون کيس
سندس هڪ ڪتاب ’شيخ المشائخ‘ جي باري ۾ (جيڪو پوءِ
ضبط ٿيو)، جنهن ۾ سندس ٻولي ڏاڍي ڪڙي ۽ ڪٿي ڪٿي ته
اُگري به هئي، چيو هو: ’ڏيپلائي صاحب، ڏاڍو سخت
ڪتاب لکيو اٿو!‘ وراڻيائين:
”جنهن ماڻهو جنهن واقعي يا جنهن نظريي جي اوهان
خلاف هجو، ان خلاف پنهنجي ڀرپور ڪاوڙ ۽ نفرت جو
اظهار ڪريو، پر ڪچهرين ۾ ويهي وات سان ڪاوڙ ڪرڻ
سان، ڪاوڙ جي ڪوٽا گهٽ ٿيو وڃي. انڪري آءٌ ڪاوڙ
سانڍي رکندو آهيان ۽ ان کي مڪمل طرح قلم ذريعي
ظاهر ڪندو آهيان!“
ڏيپلائي صاحب جو مون سڀ کان پهرين جيڪو ڪتاب پڙهيو
هو، سو هو ’ڪتي جو.....‘ جي ها، ائين ئي ناول جو
سرو هو ’ڪتي جو......‘ ٻول لکيل ۽ ان کان پوءِ خال
ڇڏيل. اهو ناول ان وقت پڙهيو هئم، جڏهن اسڪول ۾
پڙهندو هئس ۽ اهو مون پاڻ خريد نه ڪيو هو، پر ائين
ڪنهن گهر ۾ پيل ملي ويو هو. ان ٽاڻي ورلي ڪو پڙهيل
سنڌي مسلمان جو اهڙو ڪو گهر هوندو، جنهن ۾ ڏيپلائي
صاحب جو ڪونه ڪو ڪتاب يا ڪتابڙو نه هجي. ناول ڏاڍو
دلچسپ هو، جڏهن ڪتاب پڙهي پورو ڪيم ته پڇاڙيءَ ۾
بولڊ ٽائيپ ۾ لکيل هو ’....... جو پٽ‘ يعني ته
ناول جو پورو سرو هو- ’ڪتي جو پٽ‘ ۽ اهو سڄو ناول
شيواجيءَ تي لکيل هو. ان مهل اهو پڙهي ڏاڍي خوشي
ٿي هئي، جو گهڻا مسلمان ائين خوش به ٿيندا آهن.
ڪافي زماني کان پوءِ ڏيپلائي صاحب کان روبرو سندن
اهڙن ڪتابن جي باري ۾ پڇيم ته پاڻ وراڻيائون ته:
”ان دور ۾ ڪٽر هندو ڪافي اهڙا ڪتاب شايع ڪرائي
رهيا هئا، جن ۾ مسلمانن جي ماضيءَ جي شخصيتن جي
ڏاڍي بيعزتي ڪيل هوندي هئي، ان ڪري کين جواب ڏيڻ
لاءِ مون اهڙا ڪتاب ڌڙا ڌڙ لکيا.“ مون وري پڇيو
مانس: ’هاڻي اوهان جي پنهنجن انهن ڪتابن جي باري ۾
ڪهڙي راءِ آهي؟‘ وراڻيائون: ”اهي ڪتاب ان وقت جي
ضرورت هئا. هندو ڪنهن آمريت ۽ سامراجيت جي ڪري
اُهي دل آزار ڪتاب شايع ڪن ها، جن ۾ هندو مسلمان
سڀ اهي ڪردار اچن ها، جن تاريخ ۾ ذليل ڪردار ادا
ڪيو ته پوءِ ٻي ڳالهه هئي پر انهن ڪٽر هندن جي نظر
۾ ذليل ۾ ذليل هندو تاريخي ڪردار به بهترين مسلمان
ڪردار جي ڀيٽ ۾ بهتر هو، انڪري کين اهڙو موچڙو هڻڻ
ضروري هو.“ ۽ وري مرڪي چوڻ لڳو: ”مون اهڙا موچڙا
رڳو ڪٽر هندن کي ته نه هنيا آهن، پر هر پرماري ۽
منافق کي هنيا آهن!“
بهرحال لساني فسادن ۾ سندس ’اسلامي دارالاشاعت‘ ۽
’قرآن پريس‘ کي ساڙيو ويو ۽ سندس ئي مسلمان ڀائرن
قرآن شريف کي شهيد ڪيو. منهنجي ويچار ۾ سندس انهن
مذهبي لکڻين جو اهو حيرتناڪ ائنٽي ڪلائميڪس هو!
ڏيپلائي صاحب نه رڳو پيري مريديءَ جي آڙ وٺي
پرمارين کي بي نقاب ڪيو هو، پر هر ان اداري يا شخص
جي خلاف قلم کنيو آهي، جن مظلوم ۽ معصوم لوڪ کي
ٺڳيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو دور هجي، جو ڏيپلائي
صاحب جيل نه ويو هجي. ڏيپلائي صاحب تازو به ڪجهه
ڏينهن جيل مان ٿي آيو هو. سندس هفتيوار ’انسان‘
سنڌي اخبار نويسيءَ جو ڇٽ هئي. اهو رسالو ون يونٽ
جي دور ۾ نڪتو ۽ هر پرچو ايترو ته سينسر ٿيو، جو
ڪڏهن اڌ اڌ رسالو ’اوور پرنٽ‘ ڪري پڙهڻ جي ناقابل
بڻايو ويندو هو. ڏيپلائي صاحب جي سنڌ جي اخبار
نويسيءَ ۾ به وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. پاڻ روزاني
’عبرت‘ ڪڍي، پريس قائم ڪري، پنهنجو هر ڪتاب وڌ گهٽ
پاڻ ئي شايع ڪيو. هفتيوار ’انسان‘ ڪڍيو (جنهن تي
سرڪار بندش وڌي)، ماهوار ’ساڻيهه ڊائجيسٽ‘ ڪڍيو ۽
روزاني ’سنڌ ٽائيمس‘ به ڪڍي. پر ڪامياب پبلشر نه
هو، بلڪل اهڙيءَ طرح، جو اڃا تائين ڪو سنڌي (سواءِ
عبدالمجيد ’عابد‘ جي) ڪامياب پبلشر ثابت نه ٿي
سگهيو آهي.
ڏيپلائي صاحب ڏينهن رات پريس تي ويهندو هو، پر نون
انتظامي طريقن ۽ قاعدن کان واقف نه هو. آءٌ سمجهان
ٿو ته ڏيپلائي صاحب کي هڪڙو منتظم ملي وڃي ها ته
هو لکاپتي هجي ها ۽ سندس اولاد مان ئي ڪير باقاعدي
واپاري بنيادن تي اخبار هلائي ها ته هاڻ نوڪرين
مان چار پنج هزار (وڌ ۾ وڌ) مهينو ڪمائڻ بدران
هرهڪ پٽ لکاپتي هجي ها، اهو
انڪري نه پيو چوان ته ٻيا سنڌي پبلشنگ مان ڪو لک
ڪمائي ويٺا آهن، پر اهو ان ڪري پيو چوان، جو جيترو
اڳ ڏيپلائي صاحب پبلشنگ جي ڪم جي شروعات ڪئي هئي،
سا جيڪڏهن باقاعدي منظم نموني ۾ ڪئي وڃي ها ته سچ
ته اها هڪ ’پبلشنگ ايمپائر‘ بنجي وڃي ها. پر
ڏيپلائي صاحب کي انهيءَ پبلشنگ کي ڌنڌو ڪري هلائڻ
جو ويچار به نه آيو هو. پاڻ ٻڌايو هئائين، جيڪڏهن
آءٌ واقعي پبلشنگ ۾ لکاپتي ٿي وڃان ها ته پوءِ اهو
ڪجهه لکي نه سگهان ها، جيڪي لکيو اٿم. پوءِ آءٌ هڪ
پئسي وارو پرماري ۽ اصولن تي ٺاهه ڪرڻو وارو هجان
ها. مون نهايت زور ڏيندي چيو: ’پر ڏيپلائي صاحب ڪو
سٺو، خانگي پبلشر نه هئڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي
واڌاري ۾ رنڊڪ به ته پئي آهي!‘ پاڻ نهايت گنڀيرتا
سان چيائين:
”انهيءَ خانگي پبلشر کي تيار ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪو
اهڙو ماڻهو ڳولڻو پوندو، جيڪو اديب نه هجي، جيڪو
رڳو ان کي ڌنڌو ڪري سمجهي. مون هاسيڪار پريس تي
پئسو وڃايو آهي. آءٌ پاڻ امير ٿيڻ نٿو گهران، بس
اولاد کي تعليم يافته ۽ پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهارڻ
ٿو گهران. آءٌ ته پنهنجي اولاد کي منهنجي ئي اصولن
تي هلڻ تي لاچار به نه ٿو ڪرڻ گهران، انڪري جو مون
کي پئسي جي لالچ آهي ئي ڪانه.“
سچ ته ڏيپلائي صاحب کي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ جو جنون
هو. ان کي پريس سان ايترو ته عشق هو، جو هر حالت ۾
پريس جو هڪڙو چڪر لڳائڻ فرض سمجهندو هو. اونهاري،
سياري، لڪن ۽ ميهن ۾، بيماري سيماريءَ ۾ وڃي پريس
۾ نڪرندو هو. آخري ڀيرو جڏهن ڏيپلائي صاحب تي اڌ
رنگ جو حملو ٿيو ۽ هو بلڪل بي سرت هو ته انهيءَ
ڪيفيت ۽ بيهوشيءَ ۾ ئي چوڻ لڳو: ”بابا منهنجو ڪوٽ
ته ڏجو، رڪشا ته گهرائجو ته پريس وڃان!“
اتفاق ڏسو ته آخري دور ۾ آءٌ کيس ڏاڍو ويجهو هئس.
ساڻن ڏاڍيون ڳالهيون ڪيم. سندن آتم ڪهاڻي، جيڪا
اڃا مختصر طور رسالن ۾ آئي، انهيءَ لاءِ کين مون
ئي زور ڀريو هو. مون کيس چيو هو ته: ’سائين، سڀ ڪم
ڇڏي، آتم ڪهاڻي مڪمل ڪريو.‘ پاڻ چيو هئائون:
”آءٌ هونئن به مڪمل ڪريان ها، ڇو ته آتم ڪهاڻي مون
آرام سان لکڻ ٿي گهري، هاڻي منهنجي آرام ڪرڻ جي
مهل اچي ويئي آهي. مون کي ڪيترو نه اطمينان آهي.
پنهنجي ذات کان، اولاد کان، حالتن کان، آءٌ هاڻي
پاڻ کي پرسڪون محسوس ٿو ڪريان.“
مون ڇرڪ ڀريندي چيو، ’ڏيپلائي صاحب، ڇا ٿا چئو
حالتن کان به؟‘ پاڻ کلندي چوڻ لڳو:
”ها حالتن کان به، ڇو ته حالتن کي سڌارڻ جي واڳ
اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ هاڻي حالتون اوهان جيئن
گهرندو تيئن ئي ٿينديون! آءٌ هيترا نوجوان شاگرد،
اديب ڪتابي سلسلا ۽ پورهيت ڏسان پيو، هاڻي سجاڳيءَ
جو پهريون ڏاڪو ورتو اٿئون، هاڻي ڄاڻ ته قهر جو
ڪوٽ ڪريو!“
مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو..... مون سمجهيو هو ته
شايد ساڻس ملندو رهان ٿو، ان ڪري لحاظ ڪندو هجي، ۽
پوءِ هڪ ڏينهن چيومانس ته: ’سائين، ’ساڻيهه
ڊائجسيٽ‘ اسان کي ڏيو، ته اسين ڪڍون!“ پاڻ هڪدم
وراڻيائين: ”اڄ ئي کڻ!“ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڀاءُ
کي ٻڌايم ته: ’هاڻي رسالي لاءِ سيڙپ ڪر، ٿي پبلشر
ته پوءِ باقاعدي رسالو ڪڍون.‘ دوستن کي خبر پئي ته
’ڏيپلائي، ’ساڻيهه‘ اسان کي ٿو ڏئي ته هڪ ٻن چيو
ته: ”ڏيپلائي ته سڀني کي ائين چوندو رهندو آهي،‘
پر جڏهن وقت ايندو ته پوءِ ڏسجانءِ!“ ان کان پهرين
ڪجهه وقت لاءِ ’ساڻيهه‘ ڊاڪٽر فيروز احمد ڪڍيو هو،
پر پوءِ ان به ڇڏي ڏنو. مون ڪتابن جي دنيا ۾ ناڪام
ٿيڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو هو ته جڏهن به پبلشنگ
جي جڳ ۾ وري داخل ٿيندس ته باقاعدي ليکي چوکي ۽
اڪائونٽ بڪس سان ٿيندس: ان ڪري آءٌ هڪ ڏينهن
ڏيپلائي صاحب وٽ لنگهي ويس ۽ چيومانس: سائين
’ساڻيهه‘ مون کي ڏيندا، پر دستاويز لکي ڏيندا، مفت
۾ قانوني ڪاروائي ڪري، نه ته آءٌ ڪونه وٺندس. مون
اهو شرط ائين وڌو، جيئن آءٌ ڏيپلائي صاحب کان قرض
لهڻندو هجان يا هو ڪو منهنجو ماتحت هجي. ڏيپلائي
صاحب جي وراڻي هن ريت ملي: ”تون اسٽامپ پيپر وٺي،
جيڪو وڻيئي ان کي لکي اچ، مون کان رڳو صحيح وٺي
وڃجان.“ آءٌ اها وراڻي ٻڌي پنڊپهڻ ٿي ويس. مون
سمجهيو هو ته ڏيپلائي صاحب مرڳوئي مون کي چوندو:
”ابا هوش ڪر، هڪڙو ته هن زماني ۾، جڏهن سنڌي رسالي
کي ڊڪليئريشن ملي ئي ڪونه، ٻيو مفت ۾ رسالو ڏيانءِ
۽ اهو به اسٽامپ پيپر لکي!“ پوءِ مون کانئس پڇيو:
’ڏيپلائي صاحب، ڇو ڀلا توهان ڪاوڙ ته ڪاوڙ جي ماڳ،
مرڳو ئي منهنجن شرطن تي پيا رسالو ڏيو!‘ چيو
هئائين:
”شاهه، مون تنهنجي ’ڌرتي‘ ڏٺي، مون توهان واري
’پرفيڪٽ پريس‘ ۾ ڇپائيءَ واري همت به ڏٺي، توکي
مون پرکيو به آهي، پر هڪ ڳالهه نه وسرندم ته تو
جيڪو ’ڌرتيءِ‘ ۾ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جو لکيل خط
پنهنجي ئي خلاف شايع ڪيو هو، ان مان انهيءَ ڏينهن
سمجهي ڇڏيو هئم، ته تون اظهار راءِ جي آزادي جيڪا
ٻين لاءِ گهرين ٿو، سا تون ٻين کي ڏيڻ لاءِ تيار
به آهين، تون ۾ مون کي وڏيون اُميدون آهن!“
آءٌ ڏيپلائي صاحب جا اهي ٻول مرڻ گهڙيءَ تائين نه
وساري سگهندس. سچ پڇو ته اهو خط ’ڌرتيءَ‘ ۾ الائي
مون ڪيئن شايع ڪري ڇڏيو هو، پر هينئر جڏهن به دل
منافقي ڪرڻ تي چوندي آهي ته ڏيپلائي صاحب جا ٻول
مون کي پنهنجي ضمير جي آواز تي بلائتي وک ڌرڻ لاءِ
اُڀاريندا رهندا آهن.
