وڏي وَٿ هُئام، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾
اُٿيو ۽ اُٿياڪُ، ڪالهونڪر ڪاڏي گيو،
ويـو جياري جيڏيون، بـرهُه مون بيباڪ،
چُرپُر چائي چاڪ، سُورُ سمهاري ڪينڪي!
(شاهه)
سراج، منهنجو
بهترين دوست
سوڀو گيانچنداڻي
سراج الحق ميمڻ وڏي
پائي جو اديب هو، هن جيڪي به ناول لکيا، اُهي سنڌي
ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال
ڪيو. ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام
گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي
’پيراڻي‘ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي
آهي، ائين ئي سراج جي ڪهاڻي “ ٻهڻي” کي به ساڳيو
ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾
سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن
کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي
دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. 1970ع وارو
ڏهاڪو “هلال پاڪستان” جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾
مان سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ اُن سموري
عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خياليءَ جي لهر پکيڙي،
اسان اڄ سوڌو اُن جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون.
هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾
صحافتي سجاڳيءَ جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن
ٿيون، ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو
۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي
ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو
’سنڌي ٻولي‘ نالي سان ڪتاب لکيو، اُن کي مان مثالي
انڪري چوندو آهيان، جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت
پسند ٿي ڪنهن به محقق تحقيق نه ڪئي هئي. اُن جو
اعتراف اڄ هر باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ
محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق
قلم کڻي ٿو، اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور
حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور
نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت
اڌ صدي تائين رهي.جڏهن مان سال 1953ع ۾ ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ ايم.اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته
اُن وقت سراج، محمد ابراهيم جويو جي سربراهيءَ هيٺ
سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنهنجا
فرائض نڀائي رهيو هو. سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن
۾ به حصو ورتو، مون کي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي
سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو. منهنجون
هن سان تمام گهڻيون ملاقاتيون ٿيون، جن جون
ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن، جيڪي اڄ سراج کي ياد
ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن: جيڪي ڪڏهن
تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج
بيمار ٿي پيو هو ته مان اُن جي گهر وڃي سندس عيادت
ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان
کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي
سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج
جي ثقافتي ماڳن ۾ پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مون
سان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي
دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. 1990ع جي ڏهاڪي جي
اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي
۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مون سان جناح باغ
لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي، ان
موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مون کي وڏو مان
ڏيندي ڪالم لکيو هو، اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان
گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو
آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو
باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي
ناممڪن آهي.
سنڌي لسانيات جو قداور دانشور: سراج الحق ميمڻ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
1. (الف) تعليم
جي لحاظ کان، سراج صاحب، معاشيات ۽ ماليات جو ماهر
هو، پر ساڳئي وقت هو، سنڌي ٻولي، سنڌي لسانيات ۽
سنڌي ادب جو هڪ قداور دانشور به شمار ڪيو ويندو
آهي.
هو هڪ نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس،
محقق، ڪالم نويس، هڪ مشهور نقاد ۽ صحافت جي ميدان
۾ به هڪ ڪامياب ايڊيٽر رهيو. سنڌي ادب جي ايترين
سارين صنفن ۾ قداور اديب ۽ دانشور هجڻ جي باوجود
هو سنڌي لسانيات جو هڪ قابل قدر ماهر ٿي گذريو
آهي. سنڌي لسانيات جي سلسلي ۾ هن نه فقط ’سنڌي
ٻولي‘ جي عنوان وارو ڪتاب لکيو هو، پر اُن ميدان ۾
هن جا ڪيترائي معياري ۽ معلوماتي مضمون، مقالا ۽
تنقيدي تبصرا به شايع ٿيا. سندس ڪتابن، مقالن ۽
مضمونن کي عالمانه حيثيت حاصل آهي.
