شبنم گل
ڏيپلو: تاريخ ساز شخصيت جو شهر
مون کي ڏيپلو ڏسڻ جو شوق هو. امان زندگيءَ جا ڪجهه
ڏينهن مٺي ۽ ڏيپلي ۾ گذاريا هئا. انهن شهرن جو
کانئس ڪافي دفعا ذڪر ٻڌي چڪي هيس. هن ڀيري جڏهن ٿر
جي سفر تي نڪتاسين ته مون اشتياق کي چيو ته مون کي
هن دفعي ڏيپلو ڏسڻو آهي. هن جي حامي ڀرڻ تي مطمئن
ٿي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس. گاڏي مٺي جي ور وڪڙ
رستن تي روان دوان هئي.
ڏيپلي ڏسڻ جو اشتياق مون کي ٻن حوالن سان هو هڪ ته
ڏيپلي جي فطري خوبصورتي باري ۾ مون ٻڌو هو. ان کان
علاوه ڏيپلو علم وادب جو گهوارو پڻ آهي. ان مٽيءَ
۾ سنڌ جي زرخيز ذهنن جنم ورتو. جن ۾ محمد عثمان
ميمڻ ڏيپلائي جو نالو قابلِ ذڪر آهي. اها حقيقت
آهي ته هر خطي جي پنهنجي سونهن، موسم ۽ جاگرافيائي
بيهڪ ٿئي ٿي. ماڻهوءَ جي مزاج تي به ان زرخيز زمين
جو اثر ٿئي ٿو. ٿر جو ماڻهو بنيادي طور تي سادو،
سٻاجهو ۽ عقلمند آهي. هو محنتي به ٿئي ٿو ۽ پنهنجي
خطي جي لوڪ ڏاهپ سان سندس ذهن مالا مال به رهي ٿو.
جڏهن ڏيپلي جي حدن ۾ گاڏي پهتي ته ائين لڳو ته جھڻ
ڪنهن جنت نظير ۾ پهچي وياسين. وسڪاري کانپوءِ
ڏيپلي جي سونهن ڏسڻ وٽان هئي ڏيپلي جي ساوڪ اکين ۾
ننڊ جي کيپ ڀري ڇڏيا. جنگلي ٻوٽن جي سڳنڌ پاڻ
ڏانهن ڇڪڻ لڳي. سهڻا مور وڻن جي ڇانوَ ۾ نچي رهيا
هئا. سج جي روشنيءَ ۾ رستي سان لڳو لڳ ڇٻر مخمل
جيان لڳي رهي هئي. ساوڪ جو اهو رنگ مون اڳي نه ڏٺو
هو. تڏهن اندازو ٿيو ته خوبصورت علائقن ۾ ماڻهو
انهن خوبصورت نظارن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري تخليق جي
جوهر سان ڀرپور ٿين ٿا، جئين انگريزي جي شاعر وليم
ورڊز ورٿ جو خوبصورت ڳوٺ Lake
district هن
جي ڏات جو محرڪ بڻيو. ائين ئي مون کي به محسوس
ٿيندو هو ته محمد عثمان ڏيپلائي جي تخليقي سگهه جو
ڪارڻ به ڏيپلي جي سونهن هوندي. ڏيپلي پهتاسين ته
اتي عبدالرحمان ڏيپلائي
۽ هارونڏيپلائي
جا مهمان ٿياسين.
گهر جون عورتون سگهڙ ۽
تعليم يافته هيون، جن
جي اڪثريت اسڪولن ۾ پڙهي ٿي. ٿر ۾ ڇوڪرين جي تعليم
جي حوالي سان سجاڳي محسوس ٿي.
سنڌ جا
مشهور ڊاڪٽر ڏيپلي سان تعلق رکن ٿا.
هن وقت ڏيپلي جي وڏي آبادي شهرن ۾ رهائش پذير آهي.
جڏهن ته ڏيپلي جي اصلوڪي رهاڪن جي گهرن تي تالا
ڏنل آهن، اسان جا ميزبان ڏيپلو شهر گهمائيندا هلن
ٿا. هي هن ملڪ جي مشهور سرجن جو گهر آهي. هي ويران
گهر نامياري جج جو آهي هي حيدرآباد ۾ موجود مشهور
ڊاڪٽرن جا وساريل گهر آهن. اداس
گهرن کي ڏسي محسوس ٿيو، ته
هي مشهور ماڻهن جو وساريل شهر آهي. ائين نه هجي ها
ته هتي انهن ماڻهن طرفان کوليل اسڪول، لائبريري
پاڪا ڊسپينسري ضرور هجي ها. هتي جا ڊاڪٽر ته خاص
طور تي پنهنجي صلاحيتن کي
ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ مڃائي
چڪا آهن. ڳوٺ ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون اڄ به فطري سونهن
جو مرڪز آهن. سنڌ،مختلف
تهذيبن جي اثر هيٺ ٻولي، لباس رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج جي
حوالي سان تبديليءَ جي اثر هيٺ نظر اچي ٿي، پر
ان جي باوجود به ٿر ۾ اڄ به ٻولي، لباس، رهڻي ڪهڻي
۽ مزاج به نج محسوس ٿئي ٿو. ٿر جي مهمان نوازي
جي سونهن هرهنڌ محسوس ٿئي ٿي. بلڪ ٻن مختلف خطن جي
رهواسين جي وچ ۾ هڪ مضبوط تعلق جي ڏور محسوس ٿي.رابطي
جي اها سونهن پراڻي سنڌ جي روايتن جو اڻمٽ حصو
هئي.
سج لهڻ سمي ڏيپلي جو شهر خوبصورت ۽ اسرار ۾ ويڙهيل
ٿي لڳو. صاف سٿرا ڪشادا رستا هتي جي رهاڪن جي
ذهانت ۽ ذوق جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ٿر ۾ گهر
جو ادارو سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ سگهارو آهي.
واپسيءَ لاءِ
نڪتاسين ته اشتياق، محمد
عثمان ڏيپلائي جو حوالو ڏيندي چيو ته عثمان
صاحب هڪ بي باڪ صحافي ۽ ترقي پسند ليکڪ هو. اڄ هو
ڏيپلي جي سڃاڻپ
بڻيل
آهي. اها حقيقت آهي ته پنهنجي زمين ۽ جنم ڀومي جي
خوشبوءَ کي
دل جي گهرائي سان محسوس ڪندڙ ۽ ان زمين جي قربت جو
حق ادا ڪندڙ تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا.
عثمان صاحب جي شخصيت ۾ لوڪ ادب واري ڏاهپ موجود
هئي، جنهن جوسبب ننڍپڻ ۾ آکاڻين، قصن، ناولن ۽
مذهبي ڪتابن سان سندس چاهه هو. انسان جي سوچ ۾
سگهه ۽ گهرائي لوڪ ادب جو مطالعو پيدا ڪري ٿو.
ڊبليو. ايس. اسٽونر پنهنجي ڪتاب نيچرل ايجوڪيشن ۾
لکي ٿي ته:
”اهي
قصا ۽ ڪهاڻيون ٻار جي ۾ تصور جي طاقت پيدا ڪن ٿا.
ٻارن کي اهي قصا ڪهاڻيون والدين پاڻ ٻڌائين يا کين
اهڙا ڪتاب مهيا ڪري ڏين،ٻنهي
صورتن ۾ ٻار جي سوچ ۾ نواڻ، گهرائي، تخليقي اڏام ۽
ڏاهپ پيدا ٿئي ٿي.“بدقسمتي
سان اڄ جو
ٻار هن مشيني دور جي رنگينين جو
شڪار آهي. کيس نه ته والدين جي ويجهڙائي نصيب آهي
۽ نه ئي کيس لوڪ ادب پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو. ننڍپڻ
۾ پڙهيل انهن قصن ۽ ڪهاڻين عثمان صاحب کي به هڪ
لازوال تخليقي سگهه عطا ڪئي هئي. پاڻ نه فقط
افسانا لکيا پر ناٽڪ، ڪالم، ناول ۽ مضمون لکي سنڌي
ادب جي بي بها خدمت ڪئي. سندس
ڪتابن جو تعداد 150 کان وڌيڪ آهي. ادب جي مختلف
صنفت جي باري کيس سٺي ڄاڻ
۽ مهارت حاصل هئي.
ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن
سنڌ جي ماڻهوءَ کي غفلت مان جاڳائڻ لاءِ مزاحمتي ۽
مقصدي ادب سرجيو. هن وٽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب
جي ڄاڻ
جو هڪ اڻ کٽ خزانو هو. انقلابي ۽ قوم پرستيءَ واري
سوچ جي ڪري مالي نقصان برداشت ڪرڻ سان گڏ کيس ٽي
ڀيرا جيل جو منهن پڻ ڏسڻو پيو. ڏيپلائي صاحب
پنهنجي دور جي تاريخ لکڻين ۾ سهيڙي ويو آهي. سندس
روشنيءَ جو
تسلسل فرزند محمد علي ڏيپلائي ۽ ثريا سوز ڏيپلائي
پڻ ادب سان وابسته رهيا
آهن، کيس
وفات کانپوءِ اوارڊ ۽ ڪيترا اعزاز مليا آهن. اها
حقيقت آهي ته سنڌ جي هن
بيباڪ صحافي
۽ بي لوث ڏات ڌڻي جو شهر ڏسي مون کي دل جي گهراين
سان خوشي محسوس ٿي.
گاڏي غير محسوس اداسي ۾ ويڙهيل خالي گهرن کان
ٿيندي روڊ تي آئي، ته
هر طرف گهري اونداهي ڇانئجي چڪي هئي. آسمان تي
ستارن جون ڏياٽيون روشن هيون ۽ هڪ
مهڪندڙ اونداهي هر طرف وکريل هئي، جنهن
۾ تخليقي سگهه ۽ زرخيزي محسوس ٿي رهي هئي.
گل محمد عمراڻي
محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪلاسيڪل ادبي
ورثي جو جائزو
محترم محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو هڪ يگانو ۽ بيباڪ
انقلابي ۽ سماج سُڌارڪ ليکڪ هو ۽ هن مختلف موضوعن
۽ بيمثال ادبي صنفن (genres) ۾
پنهنجوپاڻ کي express (اظهار)
ڪري سنڌي ادب ۾ ابدي مقام، مَان ۽ شاندار مَرتبو
حاصل ڪيو. هِن جا ڪُل ڇَپيل ڪتاب بقول ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي جي 134 آهن ۽ (هيءَ فهرست به
1974ع جي آهي). اُن کان پوءِ به هو ست سال زندهه
هو ۽ لکندو رهيو. اُنهن ۾ ناول، ناٽڪ، مَضمون،
مُراسلا ۽ هفتيوار ”عِبرت“ ۽ ”انسان“ اخبارون شامل
آهن. دراصل هوئي هن ”عبرت“ جو باني هو. سندس
ڪلاسيڪي دور جا گهڻا ڪتاب مَذهبي ۽ سماجي پنگتي
موضوعن تي اُن وقت جي ضرورت موجب
’مناظري‘ ۽ ’مبلغانگي‘ (polemical) انداز
۾ تحرير ڪيل نظر اچن ٿا، جنهن ڪري هن فاضل اديب جي
ذَهني اوسر (evolution) جو
تجزيو ڪرڻ ۾ تنقيد نگارن کي دلچسپي پيدا ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مختصراً روشني وجهندي
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (2006ع) ۾ فقط
اِهوئي ٻڌائي ٿو ته:
”ڏيپلائي انگريز دؤر حڪومت ۾ لِکڻ شروع ڪيو. اُن
وقت سياسي طور هندن سان مقابلو ڪندو آيو، انڪري هن
اسلام جي عظمت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ قلم کنيو. عَرب،
ايران ۽ ٻين خِطن جي حقيقي ڪردارن تي ناول لکيائين
۽ ترجمو ڪيائين. سندس جوش، جذبي جي فراواني کي
وساري نٿو سگهجي. هن مڪمل ذميواري سان ناول لکيا.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هو ڏاهر جي ڪردار سان اختلاف
ڇڏي، اُن جو حامي ٿيو. ’ڏاهري رنگ مَحل‘ جي ڄڻ رَد
۾ لکڻ لڳو. هيءُ دور، ڏيپلائي وٽ سِنڌيت جو دؤر
هو.
’نور توحيد‘ ۽ ’فتوحات اسلامي‘ کي وساري ڏيپلائي
هر صِنف ۾ سِنڌ جي سُورن تي لکيو.“
هن مختصر مقالي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي اتهاسڪ جي
ڪلاسيڪي ادبي ورثي جو جائزو وٺنداسين جيڪو پاڪستان
ٺهڻ کان اڳ جو آهي.
ڪِلاسڪ لفظ جي لُغوي معنيٰ آهي- ”وڏي دَرجي يا
رُتبي يا اعليٰ حيثيت (of
high class) وارو
ادب جيڪو اڳئين وقتن جي مروج ادبي اصولن، قاعدن ۽
قانونن، روايتن نيئمن موجب لکيل هجي يا پراڻي وقت
وارو ۽ ڪُهنه ادب عاليه، جيڪو هاڻي جديد ادب جي
مقابلي ۾ وڏي ادبي قد ڪاٺ وارو ليکجي يا جاوداني
(هَمَه وقت) هجي.“
سينئر ليکڪ يوسف شاهين جي هفتيوار
”برسات ۾ ڏيپلائي صاحب، پاڻ يوسف شاهين کي پنهنجي
اڳوڻي مذهبي ڪَٽرپڻي(fanaticism) کان
آزاد سوچ (secularism) جي
سفر جي داستان هن ريت بيان ڪري ٿو، جيڪو ورهاڱي
کان اڳ واري نُڪتهء نَظر کان 180 ڊگريون مختلف
آهي. محمد علي ڏيپلائي پنهنجي هڪ مضمون (ڪتاب:
محمد عثمان ڏيپلائي، مرتب: تاج جويو) ۾ ان تي
تفصيل سان بحث ڪري چڪو آهي، جيڪو هاڻ تمهيداً محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب جي بيان کان پوءِ
وَرجائينداسين. ڏيپلائي صاحب (يوسف شاهين سان
مخاطب):
”جماعت اسلامي سان لهه وچڙ رکندي
”مئڪسم گورڪي“ بابت ڪافي نفرت انگيز لفظ پڙهيا
هُئم. ان ڪري دينداري جي تقاضا اهائي هُئي ته اهڙي
’واهيات‘ ماڻهو جو ڪتاب ’مان‘ (اڙدو ۾) نه
پڙهجي... پڙهڻ بعد اُنهي ڪتاب جيڪي تاثر ڇڏيا، سي
انهن رفيقن کي پوري طرح معلوم هوندا، جيڪي منهنجي
ڪتابن کي شروع کان پڙهن ٿا ۽ کين معلوم هوندو ته
منهنجي ڪتابن جي لکڻي سنه 1948ع تائين ٻي اهي ۽
1949ع کان ٻي!“
پاڻ هاڻي ڏيپلائي صاحب جي 1948ع کان اڳ لکيل ڪجهه
ناولن ۾ مذهبي تاريخي ڪتابن جو ”ڪلاسڪ ادب جي
سَرنامي“ هيٺ جائزو وٺنداسين، پر پهريائين محمد
علي ڏيپلائي جي تمهيد وري پڙهون جيڪا هن پنهنجي
والد صاحب جي سوچ متعلق ڏني آهي:
”ورهاڱي کان اڳ واري دَؤر ۾ ڏيپلائي صاحب جي نظر ۾
انگريز ۽ هندو ئي مسلم معاشري جي ترقي ۽ باعزت
زندگيءَ جا بنيادي دشمن هئا. ان ٽولي ۾ شِرڪ کي
جاري ڪرڻ وارا مَڪار نام نهاد مُرشد به شامل هئا.
