سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:19

ريحانه نظير

 

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائي- هڪ تحريڪ

محمد عثمان ڏيپلائي 1908ع ۾ ٿرپاڪر ضلعي جي ھڪ ڳوٺ ”ڏيپلي“ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سڄي ڄمار علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ وقف ڪيائين.

 ڏيپلائي جي شخصيت ۾ اسان کي ھڪ نيڪ ۽ پر خلوص انسان سان گڏ ھڪ سٺو صحافي، بھترين ناول نويس، دلچسپ ڊراما نويس، مشھور ۽ معروف ڪھاڻي نويس ۽ ھڪ انقلابيشخص ملي ٿو. اھو ورھاڱي کان اڳ وارو دور ھو، جنھن ۾ سياسي تحريڪن سان گڏ سماجي تحريڪون پڻ منظر عام تي آيون. ان وقت ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اختلاف وڌي رھيا ھئا، جڏھن ھندن پنھنجي لکت ۾ سنسڪرت جي ٻولي کي زور وٺائيندڙ ادب تخليق ڪيو، مسلمان ليکڪ به چپ ڪري نه ويٺا  عبدالخالق مورائيءَ جو ”ناول سندري“ به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي مڃيو وڃي ٿو.

ڏيپلائي به ڪيترائي اسلامي ناول لکيا جن ۾ عرب مسلمانن کي ھيروڪري پيش ڪيو ويو۽ اسلام لاءِ ڏنل انھن جي خدمتن کي ساراھيو ويو. ان سلسلي ۾ سندس مشھور ناول ”انقلاب ايران“، ”نورِ توحيد“، ”ڏاھري رنگ محل“ وغيره شامل آهي پر جيئن جيئن سندس سوچ ۾ پختگي ايندي ويئي. تيئن سندس خيالات مٽجندا ويا ۽ اصل حقيقتون واضح ٿيڻ لڳيون. هن ڪڏهن به قدامت پسند يا رجعت پرست ليکڪن جيان پنهنجي سوچ کي هڪ هنڌ قيد ڪين ڪيو بلڪـ وهندڙ درياء جيان سندس سوچ ۽ فڪرهميشه وقت ۽ حالتن جي اثر هيٺ ڏسڻ ۾ آيو. بقول جي.ايم.سيد جي ته: ”مرشدن جي خلاف“ جڏهن لکيو اٿس ته:

”مرشد جي ڏاڙهي“، ”مرشد جون ٽنگون“، ”مرشد جي ڪهاڙي“ اهڙي طرح پيرن جي بدعتن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي فرقه پرستي ۾ ڦاٿو. مولانا مودودي جي جماعت ۾ رهي، ان تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪيائين. 1949ع کان هي ترقي پسند ماڻهن جي اثر هيٺ آيو جنهن هيٺ هي مذهبي مهندارن کي سرمايه دارن زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا سمجهڻ لڳو. رسالو انسان جاري ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ هي حب الوطني جي رنگ ۾ رنگجي ويو. هي عجيب معجون مرڪب آهي، هڪ طرف اسلاميه دارالاشاعت ذريعي مذهبي ڪتاب ڇپايا اٿس ته ٻئي طرف اداره انسانيت معرفت ترقي پسند ادب حب الوطني تي ڪتاب لکي رهيو آهي(1).“

ڏيپلائي جي پهرين ڪهاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي، ان جو نالو هو ”چنڊ سهڻو يا انسان“  جيڪا ان وقت جي رسالي علمي دنيا ۾ شايع ٿي پر سندس شهرت جو سبب اُهي ڪهاڻيون بنيون جيڪي هن ان وقت جي سنڌي سماج جي پراڻن روڳن پيري مرشدي، تعويذ، ٽوڻن ڦيڻن، وهم پرستي ۽ جهالت جھڙين مذھبي براين جي خلاف جھاد ڪرڻ لاءِ لکيون. هن ان سلسلي ۾ 1948ع ۾ ”مرشد ٽوڙ“ جي نالي، ان جي شروعات ڪيائين. اھوڪھڙو سبب ھو جو سندس ڪھاڻين جو وڏو تعداد ڍونگي پيرن ۽ مرشدن جي مڪارين ۽ فريبين کي ظاھرڪري ٿو، ان لاءِ سندس نياڻي ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي لکي ٿي ته:

”جيئن ئي پاڻ شعور۾ آيو پنھنجي آس پاس مرشدي جو ڄار پکڙيل ڏٺائين اھو ڄار ٽوڙي ان مان آزاد ٿيڻ جو ڪو تصور ئي ڪو نه ھو پر باوجود بيوس ھجڻ جي محمد عثمان ٻين وانگي ان ڄار کي رحمت ۽ نوازش مڃڻ لاءِ اصل تيار ڪونه ھو(2).“

يعني اھي سڀ خيال سندس دل ۽ دماغ اندر طوفان مچائي رھيا ھئا ۽ جڏھن پاڻ انھن خيالن کي ڪھاڻي جي روپ ۾ پڙھندڙن آڏو آندائين، تڏھن علمي ۽ ادبي ميدان ۾ طوفان برپا ٿي ويو. ڏيپلائي صاحب پيري مريدي خلاف ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون جن ۾ پاڻ اٻوجھ ماڻھن ۽ سندن انڌي عقيدي سان گڏ ڍونگي مرشدن جي عيارين، مڪارين ۽ فريبين کي پڻ ظاھر ڪيو.

پيرعلي محمد راشدي سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته:

”جيترو سنڌي لٽريچر ھن ھڪ مڙس لکي ڇپرايو اھي ٻيا سڀئي لکندڙ گڏجي به شايع ڪري ڪونه سگھيا آھن، منھنجو قياس آھي ته سندس تصنيفن جو تعداد ھيل تائين ڏيڍ سؤ کن تائين پھچي چڪو ھوندو ۽ اڃا ماشاالله سندس قلم جو گھوڙو ڪڏ پيو ڏئي، ھڪ لحاظ کان سندس لٽريچر تمام اھم آھي، ان تي مجموعي طرح سان نظر ڊوڙائڻ سان مستقبل جي مؤرخ کي معلوم ٿي سگھندو ته اسان واري زماني ۾ عام ماڻھن کي ڪھڙو علمي ادبي مواددرڪارھوندوهو ۽ ماڻهن جي مذاق جي ليول ڇا هئي. ڏيپلائي صاحب به طريق احسن سندس اھي ضرورتون پوريون ڪندو رھيو ٿي(3).“

ڏيپلائي صاحب پنھنجي پوري زندگي پنهنجي قوم جي خدمت ۾ وقف ڪئي. پاڻ سٺي صحافي، مضمون نگار، تاريخ نويس۽ ڪھاڻي نويس سان  گڏ ھڪ نيڪ صالح انسان پڻ ھو. سندس زندگيءَ جو مقصد ھو انهن سڀني برائين جي پاڙ پٽڻ جيڪي سنڌي سماج کي اندر ئي اندر کائي کوکلو بنائي رھيون هيون. جن ۾ وڏيرا شاهي، پيري مرشدي، طبقاتي سوچ ۽ سرمائيداري نظام جي خلاف بغاوت سرفهرست هئا. ڏيپلائي انهن سڀني جي خلاف مهم جوٽي هڪ اهڙي سلسلي جي شروعات ڪئي جنهن اڳتي هلي باقاعده تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي بقول محمد ابراهيم جويو جي ته:

