سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:29

آزادي هاريءَ سان خط و ڪتابت

”جناب ايڊيٽر ڪتاب انسانيت حيدرآباد سنڌ.

السلام عليڪم جي عرض ته مون چار درجا سنڌي پڙهيل آهيان، منهنجي ابي ڏاڏي جو ڌنڌو هارپ آهي. سموري زندگي وڏيرن جي ڪڙمت ڪندي ۽ ڇيڙ (۾) گذري آهي. شڪر الحمدلله جو رب سائينءَ جي فضل سان مارشلا (مارشل لا) ٿيو، مون کي به اٺ جريب زمين آباد ملي ۽ 26 جريب غيرآباد ۽ ڪلر ملي. پوءِ ته مون عيد ملهائي ڇڏي. سمورو وقت غيرآباد زمين جا لاهه ڪڍيم ۽ پاڻي ڇڏي، ڪلر کي ٺاري، هن سروَ ۾ آباد ڪيم، ڇو ته مون کي (منهنجي) زميندارن جي ڇيڙ بيگر چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي.

زميندار مون کي گهرائي چيو ته تون ”ڪلرن“ کي پيو ٿو آباد ڪرين، باقي منهنجي جيڪا زمين سٺي 16 جريب آهي، سو (سا) ته هاڻي آباد نه ڪر، جو ٻئي هاريءَ کي ڏيندس، ڇو ته توهان هاري ”نمڪ حرام“ آهيو، اڃا توهان کي ٿورو رستو ملي ته ”ڇتي ڪتي“ وانگر چنبڙي ٿا وڃو.

مون پنهنجي زميندار کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”سائين! تنهنجي زمين (کي) مون اڳ کان به وڌيڪ هر ڏنا آهن، توهان روبرو هلي ڏسو ته ڪهڙي نه سٺي زمين ڪمايل آهي. باقي جيڪا زمين سرڪار ڏني آهي، سو (سا) ته هڪ سو ورنهه (سال) ۾ به آباد ڪانه ٿي آهي، ۽ تازو تپيدار آيو، چيائين ته حق مالڪاڻو ڏي، جو مون 0-3- 138 (رپيا) ڏنم ۽..... ڇو ته آخرڪار سرڪار کي پئسا ڏيڻا ته ضرور آهن ۽ اسان کي سرڪار ايها زمين 240 به سو چاليهه روپين ۾ في ايڪڙ وڪرو ڪئي آهي ۽ اوهان پاڻ ايها بچيل زمين تازو ڏيڍ سو (150) روپين ۾ في ايڪڙ وڪڻي آهي. باقي اوهان کي ڪهڙو نقصان آهي؟

پوءِ وڏيري چيو ته ”تون ڪتي جو پٽ آهين، هليو وڃ.“

مون وڏيري کي عرض ڪيو ته ”سائين! مون کي منهنجو رب رزق انهيءَ غيرآباد زمين مان ڏيندو، اوهان جي زمين خدا اوهان کي بخشي ڏي، گهٽ ۾ گهٽ ڇيڙ ۽ بيگر کون ڇٽي پيس.“

پوءِ وڏيري صاحب کلي چيو ته ”وڏو حرامي آهين.“ مان به کلندو گهر آيس.

گهر اچڻ کان پوءِ خيال ڪيم ته ايها زمين مون کي پوري ڪانه پوندي، ڇو ته منهنجا ٻه جوڙا آهن، ٻه پٽ ۽ مان. پوءِ ته اسان جي زمين لڳ ٻي به سرڪاري زمين پيل هئي، سو ته اڳ وڏيرا پنهنجي ڀرسان کڻڻ (خريد ڪرڻ) ڪونه ڏيندا هئا، هاڻي ته وڏيرن سان واسطو نه رهيو آهي. پوءِ گهر ۾ حساب ڪيم ته ساريون پنج مڻ کاڌي کان بچيل آهن، وڪڻي پنجاهه روپيا ٿيا، سڌو سکر آيس. جاچ ڪيم، براج مختيار ڪار صاحب جي آفيس ۾ چيائون ته اٺن جريبن جي ليس مني 32 روپيا وٺنداسون. ٻٽيهه روپيا ڏيئي زمين ورتم ۽..... پوءِ ته منشي ڏاڍو شريف ۽ چڱو رحمدل هيو..... مون منشيءَ جو ڏاڍو شڪرگذار رهيس. باقي حساب ڪيم مون وٽ 9 روپيابچيا آهن. ڇو ته ڳوٺ کان ڪرايو سکر تائين ساڍا ٽي روپيا آهي ۽ اٺين آني جي ماني کاڌم، پوءِ شهر سکر گهمڻ ويس، جو اڳ شهر سکر ڪڏهن ڏٺل ڪونه هيو. رب جا عجب عجب لڪا (لقاءُ) ڏٺم، ڏاڍي دل خوش ٿي. پوءِ هڪ ننڍيءَ هوٽل تي جتي ماني کاڌم 8 آني جي، اتي ميز تي هڪ ڪتاب رکيل هو، مٿان ڪتاب جي لکيل هيو ”ٽالسٽاءِ نمبر.“ پوءِ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم، پوءِ ايڏو ته مزو آيو ته ڄڻڪ اسان ڪڙمين جي دردن ۽ ڦٽن جو ذڪر پيو ڪري. آخرڪار خدا جو قسم آهي ته روئي ويٺم- اهڙا رب جا بزرگ اسان وٽ ڇو نٿا پيدا ٿين، جو زمين جهڙي شيءِ مفت هارين کي ڏين ٿا، اسان کي (ته) غيرآباد زمين ٻه سو چاليهه روپين ۾ ايڪڙ ڏنو ويو آهي، سو به وڏو گنج ۽ انعام ٿا معلوم ڪريون. پر قسطون آسان آهن، جو ضرور هڪڙي ڏينهن ڏئي زمين جا مالڪ ٿينداسون. پوءِ دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيو ايهو ڪتاب وٺان، شهر ۾ گهڻو ڳوليم پر ڪونه لڌو. پوءِ هڪڙي دوڪان تي ڪتاب رکيل هئا، پڇا ڪيم. دڪان جي مالڪ چيو ته اسان وٽان کپي ويو آهي، باقي ڪتاب قاعدي اعظم نمبر تازو آيو آهي. پوءِ چار آني ۾ خريد ڪيم. ڪتاب پڙهيم به ته ڏاڍو مزو آيو، معلوم ائين ٿو ٿئي ته شايد ڪ اوهان هاري ورڪر آهيو، جو اسان جون ڳالهيون ٿا لکو. رب سائين اوهان کي اسان جو ”بادشاهه“ ڪندو. اڳ اسان وٽ هاري ورڪر پري پري کان ايندا هئا، هاڻي ٻه سال کن ٿيندا ته ڪونه ٿا اچن، الاءِ ڇو نٿا اچن. شايد ڪ اسان کي زمين ملي وئي آهي، جو ڪونه ٿا اچن. اسان وڏيرن کان ڊڄندا به هياسي، پر اهڙيون ڳالهيون ڪندا هيا، جو دل ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. مان معلوم ٿو ڪيان ايها زمين اسان کي هاري ورڪرن وٺي ڏني آهي، پر ماڻهن چون ٿا ته جرنل محمد ايوب خان صاحب وٺي ڏني آهي. اسان سڀني جا شڪر گذار آهيون.

پوءِ منهنجا سائين اوهان جي ڪتاب (رسالي انسان) خريد ڪرڻ جو به ڏاڍو خيال ٿيو، پر حساب پيو ڪريان ته گهر تائين پهچڻ کان پوءِ ٻه روپيا بچن پيا، پوءِ خيال ڪيم ته گهر وڃي ساريون وڪڻي چندو ڪتاب (رسالي) جو پورا ڏهه روپيا ڪري موڪليان. پر هيٺان اوهان پاڻ لکيو آهي ته رعايت لاءِ ٻه روپيا ٽن مهينن لاءِ موڪليو، ته ڪتاب ٽن مهنن لاءِ ڏيندس. تنهنڪري ٻه روپياموڪليان ٿو، مهرباني ڪري حال ٽن مهنن لاءِ ڪتاب موڪليندا ته پوءِ اسان جو فصل ڪڻڪ ۽ چڻا ۽ سرنهه لهي پوندي، پئسا به جام ٿيندا، پوءِ سمورو چندو ڏيندس. اسان رات جو اوطاق ۾ گڏ ٿي مجلس ڪندا آهيون، ٻجهارتون ۽ قصا کڻندا آهيون، هاڻي ارادو ڪيم ته سڀني کي اوهان جو ڪتاب پڙهي ٻڌائيندس. منهنجو پتو هيءُ آهي:

شير محمد پٽ محمد حسن لاشاري، ديهه لعل اڍو، معرفت: عبدالرحمان ماستر صاحب چنو. پوسٽ آفيس محمد پور اڍو، اسٽيشن ڳڙهي خيرو، ضلع جيڪب آباد سنڌ. تاريخ جنوري 1961ع هفته وار ”انسان“

جواب

محترم ميان شير محمد- وعليم السلام بعد عرض ته آءٌ اوهان جو هيءُ دل جي احوال وارو خط بجنسه اسان جي محترم صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي خدمت ۾ رسايان ٿو، جنهن کي اوهان ”جرنل محمد ايوب خان“ لکيو آهي. هن لاءِ، ته هن وٽ ٺهيل ٺڪيل ۽ سوچيل سمجهيل رپورٽون ته گهڻيئي رسنديون هونديون، پر هيءَ سچي پچي بنا ڪنهن وڌاءَ جي رپورٽ پڙهي هو اميد ته ڏاڍو خوش ٿيندو.

ادا، اوهان کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته جنهن بزرگ ٽالسٽاءِ جي پنجاهين ورسيءَ تي مون انسان رسالي جو اهو ٽالسٽاءِ نمبر ڇپيو هو، انهيءَ جي ورسيءَ تي صدر صاحب جو هڪ آفيسر جناب 
جميل الدين عالي صاحب به بزرگ جي ملڪ ۾ ويل آهي، انهيءَ جي معنيٰ ته جنهن بزرگ کي اوهين ۽ اسين پيار ڪريون ٿا، ان کي اسان جو صدر صاحب به پيار ڪري ٿو، ۽ ٻيا به پيار ڪن ٿا، فقط اسان جي اخبارن جي آفيسر مسٽر جميل الزمان کي انهيءَ بزرگ جي شڪل ڏسندي ”الرجي“ پيدا ٿي ويندي آهي، يعني هڪڙو  جميل هزارها ميل پنڌ ڪري ورسي ملهائڻ ويو آهي، ٻيو جميل گهر ويٺي خارون ويٺو کائي!

هاڻي ٻي اوائلي ڳالهه ٻڌو، ته اڳتي ڪنهن به ماڻهوءَ کي لفافي ۾ پئسا وجهي نه موڪليندا ڪريو! ڇاڪاڻ ته اهو قاعدي موجب ڏوهه آهي، ڇو ته ائين موڪليل پئسا ڪن ٽپال جي ماڻهن کي چورائڻ جي لالچ ڏيندا آهن. ان ڪري اوهان جي پئسن تي وري انسپيڪٽر صاحب روپيو ڏنڊ ورتو آهي. اوهان کي ڪنهن کي به پئسا موڪلڻا هجن ته مني آرڊر ڪري موڪليندا رهندا.

مون کي اهو معلوم ڪري نهايت خوشي ٿي، ته نون زرعي سڌارن سبب اوهان کي ”سچ پچ“ زمين ملي وئي آهي، شايد اهو اوهان جو زميندار ڪمزور هوندو يا چالاڪ نه هوندو؛ نه ته مون ٻڌو آهي ته ڪيترن ئي هنڌن تي زميندارن رڳو ناٽڪ ڪري هارين جا نالا ڪاغذ تي لکائي ڇڏيا آهن، باقي حقيقي مالڪ پاڻ ئي آهن. تقاويون به انهن جي نالي تي لکايون اٿن ۽ ڍلون به انهن جي نالن تي لکائين ٿا، پوءِ جنهن تي ڪاوڙبا، تنهن کي لڏائي ڪڍندا ۽ وري انهيءَ پٺيان نقاوريءَ ۽ ڍل جا وارنٽ پيا ڦرندا، ۽ پاڻ اها زمين وري ٻئي هاريءَ جي نالي ڪرائي ڇڏيندا. اهڙن زميندارن کي پڪڙڻ وارو في الحال ڪير ئي ڪونه ٿو ڏسجي. ڇو ته اوهان کي خبر آهي ته اڪثر ڪامورا انهن سان ٻٽ هوندا آهن. ۽ ڪن هنڌن تي زميندارن پنهنجي ڪنوارين نياڻين ۽ ڀيڻن جي نالي تي به زمينون ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي انهن کي پرڻائين به نٿا، ته متان سندن خاوند اهو حصو کڻي نه وڃن. اهڙا رواج سنڌ ۾ اڳي به آهن ۽ هينئر وڌيڪ زور وٺن پيا. انهيءَ جي جاچ تپاس ٿيڻ به في الحال ته محال آهي، پر اسان جي اڳئين گورنر اختر حسين صاحب چيو هو ته ٽن سالن بعد وري به انهن جي چڪاس ڪبي. ڏسجي ته انهيءَ چڪاس ۾ من ڪو فائدو ٿئي.

ادا سائين! هينئر اوهان کي به معلوم ٿيو هوندو ته هاريءَ لاءِ پنهنجو تڏو ڪيڏو نه پيارو آهي، ۽ ڪئن نه انهيءَ تي دل جان سان محنت ڪري ٿو، پوءِ اهو ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جي سچ پچ هر ڪنهن هاريءَ کي پنهنجي زمين حاصل ٿئي.

اوهان جي خط ڪي لفظ مون ڪن سببن ڪري ڪٽي ڇڏيا آهن، ۽ اتي ٻڙيون ڏنيون اٿم.

وڌيڪ اوهان کي معلوم هجي ته اهو منهنجي رسالي انسان جو ”ٽالسٽاءِ نمبر“ ته هاڻي اوهان کي هٿ اچڻ مشڪل آهي، باقي جنهن ڪتاب مان اهي سڀ ڳالهيون ورتل آهن، انهيءَ جو نالو آهي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ اهو سرڪار جي مقرر ڪيل سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي ۽ حيدرآباد يا ڪراچيءَ مان يا اڪثر سڀني ڪتابن جي واپارين کان ساڍن چئن روپين ۾ ملي ٿو. اوهان کي جڏهن پئسا هٿ اچن، تڏهن اهو گهرائي سڄو پڙهندا ۽ ڪچهريءَ ۾ به پڙهي ٻڌائيندا.

ادا آءٌ هاري ورڪر ڪونه آهيان، باقي زميندارن وٽ پنجويهه سال کن نوڪري ڪئي اٿم، انهن جي هارين جي وچ ۾ رهيو آهيان، انهن جون حالتون ڏٺيون اٿم، مون کي معلوم آهي ته هو هارين سان ڪهڙا ويل وهائيندا هئا، اهي ويل مون پنهنجي ڌار ڌار آکاڻين ۽ ڪتابن ۾ به لکيا آهن، ۽ هاڻي به انهن بابت ٽي ڪتاب: نڌڻڪي، سڀاڳي ۽ ڪونڍير نالي لکڻ جو ارادو اٿم.

اها زمين برابر اوهان کي جنرل محمد ايوب خان وٺي ڏني آهي، جنهن جو لقب هاڻي ”فيلڊ مارشل“ آهي ۽ پاڻ پاڪستان  جو صدر آهي. باقي هاري ورڪرن جي جماعت تي هن بندش وجهڻ مناسب سمجهي آهي، الائجي ڇا جي ڪري، سا ته خبر کيس هوندي. انهن جي صدر حيدربخش جتوئيءَ خان کي به هينئر هڪڙي ڪتاب  لکڻ ڪري ٽي سال جيل مليو آهي، ۽ انهيءَ کان اڳ به مارشل لا لڳڻ وقت به کيس ساڍا چار مهينا جيل ۾ رکيو هئائون، پوءِ هن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، تنهن تي آزاد ڪري ڇڏيائون.

باقي اوهان جيڪا دعا لکي آهي ته ”رب سائين اوهان کي اسان جو ”بادشاهه“ ڪندو.“ سو بادشاههته آءٌ هينئر به آهيان؛ ڇاڪاڻ ته اڳئين زماني جا روايتي بادشاهه ته اسان جي ملڪ مان سو ورهيه اڳ موڪلائي ويا ۽ ٻين ملڪن مان به آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن. باقي اسان جي ٻوليءَ ۾ ”بادشاه“ چوندا آهن، ڀورڙي يا بي عقل کي، سو مون کي به اسان جي ذات وارا ميمڻ سيٺيون سڀ متفقه طرح، ۽ اسان جي اخبارن جي آفيسر مسٽر جميل الزمان سميت ”ڀورڙو“ سڏيندا آهن، تنهنڪري اوهان جي دعا اگهجڻ کان اڳيئي اها بادشاهي مون کي ملي ويل آهي. انهيءَ بادشاهيءَ جي محابي ته مون کي به صدر صاحب جي حڪومت سوا چار مهينا شاهي مهمان ڪري رکيو هو، جتي گهر کان سٺي ماني، کٽ بسترو، مڇرداني، ميز ڪرسي، پڙهڻ لاءِ ڪتاب، سڀ ڏنا هئائون ۽ روزانو بنا فيءَ جي ڊاڪٽر اچي حاضري ڏيندو هو. پوءِ ڏاهن پئي ٻاهر ڏک ڏٺا ۽ اسان ڀورڙن جا پئي گام وسيا!

ادا هاڻي خدا حافظ، کل چرچو معاف ڪجو- اوهان جو پنهنجو-

محمد عثمان ڏيپلائي

ايڊيٽر رسالو انسان

* * * * *

پيارا دوست ميان شير محمد خان سلامت

اوهان جو محبت ڀريل پهتل خط مون اخبار انسان ۾ شايع ڪرڻ مناسب سمجهيو آهي، جو اميد ته صدر صاحب جي خدمت ۾ پهچندو.

