ڏيپلائيءَ جا لکيل ڪجهه اهم ايڊيٽوريل
(1)
عظيم پنجاب جو نذرانو
دوستن کي معلوم آهي ته ’عظيم پنجاب‘ (ون يونٽ)
سرڪاري طرفان ’عبرت‘ جا اشتهار بند ڪيا ويا آهن.
ذميدار آفيسرن سان روبرو گفتگوءَ مان واضح ٿيو ته
جيستائين ’عبرت‘ سنڌ جي پنجاب کان آزاديءَ لاءِ
لکندي رهندي، تيستائين هن جا اشتهار جاري نه ڪيا
ويندا.
اهو ته ظاهر آهي ته ’عبرت‘ ڪڏهن به انهيءَ لکڻ کان
باز نه ايندي، ته ’سنڌ کي ضرور پنجاب جي غلاميءَ
کان آزاد ڪيو وڃي.‘ ڪا به ’انسانيت‘ سان واسطو
رکندڙ اخبار ڀلا پنهنجي وطن جي ٻئي پاڙيسري صوبي
جي غلاميءَ خلاف لکڻ کان ڪيئن باز ايندي؟
آءٌ ڪئن ڇڏيان سومرا، تن پنوهارن پچار،
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لهار،
پکا ۽ پنوهار، رهيا آهن روح ۾!
اسين ته سمجهون ٿا ته جا اخبار پنهنجي وطن جي
غلاميءَ خلاف آواز بلند نٿي ڪري يا الٽو ان جي
فائدي ۾ ٿي لکي، اها بند ٿي ڀلي آهي!
انهيءَ اشتهارن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ضروري هو
ته خرچ کي گهٽايو وڃي، پر اڃا اسان جو عوام انهيءَ
جو عادي نه ٿيو آهي ته گهٽ خرچ واريءَ اخبار جا به
ساڳيا پئسا ادا ڪري، انهيءَ ڪري روزاني عبرت جا
گهڻي ۾ گهڻا پرچا هن ننڍي رسالي جي سائيز ۾ شايع
ڪيا ويندا، اسان کي قوي اميد آهي ته سڀ وطن دوست
رفيق ’عبرت‘ جي هن ايڊيشن کي ايترو گهڻو
همٿائيندا، جو ’عظيم پنجاب‘ جي ڪن آفيسرن جي هن
ناپاڪ منصوبي تان پاڻي ڦري ويندو، جو هنن سٽيو هو
ته عبرت جا اشتهار بند ڪرڻ سبب هوءَ بند ٿي ويندي
۽ ’عظيم پنجاب‘ جا اهي حاڪم پنهنجي غلط صلاحڪارن
کي ضرور چوندا ته ڪُتو به کاڌو ۽ ڪکِ به نه ڀري!‘
’عبرت‘ جي هن نئين ايڊيشن ۾ هر مهيني چئن روپين جا
رسالا ڏنا ويندا ۽ اڳواٽ چندو ڏيندڙ کي ٽپال خرچ
معاف ڪيو ويندو، پر جيڪي صاحب اڳواٽ ڏهه روپيا
ڏيندا، تن کان ٽپال خرچ به ورتو ويندو ۽ کين ٻارهن
روپين جا رسالا به ملندا.
ان ڪري جن به همدردن کي پڄت آهي، تن کي عرض آهي ته
پنهنجو چندو ڏهه روپيا يا وڌيڪ اڳواٽ ادا ڪن ته
خرچ جي پورائي آسانيءَ سان ٿيندي رهي.
عبرت جي هن سائيز لاءِ اشتهارن جو اگهه
رواجي صفحو 20 روپيا
ڪور جا اندريان صفحا 30 روپيا
ڪور جو پويون صفحو 50 روپيا
وڏن ۽ وڏيءَ مدت وارن اشتهارن سان خاص رعايت ڪئي
ويندي.
واپاري دوستن کي گهرجي ته عبرت کي اشتهار ڏين،
جنهن مان کين به فائدو ٿيندو ۽ عبرت کي به هٿي
ايندي.