”میں نے ڈیپلائی صاحب کے ادب اور ذاتی کردار کا مطالعہ کیا ہے اور ایسا دیکھنے میں آیا ہے کہ زندگی کے محاذ پر ان کے سامنے بدے کے چار زندہ نشان یا کردار رہے ہیں۔ ہمیں ان کے ناموں کا علم ہونا چاہیے، وہ ہیں پیر، ملا، زمیندار شاہوکار اور کامورا یعنی نوکر شاہی کا کارندا۔ یہ چاروں کردار ان کے نزدیک ولین کے کردار ہیں جن کی حرکتوں کو سمجھے بغیر ہم ڈیپلائی صاحب کےسورمائی کرداوں کو سمجھ نہیں سکتے ان کی ترتیب سے اختلاف کی گنجائش تو ہوسکتی ہے تاہم سندھی سماج کی ساری بگاڑ اور ناکامی کا سبب یہیں چاروںکردار ہیں(4).“

محمد عثمان ڏيپلائي مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ٻيو اديب ھو جنھن سڀ کان وڌيڪ ادب جي ھر صنف تي قلم آرائي ڪئي. بقول عبدالجبارجوڻيجي جي ته: ”محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو گھڻو لکندڙ اديب ليکيو وڃي ٿو، سوين ناول ۽ افسانه توڙي نقل نظير لکيائين، تنھن سان گڏ ناٽڪ نويسي ۾ به پنھنجو انوکو اسلوب رکي ٿو(5).“

بحيثيت ڪھاڻي نويس جي سندس ڪھاڻين جو جائزو وٺبو ته انھن جو ڪثير تعداد پيري، مريدي، تعويذن ڦيڻن، درگاھن، اوتارن ۽ اتي اٻوجھ ماڻھن سان ٿيندڙ ڪلورن کي نمايان ڪندي نظر اينديون سنڌ ۾ مرشدن، پيرن، فقيرن، ملن، ٽوڻن ڦيڻن ۾ ويساھه رکندڙ ماڻھن جو اڄ به وڏو تعداد موجود آھي.

 اھي اٻوجهه ماڻھو انڌي عقيدي ضعيف الاعتقادي پٺيان پنھنجا گھر، ننگ، مال ملڪيتون وڪڻي انھن ماڻھن جا جھول ڀرين ٿا ۽ پاڻ مجبوري ۽ محتاجي جي زندگي گذرين ٿا . اھي غريب ماڻھو اڳين جھان جي دلاسي ۾ پنھنجو ھي جھان به وڃائي ويھن ٿا ۽ پاڻ مفلسي جيزندگي گذاري پنھنجي ميڙي چونڊي نذرانن ۾ وڃائي انھن فريبي پيرن، مرشدن ۽ گادي نشينن کي ھن دنيا ۾ ئي جنت جو نظارو پسائين ٿا جمال ابڙو انھن جي عيارين مڪارين تي روشني وجھندي لکي ٿو ته:

 ”اسان وٽ نام نھاد پير فقير گڏھڙي تي چڙھي اچن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مرشد بنجي ڪوٽن ۽ ماڙين زمينن ۽ جاگيرن جا مالڪ بنجي وڃن سندن مريد وڃن پوڻا پوندا ۽ سندن حال اھي ئي روھه رلا مٿي کلا(6).“

اھا ھڪ ڌٻڻ ھئي، جنھن ۾ سنڌي ماڻھو روز بروز دٻجندا پئي ويا ۽ انھن کي انھي دلدل مان ڪڍڻ ضروري ھو، ان سلسلي ۾ ڪجھ سڄاڻ ذھنن ان وبائي بيماري جيڪا آھسته آھسته کين ڳڙڪائي رھي ھئي، جي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ پنھنجي قلم ذريعي عام ماڻھن ۾ اھو شعور جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته ھي ٺڳ پير مرشد توھان کي ڪو به فائدو ڪونه ڏيندا، اھي ته پاڻ محتاج آھن ۽ اوھان جا غلام آھن، خدا جي خوف جھنم جو دڙڪو قبر جي عذاب، انھن ڳالھين کان ڊيڄارن ٿا، اوھان کين ٻڌايو ته ڇا عذاب صرف اسان لاءِ باقي دنيا جھان جون خوشيون رڳو توھان لاءِ پيدا ٿيون آھن. سندس اھڙين ڪھاڻين ۾ ”ڪاوڙيل مريدياڻي“، ”نانگي شاھه جو ڪنڊو“، ”نڀاڳي مريدياڻي“،  ”مرشد جي ڌيءُ“،
”مرشد جو شھر“، ”مرشد جو حج“، ”مرشد جو اٺ“، ”مرشد جي ديڳ“، ”مرشد جي سزا“، ”مرشد جي ڏاڙھي“، ”مرشد جا قدم“، ”مرشد جي ڪڪي“،
”کيتپار جو ٻڪر“،
 ”پنج گڏيون“، ”ٽانڊو شاھه“، ”قبر جي ڪھاڻي“ ”ڀلي ولايت“ ۽ ٻيون لاتعداد ڪھاڻيون شامل آھن. انھن سڀني ڪھاڻين ۾ ڏيپلائي مذھبي ڪٽر پڻي، پير پرستي، قبر پرستي، انڌن عقيدن، وھم پرستي، ٽوڻن ڦيڻن، ۽ مرشدن جي منافقين کي ننديوآهي بقول الهداد ٻوهيو جي ته :

ڏيپلائي صاحب ادب جي رستي رائج عقيدن کي للڪاريو هن پيري مريدي، قبر پرستي، ۽ ٻين سماجي براين جي خلاف جهاد شروع ڪيو(7).“ هن ڪوڙن مرشدن جي منھن تان دينداري جو پوش لاھي سندن عيارين ۽ مڪارين کي واضح ڪيو(7).“

”ڪھاڻي مرشد جي ڌيءُ“ ۾ ھو لکي ٿو ته:

 ”اتفاق سان اڄ نذرانو به بيحد گھڻو ٿيو ھو. ان ڪري مرشد ٽال مٽول ڪري رھيو ھو مگر اسلم سمجھي ورتو ته روزانو نذرانن مان به اڳ ھنن کي حصو نه ملندڙ ھو. رھزنن مان ھڪڙي گنڀير آواز ۾ چيو. ڏس ساٿي تون اڪيلو ھتي آئين ته تنھنجا رفيق بنياسون ۽ توکي ماڻھن وٽ مقبول ڪيوسين، تنھنجي اشارن تي جان جوکي ۾ وجھي، وڏا وڏا ڌاڙا ھڻي اچون ٿا، بلڪل ايمانداري سان سڄو مال تو وٽ پيش ڪريون ٿا، پوءِ تون اڄ اسان سان ڪپت ڇو ٿو ڪرين .“ ص 16 (مرشد جي ڌيءُ )

”ڪھاڻي ٽانڊو شاھ“ ۾ به پاڻ نقلي پيرن جي منافقين کي نشانو بنائي ٿو جيڪي پنھنجي مڪارين سان نه صرف غريب ماڻھن پر واپارين ۽ سيٺين جا لاھه ڪڍي ڇڏين ٿا. مثال ھيءُ جملو- ”بزرگ فرمايو ته چڱو وڃ پٽ جھڙو سون جو پتلو وڃي گھڙاءِ ۽ جمعي رات 12 بجي اسان وٽ اچي پھچاءِ ته مٿس چاليھو ڪڍي وظيفو پڙھبو پر ياد رک دل سوڙھي ڪندين ته فيض به گھٽ ملندو، جھڙي نيت تھڙي مراد.“ ۽ اھڙي طرح سان اھو پير سڄي ڳوٺ کي ڦُري ڀڄي ويو.