منهنجي دل ڏاڍو چاهيو ٿي ته اوهان کي ”ٽالسٽاءِ نمبر“ ڪاپيءَ جي مون وٽ به ڪونه هو ۽ ڪٿان هٿ به نٿي اچي سگهيو، تعجب اهو، جو ڪي اهڙا شخص جيڪي ان جي ڪن ٽڪرن کي ناپسند رکن ٿا، سي به کيس پاڻ کان جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن!

پر اڄ اها حيرت جهڙي ڳالهه ٿي آهي، جو هڪ پرچو لاهور ڊيڊ ليٽر آفيس مان واپس اچي پهتو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اتفاق سان هن جو سرنامي وارو پنو واٽ تي ڦاٽي پيو، جنهن ڪري لاهور ويو ۽ ڊيڊ ليٽر آفيس وارن اهو اسان کي واپس موڪليو آهي. منهنجي دل چيو ته اهو اوهان جو ئي حق آهي؛ ڇاڪاڻ ته هونئن ته ڪيترائي رسالا ٽپال مان هر دفعه پيا گم ٿيندا آهن، پر هيءُ رسالو نوح نبيءَ ع جي ٻيڙيءَ وانگر جو مختلف هنڌن جا گشت ڪندو به صحيح سلامت واپس اسان کي اچي پهتو آهي، سو شايد اوهان لاءِ ئي آيو آهي. ان ڪري اوهان کي موڪلجي ٿو. زياده خير والسلام

محمد عثمان ڏيپلائي

(هفته وار ”انسان“ 1961ع)

* * * * *

ميان محمد عثمان سلامت.

اڄ اوهان جو قرب ڀريو ڪارڊ ۽ اسان جو پيارو رهبر ٽالسٽاءِ نمبر مليو، دل ڏاڍي خوش ٿي، منهنجا سائين رات جو اوهان جو رسالو سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻڌايم، اسان جي مجلس ڏاڍي خوشيءَ سان گذري. اوهان جا نهايت شڪر گذار آهيون، جو اوهان صاحبن احسان ڪري اڻ لڀ ڪتاب موڪليو آهي منهنجا سائين منهنجو گهر محمدپور پوسٽ آفيس کان 3 ميل پري ۽ جيڪب آباد کان 26 ميل پري آهي، هاڻي مون بندوبست ڪيو آهي، جو اوهان جو رسالو جيڪب آباد کان ايندو، جو لاري اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ويندي آهي، روزانو لاري اسان جي گهرن ڀرسان به لنگهندي آهي.

وڌيڪ عرض آهي ته اوهان صاحبن لکيو آهي اوهان جي خط صدر صاحب کي موڪليو اٿم (سو) ائين ٿو ٿئي، شايد ڪه اوهان منهنجو خط جيڪو سکر لکيو هئم سو ته پنهنجي رسالي ۾ ڇاپيو آهي، سو ته مون کي خواب خيال ۾ به ڪونه هيو جو مون جهڙي لاءِ انسان جو ته آواز صدر صاحب تائين پهچندو، سو ته اوهان لک لهو، پر سائين منهنجا اوهان کي منهنجي بيوسيءَ لاچاريءَ جو ته احساس ڪونه ٿيو، ڇو ته ايهو خط صاحب ضرور انڪواريءَ لاءِ پنهنجي  آفيسرن ڏي ڪندو، ۽ مون کي ضرور آفيسرن وٽ گهرايو ويندو، منهنجي گهر ۾ ڀاڙي جا پئسا به ڪونه هوندا، ٻيو ته صبح کان وٺي شام تان زمين جي سڌارڻ  ۽ ڏاندن جي گاهه وغيره ۾ گذري ٿو، منهنجا جيڪي جو ٻٽي ڏينهن خراب ٿين، ۽ ٻين مون کي پنهنجي ڳوٺ جا ڀائر ڇا چوندا، ته سڄي عمر جي ابي ڏاڏي انهن زميندارن جي ڇيڙ ۽ بيگر ڍڳن پئي ڏنوسون ۽ جيترو به پئي ظلم ڪيائون ته اسان سهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، اسان کي رب صبر ڏئي وري به وڏيرا پنهنجي پريت ٿا وڃائن، (پر) منهنجا سائين ڏسندا آهيون ته وڏيرا اسان کان وڌيڪ پريشان هوندا،اسان کي  جيڪڏهين ان نه هوندو آهي، ٻڪريون ۽ ڏُهي کير پِي آرام سان سمهي پوندا آهيون؛ وري جيڪڏهن ان صبح جو نه مليو ته ڪوهر ڪري کائي هفتن جا هفتا گذاري ڇڏيندا آهيون، پر هاڻي اهي شايد ڪه رب سائينءَ معاف ڪيا آهن. اسان صدر ايوب خان ۽ هاري ورڪرن جا نهايت شڪر گذار آهي جو اسان کي وڏي نعمت آزاديءَ جي وٺي ڏني آهي، زمين مان گاهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪندا آهيون، ميوو پنهنجي آزاديءَ سان پٽي کائيندا آهيون، ۽ پلي ٻوڙ چاڙهي صدر صاحب  ۽ هاري ورڪرن کي دعائون ٿا ڪيون رب شال خوش رکين- امين – رب شال محمد ايوب خان کي وڏي عمر عطا ڪري! شال هميشه جو صدر هجي، آمين. اوهان جو...... شير محمد هاري- پوسٽ آفيس اڍو ڳوٺ لعل اڍو تعلقو ڳڙهي خيرو ضلع جيڪب آباد (هفته وار ”انسان“ 1961ع)

جواب

ادا سائين! اوهان کي شايد اڃا تائين اهو اوهان خط وارو رسالو ڪونه مليو آهي، اجهو اسان جي کاتي جون اهي سوڪون ٻوڏون آهن جو يا ته ڌڻي ڏانهن موڪليل رسالو به نه ملي يا بنا سرنامي وارو رسالو گهمندو به اچيو واپس پهچي. پر هاڻي اميد ته جيئن تيئن انقلابي حڪومت اهي خرابيون به دور ڪندي. ادا، مون اوهان جو خط رسالي ۾ ڇاپي اهو رسالو صدر صاحب کي هن لاءِ موڪليو آهي ته اها دل جي سچي رپورٽ پڙهي، هو خوش ٿئي ٻيو هو اهڙو واندو ڪونه آهي جو جهل ٻٽي آئي کٽي، جي پهاڪي وانگر انهي خط تي به ويٺو انڪواريون ڪرائيندو، هن کي پنهنجي حڪومت جا ايڏا گهڻا ڪم آهن، جو الائجي انهي خط جا ڪي مختصر اکر به کيس گوش گذار ٿيا يا نه، (ٻيءَ ڪندي مون اوهان جي خط جا اهڙا اکر به ڪٽي ڇڏيا آهن، جن جي سبب انڪوائري ٿئي) ائين جيڪڏهن پاڻ هر ايري غيري نٿو خيري جي خطن تي انڪوائري ڪرائيندو وتندو، ته پوءِ ته جيڪو سندس سموري سپاهه پيئي خطن جون انڪوائريون ڪندي، ڇو ته خلق ويچاري دکُن سان ايڏي ڀرپور آهي، جنهن جي ڪا حد حساب ڪانهي مگر پاڻ رڳو سندس حڪومت جي بنيادي پاليسي سڌارڻ جا بنيادي حڪم ڏيندو هوندو، پوءِ انهي مطابق توهان پارن اسان پارن کي مناسب فائدا از خود پيا رسندا آهن، جئن ڪ اوهان کي زمين ملي ويئي، يا اڃا به ملندي، يا مون کي نظربنديءَ مان نڪرڻ شرط از خود انسان رسالو هفتي وار ڪڍڻ جو حڪم ملي ويو، جنهن کي مون ناممڪن پئي سمجهيو. اهڙيءَ طرح هو ڪوششون ڪري رهيو آهي، جيئن اقوام متحده جي فيصلي موجب سندس هر ڪنهن رهاڪوءَ کي اٽو، لٽو اجهو، امن، علاج، تعليم، انصاف، روزگار، تفريح، خيالن ظاهر ڪرڻ جي آزادي ۽ پيريءَ جو آرام ميسر ٿئي ۽ ڌڻي تعاليٰ ڪندو ته ٿوري عرصي اندر پاڪستان جي هر ڪنهن رهاڪوءَ کي اهي سڀ نعمتون ميسر ٿي وينديون. آمين. انهي پروگرام موجب، جئن ان جي اڳئين گورنر ذاڪر حسين صاحب اشارو ڏنو هو، تئن اٽڪل ٽن سالن بعد اميد وري به تپاس ٿيندي ۽ جن به زميندارن ٺڳيون ڪري زمينون پنهنجي ئي هٿن ۾ رکيون هونديون، تن کان به فقط اهي کسجي هارين کي ملنديون، بلڪ ڪوڙن ڪليمدارن وانگر کين سزائون به ملنديون، ۽ انهن ٺڳن ۾ ڀائيوار ٿيندڙ آفيسر به ڪيتا لوڙهيندا ۽ پڻ انهي عرصي ۾ جن زميندارن زمينن کي ٺيڪ آباد نه ڪيو هوندو، تن کان اڃا وڌيڪ اراضي به سندن اڻ لائق هجڻ سبب شايد کسيندا، يا سخت تنبيهه ڪري ڪجهه وقت وري به هڪ دفعو چانس ڏيندا، پوءِ به باز نه آيا، ته شايدآخرڪار وڃي وٺن، 64- ايڪڙ زمين رهندي ۽ نيٺ ائين ٿيندو، جو سنڌ ۾ هر ڪنهن هاريءَ کي ٻٽيهه ٻٽيهه ايڪڙ زمين پنهنجي ٿيندي ۽ اڻ لائق زميندارن وٽ چوهٺ ايڪڙ زمين وڃي بچندي، باقي جيڪي لائق زميندار اڄ به پنهنجي عقل، دانش، ۽ سرجوشيءَ سان سندن زمينن کي گلزار بنائي پاڪستان جي پيدائش وڌائي رهيا آهن، تن کي ته نڪا لهر نڪو لوڏو. مثلاًجئن اسان اخبارن ۾ پڙهيو آهي ته مسٽر علي نواز انڙ پنهنجي زمين، پنهنجي يونين ۽ پنهنجي ڳوٺ کي خوب سڌاريو آهي ته اهڙن کي ته سرڪار گهڻي ۾ گهڻي نوازيندي ۽ سندن همت افزائي ڪندي.

مطب ته اوهين خوش ٿيو، جو هاڻي اوهان جو ئي زمانو اچي رهيو آهي. اوهان جيڪو فاقن ۾ وقت گذارڻ جو احوال لکيو آهي انهن مون کي وري به اهو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو آهي جڏهين آءٌ زميندارن وٽ نوڪريون ڪندو هئس، خاص طرح هينئر جيڪا هڪ ڳالهه دل تي تري آئي اٿم سا آءٌ جلد ئي ”ٺارو“ جي نالي سان ڇپيندس.

اوهان جيڪا وڏيرن جي پريشانين جي ڳالهه لکي آهي سا ته آءٌ پاڻ به ڏسندو ۽ کلندو هوس، انهن مان اڪثر حالتون ته سندن گونا گون ۽ عبرت انگيز ڪمن سبب پاڻ ئي پيدا ڪندا هئا، پوءِ سندن ننڊون به حرام هونديون هيون ۽ ڏينهن به ڏاڍن ڏکن ۾ گذرندا هئا. بس ساڳيو قرآن تطلع علي الافده“ يعني (الله جي ڀڙڪايل باهه، جا سندن دليل تي دميل هوندي آهي.) (اهي سمورا احوال منهنجن ڪتابن سڀاڳي، نڌڻڪي ۽ ڪونڍير ۾ ايندا) ادا سائين مون اهڙا وڏيرا به ڏٺا، جي ڏاڍا خوش خورم هوندا هوا ۽ جنهن کي راڄ به ڏاڍو پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هنن جا ڪڌا ڪم به نه هوندا، نڪي دليون گهڻي جي سوداءَ ۾ ڀرپور هونديون هين ۽ هو به راڄ کي پيار ڪندا هئا.

هاڻي ٻڌو اها ڳالهه، ته مون اوهان جا خط ڇو ڇپيا، هن ڪري جو اهي دل جا حقيقي آواز هئا، جي بنا ڪنهن وڌاءُ ۽ چٻي چيٺي جي ظاهر ڪيل هئا، هاڻي هن کان پوءِ جيڪو اوهان جا خط هوندا، سي اهڙي پايي جا نه هوندا، ڇاڪاڻ جو هاڻي اوهان کي به اهو خيال رهندو ته متان منهنجا وڌيڪ خط به ڇپجن، ان ڪري اهڙيءَ کليءَ دل سان نه لکندا، اگرچ انهن جا به ڪي هنڌ ڇپجڻ لائق نههوندا، پر دنيا جي ادب ۾ جهڙو مرتبو بي خياليءَ سان لکيل سٺن خطن کي حاصل آهي، اهڙو سوچي سمجهي لکيل خطن کي به؛ پر انهي هوندي به هاڻي به جيڪڏهين پنهنجي زماني جا پنهنجا خواه ٻين دوستن ڪي به ڏٺل يا ٻڌل واقعا ۽ احوال لکندا رهندا ته انهن مان جيڪي اسان کي پسند ايندا، سي ڪڏهين ڪڏهين ڇاپيندا رهنداسون. باقي اهي ٻه خط ته اسان جي دل ائين ئي چاهيو جو ڇاپي ڇڏياسون، اهي بهرحال ڇپجي ويا، يقيناً انهن ڪري اوهان کي ڪا تڪليف ڪانه ايندي، پر جي اتفاقاً ڪا اچي وڃي ته به اها مٺي ڪري ڀوڳجو ۽ سمجهيو ته اڃا وڏيرن جي ڇيڙن بيگرن مان ڪا بقايا رهجي ويئي هئي جا انهي صورت ۾ پهتي.

زياده خير والسلام

بنده

ڏيپلائي

(هفته وار ”انسان“ 1961ع)

* * * * *

محب الانسان محمد عثمان ڏيپلائي-

عرض ته اوهان جو رسالو ”نمبر ٽالسٽاءِ“ روزانه جڏهين ڏاندن کي گاهه وغيره ڏئي واندو ٿيندو آهيان، ته ضرور پڙهندو آهيان، ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان، ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙا بزرگ ته پيدا ٿيا آهن، جو ٽالسٽاءِ جهڙن بزرگن کي پيار ته ڪن ٿا. واقعي اهڙا بزرگ هن دنيا جي سونهن آهن، اسان جهڙن مجبور ۽ لاچار انسانن جا سچا مدد گار ۽ ابا آهن. رب سائين اوهان کي اهڙن خيالن تي ثابت قدم رکندو ۽ فتح عظيم ڏيندو. آمين.

منهنجا سائين، جيئن ته مون اوهان جو رسالو ”ٽالسٽاءِ نمبر“ پيو پڙهان، ته هڪ ڪڪڙن جو واپاري آيو ۽ اچي هوڪو ڏنائين ته ڪڪڙن جو واپاري آيو آهي، مون کي به يڪدم خيال آيو ته ڇو نه وڏي ڪڪڙ وڪڻي رسالو ٽن مهينن لاءِ گهرايان؛ پوءِ ڪڪڙ واپاريءَ کي ٽن روپين ۾ وڪرو ڪيم، ته گهر واريءَ يعني پنهنجيءَ زال مون کي چيو، ته ”تون اها ڪڪڙ ڇو وڪرو ڪري ڇڏي؟ ايها ڪڪڙ گهڻا ٻچا ڏيندي آهي، جو وقت سر پئسو ڏوڪڙ نه هوندو آهي، ته انهي ڪڪڙ جا چوزا وڪرو ڪري ٻارن کي ڪپڙو لٽو وٺي ڏيندا آهيون، تون هن وقت پيسا ڪاڏي ڪندين؟“ پوءِ مون گهر واريءَ کي چيو ته ”مون هن پئيسن مان رساله انسان گهرائيندس“ پوءِ گهر واريءَ مون کي چيو ته ”انهن رسالن مان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟“ مون گهر واريءَ کي ٽالسٽاءِ جو سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايم ۽ گهر واريءَ کي چيم ته ”هن رسالي جا لکندڙ خود اسان جهڙن لاچار انسانن جا مددگار آهن ۽ اهڙن بزرگن جي طفيل اسان کي زمين ملي آهي.“ ان کان پوءِ مون کي گهر واريءَ اجازت ڏني ته جيڪڏهين اهڙن بزرگن جا لکيل ڪتاب آهن، ته پوءِ ڀل گهراءِ. پوءِ مون هئي ڏينهن تي ٽي روپيا کڻي نالي عزيزالله منشيءَ لاريءَ واري کي ڏنم، ته ”ادا جيڪب آباد کان جيڪي رسالا انسان ملئي، ته منهنجي لاءِ ورتيون اچ.“

منشيءَ مون کي چيو ”ادا، تون هاري ماڻهو، رات ڏينهن پنهنجي ڪڙمت جي ڪم سان پيو گذارين، تون رسالو ڇا ڪندين؟“ مون عرض ڪيو ته ”ادا، مون کي انهي رسالي سان ڏاڍو پيار آهي.“ پوءِ منشيءَ شام جو به رسالا آندا 73 ۽ 84 نمبر پوءِ پنهنجي لاءِ ته عيد ٿي وئي. ڏاڍو مزي سان پڙهندو ٿي ويس. آخر ۾ لکيل خط مون وارو پڙهيم. وري اوهان جو لکيل جواب پڙهيم ته ڏک به ڏاڍو ٿيو ته شرمندو به ڏاڍو ٿيس. شرمندو هن ڪري ٿيس، ته اوهان لکيو آهو، ته لفافي ۾ پئسا موڪلڻ ڏوهه آهي. سو ته سائين جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته لفاقي ۾ پنهنجي شيءِ موڪلڻ ڏوهه آهي ته اصل اهڙو ڏوهه جهڙو ڪم نه ڪيان ها، مهرباني ڪري مون کي معاف ڪندا. وري اهڙي حرڪت نه ڪندس.

