سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:17

مولانا عبدالوهاب چاچڙ

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائي هڪ يگانو عالم

محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ سندس القرآن پريس ۾ ٿي. حسن اتفاق، سان نامور ڏاهو محمد ابراهيم جويو به اتي ويٺو هو. عام مولوين جي چيڙائڻ وارو هڪ ڀوڳ به جوئي صاحب ڏانهن منسوب ڪيو پر جوئي صاحب وضاحت ڪندي فرمايو: اها ڳالهه ڏيپلائي صاحب ائين چئي آهي. اهو جملو مون نه چيو آهي. مون کي ڏيپلائي صاحب سان ملڻ جو اشتياق هو. هن عالم توحيد بابت ۽ توهم پرستي ۽ پير پرستي جي خلاف تمام گهڻا ڪتابڙا لکيا آهن، جن سنڌ ۾ گهڻي سجاڳي پيدا ڪئي آهي.

انهيءَ ملاقات کان پوءِ، ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو بلڪ مون تي لازم ڪيو هئائون ته جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئي ته ڪجهه ڪلاڪ منهنجي جاءِ تي ضرور اچو. تاريخ تي ڪچهريون ٿينديون هيون، شرعي مسئلن تي بحث ٿيندا هئا ۽ ڏيپلي جي حال ۽ ماضي جا تذڪرا ٿيندا هئا ۽ ڏيپلي شهر جي خصوصيات جو به ذڪر هلندو هو.

ڏيپلائي مرحوم ٻڌائيندا هئا ته ريگستان جي دور دراز پنڌ تي واقع ڏيپلو شهر علم ۽ تعليم ۾ مشهور ٿي ويو، جنهن جا پڙهيل هن وقت سنڌ جا ماهر ڊاڪٽر، دانشور ۽ وڏا بيورو ڪريٽ آهن. انهيءَ تعيلمي سجاڳيءَ جا پيدا ڪندڙ عالم دين هئا جن جي ڪوشش سان ديني تعليم جو مدرسو قائم ٿيو، پرائمري تعليم شروع ٿي ۽ اسڪول قائم ٿيا.

بدين ۽ مٺيءَ ۾ آيل زلزلي کان ٿورو وقت اڳ ۾ ڏيپلي ۾ رات رهڻ جو شرف مليو. اتي ماهوار شريعت جا خريدار ۽ پڙهندڙ هئا جن سان ملڻ ٿيو ۽ منهنجو هڪ شاگرد مولوي صاحب مدرسه ۾ استاد هو، جنهن وٽ رهڻ ٿيو، شهر گهمندي مون پڇيو ته هي گهر مقفل ڇو آهن؟ چيائون انهن گهرن جا مالڪ ميمڻ آهن ۽ اهي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهندا آهن ۽ وڏا آفيسر ۽ اسڪالر آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندا آهن. پوءِ خبر پئي ته زلزلي ۾ فلاڻو کوهه پٽ ٿي ويو ۽ فلاڻي جاءِ ميسارجي وئي. ڪٿي ته مٺا کوهه کارا ٿي ويا... بهرحال هن وقت به ڏيپلو ڏسڻ جهڙو شهر آهي. ڏيپلائي صاحب ٻڌايو ته شروع ۾ ڏيپلو ڪراچي ضلعي ۾ هو ۽ ڏيپلي جي اسڪول جي معائني لاءِ ڪراچي جا آفيسر ايندا هئا، خاص ڪري ڏيپلي جي گرلز اسڪول جا آفيسر گهڻو خيال ڪندا هئا.

ڏيپلائي مرحوم جي خيالن ۾ منهنجي ڪچهرين جي ڪري نمايان تبديلي اچي ويئي هئي. لواري جي جڙتو حج خلاف تحريڪ هلائي ويئي هئي ۽ سنڌ جي بزرگن، عالمن ۽ گادي نشينن کي هڪ سوال نامه جي جواب يعني فتويٰ لاءِ کڏي مدرسه سان لکپڙهه هلائي هئائون. اهڙو هڪ سوال نامو ۽ جواب سورهيه بادشاهه کي به موڪليو هئائون. پير صاحب پاڳاري پنهنجي قلم سان هڪ سواليه جواب ڏيڻ فرمايو ۽ سوال نامه تي وضاحتون طلب فرمايون. نهايت علمي وضاحت طلبي هئي. مون کي اهو سوالنامو ۽ سورهيه بادشاهه جي قلم سان وضاحت طلبي مولانا حافظ محمد اسماعيل ميمڻ ابن مولانا محمد صادق مرحوم جي رڪارڊ ۾ نظر آئي ۽ مون کي ان جي مطالعي جو شرف نصيب ٿيو. تحريڪ وقت ضلعي حيدرآباد ۾ بدين سب ڊويزن هو. وڪيل خالد اسحاق ڪراچي واري جو والد اسحاق صاحب اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ ”فتح حج لواري“ رساله ۾ اسحاق صاحب کي به واڌايون ڏنل آهن.

جڏهن ممتاز علي ڀٽو وزيراعليٰ سنڌ هو، ته لواري وارن پيرن، ڪجهه گادي نشين ڪٺا ڪري وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو سان ملڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته دنيا سڄي جا عرس ٿين ٿا، اسان جو عرس 9 ذوالحج تي ٿيندو آهي. جن کي ملن حج جو نالو ڏيئي بند ڪرايو آهي. انهيءَ موقعي تي قلم 144 هڻي 9-10 ذوالحج تي لواري به بند ٿي وڃي ٿي.

علماء جو وفد مولانا حافظ محمد اسماعيل ميمڻ جي قيادت ۾ وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو سان ملي حقيقتون ٻڌايون، ته انهن جو عرس 4 ذوالقعد تي ٿيندو آهي ۽ 9-10 ذوالحج تي، انهن جو جڙتو حج ٿيندو آهي. انگريزن تحقيقات ڪري، ان تي بندش وڌي هئي، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به انهيءَ بندش کي بحال رکيو. ممتاز صاحب وڏي ڀٽي صاحب سان ڳالهايو، اهڙي طرح انهن جي نئين ڪوشش ناڪام ٿي.