ڪھاڻي ”مرشد جي ڏاڙھي“ پاڻ طنزيـ انداز سان مرشد جي ڏاڙھي پَٽ جو بيان ڪري ٿو، اصل اھڙن ماڻھن سان ٿيڻ به ائين گھرجي. ھن ڪھاڻي ۾ مرشد جي ڏاڙھي جي ڪرامت جو ٻڌي سڄو ڳوٺ مرشد کان ڏاڙھي جا وار گھري ٿو، پھرين مرشد پنھنجي عياريءَ سان پنھنجي مٿي جا ڪوڙيل وار کين ڏاڙھي جا وارڪري ڏيئي ٿو ۽ نذرانو وٺي ٿو، پوءِ ھڪ ڏينھن ڳوٺ جي عورتن مرشد جي دعوت ڪئي بقول ليکڪ جي ته:

”مرشد به ماني کائي تمام گھڻوخوش ٿيو ننڍين نوجوان ڇوڪرين گانا ڳائي کيس خوش ڪيو ھاڻي موج ۾ ھو ته اوچتو پنجاھه سٺ عورتون مٿس حملوڪري چڙھي ويون ۽ ڏاڙھي کي چمڻ ۽ وار پٽڻ لڳيون  زالن کي انھي ۾ جو سولائي لڳي سو خيال ڪيائون، اسان وٽ ٻج جون موسمون ته سدائين پيون اينديون پر مرشد سڳورو اھڙو وجھ روز روز ڪونه ڏيندو ڇونه اڄ ھرڪا گھڻا وار ھٿ ڪري ڇڏي ته اڳتي لاءِ به ڪم اچن، ان ڪري ھرڪا ھڪ ٻئي کان وڌڻ لڳي ته ڪير ٿي گھڻا وار پٽي، مرشد سڳورو رڙيون ڪري ساڻو ٿي پيو، زالن سموري ڏاڙھي پٽي تري ڪري ڇڏيس نتيجو اھو ٿيو جو مرشد اھو ھنڌ ڇڏي ڀڄي ويو.

”نڀاڳي مريدياڻي“ ھن ڪھاڻي ۾ پاڻ پيرن جو مريدن جي ننگن ۾ ھٿ وجھڻ وارين ڪارواين جو احوال ٻڌائي ٿو  پاڻ لکي ٿو ته:

”رات جو ٽين وڳي حويلي مبارڪ ۾ شور مچي ويو مسجد وارا به ھن شور تي گھٻرائجي ويا ته ھي ڇا آھي ايتري ۾ ٻن زالن وارو وڏيرو دانھون ڪندو آيو گھوڙا! منھنجو منھن ڪارو گھوڙا! منھنجي گمراھي. اي وڏيرا صاحب ڇا ٿيو! ير مولوي پڇ ئي نه ننڍي جوءِ دانھون ڪندي حويلي جي در تي بيٺي آھي مرشد سڳورو اصل زور ٻڌي بيھي رھيو آھي ته ھل ھجري ۾ ته پٽ بخشانءِ.

مطلب ته ڏيپلائي انھن مرشدن جي شيطاني ارادن کي ڪھاڻين جو موضوع  بنائي عام ماڻھن کي شعوري سجاڳي ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. شمشيرالحيدري سندس انھن خدمتن جي پذيرائي ڪندي لکي ٿو ته:

”سڀ کان وڏي خصوصيت جنھن ڏيپلائي صاحب کي مڙني شخصيتن تي اختيار ۽ فوقيت ڏني سا آھي ڏيپلائي جي پيري مريدي خلاف بغاوت ۽ مسلسل جھاد ھن مجاھد جي سڄي ڄمار انھيءَ جدوجھد ۾ گذري آھي سچ مچ ته ھن ڪارنامي کي جيڪڏھن اسين آب حيات“ جي جوءِ جاري ڪرڻ سان ڀيٽيون ۽ ياد ڪريون ته اھو بلڪل بجا ٿيندو(8).“

”وھابي جي سزا“ ۾ پاڻ ڏيکاري ٿو ته ڪيئن اھي پير غريبن کان نذرانن جي نالي ۾ مال ملڪيت ڦرن ٿا. پاڻ لکي ٿو ته:

”شام جو ھارين جي گھرن ۾ ڪمدار ڌاڙو ھڻڻ شروع ڪري ٿو ڇيلا ڇيليون سڀ ڪجھ لٽي ڌوڌي کڻي اچي ٿو. ڪنھن کي به ڪڇڻ جي مجال ڪانه آھي سڀ غريب رمضان شريف جي برڪتن ۽ پير صاحب جي دعائن ۽ فيض کي ھھڙي طرح پاڻ تي نازل ٿيندو ڏسي، آسمان ڏانھن نھاريندا رھيا.

”مرشد جي ڪڪي“: افساني ۾ ڏيپلائي انھن نام نھاد پيرن جا اصل ڇوڏا لاھي ٿو ڇڏي،  ھي لکي ٿو ته:

”آدم کان ابن آدم جي انسانن ۾ پيرن فقيرن جھڙو رھزن طبقو ٻيو ڪوبه پيدا نه ٿيو آھي، جھڙي طرح مڪر ۽ فريب سان اٻوجھن کي ڀنڀلائي سندن پگھر جو پورھيو نين ٿا، ان جو مثال دنيا ۾ ٻئي ڪنھن به طبقي مان ملي نه سگھندو، ۽ انھي مفت جي ڪمائي جي انھن کي اھڙي عادت پئجي ويئي آھي جوان جا نت نوان طريقا پيا ايجاد ڪندا.“ ڏيپلائي نه صرف مذھبي ڪٽر پڻي جي خلاف لکيو پر ھن وقت ۽ حالات مطابق پنھنجي ڪھاڻين جا موضوع منتخب ڪيا مثال طور ”جڏھن پاڪستان ٺھيو، تڏھن ھر پاڪستاني جي دل ۾ ڪجھ نيون خواھشون ڪجھ نوان جذبا موجود ھئا، ھرڪو اھو چاھي پيو ته اسان جون اھي سڀ مرادون پوريون ٿين جن لاءِ اسان کان ھيڏي وڏي قرباني ورتي ويئي.“  ڏيپلائي جي طويل ڪھاڻي جيڪا عبرت ۾ 1949ع ۾ شايع ٿي، پڻ ان وقت جي حالتن جي نمايان تصوير پيش ڪندي نظر اچي ٿي. پاڻ لکي ٿو ته:

”پاڪستان اسلام جي نالي ٺھيو ۽ اسلام خاطر ھن پنجاھه ھزار نياڻين جون لڄون لٽايون آھن ۽ ھزارين معصوم ڪُھايا آھن، لکين جوان قربان ڪيا آھن، ڪروڙين انسان درپدر ٿيڻ قبوليا آھن، اربن جون ملڪيتون برباد ڪرڻ گوارا ڪيون آھن، تنھن ۾ اڄ نه سڀان! ڪوشش ڪرڻ سان ۽ لڳاتار ڪوشش تي ضرور اسلامي قانون برپا ٿيندو. پر ائين ڪو نه ٿيو. ايتريون قربانيون وٺڻ کان پوءِ ھتي اسلامي قانون نافذ ڪو نه ٿيو، ڪامورا شاھي صرف پنھنجي مفادن خاطر ھتان جي ماڻھن کي نه صرف پنھنجي سڃاڻ بلڪـ زمين، جائداد ۽ ٻولي سڀڪجھ ڦرڻ جي چڪر ۾ ھئي ۽ انھي چڪر ۾ سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ پيڙھيو ويو ۽ جنھن به سندن انھن ڪارواين ۾ دخل اندازي پئي ڪئي، ان کي ھڪدم اسلام دشمن يا ملڪ دشمن قرار ڏيئي، انھن مٿان الزام لڳائي کين خوارڪيو ٿي ويو.

