جئه پرڪاش موراڻي
محمد عثمان ڏيپلائي- منهنجي ڏيهه
جو اڏول انسان
ٿر! واريءَ جو وشال سمنڊ، هزارين ميلن ۾ پکڙيل، ان
سمنڊ ۾ سمويل سوين سپون، انهن سپن ۾ سرجيا سوين
موتي، جن جي سونهن ۽ سوڀيا سڄي ديس سنڌ کي موهت
ڪيو. اهڙن ئي مڻيادار موتين جهڙن ماڻهن مان هڪ هو
محمد عثمان ميمڻ، جنهن کي سندس ڇٺيءَ واري نالي
سان گهٽ پر ماڻهو ڏيپلائي جي نالي سان گهڻو ياد
ڪندا آهن.
انهي ڏيپلائيءَ جي ڏيهه جو هڪ فرد هجڻ خاطر مون
تي به اهو فرض ٿو ٿئي ته سنڌ جي هن ٻهڳڻي انسان کي
پنهنجي وس ۽ وت آهر لفظن جي ڀيٽا ڏيئي ٿر جي اٿاهه
حسين ثقافت، ادب ۽ روايتن جي امين هن صحافي، اديب،
ليکڪ ۽ عظيم انسان کي ياد ڪريان.
جڏهن پرائمري پڙهڻ دوران بابا سائين جي نوڪريءَ
سبب اسان کپري ۾ رهندا هئاسين ته اتي لفظ ”جر“ عام
طور تي ٻارڙن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ٿيندي ٻڌم پر
جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران بابا سائين جي
لائبريريءَ ۾ موجود ”سانگهڙ“
ناول پڙهڻ جو موقعو مليو ته سنڌ جي حقن جي هن
يگاني تحريڪ جي حقيقي تاريخ سان واقفيت ٿي. اهو
منهنجي ڳوٺاڻي سان پهريون مڪالمو هو. ان بعد پڙهڻ
جي جيڪا چُڪي چکيم، ان ڏيپلائي صاحب سان وڌيڪ
واقفيت ڪرائي.
ڏيپلي جي ميمڻن ۾ محمد عثمان جو نالو نهايت ئي
هاڪارو رهيو آهي. ڏيپلائي صاحب جا نالي ڀائي ۽ ذات
ڀائي، جن مان هڪ سائين محمد عثمان صديقاڻي صاحب
نهايت ئي اعليٰ درجي جو استاد، انگريزي گرامر تي
اٿارٽي ۽ نهايت ئي شفيق انسان، ٻيو- محمد عثمان
مجاهد، هڪ نام ڪٺيو واپاري ۽سماج سڌارڪ، ٽيون-
سائين محمد عثمان کٽي، بهترين استاد ٿي گذريو آهي،
جنهن جا ڪيترائي شاگرد اڄ به سندن ذهانت جا گڻ
ڳائين ٿا، ۽ چوٿون محمد عثمان ميمڻ جنهن جو پاڻ
هتي ذڪر ڪري رهيا آهيون، ٿي گذريا آهن. انهن ۾
محمد عثمان ميمڻ هڪ مشهور اديب ٿي گذريو آهي.
ڏيپلو شهر اهڙو انوکو شهر آهي، جنهن جو ماضي، حال
کان وڌيڪ شاندار رهيو آهي. ان جو اوج ميمڻ
برادريءَ جي ڪري رهيو ۽ اڄ جو موجوده زوال به
ميمڻن پاران پنهنجي شهر تان هٿ کڻڻ جي ڪري ٿيو
آهي. اهو ته ٻيو قصو پر جنهن دور ۾ محمد عثمان
ڏيپلائي سموري سنڌ ۾ جاڳرتا جون شمعون روشن ڪري
رهيو هو، ان وقت سندس ڳوٺ ۾ پڻ تعليمي شرح سؤ
سيڪڙو جي قريب هئي. هُن شهرجي جابر بن حيان هاءِ
اسڪول مان پڙهي نڪتل نوجوان دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾
مختلف شعبن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ڏيپلائي صاحب سدائين سچ جي تبليغ ڪئي، سچ جي تلقين
ڪئي، هن سدائين سچ لکيو، سچ ورهايو ۽ ورثي ۾ وارثن
لاءِ پڻ سچ جي سوغات ڇڏي ويو.
هن جڏهن ”عبرت“ شروع ڪئي ته ان جي سرورق جي مٿان
لکيائين: ”اکين وارن لاءِ عبرت“ هن جو هر لفظ پڻ
اکين وارن لاءِ واٽ جو سونهون ۽ روشنيءَ جي ڪرڻي
مثل هو، باقي جيڪي اکين توڙي اندر جا انڌا آهن
انهن اڳيان روئڻ معنيٰ پنهنجو نور به وڃائڻ ٿيندو
آهي، ان ڪري انهن ڪڏهن به ڏيپلائي جي ڏسيل واٽ تي
هلڻ جي همٿ ئي نه ساري آهي.
هو صحافت ۾ اعليٰ ترين اخلاقي قدرن جو امين هو، هن
معاشري ۾ موجود ڪوڙ کي ڪَٽڻ، ڪڌين رسمن کي ختم
ڪرڻ، انڌي وشواس کي تڙي ڪڍڻ لاءِ قلمي جهاد ڪيو.
هن قلمي پورهئي سان، سنڌ اندر هڪ خاموش انقلاب جي
شروعات ڪئي. هو نه وڏيرن جو حامي هو نه جاگيردارن
جي اوطاقن جون حاضريون ڀريندڙ هو، هن نه ڪنهن
ڪاموري کي ڪاڻ ڪڍي، نه ڪنهن سيٺ جي ديري تان ان جي
ٻوري لاءِ قطار ۾ بيٺو. هو سدائين پنهنجي قلمي
پورهئي جي ڪمائي کائيندو هو ۽ سدائين ڳاٽ اوچو ڪري
هلندو هو.
ڏيپلائي صاحب چوندو هو ته هن معاشري کي جهالت جي
اونداهي مان روشني ڏانهن آڻڻو آهي. انهي مقصد لاءِ
هن پنهنجي قلم کي وقف ڪيو، هن جا ناول آکاڻيون،
قصا ۽ اخبار جا پنا انهي جهاد جو ميدان رهيا. هن
ماڻهن کي ماڻهپي ۾ آڻڻ لاءِ سموري زندگي هر وقت
تبليغ ۾ گذاري، ۽ سندس اهي ڪوششون رائگان نه ويون،
سندس پوکيل ٻوٽا اڄڪلهه وڌي وڻ ٿيا آهن ۽ انهن جي
ڇانوَ ۾ ڪيئي واٽهڙو وسرام ڪن ٿا. سندس ڏيکاريل
واٽ تي هلندي ڪيترا ئي قلم ڌڻي سنڌ ڌرتي جا مالڪ
بڻجي سچ جو سودو ڪرڻ لڳا.
محمد عثمان ڏيپلائي رڳو ڏيپلي جو ليکڪ نه هو ۽ نه
رڳو هو ٿر جو قلم ڌڻي هو، پر هن جو پيغام سڄي سنڌ
لاءِ سجاڳيءَ جو سنيهو هو. اڄ جڏهن آءٌ ڏيپلائي جي
عبرت ۾ ڪي لفظ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڏسندو آهيان،
جڏهن انهي اداري جنهن کي منهنجي ئي ڏيهه جي هڪ
قداور انسان پيڙهه جوپٿر رکي عمارت جي آس ڪئي هئي،
۾ لفظن جي مالها پوئيندو آهيان، تڏهن آءٌ پاڻ کي
انهي راهه جو هڪ ادنيٰ واٽهڙو سمجهندو آهيان، جنهن
واٽ جو ڏس ڏيپلائي ڏنو هو.
هن عظيم شخص کي سارڻ لاءِ لفظن ۽ قلم ۾ اها طاقت
گهرجي جيڪا سچ کي سڃاڻي. ڏيپلائي جو پورهيو تڏهن
پنهنجي مقصد تي پهچندو، جڏهن اسان جي سنڌ ۾ ماڻهو
شعور جي منزل ماڻيندا، ان وقت تائين جدوجهد جاري
رهڻ گهرجي.