(ب) سراج
صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ، اُنهن جا ديباچا،
پيش لفظ ۽ اُنهن تي تحقيقي تبصرا به لکيا، جن جي
ڪري پاڪستان توڙي ڀارت جي ادبي حلقن ۾ کيس وڏي عزت
۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
سراج صاحب پنهنجي متعلق هڪ هنڌ لکيو هو ته:
”ڪهاڻيءَ جي لکڻ واري زماني ۾ مون محسوس ڪيو ته
سنڌ ۾، ناٽڪ جي صنف تي، سنڌ جا اديب ڌيان نٿا ڏين
ته پوءِ مون ناٽڪ لکڻ شروع ڪيا. ناٽڪن ۾ پهريون
منظوم ناٽڪ ’ٻيجل‘ (تنهنجي تند تنوار...) هن ساڳئي
مقصد سان لکيم. اُن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته
ناول جي صنف تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ
مون ناول لکڻ شروع ڪيا.“
2. (الف) سراج
صاحب جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي مطالعي مان معلوم
ٿو ٿئي ته شروعات ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ
پنهنجي ادبي زندگي گذارڻ کان وٺي، پوءِ سنڌي ادبي
بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ واري زماني ۾، محترم
محمد ابراهيم جويي سان گڏ، مهراڻ رسالي کي سينگارڻ
۾، سندس ساٿي رهيو. اُن زماني کان وٺي، سندس وفات
(02 فيبروري، 2013ع) واري عرصي تائين سراج صاحب،
علمي ۽ ادبي دنيا جو هڪ سرگرم ڪارڪن رهيو. هن جو
قلم سرڪاري ملازمت واري زماني ۾ به هلندو رهيو، ۽
سرڪاري ملازمت مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ به، زندگيءَ
جي آخري گهڙين تائين جاري رهيو.
(ب) سراج
صاحب جي تصنيف ڪيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جي مطالعي
مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي هن سپوت، لکڻ کي
پنهنجي روزگار جو وسيلو ڪونه بنايو هو. سنڌي سماج
۾ عزت سان زندگي گذارڻ، پنهنجي اولاد کي تعليم
جهڙي زيور سان سينگارڻ ۽ انڪم ٽئڪس آفيسر جي منصب
تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ
هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو، جنهن لاءِ به وڏي
جاکوڙ ڪيائين، ۽ هو پنهنجي هن پيشي ۾ به تمام گهڻو
ڪامياب ثابت ٿيو.
(ٻ) زندگيءَ
۾ ايتري قدر مشغول رهڻ جي باوجود، سراج صاحب جو
قلم هلندو رهيو، ۽ سندس ڪتاب مسلسل ڇپبا رهيا. اُن
سان گڏ ادبي ڪانفرنسن يا سيمينارن ۾ به شرڪت ڪندو
رهيو، ۽ انهن ۾ پنهنجا معلوماتي، تنقيدي ۽ تحقيقي
مقالا پيش ڪندو رهيو.
سراج صاحب، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي پهرئين دور
۾، هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر رهيو، ۽ ساڳئي
وقت ٻين اخبارن لاءِ تنقيدي ڪالم پڻ لکندو رهيو.
ساڳئي وقت ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ، پيش لفظ ۽ ادبي
۽ تنقيدي تبصرا به لکيائين.
3. تصنيفون:
(الف) سراج صاحب ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون،
ڪالم، ڪتابن جا مهاڳ ۽ پيش لفظ لکيا، جيئن اڳ ۾
چيو ويو آهي. هيٺ سندس طبعزاد ڪتابن توڙي ترجمو
ٿيل ڪتابن جا عنوان پيش ڪجن ٿا:
1. ڏکڻ
مان ٿو سج اڀري (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)،
1953ع ۾ ڇپيو.
2. سنڌ
جي اقتصادي تاريخ (ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو
ترجمو)، سال 1958ع ۾ شايع ٿيو.
3. چونڊ
آمريڪي افسانا، (غلام رباني آگري سان گڏ ترجمو
ڪيائين)، سال 1958ع ۾ شايع ٿيو.
4. اي
درد هلي آءُ (ڪهاڻيون)، 1962ع ۾ شايع ٿيو.
5. سنڌي
ٻولي (لسانيات جي موضوع تي)، 1964ع ۾ شايع ٿيو.
6. علم
معاشيات (معاشيات جي موضوع تي)، 1964ع ۾ شايع ٿيو.
7. پڙاڏو
سوئي سڏ (طبعزاد ناول)، 1970ع ۾ شايع ٿيو.
8. اٺون
ماڻهو (اصلوڪيون ڪهاڻيون)، 1985ع ۾ شايع ٿيو.
