سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:13 

ادا سراج، اسان جو ادا وڏو!

شميم ميمڻ

ادا سراج، اسان جو ادا وڏو، هڪ وڏو دانشور، مهان اديب، ناليوارو صحافي، سنڌي ٻوليءَ جو محقق، ڪامياب وڪيل، سنڌ جو سچو عاشق ۽ سنڌ جي سڄڻن جو سڄڻ، سڀ ڄاڻن ٿا..!!

آءٌ ته اهو ٿي ڄاڻان ته هو ڪيڏو نه عظيم انسان هو. پيءُ جي گذاري وڃڻ بعد جڏهن آءٌ اڃا ميٽرڪ جي شاگردياڻي هيس، ته مون کي پنهنجي ڊاڪٽر بنجڻ جو خواب پورو ٿيندي نظر نه پئي آيو. ادا وڏي مون کي همٿايو ۽ چيائين ته ”ڇوڪري! تنهنجي ڊاڪٽر بنجڻ جي خواهش نه صرف ماما جي هئي، پر منهنجي به آهي. پوليو جي معذوريءَ جي باوجود جيڪڏهن تون MBBS ڪري وئينءَ، ته نه صرف تنهنجي پنهنجي زندگي بهتر ٿيندي، پر تون اسان جي سڄي ويڙهي ۾ ۽ ٽنڊي ڄام جي ميمڻ برادريءَ جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر سڏبينءَ!

This is a challenge for you.”

ادا جي همت ڏيارڻ تي مون معذوريءَ جي باوجود اُهو ڏکيو سفر شروع ڪيو. چيم: ”ادا، مون کان پوائنٽ ۾ چڙهيو نه ٿو ٿئي.“ چيائين: ‘Find the way out.’- پوءِ زيب النساءِ هاسٽل ۾ منهنجي رهڻ جو بندوبست ڪيائين. چيم: ”منهنجي لاءِ ايل.ايم.سي جا ڊگها ڪاريڊور(Corridors) اورانگهڻ ناممڪن آهي.“ چيائين: ”ٻڌو اٿئي:

Impossible is the word which is written in the dictionary of fools.”

- ۽ آءٌ ايم.بي.بي.ايس ڪري ايل.ايم.سي مان نڪري آيس. ايل.ايم.سيءَ ۾ منهنجي هٿان ڪيترن ئي غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپن جو بندوبست ڪرڻ، ڪتاب پهچائڻ، جنهن جي خبر خود شاگردن کي به نه هئي ته سندن تعليم جو بار ڪهڙي عظيم انسان پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي! ادا وڏي جون ڪهڙيون خوبيون ڳڻيان، ڪهڙا ٿورا ڳڻيان!

اسان جو ڀاءُ به هو، پيءُ به هو، رهنما به هو، واهرو به هو... ماڻهو ڇا هو، سڄو سارو سون هو... جيئي هر ڪو ٿو، پر اهڙي ڀرپور ڪارائتي زندگي هر ڪنهن جو نصيب نه هوندي آهي. ڪو ڪو مڻيادار ماڻهو، پنهنجو ائين وارو وڄائي ويندو آهي، جو اسان جهڙا ماڻهو سندس پيرن جي نشانن تي هلڻ جي به سگهه نه ساري سگهندا آهن.

اڄ هو دل جي ويجهو هوندي به نظر کان پري آهي. اڄ اکيون کيس ڳولين ٿيون، پر اڄ دل روئي ٿي ۽ اکيون ڳولينديون رهجي وڃن ٿيون:

 

سـنڌي ٻولي ۽ سراج

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

هڪ دفعي آزاد ڪشمير ۾ منهنجي ميزبان چيو ته، ”ٽي.وِيءَ تي ڏاڍا سٺا سنڌي ڊراما پيش ٿا ٿين ۽ هتي دلچسپيءَ سان ڏٺا وڃن ٿا.“ مون پڇيو ته ”توهان سنڌي ٻولي سمجهي سگهو ٿا؟“ چيائين ته ”ڪشميري زبان ۾ گهڻا سنڌي لفظَ آهن؟“ مون مثالن لاءِ چيو ته ٻُڌايائين: ”جيئن سُٿڻ، اَسي/ اسين... وغيره“ منهنجو ذهن پنهنجي گمان طرف ويو ته: هند- سنڌ جي قديم ٻولين جو بُنياد سنڌي ٻولي آهي. جيڪا سنڌو-ماٿريءَ مان نڪري گنگا، جمنا جي تهذيبي علائقي ۾ داخل ٿي ۽ بابلي ۽ وچ مشرق جي زبانن تي اثرانداز ٿي: مثال طور؛ بابل جي ٻوليءَ ۾ ’مَڻ، هنجهه ۽ ڪنجهو‘ نِج سنڌي لفظ آهن. ’دراوڙ‘ ۽ ’سُميري‘ اصل سنڌي هئا، جن پنهنجي ٻوليءَ کي سلسليوار گنگا، جمنا ۽ دجله، فرات جي، تهذيبن ۾ مروج ڪيو. منهنجو اَنَڀوُ ۽ گمان مون کي مجبور ٿو ڪري ته توهان اهلِ علم اڳيان انهيءَ خيال جو اظهار ڪريان.

سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد بابت سنڌي هندو ۽ مُسلمان عالمن ۽ يورپي مُحققن ۽ مستشرقين،(Orientalists) وقت به وقت، پنهنجا مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن، ليڪن ’هنوز دِلي دُور است‘ جي مصداق ڪنهن حتمي راءِ تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي لکيل تصويري لپيءَ جي پڙهڻي به اڃا پري جي ڳالهه آهي. سراج الحق ميمڻ جي وفات بعد، منعقده مجلسن ۽ خاص طور تي محترمه سسئي پليجو ۽ محڪمه ثقافت طرفان ڪوٺايل هن سيمينار ۾، اُهي چاڪَ وَرِي چِڪي پيا آهن. هڪ طرف اسان ”سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ“ جو نعرو هڻي رهيا آهيون ته ٻئي طرف اسين سنڌي ٻوليءَ جي آغاز ۽ تاريخ تي متفق نه آهيون.

سال 1959ع جي مهراڻ- ۾ اُستاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان مرحوم جو، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو هو، جنهن جو مرحوم سراج الحق ميمڻ هڪ تنقيدي جائزو لکيو ۽ مَمَڻُ مَچي ويو.

ڊاڪٽر صاحب رايو قائم ڪيو هو ته، ”سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي دور... ٿلهي ليکي عيسوي ڇهين صديءَ کان وٺي يا يارهين صديءَ جي آخرتائين سمجهڻ گهرجي. هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ٿي...“ اهڙيءَ طرح سنڌي ٻولي جي قدامت جو انڪار ڪيو ويو.

·       سندس ضمني نظريو هيءَ هو ته سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ’سامي‘ آهي..

·       سامي معنيٰ عربي ۽ سندس متقدمين زبانون سرياني، يا عبراني وغيره.

سراج صاحب نهايت ادب ۽ معذرت سان ڊاڪٽرصاحب جي راءِ کي رد ڪيو ۽ لکيو ته ”تحقيق جا مختلف گروهه آهن.... هڪ گروهه هندو عالمن جو آهي، جن سنڌيءَ کي سنسڪرت مان نڪتل ٻولي ثابت ڪرڻ کي هڪ ڌرمي فرض سمجهيو آهي؛ ٻيو گروهه يورپي عالمن جو آهي، جن جي تحقيق بقول ڊاڪٽرصاحب اڃا تنقيد طلب آهي؛ ٽيون گروهه مسلمان محققن جو آهي، جيڪي سنڌيءَ کي عربيءَ مان نڪتل سمجهن ٿا ۽ چوٿون گروهه ڊاڪٽرصاحب جي ذات جو (۽ ساڻس هم خيال عالمن جو) آهي جيڪي سنڌيءَ کي سامي سٿ جي زبان سمجهن ٿا. اها اسان جي بدقسمتي آهي، جو تحقيق ۽ علم ۾ به ڌرم ۽ مذهب، شخصي پسند ۽ ذاتي لاڙن جي ڪري... ڪنهن هندوءَ جي لکيل ڪتاب کي ڪافي وزندار ۽ مستند هوندي به، ڪو وزن ڏيڻ ۽ سَندَ سمجهڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهيون... ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن تحقيق ۾ ڪاڪي ڀيرومل جي ڪتابن: ”قديم سنڌ“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ مان ڪنهن به قسم جي فائدي وٺڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي آهي. مون کي يقين آهي ته ڊاڪٽرصاحب جيڪڏهن انهن ڪتابن کي پيش نظر رکي ها ته پاڻ اهي ظاهر ظهور غلطيون ڪين ڪري ها، جيڪي هن مضمون ۾ جابجا ملن ٿيون....“

سراج کي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کان انڪار تي به سخت اعتراض هو ته ... ”سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت يارهين ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ٺهڻ لڳي هئي“. اهو نظريو ڪاڪي ڀيرومل ۽ ڪجهه ٻين عالمن جو به آهي. سراج لکي ٿو ته ”هنن صاحبن وٽ ڪو دليل ڪونه آهي. ”... ڪن جزئيات جا جيڪي لفظ ’چچنامي‘ ۾ ملن ٿا، اُنهن مان ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي تشڪيل اُن وقت به ساڳي هئي، جهڙي هاڻي آهي.“

سراج سائينءَ جي راءِ موجب ”سنڌي، سنسڪرت مان نڪتل ئي نه، پر سنڌي طرح اُن جي هڪ تدريجي بدليل صورت آهي.“ پنهنجي راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ هن بيحد عميق ۽ مدلل مثال ڏنا آهن. مثال طور؛ سراج صاحب جو هي دليل وزنائتو آهي ته؛ ”اسان جي ٻولي محض ڳالهئڻ جي ٻولي هجڻ ڪري، سنسڪرت وانگر مري ڪين وئي، پر زنده رهي. اسان جو لوڪ ساهت اسان جي ٻوليءَ جي جيئري هجڻ جي نشاني آهي... مون کي اُن ۾ ڪوبه گمان نه آهي ته اسان جو لوڪ ادب ۽ لوڪ فن نهايت قديم آهي...

انهيءَ مختصر جائزي پيش ڪرڻ بعد، آءٌ آخر ۾ پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو. سنڌي، سنسڪرت جي ڄائي نه آهي. سنسڪرت آرين جي ٻولي آهي، جيڪا سنڌوماٿريءَ جي عظيم تهذيبي دور جي آخر ۾، گنگا، جمنا تهذيب جي اسرندڙ دور وران تشڪيل ٿي.

سنسڪرت معنيٰ سڌريل ٻولي. آرين هند- سنڌ جي پراڪرتي ٻولين ۾ پنهنجا لفظَ ۽ صرف و نحو جا قاعدا شامل ڪري، اُها ٻولي رائج ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ نه فقط سنسڪرت جا نحوي صرفي نمايان لفظَ شامل ٿيا، پر انهيءَ کان گهڻو اڳ ايران جي پارسي، ٻڌ ڌرم جي پالي ۽ مقامي داردي ٻولين جا لفظَ محاورا ۽ چوڻيون، سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي چُڪا هئا. مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي گهٽائڻ جي باوجود تسليم ڪيو آهي ته ”انهيءَ قديمي دور ۾، جنهن وقت گنگا- جمنا دوآبي جي اردگرد، سنسڪرت پنهنجون ابتدائي ۽ آخري منزلون طئي ڪري رهي هئي ۽ اُتي جون پراڪرتي زبانون اُن جي زيراثر وڌي ۽ ويجهي رهيون هيون، اُن وقت ڪشمير کانسنڌ واري خطي ۾ لساني نوعيت جداگانه هئي. اهو خطو پهريائين ’هند- ايراني‘ ۽ پوءِ ’هند- آريائي‘ ۽ داردي زبانن جو آماجگاهه رهيو.

انهيءَ قديم دور کان وٺي، سنڌي، ڪشميري، هندڪو ۽ سنڌوماٿريءَ جون ٻيون ٻوليون، پنهنجي الڳ ترتيب ۽ ترڪيب سان، وڌنديون ۽ ويجهنديون رهيون آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌي زبان خطي جي عام زبان (Lingua franka) طور ٻين ٻولين تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي. شايد تنهنڪري ئي منهنجي ڪشميري ميزبان مون کي ٻڌايو ته ٽي.ويءَ تي نشر ٿيندڙ ڊراما ڪشمير ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا ۽ مشترڪ لفظن جي مدد سان سنڌي ٻولي سمجهي وڃي ٿي.

اڄ امڙ جي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن آهي. وَچَنُ ڪرڻ گهرجي ته ماءُ جي ٻولي سنڌيءَ بابت مڪمل تحقيق ڪنداسين. اُنهيءَ جي قدامت تاريخ ۽ دنيا جي ٻولين ۾ اُنهيءَ جي انفراديت ۽ افاديت کي نروار ڪنداسين. (آمين)

 

(21 فيبروري 2013ع تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان، سنڌ پرانونشل ميوزيم حيدرآباد ۾

سڏايل سيمينار ۾ پيش ڪيل مقالو، 21 فبروري 2013ع)

 

سراج جون ڪجهه ڳالهيون، ڪجهه يادون

 

شيخ عزيز

هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اُهو ڪنهن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شهرن ۾ وڏي تقدير جو مالڪ هجي، هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڪيئن سنڌ جي نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي، سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي.

سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خاص ڪري نوجوان اُنهيءَ مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو، پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري، اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي، جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هو، اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هو ته هڪ ڏينهن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا.

انهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنهن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي، ڪنهن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينهن ۾ نه صرف پاڻ  ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو، پر پُرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُو، هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرامي جهڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندا هئا. تنوير عباسي، ڊاڪٽريءَ جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جويي، تعليم کاتي کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو. ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جهڙو ماڻهو اچي ان جو ڀرجهلو ٿيو. سراج جهڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کيائينس. اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس، جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪَرُ کنيو ويٺو هو، ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين.

سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ جهڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾  اچڻ کان اڳ ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ جهڙو ڪتاب ترجمو ڪري ورتو هو، سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو.

اتي ئي کيس سنڌي ٻوليءَ جي پڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سو گهڙي پيو لسانيات جهڙي ڳوڙهي مضمون ۾. ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي پيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنهنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ممڪن بنياد ۽ ٻين ٻولين سان لهه وچڙ بابت چڱو بحث ڪيو هو. انهيءَ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چؤپچو پيدا ڪئي.

بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو، سو انڪم ٽيڪس جهڙي کاتي ۾ هنيائونس. اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين، پر لکڻ جي پچر ڪو نه ڦٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو. سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو. هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنهنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو سڏ“ لکي، پنهنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنڱي ڇڏيو، جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهيءَ لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به. جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحيٰ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن 303 آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو. پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهيءَ جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو.

انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ سميت ميدان تي لٿو. ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي، جو هن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. ڀٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار ’هلال پاڪستان‘ خريد ڪري، ان کي پارٽيءَ جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي سراج نون نون لکندڙن کي آندو، ۽ سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو. پنهنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنهنجو قلم ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هو، تنهن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو.

سندس ڪتابن ۾ ’سنڌي ٻولي‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘،’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘، ’اي درد هلي آءُ‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘، ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ جهڙا قابل تعريف ڪتاب شامل آهن.

سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو. هن ۾ نهٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي. اهائي سندس شخصيت جو خاصو هئي.

 

سراج هليو ويو...

ڊاڪٽر سليمان شيخ

سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمو هو. شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ کان پيارو دور هوندو آهي. منهنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي. اسان جو نسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو. ون يونٽ خلاف دستخطي مهم هجي يا وري ’سنڌي شام‘ جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن، سڀني جو بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس ورائڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جشن ’روح رهاڻ‘ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو، جنهن جو انتظار ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنهن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين اُن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. ان کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي، جڏهين سراج صاحب روزانه ’هلال پاڪستان‘ 1972ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائيءَ جو مرڪز هئي.

پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ’الوحيد‘ ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. 1970ع جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو. ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽ ڪراچي 1947ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ بڻي. اِن ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت کي پنهنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هو. هن ڏکيءَ منزل کي سراج صاحب جي بردباريءَ، اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو، جنهن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي صحافتي دنيا آهي.

ذاتي طور سراج صاحب مون کي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پهريون ڀيرو 1972ع کان هلال پاڪستان ۾ جز وقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ”انسان جا پراسرار دشمن“ لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائينءَ رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي.

1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت ’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي‘ جو بنياد پيو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا. سراج صاحب هن سوسائٽيءَ جو بنيادي خيال ’Vision‘ لکيو، جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو.

We, as human beings, believe that Sindh is our home, Pakistan is our country and earth is mankind’s only habitat in the Universe.

We believe it is our natural duty to love our home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love it.

We believe that it is our human duty to build life-assets, physical as well as spiritual, of our home, and to protect them from misuse and from suppression and usurption.

We believe that with continuous supplanting of democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the resultant ethical impoverishment of society all around – social, economic, and political – the question of the reordering of our national and intra-national affairs has assumed fresh relevance and urgency to be squarely met and settled de-settled de-novo within theframe-work of the Foundation Resolution of March, 1940.

We believe that a society based on justice, including economic justice, and rule of law in which might as determinant of right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to evolve into a better human being.

We believe that man has no commitment in life higher and nobler than service of man.

With the above beliefs, convictions and ideals, we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called “The Servants of Sindh Society,” for the service of Sindh and its people.

هن سوسائٽيءَ اٽڪل 25 سال بيحد سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنهنجي وزندار راءِ جو برملا اظهار ڪيو، جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو. سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جي سَڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽيءَ جا ٺهراءَ ۽ بيان مشعل راهه آهن. انهن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو، جن هن جو بنياد وڌو هو.  سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.


ž ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘، تحفھ لاڙڪاڻه، مهراڻ-1، 1959ع.

ž سراج الحق، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، هڪ تنقيدي جائزو‘، مهراڻ-4، 1959ع.

ž ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘، تحفھ لاڙڪاڻه، مهراڻ-1، 1959ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org