انهيءَ چرپر دوران مون ماهوار ”شريعت“ ۾ لکيو، مولوي محمد عثمان ڏيپلائي لکيو ۽ مولوي عبيدالله ملاح ابن حاجي احمد ملاح لکيو. ناڪام ٿيڻ تي مون تي سانگهڙ ۾، مولوي محمد عثمان ڏيپلائي تي سبي بلوچستان ۾، ۽ مولوي عبيدالله تي ميرپورخاص ۾ بدناموسيءَ جا ڪيس داخل ڪيا. مولوي محمد عثمان مرحوم جو وڪيل مرحوم اي.ڪي بروهي ٿيو. جنهن ڪيس ڪوئيٽا ٽرانسفر ڪرايو ۽ سول جج ڪوئيٽا کي لکي موڪليو ته منهنجو موَڪل غريب آهي، نه پاڻ ڪوئيٽا اچي سگهندو ۽ نه وڪيل کي پهچائي سگهندو، تنهنڪري ڪورٽ کي جيڪي سمجهه ۾ اچي فيصلو ڏيئي ڇڏي (اهي ڪيس 1964ع ۾ ٿيا هئا). ان کان پوءِ اي.ڪي بروهي جي نالي کان ڊڄي ڪورٽ نه نوٽيس ڪڍيو ۽ نه ڪيس ئي هلايو. البت مون تي ان کان پوءِ ڪيس هليو. سول جج صاحب مخالفن جي اثر ۾ اچي، مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو. هفته هفته جي حاضري ڏيڻ شروع ڪيائين. مون ڪيس ٽرانسفر ڪرايو. نيٺ آنرري ميجسٽريٽ صاحب مون کي سزا ڏني تا برخواست عدالت ڪرسي تي ويهڻ جي سزا- مئجسٽريٽ چيو: آءٌ صرف 5 منٽ ويهندم. مون چيو مون کي فيصلو قبول نه آهي. منهنجو ضامن وٺو، آءٌ اپيل ڪندس. سيشن جج وٽ اپيل ڪئي. ايڊيشنل سيشن جج امداد علي ميمڻ ڪيس کي ڊسمس ڪيو ۽ لکيائين ته اهو ڪيس ٻڌڻ جي قابل به نه آهي. مولانا عبدالحق رباني مرحوم ميرپورخاص واري مسٽر محمد اسماعيل ميمڻ وڪيل ڪري ڏنو، جنهن بنا فيءَ ۽ خرچ وٺڻ جي سانگهڙ ۾ ڪيس لڙيو. پوءِ لواري وارن هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ اپيل ڪئي، جنهن ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو. ان جي خلاف مان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. سپريم ڪورٽ، سيشن جج جي آرڊر کي بحال رکيو، ته اهو ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي. سيشن ڪورٽن ۾ منهنجو وڪيل خالد اسحاق هو، جنهن ڪيس مفت ۾ لڙيو. اهڙي طرح منهنجو ڪيس ويهه سال هليو ۽ ڏيپلائي مرحوم جو ڪيس اتي ئي رهجي ويو.

سرهندي پيرن ”سنڌ سونهاري“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، مرحوم جي.ايم.سيد ۽ ان جي ساٿين جي رد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم ”شيخ المشائخ“ نالي ان جو رد لکيو جيڪو دلچسپ ۽ ظريفانه ڪتاب آهي، جنهن ان کي نه پڙهيو، انهيءَ ڪجهه به نه پڙهيو. ٻي ملاقات ۾ پڇيائون، اوهان ڪتاب پڙهيو؟  ۽ اهڙو ٻيو دلچسپ ڪتاب اوهان جي نظر مان گذريو آهي؟ مون چيو اوهان کان ڪتاب مليو ته حيدرآباد کان ڪراچي ويندي بس ۾ ئي پورو ڪيم. اهڙو دلچسپ ڪتاب مون اڳي نه پڙهيو آهي. البت گهوٽڪي جي اظهر گيلاني، هڪ ڪتاب ڏنو هو. گهوٽڪي جي سادات جي پڳدارن جي خلاف ”پڳڙين جون پڳڙيون“ اهو به دلچسپ آهي پر اهڙو نه. مون عرض ڪيو ته ڪتاب ۾ ڏنل ظريفانه ڳالهين مان ٻن واقعن جا ڪردار اوهان نه ڏنا آهن جڏهن ته انهن کي اوهان چئلينج به ڏني آهي، ته اوهان ڪورٽ ۾ وڃو. مان ثابتيون پيش ڪندس. گهٽ ۾ گهٽ مون کي اهي ڪردار ٻڌائي ڇڏيو. فرمايائون ڪعبته الله شريف جي طواف دوران جو واقعو فلاڻي پير صاحب جو آهي ۽ ڪولهڻ مائي جو قصو فلاڻي پير صاحب جو آهي.

مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب وڏي حوصلي ۽ بلند سوچ وارو هو. هن ڪمتريءَ جو احساس ڏٺو ئي نه هو پر سندس اولاد ۾ به احساس برتري جي عادت وڌي. پاڻ پنهنجي هڪ نياڻيءَ جو واقعو ٻڌايائون: لواريءَ جي گادي نشين جو پنهنجي خاندان مان نڪاح ٿيل هو، کيس هڪ ڌيءُ پيدا ٿي ته مائي رسي ويئي. نيٺ حيدرآباد جي ميمڻ برادريءَ مان ٻي شادي ڪيائين جيڪا ڏيپلائي مرحوم جي نياڻيءَ جي ڪلاس فيلو هئي. پير صاحب جي زال، ڏيپلائي صاحب جي نياڻيءَ پنهنجي سهيليءَ کي فون ڪئي ته ادي! مان حيدرآباد آئي آهيان مون سان ملي وڃ! آخر ته اها ڏيپلائي جي نياڻي هئي، سوچيائين ته وڏي گادي نشين جي زال آهي، اها ته سون سان ڀريل هوندي. کيس خبر هئي ته سال ٿيا اٿس پر هوءَ اولاد جي نعمت کان محروم آهي، ان کي احساس ڪمتريءَ ۾ ۽ پاڻ کي احساس برتريءَ ۾، آڻڻ لاءِ پنهنجا سڀ ٻار کنيائين، ڪو ڪلهي تي ڪو ڪڇ ۾، ڪو ٻار چيچ تي، ته ڪوئي ساڻ ڪري، پير صاحب جي زال وٽ ويئي. هن ڏسي چيس: ادي! اهي سڀ تنهنجا ٻار آهن. ادڙي چيس: الحمد الله رب پاڪ جا ڪيچ آهن. پير صاحب جي زال ٿڌو شوڪارو هنيو ۽ چيائين: اڙي ادي! هي سون ڪهڙي ڪم جو سال ٿيا آهن ته مون کي اولاد ئي نه ٿيو آهي، اولاد لاءِ سڪان ٿي!“ اها هئي تربيت ڏيپلائي صاحب جي پنهنجي اولاد کي ته ڪيئن احساس ڪمتريءَ کان بچجي ۽ ملڻ واري کي احساس ڪمتري ۾ آڻجي.

مطلب ته مولوي محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم هر ميدان جو شهسوار هو. تصنيف ۽ تحقيق ۾ مٿانهون هو، قرآن فهيمي ۾ نرالو هو، ادب ۾ وڏو نانءُ هو. شرڪ ۽ بدعت جو قاطع هو، ميدان جهاد ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو نه جهڪيو نه وڪيو. اهو نرالو نالو هو- محمد عثمان ڏيپلائي رحمة الله عليه.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

           سنڌي نثر جي واڌاري لاءِ ڏيپلائيءَ جون خدمتون

ناول ”امڙ“ (تحقيقي جائزو)

سنڌي ادب جي نثري خزاني کي يڪجا ڪري جيڪڏهن انهيءَ مان خاص مقبول عوام ڪتابن کي پرکيو وڃي ته هوند ڪيترائي نوان نُڪتا نروار ٿين. ڪنهن ڪتاب جي مقبول ٿيڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ اهو هڪ الڳ موضوع آهي پر تنقيد نگارن وٽ اهو ضرور مڃيل آهي ته تحريري فن ئي اها قابليت آهي جيڪا ڪنهن ليکڪ جي قلمي سفر کي ممتاز بنائي کيس منفرد منزل عطا ڪري ٿي ۽ جنهن جي ڪري ئي هو هڪ مشهور  و معروف ۽ انعام يافته عوام جو پسنديده ليکڪ شمار ٿئي ٿو.

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو سنڌي نثر جي اهڙن اهم عوام پسند ليکڪن ۾ شامل آهي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ سنڌي نثر کي مختلف موضوعن جي ادبي ۽ علمي ڪتابن سان مالامال ڪيو ته اهو ڏيپلائي صاحب ئي آهي، سندن نثري تصنيفن جو ڳاڻيٽو 150 تائين پهچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو نثر گهڻو متاثر ڪُن آهي. منهنجي راءِ مطابق ڏيپلائي صاحب جي عبارت آرائيءَ جو انداز سادو، جذباتي ۽ بياني نثر آهي پر ڪيترين جڳهين تي هي اصطلاح، پهاڪا، چوڻيون، بيت، گفتارن ۽ تجنيس حرفيءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن، قاريءَ جي جمالياتي حِس کي حظ پهچائڻ ۾ پڻ کين ملڪو حاصل هو، بعض اوقات سندن پيش ڪيل تشبيهون اهڙيون آهن ڄڻ ته لفظي تصويرون هجن جيڪي انساني ڳانڍاپي جي هزارن احساسن، خوشين، ڏکن ۽ سورن کي پاڻ سان گڏ کڻي پڙهندڙن سان ڳالهائين ٿيون، اهوئي سبب هو جو ڏيپلائي صاحب شاعريءَ جو شوق ۽ ذوق هوندي به نثر کي اظهار جو مؤثر ذريعو سمجهيو ۽ ان جو اظهار پڻ ڪيو اٿن، پروفيسر آفاق صديقي جي هن ڏس ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ چيائون ته:

”شعوري طور جڏهن مون کي احساس ٿيو ته نثر جي اظهار ۾ اهي ڳالهيون جيڪي آءٌ عوامي سطح تي زياده کان زياده ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيان ٿو، سي وڌيڪ اثرانگيزيءَ سان پهچي رهيون آهن ته پوءِ شاعريءَ جو شوق هوندي به شاعري مون کان پوئتي رهجي ويئي.“ (ڏيپلائي، 2009: 45)

ڏيپلائي صاحب نه فقط نثر کي اظهار لاءِ اهم ذريعو سمجهيو پر هُن پنهنجي لکيل نثر کي عام ۽ خاص ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ وڏو ڌيان ڏنو ۽ هڪ ئي وقت توازن سان ”صحافتي نثر“ ۽ ”ادبي نثر“ کي لکيو، هو سنڌي نثر جو هڪ منفرد قلمڪار هو جنهن صحافت سان گڏ ادبي نثر جي واڌاري ۾ وڏي خدمت ڪئي پنهنجي قلم جي تيز رفتاريءَ سان ڌڙا ڌڙ ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا. انهن ڪتابن جي مشهوريءَ جو اهو عالم هوندو هو جو سندن ڪيترن ڪتابن جا ٻيا ۽ ٽيان ڇاپا سندن حياتيءَ ۾ ئي ڇپيا. جڏهن ته انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڳاڻيٽو به جهجهو هوندو هو، ته به اهي جلدئي سنڌ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ کپي ويندا هئا. مون سندن انهيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي بيڪ ڪور تي ڏنل اشتهارن ۾ پڙهيو آهي ته ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب انهيءَ وقت پوريءَ سنڌ ۾ سؤ کان به وڌيڪ هنڌن تي دستياب هوندا هئا. ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ئي مني آرڊر ۽ وي.پيءَ ذريعي انهن ڪتابن جي وڪري جي ائڊوانس بڪنگ ٿيندي هئي ۽ ائين اهي هٿو هٿ کپي ويندا هئا. مطلب ته ذاتي پريس، اخبارن ۽ ڪتابن جي مضبوط ترسيل ۽ عوام جي پسنديدگيءَ جي موٽ سبب سندن ڪتابن جي ڇپجڻ جو سلسلو تمام تيز هوندو هو. نثر جي ڪتابن جي مقدار ۾ اهو اضافو سنڌي نثر جي هڪ وڏي خدمت هئي.

