محمد عثمان ڏيپلائي
جيل جا مشاهدا
مرچُو
(1)
”آرڙهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن، سياري
جي آڌي رات، مولام ڏي ڪاڪوس تات!“ آهي ته هيءُ
پهاڪو سياري جي آڌيءَ رات تي، پر ڊسمبر جنوريءَ جي
صبح جو پيشاب به انهن کان گهٽ ڪونهي، جڏهين سوڙن
۽ ڪمبلن وچان لاچار اٿڻوآهي ۽ ڪاڪوس به ٿورو پرڀرا
هجن. مگر ڇا ڪجي، اهي بي شرح وارنٽ سڀ کان بُرا
آهن، سو لاچار سينٽرل جيل جي اهڙيءَ هڪ صبح گرم
بستر ڇڏڻ تي مون کي به مجبور ڪيو. پر ٻاهر نڪري
جيڪي ڏٺم، تنهن سچ پچ ته مُٽ به منجهائي ڇڏيو، هڪ
سنهڙو سڪل ڇوڪرو، ڦاٽل ڪپڙا، بنا ڪنهن اوڍڻ جي
ڏڪندو ڦٿڪندو ٻهاري هٿ ۾ کڻي صفائيءَ لاءِ اندر
آيو!
ايڏو ڪهڪاءُ آيم، جو جيل ۾ مليل گرم صد ري ۽ چادر
کڻي هن کي ڏنم، ڪجهه ٻيڙيون ماچيس به ڏنامانس. هڪ
قميص مون ڏني ۽ هڪ وري ٻئي همراه ڏنيس. ٻيڙيءَ جا
سوٽا ڀري، هو مس سامت ۾ آيو، شايد ٻيڙيون اصل ۾
اهڙين مهلن لاءِ ئي ايجاد ٿيون هيون!
(2)
نالو ته هن جو ٻيو هو، پر سڏيندا هوس ”مِرچُو،“
ڇاڪاڻ ته هو اهڙو ئي سنهو سڪل هو، جهڙو مرچ. هو ڪو
ڇنو ڇورو ڪونه هو، پيءُ به هوس ته ماءُ به هيس، پر
هڪ اهڙو اتفاقن جو ماريل بدنصيب هو، جو ڇهن مهنن
کان معمولي ڪيس ۾ بيدريافتو پوريل هو، پر ڪو ضامن
به نٿي پيس!
هو اپاهج ڪونه هو، ٽوٽي ڪونه هو، چڱو خاصو
ڪمائيندڙ ڪاٺياواڙي هو. پر سندس چوڻ موجب انهي
اتفاق جو شڪار ٿيل هو، جنهن ۾ ”مسلمان“ عام طرح
ٿين ٿا، يعني شراڪت جو واپار. هندن ۾ ڏسبو آهي ته
”ٻه ته ٻارهن“ يا ”هڪ ۽ هڪ يارنهن“ پر مسلمانن ۾
هرڪو چوندو ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيويئي“ يا
”ڀائيواريءَ جي ڀت کان پنهنجي رٻ به چڱي!“ شايد
انهيءَ جو اهو سبب هجي، جو هندو ته اڪثر هزارن
ديوتائن جا پوڄاري هجڻ سبب ”تلڪ تنين لاءِ، سچا جي
شرڪ سين“ آهن، ۽ مسلمان آهن ”وحده لا شريڪ له“ جا
پوڄاري، سي پاڻ به ڪنهن جي شراڪت کي نباهي نه
سگهندا آهن.
هن ڪن ٻين سنگتين سان گڏ جي ڪڍي ”موونگ سنيما“
يعني اها ننڍڙي سينيما، جنهن ۾ 5- 7 ڇوڪرا گڏ جي
ويهي کيل ڏسي سگهن. موڙيءَ جو وڏو حصو به هن ئي
پنهنجن مائٽن مان هٿ ڪيو هو، پر ڀائيوار سڀ هڙ
موڙي دف ڪري ويس ۽ هن کي موڙيدار مائٽن جا موچڙا
کائڻ لاءِ وڃي ڇڏيائون.
(3)
هڪ ڏينهن کُٽيءَ کنيس، جو انهن باقيدارن کان ڪجهه
ٻيڙي ٻاٽ وصول ڪرڻ خاطر حيدرآباد مان سائيڪل ڀاڙي
تي کڻي سڌو ويو ٽنڊي آدم؛ ڇاڪاڻ ته جن جو ڏس
ڏورانهون هو، سي اوڏا آيل هوا. پر گاڏي لاري ٻئي
ڇٽي وييون هيون، لاچار توڪل برخدا ۽ پير پير پيڊل،
اهو ٿو وڃي. اڃا ٽنڊي آدم جي هڪ هوٽل تي پهتو ئي
مس، ته پوليس به اچي پڪڙيس. ڇو؟ چي تون سائيڪل
چورائي آيو آهين. نتيجو اهو ٿيو، جو سائيڪل کي ست
مهنا ٽيپ ۽ هن ڇهن مهنن کان پئي سورچريا، ۽ اڃا
الائجي ڪيترو وقت چرڻا هوس. هر دفعي ٻي شنوائي وٺي
واپس پيو ايندو هو، ڄڻ ته اها هڪ معمولي ڳالهه
هئي. هيءَ اها رات هئي، جنهن جي پرهه ڦٽڻ جو آسرو
ڪم از ڪم سڃن لاءِ ته گهٽ هوندو آهي!