۽ ڏک هن ڪري ٿيو، جو اوهان لکيو آهي ته انقلابي سرڪار هاري جماعت تي بندش وڌي آهي ۽ هاري ورڪر حيدربخش جتوئي کي جيل ۾ وڌو ويو آهي ٻئي طرف وري هارين کي زمينون ڏنيون ويون آهن، سو مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڇا آهي.

باقي هاڻي مون کي اهو ته يقين ٿي چڪو آهي ته اسان کي زمين موجوده انقلابي سرڪار ڏي آهي، نه ڪه هاري ورڪرن؛ ڇو ته جيڪڏهن هاري ورڪر اسان کي زمين ڏين ها ته اسان هارين تي زمين جي عيوضي جو ايڏو وڏو بار نه مڙهين، ڇو ته ڪلرن بجهرن جو ٻه سو چاليهه روپيا ايڪڙ وري گڏيل ٿيندو، ايهو به نهايت گهڻو آهي. پر سائين توهان ضرور چوندو ته اوهان تي زور ته ڪونه آهي. کڻي زمين خريد نه ڪريو. منهنجا سائين، جيڪڏهن زمين نه وٺون، ته وري ٻئي پاسي زميندارن جي ظلمن جي حد نه آهي. ڇيڙ ۽ بيگر رات ڏينهن ڪمدارن ڪاروان جي به اسان کي خبر آهي، ته اسان سان جيڪو ٿيندو هوندو، سو ته اسان کي معلوم هوندو. سو ته منهنجو مطلب هيو ته هاري ورڪن کي اسان غريبن جي سموري هالتن جو پتو هيو ۽ اسان سان جيڪو اڳ ٿيندو هيو، تنهن کان واقف هيا، ته اسان جي گهرن ۾ ڇا آهي؛ ٻيو ته سموري دنيا زميندار، ڪامورا، ملان، مولوي، پير، سيٺيون، ڀلاوڻا، اسان کي چور ۽ بدمعاش الاءِ ڇا ڇا ڪري تصور ڪندا هيا، مگر اهي هاري ورڪر هيا، جيڪي اسان کي چڱو ۽ مجبور ۽ لاچار انسان سمجهي رحم جي نظرن سان ڏسندا هيا، سو ته سائين منهنجا هن دنيا جو ته پتو ڪونه ٿو پوي، رب شال حاڪمن کي هدايت ڪري.

باقي سائين اوهان لکيو آهي، ته مون هاري ورڪر نه آهيان، سو ته اوهان ڀل انڪار ڪيو، ته هاري ورڪر نه آهيان، شايد ڪه توهين به سرڪار کان ڊڄي چئو ٿا ته هاري مرڪر نه آهيان، سو ته سائين اسان توهان کي هاري ورڪر چونداسون، اوهان ڀل انڪار ڪريو.

اوهان جو دوست

هاري شير ولد محمد حسن لاشاري

لعل اڍو پوسٽ آفيس محمد پور اڍو ضلع جيڪب آباد

(هفته وار ”انسان“ 1961ع)

جواب

پيارا دوست شير محمد سلامت

ادا، اوهان ڪڪڙ وڪڻي چڱو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اها رزق ڏيندڙ چيز هئي؛ رسالا ته هڪ ته اوهان چندو موڪليو هو سو اسين موڪليون پيا ها، ۽ ٻيو ته هر هفتي چئن آنن ۾ جيڪب آباد کان به ايندا رهن ها، هاڻي اوهين وري به اهڙي ڪڪڙ وٺو؛ بلڪ جيتريون ٿي سگهن اوتريون گهڻيون وٺو، ڇو ته ڪڪڙين پالڻ جهڙو فائدي وارو ڌنڌو ٻيو ڪو مشڪل لڀندو. ان ڪري ته اسان جو اڳيون گورنر جنرل يا وزير اعظم خواجه ناظم الدين به ڪڪڙيون پاليندو آهي، هن کي ڪراچيءَ ۾ ڪڪڙين جو تمام وڏو ڪارخانو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”پولٽري فارم“ سڏيو آهي. هاري ماڻهوءَ لاءِ ڪڪڙيون پالڻ، خواهه کير ڏيندڙ ڍور پالڻ ۽ پڻ ڀاڄيون پوکڻ تمام سٺا ۽ فائدي وارا ڪم آهن. خاص ڪري جن ڳوٺن وٽان وڏن شهرن ڏي ويندڙ لاري لنگهي ٿي، انهن کي ته ڪمائيءَ جون وڌيڪ سهوليتون آهن.

اهو اوهان هاڻي صحيح سمجهيو، ته اوهان کي زمين انقلابي سرڪار ڏني آهي، نه ڪ هاري ورڪرن؛ ۽ سرڪار جئن زمين ڏني آهي، تئن جيڪڏهين غور ڪبو، ته محسوس ٿيندو ته درحقيقت انهن زرعي سڌارن ۾ زميندارن کي به تمام وڏو فائدو ۽ بچاءُ آهي، پر هو اهڙا ته بي سمجهه ۽ دنيا جي دور کان اڻ واقف آهن، جو اڃا به سرڪار تي پيا رنج ٿين، حالانڪ جيڪڏهين هو رڳو آمريڪا جي نئين صدر ڪينڊي صاحب جي پهرين تقرير غور سان پڙهن ته به جيڪر سندن مغز جا ڪپاٽ کلي پون.

سڀ کان وڏي ڳالهه، ته هنن کي سنڌ ۾ اٽڪل هزار کن ايڪڙ ڀلي زمين پنهنجي لاءِ چونڊڻ جو وجهه ڏنو ويو ۽ پوءِ وارثن کي مناسب بخشيشن جو، ۽ ان کن پوءِ به بچيل ردي زمين جو معاوضو؛ اگرچه اهو ڪن هنڌن تمام ٿورو آهي، پر جئن پهاڪو آهي ته ”جان بچي لاکون پائي“ تئن جيڪڏهين سرڪار سندن اهي بچاءُ نه ڪري ها، ته ممڪن آهي ته مٿن ڪي مصيبت ڀريا انقلاب اچن ها. ان ڪري سمجهدار زميندار ته هن سرڪار جا تهه دل سان شڪر گذار آهن ۽ انهي سان گڏ هاري به. ڇو ته هارين لاءِ به اگهه کڻي ڳرو آهي ته هو آزاديءَ جهڙيءَ نعمت سان جو مالا مال ٿيا آهن، تنهن ڪري خوش آهن. البت کين سمجهڻ ائين گهرجي، ته در اصل هو پنجويهن سالن تائين، جيستائين قسطون ڏيئي وٺن، پاڻ هاري ئي آهن. پر آزاد هاري. ان ڪري هر ڪنهن ڇهه ماهيءَ تي قسط جو ضرور خيال رکن، ۽ سڀ کان اڳ ان جي اون رکن، متان ڪنهن به قسط نه ڀرڻ سبب کين زمين کان ائين هٿ ڌوئڻا پون، جئن اسان پارا مولائي اڪثر پنهنجا ”ويما“ رد ڪرائيندا رهندا آهيون. (اها ڳالهه ٻئي دفعي پڇجو) سو ادا، اوهان کي به اهو خيال رکڻ گهرجي، ته ڪل پنجاهه قسطون، چيٽ ۽ ڪتيءَ جون ڏيڻيون اٿوَ، اوهان جي فصل جي سڀ کان پهرين حقدار قسط ۽ ڍل آهي، پوءِ جيڪي بچيو سو اوهان جو آهي ۽ بس، ٻيو ته ٿي سگهي ته ڪڏهن به نقاري نه کڻندا، اها به ڏاڍي اون رکڻ جهڙي چيز آهي.

۽ خود جن هارين کي زمين ڪانه ملي آهي، تن کي به هن سرڪار جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته انهي ساڳئي قانون، جنهن موجب زميندارن کان فالتو زمين کسي ويئي آهي، ان هيٺ اهو به حڪم نڪتل آهي، ته ”هاڻي ڪوبه زميندار ڪنهن به هاريءَکان زمين کسي نه سگهندو. جيڪڏهين ڪو زوريءَ کسيندو ته ان تي ڪيس داخل ٿيندو ۽ سزا به کائيندو.“ يعني جئن اوهان کان اوهان جو زميندار کيڙيل زمين کسي آهي، تئن اهو ڏوهه آهي ۽ جيتوڻيڪ اوهان هن کي موٽائي ڏني آهي ۽ مائٽاڻڻ رستن سبب هن سان تڪرار ڪونه ٿا ڪريو، پر جيڪڏهين خدانخواسته اهو فرياد وڃي ڊپٽي ڪمشنر وٽ داخل ڪريو ته جيڪر زمين به اوهان کي واپس ملي ۽ زميندار کي به تنبيہ ٿئي، پر انهي جو نتيجو نڪرندو دشمني، سو ڪرڻ چڱو ناهي، ۽ جيڪڏهين کڻي ڪجي ته به اهڙا گهڻا مظلوم هاري گڏجي ڪن، ڇاڪاڻ ته هڪڙو اڪيلو ڪوئو ٻليءَ سان پُڄي نه سگهندو، پر هزارين ڪوئا گڏجي ٻليءَ جي ظلمن جو مقابلو ڪندا تڏهين ئي وڃي ڪاميابي ٿيندي.

ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ هاري زميندارن سان مقابلا نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان جا نتيجا سهڻ تمام ڏکيا آهن البت جتي زميندار ڪمزور آهن، اتي مجال ئي نه اٿن، جو هارين کي بيدخل ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انقلابي حڪومت جو قانون هنن جي پٺ تي آهي، ان ڪري چئبو ته هارين تي به هن حڪومت جو اهو احسان آهي، جو اهڙو قانون ٺاهيو اٿس جو اڳ ڪونه هو.

باقي ادا، سرڪار سڀني هاري ورڪرن تي بندش ڪانه وڌي آهي، فقط هڪڙيءَ هاري پارٽيءَ تي بندش وڌي اٿس، جو اها سياست ۾ به پنهنجا ماڻهو بيهاريندي هئي، باقي ٻين هاري جماعتن جهڙوڪ هارين فيڊريشن وغيره تي بندش ڪانه آهي. پر سمجهجي ٿو ته اهي اصلي ڪم ڪندڙ نه هئا، جو آزاد هوندي به خاموش آهن، ۽ ڪٿي به هارين جا حق ماريا ڏيندا آهن ته به چون به ڪانه ٿا ڪن، ۽ شايد ڪه پتنگن ۽ مڇرن وارو عام مشهور قصو آهي (اها ڳالهه معلوم نه هجيو ته پڇندا) باقي هاري پارٽيءَ جي مسٽر جتوئيءَ کي به هن ڪري سزا مليل آهي جو هن هڪ ڪتاب لکيو هو، ان جو نالو هو ”سنڌ ۾ بي انصافيءَ واريون ڍلون.“ ان ۾ انگن اکرن سان ثابت ڪيو هئائين، ته سنڌ ۾ ڍلن جا اگهه پنجاب کن  وڏا آهن. هن جي انهي لکڻ تي ته سرڪار غور ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته ترت ئي سنڌ خواهه پنجاب جون ڍلون هڪ جهڙيون ڪندي؛ پر چون ٿا ته هن انهي ڪتاب ۾ ڪي اهڙا اکر به ڪتب آندا هئا. جي قاعدي موجب ڏوهه هئا؛ ۽ انهن ڪم آڻڻ کان سواءِ به هو جيڪر پنهنجو مطلب بيان ڪري سگهي ها، يعني شايد ڪه ”امان“ ۽ ”ابي جي زال“ وارو قصو هو، اهڙن اکرن سبب ئي کيس ٽي سال جيل مليو آهي. هينئر گهڻين ئي اخبارن سرڪار کي رحم جي نظر ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، ان ڪري اميد ڪجي ٿي ته شايد سرڪار هن کي به آزاد ڪندي ته عجب ڪونهي. هو هڪڙو اهڙو ته لائق انسان آهي، جو مون کي ته هن جي برابر سڄيءَ سنڌ ۾ ٻيو ڪونه سجهي. اسين هونئن به پاڻ ۾ ملندا پيا هئاسون، پر چوندا آهن، ته ماڻهوءَ جي پرک جيتري ريل ۽ جيل ۾ پوندي آهي، اوتري ٻئي هنڌ نه؛ سو آءُ هن سان گڏ چار مهينا جيل ۾ نظربند رهيو هئس، تڏهن جيترو کيس پرکيو هئم، ان مان کيس ”سنڌ جو ٽالسٽاءِ“ سمجهندو آهيان ۽ اوهان کي به صلاح ٿو ڏيان، ته هو جڏهين به آزاد ٿئي تڏهين ساڻس ملاقات ضرور ڪجو. هو جڏهن اڳ نظربند هو، تڏهن خواهه هينئر قرآن شريف جي جي تعليم بابت هڪ نهايت اعليٰ درجه جو ڪتاب لکي رهيو آهي. هو اصل لاڙڪاڻه جي پاسي بکي ديري جو ويٺل آهي، ڇٽڻ بعد اتي ايندو، تڏهين ضرور ملجوس.

باقي اوهان جيڪو لکيو آهي ته تون آهين ته هاريءَ ورڪر، پر شايد سرڪار کان ڊڄڻ سبب انڪار ٿا ڪريو، سو ڳالهه هينئن آهي ته هاري ورڪرن جون باقاعده تحريڪون ۽ جماعتون ٺهيل آهن ۽ انهن جا ميمبر مقرر ٿيندا آهن، سو آءٌ ڪونه آهيان، ۽ آءٌ پاڻ کي اقوام متحده جي منظور ڪيل ”تحريڪ انسانيت“ جو هڪڙو ادنيٰ ورڪر تصور ڪندو آهيان، جنهن جا مقرر ڪيل حقوق انساني اوهان ”ٽالسٽاءِ نمبر“ ۾ پڙهيا هوندا، انڪري آءٌ رڳو هارين جو خير خواهه نه آهيان، پر سڀني انسانن جو به خير خواهه آهيان، بلڪ ڪن لاچاري سببن کان سواءِ سڀني ساهوارن يعني حيوانن خواهه وٺن جو به خيرخواهه آهيان جو سائنس جي تحقيقات موجب وڻن ۾ به اهڙو ئي ساه آهي، جهڙو ٻين ساهوارن ۾ اگرچه ”انسانيت“ جو پنڌ تمام پري آهي، پر منهنجي حال آهر ڪجهه وک پيو کڻان، شل رب پاڪ وڌيڪ توفيق ڏئي. آمين.

اوهان کي علم کڻي گهٽ آهي، پر دماغ سلجهيل اٿوَ، ان ڪري اوهان تي اهو به بار آهي ته انسان رسالي ۾ يا ٻين ڪتابن ۾، خواه هونئن به، دنيا ئي خواه مذهبي ڳالهين ۾، جتي ڪن اکرن جي مطلب سمجهڻ ۾ هٻڪو ۽ اتي ڪنهن علم واري کان معلوم ٿي نه سگهيو، ته اهو سوال ڀلي مون کي لکندا ڪيو، ته آءٌ سمجهه آهر ان جو جواب لکندس يا مون کي جواب نه آيو ته انسان جي ٻين پڙهندڙن مان ڪي وڏي علم وارا ڏيندا. ان طرح اوهان جون پڇائون ٻين کي به فائدو ڏينديون رهنديون. ڇو ته صحيح نموني سان پڇا ڪرڻ به هڪ وڏو هنر ۽ مفيد ڪم آهي. اوهين بيڌڙڪ لکندا رهندا، ڪوبه اکرگٿو لکيل هوندو ته آءٌ پاڻيهي ٺيڪ ڪندو رهندس. انسان رسالي ۾ اڃا تمام وڏيون اوڻايون آهن، ۽ خود ڪيترا اڳيان پرچا به هنن موجوده پرچن کان ڪن ڳالهين ۾ سٺا نڪرندا هوا، جن مان بچيل اوهان کي به موڪليندس، پر ڪامورن جي بيقدريءَ ۽ گونا گون پريشانين پيدا ڪرڻ سبب آءٌ رسالي تي ايتري توجه نٿو ڏيئي سگهان جا ڏيڻ کپيم.

آءٌ ڏاڍيون ڪوششون ڪندو رهندو آهيان ته انهن پريشانين مان پار پئجي رات ڏينهن صرف انسان رسالي لاءِ چونڊ چيزون، رٿيل پروگرامن مطابق، دل گهر ئي نموني لکندو رهان، پر جڏهين به ڪنهن منزل کي قريب پهچندو آهيان، تڏهين شيطان ڪنهن نه ڪنهن ڪاموري کي يا دوست کي يا خود مون کي به اهڙي ڪا چونگ ڏيندو آهي، جو هڪ ئي لت سان سارو مانڊاڻ پرزا پرزا ٿي ويندو آهي، پوءِ وري ٻين پريشانين سان گڏ اها نئين پريشاني به وڌي ويندي آهي. شل ڌڻي تعاليٰ انهن کان نجات بخشي- اوهين به دعا گهرندا رهندا. زياده خير

سڀني جو دلي خير خواهه

ڏيپلائي

(هفته وار ”انسان“ 1961ع)

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو ڏانهن لکيل خط

- بخدمت رفيع منزلت، عالي جناب، ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو صاحب مدظلہ، السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ. خيريت طرفين مطلوب.بعد اداي آداب معروض ته بخار جي بستر تي ”مهراڻ“ مليم،۽ ٻاهرئين ڪوَر ئي ايڏو خوش ڪيو جو بخار وسري ويو. جنهن خوش مذاقيءَ سان سائين جن هيءُ ڪَور ٺهرايو آهي، اهو غالباً سنڌيءَ ۾ پهريون مثال رکي ٿو.

ان بعد رسالو کوليم، ۽ منهنجس اهڙو ته کوئجي ويس جو رسالي کان سواءِ ڄڻ ته ڪجهه به ياد نه رهيم. ايڊيٽوريل جي عظمت جو ذڪر ڪرڻ لاءِ لفظ نٿا ملنم- هڪڙو هڪڙو اکر موتيءَ جي داڻي کان گهٽ ناهي!