اھڙين حالتن باشعور ماڻھن کي سجاڳ ڪري وڌو ۽ ھنن پنھنجي قلم جي مدد سان ان جي ڀرپور نموني سان مزاحمت ڇاڪاڻ ته اھو سندن جان، مال، تھذيب تمدن ۽ ٻولي جو سوال ھوھنن باشعور ماڻھن سنڌ جي ستل عوام کي جاڳائي ان حسين خواب جي ڀيانڪ تصوير چٽي ڪري ڏيکاري ۽ ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب جو تسلط ان وقت جيڪو سنڌ مٿان مڙھيو ويو، ان جا مستقبل ۾ ڪھڙا اثرات پيدا ٿيندا ان ايندڙ وقت جي عام ماڻھن کي آگاھي ڏني. ان سلسلي ۾ ڏيپلائي لکي ٿو ته:

”آءٌ پوري يقين سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جي باشندن سان ھن وقت پنجاب ۾  بلڪلاھڙو ئي ظلم روان رکيو ويو آھي، جھڙو جپانين چينين سان ڪيو. فلسطين وارن سان يھودين ڪيو، فرينچ الجيريا وارن سان ڪري رھيا آھن، انگريز ڏکڻ آفريقا وارن سان ڪري رھيا آھن ۽ ڪجھ عرصو اڳ آئرلينڊ ڪئناڊا وارن سان ڪيائون ٿئي پر جپاني چينين کان ۽ ڏکڻ آفريقا، آئرلينڊ ۽ ڪئناڊا وارا انگريزن کان، ۽ الجيريا جا مظلوم فريچين کان جھاد ڪري پنھنجي جُند ڇڏائي رھيا آھن. ليڪن سنڌ جي حالتن کي ڏسجي ٿو ته سيءُ ٿو وٺي. خدان خواسته جيڪڏھناھا ئي غفلت اڃا ڪجھ وقت رھي ته اسان جو حال به فلسطين جھڙو ئي بنجي ويندو، ان ڪري ھر ڪنھن دور انديش اديب ۽ اڳواڻ کي گھرجي ته ھو قوم کي خوب سجاڳ ڪري ۽ ان کي پنھنجي وطن جي راھه ۾ اھڙو سرشار ڪري جو ڪ به ان کي ڀنڀلائي نه سگھي(9).“

سندس خيالن جي انھيءَ تبديلي کي ھن ھيٺين لفظن ۾ بيان ڪيوآھي ته:

”شروع ۾ مذھبن جي چڪر ۾ اچڻ سبب منھنجو به اھو ئي تصورھو ته:

مسلم ھين ھم  وطن ھـﻶ سارا جھان ھمارا

۽

ان خدائون مين بڙا سب سـﻶ وطن ھـﻶ.

  ان ڪري مون کي وطن سان ڪا به محبت ڪا نه ھئي، پاڪستان بنجڻ بعد جڏھن سڀ کان اول ڪراچي پاڪستان کان کسي ويئي ۽ پوءِ سنڌ جي زمين، جائداد، نوڪرين، واپار، تعليم، ادب ۽ پوءِ سنڌ جي زبان تي غير سنڌي ڀائرن جو ”برادران يوسف“ واريون بدنيت نظرون اٿيون جي اڳتي ھلي عظيم پنجاب عرف ”ون يونٽ“ جي روپ ۾ نروار ٿيون، تڏھن منھنجي ذھن کي سخت صدمو رسيو.“

ھي اھي حالات ھئا جي پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ اندر پيدا ٿيا، انھن ۾ ”شريف ڪميشن“ جو ذڪر ڪرڻ بيجا ٿيندو، نه جنهن ۾ سنڌي زبان کي ابتدائي ڇهين درجي محدود ڪرڻ  جي سازش رچي ويئي، ان سلسلي ۾ ڏيپلائي صاحب جون ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ڪين آهن هن پنهنجي اخبار ”انسان“ ۾ جيڪي ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا تن ۾، ”سنڌي زنده رهندي“ (21- مارچ  1960ع)
”ذوالفقار ڏانهن کليل خط“ (8- اپريل 1960ع) ”اردو يا سنڌي ـ اردو ۽ سنڌي“ (9- مئي 1960ع)”
  پرڏيهي وزير مظور قادر ڏانهن کليل خط“ (9- مئي 1960ع) ”سنڌ جون رڙيون“ (8- آگسٽ 1960ع) قابلِ ذڪر آهن. انهن حالتن ۾ ڏيپلائي جو قلم  وڌيڪ اثرائتو بنجي ويو.

 ڏيپلائي جنھن به موضوع تي قلم آرائي ڪئي، اتي سندس تخليق ھميشـ معياري ۽ سھڻي عبارت اندر پنھنجو موقف بيان ڪندي نظر آئي، ھو سچ جواظھار پردي پٺيان ويھي علامتن ۽ اشارن جي صورت ۾ نٿو ڪري پر ڀير تي ڏونڪي جيان کلم کلا بغاوتي انداز۾ بنا ڪنھن خوف جي ڪري ٿو. جمال ابڙو سندس جرئت ۽ بي باقي جي تعريف ھنن لفطن سان بيان ڪري ٿو ته:

”مرحوم عثمان ڏيپلائي اھا واڳ سنڀالي واھھ جا وار ڪيائين اھو صحيح آھي ۽ ائين ڪرڻ ضروري آھي ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيا ”قرآن حڪيم ۾ آھي ته چڱائي جي تلقين ۽ برائي کان منع ڪريو(10).“

اڄ اسان وٽ ھو موجود نه آھي پر سندس لکيل ڪتاب موجود آھن جيڪي سندن سوچ ۽ انداز بيان ۽ فڪر جا شاھد آھن. هن پنهنجي سموري زندگي هڪ مخلص اديب جيان پنهنجي قوم جي فلاح بهبود لاءِ وقف ڪئي، جنهن سبب ڪيترين ئي مالي مشڪلاتن پڻ سندس گهيرو ڪيو پرهن بي باڪ بهادر انسان پنهنجي خوداري ڪنهن به قيمت تي فروخت نه ڪئي، جنهن سبب ادب جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ محمد عثمان ڏيپلائي لاءِ لکي ٿو ته:

ڈیپلائی صاحب صحافی، ایڈیٹر، ادیب، پبلشر، مصنف ،افسانہ نگار اور ڈرامہنویس تھے۔ سندھی معاشرے کے غلط رخوں کی اصلاح کے لیے انہوںنے جو تنقیدی کتابیں لکھیں، ان سے عام تعلیم یافتہ طبقے میںاصلاح کا احساس پیدا ہوا۔ وہ مشکلات کا سامنا کرنے والے مہم جو انسان تھے وہ سندھ کے ان قلندر صفات رکھنے والےشخصیات میں شمار کیےجاتے ہیں جو نتائج سے بے نیاز ہوکر دکھ درد اور فکروفاقہ کیآزمائشوں سے گذرتے ہوئے توکل پسندی سے سندھ کے عوام کیخدمت کرنے میں مگن رہے، نا امیدی کا نام کبھی ان کی زبان پر نہیں آیا وہ کسی بھی ناکامی سے کبھی بھی مایوس نہیں ہوئے۔  (11)“

حوالا

 

 (1) جي.ايم.سيد1995 ع ”ڏيپلائي سنڌ جوڪهنه مشق صحافي“ ترتيب ۽ پيشڪش، نورمحمد عباسي  شهباز پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ ص 24

(2) ڏيپلائي ثريا سوز ”ڏيپلائي ھڪ مصلح“  مھراڻ

(3)  راشدي پير علي محمد ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ (جلد ٽيون) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال      ص 306

(4)  جويو ابراهيم 2009ع ”محمد عثمان ڏيپلائي شخصيت اور فن“ آفاق صديقي  ناقدين کي رائـﻶ پاکستاني ادب کي معمار“ اکادمي ادبيات پاکستان  اسلام آباد.

 (5) جوڻيجو عبدالجبار 1994ع ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياروص 155

 (6)  ابڙو جمال ”ڪٿا اونھي ڳالھ اسرار جي“  نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد ص136

 (7) ٻوهيو الهداد: 1984ع ”ادب جا فڪري محرڪ“  سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت  حيدر آباد سنڌ  (ڇاپو پهريون) ص 189 

(8) شمشيرالحيدري 1857ع ”محمد عثمان ڏيپلائي مھراڻ سوانح عمري نمبر“

 (9)   مھراڻ   3 :  1957    ص    585

 (10) ابڙو جمال ”ايندو نه وري ھي وڻجارو“ (آتم ڪٿا) جلد  4 ، ص 98

(11) صديقي آفاق ”محمد عثمان ڏيپلائي- شخصيت اور فن“ پاکستاني ادب کي معمار سال    ص 101 

ايوب عمراڻي

 

 

 

 

ڏيپلائي جي ڊرامه نگاري

 

ڊراما جن جي سڀ کان پهرين شروعات قديم يونان کان ٿي. پوءِ قديم هندستان به ان کي پنهنجو ڪيو، تاريخ جي مختلف دورن مان گذري سترهين صدي عيسوي دوران انهن تڏهن انگلئنڊ ۾ وڏو عروج حاصل ڪيو، جڏهن شيڪپيئر پنهنجي طاقتور قلم سان ڊراما لکيا.

سنڌ ۾ به انگريزن جي حڪومت کان پوءِ نه رڳو ٻين ٻولين تان ڊراما ترجمو ٿيا پر ليکڪن اصلوڪا ڊراما لکڻ به شروع ڪيا. سڀ کان پهريون اصلوڪو ڊرامو ليلا مجنون سال 1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو، جيڪو ان ئي سال ڪراچيءَ ۾ اسٽيج پڻ ٿيو. ان کان علاوه مرزا صاحب ڪيترائي ڊراما ترجمو پڻ ڪيا، جن ۾ نيڪي بدي، انڪوائري آفيسر، شاهه ايليا، حسنا دلدار، فيروز دل افروز وغيره شامل آهن. ان کان پوءِ سنڌ ۾ باقاعده ناٽڪ منڊليون قائم ٿيون ۽ ڪيترن ئي ليکڪن نه صرف اصلوڪا ڊراما لکڻ شروع ڪيا پر ٻين ٻولي تان ترجمو پڻ ڪيا. ورهاڱي تائين سنڌ ۾ چڱا خاصا ڊراما لکجي چڪا هئا، پر انهن جو موضوع گهڻو ڪري مذهبي ۽ ڌرمي مسئلن تي هو. ورلي ڊرامن ۾ ملڪي ۽ قومي مسئلن جو ذڪر اچي ٿو.

1936ع کان 1947ع وارو دور هڪ طوفاني ۽ مذهبي ڪٽرپڻي وارو دور هو. سنڌ ۾ به سنڌي ليکڪ هندو ۽ مسلمان جي تقسيم هيٺ ورهائجي چڪا هئا. ڏيپلائي صاحب ان مذهبي ڪٽرپڻي جو کُليل نموني اعتراف ڪندي چيو آهي ته: ان مذهبي ڪٽرپڻيءَ ۾ اسان کي ڏاهري رنگ مهل ۽ شيوا جي شيش محل جهڙا ناول لکڻا پيا.“

جڏهن اسان ڏيپلائي صاحب جي ڊرامن کي ڏسون ٿا ته سندس شروعاتي ڊراما به ان رنگ ۾ رڱيل نظر اچن ٿا. اهڙو اظهار سندس شروع جي ڊرامن ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ ۽سجائي موڙي ۾ نظر اچي ٿو.

زماني جي گردش”: هيءُ ڊرامو ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڊرامون آهي، جيڪو هڪ تاريخي موضوع تي ٻڌل آهي ته خلفاء راشده کان پوءِ اموي حڪمران جڏهن طاقت ۾ اچن ٿا ته عباسي خاندان جا ماڻهو ڪيئن رسوا ۽ تڪيلف هيٺ اچن ٿا. هيءُ ڊرامو ڏيپلائي صاحب جي ڪنهن به ڪتاب ۾ موجود ناهي پر سندس دوست جي يادگيريءَ جي ڪتاب سفر زندگيءَ جو ۾ موجود آهي. غيرت عرف نوجهان جو پٽ ۾ ڏيپلائي صاحب مڪمل طور تي مذهبي رنگ ۾ رڱيل نظر اچي ٿو، جيڪو اندازاً 1936ع کان 1938ع ڌاري لکيل لڳي ٿو. هن کي ڊرامي بدران جيڪڏهن خاڪو چئجي ته بهتر ٿيندو ڇو ته اسٽيج ٿيڻ وقت هن ڊرامي جو دورانيو ٽيهه منٽ به مشڪل ٿيندو. ڏيپلائي صاحب ڊرامي ۾ عدل جهانگيري سان گڏ عدل نورجهان جو وڏي واڪ ذڪر ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مسلمان حاڪم (عورت يا مرد) تمام گهڻا انصاف پسند ٿيندا آهن. ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي هڪ ڪردار کان نعرو به هڻائي ٿو ته: مغل حڪومت زنده باد. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ سياسي حالات ڪيڏا نه ڪشيده هئا جو مسلمان مغل حڪومت زنده باد نعرا هڻي برصغير تي مسلمانن جي ٻيهر حڪومت جو قيام ۽ جهانگير جهڙي عياش ۽ شرابي حڪمران (جنهن کي حڪومت هلائڻ ۽ انصاف ڪرڻ جو ڪوبه اونو نه هو) کي به اسان جي ليکڪن عوام جو هيرو ڪري کيس ساڌ پاڪ ڪري پيش ٿي ڪيو:

سجائي موڙي”: هيءُ ناٽڪ ڏيپلائي صاحب جو ٻيو ناٽڪ آهي. هي پڻ ناٽڪ بدران اسڪول لاءِ لکيل خاڪو آهي. هن ۾ جيتوڻيڪ مسلمان بادشاهن جي ساراهه بدران مسلمان شاهوڪارن جي شاهه خرچين تي تنقيد ڪندي کين تعليم پرائڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي پر ڏيپلائي صاحب مذهبي ڪٽرپڻيءَ مان مڪمل جند ڇڏائي نه سگهيو آهي. ڏيپلائي صاحب مذهبي خيالن جو هوندي به پير پرستي ۽ مُلا جي بنياد پرستيءَ جي خلاف آواز اٿاريندي مسلمانن کي اهو پيغام ڏيڻ ٿو چاهي ته جيستائين مسلمان جديد تعليم حاصل نه ڪري سگهندا تيستائين ڪنهن بهصورت ۾ ترقي نه ڪندا. پنهنجي پهرئين ناٽڪ کان پوءِ ڏيپلائي صاحب ٻه قدم اڳتي ضرور آيو آهي پر اهڙو ناٽڪ نه لکي سگهيو آهي، جنهن جو مقصد هندو مسلم اتحاد هجي. ان دور ۾ اسان کي سچ پچ ته اهڙي ادب جي وڌيڪ ضرورت هئي. ڏيپلائي صاحب جو هيءُ ڊرامو، فني حوالي سان هڪ بهترين ڊرامو آهي. ڊرامو ۾ ڪردارن جو چونڊ، ڊائلاگ، منظرناما حالات وغيره  بهترين نموني ڏنا ويا آهن. ٿوري ڦيرگهير سان هيءُ ڊرامو اڄ جي اسڪولي پروگرامن ۾ اسٽيج ڪيو وڃي ته تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو. ڇو ته هن ڊرامي جو بنيادي مقصد تعليم جو حصول ئي آهي ۽ اڄ جي تباهه حال تعليم تي ٻيهر زور وٺائڻ ۽ صاحب حيثيت ماڻهن جي غيرت کي جاڳائڻ لاءِ هيءُ ڊرامو تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مجموعي طور تي هي هڪ ڪامياب ڊرامو آهي.

شاهدي”: هيءُ ناٽڪ (خاڪو) بنيادي طور تي اسان جي عدالتي نظام ۽ ان جي اوڻايل تي چٿرآهي. اسان جو عدالتي نظام، جنهن ۾ ڪنهن جي ڏوهي يا بي ڏوهي هجڻ لاءِ شاهد جي ضرورت پوي ٿي. ڏيپلائي صاحب ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه چالاڪ وڪيل ڪوڙا شاهد پيش ڪري ڏوهارين کي بچائين ٿا. اهي شاهد وڪيلن جا پورا پڙهايل پڪا ڪيل ۽ پيشه ور ٿين ٿا جيڪي پيسا وٺي، ڪنهن به شخص جي حق ۾ يا خلاف اهڙيون ته پڪيون شاهديون ڏين ٿا جو دنيا دنگ رهجي وڃي. اهڙا شاهد ڪٽهڙي ۾ اچڻ وقت جيتوڻيڪ قرآن پاڪ تي هٿ رکي،ان ڳالهه جو اظهار ڪندا آهن ته هو ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائيندا، سڀ سچ چوندا پر ڳالهائيندا ڪوڙئي آهن. جيتوڻيڪ هيءُ هڪ پندرهن منٽن جو مختصر خاڪو آهي پر ڏيپلائي صاحب پنهنجي قلم جي طاقت سان ان کي نه صرف دلچسپ بنايو آهي پر عدالتي نظام جي ڪمزورين جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن. 1981ع ۾ ”سنڌي ڊرامن جي هڪ صدي“ جي موضوع تي هڪ صديءَ جي چونڊ نمائنده ڊرامن کي اسٽيج ڪيو ويو، جن ۾ ”شاهدي“ پڻ شامل ڪيو ويو هو.

نجومي: ڏيپلائي صاحب جو هيءُ ناٽڪ سندس سڀني ناٽڪن مان ڪامياب ۽ بهترين آهي. جيتوڻيڪ ڏيپلائي صاحب ان جا منظر اهڙا ته ڏکيا لکيا آهن جو ان کي اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي پر ناٽڪ جي اندر مواد، موضوع، ڊائلاگ ۽ ڪردارن جي نفسيات کي اهڙي ته ڪاميابيءَ سان کنيو ويو آهي جو پڙهندڙ ان کي بار بار پڙهڻ چاهيندو. هيءُ ناٽڪ، اسان جي سماج ۾ هڪ پاسي ته انهن ٺڳن، ڳنڍيڇوڙن، شعبده بازن ۽ پيداگيرن جي ترڪتالين ۽ ڪرتب بازين کي چٽو ٿو ڪري جيڪي مت جي موڙهن ماڻهن کي پنهنجو شڪار بنائن ٿا.

ڏيپلائي صاحب هن ناٽڪ ۾ اهو ٻڌايو آهي ته ضروري ناهي جو صرف اڻ پڙهيل ۽ مت جي موڙهيي يا وهمي ماڻهوءَ کي بيوقوت بنائي کيس ڦري لٽي سگهجي ٿو پر ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ۽ اڪابرن کي به قسمت جي حال جي نالي ۾ بيوقوف بنائي انهن کان پيسا ڪڍي سگهن ٿا. سچ پچ ته ستر سال اڳ جي لکيل هن ناٽڪ جا ڪردار اڄ به اسان جي سماج ۾ آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا جيڪي اهڙن نام نهاد ڀوپن ۽ پيداگيرن جي ڪڍ پنهنجو الهه تلهه ڦرائڻ لاءِ هميشه تيار رهن ٿا. اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ ڏيپلائي صاحب ناٽڪ جي مک ڪردارن:ڪريم دين ۽ امام دين و اتان چوائي ٿو:

امام دين: هي سامهون هٿ جو نشان جو پاڻ وٽ رکيو آهي، اهو ڏسي هو ضرور پنهنجي هٿ اچي ڏيکاريندو.

ڪريم (هٿ ڏي ڏسي لکي) ماما هي ته جهڙو ڀونڊو.

امام دين: هائو ٻچا جيڪو شخص مالڪ کي ڇڏي وڃي ماڻهن کي علم الغيب ڄاڻي سوال ڪري ان کي ڀونڊو نه سامهون هوندو ته ٻيو ڇا هوندو. هِت به ڀونڊا ته ته هُت به ڀونڊا. ٻچا سمجهون سڀ ٿا پر پيٽ بکيو به ڀرڻو آهي. مگر هاڻي اهي پڇائون بند ڪر ۽ هو مت موڙهيل اجهو آيو.

هن هڪ ئي ڊائلاگ جي ذريعي ڏيپلائي صاحب ڪيڏي نه چٿر ڪئي آهي اسان جي وهمن ۽ وسوسن تي، سچ پچ ته اهڙو خوبصورت ڊائلاگ صرف ڏيپلائي صاحب ئي لکي سگهي ٿو. هن ئي ناٽڪ ۾ ڏيپلائي صاحب ڏيکاري ٿو ته هٿ ڏسندڙ ۽ ڍارو وجهندڙ نام نهاد نجومي اصل ۾ نه قسمت جو حال ڄاڻندڙ آهي، نه ئي ڪو کيس مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن جو علم آهي ۽ نه ئي ڪا هن وٽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪا روحاني طاقت آهي پر ماڻهن کي ڦرڻ ۽ ٺڳڻ جو سڄو دارومدار ماڻهن جي چال ڍال، ويس وڳي، عمر ۽ نفسيات تي آهي. مثال ڪو سيٺ ميرن ڪپڙن سان مسجد مان نماز پڙهي نڪتو آهي ته پڪ سان واپار ۾ نقصان ٿيو اٿس ڪو پڙهيل لکيل نوجوان بي مقصد ڦليليءَ تي پيو گهمي ته پڪ سان بيروزگار آهي. ڪا عورت در کان ٻاهر نڪري نٿي سگهي ته پڪ سان سس جي ستايل هوندي. وغيره، جڏهن اهي سٽون پڙهجن ٿيون، تڏهن واهه واهه نڪري وڃي ٿي. شاندار ڪردارنگاري ۽ شاندار ڊائلاگ سي به ايترا طاقتور جو ماڻهوءَ کي حيران ڪريو ڇڏين. سچ اهو آهي ته مون اڄ تائين اهڙو بهترين ناٽڪ نه پڙهيو آهي.