چادر ۽ گرم صدريءَ تي هن جيڪا محنت ڪئي هئي، سا
ڏسي اکين ۾ پاڻي پئي آيو. جيل جي قاعدن موجب ڪچي
قيديءَ کي اهي پائڻا ئي ڪين هوا، هن هڪ قميص مٿان
هڪ هيٺان ڏيئي، اهڙا سيبا ڏنا هوا، جهڙو مارواڙي
ڊگلو هجي. ۽ چادر کي رڱي روپ ئي ڦيرائي ڇڏيو
هئائينس. قانون موجب ته اهي اسان جي ملڪيت هوا،
ڇاڪاڻ ته اسٽيٽ پرزنرس ائڪٽ آف 1827ع، جيڪو لاهور
جي ڪولمبسن اسان لاءِ ڳولي وڃي هٿ ڪيو هو، ان ۾
ائين ئي لکيل هو، مگر عملي طرح سنڌ سرڪار ته ڀوپت
لاءِ به ائين ڪيو هو، پر لاهوري لالڻ اسان کي ڀوپت
مهاراج جهڙيون آسانيون ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه هوا،
ان ڪري جيل ڇڏڻ وقت آفيسرن کي خاص عرض ڪيو ويو ته
مرچوءَ کان هي متان ڦُريو!
(4)
آزاديءَ بعد سوسائٽيءَ وٽان پئي آيس ته
”سلاماليڪم“ سڌو مرچو منهن ۾، ”اڙي تون ڇٽي وئي؟“
”هائو سائين، ڪيس ۾ ڪجهه به ڪونه هو، خود دڪاندار
به بيان ڏنو، ته مون اها سائيڪل هن کي ڪرايه تي
ڏني هئي.“
ڪيس ۾ ڪجهه هجي يا نه هجي، پر مرچو نوَ مهنا پورا
ڪرڻ بعد سينٽرل جيل مان ائين آزاد ٿيو، جئن ٻار
ماءُ جي پيٽ مان نڪري، ۽ شل جيئي بچي اسان جي
سدوري پوليس، ته اهڙا نڌڻڪا ڇورا گهڻيئي گنڊا واڊ
يعني غنڊا وارڊ کي آباد ڪري، موريون گجر بصر پوکيو
ويٺا هوندا!
محمد عثمان ڏيپلائي
صوبيدار جي سمجهاڻي
(1)
اها سنڌ جي ڪنهن تعلقي جي سچي ڳالهه آهي، ۽ گهڻا
ورهيه به ڪونه ٿيا اٿس. مختيار ڪار صاحب هڪ دفعي
بنگلي کان ٻاهر نڪتو ته پريان هڪ ڪولهڻ ڇوڪري هڪ
جهوپڙيءَ مان نڪتي، جنهن سندس دل يڪدم ڦُري ورتي.
هن سمجهيو ته هنن غريبن کي چار پئسا ڏبا، ته قصو
ٺهي ويندو. سو شام جو ٿي پڻس کي گهرائي چڱي موچاري
آڇ ڪيائينس، پر ڪولهيءَ جو اهو محسوس ڪيو، ته
سامهون ڪو ”انسان“
پيو ڳالهائي، سو ڇوٽ ۾ چيائين ”سمجهيو ڇا اٿئي؟ ڇا
اسان کي عزت پياري ڪانهي؟ تون ڪو اسان جي ذات وارو
آهين جو مون کان ٿو ڇوڪري گهرين؟“
ويچاري عاشق جيوڙي جون ٻه به وييون ڇهه به وييون،
هو ڌڙام ڪري وڃي بستري تي ڪريو.
(2)
هُو ته هُو صوبيدار، پر فلڪ اهڙي هيس جو ٻيا ته
ٺهيو، پر مختيارڪار به سندس سلام تي ايندو هو. گشت
مان موٽيو ته سڀ يار دوست وٽس آيا، پر رهاڻ ذرا
ٻوکي پئي لڳي، هن ويچار ڪيو ته ڪهڙو دوست کٽل آهي،
آخر ڀڙڪو کائي هيڊ منشيءَ کي چيائين ”اڙي يار!