ڏيپلائي صاحب جي نثر جي تصنيفن جو اهم حصو ناول نگاري آهي يا هن لفظن ۾ هُن سنڌي ادب جي ناول نگاريءَ جي کوٽ جو وڏي پئماني تي پورائو ڪيو آهي، ناولن ۾: آخري اميد، آفريقا جي شهزادي، حورِ بغداد، جاپاني گُڏي، روم جي راڻي، سلطان صلاح الدين، سنگدل شهزادي، شيوا جي شيش محل، مجاهدِ ڪشمير، نورِ توحيد، امڙ، سانگهڙ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي طبعزاد ته ڪي ترجمو ڪيل پڻ آهن، پر انهن ناولن جو ترجمو پڻ اصلوڪي هئڻ جو ڏيک ڏئي ٿو.

ڏٺو وڃي ته سنڌي نثر جو بنياد پڻ ترجما نگاريءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شروع دؤر جي ترجمن ۾ ڪجهه ٻين ٻولين جا لفظ پڻ شامل هئا پر پوءِ وقت سان گڏ اسان جي مترجمن جي محنت رنگ لاتو ۽ اهڙيءَ ريت انهن ترجمن کي اصلوڪي (Original) سنڌي نثر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ بهترين اسلوب بيان سان گڏ لفظن جي مناسب چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ ۽ ٻين نثري خوبين تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي ترجما سنڌي نثر جا بهترين ڪتاب شمار ٿيا.

ڏيپلائي صاحب جي سنڌي نثري ادب ۾ ڪهڙيون خاصيتون آهن، اهو تحقيقي جائزو مون سندن جي باري ۾ لکيل هڪ مڪمل ڪتاب ”سونهان سڌيون ڏين“ ۾ ڏنو آهي، پر هن مختصر مقالي ۾ فقط ناول ”امڙ“ جي خوبين ۽ خامين جو نثر جي حوالي سان جائزو ورتو ويو آهي.

”امڙ“ ناول ڏيپلائي صاحب جو اهو ناول آهي جو جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته هيءُ ضبط به ٿيو ته ٻئي پاسي هيءُ ناول انعام يافته تصنيف پڻ آهي، جنهن کي ”سنڌي ساهت“ طرفان انعام سان نوازيو ويو. ”امڙ“ ناول ميڪسم گورڪيءَ جي ڪتاب (The Mather) جي اردو ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، شروع ۾ هفتيوار ”انسان“ ۾ قسطوار شايع ٿيو ۽ پوءِ چار جلدن ۾ ڇپيو جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

امڙ (پهريون حصو) 88 صفحا

امڙ (ٻيو حصو) 89 کان 176 صفحن تائين

امڙ (ٽيون حصو)       177 کان 262 تائين

امڙ (چوٿون حصو) 263 کان 326 تائين

ايوب خان جي مارشلائي دؤر ۾ 1961ع ۾ هن ناول کي ”سنڌي ازم“ ۽ ڪميونزم جي پرچار ڄاڻائي ڪتاب ضبط ڪري ليکڪ کي جيل جي سي ڪلاس ۾ موڪليو ويو، (جتان هو چاليهن ڏينهن ۾ ”سانگهڙ“ جهڙو اعليٰ ناول سنڌي ادب لاءِ انمول تحفي جي صورت ۾ کڻي آيو).

ناول کي ترجمو ڪرڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي ليکڪ لکيو آهي ته:

”ميڪسم گورڪيءَ“ جي ناول جي اردو ترجمي جي ”مان“ کي جڏهن مون پڙهيو ته انهيءَ ناول مون تي ڳوڙهو اثر ڪيو ۽ مون کي احساس ٿيو ته انسان کي پنهنجي سماجي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري نه ڪٺن جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.“

(ڏيپلائي، 2003: 230)

”امڙ“ ناول جي پيش لفظ ۾ ليکڪ 8 جون 1956ع تي اهو واضح طور لکيو آهي ته:

”هن ناول ۾ 1904ع جي روس جي حالات آهن بلڪ هيءُ روسي انقلاب جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪميونيسٽن جو ذڪر نه آهي.“ (ڏيپلائي، 1956: 2)

پڙهندڙن جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ آءٌ هن ناول جي مختصر ڪهاڻي هيٺ ڏيان ٿي ته جيئن هو اهو به ڏسن ته هيءُ ڪهاڻي روسي انقلاب جي آهي يا ڪميونزم جي پرچار ۽ ليکڪ هن ڪتاب کي ڪهڙي مقصد واسطي سنڌي نثر ۾ اردو ٻوليءَ مان آندو آهي.

 

امڙ جي ڪهاڻيءَ

امڙ، ناول خاص طور هڪ محنتي، صابرين ۽ سمجهدار بيوهه ماءُ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ڪل ڪائنات سندس نوجوان پٽ آهي. جنهن جي تعليم و تربيت ۽ انقلابي زندگيءَ جي گرد ماءُ جون تمنائون، سوچون ۽ آدرش گهمن ٿا. هن ناول ۾ هيرو ۽ هيروئن جي روايتي تصور جي بجاءِ هڪ آدرشي نوجوان جي باعزم زندگيءَ جو ذڪر آهي ته سندس ماءُ جو ڪردارSuperwomen جو آهي.