انهيءَ ڪري سندس عِلمي ۽ قلمي جهاد جو رُخ انهن
ٽولن ڏانهن ئي هو پر ورهاڱي کان پوءِ سماجي مسئلن
نئون رُخ ورتو. انگريزن ۽ هندن جي وڃڻ کان پوءِ
سماجي مسئلن جي نئين سر تجزيي ۽ ڇَنڊڇاڻ جي ضرورت
هئي.“ اُنهي ساڳي مضمون ۾ عثمان ڏيپلائي صاحب
اعتراف ڪري ٿو ته: ”شروع کان مذهبين جي چَڪر ۾ اچڻ
سبب منهنجو اِهوئي تصور هو ته: ”مسلم
ہیں ہم،
وطن ہے سارا
جہاں ہمارا“
۽ ”ان
تازہ خُداؤں میں بڑا
سب سے وطن
ہے“.
1949ع کان اڳ وارو ادب اِنهي مذهبي جوش، جذبي،
جُنون بلڪه ڪَٽرپڻي fanaticism جي
تحت لکيل آهي ۽ انهي جو جائزو اِنهيءَ تناظر ۾ وٺڻ
گهرجي. ان جي پس منظر ۾ ڏيپلائيءَ تي ديوَ بند ۽
جماعت اسلاميءَ وارو فڪر گهرو آهي. اچو ته اُنهن
مان ڪجهه خاص مذهبي دور وارن ڪتابن/ ناولن جو هڪ
مختصر جائزو وٺون ته جيئن ان دور جي ادبي ڪٿا جو
پَڙاڏو حاضر ۽ ايندڙ وقت جي مُحققن ۽ مؤرخن تائين
پُهچي سگهي.
(1) ڏاهري رنگ محل (1942ع)(ناول):
هيءُ ناول منهنجي نظر مان ڪُونه گُذريو آهي. جيئن
ته اِهو ”خطرناڪ ناول“ ان وقت ئي انگريزي سرڪار
ضبط ڪري ڇڏيو هو. هيءُ ناول سنه 1942ع ۾ مذهبي
فرقه بندي (sectarian) واري
رد عمل (chain
reaction) طور
ڪَٽر هندوئن طرفان شرارتاً ڇپايل ناول ”مُغل رنگ
محل“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. حالانڪه
غيرجانبداريءَ سان ڏٺو وڃي. مغل شهنشاهه ڪنهن به
طرح اسلامي تهذيب و تمدن جا نمونا ۽ باڪردار
ديندار حاڪم نه هئا پر تڏهن به ڏيپلائي صاحب کي
مذهبي ۽ فرقه واراڻه همدردي جا فطري جذبا جاڳي پيا
۽ هن انهيءَ ’توهين جي تلافي‘ خاطر هندو راجائن ۽
مهاراجائن جا ڪُڌا ڪرتوت وائکا ڪيا. شمشيرالحيدري
(مهراڻ سوانح نمبر) ۾ ٻُڌائي ٿو ته:
”مسلمانن ۾ هن قسم جي (مسلم ڪُش) تحريڪ لاءِ نفرت
جو ردِعمل فطري هو. ان وقت جي فرقه واراڻي وايو
منڊل ۾ هندو مسلمان فساد‘ (جيڪي مسجد منزل گاهه جي
ڪري چوٽ چڙهيل هئا)، ’ڏاهري رنگ محل‘ ٻرندڙ باهه
تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ افسوسناڪ حد تائين مذهبي نفرت
۽ حقارت ۾ واڌارو ڪيو، جيڪو وري سنڌ مسلم ليگ وارن
جي ڪم آيو، جيڪي فسادن کي هٿي ڏيئي رهيا هئا.“
’ڏاهري رنگ محل‘ وڏو مَمَڻ مچايو ۽ انگريز سرڪار
فرقه واراڻه فسادن کي روڪڻ لاءِ اهو مُتنازع ڪتاب
ضبط ڪيو. شمشير الحيدري چواڻي: ”هندن جي مقابلي ۾
ڏيپلائي صاحب جي ديني خدمت کي مسلمانن ۾ گهڻي قدر
ساراهيو ويو ۽ ڦهلايو ويو.“ پاڪستان فورم طرفان
ورتل هڪ انٽرويو ۾ محمد عثمان ڏيپلائي پاڻ به مڃيو
ته: ”راجا ڏاهر جي متعلق هيءَ ڪتاب حد کان وڌيڪ
فحش هو.“ اها مڃتا يا confession سندس
بُلند ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي.
(2) گُلستان حُسن (1939ع)(ناول):
هن جي پهرين ايڊيشن تي ڪابه پابندي ڪانه لڳي
پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اسماعيلي جماعت طرفان
احتجاج ڪري بندش پئجي ويئي. هيءُ ناول، اسماعيلي
فرقي جي دل آزاريءَ جي الزام هيٺ آيو. ڇاڪاڻ ته
حَسن بن صَباح هنن وٽ وڏي مان، مرتبي بلڪه (Iconic
figure) (شان
واري علمي ۽ سياسي مُدبر شخصيت) سَمجهيو وڃي ٿو.
عُلماء ديوبند اُڻويهين صدي کان هڪ مخصوص شافعي ۽
حنبلي فقهه جا ڪاربند رهيا آهن. اُهي اِهلِ تَشيع
متعلق اِختلافي نُڪتهء نظر رکندا هئا ۽ آهن. دراصل
هيءُ ناول اردوءَ جي مشهور اديب ۽ عالم دين مولانا
عبدالحليم شَرر جي ناول ’فردوس برين‘ جو آزاد
ترجمو آهي. (هاڻ اِهو ناول انگريزي ترجمي سان گڏ
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ڪُجهه سال اڳ ڇپرايو
هو، پر خير اَلائي ڇو ڪنهن به احتجاج نه ڪيو، شايد
انگريزيءَ ۾ اهڙي آزاد بياني مُباح آهي!) هن ناول
۾ فِدائي تَحريڪ (Assassins) جي
باني حَسن بن صباح ڏانهن منسوبEarthly
Paradise يعني
زميني جَنت (ڌرتي تي ٺاهيل بِهشت) جو رنگين دلگداز
احوال ۽ منگول بادشاهه هلاڪو خان هٿان سندس
تباهيءَ جو عبرتناڪ ذِڪر آهي. بقول محمد علي
ڏيپلائي ته ناول جو پلاٽ ته فردوس برين تان ورتل
آهي، پر اُنهي ۾ ڏيپلائي صاحب طرفان ڪجهه اضافا پڻ
ڪيل هئا. ڏيپلائي جي پنهنجي چوڻ مطابق:
”جيئن ته مان پيرن جي خلاف هئس تنهن ڪري حَسن بن
صباح جي باري ۾ جيڪي ڪجهه غلط سَلط پڙهيو هئم
(جيڪو ندوة العلماء العلوم، لکنو وارن جو ئي ڇپايل
هو- مضمون نگار) تنهن جي بُنياد تي هيءُ ڪتاب
لکيم، جيڪو نهايت گندو ڪتاب هو.“ بقول ڏيپلائي
صاحب:
”مون کي اسماعيلي عالم هاشم لالو سمجهايو ته هيءُ
ڪتاب حقيقتن تي ٻَڌل ناهي ۽ ٻيو ته اهڙيون حرڪتون
ڪري مان انگريز سامراج کي ئي فائدو پهچائي رهيو
آهيان. مون ساڻس واعدو ڪيو ته آءٌ انهيءَ ڪتاب کي
ٻيهر شايع نه ڪندس پر مون کي اها ڳالهه ياد نه رهي
۽ مون اهو ڪتاب ٻيهر شايع ڪيو. بيگم جي. اي. الانا
(پيار علي الانا جي والده) جيڪا ان وقت سنڌ
اسيمبليءَ جي ميمبر هئي، تنهن هِن ڪتاب تي سخت
احتجاج ڪيو ۽ پابندي وجهرائي ڇڏي“. انگريزن کي
اهڙا متنازع ڪتاب وڻندا هئا، ڇاڪاڻ ته عيسائي مبلغ
ان وقت اها ئي ڳالهه ڪندا هئا.
(3) نُور توحيد (1941ع) (ناول):
ڊاڪٽر عبدالجبار ”نورِ توحيد“ واري جائزي (ڪتاب
محمد عثمان ڏيپلائي- مرتب تاج جويو 2003ع) ۾ اظهار
ڪيو آهي ته:
”ڏيپلائي هڪ نظرياتي اديب هو. هو شروع کان پنهنجن
نظرين سان سچو ۽ پابند هو، ڪڏهن به ڪنهن دٻاءَ ۾
اچي پنهنجي جاءِ تان نه هٽيو، نه جهڪيو. نه حڪومت
جي پاليسين تي هَليو. شروع ۾ وڏيرن وٽ خانگي
مُلازمت دوران اُنهن جي ذهنيت کان واقف ٿيو. اهڙي
طرح پيرن جي پرڪارن کان به واقف ٿيو. غير مسلمن جي
سوچ کان جيئن ئي خبردار ٿيو، تيئن انهن جي خلاف به
جهاد شروع ڪيائين“.
تقسيم کان اڳ ڏيپلائي اسلام پسند مصنف هو ۽ هن جون
لکڻيون سندس اسلامي جذبي جي عَڪاسي ڪَن ٿيون. اَنس
راڄپر به ’نور توحيد‘ کي اسلامي تاريخ جي موضوع تي
لکيل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ۽ شاهڪار ناول سڏي
ٿو. هن ناول ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني حضرت محمد ﷺ
جن جي ولادت باسعادت کان وٺي فتح مَڪي تائين جي
سموري تاريخ نهايت وڻندڙ ۽ دلپذير انداز ۾ بيان
ڪئي ويئي آهي. ڏيپلائي صاحب اسلام ۽ اسلام جي باني
جي بُنيادي ڪارنامن مان ٻن اَهم نُڪتن کي اهميت
سان بيان ڪيو آهي: هڪڙو ڪارنامو عرب جهالت جي دور
واري عورتن کي جيئري پُورڻ جي رَسم کي ختم ڪرڻ ۽
ٻيو اولياءَ پرستيءَ جو خاتمو. هن ناول جي تاريخ
اشاعت جي به عجيب و غريب آهي. هيءُ يڪمشت نه ڇپيو
پر هن جا مختلف حِصا هئا، جيڪي مختلف نالن سان
1941ع کان وٺي 1943ع تائين شايع ٿيندا رهيا،
آخرڪار 2001ع ۾ محمد علي ڏيپلائيءَ هنن کي
”سنڌيڪا“ کان ڇپرائي، هڪ بيش قيمت تاريخي ورثي کي
گمناميءَ کان بچائي ورتو آهي. جَس هُجيس.
ڏيپلائي صاحب ٿَر ۾ نِياڻين کي مارڻ جي ظالماڻي
رسم جي سماجي تناظر ۾ هيءُ ناول اهڙي ريت لکيل آهي
جو ان کي وڃي سيرت نبي پاڪ ﷺ سان گڏيو آهي ۽ وري
اُن لاءِ انتساب ۾ چوي ٿو ته: ”ارباب الهه جُڙئي
جي نيڪ ڪوشش سان ٿَر ۾ نياڻين کي مارڻ جي از حد
گندي رسم نابود ٿي ويئي آهي.“ ان موضوع تي ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي جا خيال به پڙهڻ وٽان آهن:
”ان ۾ عجب اِهو آهي ته هتي به عرب جي دؤر جاهليت
وانگر نياڻين کي جيئري دفن ڪرڻ جي ڪا رَسَم هئي!
ڪي مغرور ۽ مفاد پرست ماڻهو انفرادي طور ههڙو ڪُڌو
ڪم ڪندا رهيا ۽ هاڻ به ڪونه ٿا مُڙن! ٻي ڳالهه
شِرڪ ۽ قبر پرستيءَ جو بسترو گول ٿيڻ جي ڪئي اَٿس.