ڏيپلائي صاحب جي خوشيءَ جو رنگ مون سندن چهري مان
تڏهن ڏٺو، جڏهن ’سنڌي ناٽڪ صدي‘ سال جي سلسلي ۾ سؤ
سالن جي عيوضي ناٽڪن مان ڇهن ناٽڪن ۾ هڪ ناٽڪ
ڏيپلائي صاحب جو ’شاهدي‘ به چونڊيو ويو هو- ۽ سنڌ
سرڪار پاڻ اهي ناٽڪ اسٽيج ڪرايا هئا ۽ ڏيپلائي
صاحب سندس ناٽڪ واري ڏينهن تي پاڻ خاص مهمان هو.
سندس چهري تي انهيءَ ڏينهن واري خوشي ڪڏهن نه
وسرندي. سڀ ماڻهو کلي رهيا هئا ۽ ناٽڪ ماڻي رهيا
هئا، پر اُن ناٽڪ ۾ هڪ بنيادي نُڪتو هو، سو اڃا
تائين ڪنهن نوٽ نه ڪيو هو. پر جيئن ته آءٌ پاڻ سيد
آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه مون ئي نوٽ
ڪئي هجي ۽ تنقيد نويسن نوٽ نه ڪئي. مون ڏيپلائي
صاحب کي چيو ته: ”سائين، اخبارن ۾، ۽ تبصرن ۾ ته
اهوئي آيو آهي ته اوهان ڪوڙي شاهديءَ جي موضوع تي
ناٽڪ لکيو آهي، پر مون کي خبر آهي ته ان ناٽڪ جو
موضوع ڇا آهي!“
پچيائين: ”ڀلا تون ٻڌاءِ ڪهڙو موضوع آهي!“ مون
ٻڌايومانس: ’ناٽڪ جو مکيه ڪردار شاهد، هڪ سيد آهي
۽ اوهان اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سيدن جا
اهڙا ڪم اٿوَ!‘
منهنجي اها وراڻي ٻڌي هڪدم کڻي مون کي ڀاڪر
پاتائين: ”سچ تو ئي ڳالهه سمجهي آهي، آخر ته شاهه
آهين!“ وري چوڻ لڳو: ”هونئن شروع ۾ ناٽڪ تي گهڻن
ماڻهن اها راءِ ڇا، پر ڪاوڙ به ڏيکاري هئي، ته
چاليهن واري دور ۾ شاهه کي ائين پيش ڪرڻ جي مون
همت ڪئي هئي، پر هاڻي هن اسيءَ واري دور ۾ اها
اهڙي ته عام ڳالهه آهي، جو ماڻهن جو ڌيان انهيءَ
پاسي ويو ئي ڪونهي! اوهان شاهن ۽ پيرن جو رڪارڊ
هاڻي ڪافي خراب ٿي چڪو آهي!“
’يا پڌرو اوهان ڪيو آهي!‘ مون کيس کلندي چيو هو.
آءٌ هينئر به ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ سوچيندو
آهيان ته ڪاش اهڙي هر واسيت، اهڙي مڃتا، اهڙي
مهانتا مون کي ملي.
’ڏيپلو‘ ڏيپلائيءَ امر ڪري ڇڏيو آهي. ڏيپلي جو شهر
پڙهيلن ڳڙهيلن جو شهر آهي. هن هڪ ننڍي شهر تمام
گهڻا ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر ۽ پروفيسر پيدا ڪيا
آهن، پر جيڪا هاڪ ڏيپلائيءَ کي ملي آهي، سا ورلي
ڪنهن ٻئي کي ملندي. جڏهن سندس لاڏاڻو ٿيو ۽ کيس
حيدرآباد جي ’اميدن ڀرئي قبرستان‘ ۾ دفنايو ويو ته
دل ۾ خواهش ٿي، آمريڪا جي آرلنگٽن قبرستان وانگر
سنڌ جو به هڪ اهڙو قبرستان هجي، جتي اسان جا مهان
۽ عظيم ماڻهو، پوءِ کڻي ڪٿان جا به هجن، جڏهن
لاڏاڻو ڪن ته کين اتي ئي دفن ڪجي: پر جيئن ته اهڙو
قبرستان ڪونهي ته پوءِ انهن عظيم ماڻهن کي سندن
ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ ئي دفن ڪرڻ گهرجي. خير اها
ته هڪ جذباتي ڳالهه آهي. ڏيپلائي صاحب جهڙا ماڻهو
ته امر رهن ٿا ۽ هينئر به رکي رکي منهنجي ڪنن ۾
آواز پڙاڏجندو رهندو آهي. جيتوڻيڪ اهو آواز مون
ٻڌو به ڪونه هو: ”بابا منهنجو ڪوٽ ته ڏجو، پريس
مان ٿِي اچان!“
پروفيسر اعجاز قريشي
هستيءَ جو ڌراڙ- محمد عثمان ڏيپلائي
"In the confrontation of stream and rock, the
Stream wins, Not through Strength but through
perseverance."
”واهڙ ۽ پهاڙ جي ويڙهه ۾ سوڀ سدائين واهڙ ماڻيندو
آهي، ان ڪري نه جو اهو سگهارو هوندو آهي، پر ان
ڪري جو ان ۾ مستقل مزاجي هوندي آهي.“
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب، واهڙ وانگي ثابت قدم،
متحرڪ ۽ مستقل مزاج رهيو. سندس ڪامياب زندگيءَ جو
راز اهو ئي آهي. هن هوريان هوريان اڳتي وڌڻ شروع
ڪيو. ڏينهن رات جي ڦيري هن لاءِ به ڪيئي ڏک ڏاکڙا
آندا، پر هو ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ“
واري سٽ جو ورد ڪندو وڌندو رهيو، ائين جيئن درياء
اڳتي وڌندو ويندو آهي، ان جي راهه ۾ پهاڙ پهڻ
پوندا آهن، انهن کي ريڙهيندو ۽ لوڙهندو ويندو آهي،
۽ هڪ ڏينهن پنهنجي منزل مقصود کي رسي ويندو آهي.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٿر جي هڪ ڳوٺ
۾ هڪ غريب ۽ مسڪين ڪٽنب ۾ پيدا ٿيو هو، ان اڳتي
هلي علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ذات ۽ پورهئي وسيلي
اهو مقام ماڻيو، جيڪو تمام ٿورڙن قلم ڌڻين کي نصيب
ٿيو آهي:
ڏات نه آهي ذات جو وهي سو لهي.
”هستيءَ جو ڌراڙ“ لقب رکندڙ مشهور وجودي فلسفي
هائيڊيگر چيو آهي: ”انسان هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو
پنهنجين ڳجهين طاقتن کي ڪتب آڻڻ جي ساندهه لوڙ ۽
ووڙ ۾ رڌل آهي.“
اها چوڻي ڏيپلائي صاحب تي سئو سيڪڙو پوري لهي ٿي،
جنهن پنهنجين خداداد صلاحيتن، ارادي، نفس جي صفائي
۽ مزاجي سنوت وسيلي ووڙ ۽ جاکوڙ ڪئي، پنهنجي لاءِ
نه پر پنهنجي ماڻهن لاءِ پنهنجي وطن لاءِ هو. هڪ
صوفي منش ۽ اندر جي صاف سٿرو انسان هو. سچ جو
پارکو ۽ طرفدار هو. هن ڪڏهن به ماسو مال ميڙڻ لاءِ
ڪچُ نه ڪمايو، نه ته اڄ اسين ڏسون ٿا، ته ماڻهو
ادارا فقط ڪمائڻ خاطر ٺاهين ٿا، هر ڪنهن مٿي ۾
موڙيءَ جي ڀاوَنا جو واسرو آهي.
ڏيپلائي صاحب پهرين دستي اخبار ”فرحت آثار“
(19-1918ع) کان وٺي ”اسلاميه دارالاشاعت ميرپور
خاص“ تائين جيڪي ڪم ڪيا، اهي ان ڪري نه ڪيا جو هن
کي دولت جا ڍير کپندا هئا، يا هو مايا جي موهه ۾
ورتل هو، پر ان ڪري ڪيا، ته جيئن هن جي ديس جا
ماڻهو جاهليت واري دور کان ٻاهر نڪري اچن ۽ جديد
دور جا جديد انسان بنجن. نين گهُرجن جي سانچي/
قالب ۾ پنهنجي زندگي ڍالڻ لاءِ جستجو ڪن. پنهنجن
ديس واسين حالتن لاءِ هن لڳاتار ويڙهه ڪئي. هو
زندگيءَ جي آخري پل تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو، ڇو
ته:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وِهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، ته پير نه لهين پنهونءَ جو.
هيءُ پنهون ڪير آهي؟ اهو استعارو هر ڪنهن لاءِ
پنهنجي پنهنجي معنيٰ رکي سگهي ٿو، پر ڏيپلائي صاحب
لاءِ ”پنهون“ ان جو دُلارو ۽ پيارو ديس هو، جنهن
سان اننت عشق ۽ لامحدود انس جي سزا طور، هن ڀانت
ڀانت تڪليفون ۽ سهسين صعوبتون سٺيون، جيل ڪٽيا،
ايتري تائين جو مٿس ملحد ۽ دهريي هئڻ جون فتوائون
لڳايون ويون، پر هيءُ مرد مومن پنهنجي ديس، ان جي
خوشي ان جي سڪار، ان جي سک کي اوليت تي رکندي،
چوندو رهيو:
”هان وه نهين خدا پرست، جاو وه بي وفا سهي،
جن ڪو هو دين ودل عزيز،
اس ڪي گلي مين جائي ڪيون؟“
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي:
"Success is always within reach"
(سوڀ سدائين رُسڻ جوڳي هوندي آهي)
جيڪڏهن ان چوڻيءَ جي ڪسوٽيءَ تي ڏيپلائي صاحب کي
پرکبو، ته اها سورنهن آنا سچ ثابت ٿيندي. سندس دور
ايترو سهنجو به نه هو، هڪ پاسي سندس وطن واسي
جسماني طرح جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن وٽ
باندي هئا، ته ٻئي پاسي روحاني طرح پيرن، سيدن ۽
مذهبي دعويدارن جي ور چڙهيل هئا. ان صورتحال ۾ اهو
ضروري ٿي پيو هو ته نئون روشن خيال، ترقي پسند ۽
جديد معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ سڀني بديءَ جي قوتن سان
ٽڪر کائجي. ان ويڙهه ۾ ڏيپلائي صاحب اڳ اڳ ۾ رهيو.