تنهنجو ڪاردار ڪٿي؟“
هيڊ منشيءَ مُرڪي چيو ”سائين هو ته ويچارو بستري
داخل آهي، تڏهين ته ڪونه آيو. نه ته مجلس جو مور
نه هجي ها؟“
صوبيدار حيران ٿي چيو ”ميان! اهڙي ڪهڙي بيماري
اٿس، جو تون مرڪيو پيو ڳالهه ڪرين؟“
هيڊ منشيءَ وري به کِلي ڳالهه ڪئي ”سائين آهي ته
سُڪ، اڄ هفته ٿيو اٿس جو ڪورٽ به ڪانه ٿو اٽينڊ
ڪري، نه کائڻ نه پيئڻ، حڪيم ۽ ڊاڪٽر ته بخار به
ڪونه ٿا ڏسن، پر مڙس جهوريءُ ۾ جهڄندو وڃي، هاڻي
اهڙيءَ بيماريءَ تي مرڪون نه ته ٻيو ڇا ڪريون!“
صوبيدار سمجهي ويو ته ڳالهه ڪا اهڙي آهي، جو هيڊ
منشي صاحب نه ڪچهريءَ ۾ کوليندو نه اڪيلائيءَ ۾
اظهار ڪندو؛ سو ٽپ ڏيئي لڪڻ کڻي اٿيو ۽ سڌو صاحب
بهادر وٽ. هو جئن منهن ويڙهيو پيو هو، تيئن لاهي
ڪپڙو ٻانهن کي ڇڪي ڏيئي چيائينس ”اڙي ڇا ٿيو اٿيئي
جو هينئن ڪوڙ ڪڇ ۾ وجهيو پيو آهين؟“
مختيارڪار صاحب جي اکين ۾
بي اختيار پاڻي اچي ويو. صوبيدار حيران ٿيو، جڏهن
ڏٺائين ته هن گهايل جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون
بس ئي نٿيون ڪن! ويچارو هو به پريشان ٿي پڇڻ لڳو
”ميان! ڇا ڳالهه آهي؟“
مختيارڪار نوڪر کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڏيئي، هن سان
سڏڪن ڀريندي حال اوريو ۽ هن يڪدم کڻي ٽهڪ ڏنا
”واهه واهه ڳالهه به ايتري! اٿي ٽپ ڏيئي هل رهاڻ
تي، وڏيرن جي بادشاهيءَ ۾ عوام سان ڳالهائڻ جي
ٻولي اها ڪانه آهي جا توڪئي، بس هاڻي پڪ سمجهه ته
سڀان رات جو تنهنجو معشوق تنهنجي ڪڇ ۾ هوندو!“
(3)
ٻئي ڏينهن غريب ڪولهي ٿيو صوبيدار جي حضور ۾ حاضر،
هن پڇيس ته ”نالو ڇا اٿيئي؟“ چي ”ڦڳڻ!“ چي ”اڙي
لڳايوس پادر.“ اهو حڪم ڏيئي صوبيدار ته پنهنجي ڪم
۾ لڳي ويو. پوليس وارن هن غريب کي مار ڏيئي کڻي
ڇڏيو، ڪلاڪ کن بعد وري گهرائي پڇيائينس ”نالو ڇا
اٿيئي“ چي ”ڦڳڻ“. وري حڪم مليو ته ”لڳايوس جوتا“ ۽
پاڻ ڪم ۾ لڳي ويو.
ٻن ڪلاڪن بعد وري گهرائي پڇيائين ”نالو ڇا اٿيئي
بدمعاش؟“
ڪولهيءَ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور! جيڪڏهين
منهنجو نالو ڦڳڻ، اوهان کي نه وڻي ته چيٽ، ويساکه،
ڄيٺ، جيڪو چئو سو سڏايان ۽ اهي به جي پسند نه اچن
ته رجب، رمضان، محرم، صفر جيڪو به اوهان کي وڻي سو
قبول اٿم، پر آخر هنن اڻ ڳڻين موچڙن جي وضاحت ته
ڪريو!“
صوبيدار ڪجهه ٿڌو ٿي چيو ”ڪميڻا! تنهنجو من اهڙو
وڌي ويو آهي، جو اسان جي مختيار ڪار سان گستاخ ٿي
ٺپ جواب ڏيئي آيو آهين؟“
ڪولهيءَ وري به هٿ ٻڌي چيو حضور! مختيارڪار مون
سان ’ماڻهن‘ وانگر ڳالهايو هو، تنهن کي مون به
’ماڻهن‘ وارو جواب ڏنو، هن مون کي حاڪماڻيءَ
ٻوليءَ ۾ اهڙي ”وضاحت“ ڪانه ڏني هئي، جهڙي اوهان
اڄ ڏني. هاڻي هوءَ ڇوري هو مختيارڪار ۽ هو اوهين؛
جئن وڻيو تئن وڃي ڪريو، مون کي بخش ڪريو ته ڦڳڻ
سڏائيندو رهان.“!
محمد عثمان ڏيپلائي
جيل جا مشاهدا
سُڃي جو سِر
(1)
”آءٌ ڦاسي گهر ڏسي آيس!“
هن اهڙي لهجي ۾ چيو ڄڻ ته ڪا وڏي مهم فتح ڪري آيو
هجي.
”ڪئن ڏٺيئه؟“ مون پڇيو
”بس اسپتال مان واپس پئي ٿيس، ته اوچتو ڏٺم ته
ڦاسي گهر کليل آهي. اڄ صبح جو هڪڙي کي ڦاسي ڏني
ويئي هئي نه، سو هنئر ان جو لاشو ته وارث کڻي ويا،
هنن رسي پئي لاٿي، پر يار! سنگدلي ته ڏس، هڪڙي
قيديءَ ڇوري کي رسيءَ تي لڳائڻ لاءِ مکڻ ڏنو
هئائون، ۽ پوءِ اهو لاشو لاهڻ ۾ به مددگار هو، هن
رسيءَ کي ته مکڻ ٿورو لڳايو، باقي بچيل هاڻي پاڻ
ڏاڍي مزي سان کائي رهيو هو!.........“
هن نهايت تعجب مان اها ڳالهه پئي ڪئي، ته خود اهو
قيدي به کلندو اچي ويو، جو هن کي اسان جي وارڊ جي
صفائي ڪرڻي هئي.
