ڊاڪٽر مخمور بخاري
جي
پنهنجو نور نچوئي ويا....
تاريخ جي هر دؤر
۾ فڪر، دانش ۽ شعور کي ڦهلائڻ وارا ڪردار پيدا
ٿيندا رهيا آهن، جن قلم کي عَلم سمجهي کنيو ۽
پنهنجي سر تي قوم جي سجاڳيءَ وارو ڪم رکيو ۽ هو ان
ڪم ۾ طويل جدوجهد ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ به
سرخرو رهيا، ڪامياب رهيا. مقصديت سان ڀريل هنن جو
جملو جملو قوم جي اهنجن جو اُپاءُ ثابت ٿيندو
رهيو. عثمان ڏيپلائي جو نالو ئي ان جي ڪم جي سڃاڻپ
آهي. هن جي شخصيت جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي تاريخ جو
هڪ اهڙو دور ذهن ۾ گردش ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن وقت
اندر هن نئين انداز سان تشڪيل ٿي رهي هئي. توڙي جو
هي خطو هزارن سالن جي شاندار تهذيبي، ثقافتي،
تمدني، علمي پس منظر رکندڙ هو، پر اها به حقيقت
آهي ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن خطي جي
جاگرافيائي صورت تبديل ٿيندي رهي آهي ته ان سان
گڏوگڏ انتظامي حالتن جي تبديل ٿيڻ به هڪ فطري امر
آهي.
ٽالپر دور جي پڄاڻي بعد انگريز هن سڄي برصغير تي
قابض ٿيا ته انهن جي تهذيب ۽ خيال پڻ هتان جي
ماحول تي حاڪميت سبب اثرانداز ٿيا. ورهاڱي کان
پوءِ ان ماحول ۾ هڪ نئين تبديلي رونما ٿي، جنهن
سبب سنڌ ان حوالي سان وڌيڪ اثر هيٺ رهي. ڏيپلائي
صاحب جو قلم جڏهن سنڌ جي تشخص جي سڃاڻپ جو دفاع
ڪندي مخالفن تي تلوار جيان وار ڪري رهيو هو، حقيقت
۾ هيءُ اهوئي وقت هو جڏهن هڪ جدا ملڪ جي صورت ۾
سنڌ جي اصل سڃاڻپ کسي پئي وئي؛ ان وقت جبل جهڙي
ارڏي شخص ڪيترن ئي طوفانن کي برداشت ڪيو، تڪليفون
سٺيون، جيل ڪاٽيا، مالي تنگدستي کي منهن ڏنائين،
پر اُتي برابر به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، اٽل
رهيو، مضبوط رهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ذهني طور
پاڻ کي ڪنهن مقصد سان ارپي ڇڏيندا آهن، اهي ڪڏهن
به پنهنجي اصل مقصد تان نه هٽندا آهن. ڏيپلائي
صاحب به چند اهڙن شخصن مان هو، جيڪي ڪڏهن به مقصد
تان هٽڻ جو سوچي به نٿي سگهيا!
کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
ڏيپلو جيڪو عثمان ڏيپلائي صاحب جي سڃاڻپ بڻيو ته
جنهن جي سڃاڻپ عثمان ڏيپلائي بڻيو، اهو خطو خشڪ
سالي، اڻانگن پيچرن ۽ سهولتن جي اڻهوند وارو
علائقو رهيو آهي. مون کي سنڌ جو ٿر ڪنهن تخليقڪار
جي ذهني حالت جهڙو لڳندو آهي. اٿاهه پيڙاءُ، جذبن
جي آنڌمانڌ ۽ گهري سوچ مان تخليق جو جڏهن گل
ڦُٽندو آهي ته اهو خيالن، جذبن، احساسن جي سڳنڌ
سان پنهنجي آسپاس جو ماحول معطر ڪري ڇڏيندو آهي،
ٿر مان پيدا ٿيل رائچند هريجن جهڙي تاريخدان، حليم
باغي، پرڀو ’ناشاد‘(نفيس شيخ)، سروپچند شاد جهڙن
شاعرن، وليرام ولڀ جهڙن مترجم، اديب ۽ عثمان
ڏيپلائي جهڙي افسانه نگار، ناول نگار، سماجي
تاريخدان، صحافي جو جنم به ان گل جيان آهي، جنهن
پنهنجي تخليق جي سرهاڻ سان ڪيترائي ذهن معطر ڪيا،
هن جي اها جدوجهد ڪيتري حد تائين ڪامياب وئي، اهو
وقت ثابت ڪري چڪو آهي ۽ اهو به ثابت ڪري چڪو آهي
ته ”جيڪو سنڌ لاءِ جيئي سنڌ ڪڏهن به ان کي فراموش
نه ڪندي“. ان جو ملهه ڪڏهن به نه وڪاڻبو. ان جي
نالي جو ورد هر زبان تي رهندو، تاريخ جي هر صفحي ۾
ان جو ذڪر ضرور ملندو. هن جنهن انداز سان پنهنجي
ڌرتي جو قرض نه رڳو فرض سمجهي لاٿو پر ان فرض ۾
ڌرتي سان عشق جو به هڪ نرالو انداز موجود آهي. هن
چاهيو ٿئي ته فرد پير پرستي، وهم پرستي، فرقي
پرستي جي ساهه منجهائيندڙ روين مان نڪري، الله جي
طرفان عطا ٿيل عقل کي استعمال ڪري ڪائنات ۾ موجود
هرهڪ شيءِ تي غور ويچار ڪري ۽ سوچي پنهنجي حيثيت
تي ته انسان وهم پرستي لاءِ نه خلقيو ويو آهي،
انسان ٻين انسانن جي آڏو جهڪڻ لاءِ زمين تي نه آيو
آهي، بلڪ هن کي عقل، سمجهه، شعور، ساڃاهه ڏئي
ڪائنات کي منطق/دليل سان سمجهڻ ۽ زمين تي مثبت
انداز سان منظم طريقي سان رهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو
آهي. پر ڪن خاص سوچ رکندڙ انسان هميشه هن پُربهار
دنيا، ماڻهن لاءِ ڪنڊن جي سيج بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه
ڇڏي آهي. اهڙا ئي ماڻهو ٻين ماڻهن تي حاڪميت
چاهيندا آهن، ان لاءِ هو مختلف طريقا اختيار ڪندا
آهن. ماڻهو کي مذهبي طور ڌمڪائي ان کي زير ڪري
پنهنجو ماتحت بنائڻ جو طريقو عام آهي. تنهنڪري عام
ماڻهو وهم پرستي ۽ پير پرستيءَ جو شڪار رهندو آيو.
محمد عثمان ڏيپلائي ان صورتحال ۾ ترقي پسند سوچ جو
مظاهرو ڪندي ڪيترائي ناول، افسانا ۽ ليک لکيا، هن
جو اهو سفر اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو هلندو رهيو.
جنهن جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي ان دقيانوسي سوچ مان
ڪڍي ترقي پسندي جي راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ هو،
جنهن ۾ هيءُ صاحب ڪامياب به ويو، هفتيوار انسان،
ماهوار، هفتيوار ۽ روزانه عبرت، ماهوار ساڻيهه،
روزاني سنڌ ٽائيمس ۾ سندس تز ۽ مقصديت وارا ليک،
سندس ڪتابي سلسلا ۽ ناول، ڪهاڻيون، افسانا وغيره
سندس ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هئا، ڇاڪاڻ ته هن
ڄاتو ٿئي ته رڳو ٺلهيون تقريرون ڪري ڇڏڻ سان مقصد
کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ هن ادارا قائم
ڪيا، پريسون لڳايون، ڪتاب لکيا، رسالا، اخبارون،
ڪتابي سلسلا جاري ڪري، انهن کي سنڌ جي وستي وستي،
واهڻ واهڻ، هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر طبقي، فڪر
۽ فرقي جي ماڻهن تائين پهچايو، جيڪو ئي هن جي اصل
مقصد هو ته ڪهڙي به ريت سندس پيغام ماڻهن تائين
پهچي.
عثمان ڏيپلائي هڪ عهد ساز گهڻ رُخي شخصيت جو نالو
آهي، جنهن جو ڪم مقصديت سان ڀرپور هجڻ باوجود به
نعريبازي جي ليبل کان بچيل آهي، منجهس ٻولي جي
حسناڪي، طنز و مزاح سميت ٻيون به خوبيون نظر اچن
ٿيون، هو بلاشبه هر دور ۾ زندهه رهندڙ سنڌ جو
مانائتو دانشور ۽ اديب آهي.
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽي ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس
وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.
هو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اڏامي ويا،
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي
ويا.
(شيخ اياز)
ڊاڪٽر تهمينه مفتي
محمد
عثمان ڏيپلائي- هڪ سماج سڌارڪ ۽
روشن خيال اديب
محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو روشن خيال، سماج سڌارڪ،
عقل پسند، ليکڪ جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ سداحيات
رهندو. سندس خدمتون پڙهندڙن کي هميشه پنهنجي طرف
ڌيان ڇڪائين ٿيون. محمد عثمان 13- جون 1908ع ۾ جنم
ورتو ۽ 1981ع ۾ وفات ڪيائين. هو عبرت اخبار جو
باني ۽ اجراء ڪندڙ هو. سندس تحريرن جو تعداد 100
کان مٿي شايع ٿيل آهي. جن ۾ ناول، ترجما، ناٽڪ،
افسانا، مضمون، مراسلا ۽ مذهبي ڪتاب شامل آهن.
انگريزن جو دور، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ تعميري
دور هو. جدت ۽ روشن خيالي، اصلاح پسندي وندر ۽
ورونهه، ريتن رسمن کان آجو سماج، تعليم ۽ تربيت
وسيلي سڌارو آڻڻ، نياڻين کي اهميت ڏيڻ، انهن جي
حقن ۽ زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ لکيو ويو. ڪهاڻي،
ناول، مضمون تخليق ٿيا. ڊراما پڻ لکيا ويا ۽ ٿوري
مقدار ۾ اسٽيج به ٿيا. ڪيتروئي افسانوي ادب ترجمو
ٿيو، مقصد اهو ئي هو ته تبديليءَ کي آڻجي، اها
تبديلي جڏهن ڪنهن نظريي يا لاڙي تحت ٿي ته ان جا
اثر سنڌي ادب تي پڻ ٿيا. پوءِ اُها ترقي پسند
تحريڪ هجي يا ريشمي رومال واري تحريڪ، خلافت واري
تحريڪ يا بنگال ۾ هلندڙ تحريڪ. هنن سمورين تحريڪن
ادب تي اثر وڌا. سال 1930ع ننڍي کنڊ جي تاريخ جو
اهم سياسي دور هو، انگريز جي استعماريت جي خلاف
جدوجهد جو آغاز ٿي چڪو هو. ترقي پسند تحريڪ جي اثر
هيٺ، ادب جي شروعات جي ابتدا ٿي چڪي هئي. جيتوڻيڪ
ان وقت ڏيپلائي صاحب فقط ست درجا پڙهيل هو ۽ رواج
۽ سهوليتن موجب تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ دير سان
ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين، روزگار ئي انسان
کي پنهنجو شهر ڇڏڻ تي، لڏپلاڻ تي مجبور ڪندو آهي،
سو محمد عثمان ڏيپلائي به پنهنجو ڳوٺ ڇڏيو، جتي
کيس مطالعي جو موقعو مليو.
بنيادي طرح ميمڻ، مذهب ڏي گهڻو لاڙو رکندڙ آهن. ان
وقت حالتن ۽ ماحول جي اثر هيٺ، محمد عثمان
ڏيپلائيءَ جون تحريرون نظر اچن ٿيون. سندس پهريون
ليک رسالي منادي ۾ ڇپيو، جيڪو محمد بن قاسم بابت
هو. ادبي ذوق ننڍي وهي کان ئي پنهنجي والد کان
آکاڻيون ۽ قصا ٻڌندي ٿيس، جنهن جو نتيجو ڇهين ڪلاس
۾ ئي پنهنجي هم ڪلاسيءَ قاضي علي محمد ۽ پاڻ هٿ
سان لکيل هفتيوار اخبارون- ’فرحت آثار‘ ۽ ’روح
راحت‘ جن ۾ آکاڻيون لکي موڪليندا هئا. اُهي
آکاڻيون هڪ ٻئي جون ٻڌل نه هونديون هيون، اُهي هڪ
ٻئي کي لکي موڪليندا هئا. افسانوي ادب ۾ دلچسپي جو
ٻيو سبب قرآن مجيد ۾ نبين جا قصا سندن توجهه جو
مرڪز رهيا. آکاڻين وارا سبق، تاريخي آکاڻيون سندن
پسنديده موضوع رهيو. ناول، قصا ۽ آکاڻيون پڙهڻ
سندن وندر هئي. نوجوانيءَ واري دور ۾ عشقيه داستان
۽ الف ليليٰ جون ڪيتريون ڳالهيون ۽ قصا کين ياد ٿي
ويا هئا. ايتريقدر جو وٿاڻ ۾ ڳئون ڏهڻ لاءِ جڏهن
ويندا هئا ته کيس ٻيا همراهه ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌائڻ
لاءِ چوندا هئا (بدلي ۾ کين سندن پري جي نظر ڪمزور
هئڻ ڪري)، اهو ٻڌائيندا هئا ته ڳئون مڙي، ڏهڻ لاءِ
تيار ٿي چڪي آهي. سندن فڪر جي اوسر، افسانوي ادب
مذهبي تعليم، روزي نماز ۽ اسلامي ۽ مذهبي گهراڻي
هئڻ ڪري ٿي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ننڍي هوندي کان
ئي مذهبي هئڻ جو اقرار ڪيو آهي. غربت ۾ گهارڻ ۽ ان
کي نهايت ئي گهرائي سان مشاهدي سبب سندن من ۾ اهو
خيال ويهي ويو ته غربت اسلامي نظام قائم ٿيڻ سان
ختم ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ احساس ۽ خيال کين ڏتڙيل
طبقن جي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو.
هندستان ۾ 1930ع ۾ جڏهن انگريز سامراج جي خلاف
جدوجهد شروع ٿي ۽ اُها جدوجهد ٻه قومي نظريي ۽
ورهاڱي جي صورت ۾ سامهون آئي، ان وقت جي سياسي ۽
سماجي ۽ وڌ ۾ وڌ مذهبي ڇڪتاڻ هڪ غيرحقيقي ۽ جذباتي
حالتن کي پيدا ڪيو. انهن اديبن ۽ سماج سڌارڪن،
تعليم دانن، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ قلم
کڻي تبديلي لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ سنڌي عوام کي
جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن جي جاءِ تي آهستي آهستي
قلم اهڙي طرف وٺي آيو جو ناولن ۽ ڪهاڻين اسلامي
قدرن ۽ مغل بادشاهن ۽ حڪومتن جي نظام تي لکيو ويو.
ٻئي طرف برهمون سماج ۽ آريا سماج جي ڳالهه ڪئي
ويئي. 1919ع ۾ هندو- مسلمان اتحاد جو ماحول جُڙيو،
پر انگريز جيڪو نفاق جو ٻج ڇٽيو، ان جو لاب
پاڪستان جي ٺهڻ تائين مذهبي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ زور
شور سان جاري رهيو.
مٿي بيان ڪيل سياسي ۽ سماجي ماحول مذهب کي هٿيار
ڪري ۽ سماجي برائين تي ۽ هندن توڙي مسلمانن هڪٻئي
تي سخت تنقيد ڪئي ويئي. محمد عثمان ڏيپلائي جو
ابتدائي فڪري سفر، سنڌ جي عوام لاءِ اَڻ ميو پيار
آهي ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ ڏڍ هو. جدوجهد سندس
زندگيءَ جو مقصد هو، تبديلي سندس منزل هئي، ڪيترن
ئي مشڪلن جي باوجود کيس ڪوبه جهڪائي نه سگهيو. جيل
۾ ويو پر سندس مقصد ڪڏهن به ڦري نه سگهيو.
ڏيپلائي صاحب مذهبي ماڻهو هو، ملن، پيرن، زميندارن
۽ وياج خور هندن، سيٺين ۽ ڪٽر مهاسڀائين جي سوچ تي
سخت تنقيد ڪيائين. انسانذات جي ڀلائي، انسانيت سان
پيار، سندس فڪر جا بنيادي ۽ سگهارا لاڙا آهن، ٻيو
ته قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ تبديلي جو محڪم
ارادو ۽ پيغام، تاريخ ۽ سياست جو ادراڪ ۽ ملڪي
حالتن ۽ بين الاقوامي صورتحال جي پنهنجي وطن سنڌ
جي ڳڻتي ۽ ڳارو، روشن خيالي ۽ عقل جا تصور ۽ خيال،
حقيقت پسنديءَ تي آڌاريل آهي. سندن فڪر ۾ جيڪا
تبديلي آئي، تنهن کيس روشن خياليءَ ۽ عقل پسندي
طرف آڻي ڇڏيو، ۽ ان رستي تي آندو، جنهن کيس سجاڳ
ڪري، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ سيکاري.
تاريخ ۽ ادب جي پس منظر ۾ ادب محرڪ بنجي ٿو. ادب
کي تاريخ جي مدد سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو فڪر
عقلي ۽ روشن ٿئي ٿو. ادب ۾ نظرين جو سوال ڪوهيڙي
جيان آهي، ڪڏهن ڌنڌ صاف ٿئي ته ڪڏهن وري اوندهه ۽
ڪاري رات سنڌي ادب ۾ به نظرياتي ادب تخليق ٿيو.
سنڌي ادب، نظريات کان واندو نه آهي، نظريا، انسان
جي سماجي زندگي تي اثر وجهي روحاني ۽ اخلاقي بنياد
پيدا ڪن ٿا. نظريا، عملي طرح ڪڙين حقيقتن ۽ حالتن
کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد به ڪن ٿا. ٻه قومي نظريو به
ڪجهه اهڙين ئي حالتن ۽ سببن جي ڪري تخليق ٿيو.