هن پنهنجن اخباري ڪالمن، ايڊيٽوريلن، ڪهاڻين،
مضمونن، ناولن توڻي افسانن وسيلي مرشد ۽ وڏيري جو
اصل روپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ پاڻ وڏيءَ حد
تائين ڪامياب به ويو. جيتوڻيڪ اسان جو معاشرو اڄ
ڏينهن تائين ان ٻٽي (جسماني ۽ روحاني) غلاميءَ مان
گذري رهيو آهي، پر هاڻي گهڻو ڪجهه تبديل به ٿيو
آهي، پير مرشد ۽ ڀوتار وڏيري جي اها لئه، اهو رعب
۽ دٻدٻو ناهي رهيو، جيڪو اڄ کان 50 ورهيه اڳ هو،
ماڻهن جو ذهن گهڻو مٽجي ويو آهي: ۽ اهڙيءَ تبديلي
۾ جيڪا هوريان هوريان عمل ۾ آئي آهي، ڏيپلائي صاحب
جهڙن جاکوڙي، باعمل ۽ ورچي نه ويهندڙ امر ڪردارن
جو تمام وڏو هٿ آهي. سچ پچ ته اسين وڏا خوشنصيب
آهيون جو اسان وٽ اهڙا همٿ ڀريا انسان پيدا ٿيا،
جن پنهنجي زندگيءَ جي خوشي، ٻين جي خوشيءَ ۾ ڏٺي ۽
ٻين جا ڏک ڀري پنهنجيءَ جهوليءَ ۾ کنيا. اڄ اسين
ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان فيض پرايون ٿا، سکون
ٿا، پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا چوندا آهن ته:
”وڻ پنهنجو ميوو پاڻ نه چکندو آهي.“
ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽ ان جي ڪم تي گهڻو ڪجهه
لکيو ويو آهي، ۽ اهو پڙهندڙن تائين پهچايو به ويو
آهي. هتي آءٌ رڳو سندس ٻن پهلوئن تي روشني وجهڻ
چاهيان ٿو، هڪ سندس شاهڪار ناول ”سانگهڙ“ ۽ ٻيو
سندس سنڌ دوستيءَ وارو پاسو. هونءَ ته ڏيپلائي
صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڳڻيو ويندو،
ته اهو ڀانيان ته 200 تائين ته وڃي رسندو. پاڻ
صحافي به هو، ته پبلشر به هو، ناول نگار به هو، ته
افساني نگار به هو، ڊراما نويس به هو، ته ڪهاڻيڪار
به هو. ان ڪري سندس لکڻيون به گهڻيون ئي آهن، سڀ
ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن:
”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“
پر ڏيپلائي صاحب جي جن لکڻين کي تمام گهڻو مان
مليو، انهن مان ”سانگهڙ“ ناول به هڪ آهي. اهو ناول
هڪ ئي وقت رپورٽ به آهي ته تاريخ به آهي. جيڪڏهن
ان کان ادبي ترتيب ۾ بيهاربو ته اهو ناول بنيادي
مزاحمتي ادب جي دائري ۾ اچي ٿو. ان ناول کان اڳ
سنڌي ادب ۾ انهيءَ موضوع تي، انهيءَ قسم جو، ڪوبه
طبع زاد جامع قسم جو شاهپارو موجود نٿو ملي. انڪري
جيڪڏهن پاڻ هيئن چئون، ته سانگهڙ ناول وسيلي
ڏيپلائي صاحب سنڌيءَ ۾ مزاحمتي نثر جي پيڙهه وڌي،
ته مان ڀانيان ته ڪنهن کي به مٺيان نه لڳڻ کپي. ان
ناول ۾ انگريزن خلاف وڙهندڙ سنڌي سورمن جا واقعا
بيان ڪيا ويا آهن، جن سان ڏيپلائي صاحب جي ملاقات
جيل ۾ به ٿي. ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن سان
ڪچهريون ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ ادبي فن پارو سرجڻ
ٻي ڳالهه آهي، ان لاءِ لکڻ جي ڏات ۽ فن جي گهرج
آهي، اهي شيون ڏيپلائيءَ صاحب وٽ موجود هيون. ان
کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ۾ نثر خاص طور تي ناول لکڻ
جي بي پناهه صلاحيت موجود هئي، ان جو اندازو اتان
لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ساٺيڪو کن ناول لکيائين،
جيڪي مختلف موضوعن تي ٻڌل آهن. جڏهن تاريخ يا
تاريخ سان واسطو رکندڙ اهم واقعن تي ناول لکڻ لاءِ
ڪوبه ليکڪ سهي سنبري ويهندو آهي ته ان مٿان
ذميداري هيڪاري وڌي ويندي آهي- ڪٿي ڪردار نگاري ۽
فني پيچيدگين جي رولي ۾ اصل حقيقتون نه ميسارجي
وڃن، ڏيپلائي صاحب فني مهارت ۽ حاضري دماغيءَ سان
ٻنهي ڌارائن سان گڏ گڏ، ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو
آهي.
آءٌ سمجهان ٿو، ته سانگهڙ ناول لکڻ لاءِ کيس جيل ۾
قيدين سان ملاقاتن وسيلي ڪچو مواد ضرور مليو، جنهن
کي پاڻ سوڌي سنواري پيش ڪيو، پر سندس هن شاهڪار
سرجڻ جو اصل محرڪ انگريز سامراج سان سندس نفرت
هئي.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي سرشت ۽ فطري سٽاءَ ۾ هڪ باغي
ماڻهو هو، باغي ماڻهو هر قسم جي ظلم، ناانصافيءَ،
بربريت، استعماريت، پرماريت، زور، زبردستيءَ ۽ ڪوڙ
کي برداشت نه ڪندا آهن. جيڪڏهن اهو باغي ليکڪ جي
روپ ۾ آهي، ته اهي ستم روا رکندڙ، قبضي گير قوتن ۽
ناانصافيءَ جي بڇڙن ڪردارن جي تصوير پنهنجي قلم
وسيلي چٽيندا آهن. سانگهڙ ناول ۾ ڏيپلائي صاحب جو
گهڻو تڻو زور سنڌين جي سورهيائيءَ کان وڌيڪ
انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ، انهن جي حڪمران لهجي ۽ سندن
سامراجي ذهنيت کي پڌري ڪرڻ تي رهيو آهي.
هونءَ ته هن ناول کي سنڌي ماڻهن جي انگريزن خلاف
جوٽيل جنگ ۽ ان جنگ جي مارڳ ۾ مرندڙ ڪردارن خاص
طور تي پير پاڳاري صبغت الله شاهه جي شهادت جي
حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر هن ناول جو اهم پاسو
انگريز سامراج کا ڀرپور نفرت جو اظهار آهي، ۽ اها
نفرت ڏيپلائي صاحب پنهنجي من ۾ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت
سان پالي هئي، هونءَ پاڻ سموري ڄمار جڙتو ۽ ڍونگي
پيرن مرشدن خلاف لکندو رهيو، پر سانگهڙ مان اها
ڳالهه ثابت ٿئي، ته پاڻ پيرن سان نه پر انهن جي
ڪرتوتن ۽ پرڪارن سان نفرت ڪندو هو، هن کي ڪنهن ذات
کان ڌِڪار نه هئي، پر ذات جي آڙ ۾ ماڻهن کي ٺڳڻ،
ڀلائڻ ۽ ڀٽڪائڻ ۽ انهن کي جاهليت جي دائري ۾ رکڻ
وارن ڪُڌن ۽ بڇڙن عملن کان نفرت هئي. پير صبغت
الله به هڪ پير هو، سندس گادي ان وقت جي وڏين ۽
مان مرتبي وارين گادين مان هڪ هئي، پر جڏهن اهو
پير، انگريز سامراج سان ٽڪر کائي ٿو، ته ڏيپلائي
صاحب ان پير جي پاسي ٿي بيهي ٿو. هن کي اها پرواهه
به ناهي ته ان ويڙهه ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو،
پر هن لاءِ اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته ڪير ڪنهن سان
وڙهي ٿو ۽ ڪهڙي مقصد ڪارڻ وڙهي ٿو؟ ڪير حق آهي ۽
ڪير باطل آهي؟ جنگ جي ميدان جي پرک اها ناهي
هوندي، ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو، پر اصل ڳالهه
هيءَ هوندي آهي ته ڪير ڪيئن وڙهيو ۽ ڪنهن سان ۽ ڇا
لاءِ وڙهيو؟ ڪربلا جو فاتح يزيد آهي يا حسين؟ اهو
اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي، ساڳي نموني حر تحريڪ جو
فاتح انگريز آهي يا پير صبغت الله، اها ڪٿ به بنهه
سولي آهي.
ان ڳجهارت جي هڪ ڀڃڻي هيءَ به آهي، ته ڏيپلائي
صاحب جو ”هيرو“ پير پاڳارو آهي ۽ انگريز سامراج هن
اڳيان ”ولين“ آهي. آءٌ ته اهو چوندس ته سنڌ جي
نسبت سان ڪڏهن به انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي کان
تاريخ گڏ ڪئي ويئي، ته ان لاءِ بنيادي دستاويز
سانگهڙ ناول آهي.
اڄ جو سامراج آمريڪا آهي، جنهن پنهنجي ساٿارين سان
گڏجي افغانستان، شام ۽ عراق جا شهر تباهه ڪيا آهن،
اتان جي ماڻهن کي بمن ۽ گولين جو نشانو بنايو آهي،
ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي: سندن وطنن تي
قبضو ڄمايو آهي، ساڳئي نموني ڪالهه سامراج برطانيا
هو، جنهن ننڍي کنڊ تي قبضي کان پوءِ سنڌ تي هوائن
مان بم وسايا ۽ اتي مارشل لا لاڳو ڪيو. اها
انساني، غير اخلاقي ۽ سامراجي ڪارواين جو جيڪڏهن
ڪوبه مستند ۽ معتبر ”رفرنس“ آهي، ته اهو ”سانگهڙ“
ناول ئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ”سانگهڙ“ ناول ئي آهي،
ڇاڪاڻ ته اهو تاريخي اندازن، قياس آراين ۽ تجزين
کان وڌيڪ حقيقي واقعن ۽ ڪردارن تي ٻڌل آهي.
ان کان پوءِ ڏيپلائي صاحب جي ٻئي پهلو، سنڌ
دوستيءَ ڏانهن اچان ٿو:
سنڌ اها ڀاڳيري، سدا سهاڳڻ، مٺڙي ۽ مهان ۽
مهانتائن جي وارث ڌرتي آهي، جنهن تاريخ جي هر ڪنهن
زماني ۾، پنهنجي سدا سائي ڪُک مان هزارن ڳُڻن سان
مالامال، ڪردار ۽ گفتار جي سچن، باصلاحيت ۽ باوقار
سرويچن، سورمن ۽ سالارن کي جنم پئي ڏنو آهي، اهي
ئي ماڻهو آهن، جيڪي سندس سونهن ۽ سوڀيا جا محافظه،
ساکي ۽ ڌڻي رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب به سنڌ جو سچو
۽ سڀني وصفين سهڻو پٽ هو. هن کي "Son
of the Soil" جو
خطاب ڏجي، ته انهيءَ اصطلاح سان انصاف ٿيندو. هن
جون لکڻيون، هن جو ڪردار، هن جو هر عمل سنڌ سان
محبت جو عڪس پيش ڪري ٿو. هونءَ ته سندس وطن
دوستيءَ لاءِ اهو ئي چوڻ ڪافي آهي ته پاڻ ٽي ڀيرا
1958ع، 1961ع، 1975ع ۾ جيل ڀيڙو ڪيو ويو. هن ڪا به
چوري نه ڪئي هئي، هن ڪنهن کي رستي ويندي به نه
ڦريو، نه ئي هن ڪنهن تي بندوق تاڻي هئي، پر پوءِ
هن کي جيل جي سزا ڇو ٻڌائي ويئي؟ ان جو جواب هيءُ
آهي، ته هن پنهنجي وطن واسين ۽ وطن جي بچاءَ جي
جنگ قلم ۽ وسيلي وڙهي، حڪمرانن جي سازشن، انهن جي
سنڌ مخالف قدمن، فيصلن ۽ پاليسين جا وکا پڌرا
ڪيائين، اهو ئي سندس ڏوهه هو، پر هتي سندس وطن
دوستيءَ تي روشني وجهڻ لاءِ ڪجهه حوالو ضرور ڏيڻ
چاهيان ٿو.
”اسين ته سمجهون ٿا، ته جا اخبار پنهنجي وطن جي
غلاميءَ خلاف آواز بلند نٿي ڪري الٽو ان (غلاميءَ)
جي فائدي ۾ ٿي لکي، ته اها بند ٿي ڀلي آهي.“
مٿيون ٽڪرو ڏيپلائي صاحب جي”عبرت“
اخبار لاءِ لکيل ايڊيٽوريل مان ڏنو ويو آهي.