اهو به موحِدن جي ڪوشش سبب ڪٿي ٿيو هجي ته ممڪن
آهي. آءٌ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) ڏسان پيو، سو
هيءُ آهي ته قبر پرستيءَ کي سڀ مُفاد پَرست ٽولا
هٿي ڏيڻ ۾ اڳي کان اڳرا آهن ۽ توهم پرستي ۾ ورتل
خلق درگاهن تي اونڌي ڪَنڌَ پئي نوي.“ (اڄ ڪلهه اها
بدعت اڃا وڌيڪ زور آهي)
(4) سيرت الرسول ﷺ (1947ع):
حيات طيبه تي بلڪل الڳ به ڇپيل آهي جيڪو بقول محمد
علي ڏيپلائي، ڏيپلائي صاحب جي تحريرن جي هڪ ڪڙي
آهي. اهو سلسلو سنه 1941ع ۾ ’نور توحيد‘ جي اشاعت
سان شروع ٿيو. هِن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي حيات
طيبه جا واقعا، نبوت جي شروعات کان فتح مڪه تائين،
هڪ دلچسپ ناول جي صورت ۾ ڏنل آهي. سنه 1948ع جي
ڊسمبر ۾ ’سيرت مُحّمدي‘ شايع ٿيو، جنهن ۾ فتح مَڪه
کان پوءِ جا واقعا حضور ﷺ جي برقعي مٽائڻ تائين
ڏِنل آهن. اِنهي دوران وري ’سيرت الرسول ﷺ‘، مختصر
احوال ۽ آسان ٻوليءَ ۾ فيبروري سنه 1947ع ۾، ۽
ٻيون ڇاپو سنه 1950ع ۾ شايع ڪيو ويو. منهنجي
سامهون مهراڻ اڪيڊمي وارو آگسٽ 2008ع وارو ايڊيشن
موجود آهي جيڪو سڀني اڳين اَڻلڀ ڇاپن جي ڪمي پُوري
ڪندي، اهڙي قيمتي سيرت جي موضوع واري نسخي کي جديد
همعصر پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري ٿو. حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي واري ”سيرت النبي ﷺ“ کان علاوه ڪي ٿورڙا
سنڌيءَ ۾ ڪتاب سيرت پاڪ تي نظر اَچن ٿا. 72 صفحن
جو مختصر ۽ سليس زبان ۾ هيءُ ڪتاب اسان جي اسڪولي
۽ ڪاليجي شاگردن لاءِ نهايت اهم معلوماتي حوالو
آهي. ڪتاب جي آخري باب 16 جو فقط هيءُ ٽُڪڙو پڙهڻ
کان پوءِ اندازو ٿيندو ته اسان وٽ ڇاجي کوٽ آهي ۽
اسان هينئر مذهب کان لاتعلقي ۽ غلط تشريح سبب ڪٿي
بيٺل آهيون.
”سندن آخري هدايتون سڀني مسلمانن کي هي هيون: حلال
حرام جي نِبست مون ڏي بلڪل نه ڪئي وڃي. مُون اها
ئي شيءِ حلال ڪئي آهي، جيڪا الله تعاليٰ پنهنجي
ڪتاب ۾ حَلال ڪئي آهي ۽ اُهائي شيءِ حرام ڪئي آهي،
جيڪا الله تعاليٰ حرام ڪئي آهي... يَهودي ۽ نصارن
تي الله تعاليٰ جي لعنت هجي، جن پنهنجن نبين جي
قبرن کي بندگين ۽ نيازن ۽ سر جُهڪائڻ جون جايون
بڻائي ڇڏيو.“
(5) سيرت فاطمه رضي الله عنها (1949ع):
پاڻ سڳورن ﷺ جن جي پياري نياڻي، چوٿين خليفي ۽ پاڻ
سڳورن ﷺ جي سئوٽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي گهر
واري جي پاڪ سيرت جو مختصر ۽ جامع احوال آهي. ڪتاب
جو پهريون ايڊيشن 1949ع ۾ شايع ٿيو ۽ مون وٽ ان جو
ٻيون ڇاپو (آگسٽ 2008ع وارو) موجود آهي. ڪتاب ۾
ڪُل ڏهه باب آهن، جنهن ۾ باب اَٺون ڪرامتن بابت
ڏيپلائي صاحب جن ان وقت جي شافعي، حنبلي ۽ امام
تميّه واري مسلڪ سان مطابقت نه رکندي به سندن
خيالن ۾ ڪجهه مثبت تبديليءَ جا خوشگوار اشارا ڪري
ٿو. وڌيڪ فڪر ۽ سوچ پڙهندڙن لاءِ ڇڏيل آهي. هر
عظيم الشان ۽ عظيم المرتبت هستيءَ جي زندگيءَ ۾
اهڙا واقعا ضرور رونما ٿين ٿا ۽ بقول ڏيپلائي ته:
”هي ڪُجهه واقعا آهن، مگر سندن زندگي ڪرامت ئي
ڪرامت آهي!“
پهرين باب ”ولادت باسعادت“ جو هيءُ نهايت مضمون
دلپذير آهي:
”سندن ڄمڻ وقت مُلڪ ۾ اها حالت هئي جو ماڻهو سچي
خدا کي وساري اوليائن ۽ نبين ۽ فرشتن، سج، چَنڊ،
تارن ۽ ٻين شين جي بندگيءَ ۾ يا پوڄا ۾ اَهڙو مَحو
هئا، جو انهن جا بُت ٺاهي، مَسجدن ۽ گهرن ۾ رکندا
هئا، هر ڪو مقصد ۽ مراد انهن کان گهرندا هئا. هر
ڪو ڏک سک انهن جي هٿ ۾ سمجهندا هئا، يعني ڪابه
تڪليف رسندي هئن ته چوندا هئا: ’فلاڻن ناراض ٿي
تڪليف پهچائي آهي‘. ڪو فائدو پهچندو هُئن ته به
چوندا هئا: ’فلاڻن راضي ٿي فائدو ڏنو آهي‘. ان ڪري
هر ڪا خير خيرات به انهن جي نالي ڪندا هئا ۽ هرڪو
ڊپ ۽ اُميد اُنهن کان ڀائيندا هئا ۽ سمجهندا هئا
ته اُهي راضي هجن ته الله تعاليٰ جي راضي هجڻ جي
ڪا پرواهه ڪانهي. جن ولياڻين جي هو بندگي ڪندا يا
پُوڄيندا هئا، تن مان سڀ کان وڏي ”عزيٰ بيبي“ هئي،
جنهن جي نالي تي پُٽن جا نالا ”عبدالعزيٰ“ رکندا
هئا، يعني ”عزيٰ جو ٻانهو.“
محمد علي ڏيپلائي پنهنجي تعارفي مضمون ”واچوڙن ۾
لاٽ“، جيڪو هن ڪتاب کان سواءِ به ٻين گهڻن ڪتابن
جي نَون ايڊيشن ۾ آيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي هڪ تاريخي حوالي جو ذڪر ڪيوآهي، جنهن ۾ هو
(بلوچ صاحب) چوي ٿو:
”هندو ليکڪن جي جواب ۾ ڏيپلائيءَ جيڪي ڪتاب لکيا
تن اُن وقت سنڌي مسلمانن ۾ خود اعتمادي جي لهر
آندي!“
محمد علي ڏيپلائي ان اسلامي تاريخي ناولن جي بابت
لکي ٿو:
”ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن جو دور
ڏهاڪو سال هليو. ٻين لکڻين کان سواءِ ڏيپلائي صاحب
سو کن ناول، ڊراما ۽ ڪيترائي افسانا لکيا. تقريباً
سمورن ناولن جا ٽي ٽي چار چار ايڊيشن نڪتا. اهي
ڪتاب مسلمانن جي گهر گهر پهتا. پنهنجي عام فهم ۽
دلچسپ مواد ڪري انهن هر طبقي ۽ هر عمر جي مسلمانن
۾ نهايت مقبوليت ماڻي. مسلم عورتن ۾ انهن کي خاص
پذيرائي ملي. انهي دور کي بجا طور تي ڏيپلائي جو
دور چئي سگهجي ٿو.“
رشيد ڀٽي ٻڌائي ٿو ته ان وقت ڏيپلائي مرحوم سنڌي
پڙهندڙن لاءِ هڪ جُنون (Craze) هو.
سندس تاريخي ناول سنڌ جي مسجدن ۾ رات جي نماز بعد
باجماعت پڙهيا ويندا هئا. مسلم عورتن تي ڏيپلائي
صاحب جي ناولن جو اثر خاص طور تي پيو. ڊاڪٽر حميده
کهڙو ٻڌائي ٿي ته:
”اهي ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب هئا، جن اسان کي نه صرف
سنڌي سيکاري، بلڪه تاريخ پڻ پڙهائي ۽ اسلامي دنيا
جو نظارو ڏيکاريو. اڄ جو آءٌ تاريخ دان بڻي آهيان
سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن پڙهڻ جي ڪري.“
(6) ”خُلفاء راشدين“ (1947ع): اسلامي
ادب جي ترويج ۽ تبليغ دين جي سلسلي ۾ جڏهن پاڪستان
ٺهڻ وارو ئي هو، بلڪه ان جو اعلان جون 1947ع ۾ ٿي
چڪو هو. ان وقت ڏيپلائي صاحب جو هيءُ ڪتاب منظرعام
تي ”عبرت ڪتابي سلسلي/ اسلاميه دارالاشاعت/
حيدرآباد/ ميرپورخاص طرفان آيو.“ خلفاءِ راشدين
ڪتاب ۾ چئن يارن ۽ اولين خليفن رضي الله عنهم جا
ڪارناما مختصر پر جامع انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن.
آخر ۾ حضرت امام حَسن جي زندگيءَ جو احوال پڻ
شامل ڪيو اٿس. هر هڪ خليفي جي ڪارنامن جي بيان کان
پوءِ انهن جا قول پڻ بيان ڪيا اٿس. هن ڪتاب جو پيش
لفظ به هاڻ ان دور جي حالتن جي سچي ۽ صحيح ترجماني
ڪندي ڪجهه ”شاهوڪار“ نام نهاد اديبن جا هٿرادو ۽
جعلي ادبي ۽ علمي نقلي ڪارناما پڌرا ڪري ٿو. جن کي
وري پريسون آهن يا موڙيون آهن، سي ٿرڊ ڪلاس
خوشامدڙين کان ٿوري معاوضي تي ڪتاب لکائي پنهنجي
نالن تي پيا شايع ڪرائين! ان ڪري اسان جهڙن غريبن
کي ههڙا صحيح اسلامي تاريخي ڪتاب هلائڻ لاءِ ڏاڍي
مشڪلات ٿئي ٿي، جو نه موڙي، نه پِريس، نه همدرد!
سنڌي زبان ۾ جيئن ٻين گهڻن اسلامي علمي ڪتابن جي
اڻاٺ آهي، تيئن اسلامي تاريخ جا ڪتاب به گهڻا نٿا
لڀن ۽ خاص ڪري اهڙي تاريخ ته بلڪل ڪانهي، جيڪا
سليس زبان ۾ تاريخ اسلام جون حقيقتون بيان ڪري.
اها تمام ضروري شيءِ هجڻ ڪري عام ۽ ٿوري علم وار
مسلمان اِنهيءَ جا نهايت شائق هئا، نتيجو اهو ٿيو
جو صحيح تاريخ اسلامي جا ڪتاب لکندڙ ميدان ۾ نه
آيا ته ڪن اهڙن صاحبن جون تاريخون زور شور سان هلن
پيون، جن کي تاريخ لکڻ جي ڪابه خبر ڪانهي ۽ کين
اها به سمجهه ناهي ته جنهن جو ذڪر اسين لِکون ٿا،
اُن جي حيثيت ڇا آهي ۽ ٻي طرف اهڙن صاحبن جا قصا
به پيا پڙهجن، جيڪي نبين بابت زنا ڪارين جا الزام
۽ ٻيا يهودين وارا ڪوڙا قصا به لکي وڃي پار چڙهن
ٿا، پر کين خبر ڪانه ٿي پوينِ ته ڇا ٿا لکون؟
(اِهي مخرب اخلاق قصا اسرائيليات جي عنوان هيٺ:
”عهدنامه عقيق“ يعني Old
Testament ۾
عام جام ملن ٿا، وڌيڪ جستجو لاءِ Dictionary
of Bible (مختلف
ڇاپا) جو مطالع ڪيو يا ڊاڪٽر غلام جيلاني بَرق جو
ڪتاب ”معجم القرآن“ شيخ غلام علي اينڊ سنز پڙهو-
مضمون نگار)
(7) ”ارشاد الخُلفاءِ“ (1947ع): هيءُ
ڪتاب به مٿئين ڪتاب جو ڄڻ هڪ تَسلسل آهي ۽ عبرت
ڪتابي سلسلي جي تحت ساڳئي اداري طرفان 1947ع ۾
شايع ڪيو ويو هو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏيپلائي صاحب
لکي ٿو ته:
”حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته: اوهان تي
منهنجي ۽ منهنجي سِڌي واٽ تي هلندڙ خليفن جي پيروي
لازم آهي انهيءَ ارشاد موجب هر ڪنهن سچي مسلمان
کي خليفن سڳورن جي اقوال سان محبت رهي ٿي. مون هن
کان اڳ قرآن شريف جا احڪام ۽ حديث شريف جا احڪام
مختصر پيرايه ۾ شايع ڪيا آهن. هِن رسالي ۾ چئن
خليفن سڳورن جا ارشاد به مختصر طرح مسلمان ڀائرن
جي فائدي وٺڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو. ڌڻي تعاليٰ شل
اسان کي انهن جي پيروي جي توفيق بخشي. (آمين).“
انهن ارشادات کان سواءِ حضرت امام حَسن جا قول
به ڏنل آهن پر انهن تاريخي اقوال جا عربي ماخذ ڪٿي
به ڏنل نه آهن!، جنهن ڪري گمان لڳي ٿو ته هيءُ
ڪتاب اصل ۾ ڪنهن اردو ڪتاب جو ترجمو آهي. (ٿي سگهي
ٿو ته ائين نه به هجي
(8) قرآني خزانو (1946ع): اُنهي
دور ۾ آندو ويو ۽ اهو منهنجي خيال ۾ اُن وقت رواجي
پڙهيل لکيل مسلمانن لاءِ هڪ مُفيد رهبر ۽ guide ثابت
ٿيو هوندو، بلڪه هاڻ هن ڪتاب جي افاديت، حيثيت ۽
اهميت اڳي کان به وڌيڪ آهي. مُلا جي مذهبي تشريح obscurantist هڪ
هَٺي جي رَدَ لاءِ هن ڪتاب جو پڙهڻ ۽ پَروڙڻ
انتهائي لازمي آهي. اِسلام جي بنيادي سمجهه(comprehensive) پرک،
فَهم ۽ اِدراڪ لاءِ ههڙا اڪتاب ٻين ديني ۽ دُنيوي
ڪتابن سان گڏائي پڙهجن ته گهڻيون نفسياتيءَ ذهني
مشڪلون شايد آسان ٿي پونديون. مؤرخه 3- جولاءِ
1946ع تي لکيل پيش لفظ جي ابتدا ڏيپلائي صاحب
فارسي جي هڪ عدد بيت سان ڪري ٿو:
بيشڪ بدپشتي کي خَم در طاعت رحمان نشُد
کور چشمي که لذتِ گير اَز قرآن نَشُد
(شاعر چوي ٿو ته اها پُٺ ڀڳي چڱي، جا الله پاڪ جي
عبادت ۾ لڳي نٿي ۽ اها اک انڌي ڀلي جا قرآن مان
لطف نه وٺي!)