مثال مثال طور تصوف به هڪ فلسفو ۽ فڪر آهي، جيڪو
مذهب جي هڪ جدا مفهوم، معنيٰ ۽ خيال کي بيان ڪري
ٿو. اهڙي ئي نموني، محمد عثمان ڏيپلائي اسلامي فڪر
۽ تعليم جي بنياد ۽ روشنيءَ ۾ اجتهاد جي ذريعي
پنهنجي تحريرن ۾ ان اجتهاد کي بيان ڪيو. مذهب جي
بنياد تي هڪ امه يا امت جي خيال کي پنهنجن ناولن ۾
بيان ڪيو. ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي پيدا ٿيل هڪ
جهڙائين کي پاسيرو ڪري ڇڏيو، ان جي باوجود ڏيپلائي
صاحب جي تحريرن ۾ روشن خيالي، مذهبي اجتهاد، عقل
پسندي کي واضح نموني ۾ ڏسجي سگهجي ٿو، هو ريتن،
رسمن ۽ رواجن تي تنقيد ڪندي نقلي پيري مريدي ءَ جي
پاڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ علم کنيو. عقيدي جي درست هئڻ
يعني هڪ الله کان گهرڻ جي تلقين نظر اچي ٿي. محمد
عثمان ڏيپلائي طويل جدوجهد ۽ آزمائش کان پوءِ هڪ
راءِ تي پهچڻ لاءِ هڪ اديب ۽ سماج سڌارڪ جي حيثيت
۾ ان پهرئين ۽ ابتدائي راءِ جو انڪاري ٿيو، ۽ راءِ
جو رد ڪرڻ جو حق استعمال ڪيائين، ۽ تاريخي تقاضائن
کي پورو ڪندي، پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيائين. هڪ
اديب سوشالاجسٽ جا ڪهڙا ڪم ۽ ان جي ڪم جو دائرو (Scope) ڪيترو
وسيع آهي. ڏيپلائي صاحب، پنهنجي لکڻين ذريعي، ان
کي بيان ڪري ڏيکاريو.
محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو هڪ اديب ۽ سوشالاجسٽ ۽
سماجي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو. اديب ۽ سماجي ڪارڪن
جي هجڻ ڪري، سماجيات ۽ ادب جي دائري جي وسعت جي
روشنيءَ ۾ ذهانت ۽ تدبر کي هن وصف ۾ ڏسجي ٿو:
"The tradition focuses on Sociology including,
Social Stratification socialclass, social
mobility religion Secularization law and
deviance(1).”
مٿي ڏنل وصف موجب روايتن، طبقاتي درجن، سماجي هلچل
۽ تحرڪ مذهب کي مختلف پاسن کي روشن ڪري عوام آڏو
پيش ڪرڻ، هڪ سماجي ماهر جو ڪم آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي،
جنهن سنڌ جي حقن توڙي سياسي حالتن جو گهرو اثر
ورتو. هن عملي طرح مطالعو ڪيو، حالتن جو تجزيو
ڪيو، سماجي ۽ علمي جاکوڙ ڪئي. سندس زندگي منفرد ۽
جدوجهد سان ڀريل آهي. تنهن ڪري سندس تحريرن ۾ ئي
سندس اعليٰ مقام نظر اچي ٿو.
انسان جي ترقي کي ڪارل مارڪس به مرحلن ۾ ورهايو
آهي. ماديت وارا ترقي کي سماجي ترقي يا اجتماعي
ترقي کي اهم سمجهن ٿا ۽ وجوديت وارا ترقيءَ کي ‘Existent
Essence’انفرادي
وجود کي منفرد ۽ حقيقي انساني شخصيت جي حوالي سان
مڃين ٿا، اُها ترقي ٽن مرحلن تي مشتمل آهي: (1)
جمالياتي، (2) اخلاقياتي ۽ (3) مذهبي.
مٿين نُڪتن کي جيڪڏهن نظرين جي آڌار تي ڏيپلائي جي
شخصيت کي پرکجي ته هو ٽنهي مرحلن تي پورو لهي ٿو.
جمالياتي خاصيتن تي سرسري نظر وجهبي ته ڏيپلائي
صاحب، ننڍي عمر ۾ ئي ”فرحت آثار“ ۽ ”روح راحت“ مان
گذريو ۽ احساساتي طرح هڪ ننڍڙي جذبي، جوار ڀاٽا جي
صورت اختيار ڪئي. سندس تحريرن ۾ مختلف رنگ ڏسجن
ٿا. هڪ سماجي ماهر طور سماجي وهنوار (Social
behaviour) ۽
طريقن جي روشنيءَ ۾ گهرو مطالعو، ثقافتي ورثو ۽ ان
تي تنقيد، انساني حياتيءَ جو اڀياس روايتن جو مذهب
جي روشنيءَ ۾ سخت تنقيدي جائزو، سندس تحريرن ۾ نظر
اچي ٿو. تنهنڪري
سندس تحريرون ۽ ان جا تجربا ۽ مشاهدا حالتن جا
جواب آهن، عڪس آهن.
محمد عثمان ڏيپلائي جي ابتدائي تحريرن بابت تاريخ
جو اندراج هڪ سيلف (Self) انٽرويو
۾ 1919ع ۾ ڏنل آهي. سندس ٻيو فڪري خيال اهو هو ته
قبرپرستي، شرڪ، بدعتون، پير پرستي، قرآن پاڪ جي
تعليم کان ناواقفيت ڪري غريب عوام ۾ رائج آهي. ان
ڪري سندس تحريرن ۾ انهن ريتن، رسمن ۽ مشاهدي کي
واقعاتي طرح بيان ڪيو ويو آهي. سندس تحريرن ۽ فڪر
۾ جيڪا تبديلي آئي، سا 1949ع کان ٿي. ابتدائي فڪر
جي حوالي سان ڪن تحريرن جو جائزو وٺجي ٿو ته جن ۾
گلشن عبرت ۽ سانگهڙ ۽ ترجمو ٿيل ناول ”امڙ“ آهي.
گلستانِ عبرت: پهريون ڪتاب گلشن عبرت اسلاميه
دارالاشاعت مان ڇپيو. اصلاحي افسانن جو سلسلو سال
1942ع کان وٺي عبرت اخبار وسيلي شايع ٿيندو رهيو.
هيءُ ننڍو مجموعو ”گلشن عبرت“ جي نالي سان گهڻو
مقبول ٿيو. هن ڪتاب کي سنڌ سينٽرل ائڊوائيزري،
بورڊ آف سنڌي لٽريچر انعام ڏنو ۽ تعليم کاتي
لائبريري لاءِ منظور ڪيو. ان سلسلي جو ٻيو ڪتاب
”گلستان عبرت“، 1949ع ۾ ڇپيو. هيءُ 61 اصلاحي ۽
تاريخي (انگريز دور) واقعن تي ٻڌل آهي، جيئن
”مجاهد جي اک“، ”گورنر جو حڪم“ به حاڪمن جي بي جا
زيادتي ۽ عوام کي هندن مسلمانن جي صورت ۾ پاڻ ۾
ويڙهائڻ جي سازش کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
مسلمانن جي فتح ۽ بهادري جا داستان سندس موضوع
رهيا. جيئن ”حضرت خالد جو روزو“ ۽ ”غدار دکن“،
”سلطان ٽيپو“ جي غدار وزير جعفر جي ڪارستاني تي
لکيل آهي، ان جو غداريءَ سبب ڪهڙو حشر ٿيو.
”گلستان عبرت“ جو پهريون پيغام ”نعره
مجاهد“ابوالبيان حماد ڪوثر جو اردو نظم آهي، جنهن
۾ شهنشاهيت جمهوريت ۽ پاپائيت کي گورک ڌنڌو ۽
آزادي لاءِ همتايو ويو آهي. جواب ۾ پاڻ مجاهد
ڏانهن (از نهال سيوهاروي) جو نظم ترجمو ڪيو
اٿائين:
اڄ سنڌء قسمت ۾ ڪنڊا اگرچه آهن غم نه ڪر
پر سڀاڻي گل سان ڀربو تنهنجو دامن، غم نه ڪر.
هيٺ ڪن افسانن جو جائزو ڏجي ٿو:
چنڊ جو جبل: قرآن ۽ حديث جي صحيح نموني ۾ تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيو ويو آهي، ۽ نام نهاد ملن جن
تعليم جو استحصال ڪيو آهي، تي سخت تنقيد ڪئي ويئي
آهي. جنهن لاءِ ائين چئجي ته نيم حڪيم خطره جان ته
اها حقيقت آهي، جنهن جو خميرو عوام ڀوڳي رهيو آهي.
جيئن ته پهريائين ذڪر ٿيل آهي ته حقيقي غير حقيقي،
جذباتي حالتون، حاڪم (انگريزن) جي چالبازين هن خطي
جي عوام کي ويڙهائي، نظرياتي، سماجي، فڪري ۽ فطري
طرح ٻه ڌار ملڪ ٺاهيا ويا، قلندر جو هندورو، نانگي
شاهه جو ڪنڊو، ضعيف عقيدن، وهم پرستي کي وائکو ڪيو
ويو آهي، پيرپرستي ۽ قبرپرستيءَ تي سخت تنقيد ڪئي
آهي.
گڏهه جو پيءُ: هيءَ ڳالهه، مولانا رومي جي مثنوي
تان ورتل آهي. افسانن کي سنڌ جي ماحول ۽ ڪردارن ۾
پيش ڪيو ويو آهي.
شريف ڪمانڊر: هي به مسلمانن جي سال 1915ع ۾ ٿيل
بهادريءَ جو جنگي واقعو آهي، جنهن ۾ هڪ سپاهي
مصطفيٰ ڪمال جي همت ۽ بهادريءَ جي موضوع کي اجاگر
ڪيو ويو آهي. اتحادين کي ڪمال جي فوجن شڪست ڏني
هئي. اتحادين وري وري حملا به ڪيا. مصطفيٰ ڪمال جي
بهادري ۽ سچائيءَ جي واکاڻ 1921ع ۾ هائوس آف ڪامنس
۾ ڪرنل اَبري برٽ ايم.پي ڪئي.
غريب جي آزادي: هڪ سچي واقعي تي ٻڌل آهي. اُهو
واقعو ميان محمد حسن يارمحمد قريشي سيوستانيءَ کيس
ٻڌايو هو.
اسپيني شهزادو: هن ۾ ابوعبدالله غرناطه جي شاهه
فرڊينينڊ (Fardinand) جي
هٿان شڪست جو ذڪر بيان ڪيل آهي.
مجموعي طرح هن مجموعي جا موضوع اسلامي تاريخ
اسلامي تعليم ۽ مغل حڪومت جا حالات ۽ واقعات وغيره
شامل آهن.
محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي تعليم ۾ مرشديءَ ۽ پيري
فقيري، اٻوجهه انسانن کي وهم پرستي جي دڳ لائڻ،
ريتن رسمن جي زنجير مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان
کي سمجهايو ۽ نصيحت ڪئي آهي. سندس تحرير جو انداز
ناصحانه آهي. ٻولي، سولي ۽ تسلسل واري آهي، جنهن
مان محمد عثمان ڏيپلائي کي موضوع موجب ٻوليءَ تي
عبور حاصل آهي. واقعن جي ترتيب، افسانن ۾ دلچسپي ۽
تجسس جو انداز قائم رکيو ويو آهي. سندس تحريرن ۾
فارسي جا شعر ۽ محاوره ضرورت موجب ڏنل آهن. جن
تحرير جي سونهن کي وڌايو آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي علم، ادب، ۽ صحافت جو
چمڪندڙ ستارو هو. پاڻ ڏيئي جي وٽ وانگر سڙي کامي،
اونداهيءَ کي دور ڪيو. سچو کرو نقاد، روشن خيال،
محب وطن جنهن زندگي ۾ ڪيترائي موڙ ڏٺا، پر پنهنجو
رستو خاص طرح فڪري سفر، تجربن ۽ شعور جي بنياد تي
پورو ڪيو. تاريخ ۽ سماجيات جو ادراڪ کيس هو، ان
وسيلي شعور جي آبياري لاءِ جدوجهد ڪيائين. اَجاين
عقيدن، وهمن ۽ وسوسن تي عقلي دليل ڏيئي، انهن کي
مات ڏنائين، منهنجي خيال ۾ هن سنڌ لاءِ عقليت
پسند هڪ روشن خيال سنڌ جو خواب ڏٺو. سنڌي عورت کي
سجاڳ ڪيو. هن عورت جي بهادريءَ کي ناول ”سانگهڙ“ ۾
نمايان جاءِ ڏني. سندس ناول ”سنگ دل شهزادي“ به
(1938ع) آهي، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو. سندس ڪل ناولن
جو تعداد 13 آهي.
’ڏاهري رنگ محل‘ جيڪو مغل رنگ محل جي جواب ۾ لکيو
ويو. ان وقت سياسي ماحول کي گرم هو، اٻوجهائي
ناانديشي، سنڌ ۽ هندستان کي وڪوڙي ويئي هئي. مغل
رنگ محل مغل دور جي حاڪميت ۽ اخلاقي ڪردار تي بري
طرح حملا ڪيا ويا. انتهائي هڪ نفرت جوڳو ماحول جڙي
پيو. محمد عثمان سيلف انٽرويو ۾ لکي ٿو:
”درحقيقت هندن مغل رنگ محل ۽ پويان يارهن ناول ٻئي
پٺيان ڇپرايا. جوش ۾ اچي مون ڏاهري رنگ محل شايع
ڪيو، جنهن تان بمبئي کان وٺي شڪارپور تائين اٺ
مهينا هلچل هلي ۽ آخرڪار ناول ضبط ٿيو(2).“
”حقيقت ۾ اهڙو سياسي ۽ سماجي ماحول پيدا ڪري،
انگريزن ئي فائدو ورتو(2).“
نورِ توحيد: نورِ توحيد پهريون دفعو 1940ع ۾ ڇپيو.
هن ناول جو موضوع، توحيد آهي. هن تحريڪ جا
ابتدائي، اڳواڻ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولانا دين
محمد وفائي ۽ مولانا حاجي احمد ملاح آهن. هن تحريڪ
جو اثر جمال ابڙي ۽ ٻين ليکڪن تي ٿيو.
هن ناول جي تخليق ٿيڻ جو محرڪ، عظيم تاريخي ورثو
آهي، ٻيو متعصب هندن جي اڳرائي جو جواب آهي، مسلم
معاشري جو قيام ۽ دفاع ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ هو. هن ۾
رسول اڪرم ﷴ ﷺ جن جي حياتي کي اجاگر ڪيو ويو آهي،
عربستان جي سماج تي تنقيد آهي، رسول پاڪؐ جن جي
پاڪ زندگي، حالتن ۽ واقعن کي نهايت ئي جوش ۽ ولولي
سان تحرير ڪيو ويو آهي.
سانگهڙ (ناول): سنڌي ادب، تحريڪن ۽ سياسي سماجي
حالتن جو گهرو اثر قبول ڪيو. جو ان وقت جو سرجيل
ادب، تاريخ سياست ۽ سماج سان جڙيل آهي. ’سانگهڙ‘
ڏيپلائيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول آهي. سندس
افسانوي لکڻيون، ان وقت جي حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل
آهن. سندس فڪر جو بنياد، ته انسان آزاد پيدا ٿيو
آهي. اڳتي ناول سانگهڙ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو:
”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ هو خدائي دسترخوان تان
آزاد گرهه کڻي قدرتي گلستان مان آزادي سان گل ۽
ميوا پيو ڇنندو رهندو آهي، ته ڪي قابيلي قوتون
سندس بنيادي پيدائشي حقن تي ڌاڙو هڻنديون آهن.“
هيءُ ناول آزادي جي تحريڪ هلائيندڙن حُرن ڪارڪنن
جي بهادريءَ ۽ ڪارنامن تي ٻڌل آهي. هن تحريڪ جي
غازين کي انگريزن ڌاڙيل ۽ ڦورو قرار ڏئي کين ڦاهين
تي چاڙهيو. کين لوڙهن ۾ قيد ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ
۾ ’حُر مکي جا‘ فرانسيسي طرز تي رپوتاز لکيل هڪ
ڪهاڻي ڄيٺمل جڳتياڻيءَ به لکي، جنهن ۾ انگريزن جي
ظلم کي ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ڪيئن
ڦاسي تي چاڙهيو ويو، تنهن جو بخوبي ذڪر ڪيو آهي.
حُر تحريڪ 1942ع ۾ ڪئٽ انڊيا (Cat
India) ”هندستان
ڇڏيو“ واري وقت ۾ زور ورتو. هن تحريڪ جو ذڪر محمود
مل جي واقعاتي بيتن ۾ حُرن جي بهادريءَ سان جان
ڏيڻ جو موضوع به ملي ٿو، پر ناول ’سانگهڙ‘ سنڌ جي
آزاديءَ ۾ تاريخ جو اهم باب آهي. فني طرح هيءُ
بيانيه انداز ۾ آهي. ڪيترائي ڪردار آهن، جن جي
بهادري ۽ سچائي جوش ۽ عزم جو اُهو تعارف آهي، جنهن
کي حقيقت چئبو آهي. من مير بحر، جيڪو عام ماڻهو هو
پر هيءُ ناول من مير بحرجي نالي ٿيل آهي. هن ناول
۾ هارين تي ٿيندڙ ظلم ۽ حق تلفيءَ بابت به لکيو
ويو آهي. هيءُ ناول حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي.
سياسي، سماجي حالتن جو دستاويز آهي. گامون، سرهو ۽
ڪنڊو، غربت جا ماريل هاري آهن. گامون سيٺ زميندار
جي رويي تي جيڪو سخت غصي ۾ اچي ٿو، سرهو ان مهل
چوي ٿو: ”هي (گامون) بچو بادشاهه ٿيندو، پر پاڻ ته
هلي ڪا جوڙيءَ پوتيءَ جي ڪريون.“ بچو بادشاهه وزير
جو ڪردار سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي چڪو هو. هن کي
فسادي، ڌاڙيل ۽ سازشي قرار ڏيئي انگريز ڦاهي ڏني
هئي.