(روزاني ’عبرت‘ (ڪرائون سائيز) 26 اپريل، 1957ع)
(2)
هڪ هيبتناڪ انڪشاف
چيست ياران طريقت! بعد ازين تدبير ما!
قابل توجهه جناب ذوالفقار علي خان ڀٽو صاحب،
وزير حڪومت پاڪستان!
اها مشهور ڳالهه آهي ته جڏهن سلطان محمد خان فاتح
ترڪيءَ جي تخت تي ويٺو، تڏهن سندس هڪ ماٽيجي ماءُ
کيس مبارڪباد پيش ڪرڻ وئي ۽ واپس گهر آئي ته سندس
اڪيلو پٽ پينگهي ۾ قتل ٿيو پيو آهي!
سو ساڳيءَ طرح هينئر جناب ذوالفقار علي خان ڀٽي
صاحب ڪراچيءَ ۾ اعلان ڪيو ته ’تعليمي ڪميشن‘ جي
سفارشن عمل ۾ اچڻ سان سنڌي زبان کي ڪوبه نقصان نه
رسندو!
پر اڃا هن آواز جي گونج ئي ختم ڪانه ٿي ته بقول
ماسٽر نيوز، خيرپور ڊويزن جي انسپيڪٽر اسڪولس مسٽر
بلوچ شڪارپور ۾ کليو کلايو اعلان ڪيو ته ”هاڻي
’سنڌي لکو، سنڌي پڙهو ۽ سنڌي سکو‘، جي عادت ترڪ
ڪريو، سنڌي ٻوليءَ کي ڪفن ڏئي دفن ڪريو، جيڪي
ماستر اردو فائنل پاس ڪيل نه آهن، تن کي ماستري
ڪانه ملندي، هو وڃي پٽيوالي يا بيلداري ڪن!“
(هلال پاڪستان 24- اپريل)
سنڌ تي مسٽر بلوچ جو اهو عظيم احسان آهي، جو هن
اهو انڪشاف ڪري ڇڏيو، جو شايد ٻيو ڪوبه ڊڄڻو سنڌي
آفيسر هرگز ڪري نه سگهندو
هن انڪشاف بعد اسين جناب ڀٽي صاحب کان پڇون ٿا ته
”حضور والا! هاڻي اوهان جي دلاسن جو ڇا ٿيندو!“
سنڌين کي اسين صاف صاف چئون ٿا ته هڪڙي ذميدار
ڊويزنل آفيسر جي ههڙي کلئي اعلان بابت اڃا به ڪو
آسرو اميد باقي اٿوَ؟
ڇا اڃا به اوهان کي اهو هوش نه ايندو، ته هاڻي
اوهان لاءِ سواءِ ’سنڌي يونيورسٽي‘ قائم ڪرڻ جي
ٻيو ڪوبه چارو باقي بچي ٿو؟
ڇا اڃا به اهو وقت نه آيو آهي، ته پنهنجي پياريءَ
زبان کي بچائڻ خاطر ٽجوڙين جا دروازا کوليو ۽ جلد
۾ جلد اول پنج لک روپيا گڏ ڪري سنڌ يونيورسٽي
کوليو ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ مان پائي پائي پني بهٿ
پنجاه لک روپيا پورا ڪريو!
بيشڪ اها حقيقت آهي ته جهڙيون حالتون آهن، تهڙو
انهيءَ يونيورسٽيءَ کي في الحال شايد تسليم نه ڪيو
وڃي، پر اسان جي اکين اڳيان دهليءَ ’جامعه مليه‘
جو مثال موجود آهي، جا مولانا محمد علي رحه پاران
مجاهدن قائم ڪئي، ۽ ڪي ورهيه سرڪار هن کي تسليم
نٿي ڪيو، پر آخرڪار مجبور ٿي کيس ائين قبول ڪيو،
جو جامعه مليه جا شاگرد ٻين سڀني يونيوسٽين کان
وڌيڪ سٺا مڃيا ويا!
ساڳيءَ طرح وقت ايندو، جو خود پاڪستان سرڪار وٽ به
سنڌي يونيورسٽيءَ جا گرئجويٽ بهترين گرئجويٽ تسليم
ڪيا ويندا.
اٿو اٿو اي سنڌيئو!
اڄ نه اٿندؤته ڪڏهن به اٿي نه سگهندؤ!
البت انهيءَ سنڌي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به
اردوءَ خلاف ڪو به نفرت جو لفظ ڪم نه آڻجو. اردو
اسان جي ملڪ جي هڪ اهم زبان آهي، اسان کي ان لاءِ
به اهڙي ئي محبت هجڻ گهرجي، جهڙي سنڌيءَ سان هجي.
اسان لاءِ اها سکڻ به اهڙي ئي ضروري آهي، جهڙي
سنڌي، مگر ڪجهه حاڪمن جي اعلانن کان مرعوب ٿي همت
هاري، ڪڏهن به پنهنجي پياريءَ زبان کي ڪفن ڏيئي
دفن نه ڪنداسون، جڏهن اسان جي سنڌي ڳالهائيندڙ
هندو دوستن باوجود انهيءَ جي، جو هو هندستان ۾ ڪڻو
ڪڻو ڪري اڇلايا ويا، ته به هو پياريءَ زبان کي
بچائي ويا، تڏهن ڇا اسين پنهنجي وطن ۾ به هن کي
بچائي نه سگهنداسون؟
اسين سڀ کان وڌيڪ بار انهن مسڪين ماسترن تي وجهون
ٿا، جن کي کڻڻ کان بلوچ صاحب به انڪار ڪيو آهي ۽
جعفري صاحب به جواب ڏنو آهي. هو بيلدار ۽ پٽيوالا
بنجڻ بدران ڇو نه قومي فقير بنجن!
ڇو نه ڀڳڙن جا کيسا ڀري ڀائرن کان سنڌ يونيورسٽيءَ
لاءِ چندو اڳاڙين؟
اي نڌڻڪا سنڌي ماسترؤ! هي وقت اوهان جي امتحان جو
آهي! اڄ جيڪڏهن اوهان هن اهم قوميتي ڪم ۾ چريا
بنجي هٿ وڌو ته اوهين زندهه جاويد ٿي ويندؤ!
(هفتيوار ’انسان‘، حيدرآباد، سنڌ، 9- مئي 1960ع)
(3)
سنڌ جون رڙيون
انهن کي هرگز نظرانداز نه ڪيو وڃي
(1) عالي جناب صدر محترم،
(2) محترم وزير تعليم پاڪستان،
(3) جناب ڀٽو صاحب، وزير اطلاعات، پاڪستان
(4) جناب بروهي صاحب، هاءِ ڪمشنر، پاڪستان،
(5) جناب راشدي صاحب، سفير پاڪستان،
(6) جناب گبول صاحب، ميمبر گورنر ڪائونسل،
(7) جناب راڻا صاحب، ميمبر گورنر ڪائونسل
(8) جناب ڄام صاحب، ميمبر گورنر ڪائونسل
(9) جناب استو صاحب، ميمبر گورنر ڪائونسل،
(10) جناب دل صاحب، ميمبر گورنر ڪائونسل،
اها سنڌ جي هڪ وڏي بدقسمتي هئي، جو عين انهيءَ
وقت، جڏهن تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي وئي، سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ڪي اهڙيون حالتون پيدا ٿيون،
جنهنڪري سندس سنڌي وائيس چانسلر حضرت علامه قاضي
صاحب استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿيو ۽ سندس جاءِ تي هڪ
غير سنڌي محترم ڊاڪٽر صديقي صاحب، وائيس چانسلر
مقرر ٿيو
محترم صديقي صاحب هڪ اعليٰ درجي جو عالم فاضل آهي،
مگر اها حقيقت آهي ته هو سنڌ جي تعليمي حالتن کان
واقف ڪونه هو، نڪي کيس سنڌ جي عوام ضرورتن جي خبر
هئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن تعليمي
ڪميشن وٽ ذريعهء تعليم جو موضوع بحث هيٺ آيو، تڏهن
هن اها ئي سفارش ڪري ڏني ته:
”سنڌ ۾ ٽئين درجي کان اردو لازمي ٺهرائي وڃي، ۽
ڇهين درجي کان اها ذريعهء تعليم به بنائي ڇڏي
وڃي.“
جيڪڏهن ڪهڙو به سنڌي وائيس چانسلر هجي ها، ته به
هن فيصلي تي ڪڏهن به ها نه ڪري ها ۽ يڪدم سنڌ جو
پاسو پيش ڪري ها ته ائين ڪرڻ ته سنڌي شاگردن سان
ڪورو ناحق ٿيندو، ڇاڪاڻ ته:
(الف) سنڌي ۽ اردوءَ جي صورتخطيءَ ۾ ڀ، ٿ، ٽ، ٺ،
ڦ، ڇ، ڌ، ڍ، ڙ، ڪ ۽ ک اهڙا ته الڳ الڳ آهن، جو
ٽئين درجي جو شاگرد، جو اڃا سنڌي صورتخطي به
روانيءَ سان پڙهي سگهندڙ نه هوندو، ان کي جڏهن
سيکاربو ته:
لفظ ’ڻ‘ کي ٽ به چؤ ۽ ڻ به چؤ.