ون يونٽ جي سياسي سازش خلاف هونءَ گهڻن محاذن تان
جنگ وڙهي ويئي، پر صحافتي ميدان ۾ وڏو مجاهد
ڏيپلائي صاحب ئي رهيو. هن اخباري مضمون ۽
ايڊيٽوريل وسيلن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ ۽
صوبن جي تاريخي حيثيت ۽ سندن اقتدار اعليٰ ۽ حق
حاڪميت جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو، جنهن جي موٽ ۾
سرڪار اخبار جا اشتهار بند ڪري ڇڏيا. هن ايڊيٽوريل
۾ ڏيپلائي صاحب جنهن ”عظيم پنجاب“ ٺاهڻ واري
منصوبي جو حوالو ڏنو آهي، اهو بنگال جي ورهاڱي کان
پوءِ واري پاڪستان ۾ ڪيترو نه سچ ثابت ٿيندو رهيو
آهي)
”سنڌ جون رڙيون“ نالي ايڊيٽوريل ڏيپلائي صاحب جي
لکڻين مان خاص ڌيان ڇڪرائي ٿو، جيڪو ان وقت جي
فوجي حڪومت پاران مقرر ڪيل تعليمي ڪميشن جو سفارشن
خلاف آهي، جن ۾ ٽين درجي کان وٺي اردو لازمي قرار
ڏني وئي هئي ۽ ڇهين درجي کان ان کي تعليمي ذريعو
بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هئي، پاڻ هن ايڊيٽوريل ۾
سنڌي ٻوليءَ جو دفاع ڪندي لکي ٿو:
”اهڙي ترقي يافته زبان سنڌي، جا اڍائي سئو سالن
کان ذريعه تعليم پئي رهي آهي ۽ اٽڪل پنج هزار
ورهين کان هڪ وڏيءَ ايراضيءَ جي ڳالهائڻ خواهه لکڻ
جي زبان ٿي رهي آهي، تنهن کي هن طرح يڪ قلم نابود
ڪرڻ جهڙين رٿن تي سنڌي وائيس چانسلر ڪنهن به صورت
۾ صحيح نه پائي ها، پر نئون آيل وائيس چانسيلر
محترم رضي الدين صديقي صاحب کي انهن ڳالهين جو علم
ڪونه هو ۽ فطري طرح به هو اردوءَ جو دلدادو هو،
ان ڪري هن بنا ڪنهن چون چران جي کڻي انهيءَ ”سنڌي
ڪش“ رپورٽ تي صحيح ڪئي.“
مٿي جنهن ايڊيٽوريل جو حوالو ۽ اقتباس ڏنو ويو
آهي، اهو هر ڪنهن سنڌ سڄڻ کي پڙهڻ کپي، مٿي ڏنل
ٽڪري ۾ ”سنڌي ڪش“ لفظ جو واهپو ڪهڙي نه سهڻي نموني
ڪيو ويو آهي. اهڙي ڪوشش هڪ سچو ۽ نج پج هڪ سنڌ
دوست انشاءپرداز ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو.
آخر ۾ آءٌ اهو چوڻ چاهيان ٿو، ته ڏيپلائي صاحب هڪ
عظيم انسان دوست، وطن پرست ۽ سچ جو علمبردار
ليکاري هو، هو وهمن ۽ وسوسن کان آجي سنڌ جو حقيقي
پرچارڪ هو، ۽ هڪ نفرت، بدي، ڪوڙ، مذهبي تعصب ۽
متڀيد کان آجي سماج جو وڪيل هو. اهڙا ماڻهو پنهنجي
مٽ پاڻ هوندا آهن، انهن جو ڪم لفظي ساراهه کان
گهڻو گهڻو مٿاهون هوندو آهي. ڏيپلائي صاحب جهڙا
ليکڪ يا ته ڪنهن روايت جو انت هوندا آهن يا ڪنهن
نئين طرزِ فڪر جي ايجاد ڪندڙ هوندا آهن، اهي اهڙا
باغي هوندا آهن، جيڪي پراڻين روايتن تي ڪاپاري ڌڪ
هڻندا آهن، اظهار جا نوان قالب گهڙيندا آهن ۽ نئون
سوچ ۽ فڪر جو نظام آڻيندا آهن، هو پنهنجي زماني
کان گهڻو اڳتي سوچيندا آهن ۽ پنهنجي دور جي آرسي
هوندا آهن، جيڪا اڳتي هلي وقت جي صدا بنجي ويندي
آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ اسين هن کي ياد ڪريون
ٿا ۽ کيس هڪ فڪر جي روپ ۾، سدائين پنهنجي وچ ۾
پايون ٿا. سچ پچ ته ڏيپلائي صاحب جي ڪيل ڪارنامن ۽
خدمتن جو ڪوبه ملهه ناهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي
هن محسن کي پنهنجي وجود جي بقا تائين وساري نه
سگهندا.
نصير مرزا
ساهت
جو سپهه سالار
گاڏي کاتي ۾ حڪيم شمس الدين جي ’مطب‘ ڀرسان
هڪڙِي پُراڻي گهٽي آهي، گهٽ ڪشادي ۽ رات جي وقت
گهڻي پُراسرار... منهنجي سانڀر ۾ ڏيپلائي صاحب جن
اِن ئي گهٽيءَ جي هڪ ڀؤائتي بلڊنگ ۾ رهندا هئا...
جنهن جي ڪجهه وِکن تي ڪنهن ڀوت ناٿ چرچ نما، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو اولڊ ڪئمپس هوندو هو ۽ اڄ به
آهي... ٻئي پاسي ڪُنڊ سان پِپر جو هڪڙو اڪيلو
پوڙهو وڻ ۽ ان جي ڀرسان وري هڪ مسجد... جنهن سان
لڳو لڳ ’سب رجسٽرار‘ جي ’جعفرين‘ واري آفيس...
جنهن جي لنگهه وٽ سنڌ يونيورسٽي ’نيو ڪئمپس‘ جي
شاگردن لاءِ ايس. آر. ٽي. سِي. بسن جو اسٽاپ هوندو
هو، جتي فوٽ پاٿ جي ڀرسان پٿر جِي هڪ ننڍڙي ديوار،
جنهن تي انهن بسن
جو ڪو اڳوڻو نيم پاڳل عمر رسيده ڪنڊيڪٽر، ٽَنگ
ٽَنگ تي رکي سارو ڏينهن هٿ جي ٻن آڱرين منجهان
پستول ٺاهي ’ٺيشُون ٺيشُون‘ ڪندو رهندو هو... ته
بس، گاڏي کاتي جي اِن ئي پُراسرار علائقي ۾ مون،
هن عجوبهءِ روزگار ۽ ڪلاسڪ نما انسان... سائين
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کي اڪثر، گُهمندي
ڦرندي... ۽ حڪيم شمس الدين جي مطب واري، پُراسرار
گهٽيءَ منجهان ڪڏهن اُڀرندي، ته ڪڏهن وري اُلهندي
ڏٺو پئي.
اصل ۾ مون عين ٻالڪپڻ دوران به ڏيپلائي صاحب کي
پنهنجي پاڙي ’ٽنڊي ٺوڙهي‘ ۾ ٿيندڙ ’سالانه قليچ
ڊي‘ وارين تقريبات ۾ به ته ڏٺو هو ۽ هاڻي اجهو
جوانيءَ ۾ وري سائين نثار حسينيءَ جي صحبت ۽ طارق
عالم جي ’ساٿ سنگهر‘ ۾ جڏهن پيوَست ٿيس، ته ستر
واري ڏهاڪي کان وٺي گاڏي کاتي جو ڏيپلائي صاحب
وارو هيءُ اِهو ئي ته اُهو سارو علائقو هو، جيڪو
اسان ٽنهين جي رولاڪين ۽ اوڄاگن جو به مرڪز هوندو
هو. هونئن حيدر چوڪ ۽ گاڏي کاتي واري هيءَ به اها
ئي ته ساڳي ئي دنيا هئي، جتي سنڌ جا وڏا وڏا وطن
پرست، سچا هڏڏوکي مخلص ڪارڪن ۽ قلم جا عظيم سپاهي
هِن علائقي جي ’سنگهاسن‘ تي زندهه و تابنده ۽
ايندي ويندي مون پڻ ڏٺا پئي. جيئن مثال طور شيخ
عبدالمجيد سنڌي، ابنِ حيات پنهور، ع. ق. شيخ،
مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد
ابراهيم جويو، حيدر بخش جتوئي، علي محمد شيخ... ۽
انهن عظيم انسانن مان خاص ڪري محمد ابراهيم جويي
صاحب، مولانا گرامي ۽ ڏيپلائي صاحب کي ته ڪيترائي
ڀيرا مون، اُن جُوءِ ۾ همقدم ۽ گڏگڏ گهمندي ڦرندي
به ته ڏٺو هو.
تڏهن غير محسوس انداز ۾ خوامخواهه گُهتِ هڻي سندن
وچ مان يا ڀرسان لنگهڻ دوران آءٌ ڪيڏو نه فخر پيو
محسوس ڪندو هوس ۽ ڪو شايد متان اڄ ويساهه نه به
ڪري، پر قسم خدا جو، مون ۽ منهنجي ٽِڙنگ دوست طارق
عالم... هن پنهنجي جويي صاحب ۽ ڏيپلائي صاحب کي ته
’بازارِ حسن‘ ۾ به گڏو گڏ ڏٺو هو، پر حيران پريشان
نه ٿيو، اُها ’بازارِ حسن‘ هُوءَ نه... فلم
’بازارِ حسن‘ هئي... جنهن جي هيروئن هئي سلميٰ
آغا. اها فلم ’فردوس سئنيما‘ ۾ لڳل هئي ۽ ياد اٿم
ميٽني شو ۾ اُهو سخت گرميءَ وارو ڏينهن هو، جو ان
سئنيما جي گئلريءَ ۾ جيئن جو اسين گهڙياسين ته هي
ٻيئي بزرگ اتي اڳيئي موجود هئا... ۽ ايئن هڪ ڀيرو
نه... ڪيئي ڀيرا اسان کين ٻن ٻارن وانگر جوڙِي
ٺاهي، اُنهيءَ ساڳيءَ سئنيما ۾ فلم ڏسڻ لاءِ موجود
پئي ڏٺو. خاص ڪري ان وقت ته کين ڏسي ڪيڏو نه
’گدگد‘ ٿيندا هئاسين، جڏهن فلم شروع ٿيڻ کان اڳ
روايت مطابق سئنيما هائوس ۾ پاڪستان جي قومي تراني
وڄڻ وقت، با ادب ۽ با ملاحظه هال اندر اٿي بيهڻ جو
اعلان ٿيندو هو، ته سموري خلق ته اڌ تراني دوران
ئي سيٽن تي ويهي رهندي هئي، پر هي ٻيئي ’مهذب
باادب بزرگ‘ عام تماشبينن کان قطع نظر تراني جي
احترام ۾ اول کان آخر تائين بيٺا ئي رهندا هئا ۽
ترانو ختم ٿيڻ بعد ئي سوکا ٿي، پوءِ سيٽن تي ويهڻ
لڳندا هئا. بعد ۾ فلم هلڻ دوران کين عينڪن جا شيشا
صاف ڪري، ڪن رومانوي منظرن ۽ نچڻ واريُن جي ٺمڪن
کي ڏسڻ دوران به اسين کين چِتائي چِتائي پيا ڏسندا
هئاسين.
ها! ياد پيم... ريشم گليءَ مان، حبيب بئنڪ واري
چاڙهيءَ تان لهي، گول بلڊنگ ڏانهن ويندي، ’اسلاميه
پرنٽنگ پريس‘ جي ڪرسيءَ تي ويٺي به ته کين مون
ڪيئي ڀيرا ڏٺو هو... عينڪ اکين تي، ڪنڌ هيٺ ۽ لِک
لِکان ۾ مصروف... پوءِ کين حيدر چوڪ ڀرسان يا
ڇوڏڪي گهٽيءَ جي سيڪنڊ هينڊ ڪتابن جي گاڏن ڀرسان
به ته مون اڪثر ڏٺو هو، ۽ اهڙن ڪتابن جي ڦلهور
ڦلهوران دوران ڪڏهن ڪڏهن ته مولانا گرامي صاحب ۽
جويو صاحب به ساڻن مون اڪثر گڏ ئي ڏٺا. جن ۾
ڏيپلائي صاحب پنهنجي قد بدن، ٿُلهن شيشن واري
عينڪ، مٿي تي جناح ڪئپ، نمايان نَڪَ ۽ سَنهن چَپن
(جيڪي ڏيپلائي ميمڻن جو خاصو آهن) سبب نمايان
نمايان ئي پيا نظر ايندا هئا. يا وري سنگت سان گڏ
رستي تي هلندي کين جڏهن جڏهن ڏٺم ته ڪجهه بئلينس
ڪجهه اَن بئلينس هلڻ سبب، پاڻ گرامي صاحب ۽ جويو
صاحب جي ڀرسان ڀرسان هلندي، ساڄي کاٻي ٽنگن تي زور
ڏيئي هلڻ واري عادت سبب به، بلڪل منفرد منفرد پيا
نظر ايندا هئا. سڀاءُ سندن پڪ سان ته رَلڻو مِلڻو
۽ کِلڻو هو ۽ اِهو هِتي اِن ڪري به پيو لکان جو
پنهنجي اِن سنگت سان مون کين جنهن به وقت ڏٺو،
چَهڪندي ٻَهڪندي کِلندي، مِلندي ۽ تاڙا ملائيندي
ئي ڏٺو.