ناول ”سانگهڙ“ ۾ هاري پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ٻيلن ۾
حُرن جا ساٿي ٿين ٿا. اسان جي نفسيات موجب،
زميندار کان گامون بدلو وٺڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، انهن
حُرن جو ساٿاري بنجي ٿو. سيٺ حاجي محمد عارب به
ظالم وڏيرو آهي، جيڪو انگريزن جو ساٿاري آهي. هن
ناول ۾ واقعن کي نهايت ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو
ويو آهي. ناول ۾ ڪيترن ئي عورتن جو ذڪر آهي، جن
بهادري سان حُر تحريڪ ۾ حصو ورتو. ناول ۾ دلچسپي ۽
تجسس وارا عنصر، ليکڪ جي پُراثر تحرير، پڙهندڙ جي
من ۾ به هلچل مچائي ڇڏين ٿا. هيءُ ناول، انقلاب جو
پيغام ڏي ٿو، عورت ۽ مرد جي بهادري ۽ سچائي هن
ناول جي ڪردار ۾ سمايل آهي. گامون جو بدلو وٺڻ،
انسان تي جڏهن بي گناهه ظلم ٿئي ٿو ۽ جائز حق نٿا
ملن، عزت ۽ نفس جي تذليل ٿئي ٿي ته پوءِ به گامون
به گامون نٿو رهي.
هن ناول ۾ جن ماڻهن جو حُر تحريڪ سان واسطو نه هو
تن کي به پڻ نشانو بڻايو ويو آهي، ڏوٿي جيڪي گذر
سفر لاءِ ٿر ۾ وانڍيون لڳائي، وس جي مندن ۾ ويندا
هئا ۽ سندن تعلق ناري سان هو. هن ناول جو آخري باب
نهايت اعليٰ آهي، جنهن ۾ هندن جي سارسنڀال ۽ حفاظت
لاءِ اقدام تي زور وڌو ويو. هندستان مان آيل
مهاجرن جا خيال پڙهڻ جهڙا آهن. هيءُ ناول، حقيقت
تي مشتمل آهي.
محمد عثمان جي فڪر، هڪ سفر طئي ڪيو، جنهن جي نتيجي
۾ سندس فڪر جا ٻه اهم خيال ظاهر آهن- اسلامي نظريو
۽ حڪومت الاهيه جو تصور. سندس سياسي نظريو مسلم
اُمت سان شروع ٿيو. هن پنهنجي سڄي زندگي هڪ سچن
جذبن ۽ سچائي جي نالي ڪري ڇڏي هئي. عمل ۽ ردِعمل
جا مرحلا سندس زندگي، فڪر ۽ تحريرن مان ظاهر آهن.
قدرت پاران ڏنل ڪردار جي ادائگي هو بنا ڪنهن لالچ
جي، ادا ڪندو رهيو.
1934ع کان 1947ع تائين سندس فڪر مٿين تصورن تي
آڌاريل هو، ۽ 1949ع کان پوءِ جيڪا فڪري تبديلي
آئي، تنهن جا سبب ون يونٽ جو ٺهڻ، ڪراچي ۽ پوءِ
سنڌ تي قبضو ڪرڻ وغيره هنن سمورن لاهن چاڙهن هن کي
نئون ڏيپلائي بڻائي ڇڏيو. سال 50-1949ع قرآن پاڪ
جو ترجمو آسان ٻولي ۽ بامحاوره سنڌي ۾ ڪيائين، ان
ترجمي جي ڪري C.I.D اداري
پاران کيس ڪمنيوسٽ قرار ڏنو ويو. ناول سهر قند جو
صوف ۾ پنهنجي غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار هن طرح ڪيائين:
”جيڪڏهن غربت دور ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ ڪميونزم آهي
ته آءٌ برابر ڪميونسٽ آهيان.“
هو پهرئين مارشل لا 1958ع ۾ جيل ويو. سنڌ جي سياسي
۽ سماجي حالتن کيس تبديل ڪري ڇڏيو. 1972ع ۾ فسادن
هئڻ بعد سندس فڪر سنڌي ۽ سنڌيت جي جذبي سان عوام
جي سامهون آيو. بين الاقوامي حالات جو تجزيو ڪندي،
اسلامي ملڪن جي تعلقات ۽ زميني حقيقتن کيس هن چوڻ
تي مجبور ڪيو ته:
”جنهن انسان کي پنهنجي تڏي سان محبت ناهي، اُهو
سامين، ڪهيرين، گرگلن ۽ واگهڙين وانگي سدائين رولو
رهي ٿو. ان لاءِ هن دنيا ۾ ڪوبه صحيح ٺڪاڻو نه
آهي(3).“
حالتن کيس ميڪسم گورڪيءَ جي ناول کي سنڌي ۾ ترجمو
ڪرڻ تي همٿايو، روس جي ۽ سنڌ جي 1904ع دوران جيڪي
حالتون هيون، انهن ٻنهي ملڪن جي حالتن ۾ کيس
هڪجهڙائين نظر آيون، انهن حالتن جي پيش نظر هِن
اهو بينظير ڪتاب ترجمو ڪيو، سندس من ۾ جذبو هن سٽ
جي مصداق آهي: ”ويران بود آن شهر، ڪه ميخانه
ندارد“.
سنڌ جو هيءُ ميڪسم گورڪي سنڌ واسين لاءِ اُتساهه
جو سبب ۽ ذريعو آهي. سندس شخصيت ۽ فڪري سفر-
تجربن، تجزين ۽ گهري مطالعي جو نتيجو آهي. سندس
نالو تاريخ ۾ سنڌ واسين جي دلين ۾ هميشه زندهه
رهندو.
حوالا
1. Micheal
Millar Robb, 2002 foram factors to actors.
2. تاج
جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم،
سال 2002ع، ص 63
3. ڊاڪٽر،
عبدالجبار، جوڻيجو، محمد عثمان ڏيپلائي- هڪ
مطالعو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، سال 2013ع، ص 69
مددي ڪتاب
1. ”-سانگهڙ“-
ڏيپلائي
2. امڙ
(ترجمو)- ڏيپلائي
3. محمد
عثمان ڏيپلائي-
ہڪ
مطالعو
4. محمد
عثمان ڏيپلائي، مرتب- تاج
جويو
5. گلستان
عبرت- ڏيپلائي
محمد علي ڏيپلائي
لڱ
جنين جا لوهه
’ماءُ‘ لاشڪ نج شفقت ۽ قربانيءَ جو عملي روپ آهي
پر مون ’ماءُ‘ جو هڪ ٻيو روپ پڻ ڏٺو، اهو روپ هو
ڏاهپ ۽ همٿ سان، محبتن ۽ آزمائش جي دور ۾ پنهنجي
شريڪ حيات، خاندان ۽ گهر کي صحيح سلامت منزلِ
مقصود تي پهچائڻ وارو روپ. پنهنجي جوانيءَ کان
وفات تائين، لڳ ڀڳ ٽيهه ورهيه اسان جي والده جهڙي
نموني غير معمولي همٿ ۽ ڏاهپ سان اسان جي خاندان
کي تباهيءَ کان بچائڻ جا سعيا ڪيا تن جي اڳيان
گورڪيءَ جي ”مدر“ ۽ هيمنگوي جو ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ سچ
پچ ته هيچ لڳن ٿا.
1950ع تائين بابا (ڏيپلائي صاحب) عمرڪوٽ واري
خانصاحب عطا محمد پليءَ وٽ هڪ نهايت مانائتي
نوڪريءَ ۾ هو. سٺو پگهار، عزت آبرو ۽ لکڻ
پڙهڻ جي آزادي مهيا هئس. تنهن کان پوءِ قوم پرستي،
انسان دوستي ۽ انقلاب جي عشق ۾ ائين مبتلا ٿيو جو
آمدني صفا بند- قرض جا ڪوٽ ويا چڙهندا ۽ دنيا ۾
البته وڏو نالو ۽ وڏو ڀرم. دوستن کي مددون ۽ آئي
وئي جو آڌر. ڪجهه وقت ته قصو رازداريءَ ۾ هليو پر
پوءِ آهسته آهسته زندگي جون تلخ حقيقتون سامهون
اچڻ لڳيون. امان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو پئي، پر منهن
مان ٻڙڪ به نه ڪڍيائين. آهستي آهستي پاڙي ۾ ڏيٺ
ويٺ وڌڻ تي گهر ۾ سيڌي پاڌي جو ”دڪان“ کوليائين.
قدرت طرفان کيس صحيح وقت تي صحيح هنڌ تان خريداري
ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو هو، فصل لهڻ تي مارڪيٽ مان
چانورن ۽ ڪڻڪ جون پنج ڏهه ڳوڻيون ۽ ڏيپلي مان گيهه
ايندو هو، ٻيو سامان مارڪيٽ مان ٻڌي اگهه تي مون
کي ساڻ ڪري وٺي ايندي هئي.
گهر جي کاڌي پيتي جي خرچ کان بي فڪر ٿي بابا
”انقلابي“ ڪتابن، ”انقلابي“ دوستن ۽ ضرورتمندن جي
مدد ۾ مصروف رهيو، ڪٿان نه ڪٿان قرض جو بندوبست
ڪري!
هاڻ آڪٽوبر 1958ع جو مهينو، مارشل لا جو تحفو کڻي
نازل ٿيو، پهرين ئي سٽ ۾ سنڌ مان تقريباً سمورا
کاٻي ڌر وارا قوم پرست گرفتار ٿيا جن ۾ بابا به
شامل هو. سرڪار ايڏي ته محتاط هئي جو بمبئي بيڪري
واري ديوان ڪشنچند ۽ ٽائمز آف انڊيا (يا هندستان
ٽائمز) جي حيدرآباد ۾ نمائندي پي.ڪي.لالواڻيءَ کي
به واڙي ڇڏيائون! مون ارڙهن ورهين جي عمر ۾ تازو
ميٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي،
بابا جي دوستن سان اٿ ويهه هجڻ ڪري انهيءَ گرفتاري
تي هرڀرو هراسان ڪونه هئس پر امان جو سوچي بيحد
پريشان ٿئي ٿيس.
مستقل بيمارين ۽ پريشانين جي ماريل امان نهايت
ڪمزور، ڄڻ هڏين مٺ هئي. مون کي خدشو هو ته ڏيپلي
جي اڻ پڙهيل ميمڻياڻيءَ گهر کي ته ڏکيو سکيو پئي
هلايو پر بابا جي گرفتاريءَ جو صدمو برداشت نه ڪري
سگهندي، اهي به خدشا هئا ته عنقريب گهر ۽ پريس تي
ڇاپا لڳندا ۽ گهر وارن کان آڏيون پڇائون ٿينديون،
ڇا امان اهو سڀ ڪجهه سهي سگهندي؟
پر امان کي ڪجهه به ڪونه ٿيو، خبر ناهي سندس
بيماريون ۽ ڪمزوريون ڪيڏانهن ويون، اوچتو اٿي کڙي
ٿي، مرحيات ناني جيڪا ٻارين ٻچين، جوان اولاد جي
خاندانن سان گڏ، اسان سان ئي رهندي هئي، اوڇنگارون
ڏيڻ ۽ ڀنڻ ڪڍڻ لاءِ آتي هئي. کيس امان جي طرفان
اشاري جو انتظار هو، پر امان ته بردباريءَ سان
سوچڻ ۾ مشغول هئي. نيٺ نانيءَ ڀڙڪو کائي چيو:
”امان تون ته ائين پئي ڏيکائي ڏيئن ڄڻ ته ڪا
خوشيءَ جي ڳالهه ٿي هجي ۽ عثمان ڄڻ ته حج تي ويو
آهي!“ ”ٻيو نه ته ڇا؟“ امان ٺهه پهه وراڻيس ”حج تي
ئي ته ويو آهي، هيءُ به ڪو جيل آهي؟ ڪا چوري يا ڪو
ڌاڙو، ڪا ٺڳي، ڪا ڦر، ڇا ڪيو اٿس؟ بس ملڪ جي غريبن
جون ڳالهيون ئي ته ڪندو آهي!“
ان کان پوءِ آءٌ ۽ منهنجون ڀينرون لڳاسين بابا جي
ڪمري مان ”انقلابي“ ۽ ”قومي“ ڪتابن کي ڌار ڪرڻ،
مڻين ڪتاب ڪٺا ٿي ويا، ڪي سانڍڻ جهڙا ڪتاب ڇٻين ۾
وجهي دوستن جي گهر پهچايم، باقي ڍڳ ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن جا ڪياسين باهه جي حوالي، اهو ڌنڌو سڄي رات
هليو.
هفتي کان پوءِ مون کي ۽ امان کي جيل ۾ بابا سان
ملاقات جي اجازت ملي، سڄو هفتو امان ٺيڪ ٺاڪ رهي.
گهر کي وڏي همٿ سان هلايائين. مون کي پريس جي ڪم
ڪار ۾ همٿايائين، آئي وئي کي وقار سان منهن پئي
ڏنائين، همدرديءَ جي آڙ ۾ هلايل تيرن کي به سڪون
سان برداشت پئي ڪيائين، پر هاڻ مون کي وري وڏو فڪر
ٿي پيو، بابا کي خبر ناهي ڪهڙي حال ۾ ڏسون! شايد
زنجيرن ۾ ٻڌل هجي، ڪپڙا ميرا ۽ ڏاڙهي وڌيل هوندس،
۽ جسم لاغر! امان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن برداشت ڪندي؟
بابا کي ڏسي ڦسي پئي ۽ روئڻ پٽڻ شروع ڪيائين ته
آءٌ ڇا ڪندس؟ سڄي رات انهن سوچن ۾ گذري.
صبح جو اوچتو وڃي امان تي نظر پئي، نه نه، هيءَ
مون واري بيمارين جي ماريل ڪمزور امڙ ته نه هئي،
هيءَ ته ڪا نو ورني ڪنوار هئي! چمڪندڙ چهرو، هلڪو
پائوڊر، چپن تي هلڪي سرخي اکين ۾ سرمون، ڪنن ۾
ايئرنگ، برقعو غائب، مٿي جارجٽ جي چُني، بدن تي
سائي رنگ جي شال، منهن تي مُرڪ، هٿ ۾ بابا واسطي
خاص طرح ٺاهيل پلاءُ سان ڀريل ٽفن کڻي ٽانگي تي
چڙهي، اسان سينٽرل جيل پهتاسون.
اتي اڳ ۾ ئي مظهر جتوئي ۽ سندس والده (جتوئي صاحب
جي گهر واري) ساڳئي ويس وڳن ۾ بيٺل هئا، اڄ امان
”ڏيپلائي جي گهرواري“ بدران
”بيگم ڏيپلائي“ ۽ جتوئي صاحب جي گهر واري ”بيگم
جتوئي“ بڻجي پيون هيون! ڇا نه خود اعتمادي ۽ ڇا نه
وقار هو!
جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ انتظار ڪري رهيا هئاسون،
ڪجهه دير ۾ اندران بابا ۽ جتوئي صاحب کلندي کلندي
ٻاهر آيا، هتي وري ”بيگم ڏيپلائي“ ۽ ”بيگم جتوئي“
کين کلندي کلندي ڀليڪار چئي، دستوري خير خبر کان
پوءِ بابا ۽ اسان کي هڪ پاسي وهاريو ويو، امان گهر
جو ڪوبه مسئلو نه اُٿاريو، هر ڳالهه سٺي ڪري بابا
جو حوصلو وڌايو، مون ڪجهه پريس بابت ڳالهه ٻولهه
ڪئي، ماني گڏ کاڌيسين، ائين ڪندي ملاقات جو وقت
پورو ٿيو.
ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ سمورا قيدي وڌيڪ ”جاچ“
لاءِ لاهور جي شاهي قلعي اماڻيا ويا، ڏاڍيون
خوفناڪ خبرون ٻڌيوسين، هڪ ناميارو وڪيل بابا جو
دوست، انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ معافي نامو کڻي امان وٽ
آيو، چئي: ”هن تي صحيح ڪر ته ڏيپلائي کي ڇڏائڻ جو
بلو ڪريون“ پر امان معافي نامو وٺي ڦاڙي ڇڏيو،
چئي: (محمد علي) جو پيءُ ڇا چوندو؟“
خير قصو مختصر، بابا ٻن ٽن مهينن کان پوءِ واپس
وريو. هڪ دفعو وري لڪيل دوست نمودار ٿيا، وري پريس
تي ڪچهريون ۽ رونقون لڳيون، جيل جي هڪ رفيق، جيڪو
اسمگلنگ ۾ جهليو هئائون، بابا کي ڪو آپريٽر بئنڪ
مان ججهو قرض وٺرائي ڏنو، هفته وار ”انسان“ ڏاڍي
شان ۽ مان سان جاري ٿيو ۽ ٻه سال کن ڏاڍي ڪاميابي
ماڻيائين، امان سک جو ساهه کنيو، پر فيبروري 1961ع
۾ رسالو بند ٿيو ۽ بابا ”بغاوت“ ”ملڪ دشمني“ ”امن
عامه ۾ رخني“ ۽ اهڙن ئي ٻين فوجداري ۽ مارشل لاءِ
قانونن هيٺ ”سي ڪلاس“ ۾ قيد ڪيو ويو.
امان تي وري آزمائش جي گهڙي اچي ويئي. وڏين ڪوششن
سان بابا ضمانت تي آزاد ته ٿي ويو پر کيس حيدرآباد
ضلعي ڇڏڻ جي اجازت نه ملي، ڊنا ٿي ته متان ڏيپلي
مان بارڊر ٽپي ڪڇ مان ٿيندو هندستان نه هليو وڃي!