ڏيپلائي صاحب جي لکڻيءَ جو ڪمال اهو آهي ته هو ڪا به شيءِ شروع ڪري ٿو ته پڙهندڙ کيڄڻ ته پاڻ سان گڏ ٻڌي ويهاري ٿو ڇڏي. لکڻ جي خوبصورت رواني ۽ ان سان گڏ تجسس پڙهندڙ، ائين ٿو محسوس ڪري، ڄڻ مان به هن ناٽڪ جو حصو آهيان. ڪٿي ڪٿي ته ڏيپلائي صاحب صفا ڪمال ڪري ٿو ڇڏي جو ڪردارن جي واتان ڊائلاگن سان گڏ موضوع تي سنڌي، اردو توڙي فارسي شعر به ڏئي ٿو وڃي، جيڪي ڊائلاگن کي اڃا به سهڻو ۽ طاقتور بنائي ٿا ڇڏين.

ڏڪار: هيءُ ناٽڪ ون يونٽ جي قهري دور ۾ ٿر اندر ٿيل ڏڪار تي ملڪ جي حڪمرانن جي پت وائکي ڪري ٿو. هڪ ته حڪمران سنڌي ٻوليءَ کان اڻ واقف ٻيو وري لاهور جهڙي ڏوراهين شهر ۾ ويٺل ۽ ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بنيل، مٿان وري سندن ڪم چرٻٽ راجائن وارا. ڏڪار کي ڊڪار (اوڳرائي) سمجهي ٿرجي ڏڪار ستايلن لاءِ هاضمي جون دوائون پيا موڪلين!

هيءُ رڳو هڪڙو ناٽڪ ناهي پر هڪ دور جي تاريخ پڻ آهي. جيئن چيو ويندو آهي ته هر دور جو ادب پنهنجي دور جي تاريخ بيان ڪندو آهي. بلڪل ائين ڏيپلائي پڻ پنهنجي ناٽڪن ۾ سنڌ جي تاريخ بيان ڪئي آهي. پنهنجي پهرئين ناٽڪ ۾ جڏهن هو هوا جي رخ مطابق مغل حڪومت زندهه باد جا نعرا هڻي ٿو ۽ جڏهن ون يونٽ جي دور ۾ مغليه حڪمرانن جهڙا لاهور ۾ ويٺل جديد دور جا حاڪم انصاف جي ساهميءَ کي اونڌو ڪرين ڇڏين ته ڏيپلائي صاحب خاموش نٿو ويهي. مسلمان حاڪم جي ارهه زورائيءَ تي تاڙيون وڄائي، ان کان پنهنجي اخبار (عبرت) لاءِ اشتهار نٿو وٺي (جيئن اڪثر اخبار مالڪ ڪندا رهيا آهن) بلڪ هنن جي خلاف سخت ايڊيٽوريل لکي ٿو (ڏسو 1956ع کان 1958ع جي عبرت اخبار (جنهن جو ايڊيٽر ڏيپلائي) پر جڏهن ڳالهه ايڊيٽوريل ۽ خبرن کان چڙهي ٿي وڃي ته پوءِ اهڙن حڪمرانن تي ڏڪار جهڙوشاهڪار ناٽڪ لکي ٿو. هن ناٽڪ ۾ به ڏيپلائي صاحب حڪمرانن جي نفسيات جو انتهائي بيرحمانه ۽ منصفانه ڇيد ڪيو آهي. ون يونٽ لاءِ پنجاب جو حڪمران طبقو جيڪي دليل ڏيندو هو انهن کي هڪ ئي ڊائلاگ ۾ اجهو هيئين ٿو پيش ڪري:

”وزير: خيراسين چئون ”ڊَڪار“ ۽ اوهين چئو ”ڊُڪار“، ڳالهه ته ساڳي ٿي. سنڌي ۽ پنجابي ٻوليون ٻئي سنڌو درياء جي پيدائش آهن، ان ڪري هڪ جهڙيون آهن ۽ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت سڀ هڪ آهن. تڏهن ته اسان به واديءَ مهراڻ جو اتحاد ڪري، ون يونٽ بنايو. بس هڪ خدا، هڪ رسول، هڪ قرآن، هڪ ڪعبو، هڪ يونٽ.“

هن ڊائلاگ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ون يونٽ جهڙي ظالمانه نظام کي وقت جا حڪمران ڪيئن نه مذهبي رنگ ۾ رگي سنڌ جي عوام جو نه صرف معاشي استحصال ڪندا هئا پر ذهن، خمير ۽ سوچ جو به استعمال ڪندا هئا. هڪ الله، هڪ رسول، هڪ ڪتاب (قرآن) جي ڀيٽ، هڪ يونٽ (ون يونٽ) سان ڪئي ٿئي وئي. ايڏي وڏي ڏوهه کي دين ايمان الله رسول ۽ ان جي پاڪ ڪتاب سان ڀيٽ ڏئي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ، ڪيڏو وڏو گناهه آهي. اهو ته ڪو مذهبي اسڪالر ٻڌائي سگهي ٿو؛ پر اسان جيڪي ون يونٽ جو دور نه ڏسي سگهيا آهيون ۽ ان دور کان پوءِ جي پيداوار آهيون. يقيني طور هن قسم جي لکڻين ذريعي ئي ان دور جا عڪس پسي سگهون ٿا. هي ڊائلاگ ڏسو:

ڪمشز: اوهان کي فقط 29 ڪروڙ روپيا چارج ۾ مليا هئا ائين نه؟ اوهين روپيا کڻڻ لاءِ تيار آهيو، پر ملڪ سنڀالڻ لاءِ بلڪل نه؟ افسوس! اوهان جيڪو سنڌ سان ظلم ڪيو آهي سو سنڌ ڪڏهن به نه وساريندي.

وزير: (مرڪي) مثلا؟

ڪمشز: (گنڀيرٿي) سنڌي ادبي بورڊ جا گهربل پئسا ڏيڻ کان نٽائڻ، سندس پريس کسائڻ جون ڪوششون ڪرڻ، ثقافتي بورڊ جا پئسا بلڪل نه ڏيڻ، سنڌ يونيورسٽي جي پئسن سان به ساڳي حالت ڪرڻ، ڪوهستاني پراجيڪٽن کي صفا وساري ڇڏڻ، ٽريڪٽر مڪئنڪ اسڪول کي بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ رهيا کهيا ٽريڪٽر پنجاب گهرائڻ، سنڌ جي اخبارن کي تباهه ڪرڻ جا منصوبا، سنڌ تان ڍلون گهٽائڻ جو انجام پورو نه ڪرڻ، سنڌ جي امن جي تباهي، پڙتال پارٽيءَ کي ڪڍي ڍلن جي وصوليءَ لاءِ ماڻهن کي مارون ڏيارڻ، اگهاڙو ڪرائڻ ۽ هن طرح ڏڪار ۾ قيمتي ڍور ۽ انسان بک ۾ مارڻ..........

ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ جي حالت زار کي مختصر نموني پيش ڪرڻ جو فنڪارانه انداز ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو! حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي اداري جا به پئسا بند ڪيا ويا هئا ۽ ان جي پريس کسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. جيڪڏهن ڏيپلائي صاحب هيءُ ناٽڪ نه لکي ها ته اسان کي اها قطعي خبر نه پئجي سگهي ها.

ڊرامي جو آخري حصو ڏاڍو معنيٰ خيز آهي. جو قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي ۽ سيڪريٽري پريشانيءَ مان وزير صاحب کي چوي ٿو:

”سيڪريٽري: اوهان انهن خسيس ڳالهين تي وقت نه وڃايو. هن ڏڪار ڊڪليئر جي آرڊر تي کڻي صحي ڪريو.  اوهين وري اسيمبليءَ جي بجٽ اجلاس جو فڪر ڪريو.

وزير: ڇو ڀلا؟ آهي ته خير؟

سيڪريٽري: حضور خير وري ڪهڙو آهي، هو جي.ايم.سيد وري به وزارت ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي.

وزير: (صحي ڪندي) ڀائي انهيءَ سيد مان ته اچي ڦاٿا آهيون، وس پڄي ته جيڪر ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏيانس“

ڏيپلائي صاحب سڄي ناٽڪ جو ڪلائمڪس اهو ٿو ڏئي ته آخر ۾ حڪمران مجبوريءَ ۾ ڏڪار ڊڪليئر ڪن ٿا ڇو ته هنن کي ڊپ آهي ته جي.ايم.سيد اسيمبليءَ اجلاس ۾ سندن چڱي لاک لاهيندو. هيءُ ناٽڪ پڙهڻ کان پوءِ يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته ون يونٽ کان پوءِ جيڪو سنڌ ۾ مزاحمتي ادب لکيو ويو هو، ان جي شروعات به ڏيپلائي صاحب ڪئي هئي. ان جو مثال نه رڳو هيءُ ناٽڪ آهي پر سندس ڪيترائي ناول، اخباري ليک ۽ ايڊيٽوريل ان جو ثبوت آهن. مجموعي طور تي هيءُ ناٽڪ هڪ بهترين ۽ ڪامياب ناٽڪ آهي جيتوڻيڪ هن ناٽڪ جو منظر نامو لاهور جي ۾ ڪنهن وزير صاحب جي آفيس آهي پر ان آفيس ۾ سنڌ جي ڏڪار جو منظر پيش ڪرڻ، ڏيپلائي صاحب جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڏڪار سٽيل ٿر، اتان جو عوام ۽ جانور اسان جي سامهون بيٺا آهن. ڊرامي جي پڄاڻي پنجاب سان تعلق رکندڙ ان وزير جي خوف تي ٿئي ٿي ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي، جي.ايم.سيد اجلاس ۾ اچي اسان جي پت وائکي ڪندو، ان ڪري مجبوريءَ ۾ ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيون ٿا! مطلب ته سنڌ جي ماڻهن کي رليف ناهي ڏيڻو پر جي.ايم.سيد جي خوف کان اهو زهر جو ڍڪ ڀرڻو آهي! اهڙي طرح ڏيپلائي صاحب حڪمرانن جي نفسيات چِٽي آهي. ڪوبه ليکڪ جيستائين پنهنجن لکڻيءَ ۾ ڪردارن جي نفسيات نٿو چٽي، تيستائين هو صحيح طرح پنهنجي لکڻيءَ جو مقصد پڙهندڙن تائين پهچائي نٿو سگهي.

واڀيڙو: هيءُ پير پرستيءَ ۽ وهم پرستيءَ خلاف هڪ بهترين ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ جي خصوصيت اها آهي ته هي سنڌي ٻوليءَ جي واحد لکڻي آهي جنهن ۾ سنڌيءَ سان گڏ ڍاٽڪي ۽ ڪڇي لهجا به استعمال ڪيا ويا آهن. بقول ڏيپلائي صاحب جي ته اهو ناٽڪ 1919ع ۾ ڪڇ جي علائقي ۾ ٿيل هڪ سچي واقعي سان تعلق رکي ٿو جتي مسجد ۾ هڪ نيم ملا ۽ نام نهاد پير غريب ۽ اٻوجهه خلق کي ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي هروڀرو به پنهنجو مريد ٺاهين ٿا پر هڪ پڙهيل لکيل شخص انهن کي چئلينج ڪري سندن وکا پڌرا ڪري ٿو.

مرزا غازي بيگ: هيءُ ناٽڪ هڪ نيم تاريخي ڪهاڻي آهي جيڪا فيلڊ مارشل خان جي دور حڪومت ۾ ڪامورن پاران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪيل ڀيل (ظلم) جي ڪار گذاري، بيان ڪري ٿي. جنهن جي خلاف ميرپور بٺوري کان هڪ همراهه  فريادي نڪري ٿو ۽ پنهنجو فرياد شعر جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو. اڳتي هلي خبر پوي ٿي ته اهو فريادي شاعر سرويچ سجاولي آهي.

ادبي حوالي سان هيءُ ناٽڪ نه صرف ڪمزور آهي پر، ان ۾ گهڻي شاعري ۽ ايوبي آپيشاهيءَ جو انصاف مرزا غازي بيگ سان ڳنڍي ٻنهي ظالم حڪمرانن کي انصاف پسند ڄاڻايو ويو آهي،جيڪا ڳالهه ڏيپلائي صاحب ۽ سندس قلم کي نٿي سونهين. ايوب خان جهڙي آمر جي ڪنهن هڪ چڱي ڪم _ڏيکاءُ خاطر) کي بنياد بنائي، ان کي انصاف پسند چوڻ ۽ ناٽڪ لکڻ ڪنهن به صورت ۾ چڱو عمل نٿو چئي سگهجي.

بي وقتي ٻانگ:

هڪ ٻيو ڊرامو جنهن کي ڏيپلائي صاحب جو آخري ڊرامو چيو وڃي ٿو، جنهن جو عنوان آهيبي وقتي ٻانگ جيڪو ڪتاب سکن جي وستي ۾ موجود آهي. اهو هڪ ڊرامن جو مجموعو هو جنهن کي محمد عمر ميمڻ صاحب مرتب ڪيو هو. هيءُ ڊرامو پڻ تاريخي موضوع تي مشتمل آهي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته عباسي دور ۾ هڪ درزي جڏهن به ڪو ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته ٻانگ ڏئي ٿو. عباسي حڪمران ان جي بي وقتي ٻانگ تي هن کي نيٺ گهرائي ٿو ۽ ماجراپڇي ٿو. درزي سندس حڪومت ۾ ٿيندڙ ظلم جو ذڪر ڪري ٿو. خليفو کيس شاباس ڏئي ٿو.

”ڪانگريسي ڄار“ ۽ ”ڪانگريس ناٽڪ“ هي ٻئي ڊراما، 1945ع ۽ 1946ع واري پُرآشوب دور جي نمائندگي ڪن ٿا جڏهن پاڪستان جي مخالفت ڪندڙ ڪن مسلمان ليڊرن پاڪستان تحريڪ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا. هنن ڊرامن ۾ ڪانگريس جي طريقه ڪار کي ڊرامائي شڪل ڏيئي، انهن کي نهايت ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو.

مجموعي طور تي ڏيپلائي صاحب هڪ ڪامياب ناٽڪ نگار آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي تهڏيپلائي صاحب جيڪا ناٽڪ نگاري ڪئي، ان کي ڪنهن به اڳتي نه وڌايو. هاڻي ته ان قسم جو ناٽڪ لکجڻ ئي بند ٿي ويو آهي. ڪجهه ليکڪن جا ٽي.وي ۽ ريڊيو ڊرامن جا مجموعا ته آيا آهن، پر اسٽيج ناٽڪن جو ڪوبه مجموعو نه آيو آهي. اميد ته اسان جا ڪهاڻيڪار هن طرفضرور ڌيان ڏيندا ۽ ڏيپلائيءَ جي روايت کي اڳتي وڌائيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org