هيءُ ناول، روس جي هڪ اهڙي علائقي جو بيان آهي، جيڪو هڪ صنعتي ڳوٺ آهي. شهر کان پري هن ڳوٺ ۾ قائم ٿيل ڪارخانن ۾ هن ڳوٺ جو تقريباً سڄو عوام ڪم ڪندي آهي. ۽ اهي سڀ مذهبي اقدارن کي ويجها ۽ مان مريادا کي اهيمت ڏيڻ وارا آهن، باقي ڇنڇر ۽ آچريا ٻين موڪلن جي ڏينهن تي پيرسن ۽ شادي شده چرچ ڏانهن ته، وري نوجوان عياشيءَ ڏي مائل هوندا آهن. باقي ڏينهن هو دل سان ڪم ڪندا آهن پر کين تمام مناسب اجورو ملندو آهي. ڳوٺ جا ماڻهو هڪٻئي لاءِ مخلص آهن ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ  غير معمولي واقعن جي ڳالهين کي ورجائيندڙ پر هڪٻئي کي ڪم ايندڙ آهن. پاويل ميخائلووچ ولاسوف (ناول جو هيرو) پنهنجي ماءُ پلاگيا سان گڏ ڳوٺ ۾ هڪ محتاط زندگي گذاريندو آهي. سندس والد ميڪائيل ولاسوف هڪ رُکو ۽ اڻ گهڙيو انسان هوندو آهي، جيڪو گهر ۾ هر وقت سندس ماءُ سان نامناسب ورتاءُ رکندو آهي، حالتن ۽ پيءُ جي گهڻي شراب خوري ۽ گارگند پاويل کي خاموش طبع ۽ سمجهدار بنائي ڇڏيو آهي. جڏهن ميڪائيل سخت سيءَ ۾ گهڻي شراب نوشيءَ کان پوءِ پنج ڏينهن شديد بيمار رهي مري وڃي ٿو، تڏهن سندس موت تي پاويل کي ڪوبه افسوس نه ٿيندو آهي.

ڪم گو پاويل جنهن کي ماڻس ”پاشا
سڏيندي آهي. ٻين بستيءَ جي نوجوانن وانگر ڪارخاني ۾ ڪمائيندو به آهي، ڊانس پارٽين ۾ به شرڪت ڪندو آهي، آچر تي شراب به پيئندو آهي ۽ باقي ڏينهن محنت سان ڪم ڪندو آهي پر کيس ذهني ۽ روحاني طور سڪون محسوس نه ٿيندو آهي. آخرڪار هو پنهنجي لاءِ الڳ رستو چونڊيندو آهي، شروع ۾ هو ماءُ کان پئسا کڻي شڪار جو به سامان وٺندو آهي، پر جڏهن سندس لاڙو ڪتابي دنيا سان ٿيندو آهي ۽ هن جي دوستي انقلابي ۽ آدرشي ماڻهن سان ٿيندي آهي ته سندس طبيعت ۽ مزاج ۾ آيل انقلاب کي سڄاڻ ۽ سمجهدار ماءُ جون اکيون پرکي وينديون آهن ۽ هوءَ خوفزده ٿي ويندي آهي، جڏهن ماءُ جي استفسار تي پاويل کيس ٻڌائي ٿو ته: ”هو اهي ڪتاب ٿو پڙهي جيڪي قانوني طور گهر ۾ رکڻ ۽ پڙهڻ منع آهي. جن ۾ پورهيتن جي باري ۾ سچيون حقيقتون آهن، جن سان حقن جي آگهي ٿي ملي.“ ماءُ جو ساهه منجهڻ لڳندو آهي، پنهنجي اڪيلي پٽ جي حياتيءَ جي جوکي جو خوف کيس ورائي ويندو ويندو آهي. پاويل کيس تسليون ڏيئي، روئڻ کان منع ڪندو آهي ۽ ڄاڻائيندو آهي ته ”امان بابو توکي ان ڪري ماريندو هو جو کيس حياتيءَ جون پريشانيون ۽ ڪڙيون گهڙيون مجبور ڪنديون هيون، ته هو تو مان ڪاوڙ ڪڍي، پر حقيقت ۾ کيس خبر نه هئي ته هو خود ڇا آهي؟ کيس پنهنجو پاڻ تي پيل بارن وچان پنهنجي وجود جي آگهي نه رهي. ٽيهه ورهيه پورهيو ڪيائين،جنهن ڪارخاني ۾ ٻه کاتا هئا، انهيءَ ۾ سندس وفات مهل ست کاتا ٿي ويا، پر بابي کي پورهئي جو حق ڪو نه مليو.“

پاويل پنهنجي ڀرپورجوانيءَ ۾ پنهنجي پوري ڄاڻ ۽ سچائيءَ تي خوشيءَ ۽ فخر جو احساس رکي اڳيان وڌندو رهيو،هن پنهنجي دوستن جا ميڙ ڪوٺايا پنهنجا هم خيال پيدا ڪيا، وٽن تقريرون ڪيون، کين پڙهڻ ڏانهن ۽ بين الاقوامي ڄاڻ ڏانهن راغب ڪيو، ۽ پنهنجي ماءُ کي نرميءَ سان سمجهايو ته؛ ”هي سڄڻ آهن، جيڪي صداقت ۽ سچائيءَ جو ٻج ٿا پوکين، جيڪي پاڻ جهڙن جي مدد ڪرڻ لاءِ آتا آهن. بدلي ۾ کين ڏاڍن جي ڏجهن جو ڍورن وانگر شڪار ٿيڻو ٿو پوي، کين قيد خاني ۾ سخت پورهئي سان سزائون ڏنيون ٿيون وڃن. ”مون اهي ڏٺا ماءُ جن ڏٺو پرينءَ کي“ جي مصداق هو ڌرتيءَ جا بهترين سپوت آهن.“