عام طرح سمجهيوٿي ويو ته جويي صاحب جي ايڊيٽريءَ ڇڏڻ بعد، اهڙو سٺو رسالو مرتب ٿي ڪونه سگهندو؛ پر هيءُ رسالو ته مورڳو اڳين سڀني رسالن کان زور آهي. ان جي ترتيب ۽ مواد جي انتخاب مان به ائين ئي پيو ڀاسجي ته پاليسيءَ ۾ ڪوبه خاص فرق ڪونه آيو آهي. عام طرح جا مايوسي ڇانيل هئي ته رسالي ۾ هاڻي دلچسپي گهٽ هوندي ۽ خشڪ علمي مضمون گهڻا هوندا، سا پڙهڻ سان ڪافور ٿي ويئي.

رسالي نڪرڻ ۾ ڏينهن گهڻا لڳا آهن، پر چيز اهڙي ته اعليٰ نڪتي آهي، جو ’دير پيا درست ٿيا‘ وارو معاملو پيو ڏسجي.

اديبن لاءِ ’هدايتنامو‘ سٺو آهي، پر اَٺون فقرو ذرا سخت آهي- اهو ساڳيو مطلب نرم لفظن ۾ به ادا ٿي سگهيو ٿي.

نيازمند،

محمد عثمان ڏيپلائي (1957ع)

- جناب ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“، السلام عليڪم. ”مهراڻ“ جو ضخيم سوانح نمبر ڏسي بيحد خوشي ٿي. سنڌي زبان ۾ پنهنجي قسم جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. اُميد ته هاڻ ”مهراڻ“ خواهه ٻين رسالن جا اهڙا خاص نمبر نڪرندا، جن جي وسيلي سنڌ جي جواهرن جا حالات قلمبند ٿي ويندا، ۽ موجوده خواهه آئينده نسلن جي معلومات لاءِ ڪارگر ۽ مفيد ٿيندا.

هن سوانح نمبر جي وسيلي ڪيترن ئي اهڙن بزرگن جون سوانحون عوام اڳيان آيون، ۽ ڪن بزرگن جي سوانحن جا اهڙا واقعا ظاهر ٿيا، جن کان عوام اڳي ناآشنا هئا؛ ان ڪري، بلاشبه، اسين ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي هن ڪارنامي تي فخر ڪري سگهون ٿا.

البت، ”مهراڻ“ جي خوبين جي تعريف ڪرڻ بعد، نهايت ضروري آهي ته اسين ان جي ڪمين ۽ ڪوتاهين تي به نظر ڪريون؛ ڇاڪاڻ ته هيءُ رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سنگ بنياد آهي، ۽ يقيناً هن توڙي ٻين رسالن جا اڃا اهڙا ٻيا به سوانحي ذخيرا شايع ٿيندا، جن جي آڌار تي پوءِ ڪي ’تذڪره المشاهير‘ به تيار ٿيندا.

هن سوانح نمبر ۾ سڀ کان وڏي ڪوتاهي اها آهي ته خود مرتب صاحب طرفان انهن سوانحن تي ڪابه خاص نظر ڪانه ڪئي ويئي آهي، جيڪا بلڪل ضروري هئي: جيڪي ڪي لکندڙن لکيو آهي، سو بيڌڙڪ کڻي شايع ڪيو اٿن. ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو: ڪيترن ئي بدمعاش ۽ رهزن انسانن کي وڏا پاڪباز ۽ معتبر، بلڪ وڏا ڪانيءَ ڪرامت جا مالڪ بنائي ڇڏيو ويو آهي. انهن کي ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ اڄ به موجود آهن، سي جڏهن اهي احوال پڙهندا، تڏهن ”مهراڻ“ تي ڪهڙي قسم جا وظيفا پڙهندا؟ پِير فقير اسان جي عوام تي ڪرامتن ۽ گپوڙن جو رعب ويهاري، کين ڪافي ڦريندا رهيا، ۽ ڦريندا رهن ٿا. ايتريقدر جو انهن جي وسيلي خود سندن لڄون به لٽيندا رهن ٿا. وري ويچاري عوام جي دماغ کي هنن رهزنن اهڙو ته مسحور بنايو آهي، جو هو ٻين حرڪتن کي ته ٺهيو، پر لڄن لُٽڻ کي به الٽو فخر سان پيا سهندا آهن.اهڙيءَ حالت ۾،سنڌ جي تعليمي سطح کي سامهون رکندي، سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لازم هو ته ڪم از ڪم انهن دل ۽ دماغ جي رهزنن جي گپوڙن کي زور وٺائڻ ۽ عام ۾ ڦهلائڻ جو ڪڌو ڪم نه ڪري ها.

اڄوڪي زماني ۾ اهو نهايت ضروري آهي ته نئينءَ ٽهيءَ کي خاص طرح، ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو ٻڍن طوطن کي به، اها حقيقت ذهن نشين ڪرائجي ته ڪوبه انسان خدائي طاقتن جا تصرف نٿو رکي، ۽ نڪي ئي ڪرامتون ڪرڻ سندس وس ۾ آهن. اهي ڪرامتن جون جيڪي به ڳالهيون ٻڌبيون آهن، سي گهڻو ڪري ته گپوڙا هوندا آهن، ۽ ڪي وري اتفاق ٿين ٿا. هر شخص جي زندگيءَ ۾ اهڙا اتفاق ٿين ٿا، جو هو ڪا تمنا رکندڙ هوندو آهي ته ’اتفاق سان‘ پوري ٿيندي آهي؛ ڪنهن کي دعا ڪندو آهي ته اتفاق سان اها ڳالهه ائين ٿي ويندي اهي؛ ڪنهن کي پٽيندو آهي ته اتفاق سان اهو مقهور (قهر) ٿيندو آهي؛ مگر انهيءَ کي ڪرامت ياغيبي طاقت هرگز سڏي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا اتفاق هڪ فيصدي مس ٿيندا آهن- بلڪ آءٌ ته انهن کي هڪ في هزار سمجهندس؛ ڇاڪاڻ ته هر انسان جون بيشمار دعائون، بيشمار پِٽون، ۽ بيشمار تمنائون ته رائگان ئي وينديون آهن! حيدرآباد ۾ هڪڙو سوامي برهمانند هوندو هو، جو سلهه جي علاج جا وڏا هوڪا ڏيندو هو، ۽ اخبار ۾ شايع ڪندو هو ته بيمار نمبر فلاڻو هيئن چڱو ڀلوٿيو، ۽ بيمار نمبر فلاڻو هن طرح شفاياب ٿيو: انهيءَ تي هڪ دفعي مشهور منهن- ڦَٽ اخبار ”پرتاب“ لکيو ته: ”اهي پنج سيڪڙو نمبر ته چاڪ ٿيا، پر باقي پنجانوي سيڪڙو نمبر وارا بيمار ڪيڏانهن ويا؟“ سو، ساڳيءَ طرح، انهن پيرن فقيرن جي ڪرامتن جي گپوڙن کي جيڪڏهن ملاحظه ويهي ڪبو ته اهي سندن عمر جي اڪثر پِٽن ۽ دعائن جو هڪ سيڪڙو به مس هونديون، ۽ اهي محض اتفاق هوندا.

اڄ علم، عقل۽ انسانيت جو دورآهي.اڄ دنيا جا سمجهدار طبقا، ڪرامتن  روحاني طاقتن جي عنايتن کان مايوس ٿي، انسانن جي بهتريءَ خاطر، ’انسان جي ڪوشش‘ کي ئي صحيح طريقو سمجهن ٿا، ۽ هر انسان کي انسان سمجهڻ جي تلقين ڪن ٿا؛ ڪنهن به انسان کي غيبي طاقتن جو مالڪ سمجهڻ کي بد ترين جهالت سمجهن ٿا.

اهو نهايت ضروري آهي ته ”مهراڻ“ جي نه فقط آئينده سوانح نمبرن ۾، بلڪ ڪنهن به نمبر ۾، اهڙيون غليظ ۽ قوم جي دماغ کي تباهه ڪندڙ چيزون شايع نه ٿين. ازان سواءِ، ”مهراڻ“ هڪ علمي ادبي پرچو آهي، ڪو خانقاهن جو مبلغ نه آهي، ڪو پيرن فقيرن جو ڍنڍورچي ڪونهي؛ نڪي، انهن جي اثر رسوخ ۽ پيدائش وڌائڻ جو خليفو آهي: پيرن فقيرن جي خليفن کي ڪوبه حق ڪونهي جو هو هن علم جي روشني پکيڙيندڙ رسالي کي پنهنجي مرشدن کي خوش ڪرڻ جو اوزار بنائي، وٽن سرخرو ٿين!

(2) اڪثر سوانح عمريون مبالغي سان ڀريل آهن، ۽ ’بورڊ‘ وارن تي لازم هو ته هو اهي مبالغا ڪٽين ها- (خود منهنجي سوانح ۾ به ڪجهه مبالغا آهن، ۽ جيڪڏهن اها سوانح ڇپجڻ کان اڳ مون کي ڏيکاري وڃي ها، ته آءٌ ان مان ڪافي ڪاٽ ڪوٽ ڪريان ها).

(3) سوانح نمبر ۾ هڪ اها به ڪوتاهي آهي جو ڪافي ادبي، علمي ۽ سياسي شخصيتن جي هڪ مڪمل فهرست ناهي، انهن جون سوانحون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ڪانه آهي – بلڪ جيڪي سوانحون پاڻهي آيون آهن، سي ئي درج ڪيل آهن. اهي به پوريءَ ترتيب سان نه – حالانڪ گهربو ائين هو ته اول ئي ’مشاهير سنڌ‘ جي هڪ فهرست ٺاهي، ان کي باب وار وراهيو وڃي ها؛ پوءِ اهي سوانحون پاڻيهي هٿ نه اچن ها ته خاص طرح لکرايون وڃن ها.

(4) سڀ کان وڏي افسوسناڪ ڪوتاهي هن نمبر ۾ اها آهي جو هڪ به غير مسلم بزرگ جو ذڪر نه ڪيل آهي – نه هندوءَ جو، نه پارسيءَ جو، نه ڪرستان جو، نه اڇوت جو- گويا ”مهراڻ“ جا فرزند صرف سنڌي مسلمان آهن، ۽ غير مسلم ڄڻ ته ان سان ڪوبه ناتو ڪونه ٿا رکن- حالانڪ اڄ به اهي غير مسلم، سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ بهترين ڪوششون ڪن پيا.

(5) ٻي وڏي ڪوتاهي اها به آهي ته هڪ به عورت جي سوانح (نالي ماتر، مائي فاطمه جکريءَ کان سواءِ) هن ۾ درج ٿيل ڪانه آهي. حالانڪه اڄ ته سنڌ ۾ ڪافي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمت ڪندڙ عورتون  موجود آهن، بلڪ اڳ به گهڻيون ئي اهڙيون عورتون ٿي گذريون آهن، جن جون سوانح عمريون محفوظ ڪرڻ نهايت ضروري ڪم آهي.

(6) ڪيترين اهم شخصيتن جا تذڪرا بنهه مختصر آهن، - حالانڪ اهو نهايت ضروري هو ته انهن کي وڌيڪ صفحا ڏجن ها؛ ۽ ڪن غير اهم هستين کي وري ضرورت کان وڌيڪ صفحا ڏنا ويا آهن.

مون پنهنجي راءِ خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏني آهي، ۽ اُميد اٿم ته ”مهراڻ“ جا ڪارپرداز ٿڌي سيني سان انهن گذارشن تي غور ڪندا.

- ع. م. ڏيپلائي

* * * * *

محترم ابراهيم جويو ڏانهن لکيل خط

(1)

ايڊيٽر ’انسان‘،

الهندو ڪچو، حيدرآباد،

1961- 1- 3

ادا، اڄ ڏيپلي مان موٽي اوهان جي جاءِ تي آيس، ته شايد آچر سبب آيا هجو، ۽ ڏيپلي جي سارنگ جا ڪي احوال پيش ڪريان، پر جاءِ کي قلف هو.

اوهان مون کي ڏيپلي گهمڻ لاءِ اُداسَ ٻڌائي، ۽ مون چيو ته هينئر ڪاري ڏڪار ۾ انهيءَ علائقي کي ڇا گهمندا، جو گويا دوزخ بڻيو بيٺو آهي، ڪو ساڻيهه ۾ سانوڻ ٿئي ته پوءِ هن هلڪڙي ڪشمير کي به اچي ملاحظي ڪجو. مگر اها آهه ڪا ايترو ترت اگهامي وئي جو ساڳئي ڏينهن مينهن شروع ٿيو ۽ آءٌ به تڙتڪڙ ۾ اوڏانهن هليو ويس ته متان پوءِ بس وڃي نه سگهي- اگرچه بقول ’جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾ ٿر جي بس مورڳو جيئن مينهن گهڻو تيئن وڌيڪ آسانيءَ سان هلندي آهي، پر ’نئون ڪوٽ اسٽيشن‘ کان ’نئون ڪوٽ ڳوٺ‘ تائين جيڪو ٻه ميل مفاصلو آهي، تنهن مان صرف هڪ ميل، آفيسرن جي عنايت سان اهڙو بنيل آهي، جو گهڻي مينهن ۾ بيڪار بنجي ويندو آهي ۽ باوجود انهيءَ جي، جي خود ڊويزنل ڪمشنر پورن ٻارهن مهينن کان وٺي حڪم ڏيندو رهيو آهي، ته اهو ٽڪرو سٺو ڪرايو، مگر مڪاني الغرض آفيسر اهڙين هدايتن تي ڪن ڏين ئي ڇو ٿا. ان ڪري اڀ ۾ وڌيڪ آڙنگ ڏسي بس بند ٿيڻ جي خطري کان رٿيل پروگرام کان اڳ ئي روانو ٿي ويس.

اسٽيشن تان لهي تڪڙو تڪڙو بس ۾ جاءِ والارڻ لاءِ پهتس، مگر ايس. پي. آر جا ٻه پوليس وارا ڇهه ئي اڳيون سيٽون والاري بالم بنيا ويٺا هئا. سندن فرعونيت جي اها حالت هئي، جو ڪنهن به کڻي ٿي اندر نهاريو ته ڪڙڪو ٿي ڪيائون ته ڪابه جاءِ ڪانهي، هيڏانهن نهاريو به نه! لاچار ٻين وانگر سامان ڇت تي رکي جاءِ بنائي اڳتي وڌيس ته خبر مليم ته مسٽر طاهراڻي به هتي آهي، ان کي مليس. ايس. پي. آر وارن جو احوال ٻڌايم ته کلي چيائين بي فڪر ٿي هتي ويهي ماني کاءُ ۽ آرام ڪر، لاري هلڻ کان اڳ ۾ هتي ايندي، پوءِ انهن آڪڙ بازن جو تماشو ڏسج.

چنانچه جڏهن ٽن ڪلاڪن بعد لاري اتي اچي بيٺي، تڏهن مسٽر طاهراڻيءَ نهايت اطمينان سان اُتي بيهي ٻن ايس. پي آر وارن کي چيو ته ’هنن سيٽن تان اُٿو‘ ته اهي آ ڪڙيل شير، ٻلين وانگر کسڪي مٿي هليا ويا ۽ هڪ سيٽ تي آءٌ، ٻيءَ سيٽ تي مسٽر طاهراڻي ويٺو. اڃا ٿوري ويرم مس گذري ته مٺيءَ جي پوليس جمعدار، جو به هڪ ڏيپلائي آهي، سو ڀرواريءَ جاءِ کان ٻاهر نڪتو، سيٽن ڏي نظر ڪري تيز چيائين، ”منهنجي ٽوپي هتي رکيل هئي، سا ڪٿي آهي؟“ معلوم ٿيس ته سندس ٽوپي اُتان کسڪي اڳينءَ سيٽ تي آئي ۽ ان تان به کسڪي وري وڃي انجڻ مٿان پيئي هئي. پوءِ گار جي رئي لڳائي ڏنائين: ڪهڙي ڀيڻ.... لوفر.... منهنجي ٽوپيءَ سان هٿ چراند ڪئي آهي؟ ته يڪدم ٽيون ايس.پي.آر وارو به بنهه ٻليءَ وانگر اتان کسڪي اٿي وڃي مٿي ويٺو ۽ جمعدار صاحب لاءِ بنا دير جي ٽين جاءِ به ٿي پئي.

معلوم ٿيو ته انهن سڀني ايس. پي. آر وارن کي ٿرڊ ڪلاس جون پاسون مليل هونديون آهن، جن کي پوئين حصي ۾ ويهڻو هوندو آهي، پر عوام مان ڪير ساڻن ڪڇي؟ بنا ڪنهن هٻڪ جي يڪدم اچي فرسٽ ڪلاس (يعني اڳيون، ڊارئيور جي پاسي واريون سيٽون) والاري ويهندا آهن، پر بقول شاعر:

ڪميڻو ڪپڙا ڪري، ڏسي پنهنجو ڏيل،

ڏسيو ڏسيو ڏيل کي، ٿو دوڙائي دليل،

ته مون جيهو ملڪ ۾، ڪو هوندو قليل،

پر جڏهن گڏيس اصيل، تڏهن وڄا ويس وسري!