منهنجي ٻن ڀيڻن ۽ منهنجي شاديءَ جون تاريخون اڳ ۾
ئي ٻڌل هيون، بدليل حالتن ۾ اسان ڪوشش ڪئي ته اهي
شاديون في الحال منسوخ ڪجن يا ڪم ازڪم ڪجهه وقت
اڳتي وڌايون وڃن، پر برادري جي بزرگن جو اسرار هو
ته ڏيپلائي جي مستقبل جي خبر ڪانه ٿي پئي، اهو به
خدشو هو ته ضمانت منسوخ ڪري ڊگهي عرصي لاءِ قيد ۾
رکيو وڃي، تنهن ڪري مناسب هو ته شادين جو بار ڪيئن
به ڪري لاهجي!
اسان لاءِ سڀ رستا بند هئا، هڙ ۾ نه پئسو نه پائي،
عزيزن کان ”مقروض“ ۽ ”سرڪار جي باغيءَ“ کي ٽڪو به
مدد نه ملي پر خبر ناهي ڪيئن امان هڪ ئي وقت ۾
ٽنهي شادين جي فرض کي سبڪدوش ٿي ويئي. شاديون
ڏيپلي ۾ ٿيون. بابا شريڪ نه ٿي سگهيو، واهه ڙي امڙ
واهه! پر اڃان ڪٿي، اڃا ته وڏيون آزمائشون اچڻيون
هيون!
1966ع ۾ سي.ايس.ايس جو امتحان پاس ڪري، اسلام آباد
۾ مقرر ٿيس، 1971ع ۾ مسين مسين ڪراچي بدلي ٿي، گهر
جا سڀ ڀاتي ڏاڍا مطمئن ۽ خوش هئا پر مارچ 1972ع ۾
ڀٽي صاحب مارشل لا ريگيوليشن 114 هيٺ هزارين ننڍا
وڏا ڪامورا نوڪرين مان به يڪ جنبش قلم ڪڍي ڇڏيا،
آءٌ ۽ منهنجي گهرواري ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سرڪاري
فليٽ ۾ سخت مايوس ۽ منجهيل ويٺل هئاسون، مون کي
وڏي اڻ تڻ هئي ته حيدرآباد ۾ امان جو ڪهڙو حال
هوندو! هن خبر کيس ڪهڙو نه صدمو ڏنو هوندو. هوءَ
ڪمزور ۽ دائم المريض عورت اهو صدمو برداشت ڪري
سگهندي يا نه؟ نه گهر ۾ فون نه اوڙي پاڙي ۾، نه
عزيز دوست وٽ، ڪنهن سان ڳالهائجي ۽ ڇا ڳالهائجي؟
انهن مونجهارن ۾ رات گذري.
صبح جو ڏهين بجي ڌاري سڀني مونجهارن، سڀني سوالن
جا جواب ملي ويا، در تي آواز ٿيو، در کوليم ته
سامهون شفيق مُرڪ سان امڙ بيٺي هئي! اندر ۾ ته آنڌ
مانڌ هوندس پر ظاهر ۾ اڏول جبل وانگر چي ”ابا متان
دل لاٿي اٿئي ۽ ملول ٿيو آهين هڪ در بند ٿيو ته ڇا
ٿي پيو، ٻيا سؤ در کلي پوندا، توکي نوڪري پن سن يا
سفارش سان ته ڪونه ملي هئي، هاڻ به رهجي ڪونه
ويندين، الله تي ڀروسو ڪر، اهو ئي رازق رحيم آهي!“
هيڏو جگر، الله ۾ ايڏو ايمان، امڙ تو اڳيان مولانا
محمد علي ”جوهر“ جي ”بي امان“ ڇا لڳي!
هي آخري ڌڪ امان بهرحال گهڻو وقت برداشت ڪري نه
سگهي، رڳو مسئلا ۽ رڳو مايوسيون، پنهنجن جون
نفرتون ۽ بي اعتنايون، قرض خواهن جون مسلسل بي
رحمانه تقاضائون، بئنڪن جو ڊڪريون، ٻيا اهڙا صدما
جن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي، امڙ، آگسٽ 1974ع ۾
صرف 56 ورهين جي عمر ۾ اسان کي الوداع چئي وڃي جنت
۾ جاءِ ورتي.
”جبل ماري جک جو آڏو اچي عجيبن کي“
عبدالمجيد پنهور
تاريخ
جو زندهه جاودان ڪردار
20 صديءَ ۾، سنڌ جن شخصيتن کي جنم ڏنو ۽ جن شخصيتن
محنت، ايمانداريءَ، ديانتداريءَ سميت بي پناهه
خوبين ۽ فرض شناسيءَ سان زندگي گذاري ۽ ادارن جي
صورت اختيار ڪئي، محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
شمار پڻ اهڙن چند عظيم انسانن ۾ ٿئي ٿو. هڪ بيباڪ
صحافي طور شعوري زندگيءَ جي شروعات ڪندڙ، محمد
عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب جي هر صنف تي، پنهنجو قلم
آزمايو ۽ ايترو نڀايو جو هر اها صنف، سندس سڃاڻپ
بڻي، پر جي هيئن کڻي چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو
ته هن کي ماروئڙن جي ڏکن ۽ اهنجن، هر ان صنف تي
لکڻ تي مجبور ڪيو جيڪا انهن جي زخمن جي مرهم طور
ڪم ڏيئي ۽ هو سهڻي لطيف چواڻي ته:
چڙن چوري آهيان سک ٿي سمهان ڪيئن،
ساريان ساهڙ ڄام کي ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن،
ميهار مرڻ سيئن، نيرُ پاتم نيهن جو،
وانگر، سک سان سمهڻ بجاءِ هر وقت، ان تڙپ ۾ رهيو
ته ماروئڙن جا مسئلا حل ٿين ۽ اُهي سکيا رهن.
اهوئي وڏو سبب آهي جو محمد عثمان ڏيپلائيءَ 140
کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. هڪ توڪلي انسان، نه ڊپ نه
ڊاءُ، نه اوارڊ، نه ڪنهن جي تعريف جي لالچ يا لوڙ،
بس لطيف سائينءَ وانگر صرف پنهنجي خالق جو آسرو:
گهڙيا سي چڙهيا اِئين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پؤ ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين.
حضرت شيخ سعدي شيرازي جي بوستان، جنهن جو سنڌي
ترجمو مولانا محمد قاسم سومري صاحب ڪيو آهي.
بوستان ۾ هڪ نصيحت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: ”ڪنهن
سردار ۽ اڳواڻ لاءِ جائز نه آهي ته هو سک سان سمهي
ننڊون ڪندو رهي، پر هن لاءِ لازم آهي ته پنهنجي
راڄ ۽ رعيت جو فڪر رکي، زماني جي گردش جو خيال
رکي.“
ان نصيحت جي ئي پيش نظر مون کي پڪ آهي ته محمد
عثمان ڏيپلائي زندگي ڀر جدوجهد ۾ رهيو. هو سردار
ته ڪونه هو، پر سنڌي قوم جو اهڙو اڳواڻ هو، جنهن
جي قول ۽ فعل ۾ ڪوئي تضاد نه هو، هن کي شايد سُتل
قوم جي سجاڳي جي سُتي مليل هئي. ڏيپلائي صاحب کي
اها هن قوم جي اون ئي هئي، جنهن هن کان عظيم ڪم
ڪرايا.
عاشقن الله جي محبت رکي جن،
سندي سڪ پرين، تَنَ ۾ آهي تن کي.
(شاهه)
ڏيپلائي صاحب 16 سالن جي عمر کان لکڻ جي شروعات
ڪئي ۽ زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ورق لکيا ۽ 140 کان وڌيڪ
ڪتاب لکيا، بقول سائين محمد ابراهيم جويي جي ته
’بس عمر ائين ڪٽي جو لکبو به وڃي ته ڇپبو به وڃي‘.
ڀِٽن وارو ريگستان، هر تڪليف ۽ ڏکيائي جو مرڪز
رهيو آهي، هتي محمد عثمان ڏيپلائي جڏهن جنم ورتو
ته انيڪ مسئلا سندس مشاهدي ۾ آيا هوندا، جن کيس
لکڻ لاءِ اُتساهيو، بقول پير علي محمد راشدي جي ته
”سورهن ورهين جي عمر ۾ باهه دکي ۽ چوهٺ سالن تائين
نه اجهاڻي“. محمد عثمان ڏيپلائي 16 سالن کان 64
سالن تائين جيترو لکيو، ظاهر آهي ته اهو مشاهدي
سان گڏ سندس گهرو مطالعو به هوندو، جنهن هن کان
ايترو لکرايو.
ڏيپلائي صاحب صحافت ۾ به ڏاڍا جوهر ڏيکاريا. ڪمال
ته اهو آهي ته هن مردِ مجاهد جو جنم ته بنا وسيلن
واري وسندي ٿر ۾ ٿيو، پر کيس اخباري دنيا ڪيئن ڇڪ
پيدا ڪئي جو هُو قلمڪار سميت صحافي به بڻيو. سندس
قلمي پورهيو سنڌ جي ٻين عالمن مرزا قليچ بيگ، پير
حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وانگر
سنڌ تي صدين تائين ڇانيل رهندو. ائين چئجي ته محمد
عثمان ڏيپلائي هڪ عوامي اديب هو، جنهن لکڻين ذريعي
هڪ طرف معاشري مان براين جي خاتمي لاءِ لکيو ته
ٻئي طرف عوام ۾ شعور پيدا ڪيو.
سنڌ ۾ اداره ساز شخصيتن سان شناسائي يا سندن نانءَ
کان واقفيت، منهنجي پنهنجي گهر مان ٿي. منهنجو
محسن ڀاءُ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جيڪو اهڙن املهه
هيرن جو پارکو ۽ سچو عاشق، محبت ۽ عزت ڏيندڙ هو.
هُو سچ ته اهڙن سنڌ جي خدمتگارن جو حد درجي جو نه
رڳو احترام ڪندو هو، پر سندن نانءُ به ڏاڍي اُڪير
۽ عزت سان کڻندو هو. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڊاڪٽر
خان محمد پنهور جو شمار پڻ سنڌ جي سچن عاشقن ۽
خدمتگارن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ هونئن ته هر انسان جو
احترام، عزت ۽ محبت ڪندو هو، پر محمد عثمان
ڏيپلائي جهڙين شخصيتن سان ويجهڙائي، سندس سکڻ ۽
انهن کان پرائڻ جي حقيقي علم جي اُڃ اُجهائڻ هوندي
هئي. اسان جي هن پٺتي پيل سماج ۾ جتي اهڙن بزرگن
کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ مرڻ کان پوءِ کين
خراج پيش ڪرڻ جي روايت آهي، اتي ڊاڪٽر خان محمد
پنهور اهڙن شخصيتن کي سندن جيئري ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ
ڪم ڪندو رهيو. هُو ڪوشش ڪندو هو ته نوجوان نسل
اهڙن اَملهه انسانن سان ملي، کانئن پرائي ۽ سکي.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور صحافت ۾ جن شخصيتن کان اثر
ورتو، انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني
رهبر هو ئي، پر محمد عثمان ڏيپلائي، مسڪين جهان
خان کوسو، مولانا عبدالغفور سيتائي، رئيس ڪريم بخش
نظاماڻي، راشدي برادران، قاضي برادران ۽ جنگ جي
مالڪ مير خليل الرحمان سان ويجهڙائي رهي ته ٻئي
طرف پاڻ صحافت ۾ عملي طور واڳيل رهيو.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور ملڪ ۾ پهريون استاد آهي،
جنهن صحافتي پيشي سان گڏ ڪميونٽي سروس ۾ عملي طور
سرگرميءَ سان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جا صحافت ۽
سماجي خدمت جي شعبي ۾ تاريخ ۾ اڻمٽ نشان ڇڏيل آهن.
سندس خدمتن جو سمورو محور سنڌ ۾ پيدا ٿيل محمد
عثمان ڏيپلائي جهڙا خوبصورت ۽ خوب سيرت انسان
رهيا، سندن وفات کان پوءِ سندن خاندان سان عزت ۽
محبت جا لاڳاپا برقرار رکيا، هن زندگيءَ جا سمورا
پل هڪ جيئري انسان وانگر گذاريا جن ۾ صرف محنت ۽
سچائي هئي، نه ڪو ڪوڙ هو، نه ڏيکاءُ هو، اهڙيءَ
طرح هن جي، سنڌ جي عاشقن سان محبت ۾ به عقيدت هئي،
اُها سندن خدمتن ۽ پورهئي جي ڪري هئي، جنهن ۾ ڪو
ڏيکاءُ يا وڌاءُ نه هو.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جي هنن سچن خادمن کي
مڃتا ڏيڻ لاءِ سندن زندگيءَ ۾ ئي ڏهاڙا ملهايا، ۽
سندن اعزاز ۾ تقريبون منعقد ڪيون، نه رڳو ايترو پر
اهڙين شخصيتن کي سنڌ جي تاريخ ۾ قلمبند ڪيو ته
جيئن سندن خدمتون هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل
ٿين. ڊاڪٽر پنهور، صحافي، استاد ۽ محقق جي حيثيت ۾
اهڙن عالمن، اسڪالرن تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ
لکيا، بلڪ هن شيخ عبدالمجيد سنڌي تي ايم.فل ڪئي ۽
سندس ادارت ۾ نڪرندڙ مشهور اخبار ”الوحيد“ تي پي
ايڇ.ڊي ڪئي. ڊاڪٽر پنهور، ڏيپلائي صاحب جي نياڻي
ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائيءَ کي به همٿايو ته هوءَ
پنهنجي والد صاحب تي پي ايڇ.ڊي ڪري، جيڪو عظيم ڪم
هن سرانجام ڏنو.
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر خان محمد پنهور، ڏيپلائي صاحب
سان سندس زندگيءَ ۾ رهاڻيون ڪيون، سندس انٽرويو
ڪيا. هن ڏيپلائي صاحب جو هڪ اهڙوئي يادگار انٽرويو
صحافت جي شعبي جي شاگردن سان گڏ ڪيو، جنهن جي وڊيو
رڪارڊنگ پڻ موجود آهي، جيڪو هڪ تاريخي رڪارڊ جي
حيثيت رکي ٿو. ڏيپلائي صاحب جو هڪ شاندار انٽرويو
ڊاڪٽر صاحب جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ”نئون نياپو“
۾ شايع ٿيل آهي، جنهن جي ٽائيٽل تي ڏيپلائي صاحب
جن جي تصوير آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو شمار سنڌ جي اهڙين
شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جن صحافت ۽ ادب کي زندگي ارپي ۽
ان پيشي کي، بنا لالچ ۽ لوڀ جي خدمت واري جذبي سان
نڀايو. ڏيپلائي صاحب،
مرزا قليچ بيگ وانگر ادب جي هر صنف تي قابلِ تحسين
لکيو، ۽ سنڌ مان جهالت ۽ اڻبرابري جي خاتمي لاءِ
اڻٿڪ عملي جدوجهد پڻ ڪئي، اهو عين ممڪن آهي ته کيس
ميرن، پيرن، وڏيرن سان گڏ سياستدانن ۽ سرڪار گهڻو
ستايو ۽ تنگ ڪيو هوندو، پر کيس پراون سان گڏ
پنهنجن جا ڏنڀ به ضرور سهڻا پيا هوندا، پر هن مردِ
مجاهد سماج ۾ پنهنجو ڪردار مثالي ادا ڪيو ۽ اهوئي
سبب آهي جو هو تاريخ ۾ زندهه آهي ۽ سندس مخالف
تاريخ جي تاريڪيءَ ۾ دفن ٿي ويا.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو شاهڪار ناول ”سانگهڙ“
جنهن کيس عظيم شهرت نصيب ڪئي، هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽ
آهي، پر ائين چئجي ته هن هڪ دور جي تاريخ کي ناول
۾ سميٽيو آهي. هيءُ ناول ئي ڏيپلائي صاحب جي ذهني
شاهوڪاريءَ جو زندهه جاودان مثال آهي، جيڪو هر دور
۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي سندن رهنمائيءَ لاءِ نوان
گس مهيا ڪندو رهندو.
ڏيپلائي صاحب جو جنم، ان وقت جي صحرائي ۽ هن دور
جي ڪاري سون واري ڌرتي ٿر تي ٿيو. ڏيپلائي صاحب جي
مقناطيسي شخصيت سبب ئي سندس جنم ڀومي ڏيپلي کي
شهرت ملي، ائين ئي جيئن مسڪين جهان خان کوسي جي
خدمتن ڪري ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کي. هن ديومالائي
ڪردار جي زندگيءَ جا لاها چاڙها به اهڙائي رهيا
آهن جهڙا دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ عموماً ڪردار تاريخ
۾ زندهه آهن، شاهڪار ۽ عظيم ڪردار محمد عثمان
ڏيپلائي جهڙا شخص جن هميشه نئين نسل کي رهنمائي ۽
سچائي جي واٽ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، کين انسان بنائڻ ۽
انسانيت جي خدمت لاءِ اُتساهيو.
محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي دور جو هڪ ديومالائي،
بي ڊپو، سچو ۽ کرو انسان هو، جنهن جرئتمند صحافي ۽
اديب طور سنڌ جي هر اهنج جي خاتمي لاءِ صف اول
ڪردار ادا ڪيو. اسان جي معاشري ۾ اگر ڪي چڱايون
آهن ته اهي ڏيپلائي صاحب جهڙن انسانن جي ڪري ئي
آهن، جن کي سمجهڻ ۽ هينئن سان هنڊائڻ جي ضرورت
آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي وڏي خوبي اِها آهي، ته
هن پنهنجي قلم کي هر وقت سچائي لاءِ استعمال ڪيو ۽
هڪ بي داغ زندگي گذاري. هُو هڪ صاف گو، بي داغ، هڪ
يگاني سنڌ جي خادم طور تاريخ ۾ زندهه آهي ۽ زندهه
رهندو. سندس ڪم ۽ ڪارناما، ڪاوشون ۽ ڪوششون نمايان
رهنديون. محمد عثمان ڏيپلائي جو ادب ۽ صحافت ۾ ڪيل
پورهيو، تاريخ جو حصو آهي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي
جهڙن سچن انسانن جي خدمتن کي تاريخ، هميشه زندهه
رکندي.
فهيم نوناري
رڻ
گجيو، راڙو ٿيو!
(عظيم
انقلابي انسان محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽا)
انسان ذات ۽ قومن جي سربلندي ۽ اعليٰ رتبي جي
حاصلات خاطر، سوچيندڙ دماغ سدائين انهيءَ ڪِرت ۾
جنبيل هوندا آهن ته هوند قوم جي ترقيءَ لاءِ ڪيئن
سوچ، سمجهه ۽ ڀاڳ جي بلنديءَ لاءِ نوان گس ۽ نيون
راهون تخليق ڪجن، ته جيئن انسانيت، انهيءَ مان ۽
مرتبي تي پهچي جتي آزادي، عزت ۽ خوشحاليءَ جا
سرچشما انسان ذات کي سيراب ڪندا آهن. انهن ڀاڳوند
انسانن منجهان محمد عثمان ڏيپلائي به پنهنجي فڪر،
فلسفي ۽ سمجهه آهر سِر جا خطرا کڻي مڪر، فريب،
ڪوڙ، دوکي ۽ انڌي عقيدي جي تقليد خلاف انقلاب جو
جهنڊو بلند ڪيو.
سڀ ننگا ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ.
ائين محمد عثمان ڏيپلائي مڪر، جبر ۽ انڌي عقيدي جي
ڪوٽ جي بُرجن ۾ زلزلا برپا ڪري ڇڏيا. محمد عثمان
ڏيپلائي صاحب سنڌ جو اهو داناءُ ۽ بهادر کاهوڙي
اديب هو جنهن پيري مريديءَ جي ڪوڙي ناٽڪ جا بخيا
اُڊيڙي ڇڏيا. سنڌ جو ماڻهو جيڪو سالن کان انڌي
تقليد جو پوئلڳ، ٽوڻن، ڦيڻن، تعويذن ۽ سوچن اڻ ڏٺل
۽ اڻ ٻڌل مڪرن ۽ غيباتي ڦهليل ڪوريئڙي جي ڄارن ۾،
سڄي سنڌ جڪڙيل هئي، اُنهي گهگهه انڌيري ۽ ظلم جي
رات مٿان وار ڪري انڌي عقيدي جي ظلم جو پردو چاڪ
ڪيو، ماڻهو جيڪو غيباتي ناٽڪي ۽ نقلي فلسفي جي
آکاڙن ۾ ڦاٿل هو، تنهن کي زبان ملي ۽ هو آزادي،
سمجهه، عقل ۽ آجپي جا نوان خواب ڏسڻ لڳو.
بُرو هو ڀنڀور، جو آرياڻي اُجاريو
لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻيءَ هور
ڇوريون ڇُرڻ سکيون پنهون ڪيائون پورُ
آيو سو اَتورُ جنهن ڏکيون ڏک وهاريون.
(شاهه)
”ڪنهن به تهذيب جو سرچشمو ڪنهن شخص، ڪنهن خاص
گروهه جي تخليقي عمل ۽ صلاحيت جي جوهر ۾ سمايل
هوندو آهي، (ٽونن بي Tonnin
Biee)
قومن جي سربلندي ۾ فردن جي ڪردار جو وڏو حصو ٿئي
ٿو)“. سورهين- سترهين صدي ۾ روءِ زمين جي تاريخ
سميت سڄو يورپ ۽ آمريڪا جاگيردارانه شاهي، ٽوڻن
ڦيڻن، خيالي قصن، ڪهاڻين، جنن ڀوتن جي آکاڻين ۽
غلامداري سماج جي پاڃاري ۾ ڦاٿل هئي، ڄڻ سڄو
اونداهو سمنڊ هو، ان دور ۾ جون آف آرڪ، وريس ورگ،
شيڪسپيئر، گوئٽي، چاسر، والٽ وٽمين، ڪارل مارڪس،
ٿامس، جيفرسن ۽ بنجامن فرينڪلن سميت سوين هزارين
عالمن، اديبن ۽ فلسفن غاصب ۽ غلامدار سماج جي
اونداهي پاسن تي بار بار سنڌائتا ڌڪ هڻي ڀورا ڀورا
ڪري ڇڏيو، ظلمت جو دور ختم ٿيو ۽ سمجهه ۽ روشنيءَ
جا نوان سج اُڀريا، اهڙي ريت سنڌ جي هن مردِ مجاهد
محمد عثمان ڏيپلائي نه رڳو پيرن ۽ ميرن جي جبر ۽
ظلم جا داستان عقليت پسندي جي بنياد تي لکي، انهن
کي الف اگهاڙو ڪيو بلڪه غافل ماڻهو کي روشني جو
نئون رستو ڏيکاريو، انڌي عقيدي خلاف محمد عثمان
ڏيپلائي جا هيٺيان ڪتاب مشهور آهن:
انسان جي تاريخ، امڙ، مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون
ٽنگون، نورِ توحيد وغيره.
ڏيپلائي صاحب جي وطن دوستي به شاندار قسم جي آهي،
هن کي ڏيهه جا هيرا، ماڻڪ موتي ۽ جواهر وطن جي مٽي
۽ ضمير ۾ نظر آيا، جو هن جي عقابي نگاهه، گودڙي جي
لعلن تي پئي، جن جي ساڻيهه جي سڪ مادرِ وطن لاءِ
غير مشروط هئي، جن جو ذڪر هُو ”وطن يا ڪفن،“ اهو
جڳمڳائيندڙ هيرو سورهيه بادشاهه هو، جن جي لازوال
جدوجهد ۾ بچو بادشاهه جهڙن دم دلير ڌڌڪندڙ هيرن جي
هاڪ وطن اندر يا وطن کان ڏور، انگريزن جي ديس ۾
مڃتا ماڻي. اسان جي هن عالم، اديب ۽ فلاسفر محمد
عثمان ڏيپلائي ”سانگهڙ“ جهڙو شاهڪار (Master
Piece) ناول
لکي ساڻيهه جي ساک ۽ باک ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ امر
ڪري ڇڏي.
ڏيپلائي صاحب جي همعصرن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
پير حسام الدين راشدي اچيو وڃن، جن جي قلم جي جنبش
به ڏيپلائي صاحب جهڙي رهي آهي، پر ڏيپلائي صاحب جي
خاصيت اها رهي آهي ته هو عملاً به پنهنجي لکڻين
جهڙو رهيو آهي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه
رهيو آهي.
ڏيپلائي صاحب جي خوشبختي اها رهي آهي جو هن کي
پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو مليو آهي، بلڪه رسول بخش
پليجو، سائين جي.ايم.سيد، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي،
برڪت آزاد، عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز ۽ محمد
ابراهيم جوئي صاحب جهڙا شارح ۽ تقليد ڪندڙ عظيم
شخص مليا، جن سندس نظريي ۽ سوچ کي ترقي پسند
ڄاڻيندي انهيءَ تي نه رڳو پاڻ عمل ڪيو، پر پوئلڳن
کي به هدايت ڪيائون ته محمد عثمان ڏيپلائي جون
لکڻيون پڙهن ۽ هينئن سان هنڊائين.
دين محمد ڪلهوڙو
جان
جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي
مُنهنجي خيال ۾ لکڻ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هِڪُ، روح
سان لکڻ، ۽ ٻيو، ميار لاهڻ خاطر لکڻ. لکڻ جا هي
ٻئي قسمَ، حالانڪ پاڻ تي رکيل ڊيوٽي ته پوري ڪن
ٿا، پر لکندڙُ جيڪا ڊيوٽي، پنهنجي روح جي حڪم تي،
پوري ڪري ٿو، اُن جو مزو ڪجهه اورِ آهي. ميار لاهڻ
۽ پنهنجي باس يا اداري کي خوش ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪتاب
لکجي، پر اهو ڪتاب، روح ۽ دل جي سچائيءَ سان لکيل
چند صفحن جي آڏو تڇ آهي.
مون کي هيءُ مضمون لکندي، روحاني خوشيءَ سان گڏ
قلبي سڪون حاصل ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجو قلم
منهنجي روح سان گڏوگڏ هلي رهيو آهي ۽ منهنجو قلم
اُن شخصيت جو شانُ بيانُ ڪندي نه ٿڪجندو آهي، جنهن
پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ نه ڪو گناهه ڪيو هجي ۽ نه
وري سچائيءَ جي رستي تان، ٿِڙيو هجي. اهڙي فرد
لاءِ جيڪڏهن آءٌ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي نالي
جو انتخاب ڪريان، ته بيجا نه ٿيندو.
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب لاءِ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جا هي لفظ بنا ڪنهن جهجهڪ جي، چئي سگهجن
ٿا:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
اهڙيون شخصيتون، الله پاڪ طرفان نعمت ۽ تحفو ٿِي
ملنديون آهن، جن جي ڇاپ، صدين تائين ڦهليل هوندي
آهي ۽ اهي صديون سدوريون ۽ ڀاڳوند سمجهبيون آهن،
جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙا انمول هيرا جنم
وٺندا آهن، جن جو مُلهه ڪَٿي نه سگهبو آهي.
هيءَ دنيا، ارادي ۽ عمل تي بيٺل آهي. رب پاڪ،
ڪائنات پيدا ڪرڻ لاءِ پهريان ارادو ڪيو ۽ پوءِ اُن
کي عملي جامو پهرايو ۽ انهيءَ اصول تحت ئي هِن
دنيا جو وهنوار رکيو ۽ رب پاڪ انهيءَ فلسفي کي
سمجهائڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ سوا لک پيغمبر ۽
رسول موڪليا، جن سڳورن پنهنجين تبليغن ۾ واضح طرح
فرمايو ته جيستائين اسان پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ۽
ظلمن جي خلاف اُٿي کڙا نه ٿيندا سين، ڪجهه به حاصل
ٿيڻو نه آهي. جيڪڏهن فقط ارادن ۽ سُڌُن رکڻ سان،
سماجي بيماريون ختم ٿين ها ته آقاء نامدار هاڻي
جيڪڏهن انسان، فقط ارادو ڪندو رهندو پر اُن کي
عملي روپ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪندو ته پوءِ فائدي
واري نئين شيءِ، ڪا نئين مثبت تبديلي ڪانه ايندي.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ به پنهنجي ساري حياتي،
انهيءَ اصول تي گذاري ۽ چيائين ته مرض جي خاتمي
لاءِ علاج وٺڻ ضروري آهي. محمد عثمان ڏيپلائي لکڻ
کان وڌيڪ عملي جدوجهد ۾ ويساهه رکندڙ اديب هو. هن
ڄاتو پئي ته اسان جنهن سماج ۾ جِي رهيا آهيون، اتي
فقط اديب ۽ نقاد بڻجي، مسئلن جي اپٽار ڪرڻ ڪافي نه
آهي، پر اُن لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ اسان
ڏٺوسين ته محمد عثمان ڏيپلائي رڳو هڪ اديب ۽ نقاد
بڻجي سماج جي اوڻاين ۽ خرابين جي نشاندهي نه ڪئي
بلڪ هن سموري حياتي، انهن سماج دشمن ۽ ملڪ دشمن
عناصرن سان عملي جنگ ڪندي گذاري. هو جتي به، ۽
جنهن سان به مليو، انهن عناصرن جي ڪارستانين خلاف
تيز تبليغ ڪندو رهيو ۽ قلم کان نشتر جو ڪم وٺندو
رهيو. انهيءَ پاداش ۾ کيس ڪيترا ڀيرا جيل به وڃڻو
پيو. هر ڀيري جيل، هن جو تربيت گاهه ثابت ٿيو ۽ هر
دفعي جيل ۾ رهندي، هن جي ارادن ۾ پختگي، نئون عزم
۽ لکڻ لاءِ نئون ميدان ٿئي مليو. هن ”سانگهڙ“ جهڙو
شاهڪار ناول به جيل دوران ئي لکيو. انهيءَ ناول جو
مواد به هن کي جيل ۾ قيد ٿيل حُرن کان ئي مليو.
اسان جو سماج، دنيا جي ٻين سماجن کان تبديل آهي.
اسان وٽ ڏوههَ، مٿئين طبقي کان هيٺئين طبقي ڏانهن
مختلف روپن ۽ روين ۾ سفر ڪن ٿا. سياستدان، ڪامورو،
وڏيرو، مير، پير، استاد، وڪيل، صحافي، اديب، شاعر،
هاري، مزدور وغيره سڀ جو سڀ سماج آڏو ذميدار آهن،
۽ ڏوهه به اُتان ئي جنم وٺن ٿا، جيڪڏهن انهن مان
ڪو به فرد پاڻ تي رکيل ڊيوٽي، قاعدي مطابق ادا نه
ٿو ڪري، ته اهو به هڪ قسم جو ڏوهه ڪري ٿو. ظلم سهڻ
بلڪ ان خلاف نه ڳالهائڻ به هڪ قسم جو ڏوهه آهي.
اها فلاسافي محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجين لکڻين ۾
سمجهائي.
اسان جي اديبن جو الزام آهي ته: ”محمد عثمان
ڏيپلائي سدائين هڪ ئي مڪتبئه فڪر يا هڪ ئي نڪتئه
نظر جو آخر تائين نه رهيو، پر هو متزلزل رهندي،
ڪڏهن مولانا مودوديءَ جي اثر هيٺ رهيو، ته ڪڏهن
ديوبند ٿي رهيو، ڪڏهن وري سيڪيولر خيالن جو زبردست
حامي ۽ پرچارڪ رهيو. هن جي مزاج ۽ طبعيت ۾ مستقل
مزاجي نه هجڻ سبب، ڪنهن به شعبي ۾ سندس شخصيت ٺهي
نه سگهي.“
منهنجي خيال ۾ هيءَ راءِ، آئيني جو فقط هڪ رُخ
ڏيکاري ٿِي، ٻئي طرف ڇا آهي، اُن رخ طرف، اسان جي
اديبن جو قلم نه اُڪليو آهي. منهنجي نظر ۾ محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جو ٻيو رُخ، سندس بيحد حساس پڻو
آهي، جيڪو شروع کان آخر تائين، سندس ارادن ۽ عملن
تي حاوي رهيو آهي. هن شروع شروع ۾ جڏهن مولانا سيد
ابوالاعليٰ مودوديءَ کي پڙهيو، ته اُن جي خوبين جو
اثر هڪدم مٿس ٿيو، پر جڏهن ديوبند جماعت ۾ وڌيڪ
سُٺايون ڏٺائين، ته انهن جو پرچارڪ ٿيو، پر جڏهن
هن مارڪسزم کي پڙهيو، ته انهن خيالن هن کي بنهه
تبديل ڪري ڇڏيو. اسان ڏسنداسين ته ان سموري ذهني
ڀڃ ڊاهه پٺيان هن جي بيحد حساسيت وارو عنصر
ڪارفرما هو ۽ ان جذبي ئي هن کي وڌيڪ مطالعي جي
جستجوءَ ۾ جُنبيل رکيو، پوءِ سندس روشن خياليءَ جو
ڪئنواس به وسيع ٿيڻ لڳو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۾ حساسيت اعليٰ درجي جي
موجود هئي. هو تيز فهم، تڪڙو ۽ گهڻو لکندڙ اديب
هو. هن جي ادراڪ واري قوت به تيز هئي. هو جڏهن به
ڪٿي، ڪنهن سان ظلم ٿيندي ڏسندو هو ته هن جي تيز
حساسيت تڙپي اٿندي هئي ۽ هو قلم، جگر مان ٻوڙي
لکندو هو، ڪڏهن هارين سان ٿيندڙ ظلمن تي، ڪڏهن
مريدن سان ٿيندڙ بيواجبين تي، ڪڏهن ڪامورن جي
ڪارستانين تي، هِنُ جو قلم سراپا تلوار بڻجي پوندو
هو. اهڙن حساس ماڻهن تي الله پاڪ جي خاص عنايت
هوندي آهي.
حق جي راهه تي هلڻ وارن ماڻهن کي ئي تڪليفون
اينديون آهن، پر اهي ظاهري تڪليفون هونديون آهن،
جي ٻين لاءِ سبق ۽ نصيحت پر ان ماڻهوءَ لاءِ قلبي
سڪون آهن. محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي به جيڪي
تڪليفون رسيون، انهن کيس قلبي سڪون پهچايو ۽ هو
پنهنجين لکڻين جيان پنهنجي عملي جدوجهد ۽ جاکوڙ
مان به مطمئن هو. هو پنهنجن ارادن ۽ سوچن ۾ به
هروقت اڏول ۽ روشن خيال رهيو ۽ اها ئي سندس مستقل
مزاجي هئي. هو پنهنجي دور جو انتهائي وڏو ماڻهو ۽
هڪ زوردار تحريڪ هو. سندس چواڻي: ”سڀ کان ڏکيو ڪم
آهي، انسان ٿيڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ.“ هن فلسفي
تي عمل ڪرڻ هر ڪنهن انسان جو ڪم نه آهي، پر محمد
عثمان ڏيپلائي ان فلسفي تي زندگي گذاري، هڪ زندهه
مثال قائم ڪيو. اسان لاءِ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي
زندگي هڪ ”رول ماڊل“ آهي، جنهن تي هلي، اسان
پنهنجا صلب ڪيل حق حاصل ڪري سگهون ٿا.
غلام رباني آگري صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ٽن
شخصيتن سڄي عمر سِنڌُ سِنڌُ ڪئي: جي. ايم سيد،
حيدربخش جتوئي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي.“ پر مان آگري
صاحب جي اِن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوان ته محمد
عثمان ڏيپلائي پنهنجين لکڻين ذريعي نسلن ۾ جا
شعوري حرارت پيدا ڪري ويو، اها ڪڏهن به اجهامڻي نه
آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن، آخر هڻي هَنڌُ ڪندي.