هن کلندي چيو ”اها ڪهڙي حيرت جهڙي ڳالهه آهي؟ ڪي
پيا مرندا ڪي پيا کائيندا، سڀ دم گذر!“
”تون ڇا ۾ آيل آهين؟“
جيل ۾ ڪنهن به قيديءَ کان پڇيو ته ”تو ڪهڙو ڏوهه
ڪيو آهي؟“ ته هو هميشه چوندا آهن ته: ”اسين
بيگناهه آهيون، ناحق دشمنيءَ جو شڪار ٿيل آهيون
وغيره“ ان ڪري جيڪڏهن ڏوهه پڇڻو آهي ته ائين ئي
پڇجيس ته ”توکي ڪهڙيءَ تهمت ۾ آندوائن؟“ ته پوءِ
هو سمجهندو ته مونکي سڀ بيڏوهي پيا تسليم ڪن ۽
پوءِ کُلي پوندو. سو هن به کِلي چيو ”فلاڻو ڇورو
ماريو ويو هو نه؟ آءُ انهيءَ ۾ سرڪاري شاهد
آهيان!“
مونکي سڀ ڳالهه ياد اچي ويئي: اخبارن ۾ آيل هو، ته
”هڪ سيٺ هڪ غريب نوڪر کي ايترو ماريو، جو هو مري
ويو ۽ هن جي ماءُ وڃي فرياد ڪيو آهي، انهيءَ تي هو
گرفتار ڪيو ويو آهي“
(2)
”سيٺ ڪٿي آهي!“ مون پڇيو ”اِهو زيل ۾ آهي“ هن
اطمينان سان چيو ”ڪيس پيو هلي، ٿوري وقت ۾ ڇٽي
ويندو.“
”ڇٽي ويندو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ٻيو ڇٽندو نه تڏهن ڦاسي کائيندو ڇا؟ بابا! ڦاسيون
به سڃن لاءِ آهن ته خون به سڃن جا ٿيندا آهن. سکيو
جيڪڏهن ڪنجوسي ڇڏي، زر کي خوب لٽيندو آهي، ته هن
جو وار به ونگو نه ٿيندو آهي. ٻڌو ڪونه اٿو، ته
سڃي جو وڃي سر، ۽ سکئي جو وڃي زر!“
”مگر ڏس نه، اخبارن ۾ ته وڏي زورشور سان ماريل
ڇوڪري جا داستان پيا اچن“
”اخبارن کي پڇي ڪير ٿو؟ اهي اوهان جا اينڊيٽر
(ايڊيٽر) پاڻ وري ڪي چنڱا مڙس آهن ڇا؟ انهن ۾ به
ڪي اينڊيٽر وڏا غنڊا آهن، ٽِڪريون پرائيويٽ اڏا،
ڀڙوتون مطلب ته سڀ ڪم ڪندا آهن.“
”ڪوڙو آهين بدمعاش؛ ايڊيٽر اهڙا نه آهن.“
”اي سائين توکي ڪهڙي خبر، تون پاڻ به درويش ۽ ٻين
کي به درويش پيو سمجهين، تڏهن ته ويٺو به گنڊا
وارڊ ۾ آهين نه.“
”غنڊا وارڊ ڪئن؟ هيءُ ته نظربندن جو وارڊ آهي نه؟“
”اهو هاڻي ’ماشالا‘ ۾ لکيو اٿن، انهن اکرن هيٺان
’گُنڊا وارڊ‘ لکيو پيو آهي. هي وارڊ، جنهن ۾ هينئر
اوهين ست آهيون، ان ۾ اول اسين پنجاه ڇوڪرا پارٽي
رهندا هواسون ۽ هن کي گنڊاواڊ سڏبو آهي. اسان هن
واڊ ۾ هيءُ سڀ گل ڦل رکيا آهن. ڪمند، موري، گجر ۽
ڪيلا پوکيا آهن، ڏاڍي مزي سان رهندا هواسون. هاڻي
اوهين آيا آهيو ته اسان کي ڪاري چڪر ۾ ڪڍيو اٿن.
ڏاڍا ڏکيا ٿيا آهيون. خدا شل اوهان کي هتان ڪڍي،
ته اسان کي ’اسانجو واڊ‘ وري ملي!..........“
(3)
هي ڇوڪرو اڃا به يڪساهيءَ ڳالهائيندو پئي ويو، پر
مون وچ ۾ پڇيومانس ”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، پوليس رڳو
هڪڙي شاهد تي ڪيس چالان ڪيو آهي ڇا؟“ ”شاهد ته
گهڻيئي آهن“ هن مرڪندي چيو ”پر اکين ڏٺو رڳو آءٌ
اڪيلو آهيان، ٻيا به آهن ته سهي، مگر انهن کي اکين
ڏٺو ٺهرائي نه سگهبو، اهي ته يڪدم آڏيءَ پڇا ۾
زونپٽ ڪندا ويندا. باقي رهيس آءٌ، سو ته ائين ئي
پوليس جو رانديڪو بنايل آهيان. آءٌ چوندس ”ڇورو
جوا ۾ مار کائي آيو هو، جوارين اڳيئي هڏ گڏ ڀڃي
ڇڏيا هوس، سيٺ تي ته ناحق جو بهانو آيو........
ڇورو رات جو ائين ئي مرڻو هو، سيٺ ويچارو ناحق
جهليو ويو آهي........“
”ڀلا جي هڏ گڏ ڀڳل هوس ته سيٺ وٽ ڪئن پهتو؟“
”هاڻي اوهين به سرڪاري وڪيل بڻجي پيا؟ ڀانيو ٿا
مونکي ٿيڙي ويندا؟ اهي ٿڙڻ وارا ڪي ٻيا هوندا، آءُ
پڪي ملئين جو پاڙهيل آهيان، چنڱو، پڇو جيڪي پڇڻو
اٿو.“ هن آڪڙ مان چيو!
”آءٌ ڀلا ڇا پڇندس، مونکي ته اصل ڳالهه جي پوري
خبر به ڪانهي، پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته هيڏو
سارو بيدرديءَ سان ٿيل خون جو ٻڌو پئي ويو، سو ڪئن
معاف ٿيندو؟“
”معاف ٿيندو ائين، جئن ٻين سکين جا ٿيندا آهن، هي
اوهان سان لڳو لڳه ڦاسي گهاٽ آهي، ويهي جاچ ڪريو
ته ڪڏهين ڪنهن ’سخيءَ سکئي‘ کي به ڦاسي آئي آهي؟
ڦاسيءَ چڙهندا هڪڙا ’سڃا‘ ٻيا ’ڪنجوس‘، ’هٿ جنين
جو هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهن!‘ ٻيو نه ته رحم جي
درخواستن ۾ جنبي ٿيو وڃن، پوءِ ڪنهن وڏي ڏينهن تي
معافي مليو وڃين........ اسان واري سيٺ به هٿ کليل
رکي پوليس کي اهڙو راضي رکيو، جو ڪيس هنن اڳواٽ ئي
پورو ڪري ڇڏيو. هو ته ڇوري جي ماءُ کي به راضي ڪري
ڇڏي ها؛ اسلام ۾ خون بها جو به اصول آهي، سو ان کي
خون بها ملي وڃي ها، پر مائيءَ کي ٻين لينڊرن
کاري، آڀاري، ميدان تي آندو. کارڻ وارن کي به
اليڪشن کٽڻي هئي، پر ’ماشالا‘ ۾ اليڪشنون وييون
آڱوٺي چڙهي، ان ڪري اهي لينڊر به ويا مائيءَ مان
هٿ ڪڍي، هاڻ ڇورو به ويس، پئسا به ويس!“
(4)
”ڀلا اڄ ٻي ڪا خبر ٻڌوَ؟“ هفتي بعد ڇوڪري ٻهاري
پائيندي چيو:
”اهي پوليس ڪامورا به اچي ويا زئيل ۾، جن جو هٿ
چوريءَ جي ڪيس ۾ هو، بابا هي’ڪجڳا‘ ناهي
پر ’ڪرجڳ‘ آهي.
سون کي زئيل ۾ موڪليو هوندائون، اڄ پاڻ به اچي
پهتا. پر سائين! سُڃي جو وڃي سر، سکئي جو وڃي زر،
هنن لاءِ هتي به بر
۾ نازاريون
لڳيون پييون آهن.“
”ڇو ڀلا؟ مارشل لا ۾ ته هر ڪنهن کي سي ڪلاس ۽ سخت
پورهئي جو آرڊر آهي نه!“
”اهڙا آڊر به سڃن لاءِ آهن. اوجهو، هو هڪڙو زمات
اسلاميءَ (جماعت
اسلامي) وارو
وڏيءَ ڏاڙهيءَ سان آهي نه! ان سُڃي وٽ پئسو ڪونهي
ته اهو وڏو انگريزي پڙهيل به آهي
ته به پورهئي جي هاهيءَ ۾ لڳو پيو آهي، ۽ هي جالم
پوليس ڪامورا ڪلارڪ ٻڻيا ڪرسين تي چڙهيا ويٺا آهن
۽ ڪي وري اسپتال جي بسترن تي پيا موجون ڪن!“
(5)
”سلاماليڪم!“ آزاديءَ بعد پريس تي ويٺو هوس ته
ڪنهن زور سان ڪڙڪو ڪري سلام ڪيو.
”اڙي تون آهين؟“ مون جيل واري ڇوڪري کي سڃاڻي چيو
”تون ڇٽي وئين؟“
”ٻيو نه ته! آءٌ به ڇٽس سيٺ سيٺ به ڇٽو، سڀ ڇٽا.
ڪرم ڪٽيندي وڃي اها رن، جيڪي لينڊرن جي چڪرن ۾ اچي
خون بها
کان به ويئي! بابا هن ڪلجڳهه ۾ ته ’سُڃي
جو وڃي سر ۽ سکئي جو زر‘،
اجهو اوهين به سڀ ڇٽي ويا نه!“
مون حيران ٿي چيو ”اسان ڪهڙو زر لٽايو؟“
”ميان زر لٽايوَ يا نه، پر اوهين ست هئوو، تن مان
ڇهه جيڪي سکيا هوا، سي ڇٽي ويا، باقي هڪڙو سڃو هو،
سو اڃا پيو ڀوڳي!“
”مگر انهيءَ ۾ سُڃي ۽ سکئي جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هن
جو ضرور رڪارڊ خراب هوندو“ مون اطمينان سان چيو:
”رڪاٽ ڇو نه خراب هوندس، سُڃو جو آهي! هن واريءَ
پالٽيءَ (پارٽيءَ) جا
جيڪي وڏا لينڊر هوا، تن جو ته ڪو رڪاٽ خراب ڪري
ڏيکاري! اڄ به موجن سان مڇون مروڙيندا
وتن!............“
اتي اوچتو هڪ پوليس ڪامورو اندر گهڙي آيو، ۽ چوڻ
لڳو ”ادا! اوهين اها ڪهڙي ٺٺري لڳايو ويٺا آهيو،
اوهان جو ڪهڙو ڪم، جو ههڙن آوارن ڇورن سان ويٺا
ڪچهريون ڪريو، سُڃا ڄاڻن سندن ليڊر ڄاڻن، تنهن ۾
اوهان جو، ڇا،
اوهين پنهنجو خير گهرو.“
هن جو تاءُ ڏسي ڇوڪرو ته الائجي ڪيڏي مهل کسڪي
هليو ويو، ۽ هو به اها هدايت فرمائي اٿي ويو. آءٌ
در بند
ڪري، قلم هٿ ۾ کڻي سوچڻ لڳس......... سُڃي جو
سر........ ڪيئن بچي......... ڪيئن بچائجي.......
۽ سُکئي جو زر........ ڪيئن بي اثر ڪجي..... ڪيئن
بي اثر ڪجي .... منهنجي ڪمزور دماغ کي چڪر اچي
ويو....... ۽ سوچيم ته اڃا وڏو ٽائيم گهرجي!
سوچ ۾ تبديلي
اها سنه 1949ع جي ڳالهه آهي، ريلوي اسٽيشن جي بڪ
اسٽال تي هڪ خوبصورت وڏو ڪتاب تازو ڇپجي آيل پيو
هو. مون انهيءَ کي هٿ ۾ کڻي ڏٺو. وڏن اکرن ۾ ان تي
”مان“ لکيل هو ۽ هيٺان ”ميڪسم گورڪي.“ جماعت
اسلاميءَ سان لهه وچڙهه رکندي ”ميڪسم گورڪي“ بابت
ڪافي نفرت انگيز لفظ پڙهيا هئم، ان ڪري”دينداريءَ“
جي تقاضا اها هئي ته اهڙي ”واهيات“ ماڻهوءَ جو
ڪتاب نه پڙهجي، مگر ڪتاب جي سهڻائي هن کي ڏسڻ جي
ترغيب ڏياري رهي هئي، ٿورو کوليم ته هنن لفظن تي
نظر پيئي؛
”غريبي، بک، ۽ بيماري- ’محنت‘
منجهان به عوام کي ته اهوئي ٿو حاصل ٿئي!- اهي ئي
لعنتون اسان جو اخلاق بگاڙي رهيو آهن، ۽ اسان کي
چوري سيکارين ٿيون، مگر دولتمند عيش و عشرت جي
حياتي گذرين ٿا،
”انهيءَ لاءِ، ته اسين پوليس، حاڪمن ۽ سپاهين جا
تابع رهون، سندن گهيري ۾ ڪنجهندا رهون- سڀ اسان جي
خلاف آهن، هر چيز اسان جي مخالف آهي، سموري دنيا
اسان جي خلاف آهن، هر چيز اسان جي مخالف آهي،
سموري دنيا اسان جي دشمن آهي. اسين سخت محنت سان
پنهنجيون حياتيون چچري رهيا آهيون، اسين ته
گندگيءَ ۽ بدبوءِ ۾ پساهه ڏيون ٿا، پر ٻيا مسرت جي
زندگي گذارين ٿا، ۽ اسان جي محنت سان مؤجون ماڻين
ٿا، هو اسان کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڪتن وانگر رکن ٿا،
اسان کي اڻ ڄاڻ ۽ جاهل رکن ٿا. اسين ڪجهه به نٿا
ڄاڻون ۽ اها اڻ ڄاڻائي اسان کي ڊپ ۾ ڀريل رکي ٿا.
اسين ڪجهه به نٿا ڄاڻون ۽ اها اڻ ڄاڻائي اسان کي
ڊپ ۾ ڀريل رکي ٿا. اسين ڊڄون ٿا. اسان جي زندگي
رات آهي- هڪ اونداهي رات. اسان جي زندگي هڪ ڀيانڪ
سپنو آهي. هنن اسان کي قاتل زهر کارايو آهي. هو
اسان جو رت پي رهيا آهن، اسان جو رت پي پي الٽي
ڪري رهيا آهن، حرص وهوس جا غلام شيطان.......