ماءُ پلاگيا جي دل ۾ هاڻي خوف سان گڏ خوشيءَ جو احساس به غالب ٿيڻ لڳو، ۽ هوءَ خوشيءَ سان سندس هن سفر جو ساٿ ڏيڻ لڳي، کيس ايتري خبر هاڻي ضرور هئي ته سندس پٽ عام نوجوانن کان منفرد، مختلف، انقلابي ۽ آدرشي آهي. هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي. عام انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪري رهيو آهي. پاڙيسرياڻي ماريا کيس خبردار ڪندي آهي، ته پوليس سندس گهر تي ڇاپو هڻڻ واري آهي ۽ هو پنهنجي پٽ کي انقلابي ڪمن کان باز رکي. وري مٿس خوف غالب ٿي ويندو آهي، پر پٽنس کيس يقين ڏياريندو آهي هو سچ جو ساٿاري آهي. کيس ڪجهه به نه ٿيندو ۽ هو ڪو به غلط ڪم نه ڪري رهيو آهي. بلڪ انصاف لاءِ پتوڙي رهيو آهي، آخر پوليس بي درديءَ سان ڇاپو هڻندي آهي، پر کين تلاشيءَ ۾ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. اهڙي ريت پاويل ۽ سندس ساٿين جي گهرن تي ڇاپا لڳندا رهندا آهن ۽ ڪجهه گرفتار به ٿيندا آهن، پر وري به پاويل ۽ سندس دوست، نڪولائي آيو ان وچ، سموئلوف، نتاشا، آند ريوشا ريين، وسوف شيڪوف خوفول، ۽ ٻيا پنهنجو سفر ڪاميابيءَ سان جاري رکندا آهن.

وقت سان پاويل جي عزت ۾ اضافو ٿيندو آهي، ڳوٺ وارا هن بردبار، باهمت، علم و عقل ۽ سمجهه واري نوجوان کي تسليم ڪرڻ لڳا ۽ کانئس مشورا ورتا ويا. ڪارخاني ۾ محصول اڳاڙڻ جي خلاف تحريڪ جو اڳواڻ ٿي ڊائريڪٽر کي سمجهائڻ لاءِ جڏهن تقرير ڪيائين ته سڀ سندس مُدلل اندازِ بيان تي حيران ٿي ويا. پر رات جو  کيس پوليس گهران گرفتار ڪري ويندي آهي.

ماءُ پلاگيا پنهنجي پٽ جي مشن کي سمجهي ساٿ ڏيڻ لاءِ اڳيان اڳيان ايندي آهي، هوءَ ڪارخاني ۾ ماني ٺاهي وڪڻڻ جي بهاني سان لڪولڪ ۾ پاويل جي دوستن جا ڏنل آزادي ۽ حقن جي جدوجهد جا پمفليٽ ورهائڻ لڳندي آهي. پاويل جا دوست جيل مان ماءُ کي سندس خيريت ڄاڻائيندا رهندا آهن. ماءُ جي تنظيمي ميمبر ٿيڻ سان پاويل ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. ماءُ کي يقين ٿي ويندو آهي ته هوءَ زندگيءَ کي ڪارائتو ڪتب آڻي رهي آهي. هنن نوجوانن جي سادگي، ۽ پنهنجي ذات لاءِ بي پرواهي ۽ بي نيازيءَ سندس دل موهي وڌو پر کيس اڃا به يقين نه هو ته ڪي هو پنهنجي مشن ۾ مڪمل ڪامياب ٿيندا پر وري به کيس اُتساهه هو کين ڪم اچڻ جو پاويل جي جيل مان آزاد ٿي اچڻ تي ماءُ تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي ۽ سندس دوستن فيدور، يگور، آندريوشا، جي خدمت ڪندي آهي، کانئن نيون نيون ڳالهيون ڄاڻندي آهي. هو کيس فرازنسيسي انقلاب ۽ مزدور انقلاب جي ڄاڻ ڏيندا آهن. ماءُ سندن ڪم ۾ شامل رهي،سندن لاءِ دُعاگو رهندي آهي. پاڻ پڙهڻ لکڻ به سکندي آهي. انهيءَ دوران غدار ايسائي جو قتل ٿي ويندو آهي پاويل ۽ آندري کي پوليس پڪڙي جيل ۾ وجهندي آهي، پر قتل ثابت نه ٿيڻ تي هو آزاد ٿي ويندا آهن. سخت پرفباريءَ جي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ آخرڪار مئي جو خوشگوار ۽ انقلابي مهينو ايندو آهي. جنهن ۾ هڪ جھٽ، دکن جي ماريل اٻوجهه پر آدرشي نوجوان جي ماءُ هن اڙانگي گهيڙ ۾ گهڙي پهرين مئي تي مزدورن جو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائيندي آهي. اهڙيءَ ريت پاويل جي شاندار تقريرن سان هيءَ قافلو وڌندو رهندو آهي.

ناول جي ٻولي، علمي ۽ ادبي حيثيت:

ناول جي نثر جي پرک لاءِ هيٺ چند حوالا ڏجن ٿا.

پاويل ۾ آيل تبديليءَ تي ليکڪ هن ريت لکيو آهي: ”منجهائس رک منهائي، بي پرواهي، گم ٿيڻ لڳي هئي، هن جي ماءُ انهن ڦيرين گهيرين کي ڏسي، جن کي پاڻ نٿي سمجهي سگهي، وڏي ڳڻتيءَ ۽ ڳڻ ڳوت ۾ پئجي ويئي.“ ۽ سوچيندي هئي ته: ”ڀلا هي عام ماڻهن وانگر ڇو نٿو گذاري؟ جهڙو ملو ڪنڊ وٺي ويٺو آهي. سندس عمر اهڙي ته ڪانهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن نينگريءَ سان نينهن لڳي ويو هجيس پر ڇوڪريءَ واسطي ته ڏوڪڙ گهرجن ۽ هو پنهنجي پوري ڪمائي ته منهنجي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

پاويل موجب ”پادرين، انسانن تي هڪ اهڙو خدا مسلط ڪيو آهي، جيڪو صرف خوف جو تصور آهي، جنهن جي ڪري، هو انسانن تي ارڏايون ٿا ڪن. حقيقت ۾ خدا، انسان کي پاڻ جهڙو ٺاهيو آهي. هنن ته خدا کي ويڙهي سيڙهي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ انسان جي روحن کي ڪچلڻ لاءِ خدا جو منهن ئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. تاڪه اسين اصل خدا کي سڃاڻي نه سگهون.