لفظ ’بهه‘ کي ڀ به چؤ ۽ بهه به چؤ.
لفظ ’تهه‘ کي ٿ به چؤ ۽ تهه به چؤ
لفظ ’ڻهه‘ کي ٺ به چؤ ۽ ڻهه به چؤ
لفظ ’پهه‘ کي ڦ به چؤ ۽ پهه به چؤ
لفظ ’چهه‘ کي ڇ به چؤ ۽ چهه به چؤ
لفظ دهه کي ’ڈ‘
به لکندو وڃج
لفظ ڍ کي’ڈهه‘
به لکندو وڃج
لفظ ڙ کي ’ڑ‘
به لکندو وڃج
لفظ ڪ کي ’ک‘ به لکندو وڃج.
۽ ساڳئي وقت ک کي وڌيڪ ڪاف به چؤ ۽ ک به چؤ.
ته هن لاءِ اها اهڙي مصيبت ٿي پوندي جو يا ته هن
جي صورتخطي هميشہ لاءِ ناقص رهندي، يا هو هن ٻٽڻ
کان گهٻرائجي سنڌي پڙهڻ ئي ڇڏي ڏيندو.
(ب) جڏهن ٻار کي معلوم ٿيندو ته ڇهين درجي کان ته
مون کي ائين ئي اردوءَ ۾ تعليم وٺڻي آهي ۽ ٽئين
درجي کان اردوءَ ۽ سنڌي جي ٻٽڻ مچڻي آهي ته پوءِ
آءٌ سنڌي پڙهان ئي ڇالاءِ، ان ڪري لاچار کڻي کڏ ۾
هڻانس ٻيو ڇا؟
(ج) هزارين ماستر، جي اردو نٿا ڄاڻن، سي نوڪريءَ
لاءِ نااهل بنجي ويندا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ڳوٺاڻن
اسڪولن ۾ صرف هڪ ماستر ئي هوندو آهي، اهو ٽئين
درجي کان اردو تعليم ڏئي نه سگهندو ته لازمي طرح
هو اتي نوڪري به ڪري نه سگهندو، ۽ کيس مجبور ٿي
ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ رهڻو پوندو، شهرن جي مهانگي رهائش
سبب هو لاچار نوڪري ڇڏيندو، ۽ ٻئي طرف سٺيءَ لياقت
جي ماسترن کي، جي سنڌيءَ سان گڏ اردو به پڙهائي
سگهن، تن کي جو شهرن مان ڪڍي ٻهراڙين ۾ هنيو
ويندو، سو انهن مان به گهڻا نوڪريون ڇڏڻ تي مجبور
ٿيندا.