اوهين ئي ٻڌايو، ڇا، هي سچ ناهي؟.......“
ڳالهه ته دل سان لڳي پئي، جيڪي لفظ پڙهڻ ۾ آيا، سي
ڪي ڪوڙا ته ڪونه هئا، پورهئي وارن کي (ڪنهن هيڪڙ
ٻيڪڙ کان سواءِ) واقعي اهي ئي ڳالهيون حاصل آهي،
جيڏانهن نظر ڪجي ٿي، اوڏانهن اهائي ساڳي ڳالهه
پيئي ڏسجي ۽- ٻئي طرف؟ رشوت، سمگلنگ، بلئڪ، جوئا،
وياج، ۽ ٺڳي وغيره ڪندڙ ئي خوب ڪمائين ٿا، بي
انداز ميڙين ٿا، بيدرديءَ سان لٽائين ٿا ۽ طرح طرح
جي جسماني ۽ دماغي زنجيرن سان عوام کي جڪڙيل ڪتن
وانگر رکن ٿا، اڻ ڄاڻ ۽ جاهل رکن ٿا... منهنجي دل
۾ سوال اٿيو ”ڇا، هيءُ ڪتاب اسان جي ملڪ جي باري ۾
ئي لکيل آهي؟“ مون وري ڪتاب کي ڏٺو- نه نه هيءُ ته
روس بابت آهي، هن ۾ ته يوڪرين جون ڳالهيون آهن،
پر...... پر ڪهڙي زماني جو روس؟ اڄوڪو روس نه، ”بي
دين“
ڪميونسٽن جي روش جو ذڪر هن ۾ بلڪل ڪونه هو، بلڪ هن
۾ ته 1904ع جا حالات لکيل هئا. جڏهن روس تي هڪ
ديندار بادشاهه جي حڪومت هئي، جنهن کي خدا جو پاڇو
سڏيو ويندو هو، جنهن جي حڪومت مذهبي حڪومت ليکي
ويندي هئي، هر ڳالهه، هر ڪم خدا جي نالي سان شروع
ڪيو ويندو هو. ايتري قدر، جو ٻڪري کي ڪهڻ مهل به
خدا جو نالو وٺي، پوءِ ڇري ڦيريءَ ويندي هئي، ته
هو پڪ سان ”حلال“ ٿئي، متان ان جي نالي بنا ”حرام“
نه ٿي وڃي!
ڪتاب جا ڪجهه وڌيڪ ورق به ورايم، مگر جتان تي
پڙهيم، اتان ئي پئي لڳو، ته هي حالات ته ڄڻ اسان
جي پنهنجي ملڪ جا آهن، نالن جي ٿوري ڦير گهير ڪئي
وڃيم ته ڄڻ هتي جا ئي پيا لڳن.
اسٽال تي سڄو ڪتاب پڙهڻ ته ممڪن ڪونه هو، ان ڪري
لاچار خريد ڪري اچي پڙهيم. سندس مطالعه مون کي محو
ڪري ڇڏيو ۽ لڳاتار کيس پڙهڻ لڳس. ڪتاب وڏو هو، ان
ڪري پڙهڻ ۾ ڪافي وقت لڳو.
مگر اها حقيقت هئي، ته جيسين پڙهي پورو نه ڪيم
آرام نه آيو..... ۽ پڙهڻ بعد انهيءَ ڪتاب جيڪي
تاثر ڇڏيا، سي انهن رفيقن کي پوريءَ طرح معلوم
هوندا، جيڪي منهنجي ڪتابن کي شروع کان پڙهن ٿا ۽
کين معلوم هوندو ته منهنجي ڪتابن جي لکڻي 1947ع
تائين ٻي آهي ۽ 1949ع کان ٻي!
دل ۾ امنگ اٿڻ لڳا، ته ڪاش! ههڙو بينظير ۽ اعليٰ
ڪتاب سنڌيءَ ۾ به هجي! مگر ايڏو وڏو ڪتاب سنڌيءَ ۾
ڇپي ڪير، هلائي ڪير، ۽ وٺي ڪير! بي شڪ ايڏا بلڪ
انهي کان وڏا ڪتاب سنڌيءَ ۾ موجود آهن، ۽ هزارن جي
تعداد ۾ هلي چڪا آهن، هلي رهيا آهن، ۽ هلندا
رهندا، پر........ پر اهي ڪهڙا؟..... گپوڙن سان
ڀريل، حقيقتن جي خلاف ۽ روزمرهه جي زندگيءَ کان
پري رکندڙ! مگر ههڙا ڪتاب، جي؛
”ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي!“
جا مصداق هجن، تن جا خريدار ڪٿان اچن!
مگر اها حسرت دل ۾ رهندي هئي، باربار سندس ڇپڻ جا
اعلان ڪندو رهيس، پر سچ پچ ته ڪٿان به ڪا خاص همت
افزائي ڪانه ٿي.
انهيءَ وچ ۾ عبرت ۾ هڪ ناول ”غازي انور پاشا“ قسط
وارا هلائڻ شروع ڪيو هئم، ان جا ڪي حالات هن ڪتاب
سا ٺهڪيا ٿي، ان ڪري اتي به ڪتاب جو ذڪر آيو هو.
هينئر جڏهن ”غازي انور پاشا“ سڌاري، ٺاهي، جدا
ناول جي صورت ۾ ڇپائڻ لاءِ ٿي ڏنم،ته ساڳين هنڌين
تي پهچي ساڳيو جذبو اٿيو، ته سنڌي، ادب دنيا جي هن
بهترين ناول کان خالي هجي، اهو بلڪل ”ويران بود آن
شهر، ڪه ميخانه ندراد“ جو مصداق آهي.
ان ڪري، جيڪڏهن اهڙي طاقت ۽ اهڙا حالات ناهن، جو
هيءُ ڪتاب سڄو شايع ڪجي، ته به قسطوار ضرور شايع
ڪرڻ گهرجي، ته نيٺ ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿي ويندو!