پاويل ماڻس کي عقلي دلائل ڏيندي چوندو آهي ته: ”خدا دل ۾ آهي ۽ عقل ۾ آهي پر ديول ۾ ڪانهي، ديول خدا جو مقبرو آهي.“

”هن جي آٿت ۽ اطمينان، سانت ۽ صبر نرم آواز ۽ سنئين سڌي چهري جي ڪري ماءُ جي دل به ٻڌي هن جي نظرن ۾ صاف دلي، ۽ دوستي پئي بکي، اوجل اکين جي اونهاڻ مان سرهاڻ جا شعلا پئي اڀريا.

”تون اڃان ٻار آهين، تو دنيا ڪانه ڏٺي آهي، توکي دنيا جو تجربو گهٽ آهي، انسان کي جنم ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر کيس شرافت ۽ فضيلت سيکارڻ ان کان به ڏکيو ڪم آهي.

پاويل جو دسوت (ماءُ) پلاگيا کي پٽ جي جيل ۾ وڃڻ کان پوءِ هن ريت سمجهائيندو آهي. امڙ ڏس پاويل جي ايتري ڳڻتي ۽ فڪر نه ڪر هو جيل مان اڳي کان اڳرو ٿي ايندو. اتي آرام ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت بچي ٿو. اسان جهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهر هوندا آهن ته اهڙن ڪمن لاءِ واندڪائي ڪانه هوندي اٿن، آءٌ ٽي ڀيرا جيل ڀوڳي چڪو آهيان، انهيءَ سان مونکي هروڀرو ڪا خوشي ڪانه ٿي سري، پر هر ڪنهن ڀيري منهنجي دل ۽ دماغ کي وڏو فائدو پهتو آهي.

”اڳي رڳو ماڻهوءَ کي جيل چوريءَ جي ڏوهه ۾ اُماڻيو ويندو هو پر هاڻي انهيءَ کي پنهنجي حق جي گهرڻ تي جيل ۾ وڏو وڃي ٿو.“ (ڏيپلائي، 1956، صه، 29 کان 155)

ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان ليکڪ پنهنجي ناول جي اهم ڪردارن جي شخصيت هن ريت بيان ڪئي آهي، لکن ٿا ته:

”ميڪائيل ويلاسوف هڪ اڻ گهڙيو رُکي منهن وارو مستري هو، جنهن جو سڄو بدن ڳنڍيدار وارن سان ڀريل هو. هن جون ننڍيون ننڍيون اکيون گهاٽن ڀروئن جي هيٺان شڪ ۽ ڪيني کي پاليندڙ بڇان سان چلڪنديون ۽ چمڪنديون هيون.

ميڪائيل جي گهر واري پلاگيا يعني
”امڙ“ جي ڪردار نگاري هن ريت بيان ٿيل آهي:

”هوءَ قد آور مگر ڪي قدر جهڪيل هئي، هن جي جسم تي سخت پورهئي ۽ مڙس جي مارڪٽ جون نشانيون هيون. هوءَ دٻيل پيرن سان پاسو ڪري لنگهندي هئي، ڄڻ ته کيس ڊپ هو ته متان ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجي نه پوي. هن جو ڀريل بيضوي چهرو جنهن تي پيريءَ جا پيرا صاف ظاهر پئي ڏٺا، ڪارين اکين جي ڪري چمڪيو پئي. هن جي هنن چمڪندڙ اکين ۾ بستيءَ جي ٻين زالن وانگر ڊپ ۽ ڏک ڀريل هوندو هو. هن جي ڪارن گهاٽن وارن ۾ اڇيون ليڪون چمڪڻ لڳيون هيون. هوءَ پيرن کان چوٽيءَ تائين نرم دلي، ڏک ۽ ملال، تسليم ۽ رضا پتلي هئي.“

پاويل (هيرو) جي لاءِ ناول نگار لکي ٿو ته: ”هن جون اکيون ماءُ وانگر وڏيون ۽ چمڪندڙ هيون، جن ۾ بي اطميناني ۽ بي آرامي پئي بکي.

هن پنهنجي لاءِ نه بندوق ورتي ۽ نه ئي مڇيءَ جي شڪار تي ويو. پر اها ڳالهه پڌري پٽ ٿي پيئي ته جنهن رستي تي ٻيا هلي رهيا هئا، تنهن کان هٽي هو ٻيو نمونو اختيار ڪري رهيو هو. گهر ۾ ڪتاب آڻڻ شروع ڪيا. جنهن کي لڪ ڇپ ۾ پڙهي لڪائي ٿي ڇڏيائين، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مان نقل ڪري ڪاغذ لڪائي رکيائين. (ڏيپلائي: 1956، 24-25- 26)

امڙ ناول جي ٻولي ۽ اضافي نثري خوبيون:

ناول امڙ، هڪ ڏاهي نوجوان پاويل جي ڪهاڻيءَ سان گڏ روس جي عظيم سلطنت جي انقلاب جي ڄاڻ ٿو ڏئي، هڪ بهادر بيوهه مماءُ جو ارڏو ۽ البيلو پٽ اچانڪ سنجيده، بردباد ۽انقلابي اڳواڻ ٿو ٿئي. انقلابيت ۽ آدرش پڻي جي هن عظيم سفر ۾ باهمت ماءُ جو ساٿ واکاڻ جوڳو آهي. ناول جو عنوان ”امڙ“ ڄاڻائي ٿو ته ماءَ جي حيثيت رتبو، همٿ ۽ اتساهه ڏيارائڻ جو جذبو، سندس پرارٿنائون ۽ ڏنل شڪتي ئي اولاد جو مستقبل ۽ شان و مان آهن.

ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ترجمو ٿيل ناول ۾ سليس ۽ صاف سنڌي ٻوليءَ جو استعمال چٽو آهي. ڪيترن هنڌن تي سهڻا پهاڪا، چوڻيون ۽ تجنيس حرفيءَ جا ڪمال آهن، وقتائتا ۽ ڪارائتا سنڌي بيت خاص طور شاهه سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ مان ڏنل آهن. باقي سو ڪجهه هنڌن تي اردو لفظن جو استعمال پڻ آهي، جن جا متبادل لفظ سنڌيءَ ۾ موجود به آهن. اهڙن لفظن ۾ ڪانافوسي، آداب، هوايون، سرچڪرائڻ، بستي يا ٻيا ڪجهه لفظ شامل آهن.

هيٺ ڪجهه پهاڪن، چوڻين، تجنيس حرفي ۽ بيتن جا مثال ڏجن ٿا:

1. پهاڪا ۽ چوڻيون:

”ڪانو ٿو ڀڄي ڪمان کان“، رت وٽو ڏيئي ڀت وٽو حاصل ڪرڻو“، ”جيڪي آڻين سي چاڙهين“، ”اڀ اکين پيو ڏسجي“، ”نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم“، ”پڪي گهڙين ڪهڙا ڪچا ڪنا لڳندا“. ”مروان موت ملوڪان شڪار“، آنڊي کي ڄراچي ته ڪو ڪهڪاءُ پوي“، ”اهي ئي لاٽون اهي ئي چگهه“. گار جي رئي موچڙي جي زيپٽ.“ ”پنجيئي آڱريون برابر نه آهن.“ ”اٺ هڻي اَٺ ته توڏو هڻي تيرهن.“ ۽ ٻيون چوڻيون شامل آهن.

2. تجنيس حرفي:

”سامهون ڪو ڏکن ۽ سورن کان سائو ٿيل چهرو به آهي. جنهن جا پيار ڀريا نيڻ، ٽهه ٽهه ٽمندي، حيرت ۽ اچرج جي عالم ۾ ڏانهن اداسائي سان ڏسي رهيا آهن.“

”جنهن ساڻس سندس، دکن دردن، ڪشن ۽ ڪشالن ڪاٽڻ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي پنهنجي جان پئي جهوري“

”هوءَ ڏاڍي سرهي ٿي جڏهن ڏٺائين ته سندس پٽ جي سدا سخت ۽ سنجيدين نيرين نيڻن ۾ نرم ۽ نازڪ روشني ڀرجي چڪي هئي. ماءُ مُرڪڻ ۽ مَرڪَڻ لڳي. جيتوڻيڪ هن جي ڳلن جي گهُنجن ۽ ڳڙيل موتي اڃان تائين چمڪي رهيا هئا.“

شاهه جا بيت

ڪنين ماضي من ۾ ڪنين استقبال،

حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

(پيش لفظ)

سر جي تان سور، سامائي ته سک ويا،

اهي ٻيئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.

اڄ ته اڳئين ڍار، ڪرهو جيئن ڪالهه هو،

اڱڻ آيو نه ڪري پاهوري پچار،

جيڪس منجهه قطار، ڪاول ڇنائين وِهه جي.

ڇپر ڇمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،

پٻ وجهنديس پٺ تي، صبح سوارو،

وڃڻ مون وارو ڪين رهنديس وچ ۾.

(ص 33 ماءُ جي تصوير هيٺ امڙ، ٽيون حصو)

هن ناول ۾ پاويل ۽ سندس ماءُ ۽ ٻين جون ڪجهه موقعي جي مناسبت سان تصويرون به ڏنل آهن. جيڪي يقيناً اوريجنل ڪتاب تان ورتل آهن، پرڏيهي ماحول جي تصويرن هيٺ ڏيهي بيت لکيل آهن جن جي ڪري پنهنجائپ جو احساس قائم آهي.

امڙ جي تحقيقي جائزي وٺڻ کان پوءِ ڄاڻ پوي ٿي ته، جيڪڏهن هن ناول کي پهرين مئي جي تحريڪ جي پرچار ڪندڙ ڪتاب چئجي ته پڻ بجا آهي. هيءُ ناول مزدورن جي عالمي تحريڪ کي کولي بيان ڪري ٿو، ۽ انساني حقن جي آگهي ڏيندڙ تحريڪن جي اڳواڻن جي زندگيءَ جي جهلڪ ٿو پيش ڪري. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته انساني حقن جي ڄاڻ ۽ انهن جي حصول جا ڪهڙا عظيم اصول آهن:

هيءُ ڪتاب، هر وقت ۽ هر دور جي آواز آهي. اصل ضخيم ناول جي اردو ترجمي تان ليکڪ سنڌي نثر ۾ هڪ سهڻي ناول جو افسانو ڪيو آهي ناول جي ٻولي پخته سنڌي نثر جو مثال آهي، مضبوط ۽ اثرائتن مڪالمن، وقتائتن بيتن، سهڻن پهاڪن، چوڻين ۽ تجينس حرفيءَ جي سجيل جملن سان ڏيپلائي جن جو سنڌي نثر جي تاريخ ۾ هڪ اهم ناول جو واڌارو ڪيو آهي.

حوالا

1.       ڏيپلائي محمد عثمان (انٽرويو) پروفيسر صديقي آفاق احمد، ”پاکستان ادب کے معمار محمد عثمانڈیپلائی شخصیت اور فن“ 2009ع، اڪادمي ادبياب پاکستان، ص 45

2.      ڏيپلائي محمد عثمان (مرتب) تاج جويو، ”انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي“، 2003ع، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، 230

3.      ڏيپلائي محمد عثمان، ”امڙ“، ادارهِ انسانيت“، 1956ع پيش لفظ، ص 2

4.      ڏيپلائي محمد عثمان، ”امڙ“، ادارهِ انسانيت 1956ع ص 29 کان 155 تائين حوالا

5.      ساڳيو حوالو، ص 24-25-26.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org