آءٌ ڏيپلائي صاحب جي نياڻي محترم ثريا سوز
ڏيپلائيءَ جي انهيءَ ڳالهه سان به سيڪڙو متفق
آهيان، جنهن پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته:
”درحقيقت صحيح معنيٰ ۾ سٺو اديب اهو نه آهي، جيڪو
صرف پڙهندڙن کي صحيح راهه ڏيکاري، پر اهو پڻ لازم
آهي، ته ان راهه تي هو هلندڙ به هجي.“
هيءَ ڳالهه شايد اسان جي انهن اديبن کي ڏُکي لڳي،
جيڪي ادب براءِ ادب جا قائل آهن، ۽ ادب براءِ
زندگي کي غير ضروري سمجهن ٿا، پر اها حقيقت آهي ته
هر اها ڳالهه اثر پذير تڏهن ٿيندي، جڏهن اُن تي
عمل ڪرڻ وارو پهريان اُهو پاڻ هُجي. اديب جيڪڏهن
سماج جي ڪنهن برائيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو، پر جي
ٻئي طرف هو پاڻ عملي طرح، اُن ئي ڏوهه ۾ گرفتار
آهي، ته پوءِ سندس اهو لکڻ ڪهڙي ڪم جو؟ آءٌ جيڪڏهن
اُن وڏيري اديب جي ڳالهه ڪريان جيڪو پنهنجي ماتحت
ملازمن جا حق ته صلب ڪيون ويٺو هجي، پر لکي اهڙن
ئي ماڻهن جي حمايت ۾... اُن صورت ۾ هِن کي پنهنجي
سماج ۽ پنهنجي ماڻهن کان، اُن بابت ڪهڙي اميد رکڻ
گهرجي؟
اسان جي سماج جي ترقي نه ڪرڻ يا ٺيڪ نه ٿيڻ جو هڪ
اهم سبب هيءُ به آهي ته اسان گهڻو ڪري مسئلن جي
نشاندهي ته ڪندا آهيون، صلاحون ته ڏيندا آهيون، پر
ان تي پاڻ عمل ڪرڻ پنهنجي لاءِ توهينَ سمجهندا
آهيون ۽ اهو چاهيندا آهيون، ته انهن صلاحن تي ٻيا
عمل ڪن، حالانڪه هڪ لحاظ کان اها مسئلن جي اپٽار
ته آهي، پر علاج نه آهي. اسان جي سماج کي علاج
کپي، ۽ سماج جي آڏو اسان سڀ ذميدار آهيون. ڏيپلائي
صاحب پنهنجين لکڻين ۾ سماج جي ذميدار فردن کي
پنهنجون پنهنجون ذميداريون ياد ڏياريون آهن.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ۾ گهڻو ڪري 6 ولين
آهن: ڪوڙو مرشد (پير)، مفت خور مُلو، جاگيردار،
سرمائيدار، بيورو ڪريٽ ۽ سياستدان. هن پنهنجين
لکڻين ۾ انهن ڇهن ئي غنڊن جي نت نين ترڪتالين ۽
سازشين کي خوب ظاهر ڪري، سندن بيخ ڪني ڪئي آهي.
ڏيپلائي صاحب جي انهن بيان ڪيل”ڪردارن“
خلاف مواد ڇپڻ کان جڏهن اشاعت گهرن معذرت ڏيکاري،
تڏهن ڏيپلائي صاحب کي پنهنجي پريس قائم ڪرڻي پئي ۽
پوءِ هن ’قرآن پريس‘ جو بنياد رکي، باقاعدگيءَ سان
قلمي جهاد جو سلسلو جاري رکيائين، ۽ انهيءَ پريس
تان مٿين ڇهن ئي سماج دشمن ۽ سنڌ دشمن عناصرن جا
خوب ڇوڏا لاٿا ۽ هڪ سماج سڌارڪ، ڪميٽيڊ اديب سميت
هڪ جرئتمند ۽ ڪميٽيڊ صحافي هجڻ جا صحيح حق ادا
ڪيا.
سنڌ ۾ آزاد صحافت جو بنياد رکڻ وارو به محمد عثمان
ڏيپلائي ئي هو ۽ هيءُ واحد جرئتمند صحافي هو، جنهن
صحافت ۾ سچائيءَ سان لکڻ ۽ ان تي بهادريءَ سان ڄمي
بيهڻ جي روايت به رکي.
ڊاڪٽر
اسدالله قاضي
محمد عثمان
ڏيپلائي جي ياد ۾
مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي اڄ اسان ۾ موجود نه آهي
پر ساڻن ڪيل ملاقاتن ۽ تحريرن جا انمول خزانا اڃا
تازا آهن. پاڻ ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ هڪ گهڻ رُخي
شخصيت جي حيثيت ۾ سڃاتا وڃن ٿا.
آءٌ ڏيپلائي صاحب کي منهنجي دوست محمد علي جي نسبت
سان سڃاڻندو هئس، ۽ جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي
ته کيس چاچا ڪري مخاطب ٿيندو هئس. اهو سلسلو 1950ع
جي آخري ڏهاڪي کان 1960ع جي پهرئين ڏهاڪي تائين
رهيو. اڪثر ملاقاتون قرآن پريس ۾ ٿينديون هيون ۽
آخري ملاقات جو ذڪر آخر ۾ ڪندس.
پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏيپلائي صاحب 500 کان وڌيڪ ناول،
ناٽڪ، مختصر ڪهاڻيون، افسانا، مضمون ۽ لاتعداد
ادارتي خاڪا لکيا. ڏيپلائي صاحب جي سنڌي لکڻين کي
مرزا قليچ بيگ جي ادبي ڪاوشن سان مشابهت ڏئي سگهجي
ٿي.
ڏيپلائي صاحب جي علمي خدمتن کي ٻن دورن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو:
پهريون دؤر 1948ع-1938ع ملت اسلاميه ۽ حڪومت
الاهيه (اسلام پسندي)
ٻيو دؤر 1981-1948 اشتراڪيت پسندي ۽ سنڌي قوم
پرستي (ترقي پسند)
• پهرين دؤر ۾ ڏيپلائي صاحب ملت اسلاميه ۽ حڪومت
الاهيه جي نظرين جو حامي هو. مولانا مودودي کان
گهڻو متاثر نظر اچن ٿا، سندن اڪثر لکڻيون اسلامي
رنگ ۾ رتل آهن. اهي لکڻيون ان وقت جي عڪاسي ڪن
ٿيون، جڏهن مسلمان اديب سلطاني سهاڳ جي آس ۾ سُتل
هئا. ستا اُٿي جاڳ جو نعرو هڻي، ڏيپلائي صاحب سنڌي
عوام کي شاندار اسلامي تاريخ کان آگاهه ڪري، منجهن
ديني جذبو جاڳايو، ساڳئي وقت مسلمانن جي ترقيءَ ۾
هندو سامراج ۽ انگريز سرڪار جي مسلمانن سان ڏاڍاين
خلاف آواز اُٿاريائون.
تازو ڏيپلائي صاحب جي ڪجهه معياري پراڻن تحريرن،
جي اول عبرت ڪتابي سلسلي پاران ڇپايل هيون، تن جي
محمد علي جي ڪوششن سان نئين سر اشاعت رونمائي
(پڌرائي) ٿي آهي. ان ۾ 10 ڪتاب تاريخ وار هن ريت
آهن:
آخري اميد 1940ع
آفريقا جي شهزادي 1941ع
دخترِ اسلام 1942ع
نيل ڪنوار 1944ع
چين جو چنڊ 1944ع
خلفاء راشدين 1947ع
سيرت رسولؐ 1947ع
ارشاد الخلفاء 1947ع
سيرت فاطمہ 1949ع
قراني خزانو 1948ع
اهو کڻي چئجي ته مٿي ڄاڻايل ڪتاب، ڏيپلائي صاحب جي
پهرين دؤر جي عڪاسي ڪن ٿا. سندن انهيءَ ڪم کي نسيم
حجازيءَ جي اسلامي تاريخي ناولن سان ڀيٽي سگهجي
ٿو.
برطانوي راڄ ختم ٿيڻ کان پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان جي
وجود ۾ اچڻ سان سندن ملت اسلاميه جي تصور کي تقويت
ملي پر جلد ئي مسلمان حڪمرانن جي ڪرتوتن کي ڏسي
منجهانئن اسلام پسندي وارو رجحان، جنهن ۾ وطن
پرستيءَ جي ڪابه گنجائش نه هئي، ۽ سمجهيو ٿي ويو
ته: ”مسلم هي هم وطن هين، سارا جهان همارا“ ختم
ٿيڻ لڳو ۽ منجهن سنڌي قوم پرستي، ترقي پسندي ۽
اشتراڪيت پسندي جا لاڙا نمودار ٿيڻ لڳا. فرمايائون
ته: ”سڀ کان اول آهي پنهنجو وجود، ان بعد پنهنجو
گهر ۽ وطن، جنهن به انسان کي پنهنجي تڏي سان محنت
نه آهي… اهو سدائين رولو رهي ٿو ۽ انهن لاءِ دنيا
۾ ڪوبه صحيح ٺڪاڻو ڪونهي.“
انهيءَ پس منظر ۾ ڏيپلائي صاحب جي ٻي دؤر جي
شروعات ٿئي ٿي. پاڻ ان دؤر ۾ ڏک، سک ۽ توڪل تي
سنڌي عوام جي بي انتها خدمت ڪئي اٿن. ڪڏهن به
نااُميدي جو شڪار نه رهيا ۽ پنهنجي ڪم ۾ رُڌل
رهيا.
ٻي دؤر ۾، جيڪو 1948ع کان پوءِ شروع ٿئي ٿو، ان ۾
ڏيپلائي صاحب روسي انقلاب ۽ Gorkyجي
لکڻين کان گهڻا متاثر ٿين ٿا. منجهن سنڌي قوم
پرستي جو رجحان نمايان نظر اچي ٿو. سڄي دنيا جي
بدران سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهڻ لڳن ٿا. سندن حلقه
فڪر ۾ غلام مرتضيٰ سيد، حيدر بخش جتوئي، محمد
ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز وڏي حيثيت رکن ٿا. سندن
اڪثر لکڻين ۾ پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جو ذڪر آهي جن ڏيپلائي
صاحب جي نظر ۾، سنڌي عوام جو استحصال ڪيو. آخري
ڏينهن ۾ وري ”سانگهڙ“ ناول لکي سورهيه بادشاهه
(پير صبغت الله شاهه راشدي) کي سندن انگريز سرڪار
سان اڻبڻت کي ساراهيو اٿن ناول پڙهڻ کان پوءِ
محسو ٿيو ته ڏيپلائي صاحب حقيقت پسنديءَ جو اظهار
ڪيو آهي. سڀ پير ۽ مير هڪجهڙا نه آهن ۽ سنڌي جوڌن
جي پنهنجي وطن لاءِ قربانين کي ساراهيو اٿن. 2003ع
۾ تاج جويو،
”منهنجو دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان
ڏيپلائي“ جي عنوان سان سنڌي ماڻڪ موتي تنظيم پاران
ڇپايل ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب جو جامع انداز ۾ جڏهن
کان لکڻ شروع ڪيائون (1919ع) کان زندگيءَ جي آخري
لمحن (1981ع) تائين مسلسل قلمي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت
جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽
علمي ادبي خدمتن جو خاڪو پيش ڪندي سندن تصنيف ڪيل
ڪتابن، مضمونن، جائزن، تبصرن جي مڪمل فهرست پيش
ڪئي آهي. اهو مواد تاج جويي، ڏيپلائي صاحب جي
فرزند محمد علي جي تعاون سان حاصل ڪيو. ڪتاب ۾ ٻين
به ڪيترن اديبن جا ڏيپلائي صاحب بابت تجزيا پيش
ڪيا ويا آهن. شايد ئي ڪو پڙهيل لکيل سنڌي هجي جنهن
ڏيپلائي صاحب جو ڪو ڪتاب يا مضمون نه پڙهيو هجي.
عرض ڪيو هوم ته آخري ملاقات جو ذڪر آخر ۾ ڪندس.
هيءَ ڳالهه آهي 1960ع جي اوائلي دؤر جي. بسنت هال
اڳيان هڪ چوڪنڊي هوندي هئي، ان ۾ هر هفتي سنڌي
ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. هڪ ڀيري ان
گڏجاڻيءَ ۾ ڏيپلائي صاحب، مقبول ڀٽي سان گڏ هڪ وڏي
دائري وارو ويٽو کڻي آيو، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جون
سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ صحيحون ٿيل هيون ۽ فرمايائون
ته اهڙي قسم جي تحريڪ هلائجي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي
يونيورسٽي قائم ڪري سگهجي. مون کان رهيو نه ٿيو ۽
مون چيو ته: ”چاچا انهيءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو
ڪير ۽ پڙهندڙن کي نوڪريون ڪهڙيون ملنديون؟ ڀلا
محمد علي ان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو؟“ ڏيپلائي صاحب
مشڪي کڻي ماٺ ڪئي. توهان سڀني کي خبر آهي ته ان
تحريڪ کي ڪهڙي موٽ ملي؟ ۽ ”سنڌي يونيورسٽي“ ته
ٺهيو، پر اڄ جي سنڌ يونيورسٽي ڪهڙي دؤر مان گذري
آهي!
هتي مون کي ٻيو واقعو ياد اچي ٿو. اهو واقعو 1960ع
جي اوائلي دؤر جو آهي. خيرپور ۾ ممتاز ڪاليج ۾ جتي
عطا محمد حامي صاحب پڙهائيندو هو، All
Pakistan Intercollegiate Debateٿي
رهي هئي. آءٌ سنڌي ڊبيٽ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ
يونيورسٽيءَ مان آيل هئس. اردو ڊبيٽ ختم ٿيڻ کان
پوءِ صدارتي تقرير جو وقت آيو. باباءِ اردو (مولوي
عبدالحق) کي عرض ڪيو ويو ته هو پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪن. تقرير ۾ باباءِ اردو، اردو يونيورسٽيءَ
جي اهميت بابت ڳالهايو ۽ جهولي جَهلي چيائين ته: ”میں اردو
کی نام
پر بھیک
مانگتا ہوں،
میری مدد
کریں“ آءٌ
باباءِ اردوءَ جي انهيءَ التجا کان ڏاڍو متاثر ٿيس
۽ سوچيم ته شايد اسان وٽ اهڙو ماڻهو نه آهي جو
باباءِ اردوءَ جي اردوءَ سان محبت جو مقابلو ڪري
سگهي.
اها سگهه ۽ اهڙو ماڻهو ڏيپلائي
صاحب جي روپ ۾ مون کي نظر آيو.
ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو
سنڌ
اندر قرآني تعيلمات عام ڪرڻ ۾
ڏيپلائي صاحب جو ڪردار
ڏيپلائي صاحب کي مون ان وقت کان پڙهڻ شروع ڪيو،
جڏهن انگريزي ڇهين ڪلاس ۾ هوس. 72-1973ع جو زمانو
هو. والد محترم (مولانا محمد قاسم سومرو) جن،
ڏيپلائي صاحب جا ناول نما لکيل ڪتاب آڻي ڏيندا
هئا، جيڪي ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس. پوءِ
انهن کي جلد ٻڌي، پنهنجي لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪري
رکندو هوس. انهن مان جن جا نالا ياد پون ٿا سي ڪجھ
هي آهن: روم جي راڻي، وهابين جو بابو، ڪارا ڪافر،
سجائي موڙي، مرشد جو ٻڪر وغيره، هر ڪتاب کي ٻن
قسطن ۾ پڙهڻ جو ته سوال ئي نه هو. پڙهڻ ويهبو هو
ته ڪتاب يڪساهي ختم، البته اڳتي هلي جڏهن سندس
”سانگهڙ“ هٿ آيو ته شايد رات جا اوجاڳا ڪري، ٻن
قسطن ۾ پورو ڪيو هوم، ڪتاب به ضخيم هو.
هڪ دفعي والد محترم، ڏيپلائي صاحب طرفان ڇپجندڙ
ماهوار/هفتيوار ”انسان“ جا ڪجھ پرچا آڻي ڏنا، بار
بار پڙهيم. خصوصاً انهن ۾ شايع ٿيندڙ، لطيفا ڏاڍا
وڻندا هئا ۽ پوءِ جيڪو به ڪتاب ڏيپلائي صاحب جو
دستياب ٿيو، سو ضايع ڪونه ڪيم، اڄ به اسان جي
قاسميه لائبريريءَ ۾ ڏيپلائي جا 100 کان وڌيڪ ڪتاب
موجود آهن.
بهرحال ان تي لکجي ته گهڻو ئي سگهجي ٿو، پر هن
مجلس ۾ مون کي ”سنڌ اندر قرآني تعليمات عام ڪرڻ ۾
ڏيپلائي صاحب جي ڪردار“ تي لکڻو آهي.
هيءُ اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا رهواسي قرآن مجيد جي
تعليم کان نا آشنا هئا، ڪو توجه ڪونه هو، نه ئي
قرآن جي ترجمن جي اشاعت عام هئي. قرآن جي صحيح
تعليم کان ماڻهو آگاھ ڪونه هئا ۽ نه ان جو ڪو
ويچار هو.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي پريس کي ۽ پنهنجي فن کي، ان
جي اشاعت لاءِ حرڪت ۾ آندو، ۽ پنهنجي مخصوص انداز
سان ستت ئي سنڌ واسين جو توجه ان طرف ڇڪائي وڌو.
پهريائين، پارن جي صورت ۾، پوءِ مڪمل قرآن جي صورت
۾، پهريائين ٻين جا ترجمي قرآن ۽ پوءِ پنهنجي
طرفان تيار ڪيل ترجمه قرآن شايع ڪيائين. چونڊ آيتن
جا مجموعا به ميدان ۾ آندائين، جنهن سان ماڻهن ۾
دلچسپي پيدا ٿي. ڏيپلائي جو پنهنجو نانءُ به هو.