خير انهيءَ مهم پوري ٿيڻ بعد لاري هلي، هڪ ميل رستي تان ٿڙندي ٿاٻڙندي سور کائيندي مُني ميل پڪي مگر سوڙهي رستي تي پهتي. ان کي آسانيءَ سان عبور ڪري جڏهن ٿر تي پهتي، تڏهن سندس چال عجيب هئي، زيپٽ ذرا زياده هو، پر رڪاوٽ ڪانه هئي. ٿوروئي اڳتي هلڻ بعد بوندا بازي شروع ٿي ۽ لُطف اچڻ لڳو.مگر اٽڪل چوٿون حصو پنڌ ڪرڻ بعد اچي ’اوڙڪون‘ (برسات جون زودار لهرون) شروع ٿيون.  هاڻي اندر ويٺلن لاءِ ته نظارن جي موج لڳي وئي. سامهون ننڍيون وڏيون ناليون ۽ نديون ورن وڪڙن سان وهي رهيون هيون. بس انهن کي بنا هٻڪ جي عبور ڪري رهي هئي، ڇو ته هيٺ واري ئي واري هئي ۽ ٻئي طرف وڻن ۽ ٻوٽن تي، ڀٽن ۽ دڙن تي، بوندن جي بارش رم جهم لڳائي رهي هئي، پر مٿي ويٺل ويچارا ڪپڙن پسائڻ بعد سيءَ ۾ ڪنبي رهيا هئا ۽ پڻ سامان جي به ستياناس ٿي رهي هئي، ان ڪري پورو ٽيون حصو پنڌ ڪرڻ بعد لاري اچي ’ننڍي نبي سر‘ جي جهوپڙا هوٽل وٽ بيٺي، اُن لاءِ ته مسافر چاءِ پي گرم ٿين ۽ سامان کي تال پتريءَ سان ڍڪيو وڃي.

’ننڍو نبي سر‘ تعلقي ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي دنگ تي آهي ۽ وڏو نبي سر عمرڪوٽ ۾. ’سر‘ جي معنيٰ آهي تلاءُ، شايد انهن ٻنهي تلائن کي ڪنهن وقت مومنن پنهنجي عقيدي تي خلوص ظاهر ڪرڻ لاءِ نبي سڳوري ﷺ جو نالو ڏنو هوندو.

ٿر جي ڀٽن وچ ۾ جهوپڙا هوٽل، ڄڻ ته بيابان ۾ خيابان! اتي جي رهاڪن ويچارن کي تصور به نه هوندو ته ڪڏهن ڏيپلو نئون ڪوٽ رستي به ڪنهن ڏينهن ڪي ٻه ٽي جهوپڙا هوٽل ٺهي ويندا، پر بقول شاعر: ’هيچ‘ را ’هرچيز‘ ڪردي، زنده باش اي انقلاب. انساني عقل جي انقلاب جڏهن انهيءَ ريگستان ۾ به بسون هلائي ڏيکاريون، جن ۾ ويچارا اُٺ به ڪنهن ڪنهن پهاڙ جهڙيءَ ڀٽ تي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهندا آهن، جن تي ’اونڌيو لڪ‘، ’ٻانهياري مارڀٽ‘ جهڙا نالا ويچارن رهاڪن رکي ڇڏيا آهن. تڏهن ڀلا ڇو نه اتي به اهي هوٽل کلن!

ٻيءَ عظيم جنگ بند ٿيڻ بعد، جڏهن آءٌ ريگستانين وٽ پيش گويون ڪندو هوس ته هتي به ترت لاريون هلنديون، تڏهن هو مون کي چريو سمجهندا هئا، پر مون ته آفريقا جي بنهه ڏيپلي جهڙن ريگستانن ۾ لارين جي هلڻ جا نظارا فلمن ۾ ڏٺا هئا، تنهنڪري آءٌ وري سندن اٻوجهائيءَ تان کلندو هوس!

پوءِ اهو ڏينهن به عجيب و غريب هو، جڏهن مسٽر طاهراڻيءَ  جي ڪوشش سان سندس سروس جي پهرين بس ڏيپلي ۾ اچي پهتي. بس سارو شهر، زالين مردين، ٻارين، ٻڍين اچي هن دنيا جي اٺين عجوبي کي ڏسڻ بيٺو ۽ آخر ڪن حجتين التجا ڪئي ته اسان کي هن تي چڙهائي شهر جو چڪر ڏياريو. مالڪن به خوش ٿي سڄي لاري ٽمٽار ڪري جو چڪر ڏياريو ته ڀتيون ڇتيون سڀ هن حيرتناڪ نظاري کي ڏسڻ لاءِ ڀرجي ويون!

مگر- مگر انهيءَ نظاري وقت به ڪنهن شخصن جي دلين ۾ دونهان دُکڻ لڳا، جي هميشه تاريڪ پاسي جي سوچ ۾ مگن رهندا آهن، چنانچه انهن مان هڪ صاحب وڏي فخر سان پيشگوئي ڪرڻ لڳو ته ”هيءَ لاري  ڪانه هلي سگهندي“؟ پڇيو ويو ”ڇو؟“

چي: لاريءَ ۾ آهن ”چار ڀائيوار، مسلمان آهن، وحده لاشريڪ لہ جا بندا، سي پاڻ به پاڻ کي وحده لاشريڪ لہ سمجهندا آهن، عنقريب پاڻ ۾ وڙهندا ۽ پوءِ لاريءَ جو هلڻ ڇٽو!“

مون سنجيدگيءَ مان هن صاحب ڏي ڏسي چيو: ”لڙڻ جي انتها اها ٿيندي نه، جو منجهانئن ڪو غصي منجهان لاريءَ تي پيٽرول پلٽائي کيس باهه ڏيئي ڇڏيندو؟“

مسرت مان وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين: ”هاها، بلڪل ائين ٿيندو!“

مون وري به سنجيدگيءَ مان چيو: ”پر جناب! تڏهن به لاري هلندي!“

ٽوڪ مان ٽهڪ ڏئي چيائين: ”پوءِ وري آڱوٺي مان هلندي، جڏهن ڀسم ٿي ويندي؟“

مون جواب ڏنو: ”هفتي اندر سندس جاءِ تي ٻي اچي ويندي. اهي چالو ٿيل انساني ڪارخانا سڙندا، پر بس نه ٿيندا!

چنانچه اوهان کي عجب لڳندو ته پيشگوئي هن جي به سچي ٿي ۽ منهنجي به. ٻن سالن اندر اها بس سچ پچ بيڪار ٿي ۽ ڀائيواري به ٽُٽي، پر يڪدم ٽن مالڪن نئين بس آڻي هلائي ۽ هوءَ هفتي ۾ ٻه دفعا هلندي هئي، هيءَ روزانو تاريڪ پهلوءَ جا عادي اهي اعتراض به ڪندا هئا ته پئسينجر ڪٿان ايندا، مگر ڏٺائون ته اهي غريب به مٿس چڙهن پيا، جي ڪاٺيون ڪري يا ڏٿ کائي پيٽ ڀرين ٿا!

مگر هو صاحب ۽ سندس همنوا اڃا به تاريڪ پهلو ڳولي اهڙيون پيشگويون ڪندا رهن ٿا ۽ آءٌ وري هاڻي اهي پيشگويون ڪرڻ لڳو آهيان ته عنقريب هتي هوائي جهاز هلندا ۽ عنقريب هتي مينهن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو ۽ مَلڪ رعد عليہ السلام کان اها چارج به کسي ويندي، جنهن موجب هو وقت به وقت ڏڪار وجهندو هو ۽ بيٺل فصل خراب ڪندو هو!

فرق اهو ٿيو آهي جو هاڻِ گهڻي قدر عوام انهن پيشگوين ڏي به ڪجهه ڪن ڏئي ٿو ۽ مُلن کي سخت باهه وٺي ٿي ۽ ڪفر جون فتوائون ڪڍن ٿا، پر اهي فتوائون ٻُڌي ڪوبه ڪونه ٿو!

خير سائين، نبي سر هوٽل مان چاهه پي سامان تي تال پتري وجهي لاري وڏ ڦڙا وسائيندي به رواني ٿي. الله الله! اهو نظارو ته مون عمر ڀر ڪونه ڏٺو هو. واريءَ تان لاري ائين پئي هلي جو ڄڻ ته مَڪو متو هئس، ننڍين وڏين نالين کي ائين پئي عبور ڪيائين جو ڄڻ ته ٽائرن کي ڌوئڻ ۾ لطف پئي آيس، ۽ وري ڍورڙن ۽ ڦرڙن جو ريتيءَ جي ٻنهي ڪپن تي وهنجڻ جو نظارو ۽ ڌراڙن جا سارنگ آلاپڻ! ڇا چئي ڇا چئجي!

مگر  انهن کان به وڌيڪ لُطف ڏيندڙ اهي مسرت جون مُرڪون هيون، جي رستي جي ٻنهي ڪپن تي اهي مالدار ڏند ڪڍي ڏيکائي ڏئي رهيا هئا، جي ڏڪار جا ماريل سنڌ (ناري ۽ لاڙ) ڏي پنهنجا ڍور وٺي ويا هئا ۽ هاڻي مينهن کي ڏسي موٽائي وٺي اچي رهيا هئا. هو مينهن ۾ پاڻ پسائي به ’ڀيڄ مولا ڀيڄ‘ چوندا هلي رهيا هئا، انهن قافلن جون عورتون ڄڻ ته کلندي کلندي، شاهه جي اها مصرع اچاري رهيون هيون ته:

لارلئيندي وڇڙا، ڀنڙس ڀنڀا وارَ!

شايد اهي بارشون انهن نؤ ورنين جي انهن امنگن جو نتيجو به هجن، جن وڇڙيلن ورن بابت اهي التجائون ڪيون هجن ته:

وس بادل وس تنين ڪارڻ وس،

جن ’وَرَ‘ مٽائي ’ڀائر‘ ڪيا!

غرض ته اهي نظارا پيش ڪندي، نيٺ رات پئي، تڏهن وري کنوڻن جي تجلن مان لاري هلي ۽ برابر نائين بجي اچي ڏيپلي جي ترائيءَ وٽ پهتي. سُڪيءَ وقت ته رستو اُنهيءَ وچان هو، پر اڄ اُها ڀرپور هجڻ سبب سڀني ڊرائيور کي چيو ته ترائيءَ کان پاسو ڪري لاريءَ کي لنگهاءِ، پر هو چوي ته اڄ جيڪڏهن هن پاڻيءَ کان پاسو ڪريان ته پوءِ منهنجي ڪاريگريءَ تي ٽِڪو لڳي ويندو، سو زور ڪري به وچ مان هلڻ لڳو، تان جو وچ تلاءَ ۾ پاڻي پلٽڻ سبب لاري واقعي بيهي رهي، تڏهن سڀ ڊرائيور کي نندڻ لڳا. مگر هو ٽهڪ ڏيندو لٿو ۽ هينڊل هڻي وري به چالو ڪري ساڳئي پاڻيءَ مان اُڪاري ويو! ان طرح اهو سفر ختم ٿيو.

واپسيءَ ۾ مينهن ته ڪونه هو، پر ڀٽون ۽ ڀاڻا، پٽ ۽ دڙا سرسبز ڏسي، ڪٿان ڪٿان هرڻن جون ڇالون پسي من کي موج پئي آئي پر سڀ کان سهڻو نظارو هو ڀٽن جو هڪ دفعو ڌرمپور ويندي مون هماليه جبلن جا سرسبز وڻ ڏٺا هئا، بس هنن به بنهه اهو تماشو پئي ڏيکاريو، ڄڻ ته ڦڙيءَ پوڻ شرط هنن گونئر ڪڍيا هئا، ۽ هاڻي ئي سڄا سرسبز ٿي ويا هئا.

’ڪونڀٽ‘ جو وڻ به عجيب آهي. هن جي ڪاٺي اهڙي سنهڙي آهي، جو ٻارڻ سان منجهانئس جيڪي ڪوئلا ٿيندا، سي عام ريلوي ڪوئلن کان ٻئي نمبر جو ڪم ڏيندا آهن ۽ ڪنهن وقت اها تجويز پاڪستان سرڪار اڳيان به آيل هئي. سندس پن ۽ ’پلڙا‘ (يعني ٻجن جي ڦرين جي کل) اُٺن لاءِ خاص طرح ۽ ٻين ڍورن لاءِ به عام طرح نهايت سٺي خوراڪ آهن ۽ وري سندس کونئر، دنيا ڀر جو بيمثال کونئر، جهڙو چنبڙڻ ۾ تهڙو طاقت ڏيڻ ۾، ان ڪري ٿر جا سکيا ماڻهو هن کي بيماريءَ ۾ ٻين چيزن سان گڏ مقوي خوراڪ طور استعمال ڪندا آهن.

- ۽ ٻيو نمبر ’ٻائُرين‘ جا وڻ، جي ڄڻ ته مونث ٻٻر آهن،  يعني ڪنڊن، پن، ڪاٺي، گل ۽ ٻج بنهه ٻٻر جهڙو، پر هُو ٿُڙ ڪڍي مٿي ويندو آهي، ۽ هي زمين مان ئي رڳيون ٽاريون ڪڍندي آهي، جي بانس وانگر ڊگهيون ٿينديون وينديون آهن. هنن تي به ٿورو مينهن پوندو آهي ته يڪدم گونئر ڪڍنديون آهن، بلڪ ڏڪار ۾ به تنها اهو وڻ آهي، جو موسم تي ڦُلاربو آهي ۽ ڍورن جو ڪجهه سهارو هوندو آهي، اهو به هينئر موج ۾ هو.

کُنڀيون نڪرڻ شروع ٿي ويون هيون، باقي پِپون، ڪونڍير، ۽ ڦڙسيون اڃا هاڻي شروع ٿيڻ ۾ هئا. اهي چار آهن ٿر جا ميوا.

بهرحال هاڻي ٿر موج ۾ آهي، جڏهن گهمڻ وڃو.

ٿڪجي پيو آهيان، نه ته اڃا هيترو حصو خط جو رهيل هو، موج آئي ته وري ڪڏهن اهو باقي حصو به لکندس. (1961-1-3)

ڏيپلائي

* * * *

(2)

حيدرآباد

67- 10- 6

برادارم جويا صاحب، سدا سلامت!

جيئي سنڌ!

ڪالهه شام جو هڪ محفل ۾ ويٺي، اهي لفظ ورتم ته ادا، اجهو جويي صاحب جو مضمون نئين زندگيءَ ۾ آيو ته ڪڏهن به ’واڦڻ‘ (جيڪي اچي سو چوڻ، وڦلڻ، واشگاف ڪرڻ) نه گهرجي، نه ته هي هي نقصان پون ٿا ۽ مون کي به تحقيق انهيءَ مان ڪافي نقصان پهتا آهن. پر بدقسمتيءَ سان ڪڏهن ڪو ڀل چڪ مان فائدو به پهچيو وڃي، ان ڪري اهو ’واڦڻ‘ گويا عادت ٿي چڪي آهي. پر ڪم از ڪم اڄ واڦڻ بند ٿو ڪريان، جو تازي هدايت آئي آهي.

خير، سو رات اوهان کي ياد ڪيم ۽ اڄ خط اچي مليم. هاڻي ته مليو وڦلڻ جو بهانو ۽ ’خاطر‘ جا ’غبار‘ ڪڍڻ جو، سو ڳالهه اها آهي ته بدقسمتيءَ سان شاعر جي قول اونگر:

هونئن ته سدائين پئسي هٿ ڪرڻ جي پريشانين ۾ وقت گذري ٿو، پر ڪڏهن ڪو سٺو پئسو هٿ اچيو وڃي ته وري انهيءَ جي کپائي ڇيهه ڪرڻ جي ’پريشانين‘ ۾ وقت ائين گذريو وڃي، جو نه ڏينهن جو آرام، نه رات جو سک. اڃا به شڪر آهي جو ننڊ سٺي اچيو وڃي، نه ته جيڪر وليداد ولي بنجي وڃان يا ڪم از ڪم خواجه شمس تبريزي.

ويٽنامين جا ڪارناما هر هر پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ ته دل جي اها حالت هوندي آهي، جو:

’چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا‘

وهڻ مون نه وڙاءُ، سڻيو جهانءِ جِهڄي هنيون!‘

وانگر ڪتاب لکڻ لاءِ ڪافي عرصي کان دل بيقرار اٿم. انهيءَ تي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب ۽ ڪٽنگون هٿ آيون اٿم، سي وتان ٿو گڏ ڪندو ۽ لکڻ خواهه ڇپڻ جي شروعات به ڪري ڇڏي اٿم. مون ڪڏهن به عمر ڀر ڪوبه ڪتاب (نه ڪِ درسي ڪتاب) لکي پورو ڪري پوءِ ڪونه ڇپايو آهي. بس عمر ايئن ڪٽي جو لکبو به وڃي ته ڇپبو به وڃي. ويٽنام تي ڪڏهن ڪڏهن ’نواء سنڌ‘ ۾ چٽڪا به لکندو آهيان، جي مولوي صاحب مهرباني ڪري بنا ڪاٽ ڪوٽ جي ڇپي ڇڏيندو آهي.

نون ڪتابن جي ڇپڻ جي حسرت ۾ پنج ورهيه گذري ويا، پر نه پئسو گڏ ٿيو، نه ڇپي سگهيس. هينئر به بنا پئسي بيتابيءَ مان کڻي شروع ڪيو اٿم ۽ جيئن منهنجي پهرئين ڪتاب ’سنگدل شهزادي‘ کي شروع ته ائين ڪيو هئم، جو پنجاهه روپيا اڌارا وٺي پوءِ ڇپايم پر نالو رکيم ’اسلاميه دارالاشاعت‘ جهڙو شاندار: جيئن ڪي سڃا پنهنجي ٻارن تي ’بادشاهه‘ ۽ ’شاهه جهان بيگم‘ جهڙا نالا رکندا آهن! پوءِ اها سڃي ’درالاشاعت‘ به سوا سئو ڪتاب ڇپائي وئي!

تيئن هن ڪتاب ڇپائيندڙ جو نالو رکيو اٿم: ’ساڻيهه سڄڻ سنگت‘ عرف ’انجمن محبانِ وطن‘ ۽ ڪتاب به ماهوار ’ساڻيهه ڊائجيسٽ‘ جي نالي سان ڪڍان پيو. (اڳيون ٻه ماهي ’ساڻيهه‘ ڪافي خرچڙي هٿ ڪري وڃي ٺٽي پهتو ۽ شايد ’سنڌو ساڻيهه منڊل‘ به وڃي آمريڪا پهتو).