ههڙي ترقي زبان سنڌي، جا اڍائي سؤ ورهين کان
ذريعهء تعليم پئي رهي آهي ۽ اٽڪل پنجن هزارن ورهين
کان هڪ وڏي ايراضيءَ جي ڳالهائڻ خواهه لکڻ جي زبان
ٿي رهي آهي، تنهن کي هن طرح يڪ قلم نابود ڪرڻ
جهڙين رٿن تي سنڌي وائيس چانسلر ڪنهن به صورت ۾
صحيح نه پائي ها. پر محترم صديقي صاحب کي انهن
ڳالهين جو علم ڪونه هو ۽ فطري طرح هو اردوءَ جو دل
داده هو، ان ڪري هن بنا ڪنهن چون چران جي کڻي
انهيءَ ’سنڌي ڪُش‘ رپورٽ تي صحيح ڪئي
پر جڏهن اها رپورٽ سنڌين اڳيان آئي، تڏهن ساريءَ
سنڌ ۾ هڪ هاهاڪار مچي وئي. هو يقيني طور تي سمجهڻ
لڳا ته هنن سفارشن تي عمل سڀني سنڌين سان هڪ ڪورو
ناحق ٿيندو، جيڪي خود قائداعظم، جي حياتيءَ ۾
منعقد ڪيل تعليمي ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن جي به خلاف
آهن ۽ خود ساريءَ دنيا جي تعليمي اداري يونيسڪو جي
تجويزن جي به خلاف آهن
هن هاهاڪار جي نتيجي طور سڀني سنڌي روزنامن،
هفتيوار اخبارن، ماهوار ۽ سه ماهي رسالن، صداءِ
احتجاج بلند ڪئي، سنڌ جي ادبي انجمنن احتجاجي
ٺهراءَ پاس ڪيا، سنڌ جي عوام مان ڪيترن ئي صدر
محترم کي درخواستون عرض ڪيون
حيدرآباد ۾ تعليمي ڄاڻن ۽ اديبن جي هڪ سوسائٽي
’سنڌي زبان سوسائٽي‘ جي نالي سان ٺهي، جنهن تعليمي
ڪميشن تي پوري غور ڪرڻ بعد هڪ احتجاجي ٺهراءُ پاس
ڪيو ۽ صدر محترم کي ميمورنڊم پيش ڪرڻ لاءِ وفد
تيار ڪيو. پر اها نهايت افسوسناڪ ڳالهه چئِي، جو
صدر محترم انهيءَ وفد کي ملڻ کان انڪار ڪري وزير
تعليم جو ڏس ڏنو، ۽ محترم وزير تعليم به هنن سٽن
لکڻ تائين ملاقات جي درخواست جو نڪو جواب ڏنو آهي،
نه ئي ڪا پهچ ملي آهي، ممڪن آهي ته ڀٽ شاهه جي
اجتماع وقت پاڻ ملاقات ڏئي.
مگر انهيءَ وچ ۾ اسان جي سي.آءِ.ڊي سڳوريءَ طرفان
انهيءَ نهايت ٿڌيءَ ۽ سنجيده ’سنڌي زبان
سوسائٽيءَ‘ خلاف اعليٰ آفيسرن کي بدظن ڪرڻ جي
زوردار مهم شروع ڪئي، مارشل لا اٿارٽيز کي بدگمان
ڪيو، ميمبرن جي گرفتاريءَ جا پرزور افواهه اٿاريا
۽ ميمبرن کي پوريءَ طرح هراس ۾ وڌو ويو، جنهنڪري
ميمبرن جي هزارن عزيزن ۽ دوستن ۾ سخت هراس ۽
انتظار پيدا ٿيو.
مگر ڳالهه ۾ ڀلا ڪجهه هجي ته ظاهر ٿئي، نتيجي طور
مارشل لا ۽ پوليس آفيسرن سوسائٽيءَ جي وڏن ڪم
ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. ميمورنڊم جون ڪاپيون اڳواٽ
طلب ڪيون. اهڙيءَ طرح سوسائٽيءَ جي نهايت پر اُمن
۽ سنجيدن ميمبرن تان مس مس مصيبت دفع ٿي ۽ هراس
گهٽ ٿيو ۽ اسان جي سي.آءِ.ڊيءَ بهادر جي انهن
منصوبن تي پاڻي ڦري ويو، جي هن سنڌي زبان
سوسائٽيءَ کي ڪو وڏو جهوجهيائو بنائڻ لاءِ سوچيا
هئا، ڇاڪاڻ ت اسان جا اعليٰ پوليس آفيسر ۽ مارشل
لا آفيسر ڪي اهڙا اڻ ڄاڻ ته نه آهن، جي سي آءِ.
ڊيءَ وارن جي چوڻ تي خواهه مخواهه نوڙيءَ کي نانگ
سمجهندا رهن.
ٻئي طرف خود ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ جي، اپريل 1960ع
جي ميٽنگ ۾ به اهو ئي فيصلو ٿيو ته:
”ڇهين درجي کان اڳ سنڌي ٻارن کي اردو نه پڙهائي
وڃي. مڊل اسڪولن جي سطح تائين ذريعهء تعليم سنڌي
ئي رکيو وڃي. باقي هائر سيڪنڊري سطح تي (مڊل کان
مٿي) به اردوءَ خواهه سنڌيءَ ٻنهي کي گڏوگڏ ذريعه
تعليم وانگر پڙهايو وڃي.“
اسان جي حڪومت باوجود مارشل لا هجڻ جي به جمهوريت
نواز آهي، اسان جو صدر محترم جمهور جي ووٽن سان
چونڊيل آهي ۽ پاڻ به هر مسئلي کي جمهوريت جي انداز
۾ سلجهائڻ چاهي ٿو. اسين سندس ڌيان تي سنڌ جي عوام
جي متفق خواهش، جنهن جي توثيق خود پاڪستان رائٽرز
گلڊ جي انهيءَ زبان ۽ رسم الخطن واري ڪميٽيءَ ڪئي
آهي، جا پاڻ ئي مقرر فرمائي هئائون، سا آڻي، کيس
عرض ڪريون ٿا ته پاڻ في الحال ترت اهو حڪم صادر
فرمائي ته:
”سنڌي ٻارڙن جي ڪچڙي مغز کي ڌيان ۾ رکي ڇهين جي
کان اڳ اردوءَ ۾ تعليم لازمي مقرر نه ڪئي وڃي.
باقي رهيو ڇهين درجي کان پوءِ ذريعه تعليم جو
سوال، سو 1963ع کان لازمي ٿيڻو آهي ۽ نئون دستور
ٺهي نافذ ٿي ويندو، ان وقت سنڌ جا چونڊيل ميمبر
خواهه وزير پاڻهي انهيءَ سوال کي فيصل ڪرائيندا.
اسين هن ضمن ۾ موجود حڪومت ۾ سنڌ جي نمائندن:
(1) جناب ذوالفقار علي خان ڀٽو
(2) جناب اي.ڪي بروهي
(3) جناب راشدي صاحب
(4) جناب گبول صاحب
(5) جناب راڻا صاحب
(6) جناب استي صاحب
(7) جناب ڄام صاحب
(8) جناب دل صاحب
کي به توجهه ڏياريون ٿا ته پاڻ به محترم وزير
تعليم ۽ عالي مقام صدر صاحب جي ڌيان تي سنڌ جون
خواهشات آڻين. اهي خواهشون جن جي توثيق خود
پاڪستان رائيٽرز گلڊ جي ’زبان رسم الخطن واري
ڪميٽي‘ ڪري چڪي آهي، جا خود صدر محترم جي ئي مقرر
ڪيل هئي.
جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي هيءَ متفقه خواهش، رائٽرز
گلڊ جي به توثيق ڪيل آهي، ان کي پوري ڪرڻ لاءِ
اوهين ست ئي نمائندا صاحب اڄ بيپرواهي ڪندا ته
يقين سمجهو ته سنڌي عوام انهيءَ کي هرگز معاف نه
ڪندو، ۽ سڀاڻي جڏهن نئين دستور ٺهڻ بعد اوهين وري
چونڊن ۾ اميدوار بيٺا، تڏهن اوهان جا مخالف اوهان
جي خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪندا، تنهن ۾ هڪ اهو فقرو
به هوندو ته ”اوهان پنهنجي اقتدار جي وقت ۾ پنهنجي
پياري سنڌي زبان کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ خاطر ڪجهه
ڪونه ڪيو!“
(هفتيوار ’انسان‘، حيدرآباد، سنڌ، 8- آگسٽ 1960ع)
(4)
لوممبا جي شهادت
اڄ ساري آزاد دنيا سوگوار آهي، اڄ سڀني آزادي پسند
انسانن جون اکيون اشڪبار آهن، اڄ چؤ طرف انهن
ڪميڻن انسانن تي ڦٽڪار وسي رهي آهي، جن جي هٿان نه
فقط آزاد ڪانگو، بلڪ ساريءَ دنيا جي باحميت انسانن
جو محبوب اڳواڻ ’ڀيٽرڪ لوممبا‘ ۽ سندس ٻه ساٿي
بيدرديءَ سان جام شهادت پي چڪا آهن.