9. مرڻ
مون سين آءُ (طبعزاد ناول)
10. منهنجي
دنيا مرگهه ترشنا (طبعزاد ناول)
11. منهنجي
دنيا هيڪل وياڪل (طبعزاد ناول)
12. تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول (طبعزاد ناول)
13. پياسي
ڌرتي رمندا بادل (ناولن جي ٽريالاجي)
14. شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو (سوانح حيات) 1990ع
(ب) سراج
جا ڇپيل ناٽڪ:
1. تنهنجي
تند تنوار (ٻيجل) (طبعزاد منظوم ناٽڪ)
2. گهاتو
گهر نه آئيا (طبعزاد ناٽڪ)
3. پروفيسر
(طبعزاد ناٽڪ)
4. اڪبر
جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن (ترجمو: ناٽڪ)
5. جر
۾ ڦوٽو جيئن (طبعزاد
ناٽڪ)
6. پوڄا
ڏٺم پير (طبعزاد ناٽڪ)
(ت) سراج
جا هيٺين عنوانن سان مختلف اخبارن ۾ ڪالم ڇپيا:
1. ملان
جي ڊوڙ (مزاحيه ڪالم)
2. رتيءَ
جي رهاڻ (ڪالم)
3. سياسي
منظرنامو (سياسي ڪالم)
(ث) تحقيقي
مقالن جو ڪجهه تفصيل:
1. سنڌي
ٻوليءَ جا چند مسئلا
2. اسان
جو نقاد
3. سکر
سيئي ڏينهن
4. سنڌي
ٻوليءَ جون خوبيون
5. سنڌيءَ
ٻوليءَ جون خصوصيتون
6. لطيف
۽ وحدت الوجود- وغيره
4. سنڌي لسانيات جو هڪ قداور دانشور:
(الف) مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته سراج صاحب جو
نالو، سنڌي لسانيات جي وڏن ودوانن ۾ ڳڻيو ويندو
آهي. هن، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽ سنڌي وياڪرڻ
کان سواءِ، سنڌو ماٿر جي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ
مان هٿ آيل مهرن کي پڙهڻ جي سلسلي ۾ جيڪي ڪاوشون
ڪيون هيون، اُنهن جو اعتراف، امريڪي ۽
اسڪئنڊينيويئن عالمن
به ڪيو آهي.
سراج صاحب کي، علم اللسان سان عشق ته ننڍپڻ کان ئي
رهيو هو. اُن سلسلي ۾ هن سندس ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ جي
انتساب لکندي، هن طرح فڪر ڪيو آهي:
”مون کي ٻولين جو عشق، هڪ طرح سان ورثي ۾ مليو
آهي. منهنجي پهرئين اُستاد اُن ورثي کي سنوارڻ ۽
سنئين دڳ لڳائڻ جو هڪ عجيب دل لُڀائيندڙ طريقو ڪم
آندو هو. سنڌي الف- بي سيکارڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان
شيشي جي فريم سان هڪ بند پيتي ٺاهيائين، بلڪل
’پئنڊورا جي پيتيءَ‘ جهڙي، جنهن جي ٻن پاسن مان
آرپار ٻه ڪاٺ جون نڙانڊيون، ڦرموٽيءَ وانگر ٿي
ڦِريون. اُنهن ٻن نڙانڊين تي ٿلهو ڊرائنگ ڪاغذ
ويڙهيل هو. اُن ڪاغذ ۾ ٻه ڪالم هئا: هڪ ڪالم ۾
سندس هٿ سان ڪڍيل رنگين تصويرون هيون ۽ انهن جي
سامهون ٻئي ڪالم ۾ الف- بي جا موزون اکر. هڪ
نڙانڊيءَ کي هٿ سان ڦيرائڻ سان تصويرون ٻيءَ
نڙانڊيءَ تان ڊوڙنديون، پهرينءَ تي ويڙهجنديون
وينديون هيون، ۽ جڏهن ڪاغذ جو اُهو ويڙهو پورو
ٿيندو هو ته وري ٻي نڙانڊيءَ کي ڦيرائڻ سان
تصويرون اُن پاسي ڊوڙڻ لڳنديون هيون..... ۽ آءٌ
حيرت مان سڄو ڏينهن اُن جادوءَ جي شيشي ۾ اکيون
پايو ويٺو هوندو هوس. اهو هو منهنجو سنڌي ٻاراڻو!
اِن پئنڊورا جي پيتيءَ، منهنجي ذهن ۾ هميشه لاءِ
تجسس ۽ ڳولا (curiosity) جو
اُمنگ پيدا ڪيو.“
(ب) سراج
صاحب، سنڌي لسانيات جي سلسلي ۾ ڪتاب ته صرف هڪ
يعني ’سنڌي ٻولي‘ لکيو، پر سندس اهو ڪتاب به ڏهن
ڪتابن جي معيار وارو سمجهيو ويندو آهي. اُن کان
سواءِ هن، ان موضوع تي ڪيترائي مضمون، تحقيقي
مقالا ۽ تبصرا پڻ لکيا.