اجهو اڄ اُنهن پراڻن ڏينهن ڏانهن مُڙي ڏسان ٿو ته
ياد پيو اچيم ته 1978ع ڌاري، بي. اي. ۾ سنڌي
سبجيڪٽ، مون آپشنل طور کنيو هو، تڏهن ڏيپلائي صاحب
جي لکيل رنگارنگ موضوعن تي ڪتابڙن جا نالا نظر مان
گذريم، ’خلفاءِ راشدين‘،
’ارشادالخلفاء‘، ’نُورِ توحيد‘، ’آفريقا جي
شهزادي‘، ’دُخترِ اسلام‘... ۽ پوءِ انهن مان ڪن
ڪتابن جا ٽائٽل ڏٺم، ته اُنهن جي مٿان ليکڪ جو
نالو درج هو ’مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ان کان
پوءِ مختلف، لائبريرين ۾ محض حوالي طور جيڪي جيڪي
سندن ٻيا ڪتاب ڏٺم، ته انهن جا نالا ته صفا ئي غير
شرعي ۽ منفرد منفرد پئي نظر آيا هئم. مثال طور
’شيخ المشائخ‘، ’مرشد جي ڏاڙهي‘، ’مرشد جون
ٽنگون‘، ’مرشد جو گهوڙو‘... اڙي هان... هي ڇا؟ هي
ته ڪي ڏاڍا ئي دلچسپ موضوع هئا جن تي پاڻ اُهي
ڪتاب لکيا هئائون. پر افسوس! تمام تر ڳولا جي اِهي
ڪتابَ پڙهڻ لاءِ مون کي ڪٿان به دستياب ئي ٿي نه
سگهيا. تڏهن هاڻي سائين جي ايم سيد جي شاهڪار ڪتاب
’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ سندن بابت اجهو هي به ته
پڙهيم... ”ته ڏيپلائي صاحب لکڻ جي مشين آهي... ۽
ڪو خيال ايندو اٿس ته هڪدم ئي ناول لکي وٺندو
آهي.“
بعد ۾ هِتان هُتان ڏيپلائي صاحب جا جيڪي جيڪي به
ڪتابَ مون کي هٿ لڳا، انهن جي مطالعي منجهان
اندازو ٿيندو رهيم ته سندن تحرير جا ٻه رخ آهن. هڪ
پاسي اسلام جي عظمت جو پرچار، ديني درس، اخلاقيات
جا سنيها، وطن پرستيءَ جا سڏ واڪا ته ٻئي پاسي ظلم
۽ جبر خلاف مزاحمت جو پرچار، ميرن، پيرن ۽ خاص ڪري
مرشدن جي سنڌ منجهان پاڙ پٽڻ جا ارادا... ۽ خاص
ڪري فرنگين ۽ ڦورن خلاف سندن لکيل ناول ’سانگهڙ‘
جي ته ان زماني ۾ مون وڏي ئي هاڪَ ڌاڪَ ٻُڌي هئي.
هاڻي اهو ڪتاب هٿ ڪريان ته ڪٿان؟ خوشقسمت! هڪ
ڏينهن ڇا ڏسان ته ڪوئي ننڍڙي قد وارو سهڻو جوانڙو
گول بلڊنگ لڳ، پشورين واري عمارت وٽ هٿ پويان ڪري
پُٺيرو بيٺو آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڏيپلائي صاحب جو
اُهو ئي ’سانگهڙ‘ ناول باقاعده موجود... اڳيان وڌي
ان پياري ڇوڪري سان وڃي مليس ته نالو ان جو به اهو
ئي ساڳيو، يعني محمد عثمان... پر ادبي نالو ’ناز
سنائي‘... خير ان وقت ته صرف ’سانگهڙ‘
ناول جي ٽائٽل کي ئي آءٌ ڏسي سگهيو هوس ۽ ان کي
پڙهڻ لاءِ، پوءِ مون کي ڪيئي ورهيه انتظار ڪرڻو
پيو هو، ۽ جڏهن ان جو نئون ايڊيشن 1980ع ڌاري شايع
ٿيو هو، تڏهن وڃي ان کي پڙهي سگهيو هوس.
بحرڪيف، هتي ايئن لکڻ ۾ به ڪو حرج ڪونهي، ته
ڏيپلائي صاحب ڄمندي ئي ڄام... داناء... عاقل...
باشعور ۽ باخبر هستيءَ جو مالڪ هو... ۽ اجهو هيءُ
جنهن رُڃ سُڃ ۾ پاڻ ڄائو هو، اُتي هڪ پاسي جي
ڪارونجهر جبل هو ته ٻئي پاسي وري روهيڙي جو وڻ،
گرينائٽ پٿر، بليڪ گولڊ... اُونها کوهه... مورن جا
ٽهوڪا... ۽ روپلي ڪولهيءَ جي وطن پرستيءَ جا هوڪا
واڪا... پوءِ جنهن زماني ۾ پاڻ شعور جون اکيون
کوليون ته آس پاس جي دنيا ۾ مهاڀاري يُڌن جو چؤٻول
متل هو.
ننڍي کنڊ تي فرنگين جو تسلط ۽ ٿورو پريان روسي
انقلاب جو غلغلو، پوءِ فرينچ انقلاب... ملڪ ايران
۾ ’انقلابِ ايران‘، پوءِ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو...
سنڌ تي ڀائي لوگن جي يلغار.... پنجابين جي ڦُر
ڦُران... سنڌي ٻوليءَ سان ٻه اکيائي... ۽ اهڙين
حالتن ۾ حساس ذهن، ڏيپلائي صاحب حق سچ جي حمايت ۽
سنڌ وطن جي محافظ طور کيسي مان قلم جي تلوار ڪڍي،
هڪ پاسي جي انسان دوستيءَ جو پرچار ڪيو ته ٻئي طرف
وطن پرست سنڌ جو سپاهي بڻجي وچ ميدان ۾ لهي آيو.
تڏهن ’سانگهڙ‘ ناول جي سِٽ سِٽ ۾ به پاڻ اهڙو ئي
ته ڪجهه لکيو هئائون، جيئن گورڪيءَ پنهنجي ناول
’ماءُ‘ ۾ روس کي پنهنجي قلم جي ڀاڪر ۾ ڀري بچائڻ
جو جَتن ڪيو هو ۽ ڪو مڃي يا نه، سراج صاحب جو ناول
’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ آغا سليم صاحب جو ناول ’اونداهي
ڌرتي روشن هٿ‘... دراصل سندن ئي ناول ’سانگهڙ‘ جي
ئي ته تسلسل ۾ سِرجيا ۽ لکيا ويا هئا... بعد ۾
دنيا مان ويندي ويندي به ڏيپلائي صاحب 72 ورهين جي
ڄمار ۾ امام خمينيءَ جي انقلابي خيالن کان اتساهه
وٺي ’انقلابِ ايران‘ جهڙو انقلابي ۽ مزاحمتي ناول
لکيو، ۽ انهن ئي ڏينهن دوران 1980ع ڌاري ڏيپلائي
صاحب کي مون پوءِ اُن وقت به ڏٺو، جڏهن ناٽڪ صديءَ
جي سلسلي ۾ پنهنجي لکيل ڊرامي ’شاهدي‘ کي ڏسڻ جي
لاءِ پاڻ زبيده ڪاليج واري ڊراما هال ۾ بَنفسِ
نفيس آيا هئا.
هونئن هِتي، هيءُ به لکڻ ۾ ڇا حرج... ته هال ۾
هيءُ به ٻڌايو پئي ويو، ته پاڻ اِهو ناٽڪ 1955ع ۾
لکيو هئائون... اڙي ها! هي ڇا...؟ اهو ئي ته مون
ناچيز جي به ته ڄمڻ جو سال آهي. سو ان ڏينهن
ڏيپلائي صاحب کي ڏسڻ سان گڏوگڏ ڄڻ ان هال ۾ پنهنجي
ئي ’هم سن‘ ڊرامي کي به مون اکين سان ڏٺو ۽ جڏهن
’شاهدي‘ ڊرامي جي ڊائلاگ ڊائلاگ تي تاڙيون پئي
وڳيون ته ڄڻ ڏيپلائي صاحب کي به جهڙوڪر نئين حياتي
پئي ملي. اُن بعد هيءُ 1981ع جي جنوري مهيني جو
شايد پويون هفتو هو، جڏهن سائين نثار حسيني صاحب
سان گڏجي، اُن ڀُوت ناٿ بلڊنگ ۾ سندن عيادت لاءِ
آءٌ به ڪي ڏاڪا چڙهي مٿي پهتو هوس، جنهن جي ورانڊي
۾ پاڻ ليٽيا پيا هئا، ۽ باوجود صاحبِ فراش هجڻ جي
مون ڏٺو سندن، چهري ۽ ڳالهين ۾ بيپناهه شگفتگي ۽
تازگي هئي ۽ پاڻ باوجود ناچاقيءَ جي اُن گڏجاڻيءَ
دوارن ايڏا ته شرعي ۽ غير شرعي لطيفا ڍڪيل ڇُپيل
انداز ۾ ٻڌايائون، جو کِلي کِلي اسان جي ته پيٽ ۾
ئي سُور پئجي ويا هئا. (الاس! ان ڏينهن اُتي اسان
ويٺلن منجهان ڪنهن به ته نٿي ڄاتو ته ههڙو زندهه
دل، سدابهار، ٽوٽڪا ساز ۽ عالم باعمل انسان...
ڏيپلائي صاحب، هاڻي بس اسان وٽ ڪن چند ڏينهن جا ئي
مهمان آهن.) ۽ افسوس! نيٺ پوءِ اُهو ڏينهن به جلد
اچي ويو، جڏهن... هي حيدر چوڪ، جيڪو وطن پرست
شاگردن لاءِ ڄڻ ’سنگهاسن‘ ۽ احتجاج ڪندڙن جي لاءِ
’تحرير چوڪ‘ هو... يا هوڏانهن اسٽيشن روڊ لڳ
اسلاميه پرنٽنگ پريس وارو رستو، گول بلڊنگ، رساله
روڊ، فوجداري روڊ، کوکر مُحلي جون گهٽيون ۽
پاڙا... جيڪي ڪنهن وقت ڏيپلائي صاحب جي قدمن جي
آهٽ سان پيا ساهه کڻندا ۽ ڌڙڪندا هئا ۽ پوءِ بقول
شمشيرالحيدريءَ جي... بلاآخر: ’زمانو نه بيٺو
ڪڏهن، قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا...‘ ۽ اهي سڀ روڊ
رستا جن تان ڪڏهن هُو هوا وانگر گُهلندو ۽ يارن
سان ٽهڪ ڏيندو....شعلا بيانيون ڪندو... هلندو
رهندو هو، اُتان نيٺ ڏوليءَ ۾ سوار ٿي، 7- فيبروري
1981ع تي
”اميدن ڀريي“ واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ سان وڃي
مليا. سندن وصال کي هاڻ ته لڳ ڀڳ ٽيٽيهه سالَ ٿي
ويا آهن پر مون کي اڄ به پورو پورو ويساهه آهي ته
حيدرآباد جي ٿڌڙي هوا، صبح جي آغاز سان ئي ڏيپلائي
صاحب جي تُربت جي پيرانديءَ کي ڇُهي پهرين ته پوري
شهر... ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ مٿان... جڏهن جڏهن به
گُهلندي آهي... تڏهن اِهو ئي پئي چوندِي آهي ته:
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سُوليءَ تي سؤ مان
ڏٺو،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺو، جي لوئيءَ لڄَ بچائي
ويا.
قادر رانٽو
جوڳيءَ جا ڳايوس
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو مون 24 سالن جي عمر
۾ 1974ع ۾ ٻڌو، جڏهن منهنجي عوامي تحريڪ سان
وابستگي ٿي ۽ آءٌ سياسي ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ لڳس. مون
سندس گهڻا ڪتاب ڪونه پڙهيا آهن. سندس پهريون ڪتاب
”شيخ المشائخ“ پڙهيو هوم، ان کي به ايترو وقت ٿي
ويو آهي جو هاڻي باقي وڃي ڪو ڪن پڇ ٿو ياد پويم ۽
ٻيو سندس مشهور ناول ”سانگهڙ“ پڙهيو اٿم. هڪڙو
ڪتاب خبر ناهي ڪٿان هٿ آيو هو، جنهن جي اڳيان
پويان ڪجهه صفحا ڦاٽل هئا جنهن ڪري اها خبر نٿي
پئي ته ڪتاب جو ليکڪ ڪير هو؟ البت هر پيج جا مٿان
لکيل هو ”گلستانِ حسن“، سو ان ڪتاب جا جيڪي صفحا
مون کي هٿ آيا، اهي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيا ته ان
جو مواد مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو، جيتوڻيڪ تمام گهڻي
وقت ٿي وڃڻ ڪري ۽ ڪتاب جا اڳيان پويان صفحا ضايع
ٿيڻ ڪري پيرائتو مواد نه پڙهڻ جي نتيجي ۾ ڪتاب جي
مواد بابت مون کي فقط ڪي ڌنڌليون يادگيريون آهن.
ياد ٿو پويم ته ڪو مسلمان مذهبي فرقو آهي، جنهن
پنهنجو هٿرادو ڳجهوبهشت ٺهرايو هو، ان فرقي جا
ماڻهو، ماڻهن سان ڪچهريون ڪريو کين پنهنجي فرقي ۾
شامل ڪندا هئا، انهن مان جيڪي مختلف آزمائش ۽
امتحانن مان سوڀارا ثابت ٿيندا هئا، انهن کي بهشت
جو ديدار ۽ سير ڪرايو ويندو هو. اهڙيون سرگرميون
ڪندڙ ماڻهن مان گهڻن ماڻهن جي نالن جي اڳيان شيخ
هوندو هو ۽ هڪڙي ڳالهه سڀني ۾ ساڳي هئي ته سندن
نالن جي پٺيان هڪڙو ڊگهو پڇ ضرور هوندو هو. مثال
هڪڙو نالو ياد ٿو پويم سمجهان ٿو ته شايد سندن
اڳواڻ يا پيشوا هو جنهن جو نالو شيخ علي وجودي هو.
(اهو ڪتاب ”گلستان حسن“ مولانا عبدالحليم شرر جي
اردو ناول ”فردوس برين“ تان ماخوذ هو، جنهن هاڻ
انگريزيءَ ترجمو به آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پريس وارن
ڇپرايو آهي، پر سنڌيءَ ۾ اهو ضبط ٿيو هو).
10- جولاءِ 2008ع تي رسول بخش پليجي صاحب سان گڏ
سياسي ڪمن جي سلسلي ۾ لاهور ۾ هوس، مختلف مسئلن ۽
موضوعن تي ڪچهري ڪندي پليجي صاحب مون کي چيو ته:
”محمد عثمان ڏيپلائي متعلق هڪڙو ڪتاب ڇپيو آهي،
اهو توهان ضرور پڙهو. سندس چوڻ هو ته هر اهو سنڌي
جنهن کي سنڌي پڙهڻ اچي ٿي، ان کي اهو ڪتاب ضرور
پڙهڻ گهرجي، پر جن ماڻهن جو ادب ۽ سياست سان واسطو
آهي، انهن کي ته لازمي طرح هيءُ ڪتاب ضرور به ضرور
پڙهڻ گهرجي.“
پليجي صاحب جو خيال هو ته: ”هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ
باضمير سنڌيءَ کي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيندي ۽ هو
سوچڻ تي مجبور ٿيندو ته ٿر جهڙي وارياسي ۽ پوئتي
پيل علائقي جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم وٺندڙ بنيادي
طرح فقط ڇهه درجا سنڌيءَ جا پڙهيل غريب طبقي جو
ماڻهو جيڪڏهن ههڙا ناقابل تصور هماليه جبل جيڏا ڪم
اڻهوند جي حالت ۾ ڪري سگهي ٿو ته پوءِ آءٌ ڇا پيو
ڪريان؟ مون هن کان اڳ ڇا ڪيو آهي؟“
پليجي صاحب مون تي ايڏو زوردار نموني جو ورڪ ڪيو
جو بي انتها شوق ٿيم، ته اهو ڪتاب ضرور پڙهندس.
جيڪي ڏينهن لاهور ۾ هئاسون ته لاهور ۾ جنهن به
سياسي ورڪر، اڳواڻ، دانشور يا صحافي سان ملاقات
پئي ٿي ته پليجي صاحب ٻين ڳالهين سان گڏ ڏيپلائي
صاحب ۽ سندس بابت لکيل هن ڪتاب جو پر اثر ۽ زوردار
نموني سان تفصيلي ذڪر ضرور ڪيو ٿئي، ته سنڌ ڪيڏا
نه هماليه جيڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. پليجي صاحب
ساڻن ڏيپلائي صاحب جي علمي ادبي ڪارنامن جو ذڪر
اهڙو ته شد مد سان پر اثر ۽ زوردار نموني سان ٿئي
ڪيو جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ٿي ويا. انهن مان ڪن
ڏيپلائي صاحب کي سڃاتو به ٿئي. سو لطيف جي هن سٽ
وانگر ”ڀوريءَ ٻي نه تات، جيڪا سا جتن جي.“ هيءُ
ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن مڪمل طرح نه ته به
ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽ سندس اڳتي حيراني ٿي ته
ننڍڙي هوندي ۾ پڙهيل ڪتاب ”گلستانِ حسن“ به
ڏيپلائي صاحب جو ئي لکيل آهي.
ڏيپلائي صاحب جي بي ڪنار بحر جي ڪن ۾ پاڻ کي ترندو
ٿي محسوس ٿو ڪريان ۽ ائين مان ته پنهنجي روح ۽
ضمير جي علمي، ادبي، خيالن، سوچن ۽ فڪرن جي
ناپاڪائي، سستي ۽ ڪاهليءَ کي ڌوئي صاف ڪرڻ جو پورو
پورو موقعو مليو اٿم، ان مان خوب فائدو حاصل ڪري
پنهنجي روح ۽ ضمير کي اُجاري وٺجي. ٻئي پاسي ائين
ته ڪو مجاهد اڪيلي سر ظلم، زيادتي، بي واجبي ۽
انياء خلاف ميدان جنگ ۾ ان اميد سان بر سر پيڪار
آهي ته سندس جهڙا دنيا ۾ سنڌ ۾ به ٻيا کوڙ سارا
موجود آهن، جيڪي سندس حق جي حاصلات ۽ ظلمن خلاف
لڙڻ دوارن سندس تلوار جي جهنڪار جي آوازن تي سر
ترين تي رکي ميدان ۾ ڪُڏي پوڻ وارا آهن، تنهن ڪري
هن کي في الحال اڪيلائيءَ جي ڪابه پرواهه ڪانهي
ڇاڪاڻ جو سندس پٺيان لکين انصاف پسندن طرفدارن جي
موجودگيءَ جي پڪ هئي، نه ته ڪير ٿو اڪيلو سر ههڙن
راڪاسن سان مهاڏو اٽڪائي! ٽئين پاسي ائين پيو
ڀانيان ته ڪو سنهڙو سيپڪڙو انسان آهي، جيڪو ڪنهن
مهل ڪارونجهر جبل جي چوٽي تان، ڪنهن مهل ڏيپلي جي
ڀروارين ڀٽن تان، ته ڪنهن مهل گنجي ٽڪر جي چوٽيءَ
تان علم، قلم ۽ سچائيءَ جي هٿيارن سان هٿياربند
ٿيو بيٺو آهي. سامهون ڏسجي ٿو ته ظالم جاگيردار،
وڏيرا، پير، مير، ملا ۽ ڪامورا شاهي پنهنجا عوام
دشمن ڪٽڪ ساڻ ڪري مٿس گڏيل حملو ڪن ٿا. انهيءَ ئي
لمحي ڏسبو ته ڏيپلائي صاحب وڄ جي تيزيءَ سان قلم
جو تير علم جي ڪمان ۾ وجهي مٿن جوابي حملو ڪري ٿو،
جنهن جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي پيرن، ميرن،
جاگيردارن، ڀوتارن ۽ ملن جا ڪٽڪ پنهنجون ٻانهون
ٽنگون ڀڃائي، ڪن، نڪ ۽ چپ چيرائي رت ڳاڙيندا پوئين
پيرين دانهون ڪندا، پوئتي ڀڄندا نظر اچن ٿا.
سچ پڇيو ته: ڏيپلائي صاحب بابت ڪتاب پڙهندي سڄو
وقت منهنجي مٿان حيرانين جون ويرون لهنديون ۽
چڙهنديون رهيون آهن. شمشيرالحيدري يا رشيد ڀٽي
جهڙن معتبر اديبن ۽ دانشورن جي حقيقتن تي مبني
ليکن پڙهڻ کان پهرين اهو آءٌ سوچي به نٿي سگهيس ۽
تصور به نٿي ڪري سگهيس ته ڪو ماڻهو پنهنجي ذهن ۾
سوچيل ڪو افسانو يا ناٽڪ بنا لکڻ جي ۽ بنا فيئر
ڪرڻ جي بنا مختلف ڪردارن جي توازن کي چيڪ ۽ درست
ڪرڻ جي رڳو اڇا پنا هٿ ۾ کڻي پڙهڻ جي اداڪاري ڪري
پنهنجي ذهن مان ياد ڪري اهڙي ترتيب ۽ توازن سان
ٻڌائي سگهي ٿو جو ٻڌندڙ جيڪي چوٽيءَ جا اديب،
دانشور ۽ شاعر آهن، انهن کي اهو گمان به نٿو ٿئي
ته هيءُ ڪو افسانو لکيل ناهي. ان سان گڏ هن ڪتاب
پڙهڻ کان سواءِ قطعي طرح آءٌ اهو تصور به نه ڪري
سگهان ها ته ڪو ڏيپلي جهڙي ننڍڙي ٿري شهر جو فقط
سنڌي ست درجا پڙهيل غريب خاندان جو ماڻهو لکڻ ۾
اهڙو تيز رفتار هوندو جو هو 150 کان به مٿي ڪتاب
يڪ ساهي لکي ويندو ۽ 50 روپين جي موڙي سان ڇپائيءَ
جي ڪم جي شروعات ڪندو ۽ پنهنجي دور جا هڪ کان وڌيڪ
ڪامياب اشاعتي ادارا ڪاميابيءَ سان هلائي سگهندو!
منهنجي حيراني جي حد نٿي رهي ته آخر ڏيپلائي صاحب
کي اهڙي ڪهڙي مومڙيائي هٿ اچي ويئي هئي جنهن کيس
ڊڄڻ ٿڪڻ ۽ ورچڻ ئي نٿي ڏنو.
هن پنهنجي سڄي عمر نه رڳو خانگي حويلين، ڪوٽن ۽
محلاتن تي قلمي ڪاهون ڪيون، پر هو سرڪاري تختن ۽
وڏين ڪرسي ته به قلمي ڪاهون ڪندو رهيو ۽ پنهنجي
مستقل آرام جي گهڙيءَ تائين ڪاميابي يا ناڪاميءَ
جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌندو رهيو. سندس
لکڻين ۾ ڪارونجهر جهڙي سختي به آهي ته ٿر جي
واريءَ جهڙي نرمي ۽ ملائميت به. جڏهن هو ”سمر قند
جي صوف“ نالي ناول ۾ ”اقرار“ نالي هڪ ڪالم لکي ٿو،
ان وقت هو سر تريءَ تي رکي اَناالحق جو نعرو
هڻندو منصور لڳي ٿو:
”جيڪڏهن رشوت خلاف رڙيون ڪرڻ ڪميونزم آهي، جيڪڏهن
بليڪ مارڪيٽ تي باهه ٿيڻ ڪميونزم آهي، جيڪڏهن ظلم
وستم کي ذبح ڪرڻ ڪميونزم آهي، جي اهو ڪميونزم آهي
ته آءٌ برابر ڪميونسٽ آهيان.“
اڳتي لکن ٿا ته:
”جيڪڏهن اٻوجهن کي هراس وجهي هؤڙڪوسي ڪرڻ مسلماني
آهي، جيڪڏهن هٿرادو حديثن جا ڄٽڪا مسئلا رائج ڪرڻ
مسلماني آهي، جيڪڏهن لٽيرن ۽ غدارن کي ظل الله سڏڻ
مسلماني آهي ته مون کي اهڙي مسلماني ڪانه کپي.“ ۽
اڳتي منهنجي ڪهڙي تمنا آهي، بابت لکن ٿا ته:
”جي ها مون کي اهو اسلام گهرجي جنهن ۾، تندرست
ٻار، ڳاڙهي چهري وارا جوان، مسرور نياڻيون، باهمٿ
ٽهڪ ڏيندڙ رفيق زندگي ۽ مطمئن ۽ بيفڪر بزرگ هجن،
جنهن ۾ انسان ته ٺهيو، پر حيوان کي به بجاءِ ڪهڻ
جي ڏهڻ لاءِ نپايو وڃي.“
جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جهپي
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي جو آيو ڳايو آ پيارا
(اياز)
”اردو يا سنڌي يا اردو ۽ سنڌي“ مضمون انسان رسالي
جي ڪنهن پڙهندڙ، جيڪو پاڻ پنجابي آهي، پر سنڌ ۾
وڏي عرصي کان رهڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو چڱي طرح
سمجهندڙ ٿو ڀانئجي، ان جو تنقيدي خط ڇپي، ان کان
پوءِ ان جو جواب ڏنو اٿن. سندس اها ڳالهه ثابت ٿي
ڪري ته پاڻ اظهار راءِ جي آزاديءَ جو ڪيترو نه
احترام ڪندڙ هئا. پنجابي پنهنجي خط ۾ لکي ٿو ته:
”اوهان پنهنجي تحرير جي وسيلي جيڪا ملڪ ۽ قوم جي
خدمت ڪئي آهي، ان کان آءٌ نهايت متاثر ٿيو آهيان،
آءٌ هڪ پنجابي آهيان ۽ مون کي پنجابي ٻولي اهڙي ئي
پياري لڳي ٿي، جهڙي اوهان کي سنڌي اسين سڀ پنهنجي
لک پڙهه اردو ۾ ڪريون ٿا ۽ اسان کي جيڪو لطف
پنجابيءَ ۾ ڳالهائڻ مان ملي ٿو سواردوءَ مان نه،
مگر ان هوندي به اسين چاهيون ٿا ته جلد از جلد
پوري ملڪ جي لکڻ پڙهڻ جي زبان اردو بڻجي وڃي ڇاڪاڻ
ته اها قوم ۾ يڪجهتي آڻي ٿي وغيره.“
اهو مخالفانه خط ڇاپي، ان جو جواب نهايت ڌيرج سان،
مدلل نموني سان، سمجهائڻ جي انداز ۾ ڏيندي ۽
پنهنجي ٻوليءَ جو دفاع ڪندي لکن ٿا ته:
”اڄ جڏهن دنيا جي هر ٽڪري ۽ هر طبقي ۾ علائقي
ٻولين جي قائمي، بلڪه ترقيءَ جو حق تسليم ٿي چڪو
آهي، اسين ڪيئن قبول ڪري سگهون ٿا ته اسان جي
پياري، مڪمل ۽ ترقي يافته زبان کي نگهوسار ڪري
ڇڏجي، فصل بهار ۾ گلن کي نکرڻ کان روڪي ڇڏجي“.