هنن جو ڏوهه ......؟ انهن ڪميڻن ظالمن جي نظر ۾
هنن شهيدن جو ڏوهه فقط اهو هو، ته هنن پنهنجي ملڪ
کي انهن وحشي بيلجمين جي غلاميءَ کان نجات ڏياري،
جن جي ڪميڻپ جي حد اها ئي هئي، ته سندن انتظار
هيٺ سڄي ڪانگوءَ مان صرف ڊزن کن مئٽرڪ پاس ڪيل مس
پيدا ٿيا، ۽ پوءِ مجاهدن جي قربانين سبب مجبور ٿي
آزادي ڏيڻ بعد به شاه بيلجم هنن جو اعليٰ سرپرست
بنجڻ ۽ شهنشاهه کي، اسان جي تون، سلامت رک
خداوندا!‘ جا گانا ٻڌڻ ٿي چاهيا ۽ اڃا به ڪي ورهيه
ملڪ جي دولت لٽڻ ٿي چاهي، جنهن ذلت قبول ڪرڻ کان
هنن انڪار ڪيو آهي.
مگر ’انسانيت‘ کي ذليل ڪندڙ ’داگ سيمر شولڊ‘ جي
سازشن سان بيلجمين هڪ طرف سندن فوجي پٺو موبوتو کي
اٿاريو ته ٻئي طرف هيرن جواهرن جي کاڻين واري حصي
ڪٽنگا ۾ شومبي کي کڙو ڪيو، ۽ پوءِ انهن سڀني گڏجي
هنن مجاهدن کي ڌوڪي بازيءَ سان گرفتار ڪري ڪاساين
جي حوالي ڪيو.
اڄ اُهو صرف ڪانگوءَ جو نه، پر آزاد دنيا جو
چمڪندڙ هيرو جام شهادت پي چڪو آهي، اڄ هن جي ٻچڙن
مان هڪڙا قاهره ۾ چاچي ناصر جي گود ۾ روئي رهيا
آهن، ۽ ٻيا ٻئي طرف ڪانگوءَ ۾ ماتم ڪري پنهنجي
پيءُ جو لاش طلبي رهيا آهن، ۽ پڻ دُنيا جا سڀ غيور
۽ حريت پسند انسان اٿي کڙا ٿيا آهن. اهي تيستائين
بس نه ڪندا، جيستائين شومبي، ڪسابوو ۽ موبوتو جهڙن
ذليل انسانن جي ناپاڪ وجودن کان ڌرتيءَ جي پٺ پاڪ
نٿي ٿئي، ۽ جيستائين بيلجمين جو هڪ فرد به ڪانگوءَ
مان نڪري نه وڃي ۽ جيستائين انهن جو پاڙيسري سازشي
’داگ سيمر شولڊ‘ اقوام متحده جي انسانيت سڌار
اداري مان ذلت سان نٿو هڪاليو وڃي!
شهيد لوممبا!
توتي ۽ تُنهنجي غيور ساٿين تي سلام!
اوهان تي ٿيل ظلمن سامراج کي دنيا جي بازار ۾ ننگو
ڪري ڇڏيو آهي!
اوهان جي بيمثل قربانين تي دنيا جي سڀني غيور ۽
باحميت انسانن کي ناز آهي!
اڄ اوهان جي نينهن نه فقط ڪانگوءَ جي غلاميءَ جا
نيئر ٽُڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا، پر سڄيءَ آفريقا مان به
غلام ساز سامراجين جو تڏو اُٿاري ڇڏيو! بلڪ آفريڪا
ته ڇا، ساريءَ دنيا مان شهنشاهيت جون جڙون پٽي
ڇڏيون!