سنڌي لسانيات واري موضوع تي سراج صاحب، شهرت تڏهن
حاصل ڪئي، جڏهن هن 1959ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ
بنياد جي حوالي سان، جڳ مشهور سنڌي عالم ۽ سنڌ
شناس، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، ٽماهي
رسالي مهراڻ ۾ 1959ع ۾، ’سنڌيءَ ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ‘ جي عنوان سان ڇپيل مقالي تي تنقيد ڪئي. اُن
سلسلي ۾، سراج صاحب، پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي’ جي
پيش لفظ ۾ لکي ٿو:
”سو هڪ ڏينهن چيومانس (ابراهيم جويي کي) ته:
”ابراهيم! ڊاڪٽر صاحب جن جو مضمون، ماڻهن ۾ سنڌي
ٻوليءَ ۽ تمدن لاءِ بنهه غير علمي روايتون ۽
مفروضا عام ڪري ڇڏيندو، ۽ ٻاهريان ته سنڌي ٻوليءَ
۽ تمدن کي هڪ خيرات ٿيل ۽ اُڌارو سمجهندا.“
”تون ڇو نه ٿو اُن جي جواب ۾ ڪو مضمون لکين؟“
ڪجهه وقت ته هُو ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ چيائين
ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ اهميت کي اهڙا مضمون
ڪو ڇيهو رسائي سگهندا، سا ڳالهه منهنجو ذهن قبول
ئي نٿو ڪري. هر ڪنهن کي پنهنجيءَ راءِ جي اظهار جو
اختيار آهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي اُن حق کي
استعمال ڪيو آهي. تون جيڪڏهن اُن کان مختلف راءِ
رکين ٿو ته تون به کڻي مضمون لک؛ جيڪا راءِ وڌيڪ
علمي هوندي، اُن جو ئي زياده تر پڙهندڙ قدر ڪندا.“
سراج صاحب اڳتي هلي لکي ٿو: ”جڏهن منهنجو مضمون
شايع ٿيو ته ڄڻ ته هڪ هنگامو مچي ويو. ڪن شابس ڏني
ته ڪن ڪچيون گاريون! ايڏو احساس ٿيم ته جيڪڏهن
منهنجي مضمون ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي،
سندن ذهنن کي لوڏي وڌو آهي ته ضرور منجهس ڪا ڳالهه
آهي.
ڊاڪٽر صاحب جن پڻ اُن مضمون جي جواب ۾ هڪ مضمون
لکيو، جنهن جي جواب ۾ مون وري ڪجهه گذارشون، اُن
جواب در جواب جي جواب ۾ لکيون، پر اُن سلسلي ۾،
1959ع کان سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن بابت منهنجي ذهن ۾
ڪجهه اهڙو هيجان پيدا ڪيو، جو بيان کان ٻاهر آهي.“
(ت) سراج
صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو:
”اوهين اُن مان اندازو لڳايو ته 1960ع جي سياري ۾
پنج ڇهه دفعا، موهن جي دڙي جي ويرانين ۾، وڇائتن
وانگر، مٽي ڇاڻيندو رهيس. مون کي جواب ۾ به موهن
جي دڙي جا ماڻهو- چاپئين ڏاڙهي، ٻٽون ڪٽ وار، وچان
سينڌ نڪتل ۽ زالون عاج جي ٻانهين سان ڪلهي تائين
ڍڪيل ٻانهون، نڪ ۾ بولو، وارن ۾ ڪاٺ جي ڦڻي وڌل-
مون سان سنڌي ڳالهائيندي نظر ايندا هئا. اُن سپني
جي عالم ۾ ئي، اُن کان پوءِ وارا ٽي سال گذاريم ۽
اُن وقت مختلف ٻولين جي قديم رسم الخطن ۽ ٻين اهڙن
موضوعن تي ڪتاب چٽيندو رهيس.“
اُن وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجن مضمونن کي ڪجهه هار
سينگار ڏيئي، اڳي کان اڳرو ڪري، ڪتابي صورت ۾ شآيع
ڪرايو. ڪتاب شايع ٿيو ته يار وري منهنجي پويان
پئجي ويا.
”خير سائين، ڪتاب لکيم، ۽ اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
جڏهن ڊاڪٽر صاحب جن جي مضمون جي جواب ۾ مضمون لکيو
هوم، تڏهن منهنجو مقصد فقط سندن قائم ڪيل مفروضن ۽
دليلن کي ٽوڙڻ جو هو، ۽ اُن لاءِ مون هڪ منفي
طريقو اختيار ڪيو هو: يعني جيڪي غلط مفروضا سندن
مضمون ۾ هئا، اُنهن کي رد ڏيڻ ڪافي سمجهيو هوم، پر
اُن مضمون ۾ به مون اهو چيو هو ته ’باوجود اُن
ڳالهه جي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو مائٽاڻو ناتو ثابت
ٿئي ٿو، سنڌيءَ جي تاريخ، سنسڪرت کان به ڪُهني
آهي، ۽ هڪ طرح سان، سنسڪرت ۽ اُن سان لاڳاپيل
تمدن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اُسريا آهن.‘ جڏهن
چار سال کن ٻولين جي تاريخ، سنڌي تمدن ۽ موهن جي
دڙي متعلق ڪجهه قدر وڌيڪ مطالعو ڪيم ته حيرت انگيز
ڳالهيون نظر آيون. سڀ کان اهم ڳالهه ته اها نظر
آئي ته ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تاريخدانن، سنڌي ٻوليءَ
۽ سنڌي تمدن سان بلڪل ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ پئي
ڪيو آهي. ٻي ڳالهه جنهن منهنجي ذهن ۾ مترڪا (سنڌي
مترڪا نه، عربي مطرقه) هڻڻ شروع ڪيا، سا اها ته
سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آهي، پر
ائين نه جيئن اسان وٽ زبان زد آهي؛ دراصل ڳالهه
مرڳو ئي اُبتي آهي- سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي
مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اُن کان
به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان، سنڌيءَ جي
ڄائي آهي. سڌيءَ طرح نه سهي، اڻ سڌيءَ طرح سهي.