اسين مسلمان اڄ تباهه حال ان ڪري ٿي ويا آهيون، جو
اَسان الله پاڪ جو ڪَلام پاڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، جي
پڙهون ٿا ته به بنا سمجهه ٻوجهه جي بلڪل طوطي
وانگر، اسان تي اسان جو هادي، اسان جو رهبر
بارگاهه الٰهي ۾ فريادي آهي ته: ”خدايا! منهنجي
قوم هن قرآن پاڪ کي صفا ڇڏي ڏنو!“ (صفحه 30)-
ضرورت آهي ته مسلمان وري قرآني تعليم جو مطالعو
ڪن. انهيءَ جي لاجواب جواهرن مان مالا مال ٿين ۽
هن جي بي بَها خزاني مان بهره وَر ٿين.
هن لاجواب ڪتاب جا 3 حصا آهن، جي باالترتيب هي
آهن: حصو پهريون- قرآن شريف جي سڃاڻپ، جنهن هيٺ
قرآني عقيدا ڏنل آهن. حصو ٻيو آهي- قرآني چڱا ڪم ۽
حصو ٽيون آهي- قرآن ۾ ڄاڻايل بُرا ڪم، جيئن غرور ۽
تَڪبُر، بيحيائي، قتل ۽ چوري، رشوت ۽ وياج، شراب ۽
جوئا، حرام جانور، جوڳپڻ (رهبانيت) بُهتان، تُهمت،
۽ گلا، بُخل، دغابازي، ڪافرن سان دلي محبت ۽ بُري
چال. واقعي هيءُ ڪتاب، قرآني معلومات سان ٽمٽار هڪ
روحاني خزانو آهي.
آخر ۾ مان پنجن اسلامي تاريخي ناولن جو ذڪر ڪندس
جيڪي آهن: آخري اُميد، آفريقا جي شهزادي، نِيل
ڪنوار، دُخترِ اسلام ۽ چين جو چنڊ. اهي ناول
”طبعزاد“ هوندي به اُن وقت جي مروج اردو اسلامي
ناولن جي طرز ۽ تتبع تي لکيل آهن، جن ۾ سرفهرست
اثر مولانا عبدالحليم شرر جو آهي، جنهن جا لکيل
اسلامي تاريخي ناول پوءِ مولانا صادق صديق سرڌنوي
۽ نسيم حجازيءَ لاءِ به اردو ۾ مشعل راهه ثابت
ٿيا. سندس مشهور ناول آهي: ’فردوس پرين‘ (جنهن جو
ترجمو ’گلستان حُسن‘ جي نالي سان ڏيپلائي صاحب
ڪيو) ملڪ العزيز ورجنيا، فلورا فلورانڊا، حُسن ڪا
ڊاڪو، اِهڙا ته دلچسپ آهن جو هڪ دفعو کولڻ کان
پوءِ پڙهندڙ آخري صُفحي تائين پهچڻ تائين ڪتاب کي
بند ڪونه ڪري سگهندو.
(9) آخري اُميد (1940ع): هن جي
ديباچي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي 20- ڊسمبر 1939ع تي
ناول لکڻ جي غرض و غائيت بابت لکندي چوي ٿو ته:
”ڪنهن به قوم جي عروج ۽ ترقي لاءِ هي ضروري آهي ته
قوم جو ٻَچو ٻَچو پنهنجن بهادرن جي ڪارنامن ۽
پنهنجي گذريل تاريخي حالات کان واقف هجي. هيءَ هڪ
حقيقت آهي ته مسلمانن جهڙيون بهادريون اڄ تائين
ڪنهن به قوم دنيا اڳيان پيش نه ڪيون آهن. هو هڪ
الله جي ڀروسي تي، قليل تعداد ۾، غريبي حالت سان
طوفان وانگر اُٿيا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ قيصر و ڪسريٰ
جا تخت لرزائي ڇڏيائون. مگر افسوس جو اسان جا
ڪيترائي مسلمان ڀائر پنهنجن بهادرن جي ڪارنامن کان
اڻ واقف آهن. ٻين گهڻن سببن سان گڏ انهيءَ اڻ
واقفيءَ جو هڪ هيءُ سبب به آهي ته تاريخ هڪ خُشڪ
مضمون آهي۽ اها شوق ۽ چاهه سان نٿي پڙهي وڃي. تنهن
ڪري طبيعت شناس علم وارن تاريخي واقعا ناول جي
پيرايي ۾ اهڙي دلچسپ طريقي سان قوم اڳيان پيش ڪيا،
جو هو تاريخي ناول پڙهندي پڙهندي تاريخي واقعات
بلڪل چاهه سان پڙهندا وڃن ٿا. هيءُ طريقو يورپ ۽
آمريڪا ۾ ته اهڙو مقبول ٿيو آهي جو تاريخ ۽
اخلاقيات جي تعليم، قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ ڏني
وڃي ٿي. سنڌي زبان ۾ اسلامي تواريخي ناول بلڪل
ٿورا ڇپيل آهن، انهيءَ ڪري اسان پنهنجي وس آهر اهو
ڪم شروع ڪيو آهي، هن سلسلي ۾ ”سنگدل شهزادي“،
”گلستان حسن“ ڇپجي چڪا آهن ۽ هي ٽيون ناول ”آخري
اُميد“ ناظرين جي خدمت ۾ پيش آهي.“
ناول ۾ ڪهاڻي ۽ پلاٽ جي چوکٽ (framework) ۾
تمام گهڻي تبليغ ڪيل آهي، جيڪا ڪردارن کي اسلامي
مبلغن جي روپ ۾ پيش ڪري ناول کي Fiction مان Ethics (اخلاقياتي
تعليم) جو هڪ ذريعو بڻائي ٿي، جيڪو، ڪجهه عجيب لڳي
ٿو.
باب يارهون ”بي بها موتي“ ۽ باب ٻارهون
”اسلام جا بهترين اصول“ قرآني آيتن سان مُزّين آهن
۽ تخليقي ادب جي مروج اصولن پٽاندڙ ڪونه ٿا لڳن.
انهيءَ اَڻ ڌري خيال يا تنقيد کي ڪنهن اَدبي ڪسوٽي
تي پرکبو ته محسوس ٿيندو ته اهو ناول تبليغ ۽
تعليم جو واضح ۽ اعلانيل مقصد رکي ڪري، لکيو ويو
هو ۽ ان طرح اهو قصو نيم ناول ۽ نيم پند و نصيحت
جو کليل اظهار آهي.
(10) ناول آفريقا جي شهزدي (1941ع)(ناول): هن جو
پهريون ايڊيشن سن 1941ع ۾، ٻيو ايڊيشن 1945ع ۾، ۽
ٽيون ايڊيشن 1948ع ۾ آيو. منهنجي سامهون هن ناول
جو چوٿون ايڊيشن آهي جيڪو 2008ع ۾ آيو. ناول ۾
حضرت عثمان غني جي دور ۾ مصر کان الهندي طرف
ريگستان واري ٽُڪر کي فتح ڪرڻ جو احوال آهي. ڪل
ٻاويهه بابن تي مشتمل هيءُ ناول، ڪل 66 صفحن تي
مشتمل آهي، جيڪي هن کي ناوليٽ جي درجي تائين آڻين
ٿا. فقط 2/3 صُفحن تي لکيل بابن ۾ دلچسپ ڪهاڻي،
اسلامي تعليمات سان ڀرپور ۽ گڏ ناصحانه(didactic) انداز
۾ ڏنل آهي ۽ عيسائين ۽ مسلمانن جي جنگي معرڪن جو
احوال به ڏنل آهي، جنهن ۾ سوڀَ آخر ۾ حَقَ جي ٿَئي
ٿي. عبدالله بن عباس جي جنگ جي ميدان ۾ ڪيل تقرير
باب يارهين ۾ ضرور ان وقت به (ڏيپلائي صاحب جي دور
۾) عيسائين کي ڳري ۽ ڪَوڙي لڳي هوندي. هو چوي ٿو
ته:
”عيسائي خدا جا اُهي بندا آهن، جن کان خدا ناراض
آهي، اهو هن ڪري جو هنن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي
خُدا جو پُٽ سڏيو آهي ۽ مذهب کي هڪ مَسخري بنائي
ڇڏيو اٿن. مجاهدؤ! بهشت جا دروازا کُلي ويا آهن،
حورون ۽ مَلائڪ شهيدن جي استقبال لاءِ دروازن تي
اچي بيٺا آهن. خداوند عالم اوهان کي ڏسي رهيو آهي،
پنهنجي شير مَردي سان جنت الفردوس ۾ داخل ٿيڻ جو
حق پيدا ڪريو!“
اهڙي طرح جا مڪالما ان وقت جي اردو اسلامي ناولن ۾ stereotype ۽
عام جام استعمال ٿيندا هئا، بلڪه آغا حشر ڪاشميري
جي ڊرامن ۽ ٿيئٽر جي ڊائلاگن جي histrionics جي
ٻوليءَ ۾ اهوئي لهجو عمومي طور استعمال ٿيندو هو.
(اَڄڪلهه طالبان جي narrative ۽
ميڊيا جيdiscourse جو
رخ انهيءَ جذباتيت تي مبني آهي). ڏيپلائي صاحب جي
ٻولي به اُن وقت جي سياسي ۽ سماجي تناظر (perspective) ۾
ڏسڻ گهرجي. هن جي اردگرد هڪ اهڙو وايومنڊل(environment) هو،
جنهن ۾ مسلمان پنهنجو پاڻ کي هِيڻو ۽ ڪَمزور،
ڏتڙيل ۽ مظلوم ڏسي ۽ پَسي رهيا هئا. انهن جي منزل
جو تعين مسلم ليگ وارن اڳواٽ ڪري پاڪستان جو
ٺهراءُ 1940ع ۾ پاس ڪرائي ڇڏيو هو. هاڻ انهن وٽ
اَهڙي نظرياتي (motivational) ادب
جي کوٽ هئي، جنهن کي ڏيپلائي پورو ڪري رهيو هو.
پير علي محمد راشدي روزانه جنگ ڪراچي، 7- فيبروري
1982ع واري ”مشرق و مغرب“ ڪالم ۾ هن کي ”اسلام جو
سپاهي“ سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
”لازم هو ته جڏهن هيءَ دل جليو سپاهي ميدان ۾ آيو
ته ان کي سڀني کان اول انهن خباثتن سان نبرڻو هو،
جن سندن ڄاڻ مطابق سندس قوم جي زندگي زهر ڪري ڇڏي
هئي. سندس سامهون پنج خباثتون هيون: (1) انگريز
(2) (وياج خور) هندو (3) وڏيرو (4) پير ۽ (5)
خاڪم بدهن جناب مُلا. هڪ سندس قوم کي غلام بنائي
رکيو ۽ نوڪر شاهي کي آزاد ڇڏيو هو، ته اُها قوم جو
رت چوسيندي رهي. ٻيو سندس معيشت ۽ سياست کي تباهه
ڪرڻ بعد هاڻي ايتريقدر بيباڪ ٿي ويو هو، جو انهيءَ
تابِڪار پنهنجي لٽريچر ذريعي خود خدا ۽ هادي برحق
خلاف به محاذ قائم ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جو جيڪو
حال انهن جي هٿان ٿي رهيو هو، اها خاموشي سان سهڻ
جي چيز هئي، ٻڌائڻ جي ڳالهه نه هئي ۽ جيڪڏهن ڪو
گستاخ ئي ڳالهائيندو هو ته ان کي جيل ۾ وجهرايو
ويندو. ٽيون غريبن جي پيٽ ۾ پنهنجا چنبا وجهيو
ويٺو هو ۽ سندن تعليم، سياسي بيداري ۽ معاشي
خوشحاليءَ جا رستا روڪي چڪو هو. نمبر چوٿون ۽ نمبر
پنجون قوم جي بي علمي جو فائدو وٺندي، ان جي ذهن ۽
ايمان کي ڊانوان ڊول ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارگذارين ۾
مصروف هئا، جو جن جي بيان ڪرڻ جي هاڻي همت نه رهي
آهي، ڇاڪاڻ ته گناهن جي باهه ۾ سڙيل انهن ٻوٽن کي
ٻيهر سرسبز ڪرڻ لاءِ نئين سر بهار جي موسم جي آمد
جو غلغلو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. بهرحال انهيءَ باغي
سپاهي، اهڙين مصلحت جو ڪوبه خيال نه ڪيو. هو قلم
جو خنجر هٿ ۾ کڻي هڪ ئي وقت سڀني ڏانهن ڊوڙيو.“
ساڳئي موضوع تي محمد علي ڏيپلائي جو مضمون ”واچوڙن
۾ لاٽ“ (پيش لفظ مختلف ناول جا جيڪي ٻيهر مهراڻ
اڪيڊمي ڇپايا آهن) به روشني وجهي ٿو. بقول محمد
علي ڏيپلائي:
”انهي دور ۾ پنهنجي دلي اضطراب ۾ جذبي جو ذڪر ڪندي
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته: ’اٺ ورهيه اڳ
(يعني سنه 1938ع) جي ڳالهه آهي، ميرپورخاص جي ٽونر
آباد ۾ هڪ ننڍڙي ڪوارٽر ۾ سياري جي رات ۾ زمين تي
ٻه شخص ليٽيل آهن ۽ ديوانن وانگر گفتگو ڪري رهيا
آهن. ها هو چريا آهن ۽ اسلام جي ترقيءَ جا سودائي!
مسلمانن جي تنزل کان هنن جي دل ۾ آڳ ٻري رهي آهي ۽
هو چرين وانگر هٿوراڙيون ڏيئي ڪجهه ڳولهي رهيا آهن
ته گمشده ملڪيت هٿ اچي. هنن مان هڪڙو هو ڏيپلائي ۽
ٻيو فاتح لواري (مصنوعي حج) مولانا خير محمد
نظاماڻي. گفتگو جي گهڻن پهلوئن مان هن پهلو تي بحث
به هو ته ڪي اهڙا ننڍڙا اسلامي تاريخي ناول لکجن ۽
شايع ڪَجن جن جي وسيلي مسلم فرزند واهيات ناولن جي
پڙهڻ کان هٽي تفريح سان گڏ قومي عروج جا داستان
مطالعو ڪري پنهنجو توجهه هن طرف وارين.“
ان پس منظر ۾ ئي ڏيپلائي صاحب پنهنجي مقصد (mission) جو
آغاز ڪيو. هڪ دفعو وري ڏيپلائي صاحب جي واتان اِهو
ڪارنامو ٻڌو:
”تجويز ته يڪراءِ بحال ٿي، هڪ چريو (ڏيپلائي) لکڻ
لاءِ تيار ٿيو، مگر سرمايو ته ٻنهي وٽ خيرڪونه هو.