ان جا لکيل ڪتاب بلڪه ان جي پريس ۾ ڇپيل ڪتاب، عام
پڙهيا ويندا هئا. پڙهندڙ هڪ ڪتاب اچڻ بعد مارڪيٽ ۾
سندس ٻئي ڪتاب جي انتظار ۾ رهندا هئا. ان ڪري قرآن
پاڪ جا ترجما پڙهجڻ شروع ٿيا، شعور پيدا ٿيو،
قارئين کي خبر پئي ته قرآن پاڪ ڇا چوي ٿو، نه ته
عام طور قرآن پاڪ صرف تلاوت لاءِ ئي سمجهيو ويندو
هو. (جئين ڏيپلائي صاحب به ڪن هنڌن تي ڄاڻايو آهي)
ڏيپلائي صاحب ئي هو، جنهن مولانا حاجي احمد ملاح
جو منظوم ترجمه قرآن مجيد، پهريان پهريان متعارف
ڪرايو، ان جا 3 پارا (الف لام، سيقول ۽ پارو عم)
ٽائيپ ۾ ڇپرايا، ۽ قرآن جي ترجمي جي اشاعت ۾ جديد
طريقا استعمال ۾ آندا. هونئن قرآن مجيد جو ترجمو
هميشه آيتن جي هيٺيان بين السطور ۾ ڇپبو هو، پر
ڏيپلائي صاحب ڪالمن جو طريقو اختيار ڪيو. هر صفحي
کي ٻن ڪالمن ۾ ورهائي، هڪ ڪالم ۾ قرآن شريف ۽ ٻئي
ڪالم ۾ ان جي بالڪل سامهون ان جو ترجمو ڏنو.
ڏيپلائي مرحوم کان اڳ وارا ترجما سڀ ليٿو جا ڇپيل
هئا. هُن قرآن جي عربي متن کي بلاڪن جي ذريعي ۽
سنڌي متن کي ٽائيپ جي ذريعي تيار ڪري، جديد طريقي
سان پيش ڪيو، هيء هڪ وڏو ڪارنامو هو. ڏيپلائي صاحب
قرآن جي ترجمي کي بامحاوره ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾
سڀ کان اڳرو رهيو.
بلڪه قرآني علوم جي اشاعت لاءِ هن هڪ پريس قائم
ڪئي، جنهن جو نالو ئي ”قرآن پريس“ رکيو ۽ اشاعتي
اداري جو نالو ”قرآن ڪمپني“.
اسان هن مختصر مضمون ۾ ڏيپلائي صاحب پاران قرآن جي
تعليمات عام ڪرڻ، سنڌ واسين کي ان کان روشناس
ڪرائڻ ۽ ان کي جديد طريقي سان ڦهلائڻ بابت ڪيل
علمي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ چاهيون ٿا. ڏيپلائي صاحب
ان ڏس ۾ جيڪي ڪجھ ڇاپيو ۽ اشاعت ۾ آندو، ان جو
وچور هن ريت آهي:
(1) قرآن شريف سولي سنڌي ترجمه سان، پهريون ڇاپو،
رائل سائيز جي 440 صفحن تي، قرآن پريس ۾ ڇاپي قرآن
ڪمپني، حيدرآباد طرفان پڌرو ڪيائين. اشاعت جو سال
ڄاڻايل ناهي. ڏيپلائي صاحب هن سولي ترجمي تيار ڪرڻ
۾ هيٺين پنجن عالمن جي قرآني ترجمن تان استفادو
ڪيو:
(1) حضرت
شاھ ولي الله دهلوي.
(2) سندس
فرزند شاھ عبدالقادر دهلوي
(3) شيخ
الهند مولانا محمود حسن ديوبندي
(4) حضرت
مولانا تاج محمود امروٽي
(5) مولانا
ابو الڪلام آزاد
جڏهن ته سنڌ جي نامياري عالم مولانا قاضي
عبدالرزاق ۽ ٻين عالمن کان پڻ ان ڏس ۾ مدد ورتي.
پهرئين ڇاپي ۾ ڏيپلائي صاحب لکيو آهي ته:
”الحمد لله مسلسل اڍائي سالن جي ڪوشش بعد هيءُ
ڪلام پاڪ سولي سنڌي ترجمي سان شايع ڪري رهيا
آهيون، ڪلام الله شريف جي اشاعت جو ڪم ڪيتري قدر
ڏکيو هو، سو اسان کي اندازو نه هو. ان ڪري جيڪي
مشڪلاتون درپيش آيون سي ذڪر ڪرڻ کان ٻاهر آهن، مگر
ڌڻي تعالي جو شڪر، جنهن مشڪل آسان ڪيا.
”ڪلام پاڪ جا هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ جيڪي به ترجما
هئا، سي پوري طرح عام فهم به نه هئا ۽ ٽائيپ ۾
ڇپيل نه هئا، ساڳئي طرح جهوني طرز وانگر ليٿو ۾
ڇپيل هئا. دنيا ڪافي اڳتي وڌي رهي آهي. اڄ اسان جي
نوجوان ٽهئ کي به ليٿو ۾ ڇپيل سنڌي ڪتاب ئي ڏيو ته
هو گوارا نه ڪندا. ان ڪري نهايت ضروري هو ته انهن
جي مطالعه لاءِ ڪلام پاڪ جو ترجمو ٽائيپ ۾ هجي. هن
کان اڳ حضرت مولانا امروٽي رحمه الله اهڙي ڪوشش
ڪئي هئي، مگر انهي ترجمي سان گڏ ساڳئي صفحي ۾ اصل
عربي نه هجڻ ڪري پوري طرح مفيد نه هو.
”الحمد لله! جو چند خدا جا بندا قرآني خدمت لاءِ
اٿيا، هنن حيدرآباد ۾ قرآن ڪمپني قائم ڪئي ۽ بلڪل
انوکي نموني سان ٽائيپ ۾ هي ڪلام پاڪ شايع ڪري، هي
ضروري ديني فرض ادا ڪيو، ان کان سواءِ:
(1) ترجمو
سولو آهي.
(2) نهايت
وڏن عالمن جي ترجمن کان ورتل آهي.
(3) ٽائيپ
۾ اهڙي طرح ڇپيل آهي، جو سٽ جو ترجمو اڪثر سٽ کي
سامهون آهي.
(4) ترجمو
اهڙي طرزسان ڇپيل آهي، جو بنا رنڊڪ جو يڪو ترجمو
ئي دل لائي پڙهي سگهجي ٿو.
(5) ٿورا
صفحه هجڻ سبب هلڪو آهي ۽ سفر حضر ۾ آسانيءَ سان گڏ
کڻي پڙهي سگهجي ٿو.
قرآني ڪمپني خدا تعالي جي فضل سان هيءُ پهريون ڪم
پورو ڪيو، پر سندس تمنائن ۽ امنگن مان هيءُ هڪ
تمام ننڍو ڪم آهي. ڪمپني چاهي ٿي ته قرآن پاڪ جي
اڃا تمام گهڻي ۾ گهڻي خدمت ڪئي وڃي. ڪمپني جو
ارادو آهي ته هيٺين طرحن سان ڪلام پاڪ جي خدمت
ڪجي:
(1) هي
ساڳيو قرآن شريف تمام وڏن اکرن ۾ به ڇپائجي، جهڙي
طرح ڪمپني عم جو پارو ۽ 11 سورتي ڇپايا آهن.
(2) ڪلام
پاڪ جو مڪمل تفسير ٽائپ ۾ اهڙي طرز سان ڇپائجي،
جنهن کي ڪتاب وانگر بنا ڪنهن رنڊڪ جي پڙهي سگهجي ۽
هر ڪنهن ٽڪري مٿي هڪ خاص هيڊنگ (عنوان) هجي، جنهن
جي ڪري هر هڪ ٽڪري آساني سان دل نشين ٿي سگهي.
(3) ڪلام
پاڪ جي مقصدن ۽ مطلبن سان ڀريل ننڍا ننڍا ڪتاب
اهڙا شايع ڪجن، جن جي قيمت به ٿوري هجي، ته عام
مسلمان ۽ شاگرد آساني سان وٺي پڙهي، قرآن پاڪ کي
سمجهي سگهي.
(4) قرآن
شريف جو هڪ اهڙو تفسير به شايع ڪجي، جنهن ۾ اکر
اکر جي معني ۽ مشقون هجن، جنهن جي وسيلي خود عربي
ٻولي به سکي سگهجي.
(5) جيتوڻيڪ
اسان جو ٽائيپ تي تمام گهڻو خيال رهي ٿو، مگر اڃا
ڪيترا صاحب اهڙا به آهن، جن کي ليٿو ڇاپو پسند
آهي. انهن جي سهولت لاءِ ساڳيو ترجمو ليٿو ۾ سٽ
هيٺان سٽ جي طرز تي به ڇپائينداسون.“
· ڏيپلائي
صاحب ان مقدمه اندر جيڪي رٿائون پيش ڪيون آهن، سي
پوريون ته نه ٿي سگهيون، (سواءِ ”تفسير ڪوثر“ جي،
جنهن جو ذڪر اڳتي اچي رهيو آهي) پر ان مان قرآن
پاڪ جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ جيڪي سندس پروگرام
هئا، جيڪي جذبا هئا، سي بلڪل واضح آهن.
· هن
قرآن شريف جو ٻيو ڇاپو سنڌيڪا طرفان 1422ھ/2002ع
ڌاري ڇپيو، جيڪو ڪمپيوٽرائيزڊ هو، ۽ ان ۾ مولانا
مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب جي مهاڳ سان گڏ ”قرآني
تعليم جو اصل مقصد“ عنوان هيٺ مولانا سنڌي جو هڪ
مضمون مڪمل ڏنو ويو آهي، جنهن سان هن ترجمي کي چار
چنڊ لڳي ويا آهن. اهو ئي ترجمو وري ٻيو دفعو به
سنڌيڪا ڇپيو.
(2) ارشاد القرآن: ڪراؤن سائيز جي 64 صفحن تي،
اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد طرفان پڌرو ٿيو، جنهن
۾ ڏيپلائي صاحب سڄي قرآن شريف مان چونڊ آيتن جو
سليس ترجمو پيش ڪيو آهي. مقدمي ۾ لکي ٿو:
”افسوس هي آهي جو اسان جا ڪيترائي ڀائر قرآن شريف
جي تلاوت کان محروم آهن، جيڪڏهن پڙهن ٿا ته طوطي
وانگر بنا معنيٰ. هنن کي جيڪڏهن ترجمي سان دور ڪرڻ
جي هدايت ڪجي ٿي ته ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا يا ڪن
ڏکين هنڌن جو مطلب پورو سمجھ ۾ نه اچڻ سبب وڌيڪ
پڙهڻ تي شوق نه ٿا ڪن. ڪيترا غير مسلم دوست به
آهن، جي چاهين ٿا ته قرآن شريف جي تعليم مان واقف
ٿين، پر ساڳي طرح جيستائين هو قرآن شريف جي وصل جا
واقف نه ٿيا آهن، تيستائين ڪن ڏکين هنڌن جو ترجمو
هنن کي پورو سمجھ ۾ نه اچڻ سبب کين زياده چاھ نه
ٿو ٿئي.
انهن سببن ڪري هي بي بها موتي چونڊي پيش ڪجن ٿا،
سولين آيتن جو سليس ترجمو عرض رکجي ٿو. يقين آهي
ته جيئن ڪنهن جهنگ جي ماڻهوءَ کي ڪنهن وڏي شهر مان
آيل ڪجھ عمدا ميوا کائي، اهو چاھ پيدا ٿئي ٿو ته
سڄي شهر گهمڻ سان عجيب سرور حاصل ٿيندو، ائين هن
قرآن شريف جون ڪجھ آيتون جنس طور ملاحظه ڪرڻ واري
جي دل ۾ ضرور سڄي ڪتاب پڙهڻ جو چاھ پيدا ٿيندو ۽
اهو ئي منهنجو مقصد آهي.“
ترجمو جيڪو ڪم آندو آهي، سو ڏيپلائي صاحب جي
چٽائيءَ مطابق نواب وحيد الزمان ۽ مولانا امروٽيءَ
جي ترجمن تان ورتل آهي.
آخر ۾ لکي ٿو ته:
”ڪوشش ڪري نج ترجمو ئي لکيو ويو آهي ۽ وڌيڪ لفظ
تڏهن ئي وڌايا آهن، جڏهن سنڌي محاوري موجب اهي ڪم
آڻڻ بلڪل ضروري سمجهيا ويا آهن.“
· ڪتاب
جي آخر ۾ ارشاد القرآن جو وڏو ايڊيشن ڇاپڻ جو
پروگرام ڏيکاريو ويو آهي، لکي ٿو ته:
”خدا پاڪ جو شڪر آهي جو منهنجو هيءُ ننڍو ڪتاب
اميدن کان وڌيڪ مقبول ٿيو.......۽ هينئر هيءُ ٻيو
ايڊيشن شايع ڪجي ٿو. ڏسجي ٿو ته هن ڪتاب پڙهڻ بعد
مسلمانن جو چاھ انهي لاءِ وڌيل آهي ته اڃا به قرآن
شريف جي سموري تعليم جو وڏو ڪتاب شايع
ڪجي.........ان ڪري اخبار عبرت ۾ هر هفته ٽڪرو
ٽڪرو شايع ڪجي ٿو...... اميد ته سموري قرآني تعليم
قسطن سان شايع ٿي وڃڻ بعد مڪمل ڪتاب ڇپايو ويندو،
جو غالباً 4-5 سو صفحه ٿي ويندو.“
(3) تفسير القرآن، تفسير سورة الهٰکم التکاثر ۽
سورة العصر از مولانا عبدالله لغاري سابق مهتمم
مدرسه دارالرشاد تلميذ حضرت مولانا عبيدالله قدس
سره، مقيم ميرپورخاص، جيڪو سندس هفتيوار عبرت 1-
نومبر 1945ع ۾ خاص مضمون طور اسلاميه دارالاشاعت
حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، ڪرائون سائيز جي 54 صفحن
تي مشتمل آهي..
آخر ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته:
”بلڪل صفائي سان لکان ٿو ته هي قرآن شريف جي تفسير
جا ٻه مضمون آهن، جي مولانا عبدالله صاحب جا لکيل
آهن، تنهن سان آءٌ پوري طرح شامل راءِ نه آهيان...
اهو شايد هن ڪري ته هن تفسير ۾ مولانا عبيد الله
سنڌيء جا انقلابي رايا به شامل هئا، جيئن تفسير جي
مقدمه ۾ مولانا عبدالله لغاري لکيو آهي ته:
”هن تفسير جا ڪي ٽڪر حضرت علامه عبيد الله سنڌي جن
جي گذارش هيٺ به آيا هئا، جن کي پاڻ نهايت پسند
ڪيو هئائين.“
(4) پارو آلم سولي سنڌي معنيٰ سان، جيڪو ڪرائون
سائيز جي 20 صفحن تي قرآن پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.
(5) پاره عم، سنڌي سولي معنيٰ سان، جيڪو ڪرائون
سائيز جي 26 صفحن تي قرآن پريس حيدرآباد مان
ڇپرائي پڌرو ڪيائين، جنهن جي منڍ ۾ ”ضروري
سمجهاڻي“ جي عنوان هيٺ، خدائي ڪتابن ۽ حضرت محمد
ﷺ“ (جن تي آخري ڪتاب قرآن پاڪ لٿو) جو مختصر تعارف
پيش ڪيو آهي.“
۽ آخر ۾ لکيو آهي ته: ”انهيءَ ضروري سمجهاڻي بعد
هاڻي قرآن پاڪ جي معنيٰ شروع ڪريون ٿا.
(6) هدايت القرآن، سيپاره عم: ڊيمي کان ڪجھ ويڪري
سائيز جي 30 صفحن تي ”قرآن ڪمپني“
طرفان ڇپيو، جنهن جي منڍ ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو
ته:
”قرآن پاڪ جي محبن جي لاءِ خوشخبري“
قرآن پاڪ اسان جي پاڪ ڌڻي جو ڪلام آهي، اسان جي
دين دنيا لاءِ، اسان لاءِ هن جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ
نهايت لازم آهي. مگر افسوس جو سنڌي زبان ۾ سندس
اهڙا ڪي سليس مختصر ........ ۽ نهايت صاف ڇپيل
مستند ترجما تفسير ناهن، جن مان هر فرقو.......
غير مسلمان به آسانيءَ سان فيض حاصل ڪري سگهي.
هي ڪم ڪنهن هڪ شخص جو ڪرڻ جو نه هو، ان ڪري سنڌ جي
محبان قرآن گڏجي حيدرآباد سنڌ ۾ ”قرآن ڪمپني“ قائم
ڪئي آهي، جنهن جو مقصد آهي ته قرآن پاڪ جو سليس
ترجمو، جامع مختصر سليس تفسير.....، جن جي پڙهندي
خود عربي ٻولي به سکي سگهجي.
(7) پاره آلم سولي سنڌي ترجمه ۽ سمجهاڻي سان:
جيڪيو ڊبل ڪرائون سائيز 28 صفحن تي قرآن پريس
حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيائين، جنهن جي حاشيه
تي مختصر تفسير به ڏنو آهي، ۽ منڍ ۾ ”سنڌ جا
مسلمان“ جي سرخي قائم ڪري لکي ٿو ته:
”اها هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي ته سنڌ جا مسلمان ٻين
سمورن ملڪن کان وڌيڪ شريف، ديندار، همدرد ۽ سٻاجها
آهن ۽ انهيءَ شرافت سبب هنن پهرئين ئي صديءَ ۾
اسلام قبول ڪيو هو ۽ هو هميشه قرآن پاڪ سان محبت
رکن ٿا.
سندس انهيءَ قرآن پاڪ سان محبت رکڻ جو ئي نتيجو
آهي جو سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ ئي
صرف قرآن پاڪ ڇپڻ لاءِ ”قرآن پريس“ قائم ٿي، جنهن
۾ زمانه جي ضرورتن موافق نئين طرز ۾ بلاڪن ۽ ٽائيپ
۾ قرآن پاڪ معني ۽ سمجهاڻي سان شايع ٿي رهيو آهي“.