ويٽنام جي ناول کي صحيح طرح لکڻ لاءِ اهو ته ضروري هو ته خود سر زمين ويٽنام نظر مان ڪڍجي، پر اها ميسر نه ٿي، ته به خبر مليم ته ڪراچيءَ ۾ ويٽنام فلم آئي آهي، تنهنڪري ڪهي وڃي اها به ڏٺم ۽ اتي ٿيل قصوري صاحب (ميان محمود علي قصوريءَ) جي تقرير به ٻڌم. اگرچه ”مسٽر“ محمد عليءَ* جي سخت منع آهي ته هاڻي اهڙن ماڻهن جي آسپاس به نه لنگهه، ڇو ته پاڻ نه فقط هاڻي ايوب صاحب جو ’ماڙهو‘ آهي، پر باقي ڇوڪرا خواهه ڇوڪري سڀ انهيءَ جي ’ماڙهو‘ ٿيڻ جون تياريون پيا ڪن. پر ”صاحب بهادر“ جي اها منع به مون کي روڪي ڪانه سگهي ۽ وڃي نه فقط ڍؤ تي ڏسي آيس، پر ڪتاب ’داستان خواجه بخارا ڪِي‘ به هٿ ڪري آيس! ادا، ڪتاب ڇا آهي، هڪ املهه خزانو آهي. هڪ ئي وقت ۾ ناول، داستان رپورتاز، آپ بيتي، لوڪ ڪهاڻي، کل، درد، حسرت، حيرت ۽ ان سان گڏ ڪجهه اعليٰ درجي جي معلومات جو مجموعو به آهي. اسڪيم نمبر 854 اها به آهي ته اهو به ڪڏهن ترجمو ڪري ڇپائجي ۽ (اسڪيم نمبر) 846 اها به ته ڪڏهن نيٺ سمرقند تاشقند وڃبو ۽ اتان واپس ٿي اڳيون ناول ’سمرقند جو صوف‘ نئين سر مڪمل ڪري صرف ’سمرقند‘ جي نالي سان ڇپائبو.

ويٽنام فلم ڏسڻ کان پوءِ ته ناول لکڻ هيڪاري آسان ٿي پيو. سڀ کان حيرت جي ڳالهه اها ته چئن سالن جا ٻارڙا به جهاد ۾ شامل ۽ بمباريءَ کان بچڻ لاءِ سرنگهن عرف ڏرن ۾ وڃي لڪن ته اُتي به سبق چالو! اهڙن ماڻهن کي فتح ڪرڻ جا جيڪي خواب لهن، شايد دنيا جي تختي تي انهن کان وڌيڪ احمق ڪو مشڪل هوندو، ۽ جيڪي اهڙا بنجڻ کان سواءِ آزاديءَ جا خواب لهن، سي به شايد احمق چئبا. پر ڀلا خوابن تي ڪير ٿو بندش وجهي سگهي؟ خواب لهڻ به هر ڪنهن جو پيدائشي حق آهي.

پڪو ارادو ڪيو هئم ته ’ويٽنام‘ جو ڪَور به ’سانگهڙ‘ واري سميع صاحب کان ٺهرائيندس، پر ويچارو وفات ڪري ويو. الائجي اهڙيون ’عوام پسند‘ تصويرون ڪير ڪڍي ڏيندو. اعليٰ درجي جون ته (ع- ق) شيخ ڪڍي پيو ۽ عوامي درجي جون (ظفر) ڪاظمي صاحب ڪڍي ٿو، پر اهو ’حسن‘ جي پاڇي کان به پري آهي. بقول سميع صاحب، حسين تصويرون صرف اهو ڪڍي سگهندو، جنهن جي اکين اڳيان سندس گهر ۾ چوويهه ڪلاڪ ئي حسن پيو ڦرندو.... جيڪڏهن سيد صاحب (شيخ غلام علي اينڊ سنز جو مئنيجر) وارا انڪار نه ڪن ها ته جيڪر ’سانگهڙ عيد ڪارڊ‘ هزارها وڪرو ٿين ها. انهيءَ ڪور سبب ئي ڪتاب ڏاڍو گهڻو کپيو.

خير، هاڻي اميد ته مهيني ٻن ۾ ’ويٽنام‘ جو پهريون حصو انهيءَ ’ساڻيهه ڊائجيسٽ‘ جي صورت ۾ ’ساڻيهه سڄڻ سنگت‘ جي پاران شايع  ٿيندو ۽ انهيءَ تي ماهه جنوري وجهبو. پوءِ هر مهيني سندس هڪ حصو نئينءَ تصوير سان پيو ايندو. ارادو ته اهو آهي ته سندس ٻارنهن حصا ڪري ٻارنهن مهينن ۾ ڏهن رپين ۾ ڏبا ۽ پوءِ وري بچيل پرچن مان گڏ ڪري مجلد ڪرائي، اوهان پارن صاحبن کي ’رائٽرز گلڊ‘ جي انعام لاءِ موڪلبو يا پئسو هٿ آيو ته اڳ ۾ ئي نڪري ويندو.

اوهان ڏاڍي سٺي صلاح دهرائي آهي افسانن گڏ ڪرڻ جي، پر ورهيه گذري ويا، اها ته ٺهيو، پر سانگهڙ جو ڪرايل اُردو ترجمو به درست ڪري لاهور نه موڪلي سگهيس، جنهن مان چڱا پئسا ۽ شهرت ملي ها. الائجي وقت ڪهڙين پريشانين ۾ پيو گذري. ڪلهه ڇوڪري صاحب (عبدالرحمان ڏيپلائي) ڏاڍيءَ پريشانيءَ مان اچي اطلاع ڏنو ته ’بابا ساجد (پريس جو اڳوڻو مئنيجر جنهن پنهنجي پريس کولي هئي) درخواست ڏني آهي ته ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب (ٽيڪسٽ بوڪ طرفان ڇپائي لاءِ مليل) کسي مون کي ڏيو ۽ شيخ فاضل صاحب جن سفارش به ڪري موڪلي آهي.“ مون چيو: ”بابا، هو به صحيح، هيءُ به صحيح، پاڻ لاءِ به ڪا چڱائي هوندي.  رد ته آڳاٽا ٿين ها، پر جويي صاحب پئي روڪيا- هاڻ اها روڪ لٿي. هونئن 1969ع ۾ رد ٿين ها، هاڻي 1968ع ۾ ٿيندا، ڪا خاص وڏي ڳالهه ڪانه ٿيندي. ساجد اڳيئي به اهڙيون گهڻيون مهربانيون ڪري چڪو آهي، هڪ نمبر وڌيو ته ڇا ٿي پيو. اها به ٿي افلاطون ۽ سعديءَ جي قول جي تصديق. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن دوستن جو به ڏوهه ڪونهي، اسان جا ئي اهڙا افعال آهن، هر ڪيستائين صبر ڪندا. اهو باقي هڪ سنڌي (پرنٽر) به نڪتو، ’سورٺ مئي، سک ٿيو‘. ميڊيڪل جي فرسٽ ايئر ۾ ڪل 56 ڇوڪرا ناپاس ٿيا آهن، جن مان 52 سنڌي، ٽي مهاجر ۽هڪ پنجابي آهي. اهو نتيجو ڪڍڻ بعد پنجابي پروفيسر صاحب ڀڄي ويو، پر چون ٿا ته انهيءَ انعام ۾ جنرل ڊائر وانگر کيس سرڪاري خرچ تي ميڊيڪل ۾ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ جو حڪم آيو آهي، سو مون هڪ غريب سنڌيءَ کي دفع ڪرڻ تان به فاضل صاحب کي ڪانه ڪا ترقي ملي پوندي ته اهو به چڱو ۽ شايد اهو انهيءَ لاءِ به هجي ته آءٌ يڪسوئيءَ سان وري پنهنجا ڪتاب ڇاپي سگهندس. ٻيءَ ڪندي جن پريسن وٽ سرڪاري ڪتاب نه آهن،  سي به ته آخر هلن پيون. اهڙن دلاسن ۽ توجيهن تي ڇوڪرو صاحب به خوش ٿي ويو. پر پنهنجيون پريشانيون ۽ عدم فرصتيون ساڳيون!

محمد علي 15 ڏينهن گشت ’پوربو پاڪستان‘ جو ڪري آيو ته موڊ ئي ٻيو هيس. رشوت جي نالي کان به ونئون ٿو وڃي، پر نوڪريءَ تي به ڪارخانيداريءَ کي ڏاڍي ترجيح پيو ڏئي. مهيني کن بعد ويندو اسلام آباد. ماڙهو ايوب جو آهي، پر دل خواهه زبان تي بنگالين کي ڏسڻ بعد سنڌي سنڌي اٿس، ڏسجي ته ڇاٿو ڪري. البته في الحال چوي ٿو ته سنڌين کي انهن انقلابي نعرن بدران اعليٰ تعليم کي جنبي وڃڻ گهرجي. مون به پهرئين ئي ڏينهن خط لکيو اٿمانس ته اسان کي پارڻ يا ڏيڻ خاطر ڪي به رشوتن جا بيهودا خيال دل ۾ نه آڻج، اسان کي تنهنجو خير ٿو گهرجي، تون رڳو پنهنجا ٻچا پارج. اسان کي به خدا پئي هلايو ۽ پيو هلائيندو، اڃا رڳ رڙهي پئي.

جتوئي صاحب (حيدربخش) کي سڄي جاءِ (سواءِ هوٽل جي) مڪمل ڇت سميت 15 ڪ الائي 18 هزارن ۾ ملي وئي، جنهن جا پئسا به پياري آيو. اها اوهان دوستن کي به مبارڪ هجي. باقي هوٽل جي ٽڪري تي به هاءِ ڪورٽ ۾ دعويٰ وجهڻ وارو آهي.

اوهان ويا يا وڃڻ وارا ٿيا ته ٻه ڏک ٿيا: هڪ ته اوهان جي صحبت کسجڻ جو ڏُک ٿيو، ٻيو پنهنجي غلطين کي ياد ڪري به ڏک پيو ٿيندو. اُميد ته اوهين اهي دل سان  معاف ڪندا ۽ وساري ڇڏيندا ۽ نه فقط اهي، پر آئينده ٿينديون سي به- شخصي غلطيون ڪيتريون به پيون ٿينديون، پر آخر مقصد ته هڪ ئي اٿئون، جو اُميد ته مولانا ملاح جي هن هر وانگر رهندو:

قبر منهنجيءَ مٿي ڪانڌي، ڪڍج هي نقش ڪارڻ رب،

ته سهسين شڪر سائينءَ  جا  پُنُو  دم  پرت وندن سان!

اوهان جي ياد ائين پئي پوي، ڄڻ ته ملئي کي ورهيه گذري ويا آهن.

’ويٽنامي ڪتاب‘ پڙهندي حافظ يا الائجي ڪنهن جو هيءُ شعر به ڏاڍي لطف سان پڙهيو اٿم:

ما درِ پياله عڪسِ رخِ يار ديده ايم

اي بي خبر زلزتِ شَربِ دوام ما!

انهن ڪتابن ۾ ’وليم فاسٽر‘ جي ’عالمي مزدور تحريڪ جي تاريخ‘ جو ذڪر پڙهيم، اها به وڃي وٺي آيس. اها پڙهڻ سان تمام گهڻي معلومات حاصل ٿيم. وري هڪ ڪتاب ’دو شهرون ڪي ڪهاني‘ هٿ آيو. ان به ڪپاٽ کولي ڇڏيا. بي انداز لٽريچر آهي، جو سنڌيءَ ۾ آڻڻ گهرجي، پر آڻي ڪير ۽ ان کي ڇپائي ڪير؟ شايد ڪارلائل جو ’انقلاب فرانس‘، جنهن جو ذڪر انهيءَ ڪتاب لکڻ جو محرڪ آهي، سو ڪو بنهه سٺو هوندو، پر اهو به شايد اڃا اڙدوءَ ۾ ڪونه آيو آهي. (آءٌ ڄاڻي ٻجهي ’اُڙدو‘ لکندو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ائين ئي لکجي). ٻڌو اٿم ته شاهه صاحب (جي. ايم. سيد) جي ڪتاب ’جديد سياست جا نو رتن‘ خلاف ايڊوڪيٽ جنرل وڏو سارو نوٽ لکي ڏنو، پر اتفاق سان سيڪريٽري ڪو سمجهندار نڪري پيو، جنهن ضبط ڪرڻ کان انڪار ڪري وڌو. هو ڏانهن سندس نظربنديءَ جي سببن مان هڪ اهو به هو!

شاهه صاحب ويچارو وري به ويٺو ڪجهه نه ڪجهه لکي. دل ڏاڍي رهاڻ ڪرڻ چاهي ٿي، پر واندڪائي ڪائي نه ٿي ملي، هاڻي ته وري ميلو به ويجهو هوندو، اُتي سڀ ملنداسون.

محمد عليءَ ٻڌايو ته سڄي ’پوربو پاڪستان‘ ۾ بورڊ بنگاليءَ ۾ ۽ لاچار ڪنهن ڪنڊ ۾ اُردوءَ ۾ نالو به اٿن. باقي بنگاليءَ سان ڪا محبت اٿن ڇا! جماعت اسلاميءَ کي ته اتي ٿُڪ به ڪونه ٿا هڻن. ٻيون جماعتون اهڙيون غلطيون پيون ڪن، جو ڪامورا کين دٻائي سگهن ٿا، باقي ’نيشنل عوامي پارٽيءَ‘ اهڙو فرمانبرداريءَ جو نوع کڻي اختيار ڪيو آهي، جو ڪامورا مورڳو ڊڄڻ لڳا آهن. هن ڇپ مارڻ ۾ الائي ڪهڙو شڪار رٿيل آهي، سو مورڳو کانئس پيا ڀؤنڪلجن!

هاڻي هيتري يخي ڪافي آهي، وڃي ٿو سمهان.

جيئي سنڌ!

ڪجهه شرمسار- ڪجهه اُڪير وند.

ڏيپلائي

(3)

قرآن پريس،

حيدرآباد، سنڌ

1967- 11- 7

برادرم جويا صاحب، سدا سلامت!

جيئي سنڌ!

اڄ اوهان جو محبت ڀريو خط مليو ۽ بي اختيار هڪ ولايتي بيت جو هيءُ ترجمو ياد پيم؛

”ٻن ماڻهن قيد خاني جي سيخن مان نهاريو،

هڪڙي کي ڌٻڻ نظر آئي،

۽ ٻئي کي چمڪندڙ ستارا!“

اوهان کي به وطن کان دور دراز علائقي (ڪوهاٽ) ۾ اڇلايو ويو آهي، ۽ ائين ٻين به ڪيترن کي اڇلايو ويو- مگر ٻيا گهڻا جيڪا هائدوس مچائيندا ۽ بيچيني ڏيکاريندا آهن، سا به مون کي معلوم آهي ۽ اوهان جنهن سنجيدگيءَ ۽ بي ساختگيءَ سان آسپاس جي حسين علائقي جو ذڪر ڪري مون کي انهيءَ نظاري مان لطف اندوز ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، سا ڏيکاري ٿي ته اوهان کي طارق جي هيءَ مصرعه خوب ياد آهي ته:

”هر ملڪ، ملڪِ ماست، ڪه ملڪِ خدائي ماست!“ ۽ هيءُ به، ته: ”مرغ زيرڪ گر به دام اند تحمل بايديش!“

مون اوهان جو خط هڪ دفعو نه، پر ور ور ڏئي پڙهيو ۽ هر ڪنهن دفعي ڄڻ ته هڪ نئون لطف پئي حاصل ڪيم. يقين ڄاڻندا ته اسلام آباد کان واپسيءَ تي هڪ ڏينهن اوهان سان رهاڻ به ڪبي.

مون کي يقين آهي ته اوهين اهي چند مهينا يا چند سال اهڙا ئي سجايا ڪندا، جهڙا مون ’سانگهڙ‘ لکڻ وقت ڪيا هئا. اسين جنهن زندگيءَ جي دور مان هن وقت گذري رهيا آهيون، سا خود اسان جي ئي 99 سيڪڙو فردن جي ڪوشش سان آيل آهي، ۽ آءٌ نه ٿو سمجهان ته سنڌ عرف سابق سنڌ جي پنجاهه لکن مان پنجاهه هزار به صحيح سنجيدگيءَ سان انهيءَ کوهه مان ڪڍڻ جا مخالف رهيا هوندا. ان ڪري بقول اياز:

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،

آخر هيءَ رات گذرڻي آ.

مگر شاعر جو اهو به ته قول آهي ته:

نالي لمي تي نالي ڪالي،

رات جدائيان والي!

هي ڪاريون ۽ هيبتناڪ راتيون ڏاڍيون ڊگهيون ٿين ٿيون ۽ ڏاڍيون ڏکيون گذرنديون آهن، ۽ انهن ۾ روشنيءَ جا انتظار ڪرڻ به ڏاڍا ڏکيا آهن- پر، پر عزم، ثابت قدم ۽ سنجيدهه انسان طوفان ۾ به پيا ڏيئا جلائيندا رهندا آهن، کين سلامت رکندا رهندا آهن، تاڪ رات جي هيبتناڪ ڪجهه نه ڪجهه گهٽيل رهي، جيستائين ڪ صبح ٿئي! سلام آهي اهڙن پر همت ۽ سنجيدن مجاهدن تي ڪاش! هرڪو اهڙن مان ٿئي!

ڏيپلائي

****

(4)

ايڊيٽر ’انسان‘

حيدرآباد سنڌ (پاڪستان)

1959- 12- 4

برادرم جويا صاحب! سلامت

بعد سلامن جي، معلوم هجي ته خط اڄ پهتو ۽ اها مهرباني، جو اگرچه جواب طلب ڪونه هو، ته به از خود اوهان جواب ڏنو. هاڻ مهرباني ڪري جيڪي اکر مون کي لکيا اٿوَ، سي ميان علي بخش کي به لکي موڪليو ۽ ان جي ڪاپي وري مون ڏانهن ته:

”ٻئي ٽئي هفتي جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٻه يا ٽي بلاڪ پيا گهربا ته پيا اوهان کي ڏبا.“

باقي مشوري بابت عرض آهي ته شيءِ مڱندو ئي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي وٺي نه سگهندو آهي، جڏهن به ڪنهن ۾ پنهنجي ديڳڙي وٺڻ جي توفيق پيدا ٿيندي آهي، تڏهن هو اهو عار سمجهندو آهي ته ذر ذر پاڙي مان ديڳڙو مڱڻ وڃي هر يڪدم وڃي پنهنجي وٺندو آهي.