هڪڙو ڪلارڪي (وڏيري جي منشيگيري) مان پيٽ ڀريندڙ ۽
ٻيو سادي پريس سان اخبار رستي اسلامي انقلاب آڻڻ
جي ڪوشش ڪندڙ (مولانا خير محمد نظاماڻي) اهڙو
مسلمان ڪتب فروش به نه لڀي جو مسلسل اهڙا ڪتاب
شايع ڪري سگهي. آخر پاڻ لکندڙ، پاڻ ڇپائيندڙ ۽ پاڻ
وڪڻندڙ هڪڙي ديواني (ڏيپلائي) ٻٽي ديواني جي
هدايتن ۽ رهبري هيٺ سمورو بار پاڻ تي کنيو ۽ غريبي
پونجي آهر سه ماهي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ۽ سندس
پهريون ڪتاب ”سنگدل شهزادي“ ڇپجي تيار ٿيو.“
ڏيپلائي صاحب جو اهو اسلامي تاريخي ناول لکڻ وارو
دور تقريباً 10 سال کن هليو (1940ع) کان (1950ع).
ان کان پوءِ ملڪي حالتون بدلجي ويون ۽ اسلام پرستي
جي جاءِ تي قوم پرستي سندس موضوع سُخن ۽ قلم ٿي
ويا.
دُختر اسلام (1942ع): هن
۾ به اُنهي دور جي ڪاوش ۽ ڪڙي آهي. هن جا ٽي
ايڊيشن شايع ٿيا، مون وٽ هن جو چوٿون ايڊيشن آهي،
جيڪو آگسٽ 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي وارن وري شايع
ڪيو. باب پهريون ”اوچتو حملو“ هنن اکرن سان شروع
ٿئي ٿو:
”اسان جو ناول 13 هجريءَ کان شروع ٿئي ٿو، ان وقت
۾ شام جو شهنشاهه هرقل هو. هن بادشاهه وٽ حضور
انور ﷺ جن ايلچي موڪليو هو، جنهن کي هن قتل ڪرائي
ڇڏيو هو.“
ڪل ارڙهن (18) باب آهن جيڪي نهايت مختصر آهن ۽ سڄو
قصو مسلمان عربن جي شام جي عيسائين سان جنگ ۽ آخر
۾ فتح مبين تي اچي تمت باالخير ٿئي ٿو. ناول نگار
جي ”ذاتي راءِ“ (Commentary) به
ڏاڍي عجيب و دلچسپ ۽ جذباتي انداز ۾ ناول جي
هيٺيان صفحي تي باب اٺين ۾ ڏنل آهي جنهن کي پيش
ڪجي ٿو:
”هو اهي بهادر شينهڻيون هيون، جن جي شان ۾ ڪنهن
بدمعاش هڪ لفظ به خراب ٿي ڳالهايو ته هنن جو رت
ٽهڪي ويو ٿي ۽ اڄوڪا مرد به ڪي ٿورا اهڙي غيرت
ڏيکارين ٿا، پر انهيءَ جو وڏو سبب در حقيقت
اڄوڪيون مائون به آهن، سچ پچ ته ٻار جو پهريون
اُستاد ماءُ جي هنج آهي، اڳيون مسلمان عورتون
پينگهي ۾ به ٻچن کي اها لولي ڏينديون هيون ته
منهنجو لال وڏو ٿي شيطانن جا سِر لاهيندو، ۽
پنهنجي دين، پنهنجي عزت، پنهنجي قوم لاءِ شهادت
حاصل ڪرڻ فخر سمجهندو. اسلام جو شان وڌائي،
منهنجيون اکيون ٺاريندو ۽ اڄوڪين مائن جي لولي
اِها آهي ته منهنجو نازڪ بَدن وڏو ٿي امتحان پاس
ڪري ڪامورو بنبو، قلم جي ڦرڙاٽن سان رشوتون ڪمائي
گهر ۾ عيش ۽ راحت جا سامان گڏ ڪندو ۽ پنهنجي به
آخرت برباد ڪندو، اسان کي به دوزخ جو رستو
ڏيکاريندو. هنن جو ٻار رات جو گهر کان ٻاهر نڪرندو
ته پوليس ۽ جهرجهائو جا ڊپ ڏيئي گهر ۾ ويهاريندس،
جنن ڀوتن کان ڊيڄاريندس، پوءِ وڏو ٿيڻ تي اتفاق
سان ڪٿان جهنگ مان لنگهڻو پيس ته چؤطرف جن ۽ بتيون
پيون ڏسڻ ۾ ايندس.“
”چين جو چنڊ“ (1944ع): هن
ناول ۾ به ڏيپلائي صاحب جي اسلامي ناولن جي سلسلي
جي هڪ ڪڙي آهي. ناول جي شروع ۾ مصنف جو ”عرض حال“
به هڪ سخت ديني ۽ سياسي بيان آهي، جنهن ۾ ان وقت
جي مسلمانن جو حال زار اڳوڻن وقتن قرون اوليٰ (medieral
Age) جي
بهادر مسلمانن سان ڪيل آهي:
”هيءَ حقيقت آهي ته مسلمانن جهڙيون بهادريون اڄ
تائين ڪنهن به قوم دنيا اڳيان پيش نه ڪيون آهن. هر
هڪ الله جي ڀروسي تي قليل تعداد ۾، غريبي حالت سان
طوفان وانگر اٿيا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ قيصر و ڪسريٰ جا
تخت لرزائي ڇڏيائون. هنن جي فتوحات جو دائرو، هڪ
طرف وڃي بنگال تائين پهتو ته ٻئي طرف اسپين وٽ.
ڪنهن کي طاقت نٿي ٿئي، جو سندن سيلاب کي روڪي
سگهي. جي ڪنهن بدبخت کي کُٽي ٿي کنيو ۽ سندن
سامهون ٿي آيو ته هن سيلاب ۾ ڪکن ۽ ڪانن وانگر
لڙهي ويو ٿي. مگر افسوس جو اڄ اسين مسلمان بزدلي ۽
ڪاهلي جي ڪُن ۾ اهڙا ته غرق ٿي ويا آهيون جو ٻيون
فتحون ته ڇُٽيون، پر جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺ تي ڪي
ڌاڙيل يا شودا ٿا ڪاهه ڪري اَچن ته ساهه ئي سُڪيو
ٿو وڃي. حالانڪه اسان جو اهواسلامي اصول آهي ته:
ڈرتے نہیں دُنیا
میں مسلمان
کسی سے
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسان تي اِهو ذليل اثر
ڪانگريس جي اهنساء جي انديشن ئي وڌو آهي.
بدقسمتيءَ سان مسلمان ڪو وقت ڪانگريس جي فريبي ڄار
۾ ڦاٿل هئا ۽ جيئن علامه اقبال جي مثنوي ’اسرار
خودي‘ ۾ آهي ته ڪِن رڍن جڏهن ڏٺو ته اسين پاڻ ته
شينهن بڻجي نٿيون سگهون، ڇو نه شينهن کي ڦيرائي رڍ
بنايون. سو اهڙا ليڪچر ڏنائون جو هوگوشت ڇڏي گاهه
کائڻ لڳو ۽ انهيءَ تاثير کان ڄڻ پاڻ به رڍ بڻجي
ويو. تيئن مسلمان به قطع تعلقات واري زماني ۾
اهنساء جي برن اثرن کان اهڙا ته بزدل بنجي ويا جو
پوليس وارن بوٽن جو ٺوڪرون کائيندا هئا، ته به
’وندي ماترم‘ چوندا پيا سهندا هئا ۽ اهي برا اثر
مٿن ڏينهون ڏينهن اهڙو اثر ڄمائيندا ويا آهن جو
جنگ جي نالي کان ڇرڪندا وتن ٿا ۽ اهنساء جي عنايت
سان ڪتابن به اهڙن جي پڙهڻ ۾ محو ٿي ويا آهن، جن ۾
رڳو پريم جا پُور ۽ سُندرين جا سُور هجن! هنن
ڪانگريسي تباهه ڪن اثرات کي ڏسي مون اسلامي تاريخي
افسانن جو سلسلو شروع ڪيو. خدا جي فضل سان اُهو
نهايت ڪامياب ٿيو ۽ مسلمان آهستي آهستي افسانن مان
ڦِري پنهنجي شاندار اسلامي تاريخ ڏي به چاهه رکڻ
لڳا. هيءُ رسالو به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.“
هيءُ ناول، چيني ترڪستان (Central
Asia) جي
مشهور شهر سمرقند جي پس منظر ۾ تحريرڪيل آهي. اُن
وقت جي لاديني سمرقندين ۽ انهن جي قديم مذهبي رسم
رواج ته بيجان شين (Animism) ۾
جان آهي ۽ فطرت پرستي (Naturalism) جو
احوال ۽ ان جي اسلام طرف رجوع ٿيڻ جو احوال تيرهن
مختصر بابن ۾ سمويل آهي. باب اٺون ”عناصر پرستي“،
قرآني تبليغ جي لاءِ ڪتب آندل آهي ۽ ان ۾ چين جي
شهزادي ناول جي هيرو موسيٰ کان پڇي ٿو ته: ”مون کي
ٻڌايو ته اسلام جا ڪهڙا اصول آهن؟“ ان باب ۾
موسيٰ، چيني شهزادي هيروئن(Heroine) کي
ٻڌائي ٿو ته هڪ الله جي ئي بندگي ڪريو، اُن سان
ڪنهن کي ڀائيوار نه سمجهو. ان هڪ جي فضل ۾ اميد
رکڻ گهرجي، ان هِڪَ جي ڏَمر کان ڊڄڻ گهرجي، ٻئي
ڪنهن به قدرتي عنصر (هوا، باهه، پاڻي، سِج، چنڊ
وغيره) کي ٻئي ڪنهن به وڏي انسان يا ساهواري جي
بندگي ڪرڻ نه گهرجي، نه ڪي حقيقي نفعو يا نقصان
ڏيندڙ سمجهڻ گهرجي. عناصرن جي پوڄا پراڻن ڌَرمن ۾
مُروج هئي ۽ هاڻ به آهي. باب نائون ”انسان پرستي“
9 قرآني آيتن ۽ حوالن سان مُزّين آهي ۽ اُهو ناول
جي تاڃي پيٽي کان هَٽي سِڌو سنئون هڪ دَرسي ۽
تبليغي انداز اپنائي ٿو، جيڪو فڪشن کان الڳ براه
راست هڪ وڏي تقرير آهي. بهرحال ان وقت اِهڙيون
ناصحانه واعظ ڀريون ڳوڙهيون ڳالهيون اُردو ناولن ۾
ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ ناولن جا ڪردار دراصل مصنف
جي دل جي زبان ۽ ذهن جي ترجماني ڪندا نظر ايندا
هئا. اُها بظاهر هڪ ادبي سُقم يا اوڻائي ضرور هئي،
پر انهن ناولن کي ڏيپلائي صاحب ”رسالا“ چوي ٿو ۽
رسالا هميشه هڪ خاص موضوع يا منتخب مضمون جي پرچار
ڪرڻ لاءِ شايع ڪيا ويندا هئا. اُهوپرچارڪ ادب 19
بلڪه 18 صدي جي انگريزي ناولن ۾ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو،
جيئن John
Bunyanجي Allegory (تمثيل) Pilgrims
Progress (پانڌيئڙي
جو پَنڌ) جيڪو عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ لکيو ويو
هو.
”نِيل
ڪنوار“ (1941ع):
زير تبصره هنن ناولن جي سلسلي آخري ناول ”نيل
ڪنوار“ آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1941ع ۽ ٻيون
ڇاپو 1944ع ۽ ٽيون ڇاپو 1946ع ۾شايع ٿيو. ديباچو
تقريباً ”چين جو چنڊ“ وارو ئي ساڳيو ڏنل آهي،
ماسواءِ آخري پيراگراف جي جيڪو قدري مختلف آهي سو
هتي قارئين جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿو:
”شينهن هن جي دام ۾ اچي ويو ۽ آهستي آهستي اهنساء
جي اپنديش سبب گوشت ڇڏي گاهه ڀاڄي تي گذارڻ لڳو،
تان جو سندس قوت ۽ هيبت، تُندي ۽ تيزي، جلال ۽
جبروت بدلجي مسڪيني ۽ عاجزي، ڪمزوري ۽ ناتواني،
بزدلي ۽ پَست همتي ٿي ويا. سندس ڏَند مُڏا ٿي ويا
۽ چنبا بي زور ٿي ويا. سو مسلمان به پنهنجي تاريخ
کان اڻ واقف هجڻ سبب بزدليءَ جي ڪُن ۾ غرق ٿيندا
ٿا وَڃن. ان ڪري مون خُدا پاڪ تي ڀروسو رکي اسلامي
تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن غافل
مسلمانن جون دليون خوب بيدار ڪيون ۽ هو بزدليءَ جي
اَٿاهه ڪُن مان نِڪري پاڻ کي شينهن ۽ شينهن جو
اولاد سمجهڻ لڳا آهن.“
ناول جي theme يا
مرڪزي خيال اسلام ۽ عيسائيت جي سياسي ۽ مذهبي
ڪشمڪش آهي، جيڪي ان ابتدائي دور ۾ عُروج تي هئي،
ڇاڪاڻ ته هڪ نئين مذهب اسلام، عيسائيت ۽ يَهودي
تسلط کي چئلينج ڪيو هو ۽ اها ڇڪتاڻ ڄڻ اڃا تائين
به جاري آهي. انهيءَ وچ ۾ سوين سال صليبي جنگيون،
فلسطين مٿان لڳيون جيڪو ان وقت ۽ هاڻ به Holy
land (بيت
المقدس) آهي. هن ناول جي پکيڙ به وڏي آهي. ان ۾
ٽيهه باب آهن، بقول ڏيپلائي صاحب (ديباچو) ته هيءُ
ڪتاب پنهنجي مقبوليت سبب 1946ع ۾ ٽيون دفعو شايع
ٿي رهيوآهي ۽ تعليم کاتي جو ”منظور“ ڪيل آهي. ان
مان انگريزي راڄ جي ”غير جانبداري“ عيان و بيان
آهي يا اها ديسي مسلمان تعليم کاتي جي آفيسرن جي
همت و حوصلي سببان ڪتاب جي منظوري ڏسڻ ۾ آئي.