ان کان پوءِ ”ضروري سمجهاڻي“ جي عنوان هيٺ اهو ئي
ڪجھ لکيو ويو آهي جيڪو 5 نمبر ڪتاب ”پاره عم سنڌي
سولي معني سان“ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون.
(8) پارو عم سولي سنڌي ترجمه ۽ سمجھاڻي سان: جيڪو
ڊبل ڪرائون سائيز جي 32 صفحن تي، قرآن پريس
حيدرآباد مان پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ ”ضروري سمجهاڻي“
وارو عنوان ته ساڳيو قائم آهي، البته “سنڌ جا
مسلمان“ وارو عنوان ڪونه آهي.
(9) پارو عم سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهاڻي سميت،
از مولانا ملاح.
(10) قرآن شريف سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهاڻي
سميت پاره الف لام ميم، از مولانا ملاح.
(11) نور القرآن، قرآن شريف سنڌي ترجمي سان بيتن ۾
سمجهاڻي سميت پاره سيقول، از
مولانا ملاح.
اهي ٽيئي پارا مولانا ملاح جي منظوم ترجمه قرآن
”نور القرآن“ جو حصو آهن، جن مان پاره عم ته رائل
سائيز جي 28 صفحن تي ۽ باقي ٻه پارا (پهريون ۽
ٻيو) رائل سائيز جي 24،24 صفحن تي آهن ٽيئي پارا
اداره تبليغ القرآن حيدرآباد طرفان شايع ڪيائين.
پاره سيقول جي آخر ۾ ”قرآن شريف جو هي سيپارو“ جو
عنوان قائم ڪري لکي ٿو ته:
”قرآن شريف جو هيءُ سيپارو جيڪو اوهان جي هٿن ۾
آهي، ان ۾ ڏنل ترجمو سنڌ جي بي مثال شاعر ۽ عالم،
جناب مولانا حاجي احمد ملاح رحمه الله جو نظم ۾
تيار ڪيل آهي.... قرآن شريف، جو ته نثر ۾ صحيح
ترجمو ڪرڻ به نهايت مشڪل آهي، پر نظم ۽ خاص طرح دل
نشين نظم ۾، بلڪل صحيح مفهوم سان تيار ڪرڻ ڪو چرچو
نه آهي. بيشڪ هن اعلي ڪارنامي کي مولانا ملاح رحمه
الله جهڙو بزرگ ئي پايه تڪميل تي پهچائي سگهيو
آهي، جو هڪ طرف نهايت جيد عالم آهي، ته ٻئي طرف
اعلي درجه جو شاعر به آهي، جنهن ڪري هي بيت به شاھ
جي رسالي جي بيتن جهڙو لطف ڏين ٿا ۽ صحيح معني ۾
ڄڻ ته آيتون آهن.“
هن ترجمي جا بيت مولانا صاحب جي خاص رفيق مولانا
عبدالله جوڻيجو نهايت جانفشاني سان سهيڙي، سموهي،
سينگاري، سنواري، سولي سنڌي ۾ ويهي لکيا آهن. ۽
وري مولانا صاحب جي هڪ خاص معتمد محمد عثمان
ڏيپلائي، سندس حڪم سان هن جون بيهڪ جون نشانيون،
خواه صور تخطي وڌيڪ سڌاري آهي، ۽ ضروري هنڌن جي
سمجهاڻي به ڏني اٿس ۽ سندس ئي تاڪيد موجب اداره
تبليغ القرآن جي وسيلي ٽائپ ۽ بلاڪن ۾ ڇپائي رهيو
آهي، جنهن ڪري هو وڌيڪ آساني سان پڙهي ۽ سمجهي
سگهي ٿو. اميد ته انهي طرح سان سمورو قرآن شريف
تمام ترت شايع ٿي ويندو، انشاء الله تعالى.
ان مان پڌرو ٿيو ته منظوم ترجمي جي هيٺان جيڪا
سمجهاڻي ڏني وئي آهي، سا خود محمد عثمان ڏيپلائي
طرفان آهي.
(12) قرآن پاڪ جو سچو ترجمو مسمي به” بيان القرآن“
پاره اول (1) آلم.
(13) قرآن پاڪ جو سچو ترجمو مسمي به ”بيان القرآن،
پهرئين پنج سيپاري: ٻاهر ٽائيٽل تي لکي ٿو: ترجمه
۽ تصحيح از
· مولوي
عبدالعزيز عرب
· مولوي
عبدالله
· مولوي
دين محمد وفائي
· مولوي
محمد مدني
جڏهن ته اندرئين ٽائيٽل تي، حضرت فخر العلماء
مولانا مولوي عبدالله ڪيريو، ويٺل ڳوٺ جمال ڪيريو،
تعلقه سڪرنڊ، ضلع نوابشاھ، کي مترجم قرار ڏيندي،
عبدالعزيز عرب ويٺل حيدرآباد قلعه دروازو، کي ان
جو ڇپائيندڙ ٻڌايو ويو آهي ۽ ڇپائي جو سال 1368ھ
ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان اندرئين ٽائيٽل تي هيءُ به
لکيل آهي ته:
”هيءُ ترجمو قرآن جو لفظي آهي، ان ۾ ڪا به زيادتي
نه آهي، گهڻن سنڌ جي علمائن هن ترجمي تي تصحيح ۽
تصديق ڪئي آهي.“
ممڪن آهي ته انهي تصحيح ۽ تصديق سبب ئي ٻين عالمن
جا نالا ٽائٽل تي آيا آهن.
آخر ۾ سڀني مسلمانن جو فرض“ عنوان قائم ڪري لکيو
اٿس ته :
”هر هڪ مسلمان لاءِ اهو سڀ کان پهريون فرض آهي ته
هو الله پاڪ جي ڪلام جو مطلب سمجهي سگهي ۽ انهيءَ
لاءِ ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو ترجمو
هجي.“
مگر افسوس جو هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جا
جيڪي ترجما آهن، سي يا ته جهوني سنڌيء ۾ آهن، جا
اڄ سمجهي نٿي سگهجي، يا وري ترجمي جي وچ ۾ پنهنجي
طرفان ڪي اهڙا اکر وڌايا وڃن ٿا، جو تحقيق ڪلام جا
نه آهن، مگر باور ائين ڪرائجي ٿو ته هي اسان جو هٿ
جو لکيو به الله جو ئي فرمودو آهي.
يڪتبون الڪتاب بايديهم ثم يقولون هذا من عند الله
ان ڪري تمام ضروري هو ته قرآن پاڪ جو هڪ اهڙو
ترجمو شايع ڪجي، جو هجي به لفظي معني ۽ منجهس
پنهنجي طرفان وڌاءُ به بلڪل نه هجي ۽ ان سان گڏ
سليس ۽ عام فهم به هجي.
الحمد لله! جو چئن سالن جي محنت ۽ ڪوشش بعد اڄ
اسين هيءُ اهڙو ترجمو: ”بيان القرآن“ جي نالي سان
شايع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون، جنهن جو هڪ پارو
اوهان اڳيان آهي، جو قرآن پاڪ جو بلڪل سچو ۽ عام
فهم ترجمو نهايت وڏن عالمن جو لکيل ۽ تصحيح ڪيل
آهي، سنڌي زبان ۾ ڪو به ترجمو هن سان برابري ڪري
هرگز نٿو سگهي.
(14) مطالب القرآن: مفسر: مولانا محمد عمر
ڏيپلائي، قرآن پاڪ جي پهرئين پاره آلم جو تفسير
آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي 58 صفحن تي، 1932ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيائين.
گوياڪ ڏيپلائي صاحب طرفان قرآني تعليمات عام ڪرڻ
جي سلسلي جي پهرئين ڪڙي آهي.
(15) قرآني خزانو: ڪرائون سائيز جي 170 صفحن تي،
1946ع ۾، اسلاميه دارالاشاعت حيدر آباد طرفان پڌرو
ڪيائين، جنهن ۾ چونڊ قرآني آيتن جي فقط ترجمي تي
اڪتفا ڪئي وئي آهي، مهاڳ (جيڪو ”قرآن جي سڃاڻپ“ جي
عنوان سان ڏنل آهي) کان پوءِ ڪتاب کي ٽن حصن ۾
ورهايو ويو آهي:
حصو پهريون : قرآني عقائد
حصو ٻيو: قرآني چڱا ڪم
حصو ٽيون: قرآني برا ڪم
منڍ ۾ تمهيد طور لکي ٿو:
”بشکند پشتي ڪه خم در طاعت رحمان نه شد،
ڪور به چشمي ڪه لذت گير از قرآن نه شد.“
شاعر چوي ٿو ته اها پٺ ڀگي چڱي، جا الله پاڪ جي
عبادت ۾ ڏنگي نه ٿئي ۽ اها اک انڌي ڀلي، جا قرآن
مجيد مان لطف نه وٺي!
اسين مسلمان اڄ تباھ حال هن ڪري ٿي ويا آهيون، جو
اسان ڪلام پاڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، جي پڙهن ٿا، ته
به بنا سمجھ ٻوجھ جي، بلڪل طوطي وانگر، اسان تي
اسان جو هادي، اسان جو رهبر بارگاھ الهي ۾ فريادي
آهي ته:
يا رب ان قومي اتخذوا هذا القرآن مهجورا
(خدايا! منهنجي قوم هن قرآن پاڪ کي صفا ڇڏي ڏنو)
ضرورت آهي ته مسلمان وري قرآني تعليم کي مطالعه
ڪن، سندس لا جواب جواهرن مان مالا مال ٿين، هن بي
بها خزاني مان بهره ورٿين.
قرآني تعليم جي شوق ڏيارڻ خاطر آءٌ رساله عبرت ۾
وقت بوقت ڪجھ صفحا قرآني احڪامن جا ڏيندو رهندو
آهيان، مگر انهيءَ جي سخت ضرورت هئي ته سندس
احڪامن ۽ تعليم جو ڪو اهڙو جامع ڪتاب هجي، جنهن
مان هر ڪو حڪم هر ڪا تعليم جهٽ ڳولي سگهجي.....
ان ڪري هي ڪتاب تاليف ڪري اوهان وٽ پيش ڪريان ٿو.
ائين وڌيڪ سٺو ٿئي ها جيڪڏهن اصل قرآني عبارت به
گڏ هجي ها، مگر اها ٽائيپ ۾ ٺيڪ اچي نٿي سگهي،
بلاڪ بنائڻ ۾ هزار کن روپيه خرچ اچي ها، جو برداشت
ڪرڻ منهنجي طاقت کان ٻاهر هو....
· انهي
ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور
طرفان، ڊيمي سائيز جي 225 صفحن تي ڇپيو، جنهن ۾
ڏيپلائي صاحب جي تمنا کي پورو ڪندي قرآني آيتن جو
عربي متن به ڏنو ويو آهي.
انهي ڇاپي ۾ ”پنهنجي پاران“ تحت لکيو ويو آهي ته :
”سنڌ سونهاري ڪئين ناميارا ۽ ناليوارا عالم، اديب،
محقق، دانشور ۽ سڌارڪ پيدا ڪيا آهن. انهن عالمن ۽
اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو نالو تمام
مٿاهون نظر اچي ٿو.“
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب هڪ علم دوست ۽ ڪهنه مشق
اديب، محب وطن پاڪستاني، اسلام ۽ مسلمانن جي
ترقيءَ ۽ سڄاڳيءَ لاءِ هر وقت پتوڙيندڙ، غريبن جو
درد دل رکندڙ، اڏول انسان هو. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان
محبت هن جي رڳ رڳ ۾ موجود هئي.
جڏهن مسلمان اديب ستل هئا، تڏهن اهو ڏيپلائي صاحب
ئي هو، جنهن پنهنجي لکڻين ذريعي هڪ پاسي سنڌي
مسلمانن کي سندن شاندار تاريخ کان آگاھ ڪندي،
منجهن ديني جذبو جاڳايو، کين مايوسي ۽ نااميدي جي
اٿاھ سمنڊ مان ٻاهر آندو، ته ٻئي پاسي سنڌ جي
مسلمانن سان انگريزن، هندو جاتين پاران ٿيندڙ
سازشن، نا انصافين ۽ ارڏاين خلاف اثرائتو آواز
اٿاريو. محدود وسيلن هوندي سنڌ ۽ سنڌي علم وادب جي
جيڪا خدمت ڏيپلائي صاحب ڪئي، تنهن جهڙو مثال سنڌ
جو تاريخ ۾ نه ٿو ملي.
(16) تفسير ڪوثر شاھ مردان از مولانا محمد صديق
نورنگزاده ، هن تفسير کي پهريون دفعو بمبئي مان،
پير سائين حزب الله شاھ صاحب 1295ھ ۾ ڇپرائڻ شروع
ڪيو. ٻه پارا نموني خاطر ڇپيا، پر ڇپائي جي ناقص
هئڻ سبب طباعت جو ڪم في الحال رڪجي ويو، پاڻ
1308/1890 ۾ وفات ڪري ويا. ان کان پوءِ مؤلف جي
فرزند مولانا عبداللطيف ان جا ابتدائي 10 پارا،
1327ھ ۾ ڇپرايا ۽ ستت وفات ڪري ويو. باقي ويھ پارا
پير سائين ڪوٽ ڌڻي جن 1330هه/1912ع ۾ حيدرآباد مان
ڇپرايا، اهي ٽئي جلد وڏي جهازي سائيز ۾ هئا.
ان کان پوءِ 1382هه/1962ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب پير سائين سيد شاھ مردان شاھ
ثاني (وفات: 2012ع) جي اجازت سان جديد ٽائيپ ۽
بلاڪن ۾ جديد صورتخطي سان ۽ بامحاوره عبارت سان
پنجن جلدن جي صورت ۾، پنهنجي قرآن پريس مان شيخ
غلام علي اينڊ سنز وارن کي ڇاپي ڏنو.
ياد رهي ته تفسير ڪوثر جو ٽيون ايڊيشن 1972ع ۾،
مخدوم غلام محمد ولد مخدوم امير احمد عباسي جي
زيرنگراني غلام علي اينڊ سنز حيدرآباد وارن طرفان
5 جلدن ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ تازو تفسير ڪوثر جو
چوٿون ايڊيشن 1429ھ
۾ شاهپور چاڪر مان ٻن ضخيم جلدن ۾ ڇپيو آهي، جنهن
جي مهاڳ ۾ ڇپائيندڙ صاحب، ڏيپلائي صاحب مٿان ڇوھ
ڇنڊيا آهن ته هن تفسير ڪوثر جي اشاعت ۾ خيانت کان
ڪم ورتو، تحريف ڪئي، وغيره وغيره.
”جڏهن ته پاڻ ئي ان چوٿين ايڊيشن ۾، تفسير ڪوثر جي
ٻئي ڇاپي جي مهاڳ جي روشني ۾ محمد عثمان ڏيپلائي
جي زباني لکي ٿو ته: (جنهن جو خلاصو هي آهي) ”پير
صاحب جن حڪم ڪيو ته اسان، مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ٻڌي
جا قائل آهيون، تنهنڪري جٿي به ڪنهن فرقه جو نالو
اچي، اتي صرف اشاري کان ڪم ورتو وڃي.“
ان تي عمل ڪندي ڏيپلائي صاحب ”رافضين“ جي جاءِ تي
”ڪن مسلمانن“ جا لفظ (۽ اهڙي طرح ٻين فرقن بابت
به) استعمال ڪيا آهن:
”ان ڪري جماعت ۾ چه مي گويون ٿيون ۽ انهيءَ ايڊيشن
جي تقسيم روڪي وئي ۽ مخدوم غلام محمد صاحب جي زير
نگراني ٽيون صحيح ايڊيشن آندو ويو.“
هُو صاحب انهيءَ کي خيانت سان تعبير ڪري ٿو، جيڪو
ڏيپلائي صاحب خود پير صاحب جي حڪم سان ڪيو، پر پاڻ
تفسير ڪوثر جي هن چوٿين ايڊيشن ۾، تفسير ڪوثر جي
ترجمه قرآن (جيڪو خود مؤلف مولانا محمد صديق
حيدرآبادي ڪيو آهي، پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين ايڊيشن ۾
موجود آهي) سان هٿ چراند ڪري جيڪو حشر ڪيو آهي، ان
کي ڇا سان تعبير ڪجي؟
هوڏانهن ڏيپلائي صاحب جي ايڊيشن ۽ مخدوم غلام محمد
واري ايڊيشن کي جيڪڏهن پاڻ ۾ ڀيٽيو وڃي ته ڪو خاص
فرق نظر نه ايندو...!!
(17) نماز ۽ يارنهن سورتون.
هيءَ يارنهن سورتي راقم الحروف جي نظر مان ڪانه
گذري آهي. البته ان جو ذڪر ڏيپلائي صاحب پنهنجي
مڪمل ترجمه قرآن جي مقدمي ۾ ڪيو آهي ۽ ان جو حوالو
ڏنو آهي. (جيئن مٿي نمبر-1 ۾ گذري چڪو.
(18) سنڌي تفسير هاشمي ڀاڱو 1، سورت ’فاتحه‘
کان سورت ’الڪافرون‘ تائين، موجوده صورتخطي ۾
آڻيندڙ: محمد يوسف ابڙو نصرپور، ڏيپلائي صاحب رائل
سائيز جي 32 صفحن تي قرآن پريس حيدرآباد ۾ ڇاپيو،
حاجي احمد ابڙي نصيرپور مان شايع ڪيو.
هيءَ هڪ جهلڪ آهي، قرآني تعليمات کي عام ڪرڻ جي
سلسلي ۾ ڏيپلائي صاحب جي ڪارنامن جي. اهي ڇپيل
ڪتاب راقم الحروف وٽ موجود آهن (سواءِ هڪ ٻن جي،
جن جي چٽائي ڪيل آهي) ممڪن آهي ته ان ڏس ۾ ٻيون به
سندس اشاعتون هجن، جيڪي مون کي نظر نه آيون آهن.
ان مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
ڏيپلائي صاحب کي قرآني تعليمات عام ڪرڻ جو ڪيترو
اونو هو. |