”جيڪڏهن اوهين پنجابي، باوجود انهيءَ جي جو اُها
ٽن ڪروڙن جي زبان آهي ۽ ان ۾ به چڱو موچارو لٽريچر
آهي ۽ منجهس وڌڻ ويجهڻ جون پوريون صلاحيتون آهن،
ان کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ته اوهان جي مرضي،
اگرچه شايد خود اوهان کي به خبر ناهي ته پنجابي
زبان جو اجڙيل ٻوٽو به نوان گونچ ڪڍي رهيو آهي ۽
اهي ڏينهن پري نه آهن، جڏهن اهو به هڪ شاداب ۽
شادڪام درخت بڻبو، جنهن کي ڪا به طاقت روڪي نه
سگهندي، مگر بهر حال اسين پنهنجي پياري زبان کي
پنهنجي هٿن سان فنا ڪرڻ نه ڏينداسون ۽ ڪوبه
سمجهدار شخص پاڙيسريءَ کي آپگهات ڪندو ڏسي ان جي
ريس ۾ پاڻ به آپگهات لاءِ تيار نه ٿيندو!“
”ڪونڍير“ نالي لکيل سندس افساني ۾ ننڍڙن ٿري ٻارن:
راڄو ۽ هيري جي ڪردارن کي کڻي ان ۾ ذات پات واري
اوچ نيچ تي ڀرپور وار ڪيو اٿس ڇاڪاڻ ته راجو
ٺڪرياڻي هئي ۽ هيرو ميگهواڙ. ڏيپلائي صاحب افساني
۾ نه رڳو ٺڪرن ۾ موجود پنهنجي اونچي هجڻ واري هٺ ۽
غرور کي ڀرپور نموني ظاهر ڪري پنهنجي تنقيد جو
نشانو بڻايو آهي، پر هن پنهنجي فن جي عمدگيءَ
وسيلي پڙهندڙن اڳيان ان انسان دشمن سوچ کي قابل
نفرت ڪري بيهاريو آهي. اڃا ان کان به اڳتي وڏي
ڳالهه ته هن انتهائي نفاست سان طبقاتي هيٺ مٿاهين
جو هڪ عجيب ۽ ڇرڪائيندڙ نمونو پڙهندڙن اڳيان ظاهر
۽ واضح ڪيو آهي ته ٺڪر هڪ پاسي پنهنجي ڌرمي ڀائي
ميگهواڙن کي گهٽ ذات سمجهندا آهن، انهن کان حد
درجي جي نفرت ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي پاڻ کان مٿين
طبقي وٽ ايترو ته جهڪيل آهن، جو عمر جو لحاظ ڪرڻ
کان سواءِ مسلمان مذهب جي ڪنهن پوڙهي جاگيردار ۽
وڏيري کي به پنهنجي ڪنواري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جو
سڱ ڏيو، ان جي جواني ۽ زندگي برباد ڪرڻ کان ڪين ٿا
مڙن.
ڪنهن ليکڪ جي لکڻ جي رفتار ۽ سندس لکت جي پراثريت
۾ ٻين ڳالهين سان گڏ حساسيت جو به تمام وڏو ۽ مکيه
عمل دخل ٿئي ٿو، ان سلسلي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي
صاحب جي حساسيت جو عالم هيءُ آهي جو هن کي نه فقط
انسانن طرفان انسانن سان ٿيندڙ زيادتي جي واقعن جو
احساس لکڻ تي مجبور ڪندو هو، پر هو انسانن طرفان
جانورن سان ٿيندڙ زيادتي به برداشت نه ڪري سگهندو
هو. مذهبي لحاظ کان ڪو مالڪ پنهنجي ئي ڍڳيءَ جي
ڄاول پنهنجي هٿن سان سانڍيل نپايل گابي کي حلال
ڪري خيرات ڪري ٿو ۽ ان گابي جي ماءُ دانهون ڪري
ٿي، ته اهو واقعو به ڏيپلائي صاحب جي ذهن ۾ زلزلو
برپا ڪري ڇڏي ۽ هو ”گابڙي“ جهڙو شاندار قسم جو
افسانو لکي ٿو.
مون تمام گهرو ويچار ڪيو آهي ته محمد عثمان
ڏيپلائيءَ ۾ هڪ اهم ترين انساني خوبي ”قوت برداشت“
جا ٻه ابتڙ پاسا موجود آهن، انهن ئي ٻن ابتڙ پاسن
گڏجي کيس ناقابل شڪست، هڪ عظيم انسان ۽ تيز رفتار
بهترين لکندڙ بنائي ڇڏيو آهي. اهو هن طرح ته
پنهنجي متعلق هن ۾ تمام گهڻي قوت برداشت هئي، مٿس
کڻي ڪهڙا به ڏکيا ڏينهن اچي وڃن، ڏک، جيل ٿاڻا،
ڪتابن تي بندشون، پريسن جون ضبطگيون، پر هو پاڻ
مٿان ايندڙ هر ڏک، تڪليف، ظلم زيادتي يا مصيبت کي
نه فقط صبر سان برداشت ڪندو هو، پر ايندڙ هر مسئلي
۽ آفت جو انتهائي اعليٰ درجي جي همٿ ۽ حوصلي سان
مقابلو ڪري ان مان سوڀارو ۽ سروخرو ٿيندو هو.
هي ماڻهو ويهه جو ڍڪ ٿيا،
جيئن لک لڳي تيئن رُڪ ٿيا
(اياز)
ٻئي پاسي ان ڳالهه جي ابتڙ ٻين انسانن توڙي جانورن
سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي هڪ لمحو به کانئس بنهه
برداشت نه ٿيندي هئي، جنهن ڪري هو سماج ۾ روزانه
ظلمن ۽ زيادتين جا ٿيندڙ واقعا ڏسي تڙپي اٿندو هو،
کيس تيستائين سک ۽ آرام نه ايندو هو، جيستائين ان
ظلم، زيادتي، ناانصافي واري واقعي کي پنهنجي ڪنهن
نه ڪنهن تحرير ۾ قلم بند نه ڪري، هو لکڻ وسيلي ئي
پنهنجي سيني اندر ان واقعي سبب دُکندڙ آڳ کي ڇنڊو
هڻندو هو. اهڙين حالتن ۽ موقعن بابت سندس قوت
برداشت جي اڻهوند جيڪا ڪن حالتن ۾ هڪ اوڳڻ آهي، ان
کي هن هڪ بهترين گڻ بڻائي پنهنجي لکت جي رفتار ۾
تيزي ۽ لکڻي کي پر اثر بڻائڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪتب
آندو.
ان کان سواءِ محمد عثمان ڏيپلائي، اهو دانشور،
اديب ۽ صحافي آهي، جيڪو ادب براءِ ادب يا ادب
براءِ شهرت جو قائل نه هو. پر هو ادب براءِ مقصد
جو قائل هو. هن ڪتاب ۾ سندس لکڻين مان ڪابه لکڻي
اهڙي نه آهي، جيڪا مقصديت کان خالي هجي، سندس
سمورين لکڻين جو غور سان مطالعو ڪبو ته، انهن ۾
ادبي سونهن به ڀرپور نموني موجود نظر ايندي، پر
ائين ڪٿي به نه آهي ته ڪٿي به ادبي سونهن مقصد
مٿان ڇانيل، حاوي ٿيل نظر ايندي هجي، سندس هر هڪ
لکڻيءَ ۾ ان لکڻي جو مقصد چٽو، نروار ۽ لکت تي
ڇانيل نظر ايندو ايتري حد تائين جو جويي صاحب کي
لکيل سندس خطن ۾ جتي خوبصورت منظرنگاري ۽ حقيقت
نگاري آهي، اتي جهالت خلاف هڪ ڀرپور وار به موجود
آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي وڻندڙ، خوبصورت، خوشحال ۽
سائنسي ترقي واري آئيندي جو سنهيو ٻڌايل آهي،
جيتوڻيڪ ڪن ڪٽر قيامت پرستن سندس اهڙن خيالن جو
خوب مذاق به اڏايو ٿئي، پر ان جي ڪابه پرواهه ڪانه
ٿئي ڪيائين، يا رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ کي
لکيل پنهنجي شاهڪار خط ۾ به هو مقصد جي جهنڊي کي
بلند ترين ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ سچي، ايماندار،
مخلص ۽ هڏ ڏو کي دوست وانگر يار کي سندس بابت تلخ
ترين، سچيون ڳالهيون ۽ حقيقتون ٺهه پهه منهن تي
چئي ڏيڻ، يا جنهن وقت رئيس جوش سرور ۾ اچي نچي ۽
ڳائي ٿو، ان وقت ڏيپلائي صاحب نه فقط دل کولي ان
ادا تي کيس داد ڏي ٿو، پر هڪ بي وس ۽ مجبور
سواليءَ وانگر کيس صدا به ٿو هڻي ۽ خواهش ظاهر ٿو
ڪري ته ”ڪاش! اهو نظارو ڪنهن مجموعه عام ۾ هجي!
ڪاش اهو طوفان ان وقت مچي، جڏهن ’جهول جهلي جنهن
وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار‘ جو اعلان هجي.“ خط جي
آخر ۾ لکن ٿا ته: ”افسوس بدنصيب سنڌ! تنهنجو ڪو به
اهڙو ڌڻي ڌوڪي ڪونهي جو اهڙن شيرن (رئيس ڪريم بخش
خان نظاماڻي جهڙن) کي مجموعه عام تي آڻي.!“
هڪ اديب، دانشور، صحافي ۽ محقق جي بنيادي خوبين
مان هڪڙي اهم ترين خوبي ئي اها ٿئي ٿي ته هو بنا
ڪنهن ليپي، پوچي، لڳي لپٽي جي بي رحم ۽ ڪڙو سچ
ڳالهائي- سو اها خوبي ڏيپلائي صاحب جي هر لکت ۾ هر
هنڌ نمايان نظر اچي ٿي، پوءِ اها رئيس ڪريم بخش
خان نظاماڻي کي لکيل سندس خط جي صورت ۾ هجي يا
سندس ڏنل انٽرويوئن ۾، يا جويي صاحب کي لکيل خطن
۾. هو ٻين بابت، پنهنجي دوستن بابت پنهنجي اولاد
بابت، ايتري حد تائين جو پنهنجو پاڻ بابت به بي
رحم سچ ڳالهائڻ کان ڪين ٿو ڪيٻائي. اها ڳالهه سندس
اولاد خاص ڪري محمد علي ڏيپلائي صاحب ۾ به نظر اچي
ٿي، ائين ٿو ڀانئجي ته اها سندن خانداني خوبي آهي،
هو محمد ابراهيم جويي صاحب کي لکيل پنهنجي هڪ خط ۾
پنهنجي پٽ محمد علي ڏيپلائي بابت لکي ٿو ته:
”ويٽنام جي ناول کي صحيح طرح لکڻ لاءِ اهو ته
ضروري هو ته خود سر زمين ويٽنام نظر مان ڪڍجي، پر
اها ميسر نه ٿي، ته به خبر مليم ته ڪراچيءَ ۾
ويٽنام فلم آئي آهي، تنهنڪري ڪهي وڃي اُها به ڏٺم
۽ اتي قصوري صاحب (ميان محمود علي قصوري) جي تقرير
به ٻڌم. اگرچه مسٽر محمد علي جي سخت منع آهي ته
هاڻ: اهڙن ماڻهن جي آس پاس به نه لنگهه ڇو ته پاڻ
نه فقط هاڻي ايوب جو (ماڙهو) آهي، پر باقي ڇوڪرا
خواهه ڇوڪريون سڀ انهي ماڙهو ٿيڻ جون تياريون پيا
ڪن. پر صاحب بهادر جي اها منع به مون کي روڪي ڪانه
سگهي ۽ وڃي نه فقط ڍو تي ڏسي آيس پر ڪتاب ”داستان
خواجه بخارا ڪي به هٿ ڪري آيس!“
يوسف شاهين صاحب طرفان ورتل پنهنجي انٽرويو ۾ هڪ
سوال جي جواب ۾ پنهنجي متعلق چوي ٿو ته:
”الف،“ جيئن ته آءٌ خانداني عرف ختنائي مسلمان
آهيان، (اهو اصطلاح هينئر بنهه تازو چالو ٿيو
آهي.) گهر ۾ روزو، نماز روز هئا، ان ڪري ننڍي
هوندي کان ئي مذهبي ته هئس، پر غريب هجڻ سبب مون
کي ٻين جي غربت جو شديد احساس هو ۽ آءٌ سمجهندو
هئس ته اها غربت فقط اسلامي نظام قائم ٿيڻ سان لهي
سگهي ٿي. ان ڪري اسلامي اصولن جي تبليغ ۽ اسلامي
حڪمن قائم ڪرڻ جي ڪوشش جنون جي حد تائين ڪندو هئس.