بهرحال 1946ع ۾ انگريزن هندستان کي ڇڏڻ ۽ ورهاڱي
جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري شايد، آخري وقت
ويندي ويندي ههڙا مذهبي ”رسالا“ ناولن جي شڪل و
شبيهه ۾ تعليم کاتي به بنا ڪنهن اعتراض جي منظور
ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.
مصر جي قبطي (Copt) عيسائين
شروع کان مسلمانن جي تبليغ جو جواب، تبليغ سان ڏنو
۽ خاص ڪري انهن تي رومن ڪئٿولڪ چرچ (Roman
Catholic Church) ۽
يوناني قديمي چرچ(Greek
Orthodoxy Church) جو
غلبو رهيوآهي، جيڪي هن ڪتاب جا ڪليدي موضوع آهن.
هاڻ به اَخوان المسلمين وارا مصري قبطي عيسائين تي
گهڻا ڏمريل آهن ۽ انهن جي عبادت گاهن تي حملا ڪندا
رهندا آهن. ”نيل ڪنوار“ 23 هجري جي ڳالهه آهي ۽ ان
وقت عيسائين ۾ هيءُ رواج هو ته جنهن سال نيل ندي ۾
پاڻي جي ڪوتاهي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، انهيءَ سال هڪ
13-14 ورهين جي ڪنواري ڇوڪريءَ کي هارسينگار ڪرائي
نيل درياء ۾ اڇلائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن جي
شادي نِيل ديوتا سان ڪرائي ويئي آهي. انهيءَ
ڇوڪريءَ خواهه هن جي مائٽن کي اولياء سمجهيو ويندو
هو. ڪتاب ۾ ڪافي تحقيقي حوالا به ڏنل آهن، جيڪي ان
وقت جي عيسائي مبلغن جي رَد ۾ مسلمان داعي ڏيندا
هئا ۽ هو باقاعده تحقيق ڪري پوءِ بحث مباحثو ڪندا
هئا. اردو جا وڏا عالم اديب- شبلي نعماني، سيد
سليمان ندوي، علامه نياز فتح پوري، عبدالماجد دريا
آبادي، مولانا ابو الڪلام آزاد، علامه اقبال ۽ خود
اَحمدي جماعت جو امير غلام احمد پنهنجن علمي ڪتابن
۾ بائبل، توريت ۽ زبور تمام گهڻي معلومات ڏيندا
هئا ۽ ايم.اسلم، رئيس احمد جعفري ۽ بعد ۾ نسيم
حجازيءَ جا ناول اَهڙي مذهبي ۽ تهذيبي حوالن سان
ڀريل هوندا هئا.
ڏيپلائيءَ جا هي ناول ان دور جا سچا پچا آئينا ۽
ترجمان (Chronicles) (تاريخي
ريڪارڊ) آهن. مثال طور هيٺ حاشيه ۾ ڏيپلائي صاحب
صفحه 22 تي ٻڌائي ٿو ته:
”دير مسيح، اسڪندريه (Alexandria) جي
ڀرسان شاهي دير (دَيول، پورچيگيز لفظ) هو، جنهن ۾
نيل ديوتا جا مجاور پادري رهندا هئا ۽ سندن سردار
راعيل هو. اِها گادي پشت به پشت هلندڙ هئي ۽ سردار
کي بادشاهه واري پوزيشن حاصل هئي، جو ديول جو مالڪ
هو ته شاهي محلات ۾ به بادشاهه ٿي رهندو هو. شهر
جو نالو ديول سبب دير مسيح پئجي ويو هو. هن ناول ۾
اُميه بن حاتم طائي جي ڪردار ۾ اسلامي تعليمات جي
خوب تبليغ ڪيل آهي. دانيال (هڪ عيسائي) پنهنجي
محسن اُميه جون وصفون بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته هو
(اُميه بن طائي) هر ڪنهن ڳالهه ۾ سندن قرآن يا
رسول الله ﷺ جن جي قول جو حوالو ڏيندو آهي. هن
ٻڌايو ته اسان جي رسول ﷺ جن وٽان هڪ يهودي جو
جنازو اچي لنگهيو، پاڻ هن جي تعظيم لاءِ اٿي بيٺا
ته ماڻهن چيو: سائين هي يهودي هو. پاڻ فرمايائون
ته: ’هِن ۾ روح نه آهي ڇا؟ قرآن شريف ۾ غير مسلمن
جي باري ۾ هدايتون آهن ته جيڪي شخص اوهان سان دين
جي ڪري جنگ نه ڪن ۽ تڪليف نه ڏين، تن سان دوستي ۽
محبت رکڻ ۽ ساڻس ڀلائي ڪرڻ ۾ الله اوهان کي منع
نٿو ڪري.‘ اسين ڏسندا آهيون ته هن (اُميه) جي دل ۾
ڪنهن به غير مسلم لاءِ ذرو به وير ڪونهي. امير
طائي هميشه چوندو آهي ته دين جي باري ۾ ڪا زبردستي
آهي ئي ڪانه. سنئون رستو گمراهيءَ کان ڌار صاف ئي
صاف پيو آهي. جنهن جي مرضي پوي سو ايمان آڻي، مرضي
پويس انڪار ڪري.“
اهڙا ايماني تجلّين سان جَرڪندڙ ڪردار ڏيپلائيءَ
جي اسلامي ناولن ۾ اوهان کي ملندا ۽ انهن جو تاثير
دور رس هو. محمد علي ڏيپلائي ساڳئي مضمون (واچوڙن
۾ لاٽ) ۾ ان جو احاطو ڪندي چوي ٿو ته:
”مجموعي طور تي ڏيپلائي جي لکڻين سنڌي مسلمانن جي
ذهن تي بي انتها اثر وڌو ۽ سندس تحريرن جو منطقي
نتيجو پاڪستان تحريڪ جي حمايت ۾ ظاهر ٿيو. ننڍي
کنڊ ۾ سنڌ پهريون صوبو هو، جنهن آڪٽوبر 1938ع ۾
ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل شاندار آل انڊيا مسلم ليگ
ڪنوينشن ۾ ملڪ جي ورهاڱي جو ٺهراءُ پاس ڪيو. اهو
آهي ڪارنامو ڏيپلائي صاحب جي ڪلاسڪ ادب جو، جنهن
بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. شايد اسان کي اُها
وعدو ڪيل سرزمين نه ملي، جنهن جو وعدو اسان اٻوجهن
سان ڪيو ويو هو.“
هڪ مضمون- ”منهنجو رهبر“ ۾ مولانا دين محمد
وفائيءَ جو ذڪر ڪندي، م.ع ڏيپلائي صاحب ٻڌائي ٿو
ته:
”هڪ دفعي هنن مون کي چيو ته: ’اڙي لِلُو تو کي خبر
ته ڪانهي، پر انگريز تو سان محبت رکن ٿا، ڇو ته تو
هندن جي خلاف ڪافي ڪتاب لکيا آهن، اِهو گويا سندن
ئي ڪم پيو ڪرين. ان ڪري هو تو کي هرگز ضايع نه
ڪندا.‘ مون ان کان پوءِ هندن خلاف ڪوبه ڪتاب ڪونه
لکيو.“
اهڙو سَچو ۽ بيباڪ انسان هو محمد عثمان ڏيپلائي،
جنهن جي شخصيت ۽ لکڻين سنڌي اديبن ۽ روشن خيال
دانشورن کي اُتساهيو، سندس ڪلاسيڪي ادب هڪ طوفاني
دور جي پيداوار آهي، جڏهن انگريزن جي عُروج کي
زوال پئي آيو ۽ ننڍي کنڊ ۾ هندو ۽ مسلمان پنهنجين
پنهنجين غلطين سبب هڪ هزار سالن کان پوءِ الڳ الڳ
واٽون وٺي رهيا هئا. مذهبي جنون ۽ جذبو بهرحال ان
وقت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي exploit ڪيو،
پر ڏيپلائي صاحب جي انهيءَ ورثي (Heritage) تي
اڃا وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي، جنهن جو هو متقاضي آهي.
اِهي ناول آريا سماجي شُڌي تحريڪ جي رد عمل ۾ لکيا
ويا، يا جماعت اسلامي جي اَثر هيٺ، يا ان وقت جي divide
and rule واري
ماحول تحت يا اڃا به بقول غالب تحت لکيا ويا.
آزاد قاضي
م.ع
ڏيپلائي ۽ سائين جي.ايم.سيد: تعلقات
۽ اثرات
سائين جي.ايم.سيد، ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب ۾
ڏيپلائي صاحب جو ذڪر عالمن ۽ اديبن واري حصي ۾ ڪيو
آهي. ان ڪلاسيڪي نوعيت واري ڪتاب ۾ ذڪر اچڻ جو
مطلب اهو آهي، ته سيد صاحب جي لڳ لاڳاپي ۽ تعلق
وارا اهي بزرگ، سياستدان، سماجي ورڪر، عالم اديب ۽
دوست جن سان پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريائون.
سندن اهڙن عالم اديب ساٿين (جن جو ڪتاب ۾ ذڪر آيل
آهي) جو تعداد سترنهن آهي. انهن ڳاڻ ڳڻين هم سفر
ساٿين ۾ هڪڙو نالو سنڌي ادب جي مرد مجاهد ”محمد
عثمان ڏيپلائي“ جو به آهي.
ڏيپلائي صاحب واري مضمون ۾ ڪٿي به سائين
جي.ايم.سيد ڏيپلائي صاحب جي حوالي سان ’مون سان
تعلقات‘، ’مون سان واقفيت‘ جهڙو عنوان نه ڏنو آهي،
ان مان ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته، سيد صاحب
سان ڏيپلائي صاحب جا روايتي انداز وارا تعلقات
ڪونه هئا، نه وري ڏيپلائي صاحب سياسي ميدان جو
شهسوار هو، نه وري ڪو سيد صاحب جو پاڙيسري، جو ان
سان شروع ٿيل تعلقات بابت ڪنهن دور جو تعين ڪري.
ڏيپلائي صاحب جو پنهنجو هڪ مڪتبه فڪر هو، سوچڻ،
ويچارڻ ۽ عمل ڪرڻ جو پنهنجو هڪ منفرد انداز هو،
لکڻ سندس ننڍپڻ جو شوق هو ۽ صحافت سندس محبت جو
عملي اظهار، جنهن لاءِ هُن مقابلي جي ميدان ۾ قلم
کان هٿيار جو ڪم ورتو. ڏيپلائي صاحب نه رڳو پاڻ
قلمي جهاد ڪيو، پر اهڙي نوعيت جو جھاد ڪندڙن سان
به پاڻ وڌي چڙهي تعاون ڪيائين.
مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ جڏهن سائين جي.ايم.سيد سان
سندس تعلقات بابت غور ويچار ڪجي ٿو، تڏهن هنن ٻنهي
هم سفر ساٿين جي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪيتريون ئي هڪ
جهڙايون نظر اچن ٿيون ۽ اها ئي هم آهنگي هئي، جنهن
کين هڪ ٻئي جي ويجھو آندو. اهڙن تعلقاتن جو اثر
اهو ٿيو ته ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي معاملن ۾ سيد
صاحب جي فڪر جو دفائي سپاهي ٿي بيٺو ۽ سيد صاحب جي
انهن صحبتن ۾ شامل ٿي ويو، جن جي سيد صاحب، ’جنب
گذاريم جن سين‘ جي مواد تيار ڪرڻ وقت چونڊ ڪئي.
مٿي ذڪر ڪيل صورتحال جي روشنيءَ ۾ سائين
جي.ايم.سيد ۽ ڏيپلائي صاحب جي طبعي لاڙن، عملي
مشغولين جي هڪ جهڙائي جو مطالعو ڪندي، عملي
ڪارڪردگي ۽ اثرات جو جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي
ٿي.
ٻنهي بزرگن جي ابتدائي زندگي مذهبي معاملن ۾
دلچسپيءَ وٺڻ واري هئي. ٻئي بزرگ پنهنجي پنهنجي
مقصد سان سچا ۽ محنتي هئا. سڄي زندگي ٻنهي بزرگن
جي جدوجھد جو هٿيار قلم ۽ ڪاغذ رهيو.
ٻنهي بزرگن عملي زندگيءَ ۾ جڏهن به، جتي به، اڳ
اختيار ڪيل رستو غلط محسوس ڪيو، تڏهن نه رڳو اڳ
واري اختيار ڪيل رستي کان منهن مٽي ويا، پر نئين
رستي ۾ آيل رڪاوٽن کي هٽائڻ واري مقصد سان، ٻيهر
نت نئين انداز سان قلمي جهاد ۾ پڻ جنبي ويا.
مٿي ذڪر ڪيل نُڪتن جي روشنيءَ ۾ سندن عملي جدوجھد
جو ڇيد هن طرح بيهي ٿو:
سائين جي.ايم.سيد عالم اديب هئڻ سان گڏ سياسي
ميدان جو شهسوار هو، سياست به اها جنهن ۾ سدائين
حزبِ اختلاف جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. ان حوالي سان
سيد صاحب ورهاڱي کان اڳ هندو سرمائيدار سيٺين جي
هڪ هٽي ٽوڙڻ، ۽ سنڌي مسلمانن کي عزت ڀري زندگي
گذارڻ لاءِ موقعا مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ، جيڪي ڪوششون
ڪيون ۽ ورهاڱي کان پوءِ ٿيل دوکي (1940ع واري
قرارداد تان ڦرڻ) کان پوءِ سنڌي ماڻهن جي جياپي
لاءِ جيڪي جتن ڪيا، اهي عالم آشڪار آهن. ان سفر
دوران سيد صاحب کي جتي به ڪو پنهنجو اڳ ڪيل ڪم غلط
محسوس ٿيو، اتي ان جي اصلاح لاءِ نئين طرح عملي ۽
علمي جدوجهد شروع ڪيائين.
اهڙي طرح ڏيپلائي صاحب عالم اديب هئڻ سان گڏ،
صحافت جي ميدان جو شهسوار هو. انڪري ورهاڱي کان اڳ
سنڌ جي مسلمانن کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ، صحافتي ميدان
۾ جيڪي شرارتون ٿينديون هيون، تن جو ڏيپلائي صاحب
پنهنجي قلمي قوت سان، مڙس ٿي مقابلو ڪيو. همٿ ۽
جذبو به پنهنجي جاءِ تي، پر قدرت سندس قلم ۾ اهڙي
ته رواني رکي هئي، جو بقول سائين جي.ايم.سيد،
”حقيقت ۾ لکڻ جي مشين آهي.خيال ايندي هڪ ناول لکي
ويندو آهي(1).“
اهڙي طرح سائين جي.ايم.سيد ۽ ڏيپلائي صاحب جي علمي
زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته ٻئي
بنيادي طور مطالعي جا شوقين، غور فڪر جا عادي ۽
تبديلي پسند هئا. جنهنڪري جديد علم جي مطالعي ۽
عملي زندگيءَ واري مشاهدي سبب ٻئي وقت به وقت
پنهنجي خيال ۽ عمل ۾ گهربل تبديلي آڻيندا رهيا ۽
جيئن ته ٻنهي کي پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو پڻ جنون هيو.