منهنجو رسالو (انسان) ’پاڪ‘ لسٽ تي اچي ويو آهي، باقي ’الهندين پاڪ‘ تي اچڻ لاءِ سخت ڪوشش هلندڙ آهي. پاڪ لسٽ سبب ڪجهه ڪمپنين به اشتهار ڏيڻ جي هاڪار واري آهي. سمجهجي ٿو ته ڪجهه هن مهيني ۾ ملندا ۽ ڪجهه جنوريءَ کان شروع ٿيندا. پوءِ رسالو انهيءَ منزل تي پهچندو، جو هر هفتي بلاڪ ٺهرائي سگهي. ڪمپنين ۽ پاڪ لسٽ لاءِ ڪوبه شرط شروط ڪونهي، باقي مغربي پاڪ لاءِ بنا لکيت اهو شرط رهندو ته ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ لکڻ بدران ’سابق سنڌ‘ ۽ ’سابق سنڌي‘ لکندو ڪر. اهو زباني طرح اقرار بي للسان ۽ تصديق بالقلب ڪرڻ لاءِ شايد عنقريب هڪ پنڌ لاهور جو پوندو، پوءِ اُميد ته ٽنهي طرفان (پاڪ- اُلهندين پاڪ ۽ ڪمپنين) کان ’ليل ونهار‘ کان اڌ اشتهار (آهستي آهستي) ملي ويندا ۽ ان جهڙيءَ پاليسيءَ تي هلڻ جي موڪل به ملندي. جيڪڏهن ائين ٿيو ۽ سي آئي. ڊي بهادر کي به ’ايسپ جي آکاڻين‘ تان چڙڻ جي دستور کي بدلائڻ جي عنايت ڪرڻي پئي ته پوءِ اُميد ته رسالو قطعن پنهنجي پيرن تي بيهي ويندو ۽ بنيادي جمهوريتن جي ڪافي خدمت ادا ڪري سگهندو.

واضح رهي ته پاڪ سي.آءِ.ڊي جو گروپ ايڏو بلنديءَ تي آهي، جو ايسپ جي آکاڻين مٿان ڪونه چڙندو آهي. باقي الهندين پاڪ جي سي. آئي. ڊي ٿوري ٿوري ڳالهه تان پئي چڙندي آهي ۽ ڇرڪندي آهي. پر لاهور جي پنڌ بعد شايد اها به ٺاپر ۾ اچي ويندي ۽ هلڪڙين ڳالهين تان ڪانه چڙندي.

ڏيپلائي

****

(5)

سينٽرل جيل حيدرآباد

1959-01-17

ادا، خوش هوندين!.....جيل ۾، ”مهراڻ“ هي ديدار ڪرڻ سان بيحد خوشي ٿي؛ پر کولڻ سان ئي شمس العلماء علامه دائود پوٽي جي تصوير ڏسي، سندن انتقال پر ملال جو وري به دک تازو ٿيو.

قدرت اسان کان هيءَ بينظير هستي تڏهين کسي ورتي، جڏهن اسان جي ملڪ جي نئين تعمير ٿي رهي آهي. مرحوم ڊاڪٽر صاحب جا سنڌي زبان بابت لکيل ٻه لافاني مضمون نئين سر شايع ڪرڻ سان اوهان سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. خصوصاً، سندن هٿ اکر خط جو فوٽو!.....الله الله، هيءُ ته انهيءَ لائق آهي جو ان جا ٻئي پاسا هڪ پني تي ڇپجن، جو اهو پنو فريم ڪري هر سنڌي اداري بلڪ هر سنڌي گهر ۾ ٽنگي ڇڏجي!

انهيءَ خط اها به خوشي ڏياري ته اسان جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بانيڪار در حقيقت علامه مرحوم ئي آهي: ۽ هيءَ به، ته اها ڪا اچانڪ وجود ۾ ڪانه آئي، بلڪ ورهين جي فطري تمنا هئي، جنهن کي نروار ڪرڻ جو سهرو چند غريب اديبن جي ئي سرن تي ٻڌجڻو هو- ۽ اهوئي سبب هو، جو انهن غريبڙن جي ’سنگت‘ جي ’طوبيٰ‘ جون شاخون ٿوري ئي عرصي ۾ سڄيءَ سنڌ اندر پکڙجي وييون!

ــــ جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ان کي ڏسي ٻيون به ڪيئي انجمنون قائم ٿيون، ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آبياريءَ جا هي سمورا پيدا ٿيل وسيلا پنهنجي نيڪ مقصد تائين پهچڻ ۾ ڪڏهن به وسان ڪين گھٽائيندا. سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خادمن کي هر حالت ۾ قرآن پاڪ جي هيءَ آيت سڳوري سامهون رکڻ گھرجي:

”واما الزيد، من فيذهب جفاء؛

واما ما ينفع الناس، فيمڪث في الارض.“

(پگھريل سون هجي خواهه برسات جو پاڻي- جيڪا گجي هوندي آهي، سا ترت ئي غائب ٿي ويندي آهي؛ باقي جيڪا چيز، انسان ذات لاءِ فائديمند هوندي آهي، سائي زمين ۽ دائم ۽ قائم رهي ٿي.)

نظم جو شروع ۾”رڳون ٿيون رباب“ جي ديباچي مان ورتل ٽڪرو نظر آيو: ”سچ ڪڏهين ’مارئي‘ ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي، ته ڪڏهين ’سسئي‘ ٿي ڏونگر ٿو ڏوري.“

پر، بهرحال، جيت ته سندس ئي رهي ٿي نه! قدرت به کيس هر وقت اهوئي دلاسو ڏيندي رهي ٿي:

اڄ سندءِ قسمت ۾ ڪنڊا گرچ آهن، غم نه ڪر،
پر سڀاڻي گل سان ڀربو تنهنجو دامن، غم نه ڪر!

نظم جو باقي حصو به خوب آهي. نثر به گھٽ ڪونه آهي. البت، اهو وري به چوندو رهندس ته ”مهراڻ“ جو سال 1955ع ۽ 1956ع وارو دور ڪو وقت ته دل ساريندي رهندي- اهو وري به ضرور ايندا؟

خانبهادر حسن علي مرحوم جو تذڪرو بجا، سنڌ جي هن سر سيد جا سنڌ تي لک احسان؛ پر ان کي سڄا سارا 46 صفحا ڏيڻ حد کان وڌيڪ زوراوري آهي- سو به وري خاص ڪري ڇپيل مواد دهرائڻ. ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جو هن سنڌ سرسيد جي سوانح هن موقعي تي نئين سر ۽ جديد طرز تي لکائي شايع ڪجي ها!

مرحوم ڊاڪٽر صاحب، خانبهادر ميمڻ، شيخ محمد اسلم، مولانا لغاري ۽ ”ضياء“ جا تذڪرا اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏين ٿا، ۽ انهن جي لکڻ ۾ پورو حق ادا ڪيو ويو آهي.

مولائي صاحب جيڪو سياست ۾ مرشدن جي حصي جو ذڪر ڪيو آهي، سو هڪ نئون ۽ مفيد تاريخي باب آهي؛ پر جيڪڏهين بيجا عقيدتمنديءَ جون خاميون گڏيل نه هجن ها، ته ڪيڏي نه عاليشان چيز بنجي ها! ڪاش، اسان جا ڪُهنا اديب هي خام چيزون ترڪ ڪن!

نظمن جي حصي ۾ جيڪو جين ڌرم جو ڀاڄي خوريءَ لاءِ نئون پرچار ڏٺوسين، تنهن خوب کلايو. ويچاري ’مسافر‘ کي شايد اها خبر ڪانهي ته نيڻن مان نِيرَ ته ٽماٽا ۽ پٽاٽا به وهائيندا آهن! ڀلا، ملائيءَ ۽ مائي هٿ ڪرڻ لاءِ کير ڪيئن ٿو هٿ اچي؟......اهو به ته درحقيقت ٻڪريءَ جي ٻچن لاءِ ئي ٿو پيدا ٿئي، نه اسان جي آنگلن لاءِ! بهرحال، اهو به چڱو ٿيو جو ’مهراڻ‘ ۾ اهو نئون ورق به وريو. انهيءَ ’سٻڌ‘ جي جوڙ جو هڪ ٻيو ’سٻڌ‘ به ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسون-

”سڻو فرياد ٻڪريءَ جو:

’ماڻهومنهنجو ماس ٿا کائين‘!“

اهو به هٿ ڪريو ته چڱو. ٻڌون پيا ته ڪي سرڪاري نازڪبدن ڪامورا ٻڪرين جا اهي ٻيٻڙاٽ ٻڌي ٻڌي، يا ”غم نه داري، بُز بخر“ وانگي بيزار ٿي، ارادا ڪري رهيا آهن ته ٻڪرين جو تڏوئي کڻي ڇڏجي، ته نه رهي بُز نه بُز جي بها!

والله اعلم، ڳالهه ڪيئن آهي، سمجھ ۾ ته ڪانه ٿي اچي ته ائين ڪيئن هوندو ۽ ڪيئن ٿيندو،پر هي حاڪماڻيون رمزون آهن، جن بابت ڪنهن ٿري بزرگ چپ چٽي چيو هو ته ”ڀائي، ايهان حاڪمان دي ڪيڙي بات ڪجي. اي تو گُڙ را هَنان ٺهرائين، ته به سونهين- پِڇي چڙهتا به جائين، ته چَٽتا به جائين!“  ۽ ها، ٻڪرين جي هن ذڪر ٻڌندي، هتي جيل ۾، هڪڙي ساٿيءَ کي وري هيءَ الجھن جاڳي ته مهاتما گانڌيءَ جي ٻڪريءَ جو ڪفن دفن، يا اگني سنسڪار، الائي ڪيئن ٿيو! خير.

 آخر ۾ هڪ ننڍڙي الجھن منهنجي دور ڪريو ته ڏاڍو چڱو.....پرچي ۾ هي ’کراب‘ اکر الائي ڪيئن ڇپايا ويا:

”هر  هي  پلؤ،   هــر   هوُ   پــــلؤ-

ڪجھ هيٺ، ڪجھ مٿتي ڇڪي،

پوتي  ســــنــهي  چـــخـنن  ڀري،

ٿي پنهنجي ڇاتيءَ تي وجھين:

سينگار  تون   بيٺي  ڪرين،

مان ڀر  ۾  ويهي پيو  ڏسان“!

ــــــــ ائين ته ڪين هو ته اوهان مان ڪنهن ويجھڙائيءَ ۾ ”عبدالله دي گريٽ“ فلم ڏٺي هئي! چڱو، ادا، هاڻي باقي وري ٻئي پرچي تي.....الائي ڪڏهن ڪڍندؤ؟

’سدائين وصل جو وعدو ٿيو صد سال آ تنهنجو!‘

نئون ڦاٿل

ڏيپلائي

*****

محترم جي.ايم.سيد ڏانهن لکيل خط

بخدمت رفيع منزلت محترم شاهه صاحب،

السلام عليڪم، خيريت طرفين مطلوب.

مقصد معروض ته ڪراچيءَ ۾ جيڪو اعتراض اوهان سچل سرمست جي شعر ”آشڪار چون شده در دل تو عشقش“ تان ورتو هو، سو اجھ لالا صاحب وارو رسالو کولي ڏٺم ته اُن ۾ به ”عشقش“ لکيل هو. اگرچ درحقيقت موزون لفظ اهوئي پيو لڳي، جو اوهان فرمايو يعني ”عشقي“. پر ڇا ڪجي، جو ان کان ٻه مصرع اڳ هيءَ  به آيل آهي:

صد هزاران طالبان باشند يڪ نيستم،

هست در ڪوي ”تو“ ڪردن جان قرباني مرا-

ته انهيءَ مناسبت سان ”تو“ جو جواب ئي ”ش“ ۾ آيل آهي. ۽ ”ش“ صحيح آهي.

اوهان جو مفهوم ’غمدل‘ جي هن شعر ۾ آهي:

آيم عشق اديون، پرتئون پير ڀري،

ڏاج ڏکن جا ڏيندو، سورن جا ساٿ ڀري.

دراصل، جيئن اوهان کي معلوم هوندو، ”عشق“ هڪ ول آهي، جنهن جا پيچ جنهن به وڻ کي پيا، وڻ جو گويا مٿو ئي ويو. شايد انهيءَ ول کي سنڌيءَ ۾ ”وڻ ويڙهي“ يا ”بي پاڙي“ چوندا آهن، ۽ اڪثر هر عشق جو نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي، جو ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

عاشقان رامئه نشانن اي پسر

رنگ زرد و آه سرد و چشم تر

ڪم خورد، ڪم خفتن و گفتار ڪم،

انتظاري، بيقراري، بي صد

اُميد ته اوهان جي طبيعت ۾ ڪجهه افاقو هوندو، شل ڌڻي تعاليٰ ڪامل صحت سان وڏي عمر ڏيوَ.

والسلام

نياز مند،

 

ڏيپلائي

قرآن پريس،

الهندو ڪچو، حيدرآباد

20- سپٽمبر، 1965ع

حضرتا! السلام عليڪم- جيئي سنڌ!

اڄ حيدرآباد جي ڀتين تي اشتهار پڙهي، ڏاڍي خوشي ٿي. آخرڪار اوهين به انهيءَ لسٽ ۾ اچي ويا، جنهن ۾ حضرت حيدر ڪرار، امام حسين، امام حسن، ابوذر غفاري، عبدالله بن زبير کان وٺي، ويندي شاهه ڀٽائي، سچل، بيدل، بيڪس، شاهه ولي الله ۽ عبيدالله سنڌي به هئا. پر بقول شاعر:

عمريست ڪه آوازه منصور ڪُهن شد.

ڪافي عرصي کان ڪفر سازي خاموش هئي، سا وري چالو ٿي ته سهي. هاڻي آهستي آهستي، يخرجون من دين الله افواجا جو ڪارنامو تيز ٿيندو ويندو ۽ پاڪستان ۾ به نه رهندو ڪو نالي جو مسلمان- سڀ فرقا ٻين فرقن تي ڪفر جون فتوائون لڳائيندا، ڪافر بنائيندا ويندا، پوءِ بقول شاعر

ٿيو جي چشم خونيءَ جو اثر  آهسته  آهسته!

وهي رت ٿي هليو ويندو جگر آهسته آهسته!

اوهان کي پنهنجي خاڪساريءَ واري زماني ۾ ياد هوندو ته علامه مشرقي مرحوم هڪ ڪتابچو ”ڪفر زار اسلام“ شايع ڪيو هو. اُن ۾ حضرت ابوبڪر کان وٺي اهڙي شاهي لسٽ ڏني هئائين، جنهن موجب ڄڻ ته دنيا ۾ نه ڪو مسلمان اول ۾ ئي هو، نه ڪو اڄ به آهي. سو هاڻ انهيءَ لسٽ ۾ اوهان جو نالو به نمايان طور تي اچي ويو- بمصداق:

ڪفر آوردم و در عشق تو ايمان ڪردم.

ڏسجي ته اوهان کان پوءِ ڪنهن جو نمبر ٿو اچي!

والسلام- جيئي سنڌ

نياز مند،

ڏيپلائي.

* * * * *

الهندو ڪچو،

حيدرآباد سنڌ.

22- جون، 1967ع

حضرتا! جيئي سنڌ!!

مون کي ”بزم صوفياء سنڌ“ ۾ ايترو درڪ ته حاصل نه آهي، جو مشورو پيش ڪريان، مگر صرف پنهنجي دل ۾ اُٿندڙ خيالن کان پيڇو ڇڏائڻ خاطر هيءُ نياز نامو عرض رکان ٿو. جيڪڏهن فرصت هجي ته پڙهندا، نه ته ڪو ضروري به نه آهي.

(1) منهنجو پهريون عرض هيءُ آهي ته اوهان ماهوار يا پندرهن روزه رسالو يا ڪتابي سلسلو شايع ڪندا ڪريو. جيئن محترم ساڌو واسواڻي ڪندو هو. هيءُ سلسلو مفت ڏيڻ جي ضرورت ڪانه آهي، پئسن سان ڏنو وڃي ۽ انهيءَ جو خرچ ازخود نڪري ايندو، صرف شروع ۾ ڪجهه پئسا لڳندا، پوءِ پاڻهي هلندو رهندو ۽ سيڙيل رقم به واپس ايندي. جيئن ڪه ٻيا سلسلا هلن ٿا.

(2) منهنجو ٻيو مشورو هيءُ آهي ته بجاءِ ٻهراڙين جي درگاهن جي في الحال اوهان هر مهيني هڪ ضلعي جي رفتار سان ڪنهن نه ڪنهن ضلعي جي هيڊڪوارٽر يا وڏي شهر جي بزم جي ثقافتي ڪچهريون ڪندا ڪريو، شهر پاڻهي ٻهراڙين کي پيغام رسائين ٿا ۽ هي ڪچهريوناهڙيون نه آهن، جن تي سرڪار کي ڪو اعتراض هجي، يا 144 قلم جي زد ۾ اچن. پوءِ جڏهن اهو پيغام امن و محبت شهرن تائين گهڻي قدر پهچي وڃي، اُن بعد ڀل ٻهراڙين ڏي به پکيڙيو.

(3) منهنجو ٽيون مشورو هيءُ آهي ته بجاءِ انهيءَ جي، جو ورڪرن جي تربيت گاهه حيدرآباد ۾ کوليو، اوهين پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ”سنڌي ڪاليج“ جي نالي سان تعليم گاهه کوليو. جنهن ۾ اديب فاضل ۽ بي- اي تائين تعليم هجي- وڏن لاءِ تي سال يا چار سال ۽ ننڍن لاءِ 7 سالن جو ڪورس هجي. هن ۾ معلم اُهي ئي رکيا وڃن، جن کي قومي تعمير جو حقيقي فڪر هجي ۽ اوهين به وقت بوقت هنن کي سمجهاڻيون ڏيندا رهو. انهيءَ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي، جيڪڏهن هن ڪاليج لاءِ سرڪار کان به گرانٽ وٺجي. ڇو ته هيءُ ڪاليج خواهه اوهان جو ڪوبه ڪم سرڪار جي مخالف ڪونهي- ۽ اوهين هميشه بزم صوفياء سنڌ جي ورڪرن کي اها هدايت ڪندا رهو ٿا ته ڪو به اهڙو قول، فعل، تحرير ۽ تقرير عمل ۾ نه آڻيو، جنهن مان ڪنهن به ڪاموري سان ٽڪر پيدا ٿئي، ته پوءِ سرڪار جي گرانٽ وٺڻ ۽ ان جي حاصل ٿيڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي، زياده خير.

نياز مند،

ڏيپلائي.

*****

8- جنوري، 1972ع

حضرتا!

السلام عليڪم: آزادي مبارڪ- نه صرف سائين جن کي، بلڪ سڀني مُلڪ جي ڀلي لاءِ سوچيندڙن کي. شايد وري ڪڏهن به پائبندي نه پوندي!

براه ڪرم پروگرام کان واقف فرمائيندا، ته حاضر ٿي به مبارڪباد پيش ڪريان.

نياز مند،

ڏيپلائي.

*****

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏانهن لکيل خط

بخدمت گرامي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: سائين جن نوازش فرمائي ٻه ڪتاب عطا ڪيا، جن کي پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. اوهان ايترا رسالا ڪٺا ڪيا، ان لاءِ بيحد گهڻي تحسين عرض آهي. ماستر محمد سومار شيخ بدين واري وٽ به هڪ رسالو هو. اگرچه ڊاڪٽر صاحب کانئس ورتوهو پر ان جا زائد بيت هن ’شاهه جا گم ٿيل بيت‘ جي نالي سان ڇپائي ڇڏيا هئا. ڪتابن جي صورت ۾ به ۽ رسالي انسان جي لطيف نمبر ۾ به. اگرچه انهن ۾ ڪافي بيت شاهه جا نه آهن ته به اوهان پاران باريڪ ريسرچ ڪندڙن لاءِ انهن کي نظر مان ڪڍڻ ضروري آهي.

شاهه جو احوال سڄن سارن سٺ سالن بعد ڇپائڻ هڪ عظيم ڪم آهي، ۽ هن کان غفلت ڪندڙن لاءِ نهايت افسوسناڪ! البت هڪ هزار جو تعداد هن ڪتاب لاءِ نهايت ٿورو آهي، ڇو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته هيءُ ڏاڍو گهڻو پکڙندو. پر افسوس جو ڀلنامو گڏ آهي ئي ڪونه، شايد تڪڙ مان آئوٽ ڪيو ويو هو. پر هاڻي ڀلنامو ضرور شامل ڪجو جو غلطيون گهڻيون ۽ اهم آهن. جيڪڏهن سيدن واري سنڌي سان 14 صفحا ڀلنامو وجهڻ عيب ناهي ته ڪجهه صفحا هن لاءِ به ڪا ناگوار ڳالهه ڪانهي.

مهرباني ڪري هن خط جو تذڪرو اوهان جي ڪارڪنن سان نه ڪندا. هو ڏاڍا رنج ٿين ٿا ۽ مون کي خواهه مخواهه سندن رنج سهڻ جو شوق ڪونهي. البت جيڪڏهن اوهين ايترو ڪندؤ ته ڏاڍو چڱو ٿيندو جي سندن تيار ڪيل ڀلنامو اول پاڻ وٽ گهرائي پوءِ اهو مون کي به ڏسڻ لاءِ ڏيو. مون کي پڪ آهي ته هو غلطيون رهائي ويندا ڇو ته ڪي هنڌ پاڻ به صحيح طرح پڙهي نٿا سگهن. جيڪي صاحب مرزا مغل بيگ کي هڪ هنڌ طفيل بيگ ۽ ٻئي هنڌ لعل بيگ ڇپين ته انهن تي ڪهڙي ميار! اگرچه هنن جو وجود به غنيمت آهي، جو آءٌ ڀانيان ٿو ته لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ وارن جو اهڙو قحط الرجال آهي جو انهن جهڙا به ٻيا ڳوليا هٿ نه ايندا. جيڪا محنت ڪن ٿا،ا نهي لاءِ به شابس هجين، ممڪن آهي ته خود ٽئين ڇاپي ۾ به اهڙيون ڪي غلطيون هجن.

خط وڏو ٿيندو وڃي، پر بخارن ڪڍڻ بنا سکه به نٿو اچي. اهو معلوم ڪري نهايت خوشي ٿيم ته سنڌالاجي جا ڊائريڪٽر به اوهين ٿيا آهيو. جي اها خبر صحيح هجي ته منهنجي عرض ته سڀ کان اول ڪئٽالاگ کي مڪمل ڪرايو، اها ڏاڍي بدقسمتي آهي جو ڪم ڪري سگهندڙن کي ڪم نه ملي ۽ اهڙن هلنديءَ وارن کي ڏنو وڃي، جي ڪري به نه سگهندا هجن. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته شايد 4-3 سال اڳ اهو ڪم پروفيسر عبدالمجيد صاحب کي مليو هو، جنهن کان ٿيڻ محال هو. ان وقت مون کي فرصت به هئي ۽ دماغ ۾ طاقت به وڌيڪ هئي (۽ آخري ڳالهه ته ڪجهه محتاجي به هئي). مون پروفيسر کي آڇ ڪئي ته پنهنجي طرفان اهو ڪم هيٺين شرطن سان منهنجي حوالي ڪري:

1.                        اڌ اُجورو مون کي ڏيو

2.                       منهنجو نالو ڪم نه ايندو

3.                       آءٌ ڪنهن کي به نه چوندس ته هن ڪم ۾ منهنجو ڪوبه هٿ آهي پر هن صاحب ائين به نه ڪيو ۽ ڪم اڃا ٻيو…

شايد اوهان کي معلوم هوندو ته ڏهه سال اڳ جويو صاحب همت ڪري مون کان انهن سنڌي پبلشرن جي لسٽ ٺهرائي ورتي جي ختم ٿي ويا آهن ۽ اهي به سڄارا سارا (168) ٿيا، ۽ پوءِ محسوس ٿيو ته ڪم از ڪم (32) اڃا به رهجي ويا آهن، پر اها لسٽ هڪ عجيب و غريب سبب کان مفت به مهراڻ ۾ نه ڇپجي سگهي ۽ نيٺ سوا سوا روپين ملڻ سان نئين زندگيءَ ڇپرائي ڇڏي! ان ڪري نالا ته محفوظ ٿيا ۽ ٻيو ته اڄ آءٌ اهڙي به ٺاهي نه سگهان ها، جيئن اڄ سائينجن شروع ڪيل ”رهاڻ “ به لکي نٿا سگهو. اها ڪهڙي نه عجيب چيز هئي، ڪاش، ڪڏهين ڪڏهين وري به لکندا ڪريو!

1.      هاڻي هڪڙي ٻي خبر به ٻڌو، جا منهنجي حوالي بنا ڪم آڻيو: حافظ محمد صاحب اسسٽنٽ لائبررين کي شاهه جي ڪن قلمي رسالن جو پتو آهي، شايد اتان ڏس ملي پوندو.

2.     شاهه جو رسالو ٺاهڻ وقت منهنجو ’جيبي رسالو‘ خود نظر مان ڪڍندا جو هن ۾ 4-5 بيت ٻين سڀني کان وڌيڪ آهن ۽نهايت معتبر ذريعن سان مليل آهن.

3.     شاهه جي سُرن کي ائين سال تي هڪ هلائيندؤ ته ٽيهارو سال لڳي ويندا. ڇا مهيني واري ميل تي اها اسڪيم هلائي نٿا سگهو! ڪو گهڻو خرچ به ته ڪونه ايندو، لکرائي ته وٺو پوءِ ڇپايو کڻي ڪڏهين به.

هاڻي شايد سائين جن به هيءَ يخي پڙهي ڪڪ ٿي پيا هوندا. ان ڪري سلاماليڪم.

- ڏيپلائي

(1972-5-16)

*****

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ڏانهن خط

ڀائو ڪريم بخش، شل ويران وير وڌ هجين!

ڪالهه رات منهنجي زندگيءَ جي اُها پهرين رات هئي، جنهن ۾ ڪنهن گاني جي محفل ۾ سواءِ ’ننڊ نه اچڻ جي گولين‘ جي وٺڻ جي، مون بنا ننڊ ڪرڻ جي 2 بجي تائين گانو پئي ٻڌو؛ ڇاڪاڻ ته منهنجي پنهنجي هڪ شعر:

’هيءُ نه گانو آهه يارو! دل جگر جو دُود آهه!‘

مطابق هي گانا نه هئا، پر اندر جا اُلا هئا، احساس جي باهه هئي، جا تنهنجي اندر مان ايئن ڀڻڪي پئي نڪتي، جنهن ساريءَ محفل کي ڄڻ ته ساڙي ٿي وڌو، ۽ انهيءَ سان گڏ جيڪي ساز هئاسي به؛

’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪُو ڪاري!‘

جوئي مثال پيش ڪري رهيا هئا.

منهنجي توسان ملاقات صرف انهن ڏينهن ۾ ٿي هئي، جڏهن ٻئي خاڪسار هئاسون. انهيءَ بعد مون تي جماعتِ اسلاميءَ جو دؤر چڙهيو، ۽ تون ته الائي ڪٿي هُئين. پر ٻڌو هئم ته دستوري وڏيري وانگر فلمن ’وغيره‘ جي چڪر ۾ اچي ’پڪو لوفر‘ بنجي پيو آهين. پوءِ وري ٻُڌم ته ڪنهن پست طبقي جي عورت کي شريف بنائڻ جي ارادي سان شادي ڪئي اٿئي ۽ وري اڳتي هلي ان خبر حيران ڪيو ته ’سورداس‘ ۽ ’چترليکا‘ کيل وانگر هوءَ مائي ته بنهه شريف ٿي وئي، پر تنهنجن دوستن کي تنهنجي ’لوفرپڻي‘ جون دانهون ڏيندي وتي ته ”ادا! هن کي سمجهايو!“

اُن ڪري باوجود بارها ماتليءَ اچڻ جي به تو ڏانهن ڪا ڪشش ڪانه ٿيم. اڄ جڏهن محفل جو آغاز سازيندڙن ۽ ڳائيندڙن سان ٿيو، ته ڏاڍا پسند پئي آيا، مگر اوچتو جو تون آئين ۽ اچڻ سان جنهن ڪيفيت جو اظهار ڪيئه، ان کي ڏسي بي اختيار چيوسون ته: ”لاحول ولاقوة، هاڻي ڍاڪون پڪو، ڀلا شرابي وڏيرو ڇا ڄاڻي فن مان، هاڻي ته سازيندڙن جي به ستياناس!“

پر اڳتي هلي ڏٺوسون ته ’نه ٻيلي، مڙس آهي ته متوالو، پر فن جو ڄاڻو ضرور آهي.‘ مگر انهيءَ هوندي به ڪو خاص چس ڪونه ٿي آيو، ايتري قدر جو آءٌ ته تڏهن به توجهه سان ٻڌي رهيو هيس ۽ ڪنهن خاص اثر کان سواءِ پسند ضرور آيو پئي، پر شيخ اياز کي نه فقط ننڊ پئي آئي، بلڪ ائين به پئي چيائين ته ’هن پاڳلپڻي مان جند الائجي ڪڏهن ڇٽندي‘، ته اوچتو........ ۽ بلڪل اوچتو، بمصداق:

تون پنهنجي حقيقي ۽ اصلي رنگ ۾ ظاهر ٿئين، ۽ آءٌ ته همه تن مبهوت ٿي اها چيز ٻڌڻ ۽ پيش ڪرڻ جو انداز ڏسڻ لڳس، جنهن جهڙي عمر ڀر نه ڪڏهن ٻڌي هيم نه ڏٺي، پر خود شيخ اياز سان به اها حالت ٿي، جو ڪيڏانهن ويس ڳهر، ڪيڏانهن بيزاري، مڙس بنهه دهلجي ويو!

- ۽ مون سان به اهڙي حالت ٿي، جو بت بنجي ويس. ننڊ ۽ ڳهر ته ٺهيو، پر شايد اک ڇنڀڻ به بند هئي، بمصداق:

مون تنهنجو بلڪ اهڙو نظارو ڏٺو، جيئن ’اسلامي تاريخ‘ ۾ پڙهيو اٿم ته ڪنهن اسلامي جنگ ۾ هڪ بهادر سپاهيءَ کي سالاراعظم شراب پيئڻ سبب بند ڪيو هو، ۽ هن جڏهن دريءَ مان ميدان ڪارزار کي پوري عروج تي ڏٺو ۽ مسلمانن جي طرف ۾ ڪمزوري محسوس ڪيائين، تڏهن بيتاب ٿي سالار اعليٰ جي بيگم کي چيائين: ”خدا جي واسطي مون کي ڪجهه دير لاءِ آزاد ڪر، آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته  جنگ پوري ٿيڻ کان اڳ وري به هتي اچي قيد ٿيندس.“

بيگم هن کي آزاد ڪيو ۽ پوءِ ته:

وارو قصو ٿيو ۽ هن مجاهد ظالمن جي صفن ۾  اهو ته لابارو وڌو، اهو ته طوفان مچايو، جو هنن جا پير کُپي نه سگهيا، ۽ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه ڏٺائون. پر سالار سوچڻ لڳو ته ههڙو لابارو ته فلاڻي کان سواءِ  ٻيو ڪو مشڪل وجهي سگهندو هوندو، مگر هو ته قيد هو، شايد ڀڄي آيو هجي، سو تڪڙو تڪڙو واپس اچي ليئو پاتائين ته هو ته ساڳيءَ طرح ٻيڙين ۾ قيد ڏٺائين. انهيءَ تي بيگم کي ’فتح جي مبارڪ‘ ڏيندي چيائين، ”بيگم، اڄ  ته شڪست ۾ ڪو شبهو ڪونه هو، پر خدا ڄاڻي ڪهڙو شير اچي گدڙن جي صفن ۾ پيو، جنهن منجهن ٻاڪر ڪٽو وجهي ڇڏيو. اهڙو لابارو مون اڄ تائين فلاڻي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو به ڪونه ڏٺو.“

بيگم کلي چيو، ”خطا معاف سائين! اِهو اُهو ساڳيو دلير ئي هو، جنهن خدا پاڪ کي ضامن وجهي ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي مون کان آزاد ڪرايو ۽ هاڻي وري واپس اچي زنجيرن ۾ پيو آهي.“

سالار بي اختيار وڌي کيس ڀاڪر پاتو ۽ ڄڻ ته زبان حال سان ايئن پئي چيائين ته: ”ڪيهر شينهن! توکي ڪير قيد رکي. تون پيءُ ۽ ڀل پيءُ، تولاءِ شراباً طهورا ته اُوئين حلال آهي، پر دنيا ئي شراب کان به توکي روڪي نٿو سگهجي“!

پر ڪاش! اهو نظارو ڪنهن مجمعي عام ۾ هجي! ڪاش اُهو طوفان ان وقت مچي، جڏهن:

”جهول جهِلي جنهن وقت ڀٽائيءَ، ڪرندا ڪنڌ هزار!“

جو اعلان هجي! ’جهنگل مين مور ناچا، کس ني ديکها‘! جڏهن ڪنهن وڏيرڪيءَ اوطاق يا اديباڻي محفل جي ٻوساٽ ۾ اُهي آلاپ اٿيا ته آخر ڪهڙي ڪم جا، هي ته اهڙي موقعي لاءِ موزون آهن، جڏهن ٻڌندڙ بيتاب ٿي، ڪنهن ’باسٽل‘(1) کي باهه ڏئي، صدين جي باندين کي آزاد ڪري ڇڏين!

’نهين تيرا نشيمن......‘ وانگر تون، تنهنجو اهو بي بها فن، اهڙين چارديوارين ۾ ڇو ٿو رائيگان ڪرين؟ اهو ’اناالحق‘ جو نعرو ايئن قصرن جي ڪنڊ ۾ ڇو ٿو لڳائين، بمصداق:

بيفشان بال پو رز آميزشِ خاک

بپرتا ڪنگرِ ايوانِ افلاک.

اٿ، ۽ برسر بازار اهو نعرو لڳاءِ ۽ بمصداق:

پاڻ به سوريءَ ڏي وڌ، ۽ ٻين هزارن کي به پنهنجي ساٿ ۾ گهِل، جيئن ’شيطان‘ جي لشڪرن ۾ اها ته ڀڳوڙ مچي، جو بجاءِ منصورن جي

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ!

ادا، اسين ته فقط ڪاغذي شير آهيون. مجموعي ۾ مرڪي به نٿا سگهون، پر تون ته اوطاقن جي لائق نه آهين، تون ته اهو طوفان آهين، جو دريائن جي دلين کي دهلائين، ڪين ڪَسين ۽ ڪڙين تي بيٺو هجين!

افسوس بدنصيب سنڌ! تنهنجو ڪوبه اهڙو ڌڻي ڌوڙي ڪونهي، جو اهڙن شيرن کي مجموعي عام تي آڻي. هڪ ۽ صرف هڪ ڏسجي پيو، پر ان جي توجهه به اول محلاتي سازشن طرف ۽ هاڻي حقيقي معنيٰ ۾ مستندي مجاورن طرف مبدول آهي. ڀنڀور برائيءَ سان ڀرپور آهي، پر اهڙو آرياڻي نٿو پيدا ٿئي، جو کيس اُجاري، اهڙو اَتور نٿو اچي، جو ڏکين کي ڏِک وهاري!

اُف!

تنهنجو قديم يار

ڏيپلائي


(1) پيرس جو جيل خانو جيڪو انقلابِ فرانس ۾ ٽوڙيو ويو هو.

*  ڏيپلائي صاحب جو وڏو پُٽ محمد علي ڏيپلائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org