(ب) انهيءَ ڪم ۾ مرشديءَ کي سخت رڪاوٽ سمجهندو
هئس. منهنجي مذهبي تعليم سموري ملن کان حاصل ڪيل
هئي، ان ڪري انهن کي وري سٺو سمجهندو هئس. اهو ئي
سبب آهي جو مرشديءَ خلاف سخت لکندو هئس، ايتري قدر
جو 1946ع ڌاري هي به لکي ويٺس ته ’شاهه ڀٽائي ٿوري
علم وارو هو، جنهن ڪري سندس رسالي ۾ گمراهين جا
انبار گڏ ٿيل آهن.‘ پر جڏهن منهنجي انهن لفظن جي
ترديد ۽ يورش ٿي، تڏهن صرف انهن ترديدن جا جواب
لکڻ خاطر جو شاهه جي رسالي جو غور سان مطالعو ڪيم
ته پنهنجي گمراهيءَ ۽ اڻڄاڻائي تي بيحد تاسف ٿيم.“
ٻئي پاسي سندس فرزند به سچ لکڻ کان ڪين ٿو ڪيٻائي،
”موحديءَ کان مرشدي تائين“ عنوان سان لکيل پنهنجي
مضمون ۾ محمد علي ڏيپلائي صاحب سنڌي ادب ۽ اديب
بابت به سندس مطابق ڏاڍيون ڪارائتيون ۽ سچيون
ڳالهيون لکيون آهن، پر مون کي سڀ کان وڌيڪ جنهن
ڳالهه متاثر ڪيو سو آهي هن جو پنهنجي متعلق سچ
ڳالهائڻ. هو مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”حياتي“ جي ابتدائي دور ۾، چوطرف ادبي ماحول هئڻ
ڪري نهايت مختصر عرصي لاءِ، مون ۾ شايد ڪجهه
اديبانا جراثيم ظاهر ٿيڻ لڳا هئا، پر والد صاحب
(مرحوم) ۽ ٻين اديبن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن واري زندگي
ڏسي اُن ڪنڊن ڀريل طويل پيچري تي هلڻ جي همت نه
ٿيم“ يا ”هڪ پٽ جي شايد اها وڏي ۾ وڏي تمنا هوندي
آهي ته کيس پنهنجي پيءُ جي ستائش ملي، پر هڪ سچي
مجاهد جي حيثيت ۾ بابا منهنجي طرفان مليل معاشي
مدد ’تحفظ‘ کي ڪڏهن به تحسين جي نگاهن سان نه
ڏٺو،“ يا اڃا به اڳتي لکن ٿا ته: ”ڪهڙين شديد
مجبورين جي حالت ۾ محمد عثمان ڏيپلائي کانئس
’اڌارا‘ پئسا گهرندو هو، ان سلسلي ۾ لکن ٿا ته:
”شديد مجبوريون به ڪهڙيون! ذاتي آرام ۽ ضرورتن
خاطر ڪڏهن به رقم نه گهريائين البته منهنجي ڪمزوري
سمجهندي (آءٌ کيس ذاتي ضرورتن لاءِ بنا هٻڪ زور
ڪري پئسا ڏيندو هئس، البته گذريل 8- 10 سالن واري
سياسي ۽ سماجي ماحول کي ڏسندي کيس ڪتابن يا رسالن
جي اشاعت کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪندو هوس) ذاتي
ضرورتن جو بهانو ڪري وقت به وقت پئسا کڻي ڪونه ڪو
رسالو يا ڪتاب ڇپي ڇڏيندو هو ۽ گهڻو ڪري هر دفعي
جيل يا مقدمي ۾ ڦاسندو هو!“
ان سلسلي ۾ جي.ايم.سيد صاحب سندن ٿو ته:
”هيءُ عجيب معجون مرڪب آهي هڪ طرف اسلاميه
دارالاشاعت ذريعي مذهبي ڪتاب ڇاپيا اٿس ۽ ڇاپي
رهيو آهي ته ٻئي طرف ”اداره انسانيت“ معرفت ترقي
پسند ادب ۽ حب الوطني تي ڪتاب لکي رهيو آهي“.
ڏيپلائي صاحب کي پاڻ سان ڀيٽيندي هو وڌيڪ لکي ٿو
ته:
”هن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽ مخلص انسان جي عمل
۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان گذري آهي هڪ حد تائين
منهنجي حالت به اهڙي رهي آهي.“
پير علي محمد راشدي صاحب کيس ”دل جلئي“ جو لقب
ڏيندي لکي ٿو ته:
”جتي هر طرف محرومي مايوسي ۽ اونداهي ڇانيل هوندي
آهي،! ٿرپارڪر جو ريگستان جنهن جون وسعتون ته
ناقابل پيمائش آهن، مگر اتي رهڻ جو انسان جي
پنهنجي سخت جانيءَ کان علاوه ڪوبه سامان ناهي،
اهڙي صورت ۾ اهڙي ويرانيءَ مان جيڪو شخص توهان جي
خدمت لاءِ اٿندو، اهو دل جليو ئي هوندو،
ڳالهائيندو ته وات مان باهه جا شعلا نڪرندا، لکندو
ته قلم جي چنهب مان رت ٽمندو.“
اڳتي هو لکي ٿو ته:
”لازم هو ته جڏهن هي دل جليو سپاهي ميدان ۾ آيو ته
ان کي سڀ کان اول انهن خباثتن سان نبرڻو هو جن
سندس ڄاڻ مطابق سندس قوم جي زندگي زهر ڪري ڇڏي
هئي.“
محمد ابراهيم جويو صاحب، ”اسان جو بزرگ ساٿي محمد
عثمان ڏيپلائي“ جي عنوان سان ڏيپلائي صاحب بابت
لکي ٿو ته:
”آءٌ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي صاحب منهنجي لاءِ انهي
بنيادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ ڪري جو
جڏهن کان آءٌ سندس واقف ٿيو آهيان، لڳ ڀڳ ٽيهارو
سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون کيس پنهنجي مفادن
کان گهڻو بيپرواهه ۽ سندس دل، مستقبل جي اميدن ۾
سدائين ڀريل ڏٺي آهي.“
۽ اڳتي کين تحسين ڏيندي لکي ٿو ته:
”محترم ڏيپلائي جي زندگي هيري جي زندگي رهي آهي،
خاموش، پائيدار ۽ لاڳيتي، پنهنجي اولاد لاءِ
پنهنجي ڳوٺ ڏيپلي لاءِ پنهنجي ضلعي ٿر لاءِ،
پنهنجي هم وطن لکن انسانن لاءِ ۽ پڻ انهن ٿورن پاڻ
جهڙن اڌ چرين اڌ سياڻن، شخصن لاءِ جيڪي پاڻ کي
اديب چوائين ٿا.“
مهان شاعر شيخ اياز صاحب ڏيپلائي صاحب کي هن رنگ ۾
ڏسي ۽ لکي ٿو ته:
”ڏيپلائي صاحب جي ظرافت نه امير حمزه جي داستان
واري طفلانه ظرافت آهي، ۽ نه ئي اردو جي مزاحيه
غزل وانگر واهيات آهي، پر ان ۾ شيخ سعدي واري بذله
سنجي ۽ لطافت آهي، باقي سارو مهاڳ پڙهندڙ پاڻ پڙهي
ڏسندو ته هن کي محسوس ٿيندو ته ڏيپلائيءَ ۾ نه رڳو
لطافت آهي، پر پاڪيزگي، همه داني، همه بيني ۽ همه
رنگي پڻ آهي.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڏيپلائي، قلندر صفت مصلح،
اديب ۽ صحافي“ واري عنوان مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”ڏيپلائي جو نوجوان محمد عثمان ولد حبيب الله ميمڻ
صرف ست درجا سنڌي پڙهيل هو، پر سندس ڪتابي علم کان
عقل گهڻو وڏو هو.“
ڏيپلائي صاحب جي تنقيد جي معيار بابت بلوچ صاحب
لکي ٿو ته:
”هن پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ خاطر سخت
تنقيد ڪئي، پر اها تنقيد هن پنهنجي ئي معيارن ۽
چڱاين جي روشني ۾ ڪئي. هن پنهنجي اصلاحي دليلن جو
بنياد ٻاهرين ۽ ڌارين نظرين تي ڪونه رکيو، ڏيپلائي
جي انهيءَ روش ۽ ڪردار ۾ هڪ وڏو سبق سمايل آهي.“
شمشيرالحيدري اهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب کي سڀني کان پهرين سڃاتو ۽ هن
پنهنجي طرفان سندس قدر شناسي به ڪئي ۽ ”ڏيپلائي
شناسائي“ جو بنياد پڻ وڌو. منهنجي سمجهه مطابق
سڀني لکتن کان حيدري صاحب جي لکت وڌيڪ تفصيلي ۽
جاندار آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جي ڪيترن رخن،
رجحانن، خوبين ۽ خصوصيتن کي نشانبر ۽ نروار ڪيو
ويو آهي. پاڻ ڏيپلائي صاحب بابت لکي ٿو ته:
”نون خيالن واري انسان دوست ڏيپلائي هاڻي تجربن کي
نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو آهي يا صوبائي خودمختياري
جي انهيءَ جدوجهد ڏيپلائي صاحب جي مطالعي کي هڪ
خوشگوار وسعت بخشي ۽ سندس دلي اُمنگن کي سنڌ جي
سرزمين سان وابسته ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ، وطن، جي
باري ۾ ڏيپلائي هڪ وڏي مبالغي ۾ مبتلا هو.“
ان کان اڳتي هو لکي ٿو ته:
”هاڻي ڏيپلائي هڪ وطن پرست ۽ انسان دوست انسان،
بنجي چڪو، جنهن کي پنهنجي وطن جي سر زمين سان محبت
آهي ۽ سموري انسان ذات کي پنهنجي پنهنجي وطن ۾ شاد
ڏسڻ چاهي ٿو“.
سندس لکڻين جي پختگي بابت حيدري صاحب لکي ٿو ته:
”هو قوم کي وقت جي احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي
تلقين کي بنيادي بنائڻ جي عيوض، تاريخ جي مثالي
تجربن سان حالات جي ڪيفيت ٻڌائي ٿو. هو سنڌي عوام
جي مخصوص نفسياتي مزاج کي پوريءَ طرح سمجهي چڪو
آهي، عوام جي ذهني سطح تي آسان مثالن سان، مشڪل
مسئلن کي سلجهائڻ وارو اڄ اسان وٽ اهو ئي هڪ شخص
آهي ”ڏيپلائي!“
اهڙي طرح ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب بابت لکندڙ ٻين
سمورن مانوارن لکندڙن مان هر هڪ سندس نيون نيون ۽
عجيب عجيب خوبصوت ڳالهيون نوٽ ڪري تحرير ڪيون آهن.
ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون مون نوٽ ڪيون
۽ جن مون کي متاثر ڪيو، انهن مان ڪن جو ذڪر آءٌ
مٿي ڪري چڪو آهيان. سندس هڪ وڏي خوبي هيءَ به آهي
جيڪا نه فقط نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، پر اها خوبي سندس
مان ۽ مرتبي ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪري ٿي. اها هيءَ
ته فني ۽ فڪري پختگيءَ جي لحاظ کان هو پنهنجي
مخصوص رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ هن پنهنجي
زندگيءَ جي آخري لمحن تائين فڪري ۽ علمي لحاظ کان
موٽ نه کاڌي، نه ته اسان وٽ سنڌ ۾ تجربو هيءُ
ٻڌائي ٿو ته ادب، علم ۽ سياست جي ميدان ۾ وڏا وڏا
نالا، جتان کان شروعات ڪندا آهن. پوءِ اڳتي وڌندا
رهندا آهن، پر انهن مان ڪي اڌ عمر ۾ ته ڪي وري عمر
جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي ذهنن اندر شروعات ۾
سوچيل عروج جي منزل تي پهچڻ يا نه پهچڻ جي قطعه
نظر هو ڪنهن نه ڪنهن خوف يا لالچ ۾ مبتلا ٿي
وچينءَ تي روزو ڀڃي علمي، عملي توڙي فڪري طرح
پوئتي موٽ کائيندا آهن. ان ۾ محمد عثمان ڏيپلائي
بابت البته اها خبر نٿي پوي ته هن پنهنجي زندگيءَ
جي حاصلات جي آخري منزل ڪهڙي مقرر ڪئي هئي؟ ۽ هو
پنهنجي نظر ۾ ان تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو يا نه؟
پر ان جي باوجود هيءَ ڳالهه صاف ۽ چٽيءَ طرح ثابت
ڪئي اٿائين ته هن ڪنهن به لمحي ان حد تائين جو
ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين فڪري طرح موٽ نه کاڌي،
هو جيئن سفر ۾ روانو ٿيو هو، تيئن پنهنجي مخصوص
ماحول، رفتار ۽ مزاج مطابق اڳتي ئي وڌندو رهيو.
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن،
ريس ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي لئه ڪن،
مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.
-
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپون پيرن ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پيا.
(شاهه) |