اهو اهڙو احساس ۽ خيال هو، جنهن لاءِ مون سمجهيو
ته دنيا مون کي پاڳل سمجهندي، اُن لاءِ ثبوت کان
سواءِ ڳالهائڻ، وات وڃائڻ ٿيندو. اهو ئي سبب هو،
جو مون موهن جي دڙي جي ٻوليءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ۽
جڏهن اُن جي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيس ته ذري گهٽ ’هارٽ
اٽئڪ‘ ٿيڻ واري هئي.“
حقيقت هيءَ آهي ته ٻاهرينءَ دنيا جي ماهرن وٽ،
سراج صاحب جي سڃاڻپ، ’سنڌي لسانيات‘ جي هڪ ماهر جي
حيثيت ۾ آهي، جيئن سندس ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي
اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، پر سنڌ جي نوجوانن وٽ
سراج صاحب جي سڃاڻپ هڪ قداور ڪهاڻيڪار، ناول نويس،
ناٽڪ نويس ۽ ڪالم نگار، نقاد ۽ محقق واري آهي.
(ث) ’سنڌي
ٻولي‘ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾، ’ٻه اکر‘ جي عنوان سان
سراج صاحب هن موضوعن جي باري ۾ نهايت ئي ڪارائتيون
ڳالهيون لکيون آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته سراج صاحب
جون لکيل اُهي ڳالهيون پڙهندڙن جي ڌيان لاءِ
دُهرايان. هُو لکي ٿو:
”1964ع کان 2009ع يعني پنجيتاليهن سالن کان پوءِ،
ڪتاب جو هيءُ ڇاپو ڇپجي رهيو آهي، اُن ڪري اهي ٻه
اکر لکڻ ضروري به آهن. ان عرصي دوران، سموريءَ
دنيا ۾ هر شعبي ۾ ۽ هر مضمون تي تمام گهڻو ڪم ٿيو
آهي، ۽ سوين ڪتاب ۽ مضمون ڇپجي چڪا آهن. ايتري قدر
جو رڳو سنڌ جي آڳاٽي رسم الخط ’انڊس اسڪرپٽ‘ (Indus
Script)تي
به ڪافي ڪم ٿيو آهي. منهنجي فنلينڊ جي دوست، ڊاڪٽر
آسڪو پرپولا اُن رسم الخط جي ڀڃڻيءَ (Decipherment) تي
عاليشان ڪم ڪيو آهي. هُن سائين غلام مصطفيٰ شاهه
مرحوم سان گڏجي موهن جي دڙي جي نشانين تي ٻه جلد
ڇپايا. ساڳيءَ طرح يورپ کان سواءِ هندستان ۾ به
اُن رسم الخط تي قابل قدر ڪم ٿيو آهي ۽ سوين ڪتاب
ڇپيا آهن. جيتوڻيڪ ڪي عالم سمجهن ٿا ته اُن ۾ ڪا
دراوڙي زبان آهي، جيڪا تامل سان لاڳاپيل زبان
آهي.“ (پر پرپولا ٽيم به اها ئي دعويٰ ڪئي آهي)،
ڪي هندستاني عالم دعوائون ٿا ڪن ته اُن جي زبان،
سنسڪرت يا پالي يا ڪا ٻي هندستاني زبان آهي.
”پاڪستان ۾ وري اهي دعوائون آهن ته اها پراڻي عربي
زبان يا اُن سان لاڳاپيل ڪا سامي صفت زبان آهي-
جيترا آهن عالم، اوتريون آهن دعوائون!