انڪري سندن ذهن ۾ جڏهن به ڪي نوان خيال آيا، تڏهن
پاڻ انهن جو پنهنجي مخصوص انداز ۾ اظهار ڪرڻ کان
ڪڏهن ڪو نه ڪيٻايائون، پنهنجي ڳالهه برملا چئي
ڇڏيائون.
ڏيپلائي صاحب جي ابتدائي زندگي
’مسلم اُمت‘ واري وسيح مذهبي تصور هيٺ رهي جنهن جو
دور، 1934ع کان 1948ع تائين شمار ڪري سگھجي ٿو. ان
ئي دور ۾ هو اسلامي جذبي سان سرشار ٿي، جماعت
اسلامي جو حامي ٿي ڪم ڪندو رهيو، ان ئي اثر هيٺ،
مسلمانن جي برتري ۽ انهن لاءِ جدا وطن واري تصور
لاءِ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪيترو ئي
مواد لکيائون جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو:
”جيڪي منهنجي ڪتابن کي شروع کان پڙهن ٿا، تن کي
معلوم هوندو ته منهنجي ڪتابن جي لکڻي سن 1947ع
تائين ٻي آهي ۽ سن 1949 کان ٻي!(2)“
تنهن بعد پاڪستان واري جدوجهد کان متاثر ٿي، ان جو
پرچارڪ ٿي مواد لکيائين. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ سان،
جا ويڌن ٿي، اها ڏسندي پڪو نيشنلسٽ ٿي ويو.
سائين جي.ايم.سيد پنهنجي اوائلي زندگيءَ بابت لکي
ٿو:
”آءٌ بنيادي طرح جذباتي هئڻ ڪري، گھڻي قدر مذهب جي
اثر هيٺ رهيو آهيان. ڪو وقت هو، جو نماز جو پابند
هوس. رمضان جا روزا رکڻ، راتيون جاڳي تهجد پڙهڻ،
چلا ڪڍڻ، وظيفا پڙهڻ، بزرگن جي مزارن جون زيارتون
ڪرڻ، درويشن جي صحبت ۾ گذارڻ، پيران طريقت کان ذڪر
وٺڻ، ختما ڏيارڻ، عرس، يارهيون ۽ اضحيون ڪرڻ،
ماڻهن کي زوريءَ نماز پڙهائڻ، مسجدون ٺهرائڻ،
مذهبي وعظ ڪرڻ، منهنجا خاص مشغلا هوندا هئا.
مذهب اسلام جي عام روايتي عقيدن ۾ ويساهه ويٺل
هوم، جنهن ڪري شرعيت اسلام مطابق زندگي گذارڻ ۾
راهه نجات سمجھندو هوس(3).“
سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل بنياد پرستيءَ واري دور بيان
ڪرڻ کان پوءِ آيل تبديليءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”ڪجھ وقت کان پوءِ مختلف مذهبن جي ماڻهن سان بحث
مباحثي ڪرڻ، جدا جدا مذهبي ڪتابن جي مطالعي ۽ غور
فڪر ڪرڻ.... سر سيد احمد خان جي مذهبي نظرين، ٻين
مذهبن جي عقائد جي معلومات، تاريخ ۽ فلسفي جي
مطالعي، مٽيريلزم (مادي پرست) جي نظريي جي واقفيت
۽ مجازي عشق جي مرحلن بعد منهنجي عقيدن ۽ معلومات
۾ گھڻو ڦيرو آيو آهي(4).“
ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۾ تبديلي، آڻيندڙ ساٿي، جن
کيس مذهبي مبلغ کان بدلائي ترقي پسند، روشن خيال
انقلابي ورڪر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اهي هئا سندس
ساٿي- سائين جي.ايم.سيد ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب،
جن جي صحبت سبب ڏيپلائي صاحب ۾ آيل بنيادي
تبديليءَ طرف اشارو ڪندي هڪ ڀيري ڏيپلائي صاحب جي
هڪ عزيز مزاحيه انداز ۾ چيو: ”جڏهن ڏيپلائي صاحب
حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن ڪجهه سالن ۾ کيس ٻه بيماريون
لڳيون.“
سندس ان جملي تي، مون تجسس مان کيس ڏٺو، تڏهن
چيائين:
”اهي ٻه بيماريون هُيون، هڪڙو جي.ايم.سيد، ٻيو
محمد ابراهيم جويو، جن کيس موراڳو تبديل ڪري
ڇڏيو.“
عزيز محترم جا اهي جملا ٻڌڻ کان پوءِ، مون کيس
اطمينان سان چيو هو:
”سائين اهي ٻه نه، پر هڪ بيماري سمجھو، جنهن
ڏيپلائيءَ کي بنياد پرستيءَ مان مٽائي، قومپرستيءَ
۽ انسان پرستيءَ واري ارتقائي عمل ۾ وڏو ڪردار ادا
ڪيو“.
هيءُ اهو دور هو، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب مطالعي جي
زور تي، اڳوڻن فرسوده ڳالهين کان پاڻ آجو ڪرائي
چڪو هو. اهڙي تبديليءَ سبب، هن پاڻ لاءِ نئون رستو
اختيار ڪيو، جيڪو مذهبي تصور بجاءِ، هاڻ علمِ
انسانيت واري وسيع ڪينواس ۾ پکڙجي چڪو هو.
پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيت کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
ڏيپلائي صاحب شروعاتي زندگيءَ ۾ اسلاميه
دارالاشاعت قائم ڪيو، جنهن تحت ’تاريخ بهادران
اسلام‘ ’ڪنيز اسلام‘، ’سندري‘، ’شوڪت اسلام‘،
’وهابين جو بابو‘، ’مسلمان عورت‘،’فتوحات اسلام‘
جهڙا ڪتاب شايع ڪندو پئي رهيو. سندس اهو دور
38-1948ع تائين هليو. ان کان پوءِ هو جيئن نون
نظرين سان روشناس ٿيو تيئن، اڳئين عمل کي ترڪ ڪري،
نئون عالمِ انسانيت وارو رستو اختيار ڪيائين. اهڙي
ريت حيدرآباد ۾ اداره انسانيت قائم ڪيائين.
مٿي ذڪر ڪيل، انسان جو ذهن جنجھوڙي، سجاڳي آڻيندڙ
مواد واري اشاعتي سلسلي ۾ سائين جي. ايم. سيد جو
ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ڇهين نمبر تي هو، جيڪو 1953ع ۾
شايع ٿيو. ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب ان دور کي نظر ۾
رکندي اداري پاران انسان دوستن ڏانهن عنوان هيٺ
اهڙا ته زبردست جملا لکيا، جو انهن ۾، سيد جي
عاليشان ڪردار بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن جي سورن جي ڀرپور وڪالت پڻ ڪري ويو، لکي ٿو:
”ڪتاب جي باري ۾ جيتوڻيڪ فخر سنڌ جناب جي.ايم.سيد
جو نالو ئي ڪافي آهي، پر هي ٻڌائڻ به لطف کان خالي
نه رهندو ته جناب سيد صاحب- پنهنجي عمر جا اهي چار
سال هن ڪتاب ۾ خرچ ڪيا. ۽ سجايا خرچ ڪيا آهن، جي
سنڌ سان ظلم ڪندڙن کيس مجبور ۽ مقيد ڪري، گوشه
نشينيءَ ۾ گذارايا، ۽ ميهار واري درياء جي ڪناري
تي بيهي اکين ۾ آب آڻي زبان سان حال پئي آلاپيائين
ته:
’ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سنڌڙي، ٻيلي منهن جي ٻانهن،
درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!‘
مگر اهي آهون، ۽ آلاپ، اهي سوز ۽ سراپ وڌي دونهن ۽
شعلن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا، هنن ڪارن ڪڪرن ڀريل
آسمان واريءَ رات ۾ ”پرهه ڦٽي“ جي ترورن جو ڪم
ڏنو، ۽ هن ڏٺو ته درياء جي اڀرندي کان، ڀلاريءَ ڀٽ
وٽان، ڪنهن سنڌ جي سڪار چاهيندڙ جو نوراني چهرو،
کيس پيغام ڏيئي رهيو آهي ته تنهنجي سنڌڙي نڪي ٻڏي
آهي، نڪي مئي آهي، تون هن کي سهڻيءَ سان تشبيهه
ڏيڻ بدران انهيءَ پنهونءَ سان تشبيهه ڏي، جنهن کي
ظالم ڀائر، غافل ڏسي مجبور ڪري کڻي ٿا وڃن، تون
ويسلو ويهي لڙڪ نه لاڙ، پنهنجي دانهن جي داد کي
قيامت تي ملتوي نه ڪر پر:
ويہُ مَ منڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وس،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏيندءِ ڏس،
پنهون اٿي پس، سر ڀر هلي سسئي!
انهيءَ الهامي آواز تي هو اٿي منزل ڏي وڃڻ لاءِ
تيار ٿئي ٿو، ته اڳيان ڏسڻ ۾ اچيس ٿو ته:
ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گھڻي، جت واٽن تي واري،
آڏا لڪ لطيف چئي، بر سجھن باري!“
مگر سندس عزم ڪامل جواب ڏئيس ٿو ته:
جبل ماري جک، جو آڏو عجيبن کي،
توڻي لڪن لڪ، سڀ لنگهنديس سڪ سين!
۽ هو انهن مشڪلاتن کي للڪاري چوي ٿو ته:
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين!
انهيءَ ئي عزم ڪامل جو ”پيغام“
هن ’ڪاغذي ڪانگ‘ هٿان ”سنڌ جي سورمن“ کي پيش ڪجي
ٿو، جو پاڻ پروڙي ٻين کي پهچائڻ گھرجين!(5)“
ڏيپلائي صاحب ان اداري پاران ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽
ڌرتي‘، ’هاريءَ جي سجاڳي‘، ’راحت ڀري زندگي‘ ۽
’انسان جي تاريخ‘ جهڙا ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچايا.
اهڙي آيل نئين تبديلي سبب قائم ڪيل نئين اداري جو
ذڪر ڪندي، پاڻ لکي ٿو:
”اڄ انسانيت جن پريشانين ۽ تڪليفن مان لنگھي رهي
آهي، سا ڪنهن کان به ڳجھي ڪانهي، سڀ کان وڌيڪ دک
ڀري ڳالهه اها آهي ته انهن پريشانين ۽ تڪليفن جو
ڪارڻ به انسان پاڻ ئي آهن ۽ فقط اڻ ڄاڻائيءَ سبب
ئي هو پاڻ تي تڪليفون ۽ پريشانيون آڻي رهيا آهن.
دنيا جي دانشورن انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪري اهڙا
ڪتاب لکيا آهن، جن جي پڙهڻ، دل سان هنڊائڻ ۽ عمل
ڪرڻ سان انسان ذات جا ڏک ۽ تڪليفون لهي، سندن
دليون خوشيءَ ۽ مسرت سان ڀرپور ٿي وڃن ٿيون. سنڌي
زبان ۾ اهڙا ڪتاب ڪي ٿورا ڇپيا هئا، ان ڪري
’اداره انسانيت‘ جوسلسلو شروع ڪيو آهي (6).“
ڏيپلائي صاحب سائين جي.ايم.سيد جو هيءُ ڪتاب شايع
ڪري نه رڳو عالمِ انسانيت بابت پيغام کي وسيح ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي پر ان دور ۾ جڏهن سنڌ جي جداگانه
حيثيت جو ذڪر ڪرڻ گناهه تصور ڪيو ويندو هو ۽ سائين
جي. ايم. سيد مختلف حوالن سان سنڌ جو ور ور ڪري
ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي رهيو. تڏهن ڏيپلائي صاحب
ان حوالي سان سائين جي.ايم.سيد جو مددگار ٿيندي.“
پيغام لطيف، ڪتاب جي ڊسٽ ڪور تي جيڪو اشتهار ڏنو،
اهو اڄ تائين سنڌ سان محبت ڪرڻ لاءِ هر نوجوان جي
دل ۾ جذبو جاڳائيندو رهي ٿو. ان اشتهار ۾ ڏيپلائي
صاحب لکيو:
”سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
اها دعا اها تمنا هئي ڀٽائي گھوٽ جي!
اهوئي مقصد، هجڻ گھرجي هر سنڌيءَ جو!
انهيءَ ئي مقصد حاصل ٿيڻ جو رستو، ڏسيل آهي پيغام
لطيف ۾!
جنهن جي تشريح ڪئي آهي، سنڌ جي موجودهه شاهه جي.
ايم. سيد!