انهي ئي جذبي جي ماتحت هن کي قسطوار شايع ڪجي ٿو،
۽ - شايد في الحال اسان جا پڙهندڙ به هن کي قسطوار
ئي هضم ڪري سگهندا- پوءِ هيڪر سارو هضم ڪرڻ بعد
سندن معدن ۾ اهڙي طاقت ٿيندي، جو دوباره هڪ ئي وقت
انهيءَ کي هضم ڪري سگهندا.
1- جون سنه 1957ع - ڏيپلائي
حيدرآباد، سنڌ
(ڏيپلائيءَ جي ترجمي ڪيل ناول ”امڙ“ جو پيش لفظ)
عيد ۾ عيد
عيدالفطر جي مبارڪ موقعي تي پنهنجي نون سالن کان
سانڍيل ارادن کي عمل ۾ آڻيندي، مون کي جيڪا دل جي
خوشي محسوس ٿي رهي آهي، تنهن جو اندازو شايد ئي
ڪير لڳائي سگهندو.
شاهه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام بابت تحقيقي ڪوششن ۾
اڃا ابتدا آهي، نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان جي هڪ وڏي
شاعر جي حيثيت سان بلڪ دنيا جي قديم تهذيبي سرشتي
۾ سنڌي زبان جي نمايان اهميت سبب، دنيا جي مختلف
ملڪن جي علمي حلقن اندر زبانن بابت ٿيندڙ کوجنائن
جي سلسلي ۾، شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو هن وقت
هرهنڌ توجهه حاصل ڪري رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾
شاهه جي ڪلام جا مختلف زبانن ۾ ترجما ۽ مختلف
پهلوئن تي تحقيقي مواد ته پنهنجي جاءِ تي، پر
افسوس آهي جو ان جو رڳو مڪمل متن به اسان وٽ عام
مطالعي لاءِ موجود نه ٿي سگهيو آهي. سمورا جهونا
نسخا ته گهڻيءَ مدت کان غائب رهيا آهن ۽ گذريل
اٽڪل ويهارو کن سالن کان وٺي سنڌ ۾، سنڌي ادبي
بورڊ واري تازي نسخي کان سواءِ ڪابه نئين شيءِ
ميدان ۾ ڪانه آئي آهي.
عام مطالعي لاءِ ڪا سهولت ڀري چيز پيش ڪرڻ جي
ضرورت محسوس ڪندي، مون گهڻي وقت کان ههڙي پاڪيٽ
سائيز، عمديءَ ڇپائيءَ ۽ ٿوريءَ قيمت واري، شاهه
جي رسالي ڇپائڻ جي رٿا ڪئي هئي، پر حالتن جي
متواتر ناسازيءَ سببان ان تي هيستائين عمل ڪرڻ
ممڪن نه ٿي سگهيو.
هيءَ ڳالهه سچ پچ ته عجيب آهي، جو شاهه جي رسالي
جو سڀ کان پهريون ليٿو وارو ڇاپو هڪ غير سنڌيءَ،
قاضي محمد ابراهيم مرحوم ڇپايو ۽ ان جو سڀ کان
پهريون ٽائيپ ۾ ڇپيل نسخو به هڪ غير سنڌيءَ، ڊاڪٽر
ٽرمپ شايع ڪيو هو. ان طرح رسالي جي پاڪيٽ سائيز
ايڊيشن جو هيءُ اوائلي مثال پڻ هڪ غير سنڌي فرم جي
ذريعي قائم ٿي رهيو آهي. سنڌ جي دولتمند طبقي لاءِ
اها ڳالهه ڪيتريقدر افسوس جهڙي آهي، تنهن جي
اُپٽار ڪرڻ اجائي ٿيندي. مون کي بهرحال خوشي آهي،
جو آءٌ پنهنجي خواهش کي ڪنهن طرح مڪمل ڪري سگهيو
آهيان.
منهنجي هن ڪاوش جو ڪهڙو قدر ڪيو ويندو، سا ڳالهه
مون لاءِ ڪا ايتري اهميت ڪانه ٿي رکي، جيتريقدر
هيءَ ڳالهه ته شاهه جي رسالي کي هن ڍنگ ۽ اهتمام
سان پيش ڪري، مون هڪ نئون قدم کنيو آهي.
شاهه جي رسالي، ڪلام ۽ پيغام کي شرح ۽ معنيٰ سان،
نئين ڍنگ ۾ شايع ڪرڻ بنسبت منهنجون ٻيون به ڪي
رٿائون آهن، جن کي حالتن آهر عمل هيٺ آڻڻ لاءِ آءٌ
هر وقت مستعد آهيان. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪي به مفيد
صلاحون ۽ ترڪيبون مون کي پهچايون وينديون، ته ان
لاءِ آءٌ گهڻي قدر ٿورائتو ٿيندس.
آخر ۾ آءٌ ميشرس شيخ غلام علي اينڊ سنز جو تهدل
سان شڪرگذار آهيان، جن جي سربراهيءَ سان شاهه جي
رسالي جو هيءُ پاڪيٽ سائيز ايڊيشن سنڌ واسين جي
خدمت ۾ پيش ڪري سگهيو آهيان.
(شاهه جو رسالو مرتب م.ع ڏيپلائي ابتدائي نوٽ 25-
فيبروري 1963ع) |