”منهنجو چوڻ رڳو اهو آهي ته ٻيلي هيءَ تهذيب، سنڌ
ڄائي آهي، اُن ڪري اُن جي زبان به سنڌ ڄائي ٿي
هوندي، اُن ڪري ئي مون هن ڪتاب ۾ مختلف زبانن جي
بڻ بنياد ۽ اُنهن جي بنيادي لفظن- مثلاً مٽي
مائٽيءَ جي لفظن يا ڪم ڪاڄ ۽ ڌنڌن بابت لفظن جي
ڀيٽ ڪري پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي. آءٌ اها دعويٰ قطعي
ڪونه ٿو ڪريان ته ڪو منهنجي ڀڃڻي درست يا سچي آهي.
مون به ٻين عالمن وانگر هڪ راءِ قائم ڪئي آهي؛ ۽
اُها اُن ڪري پيش ڪئي اٿم ته جيئن سنڌ جا عالم ۽
شاگرد اُن مان اُتساهه وٺي ڪو اعليٰ پائي جو ڪم
ڪري ڏيکارين. اها جاکوڙ ئي منهنجي لاءِ اهم ۽ وڏي
ڳالهه آهي.“
5. (الف) ’سنڌي
ٻولي‘ ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجين خاص خصوصيتن
جو ذڪر ڪندي، سراج صاحب لکي ٿو:
”مختصر طور آءٌ سنڌيءَ جون اُهي سموريون خصوصيتون
ڳڻائي آيو آهيان، جيڪي سنڌيءَ جي اصلوڪي ۽ نهايت
قديم زماني ۾، مڪمل ٿيڻ جو پختو ثبوت آهن. اُن کان
سواءِ سنڌيءَ جي فعلن ۽ اسمن ۾، عدد، جنس ۽ فعلي
صورتن جي ڪري جيڪي ڦيريون گهيريون اچن ٿيون، اُن
جو مثال ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ ڪونه ٿو ملي.ا يترو
مڪمل ۽ باقاعده نحوي نظام هڪ اصلوڪي ٻوليءَ ۾ ئي
ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪي ٻوليون ڪن ٻين ٻولين مان نڪتل
هونديون آهن، اُنهن جي تقريباً هيرڦير کي اصل
ٻوليءَ ۾ لڀي سگهجي ٿو. حال، مستقبل ۽ مضارع، اسم
مفعول ۽ ماضيءَ جا جيڪي اصول سنڌيءَ ۾ موجود آهن،
اهي بلڪل ئي پنهنجيءَ نوعيت جا آهن، جن لاءِ سنڌي
ڪنهن به ڌارينءَ زبان جي مرهون منت نه آهي. ضميري
پڇاڙين لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته ٻِٽيون پڇاڙيون
جيئن ته سنسڪرت ۾ نه آهن، اُن ڪري ضرور عربيءَ مان
آيون هونديون. مون اُنهن پڇاڙين جي قدامت تي اڳئي
بحث ڪيو آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿم ته اهي
نشانيون ماءُ- آدرشي ۽ پيءُ- آدرشي سماجن جي وقت
جي نشاندهي ڪن ٿيون. اهو مڪمل نظام، جڏهن اُن وقت
ئي موجود هو ته پوءِ عربيءَ جي اثر جو سوال پيدا
ڪونه ٿو ٿئي.“
6. (الف) سراج
صاحب جي هن ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي باري ۾ وڏي ۾
وڏو نقاد، پروفيسر علي نواز جتوئي هو. پروفيسر
جتوئي صاحب، سراج صاحب جي هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل سندس
نظرئي جي باري ۾ روزانه اخبار ’مهراڻ‘ ۾ پنهنجي
مقالي جون ڌار ڌار قسطون ڇپايون. مون ته پروفيسر
صاحب جون اهي قسطون پڙهيون ڪونه هيون، پر جتوئي
صاحب، پنهنجي اُنهيءَ تنقيد جي باري ۾، پنهنجي
ڪتاب، ’ويرون ۽ وهڪرا‘ ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ بابت مسٽر سراج, جيڪو
ڪتاب لکيو هو, تنهن
علمي حلقن ۾ چڱو چوٻول پيدا ڪيو. ٿورا پڙهيا ته
الڳ، پڙهيل طبقي جو خاصو طبقو به اُن جي ساراهه جا
ڍڪ ڀرڻ لڳو. اُن رجحان کي ڏسندي خيال پيدا ٿيو ته
اُن ڪتاب جو صحيح ملهه، عوام اڳيان رکجي ته گمراهه
نه ٿين. تازو ولايت کان علم للسان کان واقف ٿي آيو
هوس, تنهن
ڪري هن مقالي کي، علمي طرز تي لکڻ جي توفيق حاصل
ٿيم. مقالو قسط وار، روزاني اخبار مهراڻ ۾ ڇپجڻ
شروع ٿيو. بيحد مقبول ويو. پڙهندڙن جون اکيون کلي
ويون، ۽ سراج صاحب جي ڪتاب جي ساراهه جو بتخانو
ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو ۽ وري ڇاپي هيٺ نه آيو.“
(ب) حقيقت
۾ ساڄيءَ ڌُر وارن اديبن ۽ شاعرن مان ڪن پروفيسر
صاحب جي، مذڪوره مقالي کي ضرور پسند ڪيو هو، پر
سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ قوم پرست ۽ ترقي پسند سنڌي
اديبن ۽ شاعرن، پروفيسر صاحب جي انهيءَ مضمون کي
ڪابه اهميت ڪانه ڏني, ڇاڪاڻ
ته سراج صاحب جي ڪتاب ۾ ڏنل دليل ڪافي مضبوط هئا.