شاهه جو پيغام، شاهه جي قلم سان. هر اهو شخص پوري
غور سان پڙهي، جو چاهي ٿو ته
سنڌ تي هميشه سڪار رهي.“
ڀٽائيءَ جي چواڻي: ”رچي جي ريٽا ٿيا، تن لهي نه
لالي“. جي مصداق جڏهن ڏيپلائي صاحب سيد جي صحبت ۾
آيو ته لکڻ جي معاملي ۾ ڪيترن ئي حوالن سان، سيد
وارو انداز اختيار ڪري ورتائين. ان حوالي سان ٻنهي
جو مطالعو ڪرڻ سان، اها ڳالهه نمايان نظر اچي ٿي،
ته ٻنهي جي ويجھي ٿيڻ جو مرڪزي نُڪتو، وطن سان
محبت، ۽ سنڌ جي سورن جو داستان بيان ڪرڻ هو. ون
يونٽ جهڙو قهري ڪوٽ جڙي چڪو هو. انڪري قلمڪارن
ڪمال دانائيءَ سان، سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ
اهڃاڻي طريقو اختيار ڪيو. مثال طور: سائين
جي.ايم.سيد بظاهر ’سنڌ جي بمبئي کان آزادي‘ ڪتاب
لکيو، سڄو قصو سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ٿيڻ لاءِ
جدوجھد جو هو، پر ان ۾ سندس اصل مقصد انهن حالتن
جي، ون يونٽ واري دور سان ڀيٽا ڪري، ون يونٽ خلاف
ماحول هموار ڪرڻ هو. ڪتاب جي آخر ۾ اهڙي ڪوشش ڪندي
نظر اچي ٿو. جيئن ان ڪتاب ۾ سنڌ جي بمبئي سان گڏيل
هئڻ وارين حالتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”ون يونٽ جي دور ۾ به سنڌ ۾ تقريباً اهڙيون ئي
حالتون آهن، البت ان دور ۽ هن دور جي آفيسرن ۾ اهو
فرق هو ته انگريز آفيسر اڪثر رشوت خور نه هئا، هن
دور جي آفيسرن جي اڪثريت رشوت خور، پارٽي سازي جي
شڪار آهي(7).“
نه رڳو ايترو پر ”جيئن ڏٺو آهه مون“ جهڙو مذهبي
حوالي سان اختلافي مواد پيش ڪرڻ پٺيان پڻ سيد جو،
اهوئي مقصد هو ته ون يونٽ دوران ملا جي سهڪار سان
مذهب جي آڙ ۾ سنڌ مٿان ٿيندڙ ظلمن واري داستان کي
وائکو ڪيو وڃي. ڏيپلائي صاحب پڻ ساڳي انداز ۾ ڪم
ڪيو پئي. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”جپاني گُڏي هجي“
يا ”1857ع جي جنگ آزاد“، جهڙا ڪيترائي ڪتاب مثال
طور پيش ڪري سگهجن ٿا. ڏيپلائي صاحب به پنهنجي
ڪتابن ۾ جيڪا به ڳالهه ڪئي، ان جي پٺيان سندس مقصد
قوم کي ون يونٽ واري گهٽ ٻوسٽ مان نڪرڻ لاءِ بيدار
ڪرڻ هو. اهڙو ذڪر پاڻ به ’سانگهڙ‘ ناول لکڻ وارو
پس منظر ۾ ڪيو اٿس.
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته ڏيپلائي صاحب مختلف وقتن تي
سيد صاحب جي فڪر جو دفاعي سپاهي ٿي بيٺو، ان ڳالهه
جو هونئن ته وڏو تفصيل آهي، ڇاڪاڻ ته ڏيپلائي صاحب
پنهنجي مختلف پرچن ۾ سائين جي.ايم.سيد جو مواد يا
سندس شخصيت ۽ ڪردار بابت پنهنجي خيالن جا اظهار
وقت بوقت ڪندو ئي رهندو هو. ان جي گهڻي تفصيل ۾
وڃڻ بجاءِ ڪجھ مکيه ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو:
· سائين
جي.ايم.سيد جو ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ پهريون
ڀيرو بشير احمد اينڊ سنس ڪراچيءَ وارن ٻن حصن ۾
شايع ڪيو هو، ان جو گڏيل ڇاپو 1952ع ۾ شايع ٿيو،
جيڪو ڏيپلائي صاحب اسلاميه پرنٽنگ پريس اسٽيشن روڊ
حيدرآباد مان شايع ڪيو هو. اهو ڪتاب 1930ع کان
1950ع تائين سنڌ جي سياست جو تفصيلي تجزيو پيش ڪري
ٿو، جنهن جي پڙهڻ سان سنڌ جي روشن مستقبل جا نوان
رستا کُلن ٿا، انڪري ڪتاب تي شايع ٿيڻ سان سرڪار
پاران بندش وڌي ويئي.
· حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سنڌ جو قومي شاعر ثابت
ڪرڻ ۽ ان جي ڪلام کي عوام جي فلاح ۽ بهبود واري
انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال
ڪرڻ واري ڪتاب ’پيغام لطيف‘ جو مٿي ذڪر اچي چڪو
آهي، اهو ڪتاب ڏيپلائي صاحب ادارهءانسانيت
طرفان اسلاميه پريس مان 1953ع ۾ شايع ڪيو.
· 1956ع
۾ سائين جي.ايم.سيد اسيمبليءَ اندر سنڌ جي مختلف
مسئلن تي آواز بلند ڪندو پئي رهيو هو. ان جي
ڳالهين کي وزن وٺائڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب
’ڏڪار‘ نالي هڪ ڊرامو لکيو جيڪو پهريون ڀيرو سندس
اخبار روزانه عبرت ۾ 4 ڊسمبر 1956ع تي شايع ٿيو،
بعد ۾ ان کي چوپڙيءَ جي شڪل ۾ شايع ڪري عام ڪيو
ويو. ڏيپلائي صاحب جو هيءُ ڊرامو بظاهر ٿر ۾ آيل
ڏڪار ۽ ان تي صحت کاتي جي انتظاميه واري منفي رويي
جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، پر سنڌ جي حقن جي
ترجماني ڪندي، ڏيپلائي صاحب ان جي پڄاڻي ۾ وزير ۽
سيڪريٽريءَ جي مغالمن دوران سائين جي. ايم. سيد جو
هن طرح سان ذڪر ڪيو آهي:
”وزير: (گهٻرائجي) ڇو ڀلا؟ آهي ته خير؟
سيڪريٽري: حضور! خير وري ڪهڙو آهي، هو جي.ايم.سيد
وري به وزارت ٽوڙڻ لاءِ سازش ڪري رهيو آهي.
وزير: (صحي ڪندي) ڀائي انهيءَ سيد مان ته اچي ڦاٿا
آهيون، وس پڄي ته جيڪر ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏيونس.
آواز: اوهان جو وس پڄي ته جيڪر سنڌ کي تري کائي
ڇڏيو، پر هاڻي سنڌ به سجاڳ آهي. جي.ايم.سيد ۽ سندس
ساٿين کي اها سجاڳي بخشي ڇڏي آهي، جو اها هاڻي
خاموش ڪري، وهڻ واري نه آهي. اهي ڏينهن هاڻي پري
ناهن، جو سنڌ عظيم پنجاب جي غلاميءَ کان آزاد ٿي،
وري به پاڪستان جي نقشي تي هڪ خود مختيار صوبي جي
حيثيت ۾ جلوه گر ٿيندي!(8)“
· 1957ع
۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو سوانح حيات نمبر شايع پئي
ٿيو. سائين جي. ايم. سيد سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد
وڌو ۽ 53-1952ع کان ان جي تعمير و ترقي ۽ مختلف
نوعيت وارن علمي ڪمن جي اشاعت واري حوالي سان وڏو
اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر پاڻ جيئن ته سرڪار مخالف
جدوجھد جو سرواڻ هو، ان ڪري شخصيات نمبر جهڙي اهم
۽ ضخيم پرچي ۾ سيد صاحب جي شخصيت بابت لکڻ کان
هرڪو لهرائي رهيو هو. آخرڪار اهو ڪم به ڏيپلائي
صاحب کي ڪرڻو پيو، جيئن ته اهو دور سخت ون يونٽ
وارو هو، انڪري سيد صاحب جو سياستدان يا عالم،
اديب واري حوالي سان ته ذڪر ڪو نه ڪيو ويو. البت
سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪارن جي سلسلي ۾ سيد صاحب
بابت مواد شامل ڪيو ويو. ان مضمون ۾ به ڏيپلائي
صاحب جا سائين جي. ايم. سيد بابت هيٺيان جملا با
معنيٰ آهن:
”سائينم سدائين ڪري، مٿي سنڌ سڪار“ جو سچو
شيدائي: ”نئينءَ سنڌ“ بنائڻ جو سودائي:
وطن جن وڃائيو، حيف تنين کي هوءِ، جو صحيح شارح:
پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ سان ٽڪر هڻندڙ ٻوليءَ کي
پهاڄ سمجھندڙ،
بيمارن جو آماجگاهه هوندي به حب وطن جي ميدان ۾
اڻٿڪ جهاد ڪندڙ:
”عظيم سنڌ“ جو عظيم معمار(9).“
· 1968ع
۾ سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“
شايع ٿيو، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ واويلا مچي وئي پر
ڏيپلائي صاحب سائين جي.ايم.سيد جي، ان ڪتاب جو
جهڙوڪر وڪيل ٿي بيٺو. ان سلسلي ۾ هُن 22 جون 1968ع
تي سائين جي.ايم.سيد کي ان ڪتاب جي باري ۾ لکيو:
”ڪتاب جي ڪاميابيءَ تي مبارڪ البت ايترو ضرور
چوندس ته هي ڪتاب، انهن جي ڏانوَ جو بلڪل ڪونهي جن
کي اڃا اها خبر به ڪانهي، ته اڳئين ٻاراڻي ڪتاب جي
اها تڪ ته، ”ري ٿنڀي آهه اڀ تو اپايو“، جي بدران
صحيح ائين آهي ته ”ري ٿنڀي آهه تو ڌرتي بنائي“
ڪوشش اها ئي ڪيو ته هيءُ ڪتاب شاگردن ۾ پکڙجي جن
ڪم از ڪم نظام شمسي ۽ ڪائناتي تاريخ ڪجھ سمجھ سان
پڙهي هجي، اهڙي عوام ۾ پکيڙڻ اجايو آهي جن کي اها
به خبر ڪانهي ته سج لهي اڀري ڪيئن ٿو. يقين آهي ته
اوهان جا اهي ڪتاب مستقبل ۾ ائين ور ور ڏيئي شايع
ٿيندا جيئن شاهه ۽ سچل جا رسالا شايع ٿا ٿين(10).“
· 1975ع
۾ پير ابراهيم جان سرهندي سائين جي.ايم.سيد جي
شخصيت، عمل ۽ ڪردار بابت انتهائي نازيبا ٻوليءَ ۾
سنڌ سونهاريءَ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پير صاحب نه
رڳو غلط واقعا بيان ڪيا پر ٻوليءَ جي حوالي سان
اخلاق جون سموريون حدون لتاڙي ويو. ان تي ڪيترن ئي
ماڻهن مختلف حوالن سان ردِعمل جو اظهار ڪيو هو. ان
دوران هڪ ڀيري ڏيپلائي صاحب سائين جي.ايم.سيد سان
سن ۾ ملڻ آيو، ان ڪتاب جي باري ۾ ذڪر نڪرڻ تي محفل
۾ ويٺل ڪنهن شخص کيس هڪ پمفليٽ ڪڍي ڏيکاريو، جنهن
کي ڏسندي، ڏيپلائي صاحب سائين جي.ايم.سيد کي مخاطب
ٿيندي چيو ته ”آءٌ پير جي هن ڪتاب جي جواب ۾ اهڙو
ئي ڪتاب لکي رهيو آهيان.“ ۽ پوءِ ڏيپلائي صاحب
’شيخ المشائخ‘ جي نالي سان سرهندي پير جي علمي
معيار، محدود مطالعي، ناقص عقل ۽ ناسمجهيءَ تي ته
لکيو ئي لکيو، پر سندس اونڌن عملن، ابتن افعالن،
ڪُڌن ڪردارن ۽ نازيب سماجي اوڻاين بابت نهايت
تفصيل سان سخت طنزيه انداز ۾ اهڙو ته ڪتاب لکيو،
جو پير صاحب جي بولتي بند ڪرائي ڇڏيائين. ڏيپلائي
صاحب اهو ڪتاب پهريان پنهنجي اخبار سنڌ ٽائيمس ۾
قسط وار شايع ڪرايو، تنهن بعد جڏهن ڪتابي شڪل ۾
شايع ڪيائين، تڏهن انفارميشن کاتي جي اعليٰ عملدار
جي مشوري سان ان ۾ ڪي تبديليون به ڪيائين پر پوءِ
به پير صاحب جا اهڙا ته پول پڌرا ٿيل هئا، جو
بالآخر ڏيپلائي صاحب کي ان جي پاداش ۾ سکر جيل جو
سير ڪرڻو پيو.
آخر ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکيل ان ڪتاب جي اهميت ۽
ضرورت بابت موجودهه دور جي سڄاڻ قلمڪار ۽ سياستدان
جناب رسول بخش پليجي پاران ڏنل هيءُ راءِ پيش ڪجي
ٿي:
”سنڌين جي دشمنن ۽ انهن جي ڇاڙتن طرفان سنڌي
محب وطن ماڻهن تي ڪافي عرصي کان جيڪي غليظ ۽
گنديون شخصي جُلهون ٿينديون رهيون آهن تن جو ڪنهن
به سنجيدهه نوٽيس نه ورتو. نتيجو اهو نڪتو، جو هنن
تازو محترم جي.ايم.سيد ۽ سنڌي عوام جي خلاف ذاتي
حملن ۾ ذلالت جون آخري حدون به اورانگھي ڇڏيون
آهن. معلوم ائين ٿو ٿئي ته حسبِ دستور هر ڪو ڇتن
ڪتن کان ڊڄي ٿو، ته جيئن ٻين مان وات ڪڍي مون کي
نه وٺن. انڪري هر ڪو پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورو آهي.
اوهان ظالم تي پهريون ڀرپور پٿر اڇلائي وڏو جس
کٽيو آهي. اهو بچاءُ فقط محترم جي.ايم.سيد جو
ناهي، سنڌي قوم جو آهي، ڇو ته ظّاهري حملو هڪڙي
فرد تي آهي پر اصل حملو هڪڙي پوري نسل ۽ ان جي
ڇوٽڪاري جي جدوجھد تي آهي(11).“
حوالا
1. سيد،
جي.ايم، جنب گذارين جن سين، 2005ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو، ص 308
2. سيد،
جي.ايم، جيئن ڏٺو آهه مون، 1966ع، حيدري پرنٽنگ
پريس حيدرآباد، ص
3. ڏيپلائي،
محمد عثمان، امڙ، 2010ع، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد،
ص
4. سيد،
جي.ايم، جيئن ڏٺو آهه مون، 1968ع، حيدري پرنٽنگ
پريس حيدرآباد، ص 2
5. سيد،
جي.ايم، پيغام لطيف (ڇاپو پهريون)، 1953ع ادارهء
انسانيت حيدرآباد، ص 3
6. سيد،
جي.ايم، پيغام لطيف (ڇاپو پهريون)، 1953ع اداره
انسانيت حيدرآباد.
7. سيد،
جي.ايم، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، 1989ع، روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص 13
8. ڏيپلائي،
محمدعثمان، ناٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو،
ص 100
9. آزاد
قاضي، لامون تنهن وڻ سنديون، 2003ع، جي.ايم.سيد
فائونڊيشن ڪراچي، ص 48
10. ڏيپلائي،
محمد عثمان، خطن جو فائيل، جي.ايم.سيد لائبريري
سن.
11. ڏيپلائي،
محمد عثمان، شيخ المشائخ، 1975ع، ڏيپلائي پبليڪيشن
حيدرآباد، ص 80 |