م.ع.ڏيپلائيءَ
جي ياد ۾ شعري ڀيٽا
نورالهديٰ شاهه
سچ جو ڏيئو
(ڏيپلائي صاحب جي نانءِ)
سچ جو ڏيئو
سرخ پوتيءَ جي ڇانوَ ۾
جلايو اٿم-
ڏيئو سچ جو
اجهامي نه سگهندو!
ڌرتيءَ جي نسن ۾
رت منهنجو
تيل وانگر
ٻري ٿو-
بدن- سارو
ڄڻ
سنڌو ڌرتيءَ جو خاڪو-
نيڻ منهنجا
اجهامڻ کان اڳ
ٻري پيا ته
ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي
جيڪي ڪجهه آهي
آرسيءَ وانگر جرڪندو-
شاگردن جي اکين ۾ ٻرندڙ
ڪارو ترورو،
هارين جي نرڙ تي جرڪندڙ
پگهر جو ڦڙو،
ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي
سوني رويي سج سان
جڳن تائين ٻرندو-
سچ جي ڏيئي جي ڇانو ۾ هلندڙ
انسانن جو قافلو،
جن جي پيرن جا نشان،
پويان رهجي وڃڻ کان پوءِ
سچ جي واٽ بڻجيو پون-
اهي نشان
شل جڳن تائين،
جرڪندا رهن!
ديس منهنجي جا واسي
ان ڏيئي جي ڇانوَ ۾،
شال جاڳندا رهن-
جيڪي ڌرتيءَ جو دک لکن،
اهي آڱريون
شال ٻرنديون رهن-
بندوق جي هڪڙي گولي
ليکڪن جي آڱرين مان
ڦٽي نڪرندي-
بندوق جي اها گولي
هاڻ
ڌرتيءَ جو فيصلو ڪندي
۽-
ڏيئو سچ جو
جڳن تائين
وسامي نه سگهندو!
نشتر“ ناٿن شاهي
ڏيپلائي
هو ساگر علم و درياءِ هو تحرير جو بيشڪ،
قلم جو هو تونگر، شاهه هو تقرير جو بيشڪ،
زبان جو هو بقا، الفاظ جي ٿي پختگي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
ادب جي لاءِ بنجي ڏيپلائي انقلاب آيو،
زبان جي آسمان جي لاءِ چمڪي آفتاب آيو،
۽ بنجي سنڌي ساهت لاءِ آخر هر خوشي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
غلط ريتن ۽ رسمن کي ڪٽڻ لئه برملا آيو،
ڇڏائڻ وهم جي قيدن کان هي مرد خدا آيو،
حقيقت جو شناسا ٿي اصول- بندگي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
سراپا بنجي خود تحريڪ آيو انتها آيو،
قلم سان انقلاب آڻڻ ئي مرد دل صفا آيو،
شريعت جي حقيقت، ان جي بنجي دلڪشي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
عمل جنهن جي سان پئجي ويو پتو انسان کي انسان جو،
۽ جنهن جي فعل ۾ پنها رهيو ٿي راز ايمان جو،
کڻي خود قول پنهنجي ۾ محبت، دوستي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
صحت مندي صحافت کي ڏياري ڏيپلائي ٿي،
ادب کي تندرستي پڻ وٺائي ڏيپلائي ٿي،
حقيقت آ ته بنجي خود لساني پختگي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
منجهيل هر راهه روکي هن ڏسيون راهون محبت جون،
ننڍي توڙي وڏي کي ٿي ٻڌيون ٻانهون محبت جون،
اکين جو ٺار آيو ۽ دلين جي دلڪشي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
گلستانِ ادب جي واسطي بنجي بهار آيو،
سڪون گلڙن جو بنجي آيو، ڪک پن لئه قرار آيو،
سماجي زندگي جي لاءِ بنجي زندگي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
هتي لات و مناتن لاءِ بنجي بت شڪن آيو،
سڪون گلڙن جو بنجي آيو، ڪک پن لئه قرار آيو،
مڃون ٿا مناتين واسطي ٿي غزنوي آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“
êêêêê
نظر توڙي زبان بت پرستي دل جي ٽوڙيائين،
ذهن جي، مغز جي رفتار نشتر خوب موڙيائين،
ڪري طارق ۽ خالد ساڻ ڪائي همسري آيو،
”صحافت لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.“ |