هن صاحب ٻين سائنسي ۽ تحقيقي ڪتابن جي حوالن سان،
سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ اُن ۾ رائج قديم زبان جي
باري ۾ ڏنل دليلن سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو
هو. انهيءَ ڪري پروفيسر صاحب جنهن خوش فهميءَ ۾ هو
ته هن سراج صاحب کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو، حقيقت اُن
جي اُبتڙ هئي.
7. (الف) سنڌي
ٻوليءَ جي وياڪرڻي مسئلن جي باري ۾ به، سراج صاحب،
ٻوليءَ جي ماهرن جو ڌيان ڇڪايو آهي. هن صاحب،
ماهوار نئين زندگي رسالي ۾ ’سنڌي وياڪرڻ جا مسئلا‘
جي عنوان سان پنهنجي مقالي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي
وياڪرڻين جو ڌيان ڇڪائيندي لکيو ته:
”’ڪارنهن‘، ’ڪاراڻ‘، ’ڪارٺ‘ ۽ ’ڪارَاَنهن‘ لفظن ۾
جيڪي پڇاڙيون يا پڇاڙيءَ جا پد(Suffixs) آهن،
يعني ’اَ‘ يا ’اَنهن‘- ’اَڻ‘ ۽ ’ٺ‘ يا ’اَٺ‘)، اهي
اصل ۾ ڇا آهن؟ انهن جي پنهنجن ڌاتن جي ڪهڙي ضرورت
آهي يا هئي؟ ڇا اِن پوئين سوال تي اچجي ٿو ته ٻيناهڙين
صفتن ۾، انهن جو استعمال محدود ڇو ٿو نظر اچي؟ مثلاً
’ڳاڙهو‘
مان ’ڳاڙهاڻ‘ ۽ ’ڳاڙهه‘ اسم ٺهن ٿا، پر ’ڳاڙهن‘ يا
’ڳاڙٺ‘ نٿا ٺهن؛ فظ ’سائو‘ مان ’ساءَ‘ يا ’ساوَ‘ ۽
’سائنهن‘ يا ’سائٺ‘ يا ’ساوٺ‘ ڪونه ٿا ٺهن.
انهن جي برعڪس ’ساواڻ‘ ۽ ’ساوڪ‘ لفظن جو نئون
نمونو ۽ نئين ترڪيب ملي ٿي. لفظ ‘پيلو‘ مان فقط هڪ
ئي لفظ ’پيلاڻ‘ ٺهي ٿو، ۽ باقي ٻي ڪابه ترڪيب اُن
مان نٿي ٺهي. جڏهن اُهي سمورا لفظ، هڪ ئي گروهه جا
۽ نحوي طرح رنگن سان لاڳاپيل صفتون آهن ته انهن
مان اسم ٺهڻ جا قانون الڳ الڳ ڇو آهن؟“
سراج صاحب جي هن سوال جي وضاحت، ’سنڌي ٻوليءَ جو
تشريحي گرامر‘ ۾، ’علم صرف جو اڀياس‘ واري باب ۾،
صفحي 238 کان 252 تائين ڪئي وئي آهي.