اوهان جي پاڪ رت ساريءَ دنيا ۾ آزاديءَ جا گل
کِڙائي ڇڏيا آهن، ۽ اهو وقت قريب آهي، جڏهن ڪوبه
ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به شهنشاه ۽ ڪنهن به
سامراجي ليڊر جي تشريف فرمائيءَ تي سندس سلامتيءَ
جا بئنڊ نه وڄائيندو.
اڄ اوهان جي شهادت جيئن غريب ملڪن جي غيور انسانن
کي ڏُکويو آهي، تيئن سامراجين ۽ سرمائيدارن جي
اعليٰ ۾ اعليٰ اڳواڻ ’جان ڪينيڊي‘ کي به حقيقي
ڌڌڪو رسائي ڇڏيو آهي، بلڪ اڄ خود اُهو ’آئزن هاور‘
به سندس لڳايل تيليءَ جا شعلا آسمان تي پهتل ڏسي
ڏڪي رهيو آهي، جنهن سمجهيو هو ته پنهنجي اٽڪلن سان
اڃا سامراجيت کي گهڻو وقت تڳائي سگهندس!
اُنهن سامراجين جي ڇاڙتن اوهان جا سر نه ڪپيا آهن،
بلڪ سامراجيت کي ئي ڳترا ڳترا ڪيو اٿن، اوهان
پنهنجا ڪنڌ ڪپائي، ڪروڙن غُلامن جا گردن آزاد ڪيا
آهن!
عالمي را زندهه ڪردي، آفرين بر مردنت!
اوهين نه مُئا آهيو بلڪ سامراجيت ئي مُئي آهي.
اوهين ته زندهه آهيو، ۽ دائما زندهه رهندا. دنيا
جا حُريت پسند انسان اوهان جو نالو هميشه سر بلند
رکندا.
هرگز نه ميرد آنڪه دلش زنده شد به عشق
ثبت است بر جريدهء عالمِ دوام او!
ويئي....... ويئي....... غلامي ويئي........ ظلم
وستم نابود ٿيو.......... انسانن جا گردن ڪميڻن
قهارن جي ڳَٽن کان آزاد ٿيا. ’انسانيت‘ جي پرهه
ڦُٽي....... اڄ اُهو ’انسانيت‘ جو ’تارو‘ به ڄاڻ
تسخير ٿيو، جو ڪڏهن مشرق ۾ ’وهائو‘ بنجي تجلا وجهي
ٿو، ته ڪڏهن مغرب جي سانجهيءَ کي روشن ڪري ٿو!
اڄ آزاديءَ جي آسمان تي مِڙيل ڪارا ڪڪر سخت پريشان
آهن. اڄ لوممبا پارا شهيدن هنن تي ’رعد‘ جا چابڪ
خوب وسائي رهيا آهن. انهن شهيدن جي رت سان رڱيل
لال چابڪ هنن تي اهڙا زوردار شپڪا ڪري رهيا آهن،
هنن مان اهڙيون ته چڻنگون ۽ چمڪاٽ نڪري رهيا آهن،
جو هڪ طرف ته اُهي ظلم جا آستانا اُنهن وڄڙين جي
وار جا شڪار ٿي رهيا آهن، ته ٻئي طرف پوريءَ
انسانيت تي آزاديءَ جو وڏڦڙو وسي رهيو آهي ۽ ڏُڪار
ڄڻ ته ڏور ٿيو!
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لال لبيس
پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا
وڄون وسڻ آئيون، سارنگ سينگاري
اڃيا لک
لطيف چئي، پلر پياري
وڄڙين واري، کڻي ڪُعبي تي ڪَرَ نائيا
حڪم ٿيو بادل کي سارنگ ساٺ ٿيا
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽميا
جن مهانگو ميڙيو، تن اونڌا ورق وريا
موذي سڀ مُئا، ڏڪاريا ڏيهه مان
(هفتيوار ’انسان‘ حيدرآباد، سنڌ، 20 فيبروري
1961ع) |