8. هڪ وڏي نقاد ۽ تبصري نگار جي حيثيت ۾:
(الف) اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سراج صاحب هڪ وڏو
نقاد ۽ تبصره نگار به هو. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا
مهاڳ لکيا ۽ اُنهن تي تبصرا به ڪيا. هو سنڌي
لسانيات جي سلسلي ۾ به هڪ وڏو ادبي نقاد ٿي گذريو
آهي، جيئن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل راءِ جي حوالي سان
اڳ ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح هن
صاحب، ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ ڪتاب جي لکيل مهاڳ ۾
سنڌي ٻوليءَ
جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾ نه صرف علمي ۽ معياري
تنقيد ڪئي، پر مذڪوره ڪتاب جي باري ۾ معلوماتي
تبصرو پڻ ڪيو. مثال طور لکي ٿو ته:
”هيءَ سٺ واري ڏهاڪي جي شروع جي ڳالهه آهي، جڏهن
مون پنهنجي ٻوليءَ بابت مضمون لکيا، جيڪي مون
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ٻوليءَ بابت
نظرئي تي لکيل مضمونن جي جواب ۾ ’مهراڻ‘ ۽ ٻين
رسالن ۾ لکيا هئا، انهن کي مون ڪا مربوط شڪل ڏيئي
ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر مون محسوس
ڪيو ته ڪنهن مضمون جي جواب ۾ مضمون لکڻ نسبتاً
سولي ڳالهه آهي، پر ٻوليءَ تي ڪتاب لکڻ لاءِ جنهن
تحقيق، تفتيش ۽ ريسرچ جي ضرورت آهي، اها منهنجي وس
کان بنهه ٻاهر ۽ بالاتر هئي. هڪ ته سرڪاري نوڪريءَ
جون مصروفيتون ايتريون هيون، جو وقت ڪڍي لائبررين
جا طواف ڪرڻ ممڪن ڪونه هو، ٻيو ته ٻوليءَ تي ريسرچ
ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته ماڻهوءَ وٽ لسانيات جي مضمون
جي درسي تعليم (Formal
Education)هجي.
يونيورسٽيءَ تائين مون معاشيات جو مضمون کنيو هو ۽
بي.اي (آنرس) ۽ ايم.اي به انهيءَ مضمون جي
موشگافين جو اڀياس ڪندي پاس ڪئي هيم. لسانيات جي
درسي تعليم ۾ آءٌ بنهه ڪورو ڪاڳر هوس. اُن کان به
وڌيڪ هڪ ڳالهه منهنجي ذهن ۽ ضمير کي ڪتاب لکڻ تي
آماده نه ڪري سگهي ته ٻوليءَ بابت لکندي منهنجو
ذهني رويو ڪهڙو رهندو: عالماڻو، ديانتداريءَ وارو
يا قومي ردعمل وارو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن جي
جواب ۾ لکڻ لاءِ اختيار ڪيو هوم. انهن مونجهارن ۾
سال اڌ لڳي ويو، پر اُن وچ ۾ اڀياس جاري رکيم ۽
جهڙي تهڙي ريسرچ به ڪندو رهيس. ساڳئي وقت دوستن
يارن اُهي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا ته آءٌ شايد
سائين سردار علي شاهه، مرحوم رشيد لاشاري صاحب،
جناب علي نواز جتوئي صاحب (جيڪو اُن وقت حال حيات
هو) جي اخباري پروپئگنڊا کان ڊڄي، اُن ڪم تان هٿ
کڻي ويو آهيان. منهنجو کين جواب اِهو ئي هو ته اهو
صحيح آهي ته جديد لسانيات جي پس منظر ۾، سنڌي
ٻوليءَ تي ڪوبه ڪتاب ڪونهي ۽ اهڙو ڪتاب لکڻ اشد
ضروري آهي، پر اُن لاءِ آءٌ موزون ماڻهو ڪونه
آهيان. اُن لاءِ اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جنهن
اُن مضمون جي درسي تعليم ۽ يورپ جي ڪنهن تعليمي
اداري مان تقابلي لسانيات (Comparative
languages)،
صوتيات (Phonetics)۽
علم الانسان (Anthropology) ۽
قديم ٻولين جي تاريخ ۽ جاگرافي (Palaeography) جي
تعليم ۽ تربيت (Training) حاصل
ڪئي هجي. مون کي اهڙي شخص جي ڳولا هئي، جنهن کي
اها تعليم ۽ تربيت حاصل هجي، ۽ علمي لحاظ کان غير
جانبدار (Neutral) به
هجي. اهڙي شخص کي اسين سنڌ وارا عرض ڪريون ته هو
سنڌي ٻوليءَ تي ڪو علمي ۽ سائنسي ڪتاب لکي ڏي،
جيڪو مٿين سمورن علمن جون ضرورتون نه رڳو شاگردن
لاءِ پوريون ڪري، پر عام پڙهندڙ به اهو سمجهي سگهن
ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ جاگرافي ڇا آهي؟ اها
ڪٿان آئي ۽ ڪيڏانهن پئي وڃي؟ ٻين قديم ۽ جديد
ٻولين سان اُن جو رشتو ڪهڙيءَ نوعيت جو آهي؛ اُن
جي قديم ۽ جديد ادب جي تاريخ ڪهڙي پاسي پئي وڃي ۽
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن کي اُن جي وجود ۽ ارتقا
لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ |